; سنڌي شخصيتون: سيلف پورٽريٽ - الطاف شيخ

12 March, 2011

سيلف پورٽريٽ - الطاف شيخ

سيلف پورٽريٽ
الطاف شيخ 


جنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور حيدرآباد جي ڳوٺ هالا نوان ۾ 14 نومبر، 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد ۾ اچڻ ٿيندو هو، جتي مهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يار محمد تورپيو، محمد بچل قريشي، ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙي طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL  بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو ٿو پوي، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ڏهاڪو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان انوقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو.


هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ ٿيو، جيڪو ٻه سال کن ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفت ٿيو. انوقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻي ٽي دٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 46 سالن بعد اهو هنڌ جهنگل ۾ منگل ٿو لڳي.
ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو (۽ پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو مچڙ (نوشهروفيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم (زاهد مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا هئا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم.
لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ ڪيترائي رسالا گھرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان اتي جون ڳالهيون “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾ اسانجي مائٽي مٽي ۾ ڪيترائي اديب شاعر هئا، جھڙوڪ انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهنجو پٽ امتياز ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا شاعر، اديب آهن). خود والد صاحب کي شوق هو ۽ سندن ڪتاب “ماکيءَ جي مک”، “ڪوريئڙو”، “ماڪوڙي” ۽ هڪ ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش) سان گڏجي لکيل “گڏهه” اڃا تائين مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد ۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گھر ۾ وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هروقت پڙهڻ لاءِ چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦي غلام فاطمه جو پٽ) به اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون هونديون هيون. اڳوڻو وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي نانيءَ جا ڀاڻيجا ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي ۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت ڪرنل ڪومبس وڌي، جيڪو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي Prisoner of War ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مطالعي جي عادت آهي، اهو جھنگ ۾ به اڪيلو رهي سگھي ٿو. هن جي نصيحت جو احساس مونکي سامونڊي ڊگھن سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا چاليهه ڏينهن راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو لڳاتار سفر ٿي ڪيو سين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول ٿي رکيو. اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه جو مونکي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان نه صرف ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون، منهنجو روم ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي “گيتا انجلي” پڙهي ٻڌائيندو هو.
چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾ سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾ هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
آئون جنهن گھڙي
پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري
هن جهان ۾ آيس
تنهن گھريءَ کان
منهنجو پاڇو مون ساڻ هو
ڪالهه
ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ
ڀڳڙن مٺ جي عيوض
مون اهو سچو دوست
پنهنجو پاڇو
وڪڻي ڇڏيو.
بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گھڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ، وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.
جهازن جي ڊگھين مسافرين (Routes) تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گھڻي پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪوبه مونکي پنهنجي ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو. رانديگرن مان ڪو چوند هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر ته چانهن ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مونکي هن ڪمري ۾ اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته جهاز هلائڻو يعني ديوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن وٺي ويهڻو آهي.
پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊن، ۽ جھازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ ۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجھيم ته عام ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن ۾ افسانوي نموني انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي پئدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جو نوجوان جيڪو سمنڊ جي ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ آهي، ان جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ثئي.
منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي. پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ منهنجي مجبوري هئي جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن جهاز تي رهي ڊگھن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو وڏو هٿيار لکڻ پڙهڻ هو.
60ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون اتي ويندو هوس، جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمر شهباز، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هر ڪو پنهنجي لکڻي پڙهندو هو، جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾ سرڪي صاحب جي خرچ تي هڪ چانهن ۽ ڪجھ بسڪيٽ (نسيم کرل ٻه چانهيون ۽ گھڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا هئاسين يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين.
1971ع ۾ منهنجي مستوران گھلوءَ سان دادوءَ ۾ شادي ٿي. ڪجھ ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس. اسان جو گھر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءَ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا پيا هئاسين. هرشيءِ ٺهي ٺڪي ٿي ملي. جهاز جي نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس وڃڻ لاءِ به نه بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي، ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس يا انجڻ روم جو دروازوکولڻو هوندو هو.
ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾ ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهاز جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجھن ويجھن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ  ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره.
