; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۲

08 October, 2015

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۲

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

جيئي سنڌ جي نعري ۽ هاري تحريڪ جو خالق

محمد سليمان وساڻ



هي آزاد ۽ روشن خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ، انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو.


پاڻ ۱۹۱۸ ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۱۹۲۳ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائون پر پنهنجي عروج ۽ جواني ۾ سال ۱۹۴۳ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ انهن عهدن تي انگريز نوڪريون ڪندا هئا ۽ سنڌي يا مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندو هو ۽ اڌ سنڌ نوڪرين لاءِ ڌڪا کائيندي هئي.

سنڌ جي هارين جي ابتر ۽ مظلوميت واري زندگي ڏسي حيدر بخش جتوئي سال ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال ۱۹۴۵ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي ۾ وري نروار ٿي اڀري، جتوئي صاحب هن پليٽ فارم تان پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هفتيوار اخبار هاري حقدار جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائڻ، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.

جتوئي صاحب جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽي يا هاري پارٽي هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاريا. نتيجي ۾ پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻئي نبر تي هاري پارٽي جي حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ ملڻ لڳا. پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن نوابن ۽ سردارن کي آرام وارن بنگلن مان ٻاهر نڪري ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين پنڌ ڪرڻو پيو نه ته اڳ هو ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاصل ڪندا هئا. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ حيدر بخش ئي پهريون انقلاب آندو. سال ۱۹۵۱ع ۾ قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هتي نواب سلطان احمد خان جي اشاري تي سندس راڄ جي ماڻهن جتوئي صاحب تي پٿر وسايا ۽ ورڪ ڪندڙ سڀني جيپن جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا. کيس اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد سڃ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. سندس ساٿين سان پڻ ساڳيو ڪيو ويو. ۱۰ مارچ ۱۹۵۱ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي اليڪشن کي غلط قرا رڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته نواب چانڊيو صاحب جي عمر اليڪشن ۾ بيهڻ جي نه هئي. ڪوڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ هيڊ ماستر کي به سزا نه ملي پر سنڌ جي جاگيردارن ۾ وڏو غصو پيدا ٿيو ۽ هنن ڪامريڊ جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو.

هڪ تاريخي ڪانفرنس ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجرباغ هاڻوڪو هوشو پارڪ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب ڪئي. هي سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس هئي، جنهن کي محترم جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. وري ساڳي باغ ۾ ۴ اپريل ۱۹۵۴ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس زير صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب جي منعقد ٿي. ون يونٽ خلاف پڻ هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع ۾ لالو رانڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي. ۱۵ مئي ۱۹۵۷ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪئي.

سنڌ حڪومت جي سربراهه خان بهادر محمد ايوب کهڙي کيس سال ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪيو پر عدالت مان هن کي نيٺ آزادي حاصل ٿي. حيدر بخش پهريون سنڌي سياستدان هو جنهن ون يونٽ جي کلي عام مخالفت ڪئي. هن ڏس ۾ هن سنڌ جو دورو ڪيو، پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهايا، ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ هي پهريون دفعو ڪنهن قومي مقصد لاءِ سڌو سنئون عوامي رابطا مهم جو آغاز هو. سنڌ ۾ هاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽ وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو.

جديد سنڌ جي تاريخ جا ٽي اهم ڪردار خاص طور تي اوهان نوجوانن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن، هڪڙو شهيد الله بخش سومرو ٻيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٽيون سائين جي ايم سيد اسان جي موجوده جيڪا ذلت واري صورتحال آهي، غلامي واري ذلت، وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي بالادستي، بي روزگاري واري موجوده حالت، طبقاتي استحصال واري صورتحال انهن سمورين ذلتن مان جيڪڏهن توهان پارٿيڻ چاهيون ٿا ان مان جيڪڏهن اوهان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو ٿا ته مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪردارن جي سوچن، ڪردار ۽ جدوجهد کي سامهون رکي اڄ جي حالتن مطابق اوهان جدوجهد جي اڳواڻي ڪندئو ته مون کي يقين آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اوهان سنڌ کي هن غلامي مان آزادي ڏياري هڪ خودمختيار حيثيت سان ڏسندئو.

شهيد الله بخش سومرو برصغير ۾ جديد قومپرستي جي تصور جي شروعات ڪئي ۽ سيڪيولر سوچ کي هٿي ڏني، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هتان جي ماڻهن کي طبقاتي سوچ ڏني ۽ طبقاتي بيانن تي ٿيندڙ استحصال کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو، اهي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا غريب ۽ پورهيت ماڻهوءَ کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسندن نه ڪندا هئا، حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته اهي پورهيت انسان وڏيري ۽ جاگيردار کان انساني گڻن جي حساب سان اُتم هيا ۽ آهن ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو محنت ڪري اناج، ڪپهه ۽ مختلف ميوا پاڻي انساني زندگي ۽ تهذيب جو سامان ميسر ڪري رهيا هئا اهڙن عظيم انسانن کي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا هيٺ ويهاريندا هئا ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪندي مٿي ڪرسي تي ويهي نام نهاد فخر ڪندا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين کي اها سوچ ڏني ته اهي وڏي عزت جي لائق آهن هن سماج ۾ هن معاشري ۾ انهن کي اها عزت ملڻ گهرجي.

هن صحافت به ڪئي ۽ ڪيترا مضمون لکيا، شاعري پڻ ڪئي جنهن جو محور سنڌ هئي. هن ۲۱ مئي ۱۹۷۰ ع تي وفات ڪئي. اڄ سموري سنڌ کيس سندس جنم ڏينهن تي کيس ياد ڪندي سلام پيش ڪري رهي آهي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز،، ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

سندس هاري ڪنوينشن جي ۵۶ هين سالگرهه

زرار پيرزادو

¨ اڄ حيدرآباد ۾ هاري ڪنوينشن جي ۵۶ هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. ان ڪنوينشن جي شروعات ڪامريد حيدر بخش جتوئي جي دور کان ٿي جيڪا پوءِ سندس خاندان ڪامريڊ جي عظيم روايت سمجهي ڪري هر سال قائم ۽ دائم پئي رکي آهي.

¨ هاري ڪنوينشن جو اهو سلسلو ڪامريڊ حيدر بخش کان ٿيندو ڪامريڊ مظهر جتوئي، ڪامريڊ اظهر جتوئي کان هلندو اڄ ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي دور تائين نسل در نسل هلندو اچي رسيو آهي.

¨ جيئن  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، پنهنجي سڄي ڄمار هارين جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي  هئي، تيئن سندس پونيئرن ان عظيم ورثي سان پاڻ کي ڳنڍي هر دور ۾ پاڻ کي سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي.

¨ ڪامريد اظهر جتوئي جي لاڏاڻي کانپوءِ اڄوڪي سالياني هاري ڪنوينشن ڪرائڻ جو ذمو ڪامريد ثمر حيدر جتوئيءَ، بيحد خوشي ۽ اعزاز سان پنهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏيو آهي.

¨ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي زنده رکڻ ۾ ۽ هر دور ۾ کڻي هلڻ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ان جي پونيئرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي سو يادگار ۽ تاريخي مقام ماڻي چڪو آهي.

¨ اها تمام خوشي ۽ دلجاءِ جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ هاري ڪاميٽي اڄ به ڪامريد ثمر جتوئي جهڙي بيحد ذهين ترقي پسند ۽ نظرياتي شخص جي محفوظ هٿن ۾ آهي.

¨ ڪامريڊ ثمر جيئن ته سنڌ هاري ڪاميٽي جي وجود ۽ ان جي مقصد کي تاريخي ريت سمجهي ٿو ۽ ان تي چٽو به آهي. تنهن ڪري هو سنڌ هاري ڪاميٽي کي جديد دور جي گهرجن تحت انکي منظم ڪرڻ ۾  تمام وڏي دلچسپي پڻ ڏيکاري رهيو آهي.

¨ ڪامريڊ ثمر جتوئي جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هو نوجوان هوندي سنڌ هاري، ڪاميٽي جي پراڻن ساٿين کي ڳولهيندو ۽ کين قافلي ۾ کڻي هلڻ جي تمام وڏي قائداڻي صلاحيت رکي ٿو. گڏوگڏ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ جديد دور جي نوجوانن جو رت ۽ ست به شامل ڪري رهيو آهي.

¨ هن ڪامريڊ جي تحريري ورثي کي سنڀالڻ جو به سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، هو ڪامريڊ جا اهي ڪتاب به ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو جيڪي ناياب ٿي چڪا آهن جن جي نون ايڊيشن آڻڻ جي طلب به آهي.

¨  اڄوڪو هاري ڪنوينشن يقيني طور تي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ نئون ساهه وجهڻ جي هڪ ڪوشش آهي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جا نوان عهديدار چونڊيا ويندا ۽ نئين حوصلي ۽ وچن سان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي وري سرگرم ڪيو ويندو.

¨ حيدرآباد ۾ اڄوڪو هاري ڪنوينشن اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ڀارت جي هارين پنهنجي ملڪ اندر ويجهڙ ۾ هڪ تمام وڏي ۽ شاندار هاري جدوجهد ڪري ڏيکاري آهي.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي اتساهه، جوش ۽ ولولي  جو سڀ کان وڏو ۽ سگهارو حوالو صرف ۽ صرف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو ئي سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪاميابي جي ضمانت آهي ۽ ضمانت رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ جو ۱۲۰هون جنم ڏينهن

ناصر حسن بلوچ

سنڌ سونهاري جي املهه ماڻڪ موتين ۾ گوهرن مان هڪ ناياب هيرو لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ جنم وٺي غربت کي مات ڏئي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهچي، سنڌ جي ڏکين، بکين، ڏتڙيل ۽ بي پهچ هارين مزدورن ۽ سنڌ جي نئين نسل جي ترقي، آزادي، عزت ۽ آجپي جو نظريو کڻي انگريز سرڪار ۾ حاصل ڪيل ڪرسي ۽ عهدي کي ڇڏي، سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي هڪ اهڙو ته جوش ۽ جذبو جاڳايو جو سنڌ جي نسلن جو رت پيئندڙ جاگيردارن ۽ ماس پٽيندڙ ڪامورن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي هن سرواڻ مصيبتن جا ڪڪر ۽ مينهن پنهنجي سر وسائي، پاڪستان جي جيلن ۾ وقت گهاري، ڪيئي انمول هيرا پيدا ڪيا، سندس هلچل، وڏيرن ۽ جاگيردارن سان اکيون ملائي ڳالهائيندڙ هاري ورڪر ۽ اڳواڻ پيدا ڪيا. سنڌ بلوچستان توڙي پنجاب ۽ سرحد ملتان سميت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نظريو ڀڙڪا کائي اونداهي ۾ روشني ڏيڻ لڳو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا ۽ هاري ڪانفرنسون ڪري هارين جي سياسي تعليم ڪئي، هاري به پيرن کي ڇڏي سياسي ورڪر بنجي پيا. باباءِ سنڌ، سنڌ جي هارين، نارين، مزدورن، واڍن، رازن، موچين، هارين سان گڏ شاگردن ۽ عورتن ۾ به سجاڳي آندي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، وستي واهڻ، شهر بحر باباءِ سنڌ جي جوت ۽ مشعل کي پنهنجي مشعل سمجهي جدوجهد ۾ شامل ٿي ويا. اهڙي طرح باباءِ سنڌ بٺي تحريڪ، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ڪاميابي سان همڪنار ڪيا. سگهاريون ڌريون سندس، تقرير، تحرير، پمفليٽ ۽ هاري حقدار اخبار جي وسيلي حاڪمن جي ڪئمپ ۾ ٿرٿلو مچايو، جنهن جدوجهد کان خائف ٿي جنرل ايوب خان مارشل لاءِ نافذ ڪري ون يونٽ جو اعلان ڪري سنڌ اندر غيرسنڌي آباد ڪري قومي ۽ جمهوري حقن تي راتو رات راتاهو هڻي سنڌ جي قومي حقن ۽ دولت تي ڪاري ضرب لڳائي، باباءِ سنڌ جو جذبو وڌيڪ تيز ڌار تلوار وانگر اڀريو ۽ ون يونٽ جي خلاف هارين شاگردن کي ملائي جدوجهد ڪئي ۽ ون يونٽ کي ٽوڙايو ويو. پر باباءِ سنڌ کي سينٽرل جيل حيدرآباد، لکپت، ڪارو پاڻي، مڇ جيل ۽ شاهي قلعي ۾ ڪامريڊ تي ڪيترائي تشدد ڪيا ويا. سندس وڏي پٽ مصطفيٰ حيدر تي به باباءِ سنڌ جي سامهون تشدد ڪيو ويو پر پاڻ چيائين ته ”منهنجو پٽ سنڌ کان وڌيڪ نه آهي، مان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي سنڌ تي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“ جنهن ڪري ڪامريڊ کي خطرناڪ زهريلي انجيڪشن ذريعي سِلو پوائزن ڏنو ويو. سندس جدوجهد کي اڄ به فخر سان سرخ سلام پيش ڪيو وڃي ٿو. پاڻ اعليٰ پائي جا شاعر، اديب، صحافي، ڊرامه نگار، سياسي ورڪر کان سياسي اڳواڻ رهيا، اڄ به سندس ڳاڙهو جهنڊو کڻي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ڪارڪن، هاري مزدور ڪامريڊ اظهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، اربع ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ - هڪ انقلابي رهنما!

احمد نواز انقلابي

سنڌ جي ڌرتي وڏي عظيم ۽ مهان ڌرتي آهي، جنهن جو ذرو ذرو سون آهي، جنهن جي محبت ۽ مهمان نوازي دنيا ۾ مشهور آهي. سنڌ دنيا اندر پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، اها ئي سنڌ ڌرتي آهي جنهن ڪيترائي انمول انسان پيدا ڪيا، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق ڪري پنهنجي جانين جا نذرانه ڏئي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهيو. انهيءَ الستي عشق ۾ جيل جون سختيون اذيتون عقوبتون سٺيون آهن پر سنڌ سان سچو عشق جو هڪ داستان لکيو آهي سندن ڪردار سج جي روشنيءَ جيان روشن ۽ هميشه رهنمائي ڪندو رهي ٿو. اهڙن بهادرن مان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ آهي. ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي جي گرم هوائن واري علائقي لبِ درياهه هاڻوڪي تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ جتوئي خاندان اندر فقير الهداد جي گهر ۾ جنم ورتو. فقير الهداد هڪ غريب سچو مخلص انسان هو، سچائيءَ جي ڪري کيس علائقي ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پرائمري تعليم پنهنجي ڀر واري ڳوٺ پٺاڻ خان مان ورتي، جيڪو ڳوٺ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڳوٺ کان ڪجهه ڪلوميٽر پري هو، پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو پنڌ روز ڪري پڙهڻ ويندو هو. سندس پڙهائيءَ جو بيحد شوق هئس. هن مان استاد بيحد مطمئن هوندا هئا. ننڍپڻ ۾ ڪامريڊ جتوئي غربت کي تمام ويجهي کان ڏٺو. هو روز اسڪول پنڌ ويندو هو، پنڌ ۾ ڪپڙا ئي خراب ٿي ويندا هئس، ان ڪري اهي ڪپڙا اسڪول جي ويجهو تبديل ڪندو هو. هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ بي اي به امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. سندس سوچن جو مرڪز صرف غريب پيڙهيل طبقو هو. شايد ان ڪري جو هن جو پنهنجو ان طبقي سان تعلق هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۲۸ع ۾ هيڊ منشي مقرر ٿيو پر پگهار مختيارڪار جي ملڻي هئس، تڏهن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري مختيارڪار مقرر ٿيو، بحيثيت مختيارڪار هن جو جڳ مشهور ڪتاب تحفه سنڌ ڇپجي چڪو هو، جنهن لڪير جي فقير طبقي اديبن ۾ وڏي هلچل مچائي ڇڏي، جنهن ۾ هن نواڻ آندي. هي غريب خاندان مان هاڻي نوڪري ملڻ کان پوءِ مڊل ڪلاس طرف وڌڻ لڳو، وري ٿوري ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. انگريز دور جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪا مذاق ڳالهه نه هئي. هڪ وڏو عهدو هو ان دوران هي هارين جو وڪيل رهيو. هارين جا مسئلا پنهنجا مسئلا سمجهي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هُن جڏهن ڏٺو ته هارين، مزدورن، پورهيتن، مسڪينن، بي پهچ، بي سهارا ماڻهن جا مسئلا حل نٿو ڪرائي سگهي، نوڪري سندس راهه ۾ رڪاوٽ آهي ته هن نوڪريءَ تان استعيفيٰ جي ڪوشش ڪئي پر استعيفيٰ منظور نه ڪئي وئي. ڪجهه عرصو پورهيتن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندو رهيو پر آخرڪار هن ۱۹۴۵ع ۾ نوڪريءَ کي الودع ڪري ڇڏيو ۽ اچي هاري حقدار جو نعرو هنيو. پورهيتن مسڪينن مزدورن بي پهچ ماڻهن سان گڏ بيٺو. ساڳئي سال هن وري جيئي سنڌ جيئي سنڌ شاعريءَ جو ڪتاب پڻ ڇپرايو ۽ جيئي سنڌ جو تاريخي نعرو هڻي ايوانن کي ڌوڏي ڇڏيو، جنهن جي ڏوهه ۾ ۲ سال سينٽرل جيل جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيس پر آخرڪار پنهنجي ڪيس ۾ ۳۰۰ پيج جي دليلن سميت ڪورٽ پيش ٿيو ۽ ڪورٽ کان فتويٰ ورتائين ته جيئي سنڌ هڪ دعا آهي ان تي ڪا به سزا نه آهي، اهو اهڙو دور هو جنهن لاءِ راشد مورائيءَ چيو هو ته سنڌ جو نالو وٺڻ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ جي برابر هو. هن چيو ته ڪير خط ۾ سنڌ جو نالو لکندو هو ته اهو ماڻهو گرفتار ڪيو ويندو هو پر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو بهادر انسان هو جنهن ان قهري دور ۾ چئي ڇڏيو “جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ”. ڪامريڊ جتوئي جي سچائي بهادريءَ جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي. ڪامريڊ جتوئي مسلسل هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ اڌ بٽئي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن پورهيتن مسڪينن هارين مزدورن سميت عورتن به حصو ورتو. اها تحريڪ هلي ۽ مائي بختاور شهيد ان تحريڪ کي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي روح ڦوڪيو، ان تحريڪ زور ورتو. اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ هارين کي اڌ بٽئي ملي ۽ شهيد مائي بختاور شهيد جو قاتل پنجابي وڏيرو ڦاهيءَ جي ڦندي تي پهتو. ڪامريڊ جتوئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽرين مارچ ڪري وڏيرن سان ڀريل سنڌ اسيمبلي اڳيان ۲۰ هزار هارين کي بيهاري سنڌ ٽينينسي ايڪٽ منظور ڪرايو، جيڪا هڪ وڏي فتح هئي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٻين کان مختلف سوچيندو هو. ڪامريڊ جتوئي جڏهن ڏٺو ته ون يونٽ ٽُٽي ويو آهي ته پوءِ سڪون ڪيائون، انهن ڏينهن ۾ بيماري جي بستري تي هو ۽ ۱۹۷۰ع جي مئي مهيني جي ۲۱ تاريخ تي هميشه جي لاءِ جسماني طور تي اسان کان جدا ٿي ويو سندس ڏنل واٽ تي اڄ به جدوجهد جاري ۽ ساري آهي. سندس ۱۴ ڪتاب هن وقت تائين ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ آخري ڇپيل ڪتاب جوابدار جو بيان آهي، اڃا ڪافي ڪتاب رهيل آهن جيڪي تمام جلد قوم تائين پهچايا ويندا.

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ کي ڀيٽا

عبداش پنھور

جڏهن يثرب کان يورپ تائين رُڃ رڙيون ٿي ڪيون ۽ بُتن جي پوڄا ڪئي ٿي وئي، تڏهن به سنڌو سڀيتا لوڪ پنهنجي ڌرتيءَ سان، سنڌو پاڻي سان پيچ رکندي سموري سنسار ۾ سڀاڳ جي تاريخ رکندڙ رهيو آهي. ويڌ وحدانيت جي تاريخ ۾ پرک پچار اهي پيا رکن ته “ڏئي ڏاتار، جيڪو ڏيئي پچاري” اها تاريخ صدين کان صدين جو سفر ڪندڙ سنڌو سنبت سڀاڳ جوڳي جڳت ۾ ڀوميءَ جو ڀوپو محفوظ ڪري چُڪو آهي. ايوبي آمريتي دور ۾ ون يونٽ مخالف هلچل دوران شاگردن جي تحريڪ هڪڙي اهڙي عمل جي تاريخ آهي، جڏهن هڪڙي شاگرد “جيئي سنڌ” جو نعرو لڳايو هو، جلوس ۾ شريڪ ڪجهه ٻين شاگردن چيو ته اهو اسان کي مارائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته جيئي سنڌ چوڻ جو مطلب جيئي سنسار آهي، ڇو ته سنڌ جو وجود سنسار سان سلهاڙيل تاريخ آهي، جيڪا انساني تاريخ سان پڻ ڳنڍيل حوالو رکي ٿي. “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جو نعرو لڳائڻ وارو شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي هو، تنهن سموري تحريڪ جي اڳواڻي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪري رهيو هو. تاريخ جا دستاويز به ملن ٿا، تنهن تحريڪ دوران پهريان پهريان گرفتاريون به سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي ڪارڪنن جون ۽ حامي شاگردن جون ٿيون هيون. اسان واري ٽهيءَ کي خبر ئي ناهي ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو ولهار ڪهڙي طرح سان پ ٽ الف کان سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت تائين جُڙيل ايوبي آمريت خلاف باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو پکيڙيل ڄار هو. اسان واري ٽهي جڏهن ساماڻي، تڏهن چاچو عارب بروهي ڳوٺ لڌو بروهي، جهونو ٿي چُڪو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي چٿر ڪتاب “ڪارا منهن، موچارا منهن” ۾ اهو چاچو عارب بروهي موچارن منهن ۾ ڪردار ملي ٿو. اسان واري ٽهي جڏهن ساماڻي تڏهن پرائمري استاد تحريڪن جو ارڏو ڪرادر عباس سهتو جهونو ٿي چُڪو هو، اصل هالاڻي بهلاڻي جو، مطلب برک هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي ڳوٺ جو رهواسي هو- پر زندگيءَ جي تمام وڏي ڄمار هن دوڙ شهر جي آس پاس ماستري ڪندي گذاري. جڏهن استاد عباس سهتو جوڀن جواني ڄمار ۾ هو، تڏهن محراب پور باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ساٿين جي هلچل جو ڳڙهه رهي، تنهن تحريڪ جا ان تي اثر پيا. چوڌرين ۽ ظالم زميندارن خلاف کريون ٻڌائڻ وارو استاد عباس سهتو ڪير سڏائي، جيڪو هر هلچل ۾ شامل رهندو هو ۽ اهو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو سچو ۽ کرو ڪارڪن هو. سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو اڳوڻو صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو فڪري ورڪر هو. جيڪو هاڻ ۳ اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. تاج مري هڪڙي ڀيري چيو هو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي هلچل ۾ ماٺار اچي وئي پر سهتو ۽ اسان گڏجي جهر جهنگ پهچي تنظيم سازي ڪئي، يونٽ کوليا، ڳوٺن ۾ وڃي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي ٻيهر متحرڪ ۽ منظم ڪيو. هڪڙي ڀيري تاريخي دستاويزي نشرياتي رپورٽ ۾ منظور سولنگيءَ تاريخ جي تمام وڏي ڇلانگ لڳائي تڪڙو ئي چئي ڇڏيو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان پوءِ اهو ڪم عوامي تحريڪ جي رهبر باني رسول بخش پليجي ڪيو پر سياسي تاريخ کي درست ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيڪو منظور سولنگي لکيو ۽ چيو آهي اهو اڌ سچ آهي. ڇو ته اڳتي هلي جڏهن ڪميونسٽ تحريڪ ۾ فڪري اختلاف ٿيا، تڏهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري تنظيم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪڙن سنڌي هاري تحريڪ جي نالي سان ڪم شروع ڪيو ته ٻيا ساڳئي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي نالي سان ڪم ڪندا رهيا. انهن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي اڳوڻي صدر ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ کان مولوي رشيد انڍڙ، عزيزالله جروار تائين ڪردار پڻ شامل آهن. اڳتي هلي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ غلام رسول سهتو وڌندي لوڪ نظر اچي ٿو، جنهن سان تاج مري ۽ صالح بلو کان چاچا شاهه محمد دراني، غلام قادر مرراڻي، روچي رام جهڙا ڪردار ساماڻا؛ تڏهن هڪڙي ڪاري دور کي مات ڏيئي ٻئي ڪاري دور ظالم ضياءَ خلاف ڌمچر مچي چُڪو هو. انهن سڀني ڪردارن جي حوصلي جي علامت صرف ۽ صرف باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو ارڏو انقلابي ڪردار هو. تڏهن منصور ميراڻيءَ جو هاري گيت “جنڊ جُڙي، مال ڇُڙي، باک ڦُٽي ٿي، او ساٿي رات کُٽي ٿي” گونجار بڻجي چُڪو هو. مٿان شيخ اياز جي انقلابي رومانس گيتن جي گونجار تيز ٿي وئي. شمشيرالحيدري کان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تائين ترقي پسند اديب شاعر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هلچل جو حصو ٿي ويا، ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ به چئي ڇڏيو ته “جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا، هن ڀونءِ سڄيءَ جا ڀاڳيا” استاد بخاري به پنهنجو پاڻ کي انهيءَ هلچل کان اوپرو نه پر او پرين ڪري رکيو هو. گهٽ راشد مورائيءَ به نه ڪئي “مان باغي آن، مان باغي آن” جهڙو انقلابي گيت ميدان تي آڻي ڇڏيو هو. سويچ سجاوليءَ کان ابراهيم منشيءَ جي گيتن تائين هاري انقلابي گيتن جي گونجار لڳي وئي. اهو سياسي شعور سنڌ ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي برپا ڪيو هو. هالا شهدادپور روڊ باقر موري وارو مرحوم عطا محمد نظاماڻي، کڏهڙي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم وٺندڙ برک صحافي ارشاد گلاباڻي، ڪرم خان نظاماڻي ڳوٺ وارو جهونو هاري اڳواڻ داد علي بخش، حيدرآباد ضلعي کي سياسي هلچل جو ڳڙهه بنائڻ وارو جهونو هاري اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ احمد خان لغاري، جيڪو پڻ تازو وڇڙي ويو آهي کان سموري هلچل ۾ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي سندس تمام ويجهو ساٿي شاعر نبي بخش همدرد زنئور، سليمان رستماڻي، ڪاڇي واسي جهونو هاري اڳواڻ بصر رستماڻي ضلعي دادوءَ ۾ ڪيترائي سال ضلعي صدر رهندڙ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو سرگرم اڳواڻ واحد بخش وگهيو، اها جهوني جڳت آهي، جنهن جي سياسي هلچل باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي تنظيم سان جُڙيل رهي. چاچا اسماعيل قريشي سڳيون سوڀو ديرو کي ڳڙهه بڻايو هو. ڳوٺ ڀيلار ۾ امام الدين ڀيلار راڻي ۾ اڪبر ڪلهوڙو سرگرم هاري ڪارڪن ۽ ورڪر رهيا، جيڪي ڪيترائي سال سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي گيت “جيئي سنڌ جيئي سنڌ” جي گونجار رهيا آهن. ضلعي سکر ۾ کروهي جو کرو انقلابي ڪامريڊ مانڌل شر، رئوف دايو، اياز لطيف دايو، پيرل دايو، غلام سرور سميجو، سرور سيف سومرو، شبير بيدار ڀٽو کان اختيار ڀٽو تائين، مجيد نواز مغل، ارشاد پيرزادو کان نعيم شيخ تائين اها سموري جڳت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي ولهار ۾ نه رڳو جُڙيل رهي پر سرگرم پڻ رهي آهي. شڪاپور ضلعي ۾ جهونو ساٿي پريل مري ڪير سڏائي! جنهن هلچل ۾ بدر اڄڻ، مظهر اڄڻ، سنڌ جو فلسفي جاويد ڀٽو (آمريڪا ۾ شهيد ٿيو هو)، مديجي وارو محبوب جوڻيجو (جرمنيءَ ۾ رهيو)، وزير جوڻيجو، اعجاز منگي، پڻ بشير منگي مرحوم وانگر خيرپور واري استاد منير سولنگيءَ تائين باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نعري “هاري جاڳيا هاري” واري لات ولهار بنائيندا رهيا آهن. اها سنڌ هاري ڪاميٽي، جنهن جو سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي، تنهن تحريڪ نه رڳو ون يونٽ ٽوڙائي ڏيکاريو پر سنڌي ٻوليءَ کي به بحال ڪرائي ڏيکاريو هو. ضلعي جيڪب آباد کي جدوجهد ۽ جذباتي نعرا لڳائڻ وارن هاري ورڪرن جو ڳڙهه سڏڻ غلط نه هوندو. برک شاعر عبدالڪريم گدائي، محمد بخش سومرو، عبداللطيف مهر، ڪشمور وارا ڪيسواڻي، ٺل وارا بنگلاڻي، واحد بخش سميت سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي جڳت ۾ جوت جلائيندا رهيا؛ انهن ۾ سعيد مستوئي، خورشيد مستوئي، شهيد ارشاد مستوئي سڀئي ڪامريڊ گل مستوئيءَ جا ڀائر، پرويز مهر، يونس مهر سميت سڀئي عبداللطيف مهر جا پٽ هن تحريڪ جو عملي طور حصو رهيا آهن. جنهن هلچل سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جنهن جو سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ظالماڻي نظام خلاف انصاف تي ٻڌل سماج جوڙڻ جي شاندار جدوجهد شروع ڪئي هئي، تنهن تحريڪ ۾ اهي سمورا سنڌ جا ارڏا ڪردار هارين پورهيتن ۾ ڳوٺ ڳوٺ وڃي جاڳرتا پيدا ڪندا هئا. سياسي سرگرميون ڪندا هئا، شهدادڪوٽ جا سيلرا ۽ ٻلهڙيجي جا پيرزاده، ڏوڪري ڪامريڊن جا پڊ هئا پر اهي ڪامريڊ هئا ڪامريٽ نه هئا. جيڪي پنهنجي هلچل سان سنڌ هاري ڪاميٽي، جنهن جو سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ظالماڻي نظام خلاف انصاف تي ٻڌل سماج جوڙڻ لاءِ پاڻ پتُوڙي رهيا هئا. سنڌ هاري ڪاميٽي، جنهن جو سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي کيڪارڻ وقت جيئي سنڌ چوڻ ۽ جواب ۾ به جيئي سنڌ پڪاريندڙ سنڌ جي انهن سمورن ساٿين کي وڏي زور سان سڀ چئي سگهون ٿا، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ، جيئي سنڌ. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ياد ۾

عزيز ناريجو

مون سي ڏٺا ماء، جنين ڏٺو پرينءَ کي

انين سندي ڪاء، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. شاه

...............

مون کاهوڙي لَکِيا، سُمهن ڪِين پَئِي

سَمَرُ ڪيائون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿ لَهِي

وِيا تِت وهي، جِتِ نِهايَت ناه ڪا ... شاه

.................

سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن سان سچي محبت ڪندڙ ۽ انهن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ پاڻ پتوڙيندڙ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي اسان کان وڇڙئي اڄ ڇائيتاليھ ورهيه گذري ويا. ايترن سالن گذرڻ جي باوجود ڪامريڊ جتوئيءَ جو خوبصورت چهرو اڄ به منهنجي اکين اڳيان ائين ٻهڪي رهيو آهي جيئن مون کين سندن زندگيءَ ۾ ڏٺو. ساڻن گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ سندن گهر تي ٿيل ملاقاتون، کين سال ۱۹۶۸ يا ۱۹۶۹ ۾ ميرپور خاص ۾ ٿيل پهرين سنڌي شام (شهيد هوشو شيديءَ جي ورسيءَ جي نالي ۾) لاءِ دعوت ڏيڻ مهل يا ان ڏينهن ميرپورخاص اسٽيشن کان جلسي گاه (مير علي بخش جي اوطاق) تائين هڪ تمام اُتساهيندڙ جلوس ۾ انهن سان گڏ هلڻ اڄ به ياد اٿم. (جيسيتائين مونکي ياد ٿو اچي، شيخ اياز، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد، حفيظ قريشي، ڪامريڊ مير محمد ۽ ٻيا ڪجھ سنڌ جا گهڻگهرا به ان جلوس ۽ ان پروگرام ۾ شامل هئا).

۽ جڏهن ۲۱ مئي تي ڪامريڊ جي وفات جي خبر پئي ته يوسف لغاري ۽ ڪجھ ٻين دوستن سان گڏجي ڪامريڊ جتوئيءَ جي حيدر چوڪ واري رهائشگاه تي پهچڻ ۽ انهن جي آخري سفر ۾ شامل رهڻ به دل تي ڪڏهن نه وسرندڙ نقش وانگر ياد آهن.

ڇا ته انسان هو!!! علم جو ڀنڊار، شفيق اُستاد، هميشه اُتساهيندڙ، پُر خلوص ۽ متحرڪ انسان!!! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سنڌ جو هڪ تمام وڏو ماڻهو هو. قيد بند جون تڪليفون ڪڏهن به هن جي لازوال جذبي ۽ بي مثال عزم کي لوڏي نه سگهيون. پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن تائين هو پنهنجي اُصولن ۽ مقصدن تي قائم رهيو.

ڪاش اسانجي هر پيڙهيءَ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙو هيرو اڳواڻ ملي سگهي!

 

(عزيز ناريجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)


 

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

سندس هارين لاءِ انقلابي جدوجھد

رام اوڏ

برطانوي سامراج نه صرف جاگيردارن جو طبقو پيدا ڪيو، پر انهن کي سياسي طاقت طور اُڀار ڏنو. ۱۷۹۳ع ۾ بنگال اندر پرمننٽ ري سيٽلمينٽ ايڪٽ تحت زمين جاگيردارن جي ذاتي ملڪيت قرار ڏني وئي، يعني مستقل رهائشي قانون زمين جي ذاتي ملڪيت جو حق ڏنو. انگريزن پنهنجي فرمانبردارن ۽ وفادارن کي تحفي طور زمينون ڏنيون. سنڌ ۾ جيڪو به بغاوت جي بجاءِ سلامي ڀري سرخرو ٿيو، انهن کي جاگيرون الاٽ ٿيون. ايئن ٽالپر، سيد، سوڍا ۽ بلوچ قبيلائي سردار انگريزن جا نظرياتي حامي هجڻ ڪري جاگيرن جا مالڪ ٿيا. حيدر بخش جتوئي انگريز بيٺڪيتي نظام خلاف به ٿي بيٺو هو.

سنڌ ۱۹۲۰ع کان ۱۹۳۶ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي. سنڌ ۾ بئراجن جي تعمير جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي وئي. ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ سان ويھه لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي. جڏهن ته ۱۸۹۹ع ۾ جمڙائو واھه ٺهيو. ٻين صوبن مان ماڻهو لڏائي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي هئي.

هاري ايسوسي ايشين جو بنياد  ۱۹۳۰ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پيو. جمشيد نسروانجي، قادر بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، مسٽر گوڪلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ عبدالقادر ان تنظيم جو بنياد رکيو. ان جا بنيادي مطالبا هي هئا:

 ۱.اڌ بٽئي وارو نظام رائج ڪرڻ

۲.هارين جي زمين تان بي دخلي روڪڻ،

۳.سکر بئراج جون زمينون هارين کي ڏيارڻ

۱۹۳۶ع ۾ هاري ڪميٽي جو مرڪز حيدرآباد ٿيو. اڳتي هلي مختلف تنظيمن کي ضم ڪري ان جو نالو سنڌ هاري ڪميٽي رکيو ويو.

`حيدر بخش (۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع کان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع) ڊپٽي ڪليڪٽر هو. نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته وڏيرا هارين جي پگهر تي پلجي مٿس ظلم ڪري رهيا آهن. حيدر بخش جي زماني ۾ وڏيرا هارين تي ڪتا بڇيندا هئا. ڳوڻين ۾ بند ڪري ماري ڇڏيندا هئا. هو هارين سان اتياچار تي خاموش ٿي نه ويٺو.

 ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تان سبڪدوش ٿي، حيدر بخش جتوئي هاري پورهيت ڪلاس لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي. هي هارين لاءِ مخلصاڻي جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.

حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ منظم ڪئي. ڪامريڊ ڪميٽي جي منشور ۽ تنظيم سازي ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بيهڪ هن ريت هئي:

۱.ڪائونسل ( اسيمبلي)

 ۲.ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ڪابينا)

۳.ديھه ڪاميٽيون

 ۴.ڳوٺ ڪاميٽيون

هن تنظيمي اسٽرڪچر مان پتو پوي ٿو ته ڪامريڊ سامهون هيٺين ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه اهميت هئي. اهو هاري ڪميٽي جي ڪامياب جدوجهد جو راز هو.

۲۲ جون ۱۹۴۶ع ۾ جهڏي شهر ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. ان وقت اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ وڌڻ لڳي هئي. هاري ڪميٽي جا ورڪر جهنڊا کڻي کري تي پهچي ويندا هئا.

مائي بختاور ٽالهي اسٽيشن ( ديھه هيدو) ۾ هارياڻي هئي. بختاور هاري ولي محمد لاشاري  جي زال هئي. ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ بٽئي جو مرحلو هو. چوڌرين ڍڳا گاڏي تي اچي زبردستي ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بختاور ۽ ٻين هارين مزاحمت ڪئي. نتيجي ۾ چوڌرين گولين جا برسٽ هلائي مائي بختاور ۽ ڪجھه ٻين هارين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ مير محمد ۽ ٻيا هاري اڳواڻ جاءِ واردات تي پهتا. شهيد جي ناحق خون تي اسماعيل خالد ۽ سعيد کي عمر قيد جي سزا آئي.

هارين جي حقن لاءِ حيدر بخش اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ۱۹۴۶ع  جي عام چونڊن ۾ صوبائي اليڪشن لاءِ شهداد ڪوٽ مان سلطان احمد چانڊيو سامهون بيٺو، ۽ ڌانڌلين ذريعي کيس هارايو ويو.

