; سنڌي شخصيتون: مدر ايلسا قاضي

15 March, 2011

مدر ايلسا قاضي

مدر ايلسا قاضي

علم، ادب ۽ تعليم جي لحاظ کان سنڌ ڄڻ هيرن جي کاڻ آهي ۽ اهڙن املهه ماڻڪ موتين سان ڀري پئي آهي. ان جا اڻ کٽ ڪردار اسان وٽ موجود آهن. اهڙن ئي ڪردارن مان عظيم هستي جنهن جي نالي سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم فئڪلٽي پڻ آهي. جنهن کي مڌر ايلسا پن چيو وڃي ٿو. اها عظيم هستي 3 آڪٽوبر 1884ع ۾ جرمني جي شهر ۾ جنم ورتو، اها مسلم عورت جيڪا ادب جي ميدان ۾ نامور شخصيتن ۾ شامل آهي. جنهن ڀٽائي جي رسالي کي انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ڪري دنيا تائين متعارف ڪرايو، سندس ڪهاڻيون، افسانا، آکاڻيون توڙي شاعري ۾ دنيا جي ادب ۽ نصاب ۾ شامل آهن. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اها هستي نه صرف ليکڪا، شاعره هئي پر هو هڪ بهترين موسيقاره پڻ هئي. سندس لکيل شارٽ اسٽوريز توڙي شاعري ۾ نيم ٽري اعلي مقام والارين ٿا. انهي کانسواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي ترجمي ۾ پڻ سندس ور علامه آءِ آءِ قاضي جي وڏي مدد ڪيائين. مسز ايلسا قاضي ٻاراڻي ادب ۾ ۽ ٻاراڻي آکاڻين ۾ پڻ وڏو نالو آهي. يونيورسٽي واشنگٽن جي لائيبريري ۾ پڻ سندس ڪيل ادبي ڪم جو چڱو ورڪ سهيڙيل آهي. جنهن ۾ Temptations ڊرامو (Sindh Country life in three acts  1942ع ۾ شايع  ڪيو ويو. کيس 1920ع برصغير جي نامور ليکڪن ۾ شامل ڪيو ويو، 82 ورهين جي ڄمار ۾ هي عظيم هستي لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن کي اسان لفظن سان ڪيتري به ڀيٽا ڏيون ڪيتري به خراج عتقيدت پيش ڪريون اها گهٽ آهي. 18 مئي 1967ع ۾ وفات ڪري وئي.
سندس مڙهه ڄامشوري  جي پٿريلي ڌرتي ۾ سندس ور علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀر سان تدفين ٿيل آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا