م ن محزون
ادب جي دنيا جو املهه ستارو
آزاد انور ڪانڌڙو
هو سنڌي ٻوليءَ جو
اهو واحد مترجم ۽ سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن خليل جبران کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو.
هن ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب، ناول، ڪهاڻيون ۽ مضمون
ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو. سندس ترجمو ڪيل تحريرن جو اهو وڏو ڪمال آهي، جو
پڙهڻ وقت محسوس ٿيندو ته پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تحرير پڙهي رهيو آهي.
م- ن محزون صاحب
ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. عالم به هو ته دانشور به، شاعر به هو ته ڪهاڻيڪار به،
مترجم به هو ته محقق به، مصور به هو ته مفڪر به، سچل جي ڪلام جو پارکو به هو ته
تصوف جو ڄاڻو به، مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ به هو ته قديم علمن ۽
فنن سان لڳاءُ رکندڙ به، ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کُليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪندڙ به هو.
هن وٽ کُليل دل هئي، سڪ، ساڃاهه، ويچار هو ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن ۽ اديبن جي
لکڻين کي دل سان پڙهندو ۽ پرکيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن مان سنڌ جي مٽيءَ جي
خوشبوءِ ايندي هئي.
محزون صاحب جو جنم ۱۰- جولاءِ ۱۹۳۳ع تي ميهڙ ۾ رئيس
شفيع محمد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد نواز هو. پاڻ آخر تائين اسڪول
جو هيڊ ماستر رهيو.
محزون صاحب کي لکڻ
جو شوق ننڍي هوندي کان هو. هن لکڻ جي شروعات مئٽرڪ دؤران ”نورجهان“ عنوان سان هڪ
انگريزي نظم کي سنڌي ويس ڍڪائڻ سان ڪئي.
پاڻ ورهاڱي کان اڳ
واري دور ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهڻ وقت ميهڙ جي هڪ سنڌي سِک ڊيلاسنگ جي
لائبريريءَ جو هڪ رپيو ڏئي ميمبر ٿيو ۽ هر روز هڪ جاسوسي ناول پڙهي، ٻئي ڏينهن ٻيو
ڪتاب کڻندو هو. هن سنڌي ادب ۾ پراڻي پيڙهيءَ سان وابسته هوندي به ترقي پسند نظرين
۽ خيالن کي اپنايو. سندس لکڻين مختلف دورن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي تحرڪ پيدا
ڪيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان عشق هو.
پاڻ سڄي عمر ادب جي آڙ ۾ ڪنهن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.
محزون صاحب هڪ سٺو
ڪهاڻيڪار به هو. سندس ۶۰ کان مٿي ڪهاڻيون
ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي دلڪش ٻولي آهي. انهن ڪهاڻين ۾ هن جا ڪردار
نه فقط پنهنجي جذبن ۽ حالتن پٽاندر ڳالهائين ٿا، پر سندس بيانيه انداز به خوبصورت
آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع، ڪردار ۽ ٻولي نج سنڌي آهي. پنهنجين ڪهاڻين ۾ هو معاشري
کي نوان رخ ڏيڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جو به ڏس ڏيندي نظر اچي ٿو.
مصور هئڻ جي ناتي،
سندس مشاهدو عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گهرو هو.
سنڌي ٻوليءَ جو هي
مشهور اديب، دانشور، مصور، مترجم، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ تعليمي ماهر سائين م ن محزون
(محمد نواز ”محزون“ ڀٽي) ۹-نومبر ۱۹۹۵ع تي اسان سڀني سنڌ واسين کي سوڳوار ڪري ويو.
م ن محزون
سنڌ جو خليل جبران
نياز ڀٽي
ملڪ خصوصن سنڌ ۾
مائي ۽ ميندي جي حوالي سان مشهور شهر ميهڙ ۾ به تمام وڏين شخصيتن جنم ورتو آهي. م
ن محزون هڪ تاريخ ساز شخصيت هو. هو عالم، اديب، ڪهاڻيڪار، مصور، تعليمي ماهر، ڏاهو
۽ محقق هو. خليل جبران جي تخليق کي سنڌي ٻولي ۾ متعارف ڪرائيندڙ واحد شخص هو، جنهن
ڪري کيس سنڌ جو خليل جبران سڏيو ويندو آهي. محمد نواز محزون ۱۰ جولاءِ ۱۹۳۳ع ۾ ميهڙ جي مشهور
خاندان رئيس شفيع محمد ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل شجاع آباد جا هئا.
سندس ڏاڏو درياءَ خان پنهنجي والد محمد خان ۽ ڀاءُ شجاع احمد سان گڏ ميرن جي لشڪر
۾ سپاهي هو. ميرن جي شڪست کانپوءِ م ن محزون جي پڙ ڏاڏي محمد خان ڀٽي جوهي ۾ اچي سڪونيت
حاصل ڪئي. محمد خان جي وفات کان پوءِ محمد نواز محزون جي ڏاڏي ميهڙ ڀرسان دريائي
پاڻ جي نالي ڳوٺ ٻڌو، بعد ۾ سندس خاندان ميهڙ جي سيد علي اڪبر شاهه محلي ۾ لڏي
آيو، م ن محزون ابتدائي تعليم سيد علي اڪبر شاهه جي جوڙايل جامع مسجد واري مدرسي
مان حاصل ڪئي. پاڻ سنڌي چار درجا ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا ۽ چوٿين اسٽينڊرڊ
تائين ميهڙ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ
ويو، بي اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين. شمشير الحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير
عباسي، رسول بخش پليجو به سندس ڪلاسي رهيا. ايم اي، ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان
پاس ڪيائين بعد ۾ هو جيوپيٿڪ آڪسفورڊ ڪاليج لاهور مان پاس ڪيائين. سرڪاري نوڪري جي
شروعات پاڪ فوج سيڪنڊ ليفيٽنٽ سان ڪيائين. بعد ۾ ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر بڻيو ۽ پوءِ وري استيعفيٰ ڏئي. ۱۹۵۸ع ۾ مهيڙ هاءِ اسڪول ۾ سينيئر ٽيچر ٿيو. ڪي اين شاهه اسڪول ۾ پڻ
سينيئر ٽيچر رهيو. ان کان علاوه خانپور، نصير آباد، راڌڻ، سنڌي ٻٽڙا هاءِ اسڪول جو
هيڊ ماستر رهيو. ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۸ع تائين تعليم کاتي ميهڙ ۾ ايس ڊي اي او رهيو، جڏهن ته ڀٽائي اسڪول ڪي
اين شاهه ۾ پڻ هيڊ ماستر رهيو. جڏهن ته م ن محزون جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾
خليل جبران جا ترجمو ڪيل ڪتاب، ڪنوار جي سيج، ڀڳل کنڀڙاٽيون، مجنون، پيغامبر جو
باغ مرشد جو نيهن ۽ نياپو، انسان ۽ شيطان، لڙڪ ۽ مرڪ، اڳواڻ، زميني ديوتا، ميڪا
ولي جو پرنس، درس محبت (ابوالڪلام آزاد) هڪ دور جو ماتم، بائيبل قرآن ۽ سائنس،
سائين جو سوڳند، هڪ مجرم جو اعتراف (ڪرنل ميڊوز شلر) سلطان صلاح الدين ايوبي، خالد
بن وليد ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ان کان علاوه اڻ ڇپيل ڪتاب جيڪي جلد ڇپجڻ وارا آهن.
انهن ۾ ڪتاب سيرت النبي صه (ريسرچ ورڪ) سيرت سيد المرسلين (ريسرچ ورڪ) زندگي جو
جلوس (جبران ترجمون) سيلهه ڪنڊا ۽ ٻهروپ نگر شامل آهن. محمد نواز ڀٽي عرف م ن
محزون جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڻ لکيل آهن. م ن محزون تمام سٺو محقق هو. م ن محزون
۸ نومبر ۱۹۹۵ع مطابق ۱۳ جمادالثاني ۱۴۱۶هه اربع ڏينهن خميس رات سوا ۱۰ وڳي
اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو. سنڌ ۾ محزون صاحب جهڙو و عظيم ماڻهو ٻيهر مشڪل سان
پيدا ٿيندو. جيستائين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آهي، م ن محزون ياد ۽ دلين ۾ رهندو.
م ن محزون
آزاد انور ڪانڌڙو
سنڌ جي نامياري
اديب، مترجم، مصور، ڪھاڻيڪار، شاعر، تعليمي ماھر م ن محزون (محمد نواز محزون) جي وڇوڙي
کي ۲۴ سال مڪمل ٿي ويا آهن. خليل جبران کي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري متعارف ڪرائيندڙ م ن محزون کي ثقافت کاتي سميت ادبي ادارن
وساري ڇڏيو آهي. م ن محزون خليل جبران جا سمورا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. جيڪي
نامياري اديب ناز سنائي جي اداري سنڌي ساهت گهر پاران ڇپرايا ويا آهن. م ن محزون
جي ڇپيل ڪتابن ۾ خليل جبران جا ترجمو ڪيل ڪتاب ڪنوار جي سيج ۱۹۴۷ع، ۱۹۹۱ع مرشد جو نينهن ۽ نياپو ۱۹۹۳ع، ڀڳل کنڀڙاٽيون ۱۹۶۵ع ۽ ٻيهر
۱۹۹۳ع، لڙڪ ۽ مُرڪ ۱۹۹۴ع، پيغامبر ۽ پيغامبر جو باغ ۱۹۹۱ع،
زميني ديوتا ۱۹۹۶ع، اڳواڻ ۱۹۹۶ع، خليل جبران جا ناوليٽ ۲۰۱۲ع، خليل
جبران جون ڪهاڻيون ۲۰۱۲ع، سحر خليفا جو ڪتاب
وطن مٽي ۽ خوشبو ۲۰۱۴ع، ابوالڪلام آزاد جو ڪتاب درس محبت ۱۹۶۱ع، امرتا پريتم جو ڪتاب هڪڙي هئي سارا، ميڪاولي جو ڪتاب پرنس ۱۹۹۳ع، ماريس بوڪائي جو ڪتاب بائيبل، قرآن ۽ سائنس ۱۹۸۹ع ۽ ٻيا ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس ڪيترا ئي ڪتاب، مضمون، مقالا، سوانحي
خاڪا، شاعري اڻ ڇپيل آهن.
م ن محزون ۱۰ جولاءِ ۱۹۳۳ع تي ميهڙ ۾ جنم
ورتو ۽ پاڻ ۸ نومبر ۱۹۹۵ع تي وڇڙي ويو. سندس اصل نالو محمد نواز ڀٽي ھو سندس تخلص محزون ھو.
م ن محزون تعليمي ماھر ۽ استاد ھو. پاڻ ميھڙ، خيرپورناٿن شاھ جي ھاءِ اسڪولن ۾
استاد رھيو. جڏهن ته پاڻ ھاءِ اسڪول خانپور، ٿرڙي محبت، نصيرآباد، راڌڻ، سنڌي ٻٽڙا
۾ ھيڊ ماستر رھيو. جڏهن ته ميھڙ ۾ ۱۹۸۶ کان ۱۹۸۸ تائين تعليم کاتي جو ايس ڊي او رھيو. ھن سوين شاگرد پيدا ڪيا. پاڻ وڏو
مصور ھو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران م ن محزون جي ۲۴ ھين ورسي جي تقريب اڄ جمعي ڏينهن ۸ نومبر تي ٿي رھي آهي.
م ن محزون
سوانحي خاڪو
پاويل جوڻيجو
تمام ٿورا ماڻهو
آهن پنهنجي سماج ۾ ادا ڪيل ڪردار ۽ ادبي پورهئي ڪري سڃاتا ويندا آهن، جن کي ڪير
چاهيندي به نظر انداز نه ڪري سگهندو آهي. انهن ٿورن ماڻهن مان دادو ضلعي جي ميهڙ
شهر ۾ جنم وٺندڙ محمد نواز ڀٽي (م ن
محزون) به شامل آهي.
هن جو سوانحي خاڪو ڏسون
ٿا ته خبر پوي ٿي ته م ن محزون سنڌ جو ناميارو اديب، مترجم، مصور، ڪھاڻيڪار، شاعر
هئڻ سان گڏ تعليمي ماهر به هو. هن شخص جي وڇوڙي کي هاڻ ۲۴ سال مڪمل ٿي چڪا آهن.
م ن محزون اهو ماڻهو
آهي، جنهن خليل جبران کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري اسان وٽ متعارف ڪرايو، م ن محزون
خليل جبران جا سمورا ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيا، سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾ خليل
جبران جا “ڪنوار جي سيج ۱۹۴۷ع، ۱۹۹۱ع، مرشد جو نينهن ۽ نياپو ۱۹۹۳ع، ڀڳل
کنڀڙاٽيون ۱۹۶۵ع ۽ ٻيهر ۱۹۹۳ع، لڙڪ ۽ مرڪ ۱۹۹۴ع،
پيغامبر ۽ پيغامبر جو باغ ۱۹۹۱ع،
زميني ديوتا ۱۹۹۶ع، اڳواڻ ۱۹۹۶ع، خليل جبران جا ناوليٽ ۲۰۱۲ع، خليل
جبران جون ڪهاڻيون ۲۰۱۲ع، سحر خليفا جو ڪتاب
وطن مٽي ۽ خوشبو ۲۰۱۴ع، ابوالڪلام آزاد جو ڪتاب درس محبت ۱۹۶۱ع، امرتا پريتم جو ڪتاب هڪڙي هئي سارا، ميڪاولي جو ڪتاب پرنس ۱۹۹۳ع، ماريس بوڪائي جو ڪتاب بائيبل، قرآن ۽ سائنس ۱۹۸۹ع ۽ ٻيا ڇپيل آهن. ان کانسواءِ مضمونن، مقالن، سوانحي خاڪن ۽ شاعري
جا ڪيترا ئي ڪتاب اڻ ڇپيل آهن.
سندس سوانحي خاڪي
تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ٿي ته م. ن محزون ۱۰ جولاءِ
۱۹۳۳ع تي ميهڙ ۾ جنم ورتو ۽ ۸ نومبر ۱۹۹۵ع تي وڇڙي ويو.
سندس اصل نالو محمد نواز ڀٽي ھو ۽ تخلص محزون ھو. هن ادبي نالو م. ن محزون اختيار ڪيو،
هو اديب هئڻ سان گڏ تعليمي ماھر ۽ استاد ھو. ميھڙ ۽ خيرپورناٿن شاھ جي هاءِ اسڪولن
۾ استاد رھيو. جڏهن ته هاءِ اسڪول خانپور، ٿرڙي محبت، نصيرآباد، راڌڻ، سنڌي ٻٽڙا ۾
ھيڊ ماستر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته ۱۹۸۶ کان ۱۹۸۸ع تائين ميھڙ ۾
تعليم کاتي جو ايس ڊي او رھيو.
م ن محزون سوين
شاگرد پيدا ڪيا. ۽ پاڻ وڏو مصور به هو. ۸ نومبر ۲۰۱۹ع سندس ۲۴ هين ورسي جو ڏينهن
هو، ان ڏينهن تي سندس ياد ۾ ڪو به ادبي ميڙاڪو نه ڪوٺايو ويو، جيڪا هڪ افسوس جوڳي ڳالھ
آهي. سندس فرزند طاهر محزون ننڍي پئماني تي ورسي جي تقريب منعقد ڪندو پيو اچي، جيڪا
هن سال به ڪئي وئي.
سائين م ن محزون هڪ
بهترين مترجم، ليکڪ ۽ استاد سان گڏ هڪ بهترين انسان به هو، هو طبعيت ۾ سادو، خوش
پوشاڪ ۽ خوش مزاج انسان هو. جنهن سان به ملندو هو، مرڪي ملندو هو ۽ انتهائي گرم
جوشي سان ملندو هو.
آئون هن لاءِ بس ايترو چوندس ته م ن محزون کي ڀل سنڌ جو ثقافت کاتو ۽ سنڌ سرڪار وساري ڇڏين پر سنڌي ادبي سنگت ته کيس ان ڏهاڙي تي ياد ڪري. جيتوڻيڪ، م ن محزون ڪنهن به تقريب يا ميڙاڪي جو محتاج ناهي، هن جو ادبي پورهيو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو. ان ڪارڻ م ن محزون ڪڏهن به مرڻو ناهي.
No comments:
راءِ ڏيندا