ڪامريڊ قومي سوال تي واضح سماجوادي هو. ڪامريڊ حيدر بخش گڏيل هندوستان جي دور کان ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. ڪانگريس ۽ ڪسان سڀا سان ڪن نقطن تي هاري ڪميٽي جو سياسي اتحاد هو. حيدر بخش جتوئي هندستان جي ورهاڱي جو مخالف هو. ڇو ته ڪانگريس نه صرف انگريز مخالف آزادي پسند پارٽي هئي، پر ساڳي وقت جاگيردار مخالف به هئي. جڏهن ته مسلم ليگ زميندار طبقي جي نمائنده جماعت هئي. لياقت علي خان سنڌ کي پناھگيرن جي آماجگاھه بڻايو. ۱۹۴۸ع تائين ۵۵ لک پناھگير سنڌ ۾ آيا.

۱۹۵۰ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو. چڪ ٺاهي، لاڙ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون. هاري ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي هارين کي ڏنيون وڃن. هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ چوويھه ايڪڙ في هاري جي حساب سان هڪ لک ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي. ڪامريڊ جو هڪ ڪارنامو بئراجي علائقن گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج مکي ٻيلو جون زمينون هارين کي ڏيارڻ هو. پنجاھه لک جي لڳ ڀڳ زمين هارين کي ڏيارڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي.

هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ۱۱ مئي  ۱۹۵۰ع ڌاري سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو. بل پاس ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ پندرهن هزار هارين ڪراچي ۾ مارچ ڪري چوويھه ڪلاڪن لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو هو. بعد ۾ ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪيون ويون.

ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو اهم ڪردار آهي. ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ۱۹۵۹ع ۾ زرعي سڌارن لاءِ ڪميشن جوڙي وئي. ان پويان ڪارفرما مقصد هيءَ هو ته زرعي سڌارن جي نالي اهڙو پريشر وجهجي جو جاگيردار آمريت جي حمايت ڪن. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم “ڪارنامو” وڏيرن ۽ زميندارن کي پيپلز پارٽي جو پليٽ فارم ڏيئي مچائي مواڙ ڪرڻ هو. سندس دورِ اقتدار ۾ بظاهر جاگيرداري جي خاتمي لاءِ زرعي سڌارن جو اعلان ٿيو. وڏيرا سندن ڇاڙتن ۽ رشتيدارن جي نالي کاتا ٺهرائي ٻنيون بچائي ويا. ايوب ۽ ڀٽي جي زميني سڌارن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو. 

حيدر بخش جتوئي “هاري حقدار” جو نعرو هنيو ۽ ان نالي سان سنڌي ۽ انگريزي ۾ اخبار جاري ڪيائين. هاري حقدار جو مطلب آهي هاري پيداوار جو حقدار آهي: جيڪو کيڙي سو کائي. ڪامريڊ هاري مزاحمتي سياست جو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو.  هاري ڪميٽي جي موجودگي سبب زميندار هارين سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيا.

ڪامريڊ جو دور سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڏکيو هو. ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۵ کان ۲۸ نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جو دور آهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد عيوض ڪامريڊ  مسلسل جيل ياترائون ڪندو رهيو. ايوبي مارشلا ۾ ڪامريڊ ڪڏهن ريل ۾، ته ڪڏهن جيل ۾! ڪهڙي جيل جو درشن ڪامريڊ نه ڪيو. سکر، ساهيوال، ڪئمبلپور، ڪراچي، مڇ، حيدرآباد. جيل مان ڇٽي اچي ته گڏجاڻيون ڪندو هو ۽ جدوجهد جاري رهندي هئي! ڪامريڊ جلسا جلوس ڪرڻ، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ  ۽ ٻيون تحرير، تقرير ۽ عملي طور هاري دوست سرگرميون جاري رکي ٿو. اخبار مواد نه ڇاپي ته پاڻ پيو پمفليٽ لکندو، ڇپائيندو ۽ ورهائيندو هو: سنڌ سان ناانصافي، سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير، ون يونٽ ۽ جمهوريت، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟ ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سميت چاليھه کن پمفليٽ ڪامريڊ لکيا، جيڪي گهڻا تڻا انگريزي ۾ هئا. سرڪار پمفليٽن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. حق لکڻ جي پاداش ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سلام سنڌ، جيئي سنڌ جي عنوان سان شعر لکڻ عيوض نظر بند ڪيو ويو. اهو شعر اڳتي هلي نعري ۽ پوءِ تحريڪ ۾ تبديل ٿيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ جي شخصيت ۽ جدوجهد

مسرور سيال

هڪ اھڙو انسان جيڪو وڏ گھراڻي سان واسطو رکندڙ ھجي ۽ پاڻ به سرڪار جي وڏي عھدي تي فائز ھجي کيس خاندان توڻي اعليٰ منصب جي پروقار زندگي ميسر ھجي اھو سڀ ڪجھه ڇڏي ھارين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري ۽ اھڙي جدوجھد جي نه رڳو شروعات ڪري پر ان کي ڪاميابي پڻ بخشي. آزاد روشن خيالي جو درس ڏيندڙ مضبوط اڏول انسان جيڪو نه رڳو هوش عقل پر جوش، جذبي سان ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، ھجي “جيئي سنڌ” نعري جو خالق، عملي جدوجھد جو نشان، ھڪ قومي درد رکندڙ شاعر، انقلابي ليکڪ، اديب، دانشور، سياستدان، قانوندان وڏيرڪي جاگيرداري، سرمائيداري نظام جو نه رڳو مخالف پر سخت دشمن، ھارين، مزدورن، پورھيتن جي خوشحالي جا اکين ۾ خواب سنواري وڏي مڙسي سان ميدان عمل ۾ پاڻ کي پورھيت رھنما ثابت ڪندڙ “حيدر بخش جتوئي “علائقي جي نيڪ مرد “رئيس الهداد خان جتوئي “ جي گھر مھين جي دڙي جي ڇانوري ۾ ھاڻوڪي تعلقي باقراڻي اڳوڻي تعلقي ڏوڪري ان کان اڳ قديم تعلقي لب دريا ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو ھن عظيم انسان سان به اھو حادثو پيش آيو جيڪو عظيم انسانن کي درپيش رھيو مطلب اڃا ٻن سالن جي عمر جا مس ٿيا ته سندس امڙ وفات ڪري وئي اھڙي طرح کيس والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ پاليو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۱۹۱۸ ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سچي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۱۹۲۳ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائون. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائون پر پنهنجي جوڀن واري عمر ۾ سال ۱۹۴۳ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ھي اھو وقت ھو جڏھن سنڌ ۾ ھنن عهدن تي رڳو انگريز نوڪريون ڪندا هئا جڏھن ته سنڌي خاص ڪري مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندا ھئا سنڌ سرڪاري نوڪرين کان محروم رھندي هئي.

حيدر بخش جتوئي سال ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال ۱۹۴۵ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي واري روح سان سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ اميد جي ڪرڻي طور نروار ٿي ۽ ھارين به ھن کي ڀرپور موٽ ڏني. ڪامريڊ ھن جو فائدو وٺندي پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پتوڙيو. ھن هفتيوار “اهاري حقدار” اخبار ڪڍي ۽ سنڌ ۾ هاري انقلاب لاءِ راھ ھموار ڪئي، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.

ڪامريڊ جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽيءَ هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو اهي چونڊن ۾ صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ به پنھنجا اميدوار بيهاريا ڏسندي ڏسندي پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻيو نمبر سياسي طاقت بڻجي اڀري ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ھي پھريون ڀيرو ھيو جو پنھنجن واٺن ۽ ننڍن وڏيرن ھٿان ووٽ حاصل ڪندڙ وڏا وڏيرا ٿڪجي پيا ۽ مجبور ٿيا ته غريب عوام جي درن تائين پھچن کين منٿون ڪن. سال ۱۹۵۱ع قنبر ۾ هن سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀرايو ۽ وڏيرن، سردارن، جاگيردارن جي مضبوط قلعن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو جيتوڻيڪ ھو ڪامياب ٿي ته نه سگهيو. پر نوابن سردارن کي شڪست جي خوف ۾ مبتلا ضرور ڪيو. تڏھن ته نواب سلطان احمد خان چانڊئي جي چوڻ تي راڄ جي ماڻهن ۽ واٺن ڪامريڊ مٿان پٿر وسايا ۽ رتو رت ڪيائون. ھنن جي گاڏي جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا ھئا جڏھن ھن کي اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد ويران ھنڌ ڦٽو ڪيو ويو ھو. ھن جي ساٿين مٿان به ظلم ڪيا ويا ۱۰ مارچ ۱۹۵۱ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي اليڪشن کي غلط قرار ڏنو ويو. نواب جي ان وقت عمر چونڊون وڙھڻ جيتري نه ھئي پر اسڪول جي ڪوڙي سرٽيفيڪيٽ تي ھن اليڪشن وڙھي جيڪو پڪڙجي پيو تنهن تي ھو نواب ڏمرجي پيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو. ھئائين .

۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجر باغ، هوشو پارڪ المعروف جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ سندس صدارت ۾ ھڪ ڪانفرنس ٿي جيڪا سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس ثابت ٿي، ھن ڪانفرنس کي کي محترم سائين جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو ھواھڙي طريقي ٻيھر ساڳي باغ ۾ ۴ اپريل ۱۹۵۴ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس حيدر بخش جتوئي جي صدارت هين منعقد ڪئي وئي ھئي ته وري ون يونٽ خلاف پڻ ھڪ هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع ۾ لالو رائنڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي. ۱۵ مئي ۱۹۵۷ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڪئي.

خان بهادر محمد ايوب کهڙوجيڪو سنڌ جو وڏو وزير ھو کيس سال ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪرايو پر عدالت هن کي آزاد ڪيو ھو. پهرين سنڌي سياستدان جو اعزاز به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي حاصل رھيو جنهن ون يونٽ جي سرعام مخالفت ڪئي. هن ان سلسلي م سنڌ جا طوفاني دورا پڻ ڪيا پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهايائين، ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ سياسي ھلچل توڻي قومي مقصد لاءِ عوامي رابطا مهم ھئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ ھاري حقن ماڻڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽ وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو ۽ ھاري ھڪ طاقت طور آڏو آيو.

۲۱ مئي ۱۹۷۰ ع تي ھن عظيم قائد، ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو پر ھڪ اھڙو فڪر ڏئي ويو جو سنڌ سندس احسانمند آھي ۽ کيس اڄ به باباءِ سنڌ چئي ياد ڪري ٿي کيس ٻنھي ھٿن سان سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ ڪندي رھندي .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي زنده باد

سارنگ ڄام

هڪ اھڙو انسان جيڪو وڏ گھراڻي سان واسطو رکندڙ ھجي ۽ پاڻ به سرڪار جي وڏي عھدي تي فائز ھجي کيس خاندان توڻي اعليٰ منصب جي پروقار زندگي ميسر ھجي اھو سڀ ڪجھه ڇڏي ھارين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري ۽ اھڙي جدوجھد جي نه رڳو شروعات ڪري پر ان کي ڪاميابي پڻ بخشي. آزاد روشن خيالي جو درس ڏيندڙ مضبوط اڏول انسان جيڪو نه رڳو هوش عقل پر جوش، جذبي سان ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، ھجي “جيئي سنڌ” نعري جو خالق، عملي جدوجھد جو نشان، ھڪ قومي درد رکندڙ شاعر، انقلابي ليکڪ، اديب، دانشور، سياستدان، قانوندان وڏيرڪي جاگيرداري، سرمائيداري نظام جو نه رڳو مخالف پر سخت دشمن، ھارين، مزدورن، پورھيتن جي خوشحالي جا اکين ۾ خواب سنواري وڏي مڙسي سان ميدان عمل ۾ پاڻ کي پورھيت رھنما ثابت ڪندڙ “حيدر بخش جتوئي “علائقي جي نيڪ مرد “رئيس الهداد خان جتوئي “ جي گھر مھين جي دڙي جي ڇانوري ۾ ھاڻوڪي تعلقي باقراڻي اڳوڻي تعلقي ڏوڪري ان کان اڳ قديم تعلقي لب دريا ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو ھن عظيم انسان سان به اھو حادثو پيش آيو جيڪو عظيم انسانن کي درپيش رھيو مطلب اڃا ٻن سالن جي عمر جا مس ٿيا ته سندس امڙ وفات ڪري وئي اھڙي طرح کيس والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ پاليو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۱۹۱۸ ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سچي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان ۱۹۲۳ع ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائون. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائون پر پنهنجي جوڀن واري عمر ۾ سال ۱۹۴۳ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ھي اھو وقت ھو جڏھن سنڌ ۾ ھنن عهدن تي رڳو انگريز نوڪريون ڪندا هئا جڏھن ته سنڌي خاص ڪري مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندا ھئا سنڌ سرڪاري نوڪرين کان محروم رھندي هئي.

حيدر بخش جتوئي سال ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال ۱۹۴۵ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي واري روح سان سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ اميد جي ڪرڻي طور نروار ٿي ۽ ھارين به ھن کي ڀرپور موٽ ڏني. ڪامريڊ ھن جو فائدو وٺندي پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پتوڙيو. ھن هفتيوار “اهاري حقدار” اخبار ڪڍي ۽ سنڌ ۾ هاري انقلاب لاءِ راھ ھموار ڪئي، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.

ڪامريڊ جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽيءَ هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو اهي چونڊن ۾ صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ به پنھنجا اميدوار بيهاريا ڏسندي ڏسندي پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻيو نمبر سياسي طاقت بڻجي اڀري ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ھي پھريون ڀيرو ھيو جو پنھنجن واٺن ۽ ننڍن وڏيرن ھٿان ووٽ حاصل ڪندڙ وڏا وڏيرا ٿڪجي پيا ۽ مجبور ٿيا ته غريب عوام جي درن تائين پھچن کين منٿون ڪن. سال ۱۹۵۱ع قنبر ۾ هن سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀرايو ۽ وڏيرن، سردارن، جاگيردارن جي مضبوط قلعن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو جيتوڻيڪ ھو ڪامياب ٿي ته نه سگهيو. پر نوابن سردارن کي شڪست جي خوف ۾ مبتلا ضرور ڪيو. تڏھن ته نواب سلطان احمد خان چانڊئي جي چوڻ تي راڄ جي ماڻهن ۽ واٺن ڪامريڊ مٿان پٿر وسايا ۽ رتو رت ڪيائون. ھنن جي گاڏي جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا ھئا جڏھن ھن کي اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد ويران ھنڌ ڦٽو ڪيو ويو ھو. ھن جي ساٿين مٿان به ظلم ڪيا ويا ۱۰ مارچ ۱۹۵۱ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي اليڪشن کي غلط قرار ڏنو ويو. نواب جي ان وقت عمر چونڊون وڙھڻ جيتري نه ھئي پر اسڪول جي ڪوڙي سرٽيفيڪيٽ تي ھن اليڪشن وڙھي جيڪو پڪڙجي پيو تنهن تي ھو نواب ڏمرجي پيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو ھئائين.

۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجر باغ، هوشو پارڪ المعروف جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ سندس صدارت ۾ ھڪ ڪانفرنس ٿي جيڪا سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس ثابت ٿي، ھن ڪانفرنس کي کي محترم سائين جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو ھواھڙي طريقي ٻيھر ساڳي باغ ۾ ۴ اپريل ۱۹۵۴ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس حيدر بخش جتوئي جي صدارت هين منعقد ڪئي وئي ھئي ته وري ون يونٽ خلاف پڻ ھڪ هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع ۾ لالو رائنڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي. ۱۵ مئي ۱۹۵۷ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڪئي.

خان بهادر محمد ايوب کهڙوجيڪو سنڌ جو وڏو وزير ھو کيس سال ۱۹۵۴ع ۾ گرفتار ڪرايو پر عدالت هن کي آزاد ڪيو ھو. پهرين سنڌي سياستدان جو اعزاز به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي حاصل رھيو جنهن ون يونٽ جي سرعام مخالفت ڪئي. هن ان سلسلي م سنڌ جا طوفاني دورا پڻ ڪيا پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهايائين، ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ سياسي ھلچل توڻي قومي مقصد لاءِ عوامي رابطا مهم ھئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ ھاري حقن ماڻڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽ وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو ۽ ھاري ھڪ طاقت طور آڏو آيو.

۲۱ مئي ۱۹۷۰ ع تي ھن عظيم قائد، ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو پر ھڪ اھڙو فڪر ڏئي ويو جو سنڌ سندس احسانمند آھي ۽ کيس اڄ به باباءِ سنڌ چئي ياد ڪري ٿي کيس ٻنھي ھٿن سان سرخ سلام پيش ڪري ٿي ۽ ڪندي رھندي .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


اڄ سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سخت ضرورت آهي

ايڊيٽوريل

اڄ ڪامريڊ حيدر بخش  جتوئي جي ۵۱ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. پاڻ ۲۱ مئي جي اڄوڪي تاريخ تي  سال ۱۹۷۰ ۾ اسان کان جسماني طور وڇڙي ويا هيا. سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي فخر جوڳا ۽ اتساهيندڙ  پاسا آهن. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ انقلابيت هئي. هاري اڳواڻ طور  سندس جدوجهد جي هڪ شاندار تاريخ آهي. جيڪا سنڌ ۾ وري ڪير ٻيو ورجائي يا ٺاهي ناهي سگهيو آهي. ڪامريڊ سڄي ڄمار هارين ۽ مزدورن جي حقن ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ان عيوض ڪيترائي  ڀيرا قيد ڪاٽيا پر هر ڀيري اتان ثابت قدم ٿي سرخرو ٿي ٻاهر  نڪتا جنهن کيس  عظيم هاري اڳواڻ جو درجو  عطا ڪيو آهي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصي ۽ سياسي تاريخ خاص  ڪري مستقبل جو نسل پڙهندو ته کيس يقيني طور تي ڏندين آڱريون اچي وينديون. ڇاڪاڻ ته اڄ جي سياست ته ڪاروبار واري ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وري غريب، مسڪين، بي پهچ ۽ مظلوم هارين جي جدوجهد لاءِ پنهنجا وڏا سرڪاري عهدا مراعتون ۽ عياشيون قربان ڪري ڏيکاريون، جيڪو عمل سندس غير معمولي نظرياتي سوچ ۽ ثابت قدميءَ جو نه رڳو چٽو مظهر آهي پر هڪ مثال به آهي ته سياست جو هڪ معيار به بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي قائم ڪري ويو آهي.هن ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان تي لٿو، ڪامريڊ جيئن ته باضمير هو ان ڪري  پاڻ پنهنجي ضمير کي پنهنجو اڳواڻ بڻايائين.

پاڻ جڏهن وڏن سرڪاري عهدن تي هو ۽ جڏهن ڏٺائين ته هن نظام ۾  خلق کي ڪو انصاف ناهي ملڻو ته هن جي ضمير قبول نه ڪيو ته هو صرف ۽ صرف خالي پگهارون ماڻڻ لاءِ پاڻ کي پنهنجي ضمير آڏو شرمساري، محسوس ڪندو رهي. هن سرڪاري عهدن تي رهندي اهو به تجربو ۽ مشاهدو ماڻيو ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجا حق  حاصل ڪرڻ اچن يا نه اچن پر هنن کي ته پنهنجن حقن جي سري سان ڪا خبر ئي ناهي سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ماڻهن ۾ وڃي سندن سياسي شعور وڌائجي، کين سندن حق جي تعليم ڏجي ان ڪري هو وڏين آرام وارين ڪرسين ۽ عياشين کي ٿڏي عوامي روپ ۾ ساڻن رلي ملي ويو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي انهن عظيم شخصيتن مان هڪ هيو جن، جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو  تنهن کي عشق  سان ڪيو ۽ ان ۾ پاڻ کي ڪامياب به ڪري ڏيکاريو. هن هارين جي حقن واري جاڳرتا لاءِ “هاري حقدار”  نالي اخبار ڪڍي ته اها تاريخ ۾ امر ٿي وئي، هن شاعري جي ميدان ۾ پير رکيو ته ان ۾ به منفرد مقام قائم ڪيو. سندس شاعريءَ سنڌ کي “جيئي سنڌ” جو نعرو تخليق ڪري ڏنو ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ کي “جيئي سنڌ جيئي سنڌ” جهڙو ماسٽر پيس ڏنو، پاڻ جيڪڏهن وڪامڻ چاهي ها ته ان ۾ ايتريون ته صلاحيتون هيون جو وقت جا حڪمران خوشي سان کيس خريد ڪن ها پر ڪمال اهو آهي ته ايڏين صلاحيتن ۽ موقعن باوجود هن انهن کي ٿڏي ڇڏيو.

سنڌ کي اڄ اهڙي بي لوث، باضمير، ذهين، ثابت قدم ۽ بهادر سياستدان جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هارين جا مسئلا جيئن پوءِ تيئن چوٽ  چڙهندا پيا وڃن. وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري گهٽجڻ بدران وڌندي وڃي ٿي، هاري مظلوم کان مظلوم تر ٿيندا پيا وڃن، سنڌ اندر پاڻي جي شديد کوٽ آهي. زرعي زمينون پاڻي لاءِ اڃايل آهن. هر طرف  مايوسي آهي ۽ ان ٻاٽ اونداهي ۾ جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌ جي هارين لاءِ ڪا اميد آهي، ڪو حوصلو آهي، ڪو اتساهه آهي ته اهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو ۽ فڪر آهي.

سنڌ جي اها يقيني طور تي خوش قسمتي آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي فڪر جي سندس خاندان مالڪي ڪري رهيو آهي ۽ اهو سلسلو ڪامريڊ  مظهر جتوئي، ڪامريڊ اظهر جتوئي ۽ ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي تائين قائم آهي جنهن کي اسان سنڌي سنڌ جي هارين ۽ مظلومن جو ڀاڳ سمجهون ٿا. سنڌ هاري ڪاميٽي جون واڳون اڄ ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي هٿن ۾ آهن، جيڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي ۽ فڪري ورثي کي وڏي  جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌائڻ جو حوصلو ۽ عزم رکي ٿو. اسان سڀني  کي گهرجي ته ڪامريڊ ثمر جتوئي جا هٿ مضبوط ڪيون ۽ سندس جدوجهد ۾ هر ممڪن طريقي سان ساٿ ڏيون ته جيئن هو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي محسوس ٿيندڙ کوٽ ۽ ضرورت کي پورو ڪرڻ جو ڪو اتساهه وٺي سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ حيدربخش ”حيدر“ جتوئي

[۱۹۰۰ع - ۱۹۱۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي زبان جو مشهور انقلاني ۽ عوامي شاعر، ”عاشق-سنڌ“ حيدر بخش ”حيدر“ ولد الهداد خان جتوئي، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”بکو ديرو“ ۾، ۱۹ شوال ۱۳۱۹هه مطابق ۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع تي ڄائو هو. سندس والد پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ تر جو نامور زميندار هو. سندس نظر فيض اثر هيٺ ”حيدر“ ابتدائي تعليم پوري ڪري، ۱۹۲۷ع کان روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. جتان ترقي وٺي، ۱۹۳۱ع ۾ مختيارڪار ۽ ۱۹۴۱ع ۾ ڊپٽي ڪيلٽر جي عهدي کي خيرباد چئي، قومي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪيائين.

سندس شخصيت سنڌ جي عوام آڏو هڪ محب وطن شاعر ۽ هڪ دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اُڀري. ٻنهي صورتن ۾ سندس شخصيت جي انفراديت پئي بکي، جيئن ته ”حيدر“ هڪ شاعر ۽ ”جتوئي“ هڪ دلير سياستدان انگريزن جي خلاف پڌري پٽ عملي ڪردار ادا ڪيائين. ڪجهه وقت صحافت جي ميدان ۾ ”هاري“ نالي اخبار به جاري ڪيائين. شاعريءَ جي شروعات ڪاليج جي زماني کان ئي ڪيائين. سندس ڪلام قومي نظمن، گيتن، بيتن ۽ غزلن تي ٻڌل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس فرزندن وٽ محفوظ آهي. سڌي الف-ب-وار هڪ ديوان به ترتيب ڏنو هئائين.

هن انقلابي شاعر جي ڪلام ۾ سوز ۽ عشق نالي ماتر آهي. دسته-ناز، تير مزگان ۽ برق جمال وغيره لفظن بجاءِ هاري، هر، ڏاٽو، ڪوڏر ۽ بيل گاڏي وغيره جو جاءِ بجاءِ ذڪر ملي ٿو. محبوب جي وفائيءَ عيوض، قومي ڀائرن جي ڏکن ڏاکڙن ۽ اهنج سهنج جي درديلي داستان لاءِ مالڪ مهربان سان شڪوه ڪري ٿو. مطلب ته ڪامريڊ جي ڪلام ۾ هر هنڌ فراق ۽ ڦوڙائي؛ ۽ حسن ۽ عشق جي برخلاف ملڪي ۽ قومي سوزوگداز ملي ٿو.

غريب هارين جي حقن خاطر ۱۹۳۰ع ۾ ”تحفه سنڌ“ نالي ڪتاب به ڪڍيائين؛ جنهن تي انگريزن کيس قيد جي ڪوٽن ۾ به رکيو. غريبن لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ”حيدر“ ڪيئي پيرا پاڻ تي جيل جا دروازا به بند ڪرايا سندسن نظمي ڪتاب: ”آزادي قوم“ ۽ ”هاري گيت“ آهن. نثري تحريرن ۾ ”هاري ڪهاڻيون“ ۽ ”هاري انقلاب“ بيحد مقبول ٿيا. ذوالحج ۲۶، ۱۳۹۰هه مطابق ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ وفات ڪيائين. کيس حيدرآباد ۾، ميان غلام شاه ڪلهوڙي (وفات ۱۱۹۶هه) جي قبرستان ۾ آرامي ڪيو ويو. سنڌ سرڪار سندس قومي قربانين عيوض، سندس نالي پٺيان ”حيدر هالٽ ريلوي اسٽيشن“، سندس ڳوٺ جي سامهون قائم ڪئي آهي. هيٺ نمونهءِ ڪلام ملاحظه فرمايو:-

ڀلي آئين، جي آئين، درياه شاهه!

ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ستلج ۽ جهلم نمسڪار تي،

ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي،

ٿين توتي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،

ڏين پنهنجو پاڻ، لهن وصل تنهنجو،

جو ميلو سمايل فنا اندر آهه!


 

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

هارين جو حامي

شوڪت چاچڙ

غريب هارين جو حامي، ترقي پسند سوشلسٽ، انقلابي شاعر ۽ جاکوڙي انسان، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ’بکو ديرو‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو فقير الهداد جتوئي هو. حيدر بخش جتوئيءَ، ابتدائي تعليم پنهنجي ويجهي ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪريءَ مان ۱۹۱۱ع ڌاري ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۱۸ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۲۷ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين.

سال ۱۹۳۱ع ۾ هيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو. سن ۱۹۴۳ع کان ۱۹۴۴ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. ۱۹۴۴ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو ۽ پنهنجي مقرريءَ واري عرصي دوران فقيري مزاج هئڻ ڪري، هن هڪ ٻن حر مجاهدن کي ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏني.

 آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان ۱۹۳۵ ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، خدا ترسي، همدردي، قول ۽ فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ گڻن سان سنواريل هئي. حيدر بخش جتوئي جيڪو ڪجھ چيو اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. نوجوانن جا ذهن آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز ليڪچر ڏنا. هن اٻوجھ ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.

هن جي نرالي سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو هڪ ’انقلابي‘ ۽ ’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري راھ جو پانڌيئڙو هو. هن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ۽ ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن موضوعن سان ڀريل هو. هن ان دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي ٽن حصن: (۱) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (۲) قومي ۽ انقلابي شاعري، (۳) اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن، جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراھ ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد هو، سنڌ جو سچو عاشق هو.

هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾:(۱) سلام سنڌ (۱۹۴۷ع)، (۲) حيوان انسان (۱۹۴۷ع)، (۳) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام محبت پيئي سنڌ (۱۹۴۷ع)، (۴) بلوچستان زنده باد (طنزيه) (۱۹۴۷ع)، (۵). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سـونهـاري (۱۹۴۷ع)، (۶) پاڪستان زنده باد (۱۹۴۷ع)، (۷) ائٽم بم (طنزيه) (۱۹۵۳ع)، (۸) سنڌ پياري (۱۹۵۴ع)، (۹) اي سنڌي وڏيرا ڪجھ انسان ٿي (۱۹۵۴ع) ۽ درياھ شاھ جهڙا لافاني نظم شامل آهن. هن جا طويل نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب انگريز حڪومت ضبط ڪيا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا، کيس ان ڳالھ ۾ پختو ايمان هو ته جڏهن به سنڌ ۾ تبديلي رونما ٿيندي ته ان جي واڳ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي سان هو. جتي هن پنهنجو هوش سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجھ، مسڪين هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي ڏٺو. هو شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ لڳو، جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجھ ڪري سگهي. سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽ سائين جي. ايم. سيد شامل هئا، جن هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي ۱۹۴۷ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي آخري وقت تائين رهيو. هن هارين جي حقن لاءِ جيڪي قابل تحسين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، تن جو وچور ڪجھ هن ريت آهي: هن هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ ان ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريائين. سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جون آفيسون قائم ڪيائين. ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا آندائين. سنڌ جا دورا ڪري هارين کي پنهنجن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين. سال ۱۹۴۵ع کان ۱۹۴۷ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ڪري، ان کي ڪامياب ڪيائين. سال ۱۹۵۱ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين. سال ۱۹۴۷ع ۾ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽ انهن جا مطالبا مڃرايائين. سال ۱۹۵۸ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪري، هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ڏنائين. هارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتهار ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين.

ذڪر ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري هن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هارين کانسواءِ عام ماڻهن ۾ به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي لقب سان سڏيو ويو. هن هاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن ۱۹۴۵ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. ۱۹۵۱ع ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط هئڻ سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاھ ۽ سانگهڙ ۾ ۾ بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم فرزند پنهنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري، ۳ مارچ ۱۹۷۰ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، پر پوءِ به اديبن، عالمن، شاعرن، نثر نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو. سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لاڏاڻو ڪيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس وڙهندڙ

پروفيسر اعجاز قريشي

سنڌ جو سپوت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو پيار ۽ پاٻوهه مان ’باباءِ سنڌ‘ سڏين ٿا. ان جي پاران سنڌ جي عام غريب مسڪين ماڻهن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي وئي، ان ۾ هاري حقدار تحريڪ هڪ وڏو تاريخي ڪارنامو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تحريڪ جي ڪري ئي سنڌ جي بي زمين ۽ صدين کان ماريل هيسيل هارين کي زمينون مليون ۽ اُهي پنهنجي روزي روٽي ڪرڻ لڳا، ڪامريڊ جتوئي جو ٻيو وڏو ڪارنامو سنڌ اسيمبليءَ مان ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ هو، جنهن سان هارين جا ڪيترائي حق قانون ۾ مڃيا ويا. اهڙي ڪردار سبب عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ڪامريڊ رڳو هارين لاءِ جاکوڙ ڪئي پر حقيقت ۾ ڪامريڊ هاري هلچل سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي حقن ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام اهم ۽ مُهڙ وارو ڪردار نڀايو. آئون اڄ ڪامريڊ جي وڇوڙي واري ڏينهن تي خراج تحسين طور سندس سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد خاص طور تي ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ٽوڙڻ واري جاکوڙ ۾ ڪامريڊ جي ڪردار کي وس آهر نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هونئن ته سنڌ سان ناانصافين جي ڪهاڻي ڊگهي آهي پر مختصرن ڏسبو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ئي انهن جو نئون باب شروع ٿي ويو. ۱۹۴۸ع ۾ ئي سازشون شروع ٿي ويون، سنڌي ٻولي ميڊيم اسڪولن کي ڪراچيءَ ۾ بند ڪيو ويو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪيو ويو. جنهن جا سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي معيشت مٿان تمام گهڻا ناڪاري اثر پيا، پر جڏهن حڪمرانن جو اڃا به هانءُ نه ٺريو ته انهن ۱۹۵۴ع ۾ هڪ زبرو وار ڪندي اسيمبلي ميمبرن کان لٺ ۽ چٺ ذريعي ٺهراءُ پاس ڪرائي ون يونٽ مڙهي ڇڏيو. جنهن تحت صدين کان موجود قومن سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ پنجابين جي قومي ورثي، ثقافت ۽ وجود کان انڪار ڪندي ملڪ جي هڪ حصي کي اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۽ ٻئي حصي کي اولهه پاڪستان (هاڻوڪو پاڪستان) قرار ڏنو ويو ۽ اولهه پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ لاهور کي ٺاهيو ويو ۽ جڏهن اها ناانصافي واري روش شروع ٿي ته سنڌ جي گهڻ گهرن پهرئين ڏينهن کان ئي مزاحمت شروع ڪئي، اها تحريڪ ۱۹۵۴ع کان ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي تائين لاڳيتي جاري رهي. ۱۶ ورهين واري مسلسل جدوجهد ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، محمد بخش ڌامراهه، نبي بخش کوسو، نور الدين سرڪي، حفيظ قريشي، يوسف لغاري، مسعود نوراني سراج الحق ميمڻ، تنوير عناسي، جمال ابڙو، شمشير الحيدري، فتاح ملڪ، حميد سنڌي، ناصر مورائي، سليم خواجا، شوڪت سنڌي، امداد حسيني ۽ خاڪي جويي سميت ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سياسي، سماجي توڙي ادبي محاذ تان ويڙهه ڪري رهيا هئا. انهيءَ سڄي جدوجهد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو تمام وڏو ڪردار هو ۽ هن عملي جدوجهد ۾ جلسا جلوس مقرر ڪرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجن مضمونن، پمفليٽن ذريعي حڪمرانن جي سنڌ خلاف سازشن کي وائکو ڪيو، اهو به اهڙي ريت جو حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هو لاجواب ٿي ويهي رهيا ۽ رڳو هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ کيس جيل موڪليندا رهيا پر جيلون هن مانجهي مرد جي حوصلي کي هڪ تِر جيترو به هيڻو نه ڪري سگهيون. ون يونٽ خلاف لکيل هڪ پمفليٽ، سنڌ سان ناانصافي II ۾ هن واضح نموني لکيو ته:

’پنجاب جا ٻه سياستدان چوڌري محمد علي ۽ اسڪندر مرزا سنڌ کي جيڪڏهن برطانيا دور جو انتظامي يونٽ سڏين ٿا ته اهي حقيقتن کان ڀليل آهن. سنڌ کي رڳو هڪ صوبو سڏڻ هڪ وڏي غلطي آهي. سنڌ هڪ وطن آهي. ساڳيءَ طرح پنجابي ۽ بنگالي به قومون آهن. سنڌ دنيا جي هيٺ ذڪر ڪيل ملڪن مان ايراضي ۽ آبادي جي ڀيٽ ۾ وڏو ملڪ آهي. آدمشماري ۾ عراق، شام، ڊينمارڪ، چلي، گوئٽيمالا، فلسطين، نيوزيلينڊ، ڪوسٽاريڪا، پاناما، بيلجيم، هالينڊ، البانيا ۽ لگزمبرگ کان سنڌ وڏي آهي.‘ ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ جي آبادي انهن سمورن ملڪن کان وڌيڪ هئي. لگزمبرگ ملڪ جي آبادي اُن وقت ٽي لک هئي ۽ ان جي ايراضي هڪ هزار چورس ميل هئي. اُن وقت انهيءَ ملڪ جي آبادي ۽ ايراضي سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي آبادي ۽ ايراضي کان به گهٽ هئي.

اهڙي طرح ڪامريڊ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ وقت هڪ پمفليٽ ڪڍيو، جنهن جو عنوان هو: ’اچو ته پاڪستان بچايون‘ جنهن ۾ ڪامريڊ ون يونٽ جي سازش کي ننديندي گورنر جنرل غلام محمد کي سڌي طرح مخاطب ٿيندي چيو ته: ’تون برطانوي سامراج جي هٿن ۾ کيڏڻ ڇڏي ڏي، توکي سڀ کان پهرين پاڪستان سان وفادار هجڻ گهرجي، تون ڊڪٽيٽرشپ جي مخالفت ڪر. تون سنڌين، بنگالين ۽ پٺاڻن کي به پنهنجو اهڙو ئي ڀاءُ سمجهه جهڙو تون پنجابين کي سجهين ٿو. تون اعتبار ڪر ته سنڌي پاڪستان جا وفادار آهن ۽ هو پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. ملڪ ۾ ڪابه ايمرجنسي جي صورتحال ڪانه هئي، جيڪا تو ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۵۴ع تي ملڪ مٿان لاڳو ڪئي. (جيڪا رڳو ون يونٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ هنئي وئي هئي) ون يونٽ پلان ختم ڪر. مون کي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي جڏهن ۱۹۶۹ع جي شروعات ۾ جتوئي صاحب سان گڏ اهو فيصلو ٿيو ته سنڌ جا اڳواڻ ۽ سڃاڻ ماڻهو گڏجي ون يونٽ خلاف سنڌ جي ڪجهه ضلعن جو دورو ڪندا ته جيئن سنڌي ماڻهن کي هن جدوجهد ۾ وڏي پيماني تي شامل ڪن. انهن اڳواڻن ۾ ڪامريڊ جتوئي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، قاضي محمد بخش ڌامراهه، حفيظ قريشي وڪيل، امان الله شيخ، شاهه محمد شاهه ۽ آئون گڏ هئاسين. پنجن ڇهن ڏينهن کانپوءِ آخري جلسو سڪرنڊ ۽ نوابشاهه ۾ ڪيوسين. ذوالحج جي نائين تاريخ هئي ۽ ٻئي ڏينهن عيد هئي، اسان مان ڪو به پنهنجي گهر نه ويو. سڀني گڏجي نوابشاهه ۾ عيد ملهائي، ان دور ۾ جذبي ۽ ولولي جي انتها هئي ۽ سنڌ سراپا تحريڪ هئي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي حقن لاءِ انگن اکرن سان جيڪا ويڙهه ڪئي، تنهن ۾ هن بخش جتوئي صاحب جا ٻه نوجوان پوٽا، اڪبر خان جتوئي ۽ ثمر جتوئي ڪامريڊ جي مشن کي جاري رکيو اچن انگريزي ۾ ۲۷ پمفليٽ ۽ سنڌي ۾ ۶ پمفليٽ لکيا ۽ ڇپرايا، ان کانسواءِ ڪيترائي ڪتاب، ننڍا مضمون، شاعري ۽ اخبارن ۾ مضمون ڊراما، ڪورٽن ۾ پٽيشنون ۽ سرڪار ڏانهن خط لکيا. بقول سائين محمد ابراهيم جويو جي ته: ’جتوئي صاحب کي دنيا جي اهم ترين پمفليٽ لکندڙن جهڙوڪ مارٽن لوٿر، ٿامس پين، والٽيئر ۽ انگرسال سان ڀيٽي سگهجي ٿو.‘ جتوئي صاحب سڄي عمر سنڌ هاري ڪاميٽي کي زبردست نموني سان هلايو. ان کانپوءِ سندس فرزند مظهر جتوئي، دادن خان جتوئي، ڊاڪٽر حاتم جتوئي، جن گڏيل طور تي سٺي جدوجهد ڪئي، انهن کانپوءِ جتوئي صاحب جي پوٽي اظهر جتوئي سهڻي نموني سان انهيءَ ڪم کي جاري رکيو ۽ وفات تائين ڪم ڪندو رهيو. موجوده وقت ۾ حيدر پيا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


حيدربخش جتوئي

سنڌ جي ترقي پسند ادبي تحريڪ جو سرواڻ

پروفيسر سرور سيف

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۱۹۰۱ع ۾ ڄائو، ۱۹۱۵ع ۾ سنڌي فائنل، ۱۹۲۳ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۲۷ع ۾ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي ڪئي، ۱۹۲۸ع ۾ھيڊ منشي طور ريونيو کاتي ۾ملازمت جي شروعات ڪيائين ۱۹۴۳ع ۾ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تان استعفا ڏئي عملي سياست ۾ آيو، سنڌ جي پيڙيل طبقي خاص طور ھارين جي حقن لاء جدوجھد جو آغاز ڪيائين ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.حياتي جي آخري پل ۲۱مئي ۱۹۶۹ع تائين ھارين ۽ ٻين پيڙيل طبقن جي حقن لاء جدوجھد ڪندو رھيو، جيل لاڪپ ڏٺائين وڏيرن پيرن جاگيردارن عوام دشمن قوتن سان سينه ٿي انھن کي للڪاريندو رھيو۽ ھر ان مسئلي تي آواز اٿاريائين وڙھيو جنھن ۾سنڌ سنڌ جي عوام ۽ غريب ھارين پورھيتن لاء جوکو ھو پريشاني ۽ جنجال ھو

ڪامريڊ حيدربخش جي زندگي جا شروعاتي سال جيڪي تعليم ۽ ملازمت ۾ گذريا يعني ۱۹۰۱ع کان ۱۹۴۳ع تائين اھي سنڌ خواه ھند لاء ھيجاني سال ھئا پھرين جنگ عظيم، ٻي جنگ عظيم ھزارھا ماڻھن جو خون ناحق، رت سان رڱيل دنيا، غلامي خلاف مختلف ملڪن ۾ ھلندڙ آزاديءَ جون تحريڪون، وک وک تي سامراجين جا کتل خوني چنبا، اذيتناڪ تشدد، عقوبت خانا، اسپين۾ گھٽي گھٽي رت جي راند، اٽلي ۾ رت پياڪن جون کيڏيل ھوليون، اوڀر يورپ تي فاشسٽن جا حملا، بمباري، اتحادين ۽ محورين جا بلاڪ جاپان جي شھرن تي ايٽم جي تباھي، مطلب ته سڄي دنيا ۾ شام غريبان جو منظر ھو، رولٽ ايڪٽ، جليانوالا باغ ۾ ڪوس خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ حر تحريڪ مکي جي جنگ، سنڌ ۾ قھري مارشلا ھندو مسلم فساد ڀڳت ڪنور ۽ پمناڻي جو قتل ھيمون ڪالاڻي کي ڦاسي سورھيه بادشاھ جي شھادت سياسي عدم استحڪام مطلب ته ھي سڄو عرصو ھند ۽ سنڌ ۾ ٻائيتال متل ھو۽ ان جو اثر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ معاشي ۽سماجي ابتري جي صورت ۾ ٿي رھيو ھو جنھن حساس ماڻھن خاص طور اديبن شاعرن کي گھرو صدمو رسايو ھو

ٻئي پاسي خطرو ھو ته دنيا ۾ فاشسٽ قوتون وڌندڙ اثر ۽ ٻل تي حاوي نه ٿي وڃن جن اديبن شاعرن کي للڪاريو پئي، گوئبلز جيڪو ھٽلر جي شر جو محرڪ ھو تنھن چتايو پئي ته اديب شاعر ۽ فنڪار فاشزم جو ساٿ ڏين يا سخت نتيجن لاء تيار رھن ۽ وڏي واڪ چيو پئي ته ليکڪ جيڪو فسطائيت جو ساٿ نه ڏيندو ان کي دشمن قرار ڏئي ڀيانڪ سزا ڏني ويندي .جيولس فيوچڪ ايني فرينڪ موسي جليل عتاب جو شڪار به ٿيا، انڌوناڪ مايوسي انارڪي خوف ۽ دھشت جي ھن ماحول۾ دنيا جي ڪجھ بي خوف امن جي پانڌيئڙ ۱۹۳۵ع۾ پئرس ۾ گڏجاڻي ڪئي ته جيئن دنيا مان خوف جي خاتمي، امن ڀريي ماحول لاء تحرڪ وٺجي فسطائي قوتن جي وحشت خلاف عوام جو ساٿ ڏجي، ھن گڏجاڻي ۾ جڳ مشھور اديب رومن رولان، گورڪي، طامس مان ھينري باربوس ۽ اندري مارلو شريڪ ٿيا جڏھن ته لنڊن ۾پڙھندڙ برصغير جا نوجوان شاگرد۽ ليکڪ ڊاڪٽر راج آنند ۽ سجاد ظھير به ان ۾ شامل ٿيا ھن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ دنيا ۾ امن جو قيام، فاشزم خلاف سينه سپر ٿيڻ، عوام سان عملي طور گڏ بيھڻ ۽ اھڙو ادب تخليق ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو جنھن سان عام ماڻھن جي دلين جي ترجماني به ٿئي ته رھنمائي به انھي گڏجاڻي کان ڪجھ مھينا اڳ لنڊن جي ھڪ ھوٽل ۾ برصغير جي نوجوان شاگردن، ليکڪن جو اجلاس ٿيو ھو جنھنجا ميزبان راج آنند۽ سجاد ظھير ھئا انھن کي ڪوي ٽيگور جي حمايت حاصل ھئي ٽئگور پئرس گڏجاڻي ۾ به شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري ھئي پر شريڪ ٿي نه سگھيو ھو، لنڊن جي ان ھوٽل ۾برصغير جي عوام جي رھنمائي، عوامي حلقن ۾ سياسي سماجي سجاڳي لاء انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو ويو ۽ ان ۾جيڪو پڌرنامو طئي ڪيو ويو ان تي ھندستان جي ڪئي نامور اديبن بعد ۾ صحيحون ڪيون اپريل ۱۹۳۶ع ۾ انجمن جي پھرين ڪانفرنس لکنئو ۾ ٿي جنھن جي صدارت منشي پريم چند ڪئي ۽ ايئن برصغير ۾ ادب ۾عوام جو آواز، ادب براء زندگي جي شروعات ٿيڻ جنھن جو نامور اردو ھندي بنگالي ۽ ٻين سڀني زبانن جي نمائنده اديبن خير مقدم ڪيو قنھن ۾ مولانا عبدالحق، حسرت موھاني قاضي عبدالغفار، فراق مجنون گورک پوري ۽ جوش مليح آبادي شامل ھئا ۽ ايئن ھي قافلو روان دوان ٿيو جنھن ۾ مخدوم محي الدين احتشام حسين حيات انصاري رشيد جھان فيض احمد فيض ڊاڪٽر تاثير احمدعلي۽ ٻيا شامل ھئا انھن مان اڳتي ھلي تاثير ۽ احمد علي رجعت پسندن سان وڃي بيٺا ممتاز مفتي، حسن عسڪري ۽ انتظار حسين جي ڪيمپ ۾ وڃي داخل ٿيا ممتاز شيرين به ايئن ئي ڪيو، ۱۹۳۶ع جي ھن پھرين ڪانفرنس ۾جيڪو پڌرنامو منظور ڪيو ويو ان ۾ چيو ويو ھو ته ڏکڻ ايشيا جي اديبن جو فرض آھي ته خطي ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين تي ڀرپور راء جو اظھار ڪن سائنسي عقليت پسندي کي فروغ ڏيندي ترقي پسند تحريڪن جي حمايت ڪن ۽ اھڙو تنقيدي انداز اختيار ڪن جنھن سان نسل مذھب جنس جنگ ۽ سماج جي باري ۾ رجعتي ۽ ماضي پرستي جي خيالن جو سدباب ٿي سگھي ۽ اھڙن ادبي لاڙن کي روڪين ۽ رد ڪن جنھن سان فرقه پرستي نسلي تعصب ۽ انساني استحصال جي بوء اچي

ھن پڌرنامي ۾ چيو ويو ته انجمن جو مقصد ادب ۽ آرٽ کي انھن رجعت پسند قوتن جي چنبي مان آجو ڪرائڻ آھي جيڪي پاڻ سان گڏ ادب ۽ فن کي به ڪنھن وڏي کڏ ۾ اڇلائڻ چاھين ٿا، اسان کي ادب ۾ زندگي جي بنيادي مسئلن کي موضوع بڻائي بک غربت سماجي پستي ۽ غلامي خلاف جدوجھد ڪرڻ گھرجي

انجمن جو بنيادي متو ھڪ اھڙي بين الاقوامي رشتي جو بنياد وجھڻ ھو جنھن ۾ قومي ۽ جاگرافيائي حدن جو نه پر انسانيت جو احترام ھو جنھن ۾ قومي برتري نه پر انصاف محبت ۽آزادي جا جذبا مقدم ھجن

ٽيگور اديبن کي لکيل خط ۾ چيو ھو ته “اديبن شاعرن کي عوام سان رلي ملي وڃڻ کپي ۽ سمجھڻ کپي ته جيئن بيگانگي ۽ دوري نه رھي، انسانيت ۽ سماج سان محبت ڪرڻ کپي، اھو ادب جيڪو انسانيت ۽ سماج سان ھم آھنگ نه آھي اھو ناڪام ۽ نامراد آھي”

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي انجمن سان وابسته نه ھو پر ھو ان جي قيام کان به اڳ ئي ترقي پسند سوچ جو حامل ھو ۽ ادب براءِ زندگي ۽ ادب عوام جي آواز جو نقيب ھو ھن جي دنيا جي اٿل پٿل ۽ ھر سرگرمي تي نظر ھئي سندس لکڻيون پئرس، لنڊن ۽ لکنئو پڌرنامن جي عين مطابق ھيون ھن ۱۷سالن جي عمر ۾شعر چوڻ شروع ڪيو سندس پھريون شعر اخبار تعليم ۾ ڇپيو”آ صبر تي راضي ڏاڍو ذوالجلال “

۱۹۲۷ع ۾ ڊي جي ڪاليج مخزن “سرسوتي”جو ايڊيٽر ھو جنھن ۾ سندس مرثيا رباعيون ۽ غزل ڇپيا، ۱۹۳۱ع۾ جڳ مشھور تحفهء سنڌ لکيائين جنھن ۾ ترقي پسند خيال پيش ڪيائين ان ۾ ھڪ طويل نظم “شڪوه” ھو جنھن ڀونچال آڻي ڇڏيو جنھن تي فتوائون آيون ياد رھي ته علامه اقبال به اڳ ۾”شڪوه”لکيو ھو ۽ پوء معافي وٺي تائب ٿي “جواب شڪوه “لکيو ھئائين، علامه اقبال جي شڪوه مسلمان جي شڪوه ھئي پر حيدر بخش جي شڪوه انسان جي شڪوه ھئي جنھن تي حيدر بخش اڏول بيٺو رھيو پير وڏيرا مير سندس مخالف ٿي بيٺا نوڪري وڃائڻ لاء ۽ سرڪاري طور قدم کڻڻ لاء سرھندي پيرن سميت ڀنڊي ٻاري وئي، ميران محمد شاھ ايوب کھڙو علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين ته سندرو ٻڌي بمبئي گورنر وٽ وڃي پھتا .سر شاھ نواز ڀٽي جتوئي صاحب لاء گورنر کي قائل ڪيو ۽ جتوئي صاحب اڏول بيٺو رھيو

حيدر بخش جتوئي عالمي ادب جو پاڙھو ھو ۽ سندس نظر شروع کان ئي دنيا ۾ ايندڙ سياسي سماجي اٿل پٿل تي ھئي ماڪسزم کان شروع کان ئي متاثر ھو داس ڪيپيٽال جو سنڌي ۾ ترجمو شروع ڪيائين، پيڙيل طبقن خاص طور ھارين جي اھنجن سورن سندن ابتر ڏکي جيوت مٿس وڏو اثر ڪيو ان ڪري انھن جي سڄاڳي، انصاف ۽ انھنجي حقن لاء با اثر نوڪري کي لت ھڻي عملي جدوجھد جي ميدان ۾ آيو ۽ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو سندس شعر و سخن جو موضوع ھاري پيڙيل طبقا ۽ سنڌ بڻيا

انجمن ترقي پسند مصنفين سڄي ملڪ ۾سرگرم رھي پر سنڌ ۾ انھن جي پاران ڪوبه ڪم نه ٿيو پر پنھنجي ليکي ھتي ترقي پسند ادب سرجيو ويو جنھن جو مھندار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ئي ھو، ڪشن چند بيوس، امرلال ھنڱوراڻي شيخ اياز گوبند پنجابي گوبند مالھي جيڪو به لکيو اھو ۱۹۳۵۽ ۱۹۳۶ع جي انجمن جي پڌرنامن جي عين مطابق ھو

انجمن جي قيام جي سال گوبند مالھي” نئين دنيا “ رسالو ڪڍيو جنھن ۾ ڪامريڊ جتوئي جون تحريرون ڇپيون، ڪشن چند جو شيرين شعر پوء يعني ۱۹۳۷ع ۾آيو بعد ۾ ڦولداني ۽سامونڊي سپون آيا گوبند پنجابي جون سرد آھون نثر ۾ ترقي پسند ادب جو ترجمان ڪتاب آھي

ڪامريڊ سجاد ظھير روشنائي ۾ ۽ سردار جعفري ڪتاب ترقي پسند ادب ۾ ترقي پسند ادب جي حوالي سان ڪامريڊ حيدربخش سميت ڪنھن به سنڌي اديب جي روشن خيال تحريرن جو ذڪر ئي نه ڪيو آھي ۽ نه سنڌ ۾ انجمن ترقي پسند جي سرگرمين جو ذڪر ڪيو آھي ورھاڱي کان گھڻو پوء انجمن جون سرگرميون ڪراچي ۾ شروع ٿيون ، جڏھن ته “سنڌي ادبي سرڪل” ۽ “سنڌي ادبي سنگت” سنڌ ۾ ترقي پسندادب جي فروغ لاء گھڻو وقت اڳ کان پنھنجون سرگرميون جاري رکيون حالانڪ سجاد ظھير علاقائي زبانن کي قومي زبانن جو درجو ڏيڻ جي ڳالھ ڪندو رھيو، آل سرور ۽ سردار جعفري به پنھنجي تذڪرن ۾ جتوئي صاحب سميت سنڌي روشن خيال اديبن جي ذڪر کان گريزان رھيا

ڪامريڊ حيدر بخش جي شاعري ۽ نثر جو محور ھاري ھئا.ھاري ڪھاڻيون، ڪمدار جا ڪارناما (ناٽڪ) ھاري حقدار ۽ ڪسان ھفتيوار اخبارون ۽ نظم ان جا ساکي آھن جڏھن ته انجمن سان وابسطه اردو ليکڪ صرف مزدور ۽ انھن جي مسئلن تي لکندا رھيا

سردار جعفري صاحب “ترقي پسند ادب” ۾ لکيو آھي ته انجمن سان وابسته اديبن جو الميو اھو ھو ته اھي پنھنجو پيغام ھارين تائين پھچائي نه سگھيا اھي مزدورن ۽ ٻين طبقن تائين ته پھتاپر ھارين جي مسئلن ڏکن سورن جي انھن کي ڀڻڪ به نصيب نه ٿي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جو سرواڻ ھو جنھن ۱۳نظم جا ڪتاب چار نثر۽ ڪيئي انگريزي ۽ سنڌي ۾ پمفليٽ لکيا جيڪي تاريخي حيثيت رکن ٿا سندس انقلابي روشن خيال ترقي پسند وطن دوست نظمن ۾ آزاديء قوم مخمس، سنڌ پياري، حيوان انسان جيئي سنڌ، سنڌ جو دلبر ھوش محمد، اي مٺي جيجل اي سونھاري سنڌ، بلوچستان زنده باد، پاڪستان زنداباد سلام سنڌ وغيره شامل آھن

ڀاء آ پنھنجو ھر انسان

پنھنجو آھي ھي ايمان

پنھنجو آھي ھي اسلام

جيئي سنڌ، جيئي سنڌ

ڪينو فتنو ٿئي برباد

قرب محبت زنداباد

پنھنجو آھي ھي پيغام

جيئي سنڌ، جيئي سنڌ

(حيدربخش حيدر)

پروفيسر سرور سيف

جتوئي کي نه مئل سمجھ، جتوئي آھي زنده سيف

جي جيئي سنڌ زندھ آ ته زنده آ جتوئي اڄ

 

(سرور سيف جي فيسفڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)


حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ جدوجهد جي ڪٿا

رام چند اوڏ

ڪامريڊ جو دور سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڏکيو هو. ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۲۸ نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جو دور آهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد عيوض ڪامريڊ مسلسل جيل ياترائون ڪندو رهيو. ايوبي مارشلا ۾ ڪامريڊ ڪڏهن ريل ۾، ته ڪڏهن جيل ۾! ڪهڙي جيل جو درشن ڪامريڊ نه ڪيو. سکر، ساهيوال، ڪئمبلپور، ڪراچي، مڇ، حيدرآباد. جيل مان ڇٽي اچي ته گڏجاڻيون ڪندو هو ۽ جدوجهد جاري رهندي هئي! ڪامريڊ جلسا جلوس ڪرڻ، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ ٻيون تحرير، تقرير ۽ عملي طور هاري دوست سرگرميون جاري رکي ٿو. اخبار مواد نه ڇاپي ته پاڻ پيو پمفليٽ لکندو، ڇپائيندو ۽ ورهائيندو هو: سنڌ سان ناانصافي، سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير، ون يونٽ ۽ جمهوريت، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟ ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سميت چاليھه کن پمفليٽ ڪامريڊ لکيا، جيڪي گهڻا تڻا انگريزي ۾ هئا. سرڪار پمفليٽن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. حق لکڻ جي پاداش ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سلام سنڌ_ جيئي سنڌ جي عنوان سان شعر لکڻ عيوض نظر بند ڪيو ويو. اهو شعر اڳتي هلي نعري ۽ پوءِ تحريڪ ۾ تبديل ٿيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ انقلابي جدوجھد جو تاريخي پسمنظر آهي.

برطانوي سامراج نه صرف جاگيردارن جو طبقو پيدا ڪيو، پر انهن کي سياسي طاقت طور اُڀار ڏنو. ۱۷۹۳ع ۾ بنگال اندر پرمننٽ ري_سيٽلمينٽ ايڪٽ تحت زمين جاگيردارن جي ذاتي ملڪيت قرار ڏني وئي، يعني مستقل رهائشي قانون زمين جي ذاتي ملڪيت جو حق ڏنو. انگريزن پنهنجي فرمانبردارن ۽ وفادارن کي تحفي طور زمينون ڏنيون. سنڌ ۾ جيڪو به بغاوت جي بجاءِ سلامي ڀري سرخرو ٿيو، انهن کي جاگيرون الاٽ ٿيون. ايئن ٽالپر، سيد، سوڍا ۽ بلوچ قبيلائي سردار انگريزن جا نظرياتي حامي هجڻ ڪري جاگيرن جا مالڪ ٿيا. حيدر بخش جتوئي انگريز بيٺڪيتي نظام خلاف به ٿي بيٺو هو.

سنڌ ۱۹۲۰ع کان ۱۹۳۶ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي. سنڌ ۾ بئراجن جي تعمير جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي وئي. ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ سان ويھه لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي. جڏهن ته ۱۸۹۹ع ۾ جمڙائو واھه ٺهيو. ٻين صوبن مان ماڻهو لڏائي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي هئي.

هاري ايسوسي ايشين جو بنياد ۱۹۳۰ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پيو. جمشيد نسروانجي، قادر بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، مسٽر گوڪلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ عبدالقادر ان تنظيم جو بنياد رکيو. ان جا بنيادي مطالبا هي هئا:

اڌ بٽئي وارو نظام رائج ڪرڻ

هارين جي زمين تان بي دخلي روڪڻ،

سکر بئراج جون زمينون هارين کي ڏيارڻ

۱۹۳۶ع ۾ هاري ڪميٽي جو مرڪز حيدرآباد ٿيو. اڳتي هلي مختلف تنظيمن کي ضم ڪري ان جو نالو سنڌ هاري ڪميٽي رکيو ويو.

حيدر بخش (۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع کان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع) ڊپٽي ڪليڪٽر هو. نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته وڏيرا هارين جي پگهر تي پلجي مٿن ظلم ڪري رهيا آهن. حيدر بخش جي زماني ۾ وڏيرا هارين تي ڪتا بڇيندا هئا. ڳوڻين ۾ بند ڪري ماري ڇڏيندا هئا. هو هارين سان اتياچار تي خاموش ٿي نه ويٺو.

۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تان سبڪدوش ٿي، حيدر بخش جتوئي هاري پورهيت ڪلاس لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي. هي هارين لاءِ مخلصاڻي جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.

حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ کي منظم ڪيو. ڪامريڊ ڪميٽي جي منشور ۽ تنطيم سازي ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بيهڪ هن ريت هئي:

ڪائونسل ( اسيمبلي)

ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ڪابينا)

ديھه ڪاميٽيون

ڳوٺ ڪاميٽيون.

هن تنظيمي اسٽرڪچر مان پتو پوي ٿو ته ڪامريڊ سامهون هيٺين ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه اهميت هئي. اهو هاري ڪميٽي جي ڪامياب جدوجهد جو راز هو.

۲۲ جون ۱۹۴۶ع ۾ جهڏي شهر ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. ان وقت اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ وڌڻ لڳي هئي. هاري ڪميٽي جا ورڪر جهنڊا کڻي کري تي پهچي ويندا هئا.

مائي بختاور ٽالهي اسٽيشن ( ديھه هيدو) ۾ هارياڻي هئي. بختاور هاري ولي محمد لاشاري جي زال هئي. ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ بٽئي جو مرحلو هو. چوڌرين ڍڳا گاڏي تي اچي زبردستي ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بختاور ۽ ٻين هارين مزاحمت ڪئي. نتيجي ۾ چوڌرين گولين جا برسٽ هلائي مائي بختاور ۽ ڪجھه ٻين هارين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ مير محمد ۽ ٻيا هاري اڳواڻ جاءِ واردات تي پهتا. شهيد جي ناحق خون تي اسماعيل خالد ۽ سعيد کي عمر قيد جي سزا آئي.

هارين جي حقن لاءِ حيدر بخش اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ۱۹۴۶ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اليڪشن لاءِ شهداد ڪوٽ مان سلطان احمد چانڊيو سامهون بيٺو، ۽ ڌانڌلين ذريعي کيس هارايو ويو.

ڪامريڊ قومي سوال تي واضح سماجوادي هو. ڪامريڊ حيدر بخش گڏيل هندوستان جي دور کان ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. ڪانگريس ۽ ڪسان سڀا سان ڪن نقطن تي هاري ڪميٽي جو سياسي اتحاد هو. حيدر بخش جتوئي هندستان جي ورهاڱي جو مخالف هو. ڇو ته ڪانگريس نه صرف انگريز مخالف آزادي پسند پارٽي هئي، پر ساڳي وقت جاگيردار مخالف به هئي. جڏهن ته مسلم ليگ زميندار طبقي جي نمائنده جماعت هئي. لياقت علي خان سنڌ کي پناھگيرن جي آماجگاھه بڻايو. ۱۹۴۸ع تائين ۵۵ لک پناھگير سنڌ ۾ آيا.

۱۹۵۰ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو. چڪ ٺاهي، لاڙ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون. هاري ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي هارين کي ڏنيون وڃن. هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ چوويھه ايڪڙ في هاري جي حساب سان هڪ لک ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي. ڪامريڊ جو هڪ ڪارنامو بئراجي علائقن: گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج مکي ٻيلو جون زمينون هارين کي ڏيارڻ هو. پنجاھه لک جي لڳ ڀڳ زمين هارين کي ڏيارڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي.

هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ۱۱ مئي ۱۹۵۰ع ڌاري سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو. بل پاس ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ پندرهن هزار هارين ڪراچي ۾ مارچ ڪري چوويھه ڪلاڪن لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو هو. بعد ۾ ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪيون ويون.

ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو اهم ڪردار آهي. ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. ۱۹۵۹ع ۾ زرعي سڌارن لاءِ ڪميشن جوڙي وئي. ان پويان ڪارفرما مقصد هيءَ هو ته زرعي سڌارن جي نالي اهڙو پريشر وجهجي جو جاگيردار آمريت جي حمايت ڪن. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم “ڪارنامو” وڏيرن ۽ زميندارن کي پيپلز پارٽي جو پليٽ فارم ڏيئي مچائي مواڙ ڪرڻ هو. سندس دورِ اقتدار ۾ بظاهر جاگيرداري جي خاتمي لاءِ زرعي سڌارن جو اعلان ٿيو. وڏيرا سندن ڇاڙتن ۽ رشتيدارن جي نالي کاتا ٺهرائي ٻنيون بچائي ويا. ايوب ۽ ڀٽي جي زميني سڌارن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو.

حيدر بخش جتوئي “هاري حقدار” جو نعرو هنيو ۽ ان نالي سان سنڌي ۽ انگريزي ۾ اخبار جاري ڪيائين. هاري حقدار جو مطلب آهي هاري پيدوار جو حقدار آهي: جيڪو کيڙي سو کائي. ڪامريڊ هاري مزاحمتي سياست جو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو. هاري ڪميٽي جي موجودگي سبب زميندار هارين سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ لازوال باب آهي، جيڪا مظلوم دوست سياسي دڳ جا مضبوط بنياد رکي ٿي ۽ تسلسل جوڙي ٿي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

وساريان نه وسرن

آزاد انور مھر

جڏهن به ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هارين جي حقن لاءِ تحريڪ جو نالو اڀري ٿو تڏهن پڪ سان پهريان سندن ڌيان سنڌ جي ان مُوڪِرين مُڇن واري هشمت ڀري ان هستيءَ ڏانهن وڃي ٿو جنهن سنڌ جي هارين کي ميڙي مٺ ڪيو جنهن وڏيرن ۽ زيادتي ڪندڙ زميندارن کي ڏندين آڱريون ڏنيون.۲۱ مئي اڄ ان شخص جي ۵۳هين ورسي آهي جنهن سنڌ جي پيڙهيل هارين بنيادي حقن لاءِ ڏاٽي وارو ڳاڙهو جهنڊو بلند ڪيو ۽ اهو جهنڊو هن جي هٿ ۾ تيستائين اڀو رهيو جيستائين هن جي هٿن جي آڱرين ۾ زندگيءَ جي طاقت موجود هئي. اهو شخص جنهن جو نالو حيدر بخش جتوئي هو تنهن جي انقلابي ڪردار ۽ هارين جي حقن لاءِ هلايل شاندار جدوجهد سبب سنڌ واسين کيس “ڪامريڊ” جو لقب ڏئي ڇڏيو ۽ اڄ تائين اهو لقب سندس نالي جو اڻٽٽ حصو بڻيل آهي. انڪري سنڌ واسي کيس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ طور سڃاڻين ٿا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي نه رڳو دنيا آڏو سنڌ جي هاريءَ جو حقيقي درد اجاگر ڪيو پر ان سان گڏوگڏ هن سنڌ جي هارين ۾ سندن بنيادي حقن جي حصول لاءِ شعور پيدا ڪرڻ لاءَ وڏي جدوجهد ڪئي ڇو ته جنهن دور ۾ ڪامريڊ سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ان دور ۾ سنڌ جون سياسي حالتون موجوده وقت جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون ڏکيون هيون انڪري ڪامريڊ هارين کي بيدار ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، هو هڪ ئي وقت هارين جي انهن مسئلن لاءِ به وڙهندو هو جن جو حل سڌيءَ ريت حڪومت وٽ هوندو هو گڏوگڏ هو هارين جي اهڙين مسئلن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو جيڪي مسئلا لوڪل وڏيرن جا پيدا ڪيل هوندا آهن ساڳئي وقت هو جهر جهنگ هارين جون گڏجاڻيون ڪري کين متحد ۽ منظم ڪندو هو. اهي سڀ ذميواريون اڪيلي سر پنهنجي سر تي کڻندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي جوهر ۾ وڏو نقاد هو جنهن سنڌ ترقي پسند فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ “جيئي سنڌ” جهڙا مشهور گيت لکيا.

اڄ ڪامريڊ پڄاڻان سنڌ جي هارين جو حقن جو ڪوبه مضبوط آواز ڪونهي سنڌ جا هزارين هاري نه رڳو اڪيلا آهن پر وڏيرن ۽ زميندارن جي ڏاڍ هيٺ آهن، انڪري اڄوڪي دور ۾ ان سچي ڪامريڊ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي جنهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ پنهنجي انقلابي جلوي کي ظاهر ڪيو. اڄ انقلابي دنيا کي نظرياتي ڏڪار جهڙي مرض جي مشڪلات درپيش آهي ۽ ڪيترائي جدوجهد ڪندڙ انقلابي جوڳي پنهنجي من مرلين تي انقلابي گيت ڳائڻ ۽ اجتمائي مفاد بجاءِ ذاتي مفاد لاءِ حڪومتن جي شان ۾ سهرا ڳائي رهيا آهن ۽ اڄوڪي دور ۾ مختلف سببن جي ڪري ماڻهو ڪامريڊ لفظ کي ڪراهت سان اچارين ٿا تنهن دور همٿ ۽ هشمت جي مينار حيدر بخش جتوئيءَ نالي اڳيان لڳندڙ لفظ “ڪامريڊ” پنهنجي ساڳئي عزت وقار مان ۽ مرتبي سان ڀريل آهي ۽ ڪنهن سنڌي ليکاريءَ کي اها همٿ ئي نه ٿيندي هو سنڌ جي هن اڳواڻ جي شان ۾ ڪو تنقيدي يا طنزيا جملو لکي ڇاڪاڻ ته حيدر بخش جتوئيءَ جو وجود ان ڳالهه جو زنده دليل آهي ته هاري انقلاب ڪنهن ديواني جو خواب ناهي نه وري اهو ڪنهن گذري ويل قصي ڪهاڻي جيان پنهنجي حقيقت وڃائي چڪو آهي. اڄ به سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو نالو انقلابي تاريخ جي مومل اڳيان ڪنهن ڪاڪ جي راڻي جيان آهي.

هاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي آفيس لاءِ پنهنجو گهر ڏئي ڇڏيندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جهڙي عهدي تان استيفيٰ ڏني ۽ رابطن جي سخت ڏڪار واري ان دور ۾ انڪري پنهنجي هفتيوار اخبار “هاري حقدار” اخبار ڪڍي ته جيئن سنڌ جي هارين جا مسئلا انهن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد اٿندڙ آواز کي سنڌ جي واهڻ وستي پهچائي سگهجي ان ۾ هو گهڻي ڀاڱي ڪامياب به ويو. اهو ئي سبب هو جو ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ جي انقلابي هارين طرفان نه صرف چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو پر هن هزارين هاري ميڙي سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪيو ان ڏوهه ۾کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪامريڊ بنيادي طور هڪ معصوم ۽ حساس دل جو مالڪ انسان هو پر هن جا ارادا پهاڙن کان پختا هئا سندس خيال هو ته هارين جي اڪثريت آهي پر هو مسئلن جي پهاڙن هيٺ دٻيل آهن اگر هارين ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي ته بنا ڪنهن رت وهائڻ جي سنڌ سرخ انقلاب برپا ڪري سگهجي ٿو.

ان مڙس مٿير جو مختصر پروفائيل پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۰۱ جي آڪٽوبر مهيني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ننڍي ڳوٺ بکو ديرو جي غريب پورهيت الهداد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي هو پڙهائيءَ وڏو ذهين هو ۱۹۱۸ ۾ فائنل جي امتحانن ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين ۽ غريب هجڻ سبب مسلسل اسڪالرشپون حاصل ڪندو تعليمي پنڌ ۾ اڳتي وڌندو ويو، ۱۹۲۳ع ۾ ميٽرڪ ڪري انٽر بعد ۱۹۲۷ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي پاس ڪيائين بعد ۾ روينيو جي امتحانن ۾ سڄي سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيائين. ان دوران هو سنڌ جي ترقي پسند خيال جي دانشورن جي لهه وچڙ ۾ آيو ۽ هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيائين ۱۹۴۱ع ۾ هارين جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جي راهه رڪاوٽ بڻيل سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪيائين سڄي سنڌ جي هارين کي ميڙڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ نڪري پيو نومبر ۱۹۵۴ع ۾ هن ون يونٽ مخالفت ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪتاب لکيو ۽ ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ خلاف دستخطي مهم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ مظلوم مخلوق هارين جي حقن لاءِ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان مستقل طور وڙهندو رهيو جنهن هاري ڪاميٽي جو بنياد سائين جي ايم سيد، پروفيسر گوڪلي، عبدالمجيد سنڌي ۽ ڄيٺ مل پرسرام رکيو هو. اڄ ۲۱ مئي ڪامريڊ جي ۵۳هين ورسي آهي اڄوڪي تاريخ تي ڪامريڊ جهڙي ڪردار سنڌ کان موڪلايو هو ۽ اڄ اسانجو اهو فرض آهي ته نه فقط کيس ياد ڪندي لفظن جو خراج پيش ڪيون پر ڪامريڊ جي ڇڏي ويل ان تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنجيده بحث ڪيون ڇاڪاڻ ته اڄ به جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وڏي مشڪلن سان ٻاريل ان مشعل کي کڻي سنڌ جي هارين جي اونداهين زندگين ۾ روشني ڦهلائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ته اها ڪوشش پڪ ڪنهن ديواني جو خواب نه هوندي. ڇو ته اڄ به سنڌ جا هاري انساني حقن جي انڌا ڌنڌ لتاڙ جو شڪار آهن پر سندن طبقاتي حق غاصب جي گوڏي هيٺان آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


حيدر بخش جتوئي

سنڌ جو روشن ڏيئو

ابو رافع

ممڪن آهي ته هيءَ ڪا ڳوٺاڻي چوڻي هجي پر آهي لاجواب. اها هيئن ته هڪ شخص ٻئي کان پڇيو ته “وڏو ماڻهو ڪنهن کي چئبو آهي؟” ٻئي جواب ڏنو ته؛ “وڏو ماڻهو ان کي چئبو آهي جيڪو وڏي عهدي تي هجي.” پهرئين ماڻهوءَ سخت ترديد ڪندي چيو ته؛ “نه! وڏو ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏي.”

سچ پچ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ جي وڏي ماڻهو هجڻ جي پهرين نشاني اها هئي ته هن وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو. جڏهن سنڌ جا جيتامڙا ماڻهو، وڏي ٿيڻ لاءِ اقتداري آڳندن جو ٻهارريدار ٿيڻ به پسند ڪندا هئا، ان دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو وڏو عهدو ڇڏي ننڍڙن ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو هو. ان کان اڳ ۾ شايد اهڙا مثال هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مشڪل ملندا هجن.

اسان جا اڄ جي تاريخ تائين وڏن عهدن تي ويٺل سنڌي ۽ حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيندڙ سنڌي، جڏهن ڪنهن به سبب ڪري اقتدار يا نوڪرين مان لوڌيا ويندا آهن، تڏهن کين مظلوم سنڌ ۽ مظلوم سنڌي ياد ايندا آهن، ان ڪري سنڌي ماڻهو انهن جي اعمالن کي ڏسي ندامت محسوس نه ڪري، هنن کي فخر به ڪرڻ گهرجي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا پٽ به سنڌ ڄڻيا، جيڪي اڄ سنڌي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻيل آهن

هو ڳوٺاڻو ٻارڙو وڏو ٿي دنيا ۾، سنڌ جي هڪ اهڙي جدوجهد جي علامت بڻجي ويو جهڙي ۱۹۱۷ع ۾ روس اندر پهرين ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ هڪ عظيم سوڀ ماڻي چڪي هئي. جتوڻيڪ سنڌ ۾ کان صنعتي نظام کان ڪوهين ڏور هئو ۽ هت مڪمل زرعي سماج هئو ۽ هتي زميندار جي هڪ هٽي مضبوط هئي ۽ اڄ تائين آهي، ان سماج ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ هتان جي هارين لاءِ ۽ انهن جي بنيادي حقن “اڌ بٽيءَ” لاءِ ۽ ٻيون قانوني مددون کين ڏيارڻ لاءِ جيڪا اڌ عمر جدوجهد ڪئي، ان جتوڻيڪ سنڌي هارين کي ڪي قانوني حق وٺي ڏنا پر ان تحريڪ جيڪو سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ وڙهن ۽ تحريڪ هلائڻ جو شعور ڏنو ان جو مثال ٻيو نٿو ملي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ، ڪراچي جي وفاق ۾ وڃڻ خلاف تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون تحريڪون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ويڙهه جون تاريخون ٻڌائين ٿيون ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ سندس گيت، مختلف انقلابي راڳين جي آوازن ۾ سنڌ کي اهڙو شعور ڏئي ويا، جنهن سنڌ کي اڄ تائين بچائي رکيو آهي، جتوڻيڪ ان شعور کي ڪن موقعن تي وڪيو به ويو آهي، جنهن سبب اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن ۽ اڄ جڏهن سياسي ايمانداري، سياسي همدردي، سنڌ دوستي، پورهيت دوستي، اڻ لڀ ٿيندي پئي وڃي، تڏهن سنڌ کي شهيد الهه بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ جتوئي، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀو، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي وطن دوست سياستدان، اديب، دانشور شاعر سياسي ڪارڪن ۽ همدرد ياد اچي رهيا آهن، جن جي ڪردار کي ڏسي فخر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ وري پاڻ ڏي ۽ ڪن ٻين ڏي ڏسي ندامت محسوس ٿئي ٿي. ڪامريڊ جتوئي، سنڌ جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل سياسي دانشور، شاعر ۽ ليکڪ هو، هن جا ڪيترا شعر هڪ پاسي آهن ته سندس عملي جدوجهد ٻئي پاسي آهي، چون ٿا ته “جيئي سنڌ” لفظ خود ڪامريڊ جتوئيءَ جي ايجاد آهي، ٻيءَ طرح سندس مشهور نظم “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ.” سنڌ جي هر سياسي توڙي ادبي جلسي ۾ اهڙو روح ڦوڪيندو هئو، جو سنڌي ماڻهو ڪا به ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هئو ۽ وڙهيو به جنهن لاءِ خود تاريخ شاهد آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جو جيترو به ۽ جيڪو به حصو آهي اهو خود تاريخ ۾ محفوظ رهندو، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ جتوئيءَ جي عملي ويڙهه جو علمي روپ سندس شاعري ۽ ٻين ڪتابن ۾ آهي ۽ اهي ٻئي روپ سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين اتساهه جو سبب بڻجندا رهندا، ائين سندس هلايل جدوجهد جاري رهندي.

سنڌ ۾ جڏهن به ڪا سنڌي ماڻهن جي گڏيل حاصلات لاءِ جدوجهد هلندي، ويڙهه ٿيندي ته ان جي پٺ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جي علم ۽ عمل جو ڏنل اتساهه ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ جتوئيءَ علم ۽ عمل ۾ هڪ جهڙو شخص هئو، هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه ڏٺو ويو، يا ائين چئجي ته ان نسل ۾ اهڙي قسم جو ڪو به فرق نه هئو. سچ پچ ته اهي شخص ئي هئا، جن جي ڪري اڄ به ڪنهن ڪارڪن وٽ علم ۽ عمل موجود آهي. سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ جتوئي لاءِ اها ڀيٽا اهم آهي ته اڄ جي هاري تحريڪ کي هڪ ڀيرو وري سرگرم ڪيو وڃي ۽ سنڌي هاريءَ جي هر ٻئي ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال کي سڌارڻ لاءِ ڪا زوردار تحريڪ هلائجي، جيڪا سنڌي ماڻهن ۾ وري ڪا نئين سگهه پيدا ٿئي ۽ اهي ماڻهو پنهنجو آجپو ماڻين ۽ عزت ۽ آبروءَ واري زندگي گذارڻ جهڙا ٿين ۽ جڏهن ائين ٿيو ته پڪ ئي پڪ ڪامريڊ پنهنجي جهان ۾ مرڪندو نظر ايندو ۽ سنڌين تي فخر ڪندو ته هيءُ منهنجي عمل ۽ علم مان پرائيندڙ ماڻهو آهن، جن پنهنجي غلاميءَ جون زنجيرون آخر ٽوڙي پري اڇلايون آهن ۽ هو دنيا جي آزاد ۽ باوقار قومن ۾ ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جهڙا ٿيا آهن.

ايڪويهه مئي ڪامريڊ جتوئيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن سنڌي ماڻهن لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي، جنهن ۾ اسين سڀ شامل آهيون، پر سنڌ جي مٽيءَ مان اها اميد رکون ٿا ته ان مان وري ڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيندو ۽ وري هڪ وڏي ويڙهه وڙهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش

سندس جهڙا قول ۽ ڪردار جا اڳواڻ گهرجن

صالح بلو

تاريخ ۾ اهي انسان زندهه هوندا آهن جيڪي قول، فعل ۽ ڪردار جا مالڪ ٿين ٿا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ جي زندگي عملي روپ جو هڪ نمونو هئي. هو ننڍي هوندي کان هوشيار باڪردار سچائي جو پتلو هو. انگريزن جي دور اقتدار ۾ مختيارڪاري کان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهچي حاڪمن جي ڪرتوتن ۽ وڏيرن جي ظلمن کي اکين سان ڏسندو رهيو ۽ پنهنجي ضمير سان ڪيترائي اهڙا فيصلا ڪيائين جيڪي يادگار رهيا.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو عملي ڪردار هو، جنهن ٿيندڙ ظلمن جي پيش نظر ڊپٽي ڪليڪٽري واري نوڪري کي ڇڏي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽي ۱۹۳۰ع ۾ سائين جي ايم سيد، جمشيد مهتا ۽ ٻين ميرپور خاص ۾ ٺاهي هُئي ته جئين سنڌ جو ڌڻي، پورهيت ان جو مالڪ ٿئي ۽ مٿس ظلمن جو خاتمو ٿئي، جنهن سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ شامل ٿي سنڌ جي جھر جھنگ کي پنهنجو گهر بڻايو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي نه صرف جلسن جلوسن ۾ قيادت ڪندو هو بلڪه پمفليٽ لکي توڙي قانوني ويڙهه ڪري به سنڌ جي حقن ۽ پورهيتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي “جيئي سنڌ نعري جو خالق هو”. جنهن “جيئي سنڌ جيئي سنڌ “ نظم پڻ لکيو. جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي رهيو. ان نعري ڪري به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي ڪيس داخل ڪيا ويا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ لفظن ذريعي سنڌ جو آواز دنيا تائين پهچايو، جنهن پمفليٽن ذريعي سنڌ جي عوام ۾سجاڳي آندي جيڪو ٽئين تحريڪ ۾ به پيش پيش هو، جڏهن مائي بختاور لاشاري ميرپور خاص جي شهر ٽالهي ۾ اڌ بٽئي لاءِ چوڌري وڏيري سان جهيڙو جوٽيو ۽ ان جي کري تي ويهي رهي ته ظالم وڏيري گولي جو نشانو بڻائي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. جيڪا قرباني به تاريخ جو حصو بڻيل آهي، جنهن علائقي ۾ حڪمرانن ڪافي زمينون پنجابين کي الاٽ ڪيون، ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جلسو ڪري رهيو هو، خبر ملڻ تي هڪدم پهچي ويو ۽ وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ انهن کي سزائون ڏياريائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي آخري دفعو ڪراچي مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن سائين ايم سيد هڪ هوٽل ۾ عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ان آجياڻي مان ٻاهر نڪتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

جڏهن کيس فوجي عدالت ۾ آندو ويو ۽ ڪامريڊ سميت سڀني کي سزائون ۽ ڏنڊو وڌا ويا غلام نبي شيخ وڪيل تي به ۲۰ هزار ڏنڊ وڌو ويو، جنهن تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته اسان کي سزائون ڪيتريون به ڏيو، پر ڏنڊ نه وڌا وڃن. جنهن بعد ڪامريڊ کي مچ جيل بلوچستان موڪليو ويو. جيڪو گرمين ۾ سخت گرم سردين ۾ سخت سرد هوندو آهي. ان وقت پ پ جي مشهور بهادر اڳواڻ قاضي محمد بخش ڌامراهه وڪيل ان وقت جي گورنر جنرل مو سيٰ خان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سزا ختم ڪرڻ لاءِ چيو ته جنرل موسيٰ خان اردو ۾ چيو ته”مون ان پوڙهي کي مچ جيل موڪلڻ لاءِ چيو آهي ته جيئن مچ ۾ کيس خبر پوي ۽ اهو به چيو آهي ته ٻين قيدين کان هڪ ڪنمبل گهٽ ڏنو وڃيس جيڪا ڳالهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽي پڻ ٻڌائي هئي. جڏهن هو اڪبر بگٽيءَ سان مليا هئا ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت پڇيو ته هن ڪامريڊ جي يادگيرين بابت چيو ته اسان جيل سپريڊٽنٽ مچ جيل کي درخواست لکي ته اسان کي سخت سيءُ ٿئي ٿو، ان لاءِ ۲ ڪنمبل گهٽ آهن اسان کي وڌيڪ ڪنبمل ڏنا وڃن ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش کي جيل اچڻ بعد کيس دعوت ڏيئي پنهنجي کولي ۾ گهرايو هو.جنهن اها درخواست پڙهي خاموشي اختيار ڪئي ۽ اسان کي پنهنجي کولي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني.جڏهن اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڏنل دعوت تي سندس کولي ۾ وياسين ته ڪامريڊ کي هڪ ڪنمبل ڏنو ويو هو، جڏهن ته اسان کي ۲ ڪنمبل ڏنل هئا، هڪ ڪنمبل ڪامريڊ کي مليل ڏسي اسان کي ڏاڍي شرمساري ٿي ۽ ڪامريڊ کي چيوسين ته توهان کي هڪ ڪنمبل مان سيءُ نٿو لڳي، ڪامريڊ جواب ڏنو ته سرڪار جيڪڏهن اهو به ڦري ورتو تڏهن به مان انهن کان ڪا شيءِ ڪو نه گهرندس. جنهن تي اسان ڪامريڊ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اها خواهش رهندي هئي ته هو ون يونٽ کي حياتي ۾ ٽٽنڊو ڏسي، جڏهن ته ون يونٽ خلاف تحريڪون عروج تي پهتل هيون ته ڪامريڊ مچ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مسلسل بيمار رهيو، جنهن جيل کيس جھوري وڌو هو،

پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي جنرل يحيٰ خان پاران ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيڪو ڪامريڊ جي خواهش جو پورائو هو جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن پڻ شيخ مجيب الرحمان سان جدوجهد ڪئي هئي جيڪي عوام جا هڏ ڏوکي هر ظلم خلاف مقابلو ڪندا رهيا، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن سنڌ ٽيننسي ايڪٽ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيو ته جيئن هارين جي تحفط لاءِ ڪو قانون هجي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو سنڌ جي جي قومي ٻولي سنڌي ۾ لسٽون ڇپائي جي جدوجهد ۽ ٻين تحريڪن ۾ عملي طور شامل رهيو.

سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن غيرتمند اڳواڻن جي ضرورت آهي، جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي سنڌ ڌرتي کي سياسي معاشي غلامي مان نجات ڏياري حاصل ڪيل حقن جو تحفظ ڪرائي سگهن. سنڌ ڌرتيءَ کي بچائڻ ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا قول جا سچا ۽ اعليٰ ڪردار جا مالڪ بڻجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


باباءِ قوم حيدر بخش جتوئي

ڪامريڊ اظهر جتوئي

دنيا جي قديم ترين دراوڙي تهذيب موهن جو دڙو جي لاڙڪاڻي واري ڌرتي ڏاڍي زرخيز رهي آهي. انهي جي تعلقي ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ بکو ديرو ۾ ۲۰هين صدي جي پهرين سال ۾ غريب گھراڻي الهداد جتوئي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شخص جنهن کي بابا ءِ سنڌ جو خوبصورت لقب مليل آهي جو ورلي ماڻهن کي ملندو آهي.

انگريز سرڪار جي دور ۾ موهن جو دڙو جي مٽي مان جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي ۲۷ سالن جي جوڀن واري جواني ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ته سرڪار سڳوري جو گھٽ پر ڌرتي جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جا پيو فائل ٺاهيندو هو ۽ اهي فائل اڄ هڪ تاريخ بڻجي ويا آهن. انگريزي راڄ ۾ سڀ کان بهترين، سڻڀي سرڪاري نوڪري کي ضمير جي آواز تي لت هڻي سڄي ڄمار هارين جي حقن ۽ جدوجهد ۾ گھاري ڇڏي ۽ موٽ ۾ جيڪا تاريخ قائم ڪئي اها ڌرتي ڌڻين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪو هڪ مفڪر، انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم سرواڻ هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهيءَ سلطنت ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو، جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه هو، پر هن ۱۹۴۵ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيو. ڪليڪٽر مان ڦري ڪامريڊ بڻجي ويو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪو هڪ مفڪر، انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم سرواڻ هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهي سلطنت ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو، جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه هو، پر هن ۱۹۴۵ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيو. ڪليڪٽر مان ڦري ڪامريڊ بڻجي ويو.

لفظ ڪامريڊ هڪ رومانس، خوبصورت ۽ آدرشي لفظ جيڪو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي کي چيو ويندو آهي. پر اڄ ڪن ماڻهن ان خوبصورت نانءَ کي اهڙي نموني سان مشهور ڪيو آهي جو اهو تذليل ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي پر پوءِ به ڪامريڊ لفظ وارن ماڻهن جو جيون ڪيڏو نه المناڪ هوندو آهي. انقلابي ۽ آدرشي انسان جو جيون هڪ سنگھرش هوندو آهي پر پوءِ به اهي ڌرتي سان پنهنجو نينهن وارو ناتو نه ٽوڙيندا آهن. ناتو ٽوڙجي به ڇو؟ اهي ناتا ڪنهن سنهي سُئي سان ته نه سبيا ويا آهن. انهن ناتن ۾ ڪامريڊن جو ڌرتيءَ سان عشق، انقلاب، رت ۽ ست سمايل هوندو آهي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي به اهڙو ئي انقلابي ۽ آدرشي انسان هو، جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين پساهن تائين ڪامريڊ رهيو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هارين جي زندگي، مفلسي، ڏک ۽ پيڙائن جو درد پاڻ تي محسوس ڪندي ۱۹۳۰ع کان وجود ۾ آيل سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سموري حياتي هارين جي حقن لاءِ ارپي ڇڏي. ون يونٽ جي خلاف طويل جدوجهدن، ۱۸ لک ايڪڙ زمين، بي زمين هارين ۾ ورهائڻ کان وٺي مچ جيل جون سختيون به هن کي هارائي نه سگھيون ۽ نه هن مسافر ڪٿي ٿڪ ڀڃيو ۽ نه وري سرڪاريِ نامدار اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪايو. مرڳوئي هن مظلوم ماڻهن کي ظلم سان اکيون اکين ۾ اٽڪائي جيئڻ جو ڏس ۽ ڏانءُ ڏنو.

صوفين جي سرزمين جي عظيم ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن سنڌ ڌرتي تي سڀ کان پهرين “جو کيڙي سو کائي” جو هڪ نئون فلسفو ڏنو ۽ ان فلسفي تي جدوجهد ڪندي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انسان جي سڄي تاريخ طبقاتي جدوجھد جي تاريخ آهي. هميشه کان وٺي ڏاڍو ۽ ڪمزور، آقا ۽ غلام، ڪارو ۽ گورو، اوچ ۽ نيچ، جاگيردار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور هڪ ٻئي جي خلاف ميدان جنگ ۾ منهن مقابل رهيا آهن، وقت به وقت انهي جنگ ۾ غريب طبقن جون تحريڪون پروان چڙهيون ۽ هڪ نئين ۽ الڳ تاريخ قائم ڪيائون. ويٽنام، ڪيويا جا انقلاب هجن يا وينيزولا، ميڪسيڪو سميت پوري لاطيني آمريڪا ۾ هلچل هجي يا موجوده دور ۾ عرب هلچل هجي. اها هلچل هن اڻ برابري تي ٻڌل جاگيراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي موجود رهڻ تائين جاري رهندي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پڻ هن انسان ذات جي عظيم هلچل جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ عظيم ڪردار هو. سنڌ جي تاريخ ته ڪئين املهه شخصيتن کي جنم ڏنو جن جي پنهنجي پنهنجي حوالن سان هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي، پر سچ هي آهي ته دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو ماٿريءَ جو ابو صرف ۽ صرف باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ئي آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي تحريرن ۾ توهان کي انقلاب ۽ سوشلسٽ ادب نمايان نطر ايندو، جنهن پنهنجي وقت ۾ وڏي هلچل، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو. جنهن جوش چين جي صدر “چُو ان لائي” کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ڪامريڊ سان حيدرآباد ۾ مليو ته ڀاڪرين پئجي ويو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي شاعري به ڪئي ۽ “جيئي سنڌ” وارو نعرو جيڪو اڄڪلهه هر ڪنهن جي زبان تي آهي. اهو پڻ سندس مشهور ڪلام “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ” تان ورتل آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي اسان سڀني کان وڇڙي ويو سندس آخري آرام گاهه ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي. اڄ سندس ورسي ينهن آهي ۽ اسان سڀ سنڌ واسي، سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهد تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

مظلوم هارين جو آواز

ذوالفقار ڀٽي

جيئي سنڌ، ٻن لفظن جو ڪيڏو نه حسين ميلاپ آهي، ڪيڏو نه سندر سلام آهي! اهي لفظ اچارڻ سان روح جي رڻ ۾ ڄڻ ته گل ٽڙيو پون ۽ دل جي دنيا ۾ بهار اچيو وڃي. جيئي سنڌ ۽ ڇونه جيئي، ڇونه جيئي اها ڌرتي جنهن جي ماڻهن جي سيني ۾ سڄي انسانيت لاءِ درد سمايل آهي، جنهن ڌرتيءَ جا بزرگ، پنهنجي ديس لاءِ دعا گهرڻ وقت ساري عالم جي سک، امن ۽ آجپي جي دعا نٿا وسارين، جنهن ڌرتي جي تهذيب دنيا جي تهذيبن جي سرموڙ تهذيب آهي، جنهن ڌرتيءَ تي شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جهڙا بزرگ سچل ۽ سامي جهڙا الله لوڪ انسان، دودي ۽ دولهه جهڙا دلير مرد، هوشو ۽ هيمون جهڙا نوجوان، بختاور ۽ ڀاڳيءَ جهڙيون عورتون، ننگر جهڙا ننگر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا داناءَ ۽ عظيم انسان جنم وٺن ٿا. بقول استاد بخاريءَ جي ته:

جنهن جا ڄايا دريا دودا،

هوشوءَ هيمون جهڙا جوڌا،

سا ماءُ ڇو نه ڀلا جيئي،

جيئي سنڌ سدا جيئي.

توڻي جو لفظ جيئي سنڌ، سائين جي ايم سيد جي سڃاڻپ ۽ سائين جي ايم سيد، جيئي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته انهيءَ لفظ کي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ هر سنڌيءَ جي چپن جو گيت بلاشڪ سائين جي ايم سيد ئي بڻايو، پر اهو لفظ هڪ سهڻي ۽ سٻاجهڙي انسان باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي پنهنجي لازوال نظم، “جامِ محبت پيئي سنڌ، جيئي سنڌ جيئي” ۾ متعارف ڪرايو.

حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ تحريڪ جو جيڪا هر قسم جي ظلم ۽ جبر جي خلاف هئي. حيدر بخش جتوئي نالو آهي هڪ جدوجهد جو جيڪا هر مظلوم جي حق لاءِ هلي، حيدر بخش نالو آهي هڪ اداري جو جنهن مان اسان کي سنڌ دوستي ۽ مظلوم دوستيءَ جو درس ملي ٿو، جنهن دنيا جي هر خوشي ۽ راحت پنهنجي قوم جي مسڪين ۽ لاچار هارين جي ڏک تان قربان ڪري ڇڏي. هن سنڌ جي سٻاجهڙي، سادي ۽ ظلم جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هارين کي ظالم جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو حوصلو ڏنو. پنهنجي ڦٻايل حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهاند جو طريقو ڏسيو، نه صرف طريقو ڏسيو پر حق به ڏياريا. هونءَ ته سنڌ ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا مڻيادار ماڻهو ملي ويندا، جن جي قرباني ۽ حب الوطنيءَ جا قصا هر زبان تي آهن پر حيدر بخش جتوئي وانگر هڪ اعليٰ سرڪاري عهدو، اسٽيٽس، سک، آرام ۽ آسائش ٿڏي غريب ۽ مسڪين هارين ۾ وڃي ڪم ڪرڻ جو مثال شايد ئي ملي سگهي. سندس حياتي مسلسل جدوجهد جي علامت بڻجي اسان آڏو آهي. مسلسل جدوجهد، مقصد سان سچائي ۽ منزل تي پهچڻ جي تڙپ سندس حياتيءَ جو مکيه اصول هو، هو شاهه ڀٽائيءَ جو اهو کاهوڙي هو، جنهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

کرڪڻا لاهي، سک نه سُتا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

حيدر بخش جتوئي پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ وسيلي سنڌ جي هيسيل ۽ مظلوم هارين جي جذبن کي اها جلا بخشي، جيڪا هن کان اڳ ڪنهن به نه بخشي هئي. اها يقينن حيدر بخش جتوئيءَ جي انقلابي سوچ جي ئي پهچ هئي، جنهن هڪ ڪمزور ۽ ضعيف عورت “مائي بختاور” کي ظالم وڏيري آڏو جبل جيان آڻي بيهاريو ۽ سندس هٿياربند ڇاڙتن جي موجودگيءَ ۾ وڏيري جي اکين ۾ اکيون وجهي کيس للڪاري چوي ٿي ته “اَنَ جو هڪ داڻو به نه کڻڻ ڏينديسانءِ” ۽ بندوقن اڳيان ڏانداري هٿ ۾ جهلي هڪل ڪري ٿي “خبردار! متان اڳيان وڌيا آهيو” ۽ اهو حيدر بخش جتوئي جي ڏنل شعور جي نتيجي ۾ هليل جدوجهد جو ئي نتيجو هو، جنهن تحت هارين زمين جي اپت مان اڌ جو حقدار ٺهرايو ويو، جنهن کي “ٽيننسي ايڪٽ” جو نالو ڏنو ويو.

ڀٽ ڌڻيءَ جي ديس جو هي سهڻو ماڻهو، هيءُ هنج ۽ هيءُ بهار جي بوءِ ڏيندڙ اڏول انسان ۶ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ بکوديري ۾ الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ ڄائو. حيدر بخش جتوئي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين ۽ عام ٻارن کان الڳ شخصيت جو مالڪ هو. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ لاڙڪاڻي مان ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي ڪري روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي ٿيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ايمانداري، سچائي، همدردي بردباري، اهي خصلتون هيون جيڪي کيس قدرت پاران عطا ڪيون ويون هيون، هو هڪ سچو قومپرست، وطن دوست، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ آزاديءَ جو پروانو هو، اهو ئي سبب هو جو هن کان سنڌ جي هارين جي پست حالي، وڏيرن جي ظلم ۾ پيڙهجڻ، ڏٺو نه ٿيو ۽ هن هارين جي سڌاري، تعليم ۽ حقن لاءِ آواز اٿارڻ شروع ڪيو؛ پر پوءِ جلد ئي هن پنهنجي سرڪاري نوڪري کي انهيءَ راهه ۾ رڪاوٽ محسوس ڪيو ۽ نيٺ ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جهڙي اعليٰ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي هارين جي حقن لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. جنهن وقت حيدر بخش جتوئي مظلوم هارين جي سکن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ڄيٺمل پرسرام سنڌ هاري ڪاميٽي جو بنياد وجهي سنڌ جي ظالم زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف تحريڪ جو آغاز ڪري چڪا هئا.

حيدر بخش جتوئي به انهيءَ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، جتي سندس هارين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيل بي مثال خدمتن کي ڏسندي کيس سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي کيس سندس اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سنڌ جي هارين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ باقاعده اخبار “هاري حقدار” پڻ جاري ڪيائين، انهيءَ وقت ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ ڦاسايو ويو ۽ سنڌ جي آمدنيءَ جا ۳۳ ڪروڙ رپيا زوري مرڪز جي حوالي ڪيا ويا. حيدر بخش جتوئي سنڌ سان ٿيندڙ ايڏي وڏي ناانصافي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف قلم کنيائين ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ کيس نظربند ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سندس مٿان پنهنجي ئي وطن “سنڌ” جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، ته به هو پنهنجي اصولن تان نه ڦريو ۽ مظلوم سنڌي هارين جي حمايت ڪندو رهيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

جام محبت پيئي سنڌ

عاجز جمالي

پرائمري جي ڪتاب ۾ پڙهيو هيوسين ته هو هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، پر غريب هارين جي حقن لاءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي هاري تحريڪ شروع ڪيائين. ان وقت ته اها ڳالهه مغز ۾ ڪانه ويٺي هئي ته ڊپٽي ڪليڪٽر ڪير هوندو آهي يا هارين جا حق ڪهڙا هوندا آهن، پر ان سبق ۾ هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي ته هارين کي فصل ۾ جيڪو اڌ ملي ٿو، جنهن کي بٽئي چئون ٿا، اهو ان هاري تحريڪ جو ڪمال هو، مون کي اها خبر تڏهن کان هئي ته هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ آهي، پر پرائمري ڪتاب ۾ پڙهيل ڳوٺ بکو يرو جو نالو مون کي اڄ به ياد آهي.

منهنجي ذهن ۾ اهو سوال به گهمي رهيو آهي ته اها سنڌ هاري ڪاميٽي اڄ ڪٿي آهي، جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ٺاهي هئي، جنهن بٽئي تحريڪ کان وٺي مائي بختاور تائين، جنهن ڪامريڊ ڄام ساقي کان وٺي ڪامريڊ غلام رسول سهتي تائين، جنهن ڦوٽي رستماڻي کان وٺي دادا علي بخش تائين، پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هزارين هاري ڪارڪن پيدا ڪيا هئا، جيڪا اڄ صرف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽن تائين محدود ٿي وئي آهي نه رڳو هاري تحريڪ بلڪه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به هاڻي بس پنهنجي خاندان تائين محدود رهجي ويو هو.

٢۰هين صدي جي پهرين سال ۱۹۰۱ع ۾ موهن جو دڙو جي ڀرسان جنم وٺندڙ باباءِ سنڌ هڪ عظيم قوم پرست شاعر ۽ اڳواڻ هو. هي جيئي سنڌ جيئي سنڌ جو نعرو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ان طويل نظم جو تسلسل آهي. “جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ- جام محبت پيئي سنڌ” هن عظيم نظم ۾ سنڌ جي عوامي ۽ طبقاتي سماج جي پوري عڪاسي آهي.

پرائمري ۾ پڙهيل سبق مون تي شايد اثر ڇڏيو يا هڪ غريب جي ٻار لاءِ هاري حقن جي ايڏي اهميت ٿي جو اڳتي هلي مان ان هاري جدوجهد جو حصو بڻجي ويس، مان پاڻ لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ ڪونه ٿو سمجهان ته پنهنجي جواني جا خواب مون سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪن جي صورت ۾ ڏٺا ۽ مان سنڌ هاري ڪاميٽي جو صوبائي پريس سيڪريٽري به رهيس. هڪ دفعي ته هاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ويندي ڪرم خان نظاماڻي ڀرسان ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچي ويس.

سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ هڪ انقلابي تحريڪ جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هارين جي هڪ منظم جدوجهد هئي، جڏهن هارين جاگيردارن وڏيرن ۽ پوليس خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، هارين بغاوتون ڪيون هيون، هارين چمبڙ جي علائقي ۾ پنهنجون عدالتون ۽ جيل قائم ڪيا هئا، هارين جي مظاهرن ۾ هزارين هاري شامل ٿيندا هئا.

مون سنڌ هاري ڪاميٽي جي جلسن ۾ لالا شاهه محمد دراني، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، صالح بلو، احمد خان لغاري، ڦوٽو رستماڻي، غلام رسول سهتو جهڙا عوامي مقرر ٻڌا جيڪي نج عوام جي نفسيات مطابق عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندا هئا، سندن ڳالهه عوام کي سمجهه ۾ به ايندي هئي، عوامي ليڊر اهو ئي هوندو آهي، جنهن جي ڳالهه عوام کي سمجهه ۾ اچي، سو هي نج عوامي ليڊر هئا.

مون کي اهي ڊگهيون راتيون به ياد ٿيون اچن جو سڄي سڄي رات انقلابي گيتن ترانن ۾ گذري ويندي هئي. مسرور چانڊيو جا انقلابي گيت اڄ به ياد اٿم، مون کي خبر ناهي ته مسرور ڪٿي آهي.

ڪاري ڪاري رات اجها هي کٽي

لوچي لوچي هارين ڌرتي کٽي

مسرور ماڻهو پنهنجا سڃاڻون

لونت هڻي ٿا ويري ڀڄايون

لعنت هڻي ٿا ويري ڀڄايون

آزاد پنهنجو وطن ٿا چاهيون

سهڻي سهڻي سنڌ ۽ مٺڙي مٺي

لوچي لوچي هارين هي ڌرتي کٽي

هي اها عوامي شاعري هئي، جنهن جو رواج شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ پوءِ آڪاش انصاري جهڙن شاعرن وڌو ۽ سنڌ جي باغي روح کي گرمايو پر نوجوان شاعرن به وڏي شاعري سرجي،

جهنڊا کڻو نعرا هڻو

وڙهندا هلو رڙهندا هلو

منصور ميراڻي، جي جنڊ جڙي مال ڇڙي باک ڦٽي ته او ساٿي رات کٽي ٿي

هي اها عوامي شاعري هئي، جنهن جو رواج شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ پوءِ آڪاش انصاري جهڙن شاعرن وڌو ۽ سنڌ جي باغي روح کي گرمايو پر نوجوان شاعرن به وڏي شاعري سرجي،

جهنڊا کڻو نعرا هڻو

وڙهندا هلو رڙهندا هلو

اهڙي شاعري هئي، جنهن واقعي به سنڌ ۾ انقلابي ماحول تيار ڪيو هو، نواب سلطان چانڊيو جنهن حيدر بخش جتوئي تي ڪتا بڇيا هئا، پر بعد ۾ هاري ڪارڪن نواب سلطان چانڊيي جي سامهون اليڪشن وڙهڻ لڳا، وڏي تبديلي آهي.

هاري هليا هر کڻي کيٽ کيڙيندا

ايٽ جوڙيندا

سو جگري ۾ سانوري ڪا سنگ کڻي ٿي

رات کٽي ٿي

ظلمتن جي اها رات اڃا ڪانه کٽي آ، سچ اهو آهي ته بربريت جو نظام جاري آهي، پر طبقاتي سماج وڏيرا شاهي، جاگيرداري، ڪامورا شاهي خلاف هلندڙ اها ڊگهي جنگ ختم ٿي وئي، خوابن کي ساڀيان نه ملي، انقلابي نعرن جي جڳهه اين جي اوز جي پراجيڪٽن ورتي، طبقاتي حقن جي جدوجهد ۽ عوامي سياست ڀتا ڪلچر جي ور چڙهي وئي، لفظ ڪامريڊ هاڻي چٿر جي طور استعمال ٿئي پيو، ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد جاري رکڻ جي اڄ به ضرورت آهي، ڇا اڄ ون يونٽ ناهي؟ سنڌ فيصلن ۾ ڪيتري آزاد آهي؟

هڪ صحافي دوست لکيو ته ڇا سنڌ جا ڪميونسٽ کوڙ هئا يا ڀارت مان آيل هئا يا انهن سنڌ جي عوام کي صحيح رستو ڇو نه ڏيکاريو جو سنڌ ۾ جدوجهد نه هلي سگهي.

ڪميونسٽ تحريڪ هڪ الڳ بحث آهي، ان تي ٻئي ڀيري ڳالهائبو، پر سنڌ ۾ ڪميونسٽ رڳو ڀارت مان ڪونه آيا هئا، هڪڙو ڪميونسٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به هو، جنهن ۱۹۴۳ع ۾ هارين جي حقن جي ڳالهه ڪئي، جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪو ڪميونسٽ ئي ڪري سگهي پيو، تڏهن سنڌ ۾ انهن جي ناڪامي هڪ ٻيو بحث آهي. سنڌ ۾ ته اڄ ڪو آڪاش انصاري جهڙو شاعر به پيدا ڪونه پيو ٿئي، جيڪو دمادم مست قلندر لکي سگهي. سنڌ جو مڊل ڪلاس اڄ هڪ وڏي خود فريبي ۾ ورتل آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

عظيم وطن دوست هاري رهنما

ڪيرت ٻاٻاڻي

حيدر بخش جتوئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حقن لاءِ وڙهندو رهيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ ون يونٽ جي سختيءَ سان مخالفت ڪيائين، سنڌ جي حقن لاءِ ڪيتريون چونپڙيون لکيائين ۽ ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو. سنڌ جي عوام کيس محبت وچان “باباءِ سنڌ” جو خطاب ڏنو. آخر ون يونٽ ٽٽڻ جي خوشخبري ٻڌي ۽ ان خوشيءَ ۾ هڪ شعر به لکيائين، ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي زندگي ڪامريڊ جو ساٿ ڇڏيو، جنهن ڪري اهو شعر اڌورو رهجي ويو.

اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!

ٿي سنڌين جي پنهنجي رهائي!

جڏهن سنڌ جي عظمت، بهادري ۽ آزادي لاءِ ويڙهه جو قصو لکيو ويندو، تڏهن حيدر بخش جتوئي جو ذڪر سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، سنڌ جي اعليٰ بي داغ ۽ روشن دماغ سپوت پيدا ڪيا آهن، تن جي قطار ۾ حيدر بخش جتوئي روشن ستاري وانگر چمڪي رهيو آهي.

هڪ انقلابي شاعر، بي ڊپي، وطن پرست ۽ غريبن جي همراهه رهبر حيدر بخش جتوئي جو سمورو جيون هڪ مثالي ڪارنامو ۽ سنڌ اندر قربانيءَ جو هڪ بي مثال تاريخي باب آهي، سنڌ ۾ عام خلق وٽان ايترو ته ڀرپور پيار ۽ عزت ملي آهي، جو کيس پيار وچان باباءِ سنڌ سڏيو ويندو آهي.

هن هڪ پوري ساري ڳوٺاڻي ڪٽنب ۾ جنم ورتو ۽ هڪ لاثاني ذهن عطا ٿيس، اسڪولي جيون ۾ ئي ايترو هوشيار هو جو اسڪالر شپون حاصل ڪري پنهنجي تعليم کي پورو ڪيائين ۽ اڪثر امتحانن ۾ اول نمبر حاصل ڪيائين، ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختيارڪار جي عهدي تان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو، سندس لاءِ ترقي جي شاهراهه کليل رهي.

پر تاريخ کي ائين منظور نه هو، حيدر بخش جتوئي پنهنجي لاءِ نئين راهه جي چونڊ ڪئي، نوڪريءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ هن سنڌي هارين (ڪسانن) سان اتياچار ۽ عقوبتون وهنديون ڏٺيون، هن بيحد حساس شخص جي دل ڇيهون ڇيهون ٿي وئي. هارين جا ڏک هو برداشت نه ڪري سگهيو، ان وچ ۾ هن سماجواد ۽ مارڪسواد جو چڱو اڀياس ڪري ورتو هو. سرمائيداري سماج ۽ سرشتي جي لعنت هو برداشت نه ڪري سگهيو، ان ڪري پنهنجي وڏي عهدي کي ٺوڪر هڻي هن پنهنجي قسمت سنڌي عوام سان ڳنڍي ڇڏي پوءِ ته هيون سختيون ۽ سزائون، ڏک ۽ ڏاکڙا، جيل، ڪورٽون، مشڪلاتن جو هڪ سفر.

حيدر بخش جتوئي عوامي تحريڪ سان گڏ هڪ بي ڊپو وطن دوست ۽ انقلابي شاعر هو. هن جا شعر جڏهن به سنڌ ۾ ڇپبا هئا ته زوردار غلغلو مچي ويندو هو. سندس شعرن جا ڪافي ڪتاب به ڇپيا، پر جن شعرن ولولو پيدا ڪيو، تن مان ڪجهه هي هئا. شڪوه، درياهه شاهه، آزاديءَ قوم، سنڌ پياري، سلام سنڌ، پاڪستان زنده آباد!، سنڌي وڏيرا، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، ون يونٽ پنجابي مرده باد وغيره، سندس ڪيترا ئي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا.

۱۹۴۹ع ۾ يارهن مهينن جي پاڪستان جيل ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن مون کي آزاد ڪري ڪراچي مان نيڪالي ڏنائون ته مان حيدرآباد ۾ وڃي حيدر بخش جتوئي وٽ حيدر منزل ۾ رهيو هوس، جتي هيٺين حصي ۾ “هاري حقدار” پريس هئي، ڪيترائي مهينا هن محبوب شخص سان گڏ رهيس ۽ گڏجي پريس ۾ ڪم ڪيم، هڪ عاليشان شخصيت ۽ اٽل آزادي جو مالڪ هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

قومي حقن جو امين باباءِ سنڌ

حسن ناصر شر

مظلوم ھارين، مزدورن، پورھيتن ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جو علمبردار، حق پرست ۽ مجاھد ٧ آڪٽومبر ١٩٠١ع ۾ سنڌ جي وارياسي ڳوٺ بکوديرو لاڙڪاڻو ۾ فقير الھداد خان جتوئيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ان جنم ڏينھن کي سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ ترقي پسند حلقا ھر سال ملھائيندا رھندا آھن. ننڍپڻ جي عمر ۾ ھن ٻڪرين جي ڌڻ کي چاريو ۽ ڏھن سالن جي ڄمار ۾ کيس تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. بنيادي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ بکوديرو ١٩١١ع کان شروع ڪئي.

سال ١٩١٨ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پھرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. قرآن شريف ۽ ٻيا مذھبي ڪتاب عالمي ادب، سياست، قانون ۽ ترقي پسند ادب جي ڪتابن مان انمول گوھر ھٿ ڪري ورتا. ١٩٢٧ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي فارسي پاس ڪري اسسٽنٽ مختيارڪار جي عھدي تي فائز ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تائين پھتو. نوڪري دوران ھن سڄي سنڌ جي معاشي حالت ۽ ھارين جي سماجي زندگيءَ جو تمام گھڻي گھرائيءَ سان مشاھدو ڪيو. زميندار شاھي، حاڪم طبقن جي ھارين سان ناانصافين، سندس ذھن ۽ طبعيت ۾ ھڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. ھن صوفين جي پيغام مان به فيض حاصل ڪيو، ان ڪري ھن صوفي شاھ عنايت شھيد جي ڏنل فلسفي “جو کيڙي سو کائي” کي دل ۾ جگھ ڏني. ڪنهن به مذھبي فرقي بازي ۽ ڪٽرپڻي کان پاڻ کي آجو رکيو. سندس انسانيت جا اعليٰ گڻ ۽ ڪردار ظاھر ٿيڻ لڳا. ھن انسان دوست بڻجي سنڌ اندر بي انصافين جي بنياد کي نابود ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪليڪٽري جي عھدي تان استعيفا ڏئي ھارين جي حقن لاءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ١٩٣٠ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جو بنياد جمشيد نسروانجي مھتا، ڄيٺ مل پرسرام، جي ايم سيد، عبدالقادر ميووا خان کوکر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وڌو ھو. اھا سنڌ ھاري ڪاميٽي ۱۹۴۵ع تائين صرف قراردادن تائين محدود رھي. مختيارڪاري دوران حيدر بخش جتوئي معاشرتي براين ۽ معاشي اڻ برابريءَ کي ڏسندي ھن ھڪ شڪوه جو نظم لکيو، جنھن تي مذھبي ٺيڪيدارن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن سندس خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون ۽ سندس ڇپيل ڪتاب انگريز سرڪار کان ضبط ڪرايا. سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿي ۱۹۴۵ع ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيو. سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ عھديدار ٿيڻ بعد ھن سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ کي ھارين تائين متعارف ڪرايو ۽ کين سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جي پليٽ فارم تي ھارين کي متحد ۽ منظم ڪيو. سنڌ اندر اڌ بٽئي تحريڪ ھلائي ھارين کي پيداوار مان اڌ ڏياريو، جنهن ۾ شھيد مائي بختاور پنھنجي خون جو نذرانو پيش ڪيو، جنهن تي سنڌ جا ھاري اڄ به فخر محسوس ڪن ٿا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اھڙي جدوجھد کي ڏسي جاگيردارن ۽ حاڪم طبقن ۾ انتقام جي باھ ڀڙڪي اٿي. ڪامريڊ مٿان ڪيترائي خوني حملا ڪيا ويا ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس قيد و بند جون صعوبتون ڏنيون ويون پر هُو پنهنجي مقصد تان تر جيترو به نه هٽيو.