نون جهازن ۾ ڊگهين روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا – جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به State of Art  هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، جو جهاز مونکي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گھمڻ ۽ گھمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ٿي ڪري، جيڪو جهاز هلائي ٿو. جيڪي ستا پيا هجن ته انهن کي ڪهڙي پرواهه. وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ ،هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مونکي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ڪجھ نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهرنه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي ۽ سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽  جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. انڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هوس، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:
There is nothing like Sea Sickness.
جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجھ به ٿي پوي، پر جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾ هڪ هنڌ بيهارڻ بدران خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪونه ٿا اچن. گھڻائي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مونکي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترائي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پورفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاه جي چيف انجنير جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Apply ڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مونکي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مونکي اجازت ڏني. ڪجھ ميهنا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٽيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گھڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون  آٽو ميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيوجي  IHI شپ يارڊ ۾ موڪليو.
جپاڻ ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاوا هِريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ٿي ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي ٿي.
1980ع کان اڳ تائين ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جي سرپرست ڪئپٽن حمزه سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪ هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعو جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگھار گھٽ هو، پر مونکي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملايشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهينا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي “پولي ٽيڪنڪ” ۽ ملائيشيا جي ٿائلينڊ جي ڀر ۾ شهر اپوح جي “انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ” اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونءَ جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاه ڏسي سگھبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو ۽ وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان “تاناح ملايو ڪيريتا آپي” (ملئي ڌرتي جي باه تي هلندڙ ڪار – يعني ٻاڦ گاڏي – يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
ملائشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گھڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گھڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهين ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مونکي ايوراڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو هو. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي. نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محفلون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي. ۽ هتي جي عوام ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجھي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائِيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا. جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگھن. صحيح معنيِٰ ۾ تعليم حاصل ڪري. سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽سائنسدان ٿي سگھن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگھن.
آئون هن وقت 62 سالن جي ٿي ويو آهيان. ٻن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگھي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مونکي گھرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پئي آهي.جنهن جو اهڙو addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ “نيوهالا کان نيو يارڪ” ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو “ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور” ڪمپوز ٿي رهيو آهي. ان سفر جو باقي احوال “آمريڪا ڙي آمريڪا” ڪتاب لاءِ لکڻ ۾ مشغول آهيان.
جييستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان پرهيز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مونکي گھٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجز نماز کان به گھڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجھند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ اها شام تمام گھڻو لکي سگھندو آهيان.
مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهيو اهيان. اڄ ڪلهه خاص ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجھرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائيجسٽ ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺا تعلقات آهن. بس رڳو تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل هوندي آهي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجھ چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏيندو: ”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.”
هڪ دفعي تاج بلوچ آيوته “قمر شهباز ٽن مهينن کان رسي ويو آهي. سوجھرو ۾ لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. کيس ڪنهن نموني سان راضي ڪري. چئي ته معافي وٺانس.”
 “تاج تنهنجي معافيءَ تي ڪو به اديب نه پرچندو. هڪ منٽ ترس.” چيومانس ۽ قمر کي فون ڪري پڇيم ته “واندو اهين يا نه”.
“واندو آهيان.” قمر وراڻيو.
 “سوسائٽي واري قبرستان هلندي، آئون وڃان پيو.” ٻڌايومانس.
 “ڇو خير ته آهي؟” قمر وائڙو ٿي ويو.
 “تاج بلوچ ڪالهه گذاري ويو. دل جو دورو پيس. دفن به ڪري ڇڏيائونس. آخري ڏينهن ۾ تنهنجو ڏاڍو ڏک هوس ته سوجھري ۾ نٿو لکين. ٻڌايومانس ۽ پوءِ قمر جي حالت ڏسڻ واري هئي. هو تاج جي ورسين، ادبي خدمتن ۽ شاعري بابت يادگار محفل سڏائڻ جا پلان جوڙڻ لڳو. پوءِ نيٺ چيومانس ته اهي سڀ شيون في الحال ڪجھ عرصي لاءِ ملتوي ڪري فقط هڪ مضمون سوجھرو جي ايندڙ پرچي لاءِ موڪل. تاج اڃا جيئرو آهي. بهرحال جڏهن کان جنت منگھاڻيءَ سوجهرو جي ادارت سنڀالي، چؤطرف سڪون ڇانيل رهيو. پر هاڻي وري اها به ذاتي مصروفيتن جو عذر ڄاڻائي ادارت ڇڏي ويئي آهي.
سٺ کان مٿي ڪتاب ڇپيا اٿم. صحيح تعداد جي گھڻي خبر ڪانهي. ڇو ته منهنجو پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگھن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا ائلٽي جي بندش ناهي. آئون پنهنجي لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. انڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. ان ڪري ته ان تي مون پنهنجي کيسي مان سؤ يا ڏيڍ سؤ خرچ ڪيو هوندو.
اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گھٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن. ان دؤر ۾ علي نواز گھانگھري، فيروز ميمڻ، يا نوراحمد ميمڻ صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد، عرفان نوراني، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديب ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي. 

No comments:

راءِ ڏيندا