ھن پنهنجي ڪرسي غريب ۽ مظلوم عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ قربان ڪئي، جنهن لاءِ ھڪ انقلابي شاعر ھنن لفظن سان کيس ڀيٽا ڏيندي چيو ته:

انگريز جي ڪرسي کي ھڻي، لت تو حيدر،

پر مار جي مڪروھ مھانڊن کي ڪيو ظاھر،

تو سنڌ امڙ ڪوٺي ڪيو ڏاٽو اڀو جو،

پورھيت سان محبت ۾ کنيو ڳاڙھو جھنڊو تو،

تو کي خدا چونڊي ڪيو سنڌ جو رھبر.

شھرن، بحرن، برن، بيابانن، واھڻ وستين ۽ ڳوٺن ۾ ھن ظلم خلاف ۽ حقدارن جي حقن لاءِ تحرڪ پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف پاڻ شاعريءَ وسيلي آزاد قوم، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، وڏيرا چون ٿا ته انسان آھيون، حيوان مان انسان ٿيو، ھاري گيت جھڙا انقلابي شعر چئي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ حب الوطنيءَ جو جذبو جاڳايو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي نه صرف شاعري ۽ تحريڪي سياست ڪئي، بلڪ ھن قلمي پورھيو ڪري ھاري حقدار اخبار ڪيترائي پمفليٽ، ڪتاب ۽ ضميما شايع ڪيا، جنهن ڪري صدين کان ھارين جي ڳچيءَ ۾ پيل غلاميءَ جا ڳٽ ۽ زنجير ڪٽجڻ شروع ٿي ويا. کيس پاڪستان جا سڀئي جيل گھمايا ويا، قيدِ تنھائيءَ ۾ بند ڪيو ويو.

سندس آدرش ھاري، مزدور، پورھيت، سنڌ ڌرتي ۽ وطن رھيا. سندس ھمعصر ۽ تحريڪي ساٿي آزاديءَ جا متوالا ھميشه اوچي ڳاٽ رھيا. اڌ بٽئي، ٽينينسي ايڪٽ، الاٽي تحريڪ ۽ ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪون ڪاميابيءَ سان ھم ڪنار ڪيون. اھڙي جدوجھد ۽ سندس ڪردار جو صاف شفاف اڇو اجرو ۽ ذاتي لوڀ لالچ ۽ خودغرضيءَ کان آجو رھيو. سنڌ جي عالمن مولانا غلام محمد گرامي جي اڳواڻيءَ ۾ کيس باباءِ سنڌ جو لقب ڏنو ويو. ان ڪري کيس باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جا حق پرست ماڻھو، ھاري مزدور کيس پنهنجو مسيحا ڪري مڃين پيا ۽ اڄ به کيس انقلاب جي اڳواڻي لاءِ سنڀارين ٿا.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ھڪ شاھڪار قلمي پورھيو قرآن شريف جو انگريزي زبان ۾ ترجمو پڻ آھي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مظلومن جو ساٿي، ھارين جو ھمدرد ٢١ مئي ١٩٧٠ع ۾ پنهنجي ٻاريل مشعل انقلابي ساٿين جي ھٿن ۾ ڏيئي ھميشه لاءِ دارالبقا روانو ٿيو. سندس آخري آرام گاھ آزاد سنڌ جي آخري حاڪم ميان غلام شاھ ڪلھوڙو جي سيرانديءَ کان احاطي ۾ آھي. ھو جسماني طور ته جدا آھي پر فلسفي نظريي سان رھنمائي ڪري ٿو.

کرڪڻا لاھي، سک نه ستا ڪڏھين،

اوسيئڙو آھي، کاھوڙن کي پنڌ جو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ جي جنم ڏڻ جي مناسبت سان سياسي فن جو تضاد

عبداش پنھور

ديس دنيا ۾ آف شور ڪمپنين جي عالمي ڪاروبار ۽ ڪورونا وائرس واري هن انساني ايج آف اسٽيوٽ دور ۾ سياست جو فن سمجهڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي، ڇوته هي دور اڄ کان ۱۲۰ سال اڳ وارو دور ناهي، جڏهن بکوديرو ڳوٺ ۾ حيدر بخش جتوئي ناهي، هڪڙي ٻالڪ جو جنم ٿيو هو. اهو ماڻهو جيڪو انگريز جي دور ۾ اهم عهدي تي به رهيو، جنهن زمان ۽ زماني کي سمجهڻ جي به ڪوشش ڪئي ته پنهنجو ناتو سرزمين سنڌ سان واڳيل آهي، جنهن ڌرتي جو لوڪ ڏکيو هوندو ته پاڻ به سُک نه ماڻي سگهنداسين. اهو شخص جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، تيهان اڳ تنهن تنظيم جو وجود پڻ موجود هو، پر هن اچي ميدان ملهايو. حيدر بخش جتوئي پهريون ڀيرو سنڌ جي کاهوڙي کيتي ٻاڙي ڪندڙ ڪوڏر ۽ ڏانڻي ڌڻي جي سياسي مالڪي ڪئي هاري حقدار آواز بنجي حيدر بخش جتوئي اڳتي ويو ته اهو هن جو پهريون سياسي فن هو، جنهن هاري طبقي سان تضاد کي چٽو ڪيو. بکو ديرو، ٻنڊي، ٻلهڙجي ڳوٺ وک پنڌ تي هڪٻئي جي نه رڳو ڀر ۾ پر تاريخ ۾ ڀرجهلا رهيا آهن. حيدر بخش جتوئي سان ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جو جوڙ ٿيڻ سان سياسي فن جو تضاد به ان سمجهي ورتو هو ته جديد رياستي جوڙ جڪ ۾ سرمائي جي ڪُک مان پيدا ٿيندڙ مزدور ۽ هاري پورهيت گڏجي سياسي عمل ۾ هڪٻئي جا ساٿاري بنجي پوندا ته سندس جدوجهد آڏو رڪاوٽون گهٽ رهنديون ۽ هارين جي حقن جي جدوجهد تيز ٿي سگهي ٿي. اها ڳالھ حيدر بخش جتوئي کي تڏهن ئي سمجھ ۾ اچي وئي هئي، جڏهن هتي برطانوي بيٺڪيتي راڄ هو پر جڏهن ٻي مهاڀاري برطانوي بيٺڪيتي راڄ ۾ ڀاڄ وڌي تڏهن حيدر بخش جتوئي سرزمين سنڌ جي مالڪي سنڀالڻ جي سوال تي صفا چٽو لوڪ نظر آيو، جنهن ۾ تمام وڏو خطرناڪ مسئلو “ڪوڙا ڪليم”هئا، ڇوته برطانوي بيٺڪيتي راڄ ۾ ڀاڄ کان پوءِ ورهاڱو جو ٿيو ته مذهب جي نالي تي تاريخ جي تمام وڏي لڏپلاڻ ٿي ۽ جيڪي هاڻوڪي ڀارت مان لڏي آيا، انهن زميني مالڪي جهڙا حق ڄاڻايا ته اهي مذهب جي محبت ۽ پاڪستان جي عشق ۾ پنهنجي زمين ڇڏي آيا آهن. برطانوي بيٺڪيتي راڄ ۾ ڀاڄ جي خاتمي کان پوءِ اهو سوال اهم سوال بنجي ويو پر حيدر بخش جتوئي انهي سوال کي قانوني طرز سان ڏسڻ جي شاندار تاريخ جوڙي آهي ته ڏسو ته سهي ڪٿي اهي ڪليم ڪوڙا ته ناهن؟ حقدارن کي ڀلي حق ملي پر ڪوڙو ڪليم ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو.

برطانيوي بيٺڪيتي راڄ ۾ ڀاڄ جي خاتمي کان پوءِ اهو سوال ته جيڪي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويل هندو زمين ملڪيت ڇڏي ويا آهن، اها سنڌ جي سنڌي ماڻهن جو حق آهي، اهڙي سياسي فن وقت جي حڪمرانن کي صفا هڏڪيون ڏياري ڇڏيون. تنگ نظر انتهاپسندن اهڙي سوچ خلاف فتويٰ بازي شروع ڪرائي وئي ته اهي ڪامريڊ اسان جي دين جي خلاف آهن. پاڪستان ۾ اهو پهريون دليل آهي جتان انتهاپسندي جو ٻج ڇٽيو ويو هو پر حيدر بخش جتوئي ۽ سندس ساٿين انهن فتويٰ بازن جي پرواھ نه ڪندي پنهنجي سياسي فن جي بنياد تي اختلاف رکيو ته ڪوڙن ڪليمن جي آڙ ۾ ڪنهن جي به زمين يا ملڪيت نه ڏينداسين. وقت جو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ سندس ٽيم بي چين ٿي وئي، باقي ڪسر سڪندر مرزا مارشل لائي ون يونٽ لاڳو ڪري پورت ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ته سنڌ هاري ڪاميٽي تنهن طرز حڪمراني خلاف سراپا احتجاج بنجي وئي، پهرين غيرآئيني قدم کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو. تيهان اڳ پهرين سوال هاري حقدار بابت سنڌ اسيمبلي مان هارين لاءِ قانون سازي ڪرائي ته ڪو به زميندار ڪنهن به هاري کي بي دخل نه ٿو ڪري سگهي. پيداور فصل جو اڌ هاري جو حق آهي. سموري فصل جو حق قانوني تحفظ حاصل ڪري چُڪو آهي، جنهن جو ٻيو حصو اهوئي آهي ته هر هڪ زميندار هرهڪ هاري جو هر سال حساب ڪتاب لازمي ڪندو. اهو حساب ڪتاب جو فقرو انهي ڪري آهي ته جيڪي فصل بازار وڃن ٿا ۽ وڪرو ٿين ٿا، جهڙي طرح ڦُٽيون وغيره آهن، ڪمند جهڙو فصل آهي ته جيڪي فصل اڌ بٽائي جي فقري ۾ نه ٿا اچن، انهن جو حل سالياني حساب ڪتاب واري فقري ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائي تاريخ جو جديد سوال حل ڪرائي ڇڏيو هو. اهو ڪم سنڌ هاري ڪاميٽي جي حيدر بخش جتوئي جي سرواڻي ۾ سرانجام ڏنو ويو هو.

پاڪستان جي سموري ترقي پسند تحريڪ ۾ انقلابي شاعر حبيب جالب کان فيض احمد فيض ۽عاصمه جهانگيرکان ميرغوث بخش بزنجو ۽اجمل خٽڪ تائين حيدربخش جتوئي جي هاري هلچل وڏا اثر ڇڏيا. وقت جي ڪٿ اهم سياسي صفت جو نقطو اهي ڇو ته هاڻ به حڪمران عوام دشمن ڳري ڀيانڪ مهانگائي کي پنڊورا پيپرز ۾ لڪائڻ چاهين ٿا ۽ جڏهن پنڊورا پيپرز ۾ حڪمرانن جي لاڏلن جا نالا اڳيان اڳيان آيا آهن ته نيب چيئرمين اشو بابت لڇڻ لڪائڻ چاهين ٿا، پاڪستان جو اهو معاشي بحران بلاول ؛ مريم نواز جي تکين تقريرن کان تمام وڏو آهي.

حيدر بخش جتوئي کي جڏهن صدارتي سولين ايوارڊ ڏنو پئي ويو، تڏهن اهو سوال زير بحث آيو ته اهو وٺڻ کپي يا نه وٺڻ کپي؟ تڏهن ايوارڊ وٺڻ واري دليل اهو رکيو ته اهو ايوارڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪاميابي کي مڃتا آهي ضرور وٺڻ کپي، ڇو ته ڳالھ رڳو صدارتي ايوارڊ جي ناهي پر اصل ڳالھ حيدر بخش جتوئي جي فڪر کي تسليم ڪرڻ جي آهي. پوءِ به ڪنهن اردو چواڻي وانگر ته “بهت دير ڪردي مهربان آتي، آتي” انتها پسندي کان پاڪ معاشرو ترقي پسند ۽ سماجي انصاف وارو سماجي فڪر حيدر بخش جتوئي کان سواءِ ناممڪن آهي. حيدر بخش جتوئي کان پوءِ اهو پيڙاھ جو پنڌ رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي جي ولر وکر وک وڌائي جاري رکيو ته جبر ۽ جمهوريت گڏ نٿا هلي سگهن. ايڏا ڏونگرن جا ڏک ۽ ڏولاوا پسڻ وارو حيدر بخش جتوئي جڏهن ڀومي ڀاڪر هنج سُتو تڏهن سموري سنڌ سميت ديس دنيا جي ماڻهن کيس خطاب ڏنو “باباءِ سنڌ” اهو حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ ڪردار ۾ اڄ به انساني جياپي واري سفر جي سٿ ۾ سرفهرست آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

حيدر بخش جتوئي

باباءِ سنڌ

محمد نواز

سنڌ ڌرتي اهڙن عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ماتا سان بي انتها محبت جو ثبوت ڏنو آهي. جن لاءِ ڌرتي ۽ ان جا ماڻهو ئي سڀ ڪجهه هوندا آهن، جيڪي ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪندا آهي. اهي تاريخ جا هيرا هوندا آهن. اڄ به ڌرتيءَ جي هڪ بيباڪ، سچي ۽ کري انسان جو جنم ڏينهن آهي، جنهن جي جدوجهد ۽ ڪم پيرين پنڌ هلندڙ هارين مزدورن لاءِ هئا. جنهن جي محبت جو مرڪز انسانيت هئي. هو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي پيار مان سنڌي قوم باباءِ سنڌ جي لقب سان سڏيندي آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ فقير الهداد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ جتوئي ننڍي هوندي کان ئي ٻين کان الڳ سوچيندو هو. شروعاتي پڙهائي ڀر واري ڳوٺ پٺاڻ جي اسڪول مان ورتي. هن پڙهائي دوران ئي پنهنجون صلاحيتون مڃائڻ شروع ڪيون. ڪامريڊ ميٽرڪ جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيو. هو ذهين شاگرد هو. ڪامريڊ جتوئي بي اي آنرز امتحاني پوزيشن سان پاس ڪيو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هو پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هن جو عشق پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن، هارين، پورهيتن ۽ مسڪينن سان هو. ڪامريڊ جتوئي پنهنجي صلاحيتن جي ڪري ئي ۱۹۲۸ع ۾ ملازمت جي شروعات ڪئي. ساڳئي سال سندس جڳ مشهور ڪتاب “تحفه سنڌ” به ڇپجي چڪو هو. ڪتاب اچڻ سان مذهبي حلقن ۾ وڏي هلچل مچي وئي پر ڪامريڊ جتوئيءَ جي دليلن اڳيان ڳالهائڻ آسان نه هو.

ڪامريڊ جتوئي ٿوري عرصي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. سندس عهدو غريب مسڪين ماڻهن لاءِ هو. ان جو خاص سبب شايد اهو به هو ته پاڻ انهيءَ غربت واري دور مان گذري آيو هو. ان ڪري ڪامريڊ جتوئي سرڪاري عهدي تي هوندي به هارين ۽ پورهيتن جو وڪيل رهيو. هر هنڌ ڪامريڊ جتوئي پورهيتن جي وڪالت ڪئي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو پر هو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مڊل ڪلاس خاندان ۾ تبديل ٿي چڪا هئا. ڪامريڊ جتوئي چاهي ها ته هو پنهنجي عيش عشرت واري زندگي گذاري ها پر هن شايد ننڍي هوندي ئي اهو عزم ڪري ڇڏيو هو ته هن بيڪار ۽ فرسوده نظام ۽ ڪوڙين رسمن رواجن کي عوامي همدرديءَ سان ختم ڪرائيندو ۽ برابري وارو نظام آندو ويندو.

ڪامريڊ جتوئي سرڪاري ملازمت تي هارين مزدورن پورهيتن لاءِ ڪم ڪندو رهيو پر جڏهن ڏٺو ته اها ملازمت سندس جدوجهد جي راهه ۾ سڌي سنئين رڪاوٽ پئي ٿئي ته هن ملازمت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳيان عهدا ڪا معنيٰ نه رکندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي اهميت هئي ته اهو هو غريب ۽ پيرين اگهاڙي مسڪين جو پگهر ۽ ان جي محبت. جنهن ڪامريڊ جتوئيءَ کي پنهنجي ملازمت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. نيٺ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي ٿڏي اچي مسڪين پورهيتن جي صفن ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ ساڳئي سال “جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” جهڙو شاهڪار نظم لکي زلزلو برپا ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪامريڊ جتوئيءَ کي ملڪ دشمن ماڻهو قرار ڏنو ويو. پر اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو جو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙي محب وطن ماڻهوءَ کي ملڪ دشمن چيو وڃي. آخر ڪامريڊ جتوئيءَ کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو. رڳو جيئي سنڌ جي نعري جي ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۱۸ مهينا جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ نيٺ پنهنجي مضبوط دليلن سان ڪيس کٽي جيئي سنڌ نعرو مڃرائي آيو ته جيئي سنڌ نعرو ڀلي لڳايو وڃي ڪا غلط ڳالهه نه آهي. اها ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن رڳو سنڌ لکي خط موڪليو ويندو هو ته ان ماڻهوءَ کي گرفتار ڪيو ويندو پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهيءَ دور ۾ جيئي سنڌ جو نعرو هنيو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ ۱۹۵۰ع اڌ بٽئي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ان تحريڪ دوران ڪامريڊ جتوئي سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ احتجاج ڪيا. هاري ڪانفرنسون ڪيون، ليڪچر ڏنا، هارين پورهيتن کي سجاڳ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ايتري ته ان لاءِ تبليغ ڪئي جو اڻپڙهيل هارياڻيون جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان بيٺيون. ان جو هڪ وڏو مثال شهيد مائي بختاور پنهنجي جان جي قرباني ڏئي قائم ڪيو ۽ ان تحريڪ ۾ روح ڦوڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي رڳو اڌ بٽئي واري تحريڪ جي تبليغ نه ڪئي پر هو سنڌ تي ڪرندڙ ظلم جي ڇپ خلاف اٿي بيٺو.

ڪامريڊ جتوئيءَ جو ڪردار ان وقت به گهڻو اڳڀرو هو، جڏهن ون يونٽ جو قهري ڪوٽ سنڌ مٿان ڪيرايو ويو ته اهو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو جنهن ترت ان کي رد ڪيو ۽ اينٽي ون يونٽ موومينٽ شروع ڪئي. ان تحريڪ جي ڪنوينر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ان خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. اها تاريخي ڪاميابي هئي. ڪامريڊ جتوئيءَ جو هر وقت جدوجهد ۾ گذرندو هو. ڪامريڊ جتوئي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽرين مارچ ڪري وڏيرن سان ڀريل سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بل منظور ڪرايو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي جدوجهد نتيجا ڏيندڙ هئي. هو سنڌين کي همٿائيندي چوي ٿو:

“سنڌي پيارا همت ڪر

هار نه مڃ ڪجهه جرئت ڪر

ظالم جي هام تمام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ”

ڪامريڊ جتوئي پهريون ماڻهو هو جنهن پمفليٽ پاليٽڪس سنڌ ۾ شروع ڪئي. ڪامريڊ جتوئي دشمن جي سازشين کي اڳ ئي سمجهي ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو دشمن اڃا سوچيندا هئا ته ڪامريڊ جتوئيءَ جو پمفليٽ اچي ويندو هو، جيڪو ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ اڳ ئي هر مسئلي تي قوم کي هوشيار ڪندو هو. ڪامريڊ جتوئي پنهنجي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌو درياهه سان پيار ڪندي پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن لکي ٿو.

“جيئي سنڌو جو درياهه

جيئي سنڌو پنهنجو ساهه

آب حيات جنهن جو جام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ”

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو بيباڪ شخص آهي، جنهن جي غلطين وارو خانو خالي آهي. هيءَ اهو شخص هو جنهن جي زندگيءَ ۾ غلطين جي گنجائش نه هئي. اڄ به ان ڳالهه جي سخت ضروت آهي ته سندس فڪر جي پرچار ڪري سنڌي قوم کي سندس فڪر سان سرشار ڪريون. سنڌ ۾ اهو واحد فڪر آهي، جيڪو سنڌ جي خوشحاليءَ جو ضامن آهي. اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته اهڙي بيباڪ، سچي کري ۽ ارڏي انسان جو فڪر ڪنڊ ڪڙڇ پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سموري محبت، پيار ۽ خلوص مان سندس جدوجهد سچائي ۽ عظمت کي ڪروڙين سلام

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

حيدربخش جتوئي

سندس خدمتون ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو سرسري جائزو

سهيل سانگي

اڄ کڻي سنڌ ۾ هاري تحريڪ ۽ هاري سوال جو ذڪر و فڪر ناهي، پر ويجهي ماضيءَ ۾ چاليهارو کن سالن تائين  اها هڪ سگهاري تحريڪ طور رهي ۽ سياسي ۽ سماجي فڪر تي ڀرپور طريقي سان اثر انداز ٿيندي رهي. هاري تحريڪ جي ڪمزور ٿيڻ جا جتي معروضي ڪارڻ آهن، اتي موضوعي Subjective سبب پڻ هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،   جنهن جي  شخصيت، ڏاهپ ۽ بهادريءَ سبب ئي هارين جي تنظيم، ڪميٽيءَ مان تحريڪ بڻي، اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي اسين سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو سرسري جائزو وٺنداسين.

سنڌ هاري ڪميٽي ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي تسلسل طور ۽ آل انڊيا ڪسان سڀا جي حصي طور ۱۹۳۰ع واري ڏهاڪي ۾ وجود ۾ آئي، جنهن جي قيام ۾ وقت جي روشن خيال ۽ جمهوريت پسند اڳواڻن سائين جي ايم سيد، جمشيد نسروانجي ۽ ٻين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي جدوجهد کي چئن وڏن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دور ۱۹۳۰ع واري ڏهاڪي جو آهي، جڏهن فڪري لحاظ کان گڏجاڻيون ۽ بحث وڌيڪ ٿيا. هاري ڪميٽي جي شروع واري دور ۾ روشن خيال ۽ جمهوريت پسند ماڻهن جي زور تي اهو مطالبو وڌيڪ رهيو ته سرڪاري زمينون هارين ۾ ورهايون وڃن ۽ هارين سان انصاف ڀريو سلوڪ ڪيو وڃي. تڏهن صرف ڪميونسٽ ئي هئا، جيڪي جاگيردارن کان زمينون کسڻ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا. اهي ٻئي لاڙا هاري ڪميٽيءَ ۾ آخر تائين رهيا. ٻيو دور ۱۹۴۰ وارو آهي، جنهن دوران ننڍيون ننڍيون ڀرپور تحريڪون هليون، جن ۾ڄيٺمل پرسرام ۽ قادر بخش نظاماڻي اهم ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۴۶ع ۾ ٽندي الهيار ۾ هارين، ميرن ۽ لغارين جي زمينن تي قبضو ڪيو، جنهن جو رڪارد آل انڊيا ڪسان سڀا جي رڪارد ۾ ملي ٿو. انهيءَ مان لڳي ٿو ته ۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ جدوجهد ۾ شعور سان گڏ هيرو ازم ۽ شدت پسندي اچي ويئي هئي.

جيئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سرڪاري نوڪري ڇڏي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ته هن ان تحريڪ کي نئون جوش ۽ ولولو بخشيو. ڪامريڊ جتوئي مارڪسي فلسفي کان متاثر هو، هاري ڪميٽيءَ جو اهو دور گهڻ پاسائين ترقيءَ جو دور آهي. هن دور ۾ هارين جي تنظيم ڪاري ٿي. ان تنظيم ڪاريءَ جو گهڻو اثر اتر سنڌ طرف وڌيڪ هو. وچولي ۽ لوئر سنڌ ۾ ايتري تنظيم ڪاري نه ٿي سگهي، پراڻو هاري ورڪر، شاعر ۽ صحافي منصور ميراڻي، ڪامريڊ رمضان شيخ سان ٿيل ڪچهرين جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ ضلعي سطح تي باقاعده هاري ڪميٽيءَ جون آفيسون قائم ٿيون. اهي آفيسون ’هاري حقدار‘ جي نالي سان هونديون هيون، جتي هارين جي بيدخلين، پوليس ۽ زميندارن جي زيادتين خلاف شڪايتون لکيون وينديون هيون ۽ ان ڏس ۾ واسطيدار عملدارن سان لکپڙهه ڪئي ويندي هئي ۽ عوامي سطح تي اهو مسئلو اٿاريو ويندو هو.

ٽئين دور ۾ سڀ کان وڏو ڪم ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرائڻ هو. سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ مان هاري ڪامريڊ جتوئيءَ جي سڏ تي سنڌ اسيمبليءَ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. اهو ڌرڻو ايڏو ته سگهارو هو، جو اسيمبلي ميمبرن کي ٻاهران ڪو پاڻي يا ماني نه پئي وڃي سگهي. ٽيننسي ايڪٽ قانون جي لحاظ کان وڏو ڪارنامو هو. هن قانون ۾ پهريون ڀيرو هاري ۽ زميندار کي زراعت ۾ برابر جو ڀائيوار مڃيو ويو هو. ٻج، ڀاڻ، ٻئي زرعي خرچ ۽ پيداوار جي ورهاست (بٽئي) بابت واضح طور تي قانوني فقرا موجود هئا. انهيءَ دور ۾ هاري ڪميٽيءَ جي انهيءَ ئي ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش، جتوئي سلطان احمد چانڊيو جي مقابلي ۾ بيٺو ته سندس ورڪ لاءِ پنجاب مان به حبيب جالب ۽ ٻيا ڪميونسٽ اڳواڻ پهتا هئا. جرئت مندي واري جدوجهد جي ڪري هاري سوال گهڻو اڀري آيو. ان دور ۾ چيني اڳواڻ چو اين لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن حڪومت کان فرمائش ڪئي، ته کيس ڪامريڊ جتوئيءَ سان ملايو وڃي.

۱۹۵۷ع ۾ هاري ڪميٽيءَ جي وڏي پيماني تي پهرين ڪانفرنس آرائين، تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ ٿي، جيڪا هاري تحريڪ ۾ ’آرائين هاري ڪانفرنس‘ طور سڏي وڃي ٿي. هن ڪانفرنس ۾ شيخ اياز ۽ ان دور جي ڪراچيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن شرڪت ڪئي. ان دور ۾ سڄي سنڌ ۾ آفيسن ۽ ڪارڪنن جو نيٽ ورڪ صرف سنڌ هاري ڪميٽي وٽ هو، جيڪو ٻئي ڪنهن وٽ ڪونه هو. ڪامريد مولوي نذير حسين، محمد رمضان شيخ، نيڪ محمد فضلي، محمد عمر ٻوهڙو مک هاري ليڊر هئا، جيڪي اتر سنڌ واري علائقي ۾ پيا هلندا هئا. ان دور جي ٻي خاص ڳالهه اها هئي، ته هاري ڪميٽي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين پارٽين جو گڏيل مورچو هو. جي ايم سيد هجي يا الله بخش سومرو يا ٻيو ڪو اڳواڻ، اهو هارين جا مسئلا کڻندو هو. ان دور ۾ جيڪا به ڪانفرنس ٿيندي هئي، سا سنڌ اندر سياسي هلچل جو نئون سنگ بنياد بڻبي هئي. اهڙي ئي هڪ ڪانفرنس ۾ ڪامريد ڄام ساقيءَ کي سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيم ٺاهڻ جي ذميواري ڏني ويئي هئي.

هاري جدوجهد جا ڪيترائي شهيد آهن. پٺائي انڙ، تعلقي ٽنڊي باگي جو هاري هو، زميندار سان بٽئي تي جهيڙو هلندڙ هو. مختيارڪار وٽ ۱۰ جون ۱۹۵۳ع تي فيصلو ٿيو. ۱۲ جون تي هو پنهنجي پٽ محمد ابراهيم سميت قتل ٿي ويو. هاري ڪميٽي جي دٻاءَ تي قاتل گرفتار ٿيا ۽ کين سزا پڻ آئي. خميسو خاصخيلي، ڳوٺ حاجي خاصخيلي ٽنڊي الهيار جو هاري هو. زميندار ساڻس زيادتيون ڪندو هو. هو ٻين هاري ورڪرن سان گڏ مختيارڪار وٽ شڪايتون کڻي ويندو هو. هاري ورڪرن جي هن گروپ تي زميندار جي ماڻهن حملو ڪيو، نتيجي ۾ پنجن ٻين هاري ورڪرن سميت هو زخمي ٿي پيو، بعد ۾ هو زخمن جو سور نه سهي گذاري ويو. غلام مصطفى عباسي ۲۸ نومبر۵۳ع تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ گذاري ويو. عزيز الله مجروح ڄاتل سڃاتل هاري ليڊر ۽ شاعر هو. ۸ آگسٽ ۶۲ع تي زميندارن گهر ۾ ستل حالت ۾ کيس قتل ڪرايو. عزيزالله جي قبر تي هاري ليدرن نذير جتوئي، نيڪ محمد فضلي ۽ ٻين عهد ڪيو ته مجروح، جيستائين تنهنجو پلاند نه ڪنداسين، تيستائين ماٺ ڪري نه ويهنداسين. علائقي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته مولوي نذير جتوئي پوءِ اهو پلئه ڪيو. بختاور به بٽئي تحريڪ جي شهيد آهي. کيس تڏهن قتل ڪيو ويو، جڏهن هاري سڀ جهڏي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا. هاري ورڪر بالاچ بروهي کي نوابشاهه ويجهو شهيد ڪيو ويو.

کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ پراڻي ڪارڪن منصور ميراڻي جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني هاري ڪميٽي جي ڪامريڊن سخت جدوجهد ڪئي، ڪٺن زندگي گذاري ۽ هڪ مشن کي اڳتي وڌايائون، ان موجب جيڪي ڪنهن بيماري وگهي به گذاري ويا، اهي به شهيدن جي کاتي ۾ اچن ٿا. مختلف دورن ۾ ڪم ڪندڙ هاري ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي لسٽ آهي، پر ان مان چند چيده چيده اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا هن ريت آهن، جن هاري ڪيمٽي جي مختلف دورن ۾ ڪم ڪيو. پهرين ۽ ٻئي دور جا هاري ليڊر پڙهيل لکيل ۽ عالم فاضل هئا. ڄيٺمل پرسرام، قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، عبدالرحمان عيساڻي، محمد عالم مڱريو، مير محمد ٽالپر، مولوي عزيز الله جروار، مولوي نذير جتوئي، عبدالقادر کوکر، عبدالقادر انڊهڙ، صوفي جانڻ چن، محمد هاشم گهانگهرو، قاسم پٿر، سليمان لاکو، محمد خان لاکو، ڪامريڊ محمد رمضان شيخ، غلام حسين سومرو، قاضي فيض محمد، ڪامريد ڄام ساقي، باقر سنائي، رئيس بروهي، مانڌل شر، عنايت ڌمچر، شاهه محمد امروٽي، حسين مگسي، مولوي شاهه محمد بنگلاڻي. اسي واري ڏهاڪي کانپوءِ غلام رسول سهتو، صالح بلو، غلام حسين شر، عثمان لغاري، احمد خان لغاري، دادا علي بخش، گلاب پيرزادو، محب پيرزادو، نبي بخش، همدرد ڦوٽو رستماڻي، محب نظاماڻي، اسماعيل قريشي، لالا شاهه محمد دراني، تاج مري، يار محمد جلالاڻي، الهه رکيو جلالاڻي، خدا بخش شاهه، پنهون زنئور، غلام قادر مرڙاڻي، منصور ميراڻي، مراد چانڊيو، حاتم چانڊيو، قاضي عبدالخالق، شاهمير ڀنگوار، حسين بخش جج، محمد عثمان شيدي، بقا بروهي، دين محمد انڙ، حاجي حسين جوڻيجو، ولي محمد انڙ ۽ اسماعيل کوسو شامل هئا. عوامي تحريڪ جي ٺاهيل ” سنڌي هاري تحريڪ“ ۾ فاضل راهو اهم ڪردار ادار ڪيو. جڏهن ته ٻين مکيه اڳواڻن ۾ علي سوڍو، قادر رانٽو، وشنومل، شير خان لنڊ، گل حسن ڪيڙانو اهم نالا آهن.

امداد قاضي جو چوڻ آهي ته ۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ هاري ڪميٽي طبقاتي تنظيم طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. جاگيرداري ختم ڪرڻ ۽ پيداوار تي مالڪيءَ جو حق وٺڻ جا نعرا ڏنا ۽ ان حڪمت عملي تي ڪم ڪيو. قومپرستن جو نعرو هو ته ڪوڙا ڪليم ختم ڪيو. ڪميونسٽن ۽ ڪامريڊ جتوئيءَ جو موقف هو ته هر طرح جا ڪليم غلط آهن. ڪوڙا ڪليم ختم ڪرڻ جو مطلب اهو ته سچا ڪليم صحيح آهن، جيڪي انڊيا ۾ صاحب جائيداد هئا، سي هتي به صاحب جائيداد ٿين. هاري ڪميٽي شاهه عنايت صوفيءَ واري ان نعري کي ٻيهر جياريو.. ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ ان معاملي ۾ سيد ۽ جتوئيءَ ۾ دوري پيدا ٿي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سوويت يونين ۽ چين جي اختلافن سبب کاٻي ڌر ۾ ٿيل ورڇ سڄي دنيا وانگر هاري ڪميٽي کي به ورهائي ڇڏيو. هاري فرنٽ جي اڳواڻي ڪندڙ ڪميونسٽ ليڊر ڪامريڊ عزيز سلام بخاري چيني لائين اختيار ڪئي. نتيجي ۾ هاري ڪارڪنن جو ڳچ حصو سندس گروپ ۾ شامل ٿي ويو. هن گروپ طرفان ئي چمبڙ تحريڪ هلائي وئي، جنهن ۾ احمد خان لغاري ۽ ٻين ڪامريڊن اهم ڪردار ادا ڪيو.

چوٿون دور ڪامريد جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ جو آهي. ڪامريد جتوئيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ’شاگرد هاري مزدور رابطه ڪميٽي‘ جوڙي وئي. تن ڏينهن ۾ شاگرد تحريڪ گهڻو زور هئي ۽ مزدور تحريڪ به اڀريل هئي. هن اتحاد جو مقصد اهو هو ته هڪ ته سمورا پڙهيل طبقا گڏجي جدوجهد ڪن ۽ ٻيو اهو ته هارين کي به مزدورن ۽ شاگردن جي تحريڪ مان فائدو ملي. ڪامريڊ جي زندگي ۾ ئي سڪرنڊ ڪانفرنس رٿي وئي، پر سندس وفات سبب اها ملتوي ڪئي وئي ۽ڪجهه مهينن جي وقفي بعد ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس ۾ ڄام ساقيءَ کي هاري ڪميٽي کي نئين سر منظم ڪرڻ لاءِ آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جي موجوده سيڪريٽري جنرل امداد قاضي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هاري ڪميٽي جو رنگ وڌيڪ ريڊيڪل ٿيو، پر اها تنظيمي طور سڪڙجي وئي. سندس چواڻي ته ڪامريڊ ڄام جي ڏينهن ۾ نظرياتي رخ تي وڌيڪ توجهه رهيو. هاري ڪميٽي ماس موومينٽ نه بڻجي سگهي.وڏي پيماني ڪا تحريڪ نه هلي سگهي. ننڍيون ننڍيون تحريڪون هليون. ڪجهه پاڪيٽس ٺهيا، لاڙڪاڻي، ٻلهڙيجي ۽ شهدادڪوٽ ۾ مضبوط پاڪيٽ ٺهيا. ايتري قدر جو هاري ڪميٽيءَ عرس سيلرو کي نادر مگسي جي مقابلي ۾ اميدوار بيهاريو، کروهي تعلقي ڏهرڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جي اڳواڻي ۾ مضبوط مرڪز ٿيو. نوابشاهه ۾ پير شهاب جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ٽنڊوالهيار ڀرسان پهاڙ لغاري ۽ گلاب لغاري ۾ به ڪجهه مرڪز ٺهيا. جامي چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڪامريڊ جتوئيءَ جي وفات کان پوءِ عملي طرح هاري ڪميٽي جو وجود نه رهيو. اهو زرعي سوسائٽي جو الميو آهي ته وڏا ماڻهو آهن ته تنظيم ۽ تحريڪ ٺهي ٿي، نه ته ٿيو خير. جتوئيءَ بعد هاري قيادت ۾ ائين ڪو وڏو ماڻهو نه آيو. عوامي تحريڪ ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جي نالي سان ڪجهه عرصو ڪم ڪيو، پر ضياءَ الحق جي دور ۾ ان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. گهڻو لاڙو قومي سوال ڏانهن ٿي ويو. ان کان علاوه هاري تنظيمون مختلف شڪلين ۾ ٺهيون، پر سرزمين تي موجود نه هيون. ضياءَ الحق کان پوءِ حقيقي معنى ۾ هاري تحريڪ ختم ٿي ويئي. ان جو ڪارڻ قومي سوال ۽ جمهوري سوال جو اڳتي اچڻ هو، جنهن کي کڻڻ وقت جي ضرورت به هئي ۽ سياسي پارٽين انهن ٻنهي سوالن کي اهميت به ڏني. بهرحال ضياءَ الحق خلاف تحريڪ ۾ هارين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

سياسي ڪلچر ۽ ماحول جي تبديلي:

جي ايم سيد هاري ڪميٽي جي شروع واري ٻن دورن ۾ ڀرپور طريقي سان شامل رهيو، پر سٺ واري ڏهاڪي ۾ ۽ خاص طور تي ستر ۾ چونڊون هارائڻ بعد پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي نتيجي ۾ هن ٻيهر ڪڏهن هاري سوال جو ذڪر نه ڪيو. شروع واري دور ۾ سياسي ڌرين جي هاري سوال تي ڪابه چٽا ڀيٽي يا مقابلو نه هو، پر ستر واري ڏهاڪي کانپوءِ سياسي ڌريون هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ لڳيون. هر ڪنهن پنهنجي ڪميٽي يا محاذ الڳ ٺاهيو. سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري صوفي حضور بخش جامي چانديو جي ان راءِ سان متفق ناهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ هاري ڪميٽي ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ وڏو ڇال ڏنو، تڏهن ’هاري تحريڪ‘ کي نئون اوج مليو. ان  جو سبب هارين ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ڌرين جو هڪ دفعو وري گڏجي ڪم ڪرڻ هو. ان دور ۾ سؤ کان وڌيڪ جلسا ٿيا. هارين جون جدوجهدون هليون، جيڪي ڪامياب به ويون. بعد ۾ وري انهن گروپن جي وچ ۾ اختلافن سبب ٽوڙ ڦوڙ ٿي ۽ هاري ڪميٽي ڪمزور ٿي وئي. سندس چواڻي ته جيڪڏهن پاڻ ارپيل قيادت هجي ۽ کاٻي ڌر جي مکيه گروپن جي حمايت هجي ته هاري ڪميٽي ٻيهر سرگرم ۽ فعال ٿي سگهي ٿي.

هاري ڪميٽي جون حاصلات:

ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي ڳوٺن تائين کڻي وڃڻ،

روشن خيال فڪر، سياسي سجاڳي ۽ تنظيم ڪاري ذريعي ننڍيون ننڍيون لڙايون لڙڻ، هاري ڪميٽي جي اهڙي حاصلات آهي، جنهن مجموعي طور سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جاڳرتا آندي. ان جاڳرتا جو کٽيو ذوالفقار ڀٽي کاڌو. ان کان علاوه هاري ڪميٽي جون پنج ٻيون حاصلات آهن، جيڪي اهم آهن.

۱. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرائڻ

۲. ڪوڙن ڪليمن کي روڪڻ

۳. بئراج جون زمينون ڌارين جي بدران مقامي ماڻهن کي ڏيارڻ

۴. زرعي پيداوار جي اڌ بٽئي

۵. هارين جون بيدخليون روڪائڻ

انهن پنجن ئي حاصلات لاءِ هاري ڪميٽي ڪامريد حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻي ۾ جامع حڪمت عملي سان لڳاتار جدوجهد ڪندي رهي. دراصل هر حاصلات جي الڳ الڳ تحريڪ پڻ هئي.

ڪامريڊ جتوئي هڪ بي ڊپو، برجستو اڳواڻ هو. سندس حڪمت عملي هميشه گهڻ پاسائين هوندي هئي. يعني قانوني ويڙهه به وڙهندو هو، احتجاج، جلسا، جلوس به ته وري ٻين پارٽين سان لابنگ به ڪندو هو ته جيئن هن مطالبي جي ٻين وٽان به حمايت ملي سگهي. جيتوڻيڪ پيداوار جي ذريعن ۾ تبديلي آئي آهي. لوئر سنڌ ۽ لاڙ ۾ ڪمند ۽ ٻيا ڪيش ڪراپ وڏي پيماني تي ٿيڻ ڪري زرعي مزدور پيدا ٿيو آهي. هن وقت به معاشي طور تي سڄو نزلو هاري تي ڪري ٿو. دڪاندار، وڏو واپاري، ڪارخانيدار، سرڪاري يا خانگي ملازم پنهنجو سمورو بار عام حالتن ۾ توڙي معاشي بحران جي صورت ۾ هاريءَ تي وجهي ٿو، ان ڪري هاريءَ جي حالت خراب آهي. ’هاري سوال‘ رياست ۽ سياست ٻنهي جي ايجنڊا مان گم آهي. ڪجهه اين جي اوز هاري معاملن تي ڪم ڪن ٿيون، پر اهي حقيقي هاري تنظيمون ناهن. اهي Issue based معاملا کڻن ٿيون. ان کي انساني حقن يا وري پورهيت جو سوال ڪري کڻن ٿيون. در اصل هي سماج جو طبقاتي ۽ سياسي سوال آهي. اڻ برابريءَ جو سوال آهي. اين جي اوز هن معاملي کي اشو طور کڻن ٿيون، جيڪو وقتي رليف يا فرسٽ ايڊ طور ڪم ڏي ٿو. پر ان کان مٿي نه انهن جي صلاحيت آهي، نه ارادو، نه vision. هي سياسي ۽ طبقاتي سوال آهي، جيڪوسياسي پارٽين کي ئي کڻڻ گهرجي.




ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

بي ڊپو هاري اڳواڻ ۽ شاعر

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

“باباءِ سنڌ” جو لقب ماڻيندڙ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي الهداد خان جتوئيءَ جي گهر ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي جنم ورتو. سندس مشهوري هاري اڳواڻ، انقلابي شاعر ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان آهي.

انگريز دور ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو هي گريجوئيٽ روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي، پوءِ مختيارڪار ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، پر انهيءَ دوران کيس اهو احساس شدت سان ٿيو ته سنڌ جو هاري مظلوم ۽ زميندار ظالم آهي ۽ حڪومت جو ساٿ مٿئين طبقي سان آهي، انهيءَ ڪري کيس آفيسريءَ واري حياتي ڀانءِ نه پيئي، سنڌ جي هارين نارين جي پيڙيل حياتيءَ سندس سک چين ڦٽائي ڇڏيو، ۽ هن پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين هن خطي جي هارين ۾ هو سجاڳي پيدا نه ڪندو، تيستائين سک سان نه ويهندو، اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي هيڏي وڏي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ سخت جدوجهد ڪري هاري پارٽي ٺاهي ۽ سندن حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ رتيديري واري هاري ڪانفرنس ۾ کيس هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. هن عهدي تي هو مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو.

حيدربخش جتوئي هارين جي بچاءُ لاءِ قانون جو مسودو تيار ڪري سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ لڳي ويو. “هاري حقدار” نالي هفتيوار اخبار ڪڍيائين، جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس گاڏي کاتي حيدر چوڪ مان نڪرندي هئي، (گاڏي کاتي واري چوڪ کي اڄ به حيدر چوڪ سڏيو وڃي ٿو). سنڌ جو هيءُ پڙهيل لکيل عوامي ليڊر مئجسٽريٽ ٿي رهيو. سندس گهر ۾ ادبي ڪتابن سان گڏ قانون جي ڪتابن جو وڏو انگ موجود هو ۽ کيس قانون تي وڏو عبور حاصل هو. هن پنهنجي ڪيس جي وڪالت پڻ پاڻ ڪئي، سندس مٿي مشهور ڪيس “جيئي سنڌ ۽ جيئي هند” وارو به هو، جنهن مان کيس با عزت آزاد ڪيو ويو. هو ڪيترائي دفعا جيل ويو ۽ جيل واري عرصي دوران پڻ سندس گهر ۽ اوطاق هاري ڪاميٽيءَ وارن لاءِ کليل هوندا هئا، جنهن ۾ ڪامريڊ غلام حسين سومرو، ڪامريڊ احمد لغاري ۽ ٻيا ڪم ڪارين کي ڏسندا هئا. ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪتاب، “منهن تنين مشعل” ۾ لکيو آهي ته، “ون يونٽ جا سانباها ٿيا ته ان جي خلاف تحريڪ به تيز ٿي ويئي.

پهرين “سنڌ عوامي محاذ” ٺهيو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پنهنجي هاري پارٽي سوڌو ان ۾ شامل ٿيو. کهڙي سرڪار جي آمريت جو مثالي بهادريءَ سان مقابلو ڪيائين،. اسان به شاگرد ڪارڪنن جي حيثيت ۾ ان تحريڪ ۾ گهڙي پياسين ۽ ان ريت ڪامريڊ کي ٿورو ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ته کرو، ڪوبه رک رکاءُ، ڪابه ٺاهه ٺوهه يا تصنع، ڪابه مصلحت آميزي نه، جيڪو دل ۾ اهو زبان تي. ڪامريڊ جو منهن سندس روح جو آئينو هو.

اهڙو معصوم چهرو مون رڳو علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڏٺو، جنهن جي چهري جي هر ريکا ۾ خلوص هو. پاڻ سڌو ڳالهائيندو هو، بنا ڪنهن لڪ لڪاءُ، ٺاهه ٺوهه، رک رکاءُ يا ڊپ ڊاءُ جي چوندو هو، “ڪامريد، ڳالهه ڪجي سنئين سڌي”. اڳيان لکي ٿو ته، “هن دور ۾ مون علامه آءِ آءِ قاضيءَ توڙي ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ٻنهي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. علامه صاحب سان ايتري ويجهڙائپ نه ٿي پر تڏهن به مان سمجهان ٿو ته علامه صاحب هن دور ۾ شاهه لطيف جو ڪردار پئي ادا ڪيو ته حيدربخش جتوئيءَ سچل سرمست جو. هڪ اشارن ۽ ڪناين ۾ حقيقت ڏي اشارو پئي ڪيو ته ٻئي سڌو سنئون علي الاعلان دُهل وڄائي حق ڏي پئي سڏيو”. (ص-۲۲)

ڪامريڊ حيدربخش هڪ دلير ۽ سمجهدار ڄاڻو اڳواڻ هو. پاڻ ٽي دفعا سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پڻ بيٺو پر عوام ۾ سياسي شعور جي ڪميءَ سبب ڪامياب نه ٿيو، ته به هن جي حياتي سنڌ جي پورهيت طبقي لاءِ وقف هئي. کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته هن جي سانگيئڙن وٽ قانون جي سمجهه ڪانهي. کين پنهنجن حقن جي آگهي ڪانهي. تيستائين سنڌ ڪڏهن به ڪين سنورندي، جيستائين عوامي اٿل جو انقلاب نه ايندو ۽ اهو انقلاب هُن آندو ۽ هارين نارين کي اڌ بٽئيءَ جا حق وٺي ڏنائين ۽ انهن جي بي جا بي دخلين خلاف قانون پاس ڪرايائين.

سنڌي ادب ۾ جتوئي صاحب جي حيثيت شاعر جي حوالي سان آهي پر هن ڪي ڪتاب نثر ۾ پڻ لکيا آهن ۽ گهڻا ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن. انهن جو ڳاڻيٽو ۱۴ آهي. سنڌي ڪتابن ۾ سندس پهريون شاعريءَ جو ڪتاب، “تحفهء سنڌ” آهي، جو ۱۹۳۰ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب تي وڏا اعتراض ٿيا ۽ کيس مشهوري ملي. شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص “حيدر” رکيائين.

هن نظم ۽ غزل وڌيڪ چيا، جن مٿي کيس وڏي دسترس هئي. سندس ڪلام ۾ عشق ۽ رومانس جي ذڪر کان وڌيڪ پورهيت طبقي ۽ هارين نارين جو ذڪر آهي. “درياهه شاهه” شاهڪار نظم آهي.

حيدربخش جتوئيءَ چؤسِٽا ۽ قطعا پڻ لکيا. سندس شاعري عوامي شاعري آهي، جيڪا مقصدي طور عام جي من کي متاثر ڪرڻ لاءِ لکيل ٿي ڏسجي پر ننڍو وڏو، پڙهيل اڻ پڙهيل به هن جي دل سان ڪيل هن سڏ تي ساڻس گڏ ٿي ويو ۽ هن جو چيل شعر مقبول ۽ معروف ٿيو. هو دل جي سچائيءَ جو قائل آهي. تڏهن هن چؤسِٽي ۾ چوي ٿو ته،

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،

مسجد ۾ ٽڪاڻي ۾ نه ديول ۾ ڏٺم،

هت بحث ۽ منطق جو نه ڪجهه آهي زور،

مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.

سندس جي انقلابي شاعريءَ جا مجموعا جيڪي ڇپيا، انهن ۾ “آزادي ۽ قوم” ۱۹۴۲ع، “هاري انقلاب” ۱۹۴۲ع، “سنڌ پياري”، “هاري گيت” ۽ “جيئي سنڌ- جيئي سنڌ” شعري ڪليات، جنهن ۾ اڳين ڇپيل شعري ڪتابن کان سواءِ اڻ ڇپيل شاعري پڻ آندي ويئي آهي. نثر ۾ لکيل ڪتابن ۾ “هاري ڪهاڻيون” ۱۹۵۰ع، “ڪمدار جا ڪارناما” ۱۹۵۳ع آهن. ان کان سواءِ ڪامريڊ حيدربخش ڪيترائي مضمون سياسي موضوعن ۽ سنڌ جي حالتن جي باري ۾ لکيا. حيدربخش جتوئيءَ جي لکيل پمفليٽن سنڌ ۾ انقلاب جي باهه ٻاري ڇڏي.

هن پنهنجي قوم جي غريبن، اٻوجهن ۽ سادن ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو. هاري حقدار اخبار ۾ سندس ليک هر هفتي هوندا هئا، جيڪا هو پاڻ ڪڍندو هو. ان اخبار جو ايڊيٽر پڻ هو. ڪتاب پڙهڻ جو کيس گهڻو شوق هو، جنهن جو ثبوت هن جي لائبريري هئي پر کيس گهڻو لکڻ يا شاعريءَ ڪرڻ جو وقت نه ملي سگهيو. سندس حياتي تمام مشغول هئي. ڪامورڪي دور ۾ يا توڻي هاري ڪاميٽيءَ جي قيام کان پوءِ جي انقلابي دور ۾ هو تمام مشغول رهندو هو. ادب ۾ دلچسپي ۽ شوق هئڻ جي باوجود پڻ گهڻا ادبي ڪتاب لکي يا شاعري ڪري نه سگهيو، هن عملي طور سنڌ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو، جو هڪ حياتي ڇا، ماڻهو شايد جهجهين حياتين ملڻ بعد به نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر تنوير سندس عظيم مقصد کي هن ريت مڃتا ڏني آهي، “ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جهڙا ماڻهو ڪٿي؟ سچا، کرا، جن جي اندر ۾ عشق، عشق سنڌ جو، سنڌ جي پورهيت جو، جن جو خلوص شفاف شيشي وانگر، جن جي حياتي ڏک، ڏولاوا، پر منهن تي هڪ سدا جرڪندڙ مُرڪ. اها مرڪ، جيڪا ڪنهن عظيم مقصد لاءِ تڪليف سهڻ کان پوءِ سڪون حاصل ٿيڻ مان ملندي آهي”.

ڪامريڊ حيدربخش “حيدر” جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي وفات ڪئي. کين حيدرآباد ۾ سندن وصيت مطابق غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ مئئ ۲۹۲۳ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو تاريخي تسلسل

حميده گهانگهرو

قومن جي سڃاڻپ عظيم ڪردارن سان ٺهندي آهي، ڪردار، قومن کي مهذب ۽ تاريخي حيثيت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، انهي ڪري جاندار ۽ حقيقي تحريڪن جا اتساهه ناهن ٽٽندا ۽ اهڙيون تحريڪون هميشه زنده رهنديون آهن.

هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ شاهه عنايت شهيد پاڻ ذات جو لانگاهه هو پر ذات پات، مذهب،رنگ نسل کان الڳ ٿي، انسانيت جي دائري ۾ رهندي ظالم آڏو جهڪڻ بدران وچن ڪيائين ته مظلوم هاري سڄو سال سياري، اونهاري، گرمي ۽ ٿڌ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ زمين کيڙي ان اپائي ٿو. زميندار، جاگيردار، وڏيرو کيس محنت جو ايترو اجورو به نٿو ڏئي جو صحيح طريقي سان پنهنجي گهر جو گذر ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ شاهه عنايت شهيد هاري حقدار جو نعرو ڏئي طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام کي للڪاريو. شاهه عنايت جي جذبي ۽ سچائي کي ڏسي سڀ هاري ظلم جي زنجيرن ۽ ڏاڍ خلاف جهدوجهد لاءِ هڪ ٿي ويا. هارين جي ان تحريڪ ۾ ۴ هزار شهيدن جون ميران پير ۾ اجتماعي قبرون آهن، ڇو ته سماجي رسمون ادا ڪرڻ جي مهلت ڪانه هئي، مغل دور جي بادشاهي محلن ۾ انسانن کي غلامي جهڙي حيثيت هئي ته ٻئي پاسي شاهه عنايت انسانن جي آزادي، خود مختياري ۽ سندن محنت جو حق وٺڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪري چڪو هو.

ڌرتيءَ لاءِ سر گهوريندڙن جو خون اصل ۾ زنده رهڻ وارن انسانن جو ويساهه هوندو آهي، اهڙو ويساهه هارين جي تحريڪ کي مليو، “جو کيڙي سو کائي” تاريخ جي تسلسل ۾ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڳاڙهي جهنڊي جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ ڪليڪٽر جي نوڪري ڇڏي “جو کيڙي سو کائي” جي آواز کي نئين سگهه ڏني. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ انصاف جو آواز بلند ڪيو ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي منظم طريقي سان سجاڳي آندي، هارين جون ڪانفرنسون ڪرائي سجاڳي کانسواءِ جدوجهد جو سڏ ڏنائين، نتيجي ۾ ۳ ۽ ۴ مارچ ۱۹۴۷ ۾ سرهاڙي ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي اڌ بٽئي تحريڪ جو فيصلو ڪيو ويو.

ماضي جي سرهاڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ سڄي سنڌ ۾ ڄار جيان پکڙجي وئي، ڪامريد حيدربخش جتوئي جي تسلسل ۾ هڪ نه وسارڻ جوڳو ڪردار مائي بختاور شهيد جو آهي، ۲۲ جون ۱۹۴۷ تي جڏهن اڌ بٽئي جي گڏجاڻي هلي رهي هئي ته مائي بختاور جا گهرڀاتي ميٽنگ ۾ ويل هئا ان وچ ۾ ڪڻڪ جي تيار ديري کي جاگيردارن لٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جاگيردارن جي ڏاڍائي سان مهاڏو اٽڪائيندي مائي بختاور ڪنهن به ڌمڪي ۽ خوف ۾ اچڻ کان انڪاري هئي جنهن جي ڪري کيس گولين جو بک بڻايو ويو. هن بهادر عورت ٽپو ڏئي ديري تي پنهنجو رت نڇاور ڪيو، پر آڻ نه مڃيائين.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سندس ساٿين جي حوصلي تحريڪ کي ماٺو نه ڪيو ۽ ۱۹۵۰ ۾ ٽيننسي ايڪٽ کي ڪامريڊ جتوئي جي اڳواڻي ۾ هارين، مزدورن، ترقي پسند ڪارڪنن سنڌ اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪري بل پاس ڪرايو. سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي منظم هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي ته ڪامريڊ مشهور گيت “جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” جو اتساهه ڏنو. انهي ڪري سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ تحريڪ اڄ به ڏاهٽي جي سڃاڻپ سان ڳاڙهي جهنڊي ۾ ڦڙڪي رهي آهي، هيءَ تحريڪ جهوڪ کان سفر شروع ڪندي اڏول ڪردار مائي بختاور تائين مان مٿانهون ڪندي پئي اچي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو اتساهه ٽٽڻ نه ڏنو، ڪامريڊ، ڪميونسٽ نظريي جو حمايتي هو، ڏسجي ته شاهه عنايت هاري حقدار جو نعرو گهڻو اڳ ڏنو، شاهه عنايت جي تحريڪ ايتري پراڻي آهي جو يورپ، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ طبقاتي جدوجهد جو فلسفو مارڪسزم به گهڻو پوءِ آيو، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عنايت جي تحريڪ پورهيتن جي تحريڪ جي پاڙ آهي.

سنڌ ۾ اڀرندر هارين جي جدوجهد نه ته اولهه جي نڪتل آهي نه ڪنهن ٻي جاءِ جي، ڏسجي ته سوشلسٽ نظريي جي قائل شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ سنڌ ۾ پهرين سوشلسٽ تحريڪ آهي، تڏهن اڃان ڪارل مارڪس جي سڃاڻپ ظاهر نه ٿي هئي، انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو حقيقت ۾ انصاف، امن ۽ ڀائيچاري جا قائل هئا. انهيءَ ڪري هن تحريڪ کي هارين جي انقلابي تحريڪ به چئي سگهجي ٿو.

۱۷۱۸ ع ۾ شاهه عنايت جي شهادت ٿئي ٿي، اهو مغل دور جو آخري وقت هو، ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه شروع ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ڪارل مارڪس مزدور انقلاب تي ۱۸۴۸ع ۾ ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکي پورو ڪيو جنهن جا اثر پورهيت طبقي تي پيا ۽ ڏسجي ته روس جو ۱۹۱۷ وارو بالشويڪ انقلاب ڪميونسٽن جي جدوجهد جو نتيجو هو.

هن وقت ملڪ جون واڳون سرمائيداراڻي سوچ سان ملندڙ آهن، پر تنهن هوندي به هاري تحريڪ جي رسي ٽٽي ناهي. اڄ به مختلف طريقن سان هارين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ٿو وڃي، سنڌ جي نامياري شاعر منصور ميراڻي جو مشهور گيت هي ۱۱۰ جو ڪيس هاري تي هر سال ٿيو. اهڙي گونجار ۾ هاري هميشه تحريڪ جي پير کي پوئتي ناهي ڪيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تحريڪ جي تسلسل کي نظرياتي ۽ فڪري خاندان ۾ منتقل ڪيو. ورثي ۾ ملندڙ هن جدوجهد کي ڪامريڊ ايئن نه ڪيو ته رڳو پٽ سنڀالن پر هاري ڪاميٽي جو پهريون صدر ڪامريڊ ڄام ساقي پوءِ غلام رسول سهتو، پوءِ ڪامريڊ مظهر جتوئي، چوٿون نمبر ڪامريڊ اظهر جتوئي ۽ هن وقت نوجوان ڪامريڊ ثمر جتوئي ڏينهن رات محنت ڪري، ماضي ۽ وڏن جي ورثي کان مليل جدوجهد کي ماٺو ناهي ڪيو.

هن وقت زراعت جا ڳنڀير مسئلا، سنڌ ۾ پاڻي جو نه هجڻ، درياهه جي سوڪهڙي جي ڪري سنڌ جو عوام زرعي مالا مال ڌرتيءَ تي رهي اٽي جي لپ لاءِ اٻاڻڪو آهي. ڳوٺن ۾ زرعي مسئلن جي ڪري زمينون غير آباد رهن ٿيون،هاري شهرن ڏانهن اچن ٿا ته سندن محنت مزدوري ڪرڻ جون به سهولتون ناهن. مذهبي انتهاپسندي، لساني جهيڙن ڄڻ نفرت ۾ ٻاريل باهه کي اجهائڻ ئي نه ڏنو آهي، اهڙي صورت ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هارين جي مسئلن سنڌي عوام جي خوشحالي جي رستن کي بي رونقو ۽ اٻاڻڪو ڪري ڇڏيو آهي. پر وري به هڪ اتساهه ڏيندڙ هاري ڪاميٽي جي قافلي سجاڳي جي رستي ۾ اونداهه ڪرڻ کان اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ٻاريل مشعل کي کنيو پيا هلن جڏهن قومن جا ويساهه نه ٽٽندا آهن اتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هر هر جنم وٺندا آهن. . .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


‏ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

جاويد حالتي

ڳوٺ فريدآباد تعلقو باقراڻي ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ

ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي،

اھڙي گھري چيخ ٿين ٿا،

جا ھر ڪنھن کي جاڳائي ٿي،

جا دنيا کي بدلائي ٿي!.

سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ وڙهاند ڪندڙ ۽ جيئي سنڌ جو نعرو ڏيندڙ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ۵۳ هين ورسيءَ تي سندس کي سرخ سلام. . . . !!!

ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هيم ته:

“پڇيائين: ھڪ عاشق کي محبوب لاءِ ڪيتري حد تائين وڃڻ گھرجي؟

چيم: اگر عشق سچو آھي ته عاشق ھر حد ٽوڙي ڇڏيندا آھن،

وري پڇيائين: پوءِ ڇا عاشق محبوب مٿان سر به گھوري سگھي ٿو؟

مسڪرائي چيم: چري. . . !!! محبوبن لاءِ ته جيئڻ کي عشق چئبو آھي مرڻ کي نہ؟

تڏهن ئي چئون ٿا ته حيدربخش جتوئي جو عشق سنڌ سان ۽ سنڌ ئي سندس جي زندگي به هئي .

جتوئي صاحب ان دؤر ۾ ڪليڪٽري جهڙي اهم منصب کي ٿڏيو جڏهن اها جاب هر ڪنهن لاِء فخر لائق هئي ۽ چند مانهو اهڙا منصب ماڻي سگهيا .

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري ڪميٽي جي ٺاهڻ وارن مان هيا ۽ ان ئي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪري سنڌ اسيمبلي مان بٽئي سسٽم رائج ڪرايو ڇو جو ان کان اڳ پيداوار حصو ڪين ڏنو ويندو هيو .

انتها درجي جو پڙهيل سوشل ورڪر شاعر سياستدان ۽ انسان دوست ڪامورو پڻ هيو ۽ ڪليڪٽري ڇڏي قوم ۾ شعور لاِء ان وقت پمفليٽ هٿن سان لکي سپر هاِء وي تان گزرندڙ گاڏين ۾ ورهايائين . مقصد صرف شعور ۽ ساڃاهه ڏيڻ .

اڄ به سنڌ کيس ساري ٿي پر سندس جي پورهئي تي هلندڙ تنظيم کي سندس جا وارث ئي سنڀاليو پيا اچن .

پر ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ جڏهن پارٽين تي خاندان جا فرد اچي ويندا آهن ته ڪارڪن لڏو پوئتي رهجي ويندو آهي .

اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي قرآن پاڪ جو ترجمو به ڪيو جيڪو اڄ به سندس جي وارثن وٽ محفوظ آهي .

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي صاحب مارشل لاِء جا مخالف هيا تڏهين جيلن جون سختيون برداشت ڪيائون ۽ مچ جيل بلوچستان ۾ قيد ڪاٽيائون پر آمر آڏو آڻ نه مڃيائون .

“جيئي سنڌ”جي نعري جي خالق سنڌ جي هن ذهين انسان جي اڄ ورسي آهي ۽ ٻنهي هٿن سان نمي کيس سلام پيش ڪريون ٿا .

جيئي هاري ۽ مزدور!

جيئي هارياڻي پر نور!

پورهئي اندر صبح ۽ شام!

جيئي سنڌ! جيئي سنڌ

 

(جاويد حالتي ڳوٺ فريدآباد تعلقو باقراڻي ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي کنيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

ورسيءَ جي مناسبت سان - هارين جي حقن جو علمبردار

امتياز شيخ

سنڌ، پاڪستان جو اهو صوبو، جيڪو پنهنجي شاندار ثقافتي ورثي، زرخيز زمينن، ۽ جدوجهد ۽ لچڪ سان جڙيل تاريخ جي ڪري مشهور آهي. سنڌ جي سماجي-سياسي منظرنامي تي جن قابل ذڪر شخصيتن جا نشان ڇڏيا آهن، انهن ۾ حيدر بخش جتوئي هڪ هاري اڳواڻ طور سڀ کان مٿانهون آهي، جنهن پسمانده ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ هاري برادري جي بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي. سماجي انصاف لاءِ عزم سان، حيدر بخش جتوئي مظلومن لاءِ اُميد جي ڪرن بڻجي اُڀريو، جيڪو هڪ لازوال ورثو ڇڏي ويو، جيڪو ايندڙ نسلن کي لاءِ هڪ مثال رهندو.

شروعاتي زندگي ۽ سرگرمي:

حيدر بخش جتوئي جو جنم پهرين آڪٽوبر ۱۹۰۱ع تي بکوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. زرعي جدوجهدن جي ماحول ۾ پرورش پذير حيدر بخش جتوئي هارين ۽ مزدورن کي درپيش مشڪلاتن کي پاڻ ڏٺو. جنهن هن ۾ سماجي ۽ معاشي ناانصافين جي خلاف وڙهڻ لاءِ جذبو پيدا ڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پهرين آڪٽوبر ۱۹۲۷ع تي روينيو کاتي ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي ۽ ۲ مئي ۱۹۳۱ع تي مختيارڪار مقرر ٿيو. ٿيو ان سان گڏ ھن جو مطالعو به جاري رھيو سندس پڙهڻ واري لسٽ ۾ مارڪسزم، جرمن ڪوآپريٽو ماڊل، عالمي سياست، فلسفي ۽ سائنس تي ڪم شامل هئا. وقت گذرڻ سان گڏ کيس ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. ۱۹۴۵ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿي، سنڌ جي هارين ۽ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي.

حيدر بخش جتوئيءَ جي سرگرميءَ جي شروعات جوانيءَ ۾ ٿي، جڏهن هن ساٿي هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن منصفانه اجرت، ڪم جي بهتر حالتن ۽ زميني سڌارن جي مطالبن کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن کي خبر هئي ته هاري، سماج ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو پر اڪثر ڪري هو استحصال ۽ غربت جو شڪار آهي. هارين کي متحرڪ ۽ بااختيار بڻائڻ جي حيدر بخش جتوئي جي ڪوششن کيس پنهنجي ساٿين ۾ عزت ۽ تعريف حاصل ڪئي، ۽ هو جلد ئي هاري تحريڪ ۾ هڪ نمايان شخصيت بڻجي ويو.

زميني سڌارا ۽ هارين جا حق:

حيدر بخش جتوئي جي بنيادي مقصدن مان هڪ هو ته سنڌ ۾ زمين جي اڻ برابري واري مسئلي کي حل ڪرڻ. بااثر جاگيردار زميندارن جي وڏين زمينن هڪ غير منصفانه نظام کي جاري رکيو، جتي هارين جي اڪثريت دائمي غربت ۾ رهندي هئي. حيدر بخش جتوئي انتھائي ڪوشش ڪئي ته زميني سڌارن جي لاءِ زمين جي ٻيهر ورھاست ڪئي وڃي ۽ ننڍن آبادگارن کي پنھنجي زمين تي پوکڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.

هن جي قائل ڪندڙ تقريري صلاحيتن ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت سنڌ ۾ زميني سڌارن جي پاليسين تي ڪاميابيءَ جو سبب بڻي. حيدر بخش جتوئي جي ڪارڪردگي جاگيردارن جي بالادستي کي چيلينج ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ برابري وارو سماج ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جي ڪوششن سان، ڪيترائي هاري زمين جي مالڪي حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويا، جنهن انهن جي زندگين کي تبديل ڪرڻ ۽ عزت ۽ اقتصادي تحفظ جو احساس فراهم ڪيو.

سياسي مصروفيت:

حيدر بخش جتوئي جو سماجي انصاف لاءِ عزم هيٺين سطح تي سرگرم عمل کان اڳتي وڌي ويو. سياسي نمائندگي جي اهميت کي محسوس ڪندي، هُو سياسي ميدان ۾ داخل ٿيو ته جيئن ڏتڙيل ماڻهن جي حقن لاءِ منظم جدوجهد ڪري سگهجي. جنهن تي هُو ترقي پسند نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿيو. سندس مقصد پاڪستان ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ هو.

هڪ اهم هاري اڳواڻ جي حيثيت ۾ حيدر بخش جتوئي پنهنجي سياسي پليٽ فارم کي هارين ۽ مزدورن کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن غريب نواز پاليسين، ڳوٺاڻن جي ترقي، ۽ پسمانده برادرين جي بااختيارگي لاءِ مهم هلائي. حيدر بخش جتوئي کي هارين جي لازوال جذبي کيس تمام گهڻي مقبوليت ڏني، جنهن کيس انصاف ۽ برابري جي طلب ڪندڙن لاءِ اميد جي علامت بڻائي ڇڏيو.

وراثت ۽ اثر:

حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ ۽ سماجي انصاف لاءِ مجموعي جدوجهد سنڌ جي تاريخ تي انمول اثر ڇڏيا آهن. سندس عزم، بنيادي سطح تي تنظيم سازي، ۽ سياسي مصروفيت زميني سڌارن، مزدورن جي حقن جي بهتري، ۽ هڪ وڌيڪ برابري واري سماج لاءِ راهه هموار ڪئي. حيدر بخش جتوئي جو ورثو ڪارڪنن، عالمن ۽ سياسي اڳواڻن کي ترغيب ڏئي ٿو، کين اجتماعي عمل جي طاقت ۽ پسمانده ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي اهميت جي ياد ڏياري ٿو.

حيدر بخش جتوئيءَ جي شروع ڪيل جدوجهد بلاشڪ سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ اهم تبديليون آنديون آهن، هارين کي بااختيار بڻايو آهي ۽ اقتداري قوتن کي چيلينج ڪيو آهي. هن جي زندگي جوپيغام هڪ ياد ڏياريندڙ جي طور تي ڪم ڪري ٿو ته بدلجندڙ تبديلي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻهو ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي پاڻ کي ٻين جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري.

حيدر بخش جتوئي جو هڪ غريب هاري خاندان کان سنڌ ۾ هڪ معزز اڳواڻ ٿيڻ تائين جو سفر هيٺئين سطح تي سرگرم عمل جي تبديليءَ واري طاقت ۽ سماجي انصاف لاءِ اڻ کٽ عزم جو ثبوت آهي. زميني سڌارن، هارين جي حقن ۽ پسمانده برادرين لاءِ سندس وکالت اڄ به گونجندي رهي ٿي، جيڪا نسلن کي ناانصافين کي چيلينج ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ برابري واري سماج لاءِ ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. حيدر بخش جتوئي جو ورثو تمام ڊگهو آهي ۽ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته انصاف ۽ برابري جي جدوجهد هڪ جاري جدوجهد آهي، ۽ مظلومن جي آواز کي ٻڌڻ ۽ وڌائڻ گهرجي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ ع تي اسان کان جسماني طور هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

هارين جو هڏ ڏوکي اڳواڻ

طفيل مگسي

سنڌ جي عظيم سپوت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۱نومبر ۱۹۰۱ع ۾ سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙو جي ويجهو بکو ديرو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جڏھن هن دنيا ۾ اک کولي ته ستت ئي سندس ڇپر ۽ ڇانو جي حيثيت رکندڙ مٺڙي امڙ ھن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري وئي. ان ڪري هو جيجل جي شفقت ۽ محبت کان محروم رهيو. ۱۱سالن جي عمر ۾ ھن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. جيڪو سندس ڳوٺ کان ڪجه ڏور ڳوٺ”پٺاڻ” ۾ ھو. هڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر اسڪول جي وزٽ تي آيو ته حيدربخش جتوئي کان ان قدر متاثر ٿيو ته هن جي والد سان ملاقات ڪيائين ۽ ان وقت ڊپٽي ڪمشنر هن کي مشورو ڏنو ته پنهنجي فرزند کي اعلي تعليم ڏياريو. ڇاڪاڻ ته هو ڏاھپ ۽ شعور جو چشمو آھي. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي ۾ هن داخلا ورتي. جتي هر ڀيري پوزيشن حاصل ڪندو رهيو. ۽ ڏھين جماعت ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

۱۹۲۲ع ز۾ ھن بمبئي يونيورسٽي کان گريجويشن ۽ ۱۹۲۳غ ۾آنرز ڪئي. بعد ۾ ھو سرڪاري ملازمت سان لاڳاپجي ويو. ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين وڃي پهتو. ۱۹۴۵ع ۾ حيدربخش جتوئي سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪيو ۽ هارين جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. ۱۹۴۶ع ۾ ھو سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊجي ويو. ۱۹۵۰ع هاري ڪونسل جو مرتب ڪيل آئين منظور ڪري ورتو ۽ انهيء سال سندس جدوجهد جي بدولت سنڌ جي حڪومت زراعت جو قانون منظور ڪري ڇڏيو. حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين جي حقن جي بحالي جي لاء زندگي جا ست سال جيل ۾ گهراريا. حيدربخش جتوئي هڪ عظيم شاعر پڻ ھو. برصغير پاڪ وهند جي آزادي واري جدوجهد تي لکيل سندس نظم جيڪو قوم جي آزادي جي جدوجهد جي نالي سان چپيو هو. سندس شاهڪار نظم سمجهيو وڃي ٿو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ درياه شاه. تحفو سنڌ. هاري گيت. هاري انقلاب ۽ پياري سنڌ شامل آھن.

۱۹۶۹ع ۾ ھن تي اڌ رنگ (فالج) جو حملو ٿيو. جنهن جي ڪري هو مريض ٿي ويو. ۲۳ سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائين ۽ سڄي عمر گهر واري ۽ ٻارڙن سان محبت ڪيائين. سندس شادي ماسي جي نياڻي سمول سان ٿي. جيڪا ڪريم بخش خان جتوئي جي نينگري هئي. ۽ ھو کيس کي پيار وچان ممتاز چئي ڪري سڏيندو هو. شادي جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ اولاد کان محروم رهيو ته سندس بابا هن کي ٻي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو. مگر حيدربخش نه مڃيو. ڪجه سالن گذرڻ کانپوء هن کي هڪ نينگر ڄائو ۽ ان کانپوء رب پاڪ هن کي وڌيڪ پٽن سان نوازيو. هن کي نياڻي جو ڪو اولاد نه هو. جنهن جي هن کي وڏي خواهش ۽ اميد هئي.

سنڌ ھاري ڪميٽي ڏانهن سندس لاڙي جو ڪارڻ اھو هئو ته هن کي هارين جي ابتر حالتن تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو هو. هن محسوس ڪيو ته هو پنهنجي ملازمت جي دوران هارين جي لاء ڪجه نٿو ڪري سگهي. ته ملازمت کان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيائين ته جيئن هارين جي حالت بدلائڻ ۽ بهتر بنائڻ جي لاء وڌ کان وڌ وقت ڏئي سگهجي. جڏھن مختيارڪار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. تڏھن به ملازمت کان استيعفي پيش ڪيائين. مگر والد ۽ ضلعي جي ڪليڪٽر جي اصرار تي استعيفي واپس ورتائين. بعد ۾ ۱۹۴۵ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان استعيفي ڏئي ڪري “سنڌ ھاري ڪاميٽي” سان لاڳاپجي ويو.

۱۹۴۶ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ۽ ڪجه عرصو ڇڏي ڪري پنهنجي وفات تائين ساڳئي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. حيدربخش جتوئيء پنهنجي سياسي سفر جي شروعات انڊين نيشنل ڪانگريس. ٿيوسوفيڪل سوسائٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي هندستان جي هڪ ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. هو ڪميونسٽ پارٽي جو وفادار ميمبر هو. ليڪن حڪمت عملي جي باري ۾ تنگ نظر نه رهيو بلڪ . سدائين روداري. آزاد خيال ۽ ڪشادي فهم وفڪر جو مظاھرو سياسي پاليسسز ۽ مذھبي فلسفياڻي سوچ جي تحت ڪيو. سندس خيال هو ته ائين ڪرڻ ئي مناسب آھي. هو انهن روايتي سڌارن جو جيڪي سر راجر ٿامسSIR RAJOR THOMAS ڪميٽي هارين تي لکيا هئا. سخت خلاف هو. هن جو خدال هو ته سر راجر ٿامس پاڻ زميندار هو. ان ڪري هن هارين کي مالڪاڻن حقن ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ سياسي افراتفري پکيڙڻڻ جي ڳاله ڪئي هئي. جيڪو هاري قرضن جي ادائيگي ۾ ناڪام رهندو. ان تي صرف سول ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري سگهبو هو. ليڪن سر راجر ٿامس رٿ ڏني ته ان قسم جي ادائيگي کي ڏوھاري ڪيسن جي حيثيت ڏئي ڪري سزا ڏني وڃي. جنهن ۾ قيد به شامل هئي. جڏھن انهن رٿن تي ڪميٽي ٺاهي وڃي جنهن ۾ به هاري هجن جن جي مقرري ڪليڪٽر ڪئي هجي. اها به رٿ ڏني ته جيڪڏھن ڪنهن هاريء ڪو غيرقانوني ڪم ڪيو ته کيس کي سندس حقن کان محروم. ڪري سگهجي ٿو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چيو هو ته “اسان ماڻھو تيار هئاسين ته ان هڪ طرفي بي انصافي کي برداشت ڪري وٺنداسين. ليڪن ان شرط سان گڏ ته زميندار جي لاء به اهڙو ئي قانون هجي. جنهن جي تحت ان کي به ڏوھ جي صورت ۾ زمينداري کان محروم ڪري سگهجي ٿو. هاڻي اسان کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجه به نه گهرجي. ۽ اھو به ڪنهن معاوضي جي بنا”ان کانپوء هن هڪ قرارداد پاس ڪئي. جنهن جي تحت بٽائي(اناج ۾ حصي جي بجاء) روڪ رقم ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هن ئي عوام کي”جيئي سنڌ جو نعرو ڏنو”يعني هو جيئي سنڌ تحريڪ جو باني هو. هن ڪافي ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو. مگر ڪامياب نٿي سگهيو. حيدربخش جتوئي ڳوٺ. تعلقي ۽ ضلعي ۽ صوبي جي سطح تي “سنڌ ھاري ڪاميٽي”کي منظم ڪيو. هن جو آئين ترتيب ڏنائين . جنهن جي جنرل باڊي منظوري ڏني. ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي دروازي جي سامهون سندس اڳواڻي ۾َھارين هڪ تمام وڏو مظاھرو ڪيو. مارچ۱۹۵۰ع ۾”ڍل “ جو بل پاس ڪرايائين ۽ پورهيت طبقي جي لاء ڪانفرنس ڪوٺايائين.

۱۹۵۰ع ۾ تعلقي ڏوڪري جي هارين جي جنرل ميٽنگ گهرائي وئي. ڇوته هارين وياج جي هڪ نئين شڪل ““جي خلاف شڪايت ڪئي هئي. ان وياجي طريقي ۾ پورهيت . شاھوڪار کان ڏکيئي طريقي سان قرض وٺي سگهندو هو. جنهن ۾ وياج جي شرح عام شرح کان وڌيڪ هوندي هئي. گهربل وياج جي قيمت في مڻ ڏھ روپيا هوندي هئي. ليڪن هاري ان کي روڪ رقم جي بدلي ۾ نه بلڪ ٽن مهينن جي قرض جي بدلي ۶رپيا وٺي سگهندو هو. ليڪن حقيقت ۾ ان حالت ۾ وياج جي شرح هر مهيني ۾ پنجاه سيڪڙو وڌيڪ هوندي هئي. ڪامريڊ جتوئي هارين کي چيو ته اهي رقم کي ڪيش(روپين) جي شڪل ۾ بلڪل اهڙي ريت شاهوڪارن کي ڏين ته . جهڙي ريت انهن ٽن مهينن ۾ شروعات ۾ حاصل ڪئي هئي. ان ميٽنگ ۾ شاهوڪار به هئا ته انهن وڏيون رڙيون ڪيون ته ڪامريڊ جتوئي” حآڪميتي “نظام جي خلاف انڪاريت ڪئي. ليڪن پڇآڙي ۾”حاڪميتي “جي خلاف هارين متحد ٿي ڪري سڄي سنڌ ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ان جو خاتمو ڪري ڇڏيائون. خطرناڪ ماڻھو. جڏھن صدر ايوب حيدرآباد جو دورو ڪيو ته قاضي محمد اڪبر هن کي جتوئي صاحب جي آزادي جي لاء راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . جنهن تي صدر ايوب چيو “حيدربخش جتوئي هڪ وڏو خطرناڪ ماڻھو آھي. ان کي ڪيئن آزاد ڪجي”باوجود ان جي حيدربخش جتوئي تاشقند معاهدي تي ان قدر خوش ٿيو ته فوري طور تي ايوب خان کي مبارڪباد جو خط موڪليائين. جڏھن ڇين جو وزيراعظم چو اين لائي ڄامشورو سنڌ جو دورو ڪيو ته ڪامريڊ جتوئي سان به هن جو تعارف ڪرايو ويو.

چون اين لائي هن کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو”اهو اهڙو رستو آھي. جنهن تي هلي ڪري ٻن هاري اڳواڻن کي ملڻ گهرجي”جڏھن هو اٽڪ جيل کان آزاد ٿيو ۽ ريل گاڏي تي حيدرآباد پهتو ته هڪ هيرو جيان سندس استقبال ڪيو ويو. جتي هن خطاب ڪندي چيو ته”جيڪڏھن مون کي هزار زندگيون به هجن ها ته سموريون سنڌ تي قربان ڪري ڇڏيان ها. ”هن جدوجهد جاري رکڻ جي لاء پنهنجي زمين جو ڪجه حصو . زال جا زينور ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري ڇڏيون هيون. جڏھن هو بدين ۾ مختيار ڪر هو ته هن پنهنجي سنڌي شاعري جو مجموعو”تحفه سنڌ”جي نالي سان ڇپرايو. ۶۵صفحن جي ان مجموعي ۾َنظم”دريا سآھ”۽ “شڪوه”به شامل آھن. جن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيو. ”دريا شاه”۾ سنڌ دريا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آھي. ۽ ان نظم کي سنڌي ادب ۾ لافاني حثيت حاصل آھي. ۱۹۴۶ع ۾ ھن پنهنجي شاعري جو ٻيو مجموعو”آزادي قوم” شايع ڪرايو. اهو ڊگهو نظم محض پنجن بندن تي مشتمل آھي ۽ ان جو موضوع برصغير ۾ برطانوي راڄ جي خلاف جدوجهد آھي. اهو نظم ۶۹ صفن تي مشتمل آھي. جنهن ۾ ۱۷۱بند آھن. ان جي ٻين نظمن سنڌ پياري. سلام سنڌ . اي سنڌي وڏيرا ڪجه انسان” هئا(اي سنڌي وڏيرا ڪجه انسان ٿي”حيوان انسان. جيئي سنڌ جيئي سنڌ . اي سنڌ جيجل وغيره شامل آھن. ان ڪيترن ئي مشاعرن ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ ھن سنڌي نظم پڙھيو آھي. هو بيباڪ مصنف هو. ۽ ڪڏھن به اهڙو ڏينهن نه گذريو جڏھن سندس لکڻي نه ڇپي هجي. ون يونٽ جي خلاف ڪافي مواد لکيائين.

هو لاهور ويو ۽ اتي ڪتاب”جهموريا ۽ عدليا جو انصاف”جسٽس منير کي پيش ڪيائين . جڏھن ان اهو ڪتاب ڏٺو ته جسٽس منير آپي کان ٻاهر نڪري ويو. ان محمدعلي قصوري کي گهرايو ۽ چيو. ”حيدربخش جتوئيء جيڪو ڪتاب لکيو آھي. ان تي توهين جو ڪيس داخل ڪندس”جنهن تي قصوري صاحب چيو”جتوئي به اهوئي چاهي ٿو ته چيف جسٽس پنهنجو پاڻ تي ڪيس داخل ڪري. ” ان سوال تي جسٽس منير ٿڌو ٿي ويو. حيدربخش جتوئي سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن کي شايع پڻ ڪرايو. ”هاري انقلاب ““زميندار شاھي عرف ڪمدار جا ڪارناما”۾ ڪهاڻين جي صورت ۾ زمينداري نظام جي خرابين ۽ خبيث ذھنيت کي ڏيکاريو ويو آھي. جنهن ڪتاب ۾ ھارين تي نظم. لکيا ويا آھن. ان جو نالو “هاري گيت “اآھي. ”هاري ڪهاڻيون”اهو ڪتاب آھي. جنهن ۾ هارين تي ڪهاڻيون لکيون ويون آھن. هن پنهنجن دوستن کي خط پڻ لکيا جيڪي اخبارن ۾ ڇپيا. ڇاڪاڻ ته هو هڪ بهترين ترجمي نگار پڻ ھو. ان ڪري سنڌي ادبي بورڊ ڪارل مارڪس جي لکڻي”داس ڪيپيٽل”جو ترجمو ڪرڻ جي لاء چيو. هن ان منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪئي. مگر مڪمل نه ڪري سگهيو. قرآن پاڪ تي پڻ يادگار ڪم ڪيائين. هن قرآن پاڪ جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ پوء ان جو تت به لکيائين. ان يادگار ڪم جي دوران ۾ اٽڪل ۳۰ سالن جو وقت لڳس. ان ڪم جي لاء ھن ڪيترن ئي عالمن سان مشورو ڪيو. اها تحقيق ڏھن حصن تي مشتمل آھي. ۽ ھر حصي جا ڪسفي باب آھن. انگريزي ۾ ترجمي سان گڏوگڏ عربي پڻ اٿس. جنهن جو حوالو قرآن پاڪ کان ڏنو ويو آھي. ان ترجمي وتفسير جو نالو (SUBSTANCE OF THE QURAN) آھي.

۱۹۴۵ع کان۱۹۷۰ع جي وچ ۾ مختلف وقتن ۾ سنڌ. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ نظربند ڪيو ويو. يعني هو اٽڪل ست سال جيل ۾ سياسي قيدي جي حيثيت سان رهيو. ”جيل جو سڌارو”جي عنوان هيٺ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آھي. جيڪو حڪومت کي پڻ ڏنو ويو. جيتوڻيڪ هن آزاد رهڻ کي اوليت ڏني، مگر جڏھن به گرفتار ٿيو ته مرڪ سان گڏ ھٿڪڙدن جو استقبال ڪيائين. ” حيدر منزل”ڪراچي جي ٻاهريان گرفتار ٿيو ته شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ڇوته ان وقت به هن جي چپن تي ساڳئي مرڪ هئي.

جنوري۱۹۶۹ع ۾ اعلي عدليا جي حڪم تي آزادي کانپوء جتوئي صاحب سنڌ جو دورو ڪيو. جلسا ڪيائين. ۽ ون يونٽ جي خلاف مظاھرا ڪندو رهيو. سنڌ سان محبت جي بنياد تي هن کي “باباء سنڌ “جو لقب ڏنو ويو. جيڪو سنڌ جي عوام سان هن جي محبت ۽ عقيدت جي ترجماني ڪري ٿو.

پوئين ڏھاڙن ۾ ڊاڪٽر معين خواجا جي حيدربخش جتوئي سان اسپتال ۾ ملاقات ٿي. جيڪو هن جو بهترين دوست هو. هن ان تي زور ڏنو ته سنڌين کي گهرجي ته جيڪي مهاجر سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ گڏ رهيا ۽ ان جدوجهد ۾ حصو ورتائون اهي انهن سڀني جو قدر ڪن”حيدربخش جتوئي ۲۱مئي ۱۹۷۰ع خميس جي ڏينهن ۽ جمعي ڏينهن ۶۹ سالن جي عمر ۾ اسان کان هن فاني دنيا منجهان وڇڙي ويو. حيدربخش پنهنجي زندگي ۾ پاڻ پنهنجي لاء هڪ لکي هئي.

“اي موت ؛ تو منهنجي هڪ هڪ رڳ ۽ رت جي نالين کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. خوش ٿي وڃ اي دوست؛ ته توکانسواء زندگي ۾ آرام ممڪن نه هو. ” ۲۰۰۰ع ۾ ھن جي وفات جي ۳۰ سالن کانپوء حڪومت پاڪستان هن کي هلال امتياز جي تغمي سان نوازيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تيستائين موجود رهندو جيستائين هي فاني دنيا ڀسم نٿي ٿيئي.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

سنڌ جو املهه هيرو (ورسي جي موقعي تي)

محمد ابراهيم جويو

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ آءٌ ٻيئي، اِئين ڏسجي ته، پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڪجهه Late Starters هئاسون. هُن بي. اي. عمر جي ڇويهين سال پاس ڪئي، ۽ مون ٽيويهين سال. هو يارهنِ سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، ۽ مون به، پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪجهه دير سان داخل ٿيندي، ۽ پوءِ پڙهندي پڙهندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب، چار سال کن عمر جا ضايع ڪيا. بهرحال، ٻنهي اسان کي پنهنجي ننڍپڻ ۾، ۽ پڻ پڙهائيءَ ۾، اِئين لڳي ٿو ته لڳ ڀڳ ساڳيو ماحول مليو: گهرو ماحول پورهئي جو، غربت جو ۽ ڪجهه مذهبي؛ اسڪولي ماحول پڻ مذهبي رنگ جو ڪامريڊ لاڙڪاڻي مدرستھ الاسلام مان؛ ۽ ڪاليجي ماحول ته هوئي ساڳيو، جو ڪراچيءَ جي ساڳئي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان (البت ڇهن سالن جي وٿيءَ سان) بي. اي. پاس ڪري نڪتاسين.

ڪراچيءَ ۾، تعليمي ماحول کان ٻاهر، انهن ڏينهن ۾ خاص طرح ٿياسافيءَ جي تعليم ۽ تحريڪ جو پڙهيل حلقن ۾ ڪافي چوٻول هو. سو جيئن آءٌ سيدِ اعظم محترم سائين جي. ايم. سيد ۽ سندن دوستن ۽ بزرگن جمشيد نسروانجي، غلام علي چاڳلا، دادا ڄيـٺمل پرسرام، حاتم علوي، دادا ڪيول رام شهاڻي، ديوان سام جئسگهاڻي، سائين اين. بي. ڀٽاڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ۽ ٻين اهڙن درويشن صفت انسانن جي صحبت مان، سڌيءَ يا اَڻ سڌيءَ طرح، فيضياب ۽ اُنهن جي مثالي ڪردارن کان متاثر ٿيس، تيئن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي به ضرور ٿيو، بلڪه ڏسجي ٿو ته پاڻ ٻه رتيون ڪسر- ڇو ته هو قبله محترم سائين جي. ايم. سيد جو ته همعمر هو، ۽ سيٺ غلام علي چاڳلا جي پُٽ، احمد، جو هم ڪلاسي بلڪه گهاٽو يار هو، جيئن هُن ڏانهن پنهنجي پهرئين شعري مجموعي “تحفه سنڌ” (۱۹۳۰) جي سندس انتساب مان پڌرو آهي، جيڪو “بطرف حبيب شفيق احمد غلام علي چاڳلا، ڪراچيءَ” جي قر بائتن لفظن سان پاڻ ڪيو اٿن. ٿياسافيءَ جي تعليم ۽ تحريڪ سان پنهنجي تعلق جو ذڪر ڪامريڊ پنهنجي آخري اِنٽرويو (مارچ ۱۹۷۰) ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان، بنهه پُرشوق لفظن ۾، پاڻ به ڪيو آهي – “مان ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر هوس. . . ڀانيان ٿو اڃان به آهيان، ڇو ته هُنن جا اصول ته ‘سڀ انسان ڀائر آهن’، ‘سچ کان مٿي ڪو مذهب ڪونهي’ ] بي بها[ سونهري اصول آهن!”

انساني سماج ۾ هونئن به هر نسل کان ٻيو نسل لازمي طور گهڻو ڪجهه سکي ٿو، پر اُنهن ڏينهن ۾ (آءُ پنهنجي تجربي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو)، اِن سلسلي ۾ اسان جي گهرن، اسڪولن ۽ اعليٰ تعليم گاهن ۾ ۽ ٻاهر جي سڄي سماج ۾، ننڍيءَ ٽهيءَ کي ادب ۽ فضيلت جي ڳالهين ۽ زندگيءَ لاءِ مانائتي ۽ ڳنڀير رَوَ يي رکڻ ڏانهن زياده مائل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي- ڇو ته سڄي تڏهوڪي سماجي زندگي پنهنجي ئي نوع سان پر هڪ طرح جي وزن، ضابطي ۽ انتظام تي بيٺل هئي ۽ هلندي ٿي رهي، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي پنهنجي ذاتي آزارن ۽ جهمگهٽن ۾ ايڏي غلطاني ۽ انساني آسپاس کان ايڏي بي تعلقي يا بيزاري ڪانه هئي.

۱۹۳۴ع ۾ جڏهن مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيس، تڏهن ڪالج کان اٽڪل ٽن ميلن تي سولجر بزار جي ايراضيءَ ۾ تازو تعمير ٿيل مسلم ڪالونيءَ ۾ قبله محترم سائين جي. ايم. سيد جي بنگلي، ۱۲۶- حيدر منزل، ۾ رهائش جي سهولت نصيب ٿيم، جتان چار ئي سال اڪثر پيرين پنڌ ڀُڳڙا کائيندو، جو ٻه ويلا پيسن جي تنگي هجڻ ڪري ماني کائڻ ممڪن نه هو، ڪاليج ايندو ويندو هوس. بندر روڊ تي، ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ آفيس (هاڻوڪي ريڊيو، پاڪستان، ڪراچيءَ) جي بلڪل سامهون ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي بلڊنگ هئي (اڃا به آهي)، جتان لنگهندي، اُنهن جي هفتيوار ليڪچرن ۽ ٻين سماجي، ثقافتي تقريبن بابت اڪثر ڳاڙهي ڪپڙي جي بَئنرَ تي وڏن اکرن ۾ لکيل اعلان پڙهندو هوس، ۽ پوءِ سعيو ڪري اُهي وڃي ڏسندو ۽ ٻڌندو هوس. اهڙي ئي ڪنهن ٻئي يا ٽئين موقعي تي اُتان مون کي ٻن آنن (اڄ جي ۱۳ پئسن کن) جي قيمت ۾، سندن ۲۹ صفحن جو انگريزيءَ ۾ ڪتابچو Public Spirit – Ideal and Practical جي عنوان وارو مليو، جنهن جو مون تازو ئي پنهنجي هڪ نوجوان دوست جي مدد سان ترجمو ڪيو آهي، جلد ئي انهي کي پڌرو ڪرڻ جو ارادو اٿم، سو سوسائٽيءَ جي تڏهوڪي پريزيڊنٽ، ڊاڪٽر ائني بينست، جو ۱۹۰۸ع ۾ ڏنل، سوسائٽيءَ جي اديار (مدراس) پاپيولر ليڪچرس، جو پهريون ليڪچر هو، ۽ تازو ٻيو ڀيرو ڇپجي اُنهن ڏينهن ۾ پڌرو ٿيو هو. شروعات اُن ليڪچر جي هيئن ٿيل هئي:

“دوستون، اڄ جي پنهنجي سوچ لاءِ هيءُ جو ‘خدمت عام/خلق جي جذبي’ جي چڱاين کي مون هٿ ۾ کنيو آهي جنهن کي سڌيءَ طرح “عوامي جذبو” به سڏجي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ته سالن جا سال جيڪي مان هتي رهي آهيان، مون اُهو سڄو وقت، باڪ ماڻهن کي ٿَڪائي ڇڏڻ جي حد تائين، هڪ ئي خيال جو پرچار پئي ڪيو آهي: ۽ اهو هيءُ ته سڌارا ڪهڙا به، عام يا خاص قسم جا پنهنجن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جيستائين جو هتان جا رهواسي مسئلي جي بنياد ڏانهن ڌيان نه ڏيندا، ۽ اُهو مسئلو آهي منجهن ‘شخصن جي’ فردن جي، اخلاق جي تعمير، ڪابه هلچل، ڪابه تحريڪ، جيڪڏهن قوم جي اڏاوت ۾ مددگار ٿيڻي آهي، ته اُن جي ڪاميابيءَ لاءِ اوچو اخلاق هڪ اَٽل ضرورت آهي. ڪنهن به تحريڪ جومقصد ڪهڙو به ۽ ڪيترو به چڱو ڇو نه هجي، ان جي منزل کڻي ڪا بهترين ۽ اعليٰ ترين ڇو نه هجي، پر اُها تحريڪ ناڪام ئي ٿيندي، جيڪڏهن اُن جا هلائيندڙ اعليٰ اخلاق جا مالڪ نه هوندا ۽ ديانتدار، خدمت عام /خلق جي جذبي سان ڀرپور ۽ سچار نه هوندا. اوهين ڪو سٺو گهر ڀتين سرن سان اَڏي ئي نه سگهندا. اوهين خراب ۽ پست اخلاق رکندڙ شهر واسين جي اجتماع سان ڪا عظيم قوم ٺاهي نه سگهندا. جيئن ڪا گهر جي جاءِ اُن جي سرن کان الڳ نه هوندي آهي، تئين ڪا قوم به پنهنجي شهر واسين کان الڳ نٿي ٿي سهگي شهر واسي ئي قوم آهن، ۽ جهڙو اُنهن جو اخلاق هوندو، لازمي طرح سندن قوم جو اخلاق به اُهڙو ئي هوندو. . . بس اِهو ئي سبب آهي، جو آءُ هندستان جي ماڻهن تي اِهو زور ڏيندو رهي آهيان ته هو پاڻ وٽ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام قائم ڪن، جنهن ۾ لازمي جُز يا حصو اخلاق جي تعمير هجي – ڇو ته جيڪڏهن هتي هڪ عظيم قوم جي تعمير ٿيڻي آهي، جيڪڏهن متحده وطن جيڪو اسان سڀني جي من جو خواب آهي. انسانن جي دنيا ۾ اُهو اسان کي حقيقت جي صورت ۾ ڏسڻو آهي، ته اُهو فقط صحيح راهه سان تربيت ورتل شهر واسين جي هٿان ئي ممڪن ٿي سگهندو- اُهي شهر واسي جيڪي نيڪ اخلاق جا مالڪ، اعتبار جوڳا ۽ امانتدار هوندا. سچائيءَ لاءِ هڪڙي پراڻي عبراني پُستڪ ۾ لکيل آهي ته سچائي ئي قوم کي اُتم درجو ڏئي ٿي، ۽ جيڪا قوم سچن ۽ صداقت وارن شهر واسين کان خالي آهي، دنيا ۾ اُن قوم جي جٽادار زندگي ممڪن ئي ڪانهي.

هاڻي، هڪ نيڪ ۽ سچي شهر واسيءَ لاءِ اخلاق جي سڀ کان وڏي صفت آهي عوامي جذبو ڪونهي ته قوم به ڪانهي. حقيقت ۾ هيءُ جذبو ئي آهي، جيڪو قومي عمارت جي اَڏاوت لاءِ بنياد جو ڪم ڏئي ٿو. ”

ڪامريڊ حيدر بخش جو پهريون شعري مجموعو “تحفه سنڌ” ۱۹۳۰ع ۾ شايع ٿيو. ۽ اُهو سنڌ جي ماڻهن سان سندس اُنهيءَ پيار ۽ خدمت عام جي جذبي جو پهريون ثبوت هو. اُن وقت آءُ اڃان ٽيون درجو انگريزي پاس ڪري رهيو هوس، ۽ مئٽرڪ ڪرڻ ۾ مون کي وڌيڪ چار سال گهربل هئا. “تحفه سنڌ” جي اشاعت تي ڪافي اختلاف اُٿيا ۽ فتوائون صادر ٿيون، پر اُن سڄي هنگامي کان آءُ اَڄاڻ رهيس، ڇو ته تن ڏينهن ۾ جنهن اسڪولي فضا ۾ آءُ پڙهي رهيو هوس - ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتان فارغ ٿي نڪتو هو – اُن ۾ اهڙين ڳالهين جي گرما گرم چوٻول جي گهٽ گنجائش هئي. ‘اسلامي مدرسن’ ۾ اسان جي حالت اِئين هوندي هئي ڄڻ معصومن کي واڙي ڇڏجي: سبقن وٺڻ ۽ ياد ڪرڻ، راندين ڪرڻ ۽ نمازن جي پڙهڻ – يا اُنهن کان نٽائڻ - ۾ اسين پورا هوندا هئاسون. ڪم از ڪم آءُ پاڻ ته پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي هم ڪلاسين ۽ ويجهن مٽن مائٽن جي دنيا ۾ ئي ذهني توڙي جذباتي طور پورو واڳيل ٿي رهيس. مئٽرڪ جي پوين ٻن درجن ۾ سو اسان کي انگلنڊ جي تاريخ مان هائوس آف ڪامنس ۽ هاوئس آف لارڊس، پارليامينٽ بمقابله آپيشاهي، شهري حقن ۽ ذميدارين، اسپين ۽ فرانس سان انگلينڊ جي لڙاين ۽ اُنهن جي سببن ۽ اُنهن ۾ انگريز قوم ۽ ان جي قومي سورمن جي وطن دوستيءَ ۽ جان نثاريءَ جي مثالن جي ڄاڻ ملندي ٿي رهي. البت ڪاليج ۾ پير رکڻ کان پوءِ اخبارن ۽ رسالن جي پڙهڻ، انگريزيءَ جي باغي شاعرن – شيلي، ڪيٽِس، بائرن وغيره جي اُتهاسڪ نظمن جي مطالعي، سماجي اهميت جي انگريزي ڊرامن، لارڊ مارلي جي On Compromise جهڙن سياسي تعليم جي فڪر انگيز ڪتابن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا مليا. ۱۹۳۸ع ۾ بي. اي. ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪريءَ بدران پنهنجي مادر علميءَ، سنڌ مدرسي، ۾ استاد ٿيس، ۽ اُتي استادن جي لئبرريءَ مان خاص طرح وليم ڊريپر جو ڪتاب، ٻن جلدن ۾ History of the Intellectual Development of Europe ۽ جيِن جَئڪس رُوسو جي آپ بيتي Confessions ڇهن جلدن ۾، پڙهيم ٻن سالن کان پوءِ بي. ٽي. ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ وڃڻ ٿيو. ۽ اُتي ڪاليج لئبرريءَ مان ٿامس ڪارلائل جو The French Revolution آئبٽ جو Napoleon Bonaparte، جادو ناٿ سڪرار جو Aurangzeb Almgir (چئن جلدن ۾) پڙهيم، تن ڏينهن يورپ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي، ۽ اُن بابت ايم. اين. راءِ جا لکيل مضمون، خاص طور سندن انگريزي هفته وار Independent India ۾، پڙهيم ۽ ائين سندن قائم ڪيل ريڊيڪل ڊيموڪرئٽڪ پارٽيءَ جي سوچ ۽ پروگرام سان روشناس ٿيس. ۱۹۴۱ع ۾ واپس سنڌ ۾ اُن پارٽيءَ جي ڪراچي تنظيم ۽ سندن تازي جاري ٿيل پندرهن روزه Freedom Calling سان وابسته ٿيس، ۽ اُن سلسلي ۾ راءِ جا تقريبا ً سڀ ڪتاب، جيئن Historical Role Scientific Politics، From Savagery to Civilization، of Islam ۽ ٻيا، پڙهيم، سياست جي اُن تعلق سان سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي ڪارگذاريءَ ۽ سنڌ جي سياست تي سوچڻ ۽ اُن کي سمجهڻ لڳس. ٿنڪرس لئبرريءَ جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪياسين. اُنهن ئي ڏينهن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام جي ڏس تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪائونٽر تان اَئني بينست جي جو انعمريءَ جي ليڪچرن تي مشتمل “History of the Great French Revolution – from the Standpoint of the People” ۽ ڪامريڊ برڪت عليءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل، پرنس ڪروپاتڪن جو ڪتابڙو “نوجوانن ڏانهن”، ۽ ٻيا به ڪيئي ان نوع جا ۽ ڪميونسٽ مئنيفيسٽو سميت ۱۹۱۷ع جي سوويت انقلاب جا ننڍا وڏا ڪتاب هٿ آيم، جيڪي مون من جي وڏي هڪ ترنگ ۽ جولان ۾ پڙهيا ۽ وري وري پڙهيا – جن ۾ ٻن ڪتابن هينري جارج جي Progress and Poverty ۽ ڪروپاتڪن جي ٻئي ڪتاب Mutual Aid جو مون تي خاص اثر ٿيو. طبيعت جي انهيءَ ڪيفيت ۾ هوس، جو ۱۹۴۵ع ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ هيءَ خبر وڄ جي چمڪاٽ جيئن پکڙجي ويئي، ۽ منهنجي ڪنن به ٻڌي ۽ ماڻهن جي چهرن تي سرهائيءَ جي صورت ۾ منهنجي اکين به ڏٺي، ته حيدر بخش جتوئيءَ وڏيءَ سرڪاري نوڪريءَ کي ٿڏو هڻي، ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هارين جي سک سلامتيءَ ۽ انهن جي عزت ۽ آجائيءَ لاءِ اُنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو آهي! ترت ئي پوءِ، ڪامريڊ حيدربخش جو ٻيو شعر جو ڪتاب “آزاديءَ قوم” (مارچ، ۱۹۴۷ع) پڌرو ٿيو، ۽ سنڌ ۾ اُن جو هر هنڌ ذڪر ٿيڻ لڳو. پنجن مصرعن جي ۱۷۱ بندن تي مشتمل اُهو طويل نظم مون به پڙهيو، ۽ ان جي هر صفحي تي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ ٻين سمجهاڻين ۽ حوالن جي موجود هوندي به، مون کي ياد آهي ته اُن جي هر بند جي آخري مصري ۾ “آزاديءَ قوم” جي رديف جو بامعنيٰ استعمال اڪثر هنڌن تي وري وري پڙهڻ ۽ غور ڪرڻ کان پوءِ ئي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي سگهيو، پر جيستائين اُهو سمجهه ۾ نٿي آيم، تيسين تائين مان اُن بند کي وري وري پڙهندو ٿي رهيس – ايترو سڄي اُن نظم منهنجي من کي جهٽي پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو.

جون ۱۹۴۷ع ۾ مون سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن کليل خط لکيو – انگريزيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ - جو اخبارن ۾ ڇپيو، ۽ اُهو پترن ۽ ڪتابچن جي صورت ۾ عام ورهايو به ويو؛ ۽ اُهي، ۲۶ جون تي پاڻ کڻي اسيمبليءَ جي دروازي تي بيهي، هڪ هڪ ميمبر کي هٿ ۾ ڏنم، ڇو ته اُن ڏينهن هو پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ سان سنڌ جي شموليت جو فيصلو ڪري رهيا هئا ۽ نتيجي طور مونکي اسيمبلي جي محافظن پاران ڌڪي ٻاهر ڪيو ويو، اسيمبلي ۾ اُهي وڏيرا وڏيءَ ڌانڌل سان اڪثريت ۾ چونڊجي آيا هئا. هڪ به اُنهن ۾ عام ماڻهن مان نه هو. جن لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش، اڳتي هلي، ون – يونٽ جي حوالي سان، پنهنجي هڪ انقلابي نظم، “اي سنڌي وڏيرا، ڪجهه انسان ٿيءُ!” (۱۹۶۷ع) ۾ چيو هو:

“وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا؛

“مِٺيءَ سنڌ پنهنجيءَ کي مارائي ويٺا؛

“حقن پانهنجن کي ڪهارائي ويٺا؛

“ٻچن مائرن کي رئارائي ويٺا؛

“ تڏهن ڀي آ دعوا: ‘پهلوان آهيون!’

“اڃان ڀي چون ٿا ته ‘انسان آهيون!’”

اُن منهنجي خط ۾ اُنهن کان طلب ڪيل هئي ته سنڌ لاءِ اُنهيءَ شموليت جي فائدي ۾ پنهنجي فيصلي سان گڏوگڏ، پاڪستان جي آئين ۾، ٻين شرطن ۽ ضمانتن سان گڏ، هو مارچ ۱۹۴۰ع واري پاڪستان ريزوليوشن ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي آئين ۾ خصوصي طور بيان ڪيل اغراض و مقاصد مطابق، سنڌي قوم لاءِ، پاڪستان جي هڪ شريڪ قوم طور، Autonomy (خود حڪومت) ۽ Sovereignty (ڪل اختياريت) جي درجي ۽ حيثيت جو واضع لفظن ۾ شرط رکن! اُن کان اڳ منهنجو انگريزي ڪتاب Save Sind، Save the Continent – From Feudal Lords، Capitalists and their Communalisms (“سنڌ بچايو، براعظم بچايو – جاگيردارن، سرمايه دارن ۽ انهن جي فرقه پرستين کان!”) به شايع ٿي چڪو هو، جنهن جي سزا طور آءُ پنهنجي مادر عمليءَ جي ملازمت کان علحده ڪيو ويو هوس.

اُنهن ئي ڏينهن ۾ پوءِ آءُ ڪامريڊ حيدربخش سان پهريون ڀيرو روبرو ملڻ جو سوچي، ۽ کين اڳواٽ اطلاع موڪلي، حيدرآباد جي (هاڻوڪي) “حيدر چوڪ” وٽ سندن گهر تي (جيڪو تڏهن به “حيدر گهر” سڏبو هو) وڃي حاضر ٿيس. پاڻ مون سان وڏي جذبي ۽ چاهه سان مليا. منهنجي خوشي قسمتي هئي، جو اُن موقعي تي پاڻ منهنجي پوءِ بنهه جگري يا بڻيل، ميان محمد عثمان ڏيپلائيءَ، کي به گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو هئائون. ۽ پوءِ اسان ٽنهي ڪافي گهڻي دير ويهي، ۽ دليون کولي، ڪچهري ڪئي. پنهنجي پنهنجي مطالعي جون ڳالهيون ڪيونسين، اصولن ۽ عقيدن جو ذڪر نڪتو، ۽ آل انڊيا سياست جي چڪر ۾ پنهنجي سنڌي سياستڪارَ ۽ سياستدان جنهن ڪمال صفائيءَ سان ۽ رڏ ڪڏائي، رڳو پنهنجي ذاتي آنا ۽ طبقاتي مفادن جي پٺيان المست ٿي، پاڻ کي ۽ پنهنجي وطن ۽ قوم کي اوڙاهه ۾ اُڇلي رهيا هئا بلڪه اُڇلي چڪا هئا، اُن لاءِ پاڻ تي، اُنهن تي ۽ دنيا جهان ۽ اُن جي سڄيءَ ‘ڪارسازيءَ’ ۽ ‘ڪارفرمائيءَ’ تي پنهنجي خاص ڪاريگريءَ ۽ قدرت جي دعويدارن تي خوب ڇوهه ڇنڊياسين. اِنهيءَ طرح، انساني عقل ۽ آسماني عقل، ۽ ٻنهي جي پهچ ۽ معتبريءَ جي ڪڇ – تورَ به ڪئيسين، ۽ سڄيءَ اُن ڏکئيءَ صورتحال (The Sorry state entire) جي سمجهڻ ۽ اُن جي ڪنهن قدر پورائيءَ بلڪه تلافيءَ لاءِ جو ڪجهه ٿي ٿي سگهيو، اُن تي آچاريو ويچاريوسين. اُن موقعي تي، ڪامريڊ حيدر بخش کان مون کي هڪڙي ڪنهن گمنام ڏاهي جي هڪ املهه ڳالهه به ملي، جيڪا مون سدائينءَ لاءِ پنهنجي ڳنڍ ٻڌي ڇڏي؛

The serenity to accept the things

I can not change;

The courage to change the thing

I can; and

The wisdom to know the difference.

يعني؛ “اُهو صبر” جيڪو قبول ڪري شيون، جن کي بدلائي نٿو سگهان؛

اوها همت جنهن سان بدلايان شيون، جن کي بدلائي ٿو سگهان؛ ۽

اُها ڏاهپ جيڪا اِنهن ٻن ڳالهين جو فرق مون کي سمجهائي!”

ڪامريڊ حيدر بخش سان پوءِ مون ڊاڪٽر اَئني بسنت جي “Public Spirit” واري ليڪچر جي ڳالهه ڪئي، ۽ منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن پاڻ ٻڌايائون ته اُهو ڪتابچو سندن پڙهيل هو، بلڪه سندن قومي شعور جي اوائلي دور ۾ خاص طرح، مٿن اُن جي خيالن جو تمام گهڻو اثر رهيو هو! اُن کان پوءِ، پاڻ مون کان خاص ٻن انگريزي ڪتابن – ٿامس پين جي Age of Reason ۽ اينگرسال جي Essays – بابت پڇيائون؛ جا، اُهي مون پڙهيا هئا! ٿامس پين جي سوانح ۽ فڪر متعلق اُنهن ڏينهن جي ٻئي مشهور انگريزي ڪتابن جي سلسلي The Living Thoughts library جو ڪتاب Tom Paine منهنجو پڙهيل هو، جنهن ۾ پين جي ٽن مشهور ڪتابن Rights، Common Sense Age of Reason ۽ of Man بابت گهڻو ڪجهه لکيل هو: پر Essays of Engersall منهنجو پڙهيل نه هو. ڪامريڊ حيدربخش، اِهو ٻڌي، فوراً اُٿيو، ۽ پنهنجي ذاتي لئبرريءَ مان اُهو ڪتاب کڻي آيو ۽ مون کي ڏيئي، اُن جي پڙهڻ جو خاص تاڪيد ڪيائين، ۽ خوش خوش، پاڻان ٻڌايائين ته اُن ڪتاب جي پڙهڻ جو پهريون ڏس کيس ڊاڪٽر دائود پوٽي ڏنو هو. منهنجي ۽ ڪامريڊ حيدربخش ۽ ڏيپلائيءَ جي وچ ۾، اُن ڏينهن واريءَ اُن پهرينءَ گڏجاڻيءَ جي ياد، روحاني ڳانڍاپي طور، پوءِ اسان ٽنهي جي دلين ۾ هميشھ موجوده رهي، ۽ مون وٽ به اُها سدا بهار ياد اڄ به اُنهيءَ طرح ئي محفوظ آهي - ۽ جيستائين اُها مون وٽ اُئين آهي تيستائين سچ ته ٻين منهنجي يارن سان گڏ اُهي ٻيئي يارَ به مون کان ڪڏهن الڳ نه آهن.

۳۰ ۽ ۳۱ مئي ۱۹۴۸ع تي رتي ديري جي ڪُل- سنڌ هاري ڪانفرنس ۾، آءٌ سائين جي. ايم سيد سان گڏجي، شريڪ ٿيس، جتي ڪامريڊ حيدر بخش سنڌ هاريءَ ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو. اُن ڪانفرنس ۾ سائين جي. ايم سيد ۽ ڪامريڊ جي چوڻ تي مون ٽي ٺهراءُ انگريزي ۾ لکيا، ۽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيم جيڪي ڪامريڊ ۽ سائين جي . ايم سيد کي بيحد وڻيا، ۽ سندن صدارت هيٺ اُهي ٺهراءٌ اُهي ڪانفرنس ۾ پاس ٿيا.

اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون کي ميونسپل هاءِ اسڪول، ٺٽي، جي هيڊ ماستري ملي، ۽ ترت ئي پوءِ جڏهن اُهو اسڪول سڌ گورنمينٽ جي تحويل ۾ آيو، ته منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد طور ٿي، جتي ڪامريڊ حيدربخش سان گڏجڻ جا مون کي لڳاتار موقعا ملندا رهيا. هونئن ته ساڻن ۱۹۴۷ع جي پهرينءَ گڏجاڻيءَ کان پوءِ، ڪيئي سندن يادگيريون، ذاتي توڙي قومي نوع جون، منهنجي دل ۾ محفوظ آهن، پر خاص ڪن هڪ ٻن جو ذڪر ڪرڻ هتي واجب ٿو سمجهان. ڪامريڊ سان منهنجا ايترا ته ويجها ناتا هئا، جو هڪ ڀيري، ۱۹۴۹ع جي آخر ۾ شايد، پنهنجي وڏي پٽ غلام مصطفيٰ خان کي صبح سوير مون وٽ وٺي آيا – تڏهن آءُ حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪاليج جي هاسٽل نمبر ۶ جو هائوس ماستر هوس - ۽ پاسيرو نيئي چيائون ته “مصفيٰ جي دل ڪجهه اُٿيل لڳي ٿي، تو سان دل ريڌل اٿس، هڪ ٻه ڏينهن پاڻ سان رهائينس ته مَن ڪجهه سانت ۾ اچيس” ڪامريڊ جي غلام مصفيٰ خان سان ڏاڍي دل هوندي هئي – هو تڏهن بي. اي. لاءِ پڙهندو هو، شعر و شاعريءَ سان شوق هوندو هوس ۽ ڪامريڊ سان سياسي ڳالهين ۾ به واڳيل رهندو هو. سو، ڏينهن اڃا لڙيو ئي مس ۽ پڪيون سانجهيون ئي نه لٿيون، ته ڪامريڊ موٽي آيو! اُن وچ ۾ غلام مصطفيٰ خان کي مون وٽ ننڊ کڻي ويئي هئي، ۽ ڪامريڊ هُن کي ائين آرامي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪچهريءَ ۾ مون سان ويهي رهيو، دير دير تائين اوڀارين لهوارين ۾ لڳي ويسين، تان جو رات جو ماني کاڌيسين، ۽ پوءِ پياري مصطفيٰ جي به اک کلي، ۽ ٻيئي پيءُپٽ گڏجي، کلي، خوش ٿي پنهنجي گهر ويا. اُن موقعي تي ٻين ڳالهين سان گڏ ڪامريڊ جي ڪتاب “زميندارشاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما” جي رٿا طئي ٿي، ۽ پاڻ مون کان اُن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن تحرير کين ڏيڻ جو پڪو واعدو به ورتائون. سندن اُهو، سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوع جو پهريون ڪتاب، پوءِ ۱۹۵۳ع ۾ شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ منهنجو لکيل، پنجن منظرن وارو، مختصر ناٽڪ “هاري ۽ تعليم” جي عنوان سان پاڻ شامل ڪيائون.

غالباً ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسئيشن پنهنجي صدر، ڪامريڊ جان محمد جماليءَ، جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي آڏو پنهنجي ڪافي پراڻا ۽ مضبوط مطالبا رکندي، عام اسٽرائيڪ جو اعلان ڪيو. ڪامريڊ جمالي تن ڏينهن ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هُن سان، پيشي جي ناتي، ٽريننگ ڪاليج ۾ ساٿي هجڻ جي ناتي، ادب توڙي سياست جي ڳالهين ۾ ڪافي ڪجهه همخياليءَ جي ناتي، منهنجي گهڻي ويجهائپ هئي. هُن کي سنڌ جي استادن جي اُن جدوجهد جي رٿا ۽ حڪمت عمليءَ ۾ شروع کان ۽ سڄو وقت ڪامريڊ حيدربخش جو ساٿ حاصل هو. ان عرصي ۾، ٽريننگ ڪاليج مان منهنجي بدلي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور ڪراچيءُ ٿي چڪي هئي، جتي مون کي سيد هاشم رضا، سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ، جي ماتحت ڪم ڪرڻو ٿي پوي. سنڌ ادبي بورڊ جا ميمبر توڙي منهنجا سرڪاري بالادست، هاشم رضا صاحب سميت، منهنجي ڪم مان پوريءَ ريت خوش هئا. اُن وقت تائين اسين بورڊ جي پرنٽنگ پريس ۽ بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد ۾ قائم ڪري چڪا هئاسين بورڊ جا ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا هئا. بورڊ جون تصنيف و تاليف ۽ ترجمي جون رٿائون ٺهي راس ٿي چڪيون هيون ۽ تعميل لاءِ تيار هيون. آءُ پنهنجي آڏو سڄو اُهو ڪم ائين وڌندي ڏسي گد گد ٿي رهيو هوس ۽ اُن کي فوري پنهنجي زندگي جو ڪارج خاص (Mission) ٿي سمجهيم. تيستائين پرائمري ٽيچرس جي اسٽرائيڪ جي مسئلي جي ڪنهن طرح حل ٿي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، سيد هاشم رضا صاحب، جنهن جي وڏن سرڪاري عملدارن مان ناموس اِها به هئي ته هو ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ ڏانهن مائل هو، مون کي اوچتو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ ڪجهه رسمي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ پڇيائين: “مسٽرجويا، اوهين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان ڪيئن واسطي ۾ آهيو؟” مان ڪجهه دهلجي ويس، پر دل جهلي، مون کين جواب ڏنو ته ڪامريڊ حيدر بخش کي آءٌ پنهنجو بزرگ ۽ دوست سمجهان ٿو؛ هاشم رضا صاحب منهنجي ڳالهه ٻولهه ٻڌي، مون کي چيو، “مون کي اوهان جي ڳالهه تي اعتبار آهي. اوهين ڳُجها ٿي ڪم ڪيو. ” هيءَ گفتگو زباني هئي ۽ زباني ئي رهي، ۽ مون پهرين سائين جي. ايم. سيد کي اُن کان واقف ڪيو. ڇو ته ساڻن منهنجي ذاتي نيازمنديءَ کان علاوه پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا باني ميمبر ۽ اُن وقت بلڪل ئي روح روان هئا، ۽ منهنجي لاءِ بورڊ جي ڪم جي سلسلي ۾ وڏو ڀرجهلو هئا؛ ۽ پوءِ اُهو احوال ڪامريڊ حيدربخش سان به ڪيم؛ ۽ ٻنهي اُنهن منهنجي محترم بزرگن سڄيءَ اُن ڳالهه ۾ منهنجي موقف جي تائيد ڪئي.

ڪامريڊ حيدر بخش ۽ منهنجي وچ ۾ پهرينءَ ملاقات وٺي هيءُ به ڪو اُڻ _ ٻوليل ۽ اُڻ _ لکيل وچن ٿي ويو هو ته جيڪا ڪا اسان جي لکت ڇپبي (يا ٽائيپ ٿيندي) سا هڪٻئي کي پهچائينداسين. اِئين ڪراچيءَ ۾ هوندو هوس يا حيدرآباد ۾، جيڪب آباد ۾ يا لاهور ۾، ڪوهاٽ ۾، خيرپور يا ڪٿي به، ته ڪامريڊ جا ڪتابچا، پترا، وضاحتون، بيان ۽ خط وغيره، جيئن به هو پڌرا ڪندو هو، اُنهن جون ڪاپيون مون کي کانئس ضرور پيون ملنديون هيون. ون-يونٽ دوران جڏهن مونکي سنڌ بدر ڪري ڪوهاٽ موڪليو ويو ته هڪ ڏينهن ڪامريڊ جي ٻن ٽائيپ ٿيل خطن جون ڪاپيون مون کي اچي پهتيون: اُهي مون وٽ اڄ به موجود آهن. ڏهين مئي، ۱۹۶۷ع تي ڪامريڊ جي ٻن تازه رچيل نظمن “حيوان انسان” ۽ “سلام سنڌ” جي خلاف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، حيدرآباد، ڪامريڊ تي امن عام جي آرڊيننس ۱۹۶۰ع هيٺ ذاتي طور ڏهن ڏهن هزارن جي الڳ الڳ ضمانت نامن داخل ڪرڻ جو آرڊر تعميل ڪيو هو، ۽ ۲۳ مئي تي حڪومت ويسٽ پاڪستان جي هوم سيڪريٽريءَ، لاهور مان ڪامريڊ تي اُن سلسلي ۾ ويسٽ پاڪستان آرڊيننس ۱۹۶۳ع هيٺ ڪو فائينل نوٽيس به ڪڍيو هو. ڪامريڊ جا اُهي ٻه خط جيڪي هڪٻئي پٺيان پاڻ هوم سيڪريٽريءَ ڏانهن جواباً موڪليا هئائون، تن ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ، پنهنجن اُنهن ٻن نظمن جون خالص ادبي ۽ عملي سمجهاڻيون ڏنيون هئائون اُهي ٻيئي خط انگريزيءَ ۾ هئا، ۽ سڌا سرڪار _ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ لاهور جي هوم سيڪريٽريءَ _ ڏانهن ويل هئا، ۽ اُتان جي مُرده دلين جي سرد خانن ۾ مشڪل هو ته اُنهن ٿورڙي به ڪا ڪوساڻ پيدا ڪئي هجي، ۽ اُتان کان ٻاهر جي دنيا ۾ به نٿو چئي سگهجي ته سواءِ ڪن ٿورن جي اُهي ڪن ڏٺا هجن. اِنهيءَ ڪري _ اڄ جڏهن اُنهن کي ڪيئي ورهيه گذري ويا آهن، ۽ جنهن درد ڀريل دل ۽ اُن جي تڙڦ ۽ ڌڪ ڌڪ سان اُهي لکيا ويا هئا اسان جا ٻوڙا ڪَنَ اُها ٻڌي نٿا سگهن _ سنڌيءَ ۾ اُنهن جو ترجمو، منهنجي خيال ۾، سنڌي ادبي ۽ عملي دنيا کي ڪافي ڪجهه ڌوڏيندو ۽ اُن لاءِ سبق آموز ثابت ٿيندو. هنن خطن جو ترجمو هتي ڏيڻ اِن ڪري به ضروري آهي، جو جنهن جاگيرداري هٻڇ ۽ حيوانيت ۽ مذهبي تاريڪ خياليءَ ۽ دقيانوسيت گڏجي، سنڌ ۽ سنڌي قوم تي تاريخ جو هيءُ پيرن ڪٽيل عفريتي دور طاري ڪيو آهي، جنهن جي پردي _ کول ۽ مقابلي لاءِ ئي ڪامريڊ جو هيءُ سڄو شعر _ شروع کان آخر تائين _ رچيل آهي ۽ سڄو سندس فڪر ۽ سڄو سندس جدوجهد مخصوص ٿيل آهي، اُن سندس شعر ۽ اُن جي پيغام ۽ سڄي سندس مقصد حيات تي موٽ ۾ هن عفريتي دور ۽ اُن جي داعين ۽ حامين جيڪا به تنقيد ۽ تنقيص ڪئي آهي، ۽ جيڪي به حملا ڪيا آهن ۽ زخم رسايا آهن، تن سڀني جو جواب ڪامريڊ جي پنهنجي قلم سان سندس هنن ٻن خطن ۾ اسين ڏسي ۽ پڙهي سگهون ٿا.

پهريون خط: حيدرآباد سنڌ _ مئي، ۱۹۶۷-۲۲ع

امنَ عامَ جي حفاظت لاءِ آرڊيننس ۱۹۶۰ع هيٺ نڪتل آرڊر بابت

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

“ابتدا طور: شاعريءَ جي فن جون پنهنجون حد بنديون آهن، تنهن سان گڏ اُن جا نبارُ ۽ اوچا اُمنگ ۽ تصور به آهن. مثال طور اُن ۾ لفظ رهائي ڇڏجن ٿا، ته جيئن ٻڌندڙُ يا پڙهندڙُ پنهنجي خيال مان اُنهن جو پورائو ڪري؛ اُن ۾ تاثرَ ۽ تاڪيدَ لاءِ استعاري ۽ وڌاءَ کان ڪم وٺجي ٿو؛ اُن ۾ لفظن کي نيون معنائون ملن ٿيون ۽ ان ڪري اُنهن جا تعبير ڪرڻا پون ٿا. شاعري سِڌاري، خشڪ ۽ تُز نثر کان مختلف ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ڪو نثر به پنهنجي عڪس پذيريءَ ۽ سحربيانيءَ سبب شعري بلندين تائين پهچي وڃي ٿو. جيڪڏهن شاعريءَ کي رواجي، عدم تصورائي معيارن سان ماپي سگهجي ها، ته گهڻا اعليٰ شاعر تڏهوڪو سوريءَ چڙهي وڃن ها، ۽ هيءَ دنيا ثقافتي ۽ جمالياتي طور سُڃي سکڻي ۽ بيڪار بڻجي وڃي ها. پر خوشقسمتيءَ سان اِن ڳالهه ۾ انسانن جو فيصلو مختلف رهيو آهي؛ شاعر انسانيت جو شان سمجهيا ويا آهن، بلڪه لائق پرستش شمار ٿنيدا رهيا آهن.

“ڏسجي ٿو ته هيءُ ]خط جي حوالي ۾ ڄاڻايل[ ‘آرڊر’ ۽ اُن جي ثبوت ۾ ‘دليلن’ جو لکندڙ شاعرن جي ٻوليءَ کان پورو باخبر نه آهي؛ هو شاعريءَ ۽ نثر جو فرق به نٿو ڄاڻي! حقيقت هيءَ آهي، جنهن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي، ته ‘حيوان انسان’ ۽ ‘سلام سنڌ’ ٻه نظم آهن _ برابر جدا جدا ڇپيل، پر پئمفليٽ (Pamphlets) نه آهن، رڳو پترا (Leaflets) آهن، هر هڪ رڳو هڪ ڀيرو ٻيڻي ٿيل ڪاغذ تي: ‘آرڊر’ ۾ اُنهن جي سلسلي ۾ لفظ “Paras” ڪم آيل آهي، جيڪو نثر لاءِ لکيو آهي، “Stanzas” نه، جيئن ئي شعر جي حالت ۾ صحيح ڳالهه آهي.

“گذارش: ۱_ (الف): پهرئين نظيم ‘حيوان انسان’ ۾ مون سورهن مختصر بندن ۾ انسان جي تاريخ، هُن جي ارتقا، جيوت جي ادنيٰ صورت مان اُڀري باشعور انسان جي درجي تائين هُن جي رسائيءَ جي سڄي منظر، جو جائزو ورتو آهي، ۽ هُن جي اُن ‘اِعراج’ ]مٿي اُڀرڻ جي عمل[ کي ضمانت چيو اٿم ]بند ۸، شعر ۳ ۾[ اِن ڳالهه جي ته هو اڃان به مٿي اُڀرندو تان جو فوق الانسان جو رتبو وڃي ماڻيندو! اِها ڳالهه چوندي، مون تاريخ جي درد مند ۽ دياوان شخصن کي ساراهيو ۽ ڪٺورن ۽ ظالمن کي ننديو آهي؛ جتي گهڻن شاعرن گلن ۽ بلبلين ۽ شخصي محبتن ۽ حسن پرستن جي ڳالهه ڪئي آهي، اُتي مون اعليٰ فنڪارن، سائنسدانن، عظيم جدت ڪارن ۽ جدوجهد ۾ مصروف انسان ذات جي محسنن جا ڳُڻ ڳايا آهن.

“مارشل لا حڪومتون: اِئين عمومي نموني ۾، مون مارشل لاءِ جي نظامن لاءِ پنهنجي ناپسنديءَ جو اظهار به ڪيو آهي، جيڪي، اسان جي اِها بدنصيبي آهي، اسان لاءِ ڄڻ روزمره جا دستور بڻجي پيا آهن. انسان جو ضمير هن ‘قانون’ کان بغاوت ٿو ڪري، جو قانون ڪونهي. خود اِن جا مبلغ ۽ پڪا حامي به اُن کي رڳو عارضي اقدام طور جائز چوڻ جي هامي ڀري ٿا سگهن. ڇا، خود صدر ايوب ۷ آڪٽوبر، ۱۹۵۸ع تي اعلان نه ڪيو هو ته جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد مارشل لا لاٿو ويندو؟ ۽ پوءِ هن اُهو واعدو پورو ڪيو ڇا؟

“مون مارشلا لا کي ننديو آهي، خاص طور جڏهن اُهو ملڪ جي دستوري ۽ دائمي قانون جي صورت وٺي بيهي ٿو پاڪستان ۾ خاص اِها اڄ صورت به ڪانهي، جو اُن صورت ڏانهن يا اهڙي ڪنهن خاص شخص لاءِ ئي چيل سمجهي سگهجي.

“مون رڳو مارشل لا جي خصوصيتن جو عمومي اظهار طور ذڪر ڪيو آهي. مون چيو آهي ته فوجي ڊڪٽيٽر ملڪ (دراصل ‘گهر’) جي دفاعي ذميدارين جي پوري ڪرڻ بدران سڄي ملڪ جو قبضو وٺي ويهي ٿو رهي. وڌيڪ مون چيو آهي ته مارشل لا جي دوران دليل کي زور دٻائي ۽ نپوڙي ٿو ڇڏي. مون چيو آهي ته مارشل لا ۾ زبانون ڪڙجي وڃن ٿيون. مان ڀانيان ٿو ته ٿورائي ڪي ماڻهو هوندا، جيڪي منهنجي انهن ڳالهين سان اختلاف ڪندا، ڇو ته اِهوئي اصل ۾ سچ جو هڪ انصاف ڀريو تفسير آهي.

“مون کي افسوس آهي ته منهنجن نظمن کي پوريءَ طرح سمجهيو نه ويو آهي، ۽ انهن جا لفظ غلط ترجمو ڪيا ويا آهن. بلڪه بگاڙيا ويا آهن، جيئن آءٌ اِن ڳالهه ڏانهن هيٺ ڌيان ڇڪائيندس. سچ ته مون تي ڪنهن قدم کڻڻ جي فيصلي کان اڳ ڪنهن قابل مترجم جون خدمتون ورتيون وڃن ها ته بهتر ٿئي ها.

۱. (ب). “سلام سنڌ”: ‘شڪار’ (بند اٺون)

‘هي ڇا جي لئه شڪار آهه، جهنگ ۾ بزار آ؛

‘ڇو عيش برقرار آهه، ڏيهه ۾ ڏڪارُ آ!

‘غريب سنڌ جي مٿان هي بارُ بارُ بارُ آ؛

‘هي رشوتن، نوازشن، غلامين جو ڄارُ آ!

‘هي لهَو لَعب جرم جي وسيع واردات آ!

‘اي سنڌ، تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!

آءٌ پنهنجي طبيعت کان مجبورُ هڪ صلح – پسند ماڻهو آهيان، منهنجو ايمان آهي ته انساني زندگيءَ جو آخري مقصد ۽ آدرش جنگ نه پر دائمي امن هجڻ کپي. اِهو سچ آهي ته ڪي ماڻهو ان جي ابتڙ سوچ رکن ٿا، ۽ مارڻ واريءَ پنهنجي حيواني جبلت کي خوش ڪرڻ لاءِ ‘شڪار’ کي پسند ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو ڀلي اهڙن پنهنجن ‘مشغلن’ (‘Games’) ۾ پاڻ وندرائين، پر اُنهن ۾ ايترو ماڻهپو هئڻ کپي ته سندن ڪٺورتا تي ڪو تنقيد جا ٻه لفظ چوي يا لکي ته هو اُهي برداشت ڪن.

“اسان وٽ حڪومت جي آڌار تي هلندڙ ‘حيوانن’ تي ظلم جي روڪ لاءِ سوسائٽيون به آهن. جيڪڏهن حيوانن کي مارڻ ظلم نه آهي ته پوِءِ ظلم ڇا آهي؟

“هتي مون شراب نوشيءَ، رشوت ستانيءَ ۽ عيش ڪوشيءَ کي به ننديون آهي. پاڪستان ۾ انهن کي نندڻ اڃان ڪو ڏوهه ڪونهي - مثلاً بند – ۹ ۾

‘غريب هي ديار آ، غليظ هت شڪار آ؛

‘مدار ملڪ جو مڙئي گدا گري اُڌار آ؛

‘ٿيو چنبي سامراج ۾ شڪاري اڄ شڪار آ!

‘شڪار سان شراب آ گڏ ته شر شرار آ؛

‘هيءَ صاف صاف بات آ، بيان واقعات آ!

‘اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!’

پهرينءَ مصرع جو ترجمو (اوهان جي ‘آرڊر’ ۾): This Poor land has become filthy prey غلط آهي، مصرع مطلب آهي: ‘هيءُ ملڪ غريب آهي، هتي شڪار جو شغل غليظ ڪم آهي’.

“اسان سڀني پاڪستانين کي پنهنجين گهرجن ۽ هڙ ۾ پيسن يعني پنهنجن وسيلن کي نظر ۾ رکندي، سڀني محاذن تي انتهائي ڪفايت کان ڪم وٺڻ گهرجي. ‘شڪارن’ تي هزارها روپين جي خرچ کي نه نه ته به بيجا زيان ته ضرور چئي سگهبو!

“اجايا خرچ اسان جي اقتصادي قوت کي ڌڪ هڻن ٿا ۽ اسان کي مجبور ڪن ٿا ته ڌارين سامراجين کان امدادن جي سِڌ ڪرڻ کان سواءِ اسان کي هرگز ڪونه ٿا ڏين. اِهي خيال اسان جي صدر پاڪستان جي واتان به هر هر ٻُڌجي رهيا آهن. اِن سلسلي ۾ قوم کي پنهنجين ذميدارين جي ياد ڏيارڻ لاءِ مون تي ڏوهن مڙهڻ بدران مون کي لائق آفرين ئي ڳڻڻ گهرجي.

“هاڻي آءٌ ڏهين بند جو (جنهن کي غلطيءَ کان ‘آرڊر’ ۽ ۹ عدد ڏنو ويو آهي) هتي (مر ڳوئي) اردو ترجمو ڏيان ٿو:

‘شڪار عيش بند هو، ڪلام، حق بلند هو؛

‘علوم ڪا، فنون ڪا، شعاع هو سُگند هو؛

‘حسين ڪاروبار سي هر ايڪ ارجمند هو؛

‘مزور هاري پائي حق جهد مِحن سي قند هو؛

‘عمل قدم حیات اور عیش میں ممات ہی!

‘ای سندھ تجھ پہ جاودان سلام ہی صلات ہی

منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن مصرعن ۾ اعتراض جي يا ملڪ دشمنيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي مون کي سزائن کائڻ يا ڏنڊن ڀرڻ جا دڙڪا ملن!

“(هونئن به) ون – يونٽ نظام سياسي يا انتظامي سرشتي جي دنيا ۾ ڪو آخري حرف ڪونهي. اُن جي جمهوري مخالفت کي ڪو قانوني ڏوهه به ڪونه چيو ويو آهي. هيءُ نظام اعتراض جوڳن طريقن سان قائم ڪيو ويو هو. ۽ آئيني ذريعن سان، بهرحال ختم ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جي اسلامي ريپبلڪ جي هاڻوڪي اسلامي آئين ۾ پڻ، ڏاهپ کان ڪم وٺندي، اِن سلسلي عمل جي گنجائش رکي ويئي آهي.

“گذريل ڏهن سالن ۾ ون – يونٽ جي ڪارڪردگيءَ مان ثابت آهي ته هِن نظام ۾ اسان سنڌي ماڻهن ڪيترو ڪجهه سٺو آهي! اسان جي زمين جون ڍلون اسان کان شمالي علائقي وارن ڀائرن کان وڏيون وصول ٿين ٿيون، جيتوڻيڪ اسان جي زمينن مان اسان کي پيدائش گهٽ ٿئي ٿي. وڏين نوڪرين ۾ اسان جو جيترو حصو هئڻ کپي اُن کان تمام گهڻو گهٽ آهي، ۽ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري خود مختيار ادارن ۾ اسين ته نالي ماتر به ڪي مشڪل ٿا ڏسجون گذريل ۱۵ سالن کان، ڪنهن نه ڪنهن بهاني، اسان جا آفيسر پڪا ڪونه ٿا ٿين، ۽ پوئتي کان پوئتي ڌڪجندا ٿا وڃن. اسان جي سنڌي ٻولي سرڪاري طور تسليم نٿي ٿئي، اُن کي دٻايو ۽ هيسايو ٿو وڃي؛ سنڌ جو نالو نقشن مان ڪڍيو ويو آهي. سنڌ جون زمينون، جن تي بي زمين سنڌي هارين کي پهريون حق آهي، وڏا واڪ ڏيندڙن ٻاهرين کي نيلام ڪيون پيون وڃن.

“اِئين چوڻ ته ڏاڍي وڻندڙ ڳالهه آهي ته اسين سڀ پاڪستاني آهيون، اسين سڀ مسلمان اهيون، اسين سڀ ڀائر آهيون؛ سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جي نالن ۾ اسين ڇو سوچيو؟ پر هِن بي ترس، حسابي ۽ تاجر سماج ۾ اُها سچي اصلي ڀائپي ڪٿي آهي؟

“ڇا، سنڌين سان روا رکيل سڄي اِها مٿي بيان ڪيل هلت ڀائپيءَ جي هلت سڏي سگهجي ٿي؟ ڇا، ائين بهتر نه آهي ته ڏٺو وڃي ۽ سمجهيو وڃي ته “صوبه پرستيءَ” جون اصل پاڙون ڪٿي آهن ۽ ڪهڙيون آهن؟

“جيڪي ڏکوئبا، سي ضرور دانهن ڪندا. صحيح ڳالهه تي هيءَ اهي ته ڏک جا سبب هٽايا وڃن، اِئين نه ته دانهيندڙ کي دٻايو ۽ مرڳو ئي واردات تان غائب ڪيو وڃي.

“آرڊر ۾ جيڪي شعر ڏنا ويا آهن، اُهي لکي مون رڳو سنڌين جي آواز ۽ اُنهن جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. منهنجي اِن نظم جي ۱۱، ۱۲ ۽ ۱۳ بند کي اِن پس منظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

“انهن شعرن ۾ مون درخواستون وِڌيون آهن، منٿون ڪيون آهن. ڪٿي ڪٿي استعاري ۽ وَڌِڪَ لفظن ۾، اُن ظلم ۽ اُن گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪارستانين خلاف جيڪي مختلف نمونن سان اسان تي روا رکيون پيون وڃن. انهيءَ اميد سان ته ڏاهپ ۽ ذميداريءَ جي روش ورتي ويندي، ۽ اسان جي دانهُن جي اسان کي معقول موٽ ملندي، ۽ اِئين اسان جون پريشانيون ختم ٿينديون ۽ اسان جا مسئلا حل ٿيندا! اِهي شعر (پنهنجي ڪچي ڦڪي اردو ترجمي سان) آءٌ هيٺ وري اوهان جي مطالعي لاءِ ڏيان ٿو:

ڪامريڊ پنهنجي هن جوابي خط ۾ پوءِ اُهي ٽي بند اردو ترجمي سميت، ڏنا آهن.

“بند – ۱۱، ڇو سنڌ سان آ دشمني، قديم پاڪ نام!. . .

“بند- ۱۲، اي بي صبر ستمگرا! اسان سان جنگ بند ڪر؛. . .

۽ “بند – ۱۳، اُٿو اُٿو اي سنڌيئو! ڪُلهن مٿي ڪفن ڪيو!. . .

جيڪي سندن نظم “سلام سنڌ” ۾ سندن شعري ڪليات “جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!” جي ص ص ۱۴۷-۱۵۱ تي ڏسي سگهجن ٿا. – م . ا . ج [.

“هِنن شعرن مان ڏسي سگهجي ٿو ته اِنهن ۾ هڪ مِنٿ اهي، هڪ اپيل آهي ته “سنڌ” جو مقدس نالو نه مِٽايو! سنڌي ماڻهن جي خلاف وڙهڻ بند ڪريو! ۲۱ بند جي ٻئي شعر سڏائي ڀاءُ ڀاءُ تي تير تفنگ بند ڪر!” جي سرڪاري معنيٰ ۾ چمڙا پوش ڪيل ڀاءُ (brother in disguise) ٍجو اصطلاح غلط آهي. سڄي شعر جو صحيح مفهوم آهي: ‘پاڻ کي ڀاءُ سڏائي’ تون پنهنجي ڪهاڙي ۽ بندوق ڀاءُ تي نه اُڀي ڪر!’ منهنجي سڄي اِن بند جو روح ئي هيءُ آهي ته ‘ڀائرو! پنهنجن ڀائرن تي ڪٺور نه بڻجو! ڀائرو! اسان کي پنهنجي ظلم جي مشق جو نشانو نه بڻايو! اسان سان انصاف ڪريو!’

“ڪٿي به مون تشدد يا اڳرائيءَ ۽ وڳوڙ جي تبليغ نه ڪئي اهي. جيڪڏهن مون ڪا تبليغ ڪئي آهي ته قربانيءَ جي، پاڻ مِٽائڻ جي. صلح پسند هئڻ ڪري ۽ حيوانن جي دنيا لاءِ به نرم دل رکندي، پنهنجن انساني ڀائرن خلاف- ساڻن پوءِ ڪيترا به منهنجا اختلاف هجن- تشدد ۽ مارڪٽ جي تبليغ ڪرڻ منهنجي طبعيت جي ئي خلاف ڳالهه آهي. آءٌ برابر بهتريءَ لاءِ تبديل گهران ٿو، پر آئيني طريقن سان، يعني پارلياميني عمل ۽ اقدامن جي سلسلن سان.

“اظهار جي آزادي هڪڙو بنيادي انساني حق آهي، ۽ جيڪڏهن ڪابه حڪومت ماڻهن کي اُن جي استحصال کان روڪي ٿي ته نه رڳو فردن کي نقصان رسي ٿو پر سڄي سماج جو اُن ۾ هاڃو ٿئي ٿو. پنهنجن مخالفن ڏانهن ۽ سندن ديانتدار راءِ راءِ سهپ جو جذبو- انساني سماج ۾ ماڻهن جو هڪڙو ٻيو اخلاقي حق ۽ پڻ فرض اِهو آهي. منهنجا نظم فوجداري توڙي شهري ڏوهن جي درجي ۾ اچي نٿا سگهن، ۽ نه اُهي عام جي سلامتيءَ، عام جي مفاد يا اَمن عام جي خلاف ورزي ءَ جي دفعي ۾ شمار ٿي ٿا سگهن. ] جيئن ‘آرڊر’ ۽ اُنهن لاءِ چيل آهي[،

۲. مون کي باغيانه ڪارواين ڪرڻ جي ڪا نيت ڪانهي ۽ نه ڪنهن فسادي قسم جي ڪتابچن ڪڍڻ جو رٿا اٿم، جيئن اوهان پنهنجي ‘آرڊر’ ۾ مضبوط انديشو ظاهر ڪيو آهي.

۳. هتي منهنجي خلاف اوهان وٽ پهچندڙ ‘معتبر ذريعن کان مخفي اطلاعن’ جو به ڪو سوال ڪونهي. منهنجون لکيتون ڇپيل دستاويز آهن ۽ اُهي بلڪل کليل ۽ واضح شعر جي صورت ۾ رچيل آهن.

“ضمانت ناما (Bonds): ‘آرڊر’ ۾ مون کي چيو ويو آهي ته ڏهن هزار روپين جو ضمانت نامو آءٌ پاڻ ۽ ٻين ٻن شخصن جا الڳ الڳ اهڙا ڏهن هزارن جا ضمانت ناما آئنده لاءِ پنهنجي چڱيءَ چال واسطي داخل ڪرايان. مون کي افسوس آهي، جو آءٌ اِن ‘آرڊر’ جي پيروي نٿو ڪري سگهان . جنهن جو سڌو سادو سبب اِهو به آهي ته اِهي رقمون مهيا ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه آهن، ۽ ڊپ اٿم ته ڪنهن سي. آءِ. ڊي پوليس جمعدار جي ‘مخفي رپورٽ’ تي مون کان ۽ منهنجي دوستن کان بي دريافتا سڄا سارا ٽيهه هزار روپيا ڏنڊ طور وصول ٿي ويندا. اِهو ‘آرڊر’ آپيشاهيءَ جو آرڊر آهي ۽ غير منصفاڻو آهي، ۽ هن وضاحت نامي ۾ پيش ڪيل سببن ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ اِن کي واپس ورتو وڃي.

“حرف آخر: آءٌ ۶۶ سالن جي عمر جو آهيان. هِن عمر ۾ منهنجو مکيه ڪم هِن علائقي جي هارين کي اُٿاري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو آهي. آءٌ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر آهيان. هارين جا مسئلا گهڻا آهن سنڌ جو ۱۹۵۰ع وارو هارپ جي حقن جو قانون، هارين جي بيدخليءَ ۽ بٽئيءَ ۾ سندن جائز حصي جي سلسلي ۾، اسان وٽ هڪ بيجان اکر بڻجي چڪو آهي. اُن بابت منهنجو لکيل ۽ تازو شايع ڪيل پترو اوهان جي پڙهڻ لاءِ هن گڏ پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ مون زميندارن ۽ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هارين کي پنهنجا حق ڏين ۽ ساڻن انصاف سان هلن. جيڪڏهن سرڪار واقعي هارين جي ڏکوئيندڙ حالت کي سڌارڻ جي خواهش رکي ٿي ته سرڪار کي، منهنجين اِنهن فرض ڪيل غلطين جي باوجود، مون سان تعاون جو هٿ وڌائڻ گهرجي. آءٌ به هڪ انسان آهيان، انسان کان، خطائن جي گهر هئڻ سبب، خطائون ٿي سگهن ٿيون ۽ اُن ناتي تحقيق آءٌ به خطائون ڪري سگهان ٿو.

“- حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد سنڌ، مئي -۲۲، ۱۹۶۷ع. ”

----

ٻيو خط: حيدرآباد سنڌ –مئي، ۲۵-۱۹۶۷ع

ويسٽ پاڪستان پريس ۽ پبليڪيشن آرڊيننس ۱۹۶۳ع هيٺ نوٽيس بابت

“ . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

“مون ۱۰ مئي، ۱۹۶۷ع جي ‘آرڊر’ جي جواب ۾ ۲۲ مئي، ۱۹۶۷ع تي هڪ وضاحت نامو پيش ڪيو آهي. اُن جي اضافي طور آءٌ هتي فقط منهنجي نظم ‘اسلام سنڌ’ جي رهيل اعتراض ورتل ٻن آخري بندن بابت پنهنجي سمجهاڻي پيش ڪريان ٿو.

“بند-۱۵: ‘جهان ۾ ڪيئي ظالمن جا قيد ڪوٽ آڏي ويا! ’

‘سپاهي هئا ڪي شير هئا، دلير گهوٽ اُڏي ويا!’

‘هو حق پرست جي هٿارون کائي چوٽ اُڏي ويا!’

‘سهي سگهيا نه بت شڪ جي هڪ مروٽ، اُڏي ويا!’

‘جلايو جت به سومناٿ، لات آ منات آ!’

‘اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!’

“فقط ظالم ۽ بت پرست ئي هنن شعرن تي اعترض ڪري ٿا سگهن، ‘لات’ ۽ ‘منات’ جا بت پيغمبر اسلام ناس ڪيا هئا، ۽ ‘سومناٿ’ جا بت محمود غزنويءَ!

“بند -۱۶: هيءُ منهنجي نظم جو پويون بند آهي، جنهن ۾ منهنجو تخلص آيل آهي. اِن ۾ شاعرانه تعليّءَ جا دستوري لفظ به آيل اهن، جيڪي نظرانداز ڪرڻ جهڙا آهن. هن بند ۾ اهم خيال هيءُ آهي:

‘جو سنڌ لئه عذاب آهه، ناس سو نظام ٿئي!’

اِها حتمي نه پر شرطيه بدعا آهي. اُنهن لاءِ جيڪي واقعي سنڌ لاءِ عذاب آهن يا سنڌ کي عذاب ڏين ٿا.

“اسين سنڌي ماڻهو ون –يونٽ نظام جي هٿان عذابن ۾ آهيون يا نه- اِهو بربار هڪ داخلي امر آهي.

“اِئين ٿو ڏسجي ته جيڪي ون-يونٽ جي نظام کي هر قيمت تي قائم رکڻ گهرن ٿا، اُهي ‘سنڌ’ جو رڳو نالو ٻڌڻ به نٿا گهرن. سندن آڏو اُن جو رڳو اچارڻ به اُنهن لاءِ خودبخود هڪ باغيانو قدم آهي! سنڌي ماڻهن، سنڌ جي ويچاري محمد علي جناح سميت، پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو. هڪ آزاد رياست لاءِ. ڇا، اهو انصاف آهي ته اُتي سنڌي ماڻهو. اُنهن جا محب وطن جوان ۽ شاعر- بس جيلن ۾ ڳرندا ۽ مرندا ئي رهن!

“آخر ۾، ڇاڪاڻ ته دليل هتي شمار ۾ نٿا اچن، آءٌ پنهنجي هيءُ مزيد وضاحت بت سڪن محمود جي درٻار جي شاعر، جهوني فردوسيءَ، جي شعر سان ختم ڪريان ٿو.

‘آيا شاهه محمود ڪشوَر ڪُشا،

ڪ اَز ڪس نه ترسي بترس از خدا!’

] اي بادشاهه محمود، دنيا جا فتح ڪندڙ!

جي ڪنهن کان نٿو ڊڄين، ته خدا کان ته ڊڄ![“

“-حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد سنڌ، مئي ۲۵، ۱۹۶۷ع لاءِ ضمانت نامن جي هِن ڪوڙڪي سان اِئين بي باڪ مقابل ٿيڻ کان تقريباَََ ٻارنهن مهينا پوءِ، مئي ۱۹۶۸ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش کي راج ڊوهيءَ جي ٻين الزامن سان گڏ پنهنجي لازوال نظم ‘جيئي سنڌ’- خاص اُن جي هيٺئين بند- جي ڏوهه ۾ بي دريافتا ۹ مهينا مَڇ ۽ ڪراچي جيلن جا ڪاٽڻا پيا:

‘جيئي هند ۽ جيئي سنڌ، جيئي جيءَ مِٺو هر هنڌ!

‘پيار بهار ٿئي عام ۽ جام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!’

تڏهن آءٌ اڃان سنڌ بدر هوس. پر مَڇ جيل مان به ڪامريڊ جي هڪڙي اَمُل نشاني مون کي ڪوهاٽ پهتي- ۲۳ بندن جو طويل نظم بعنوان ‘ون –يونٽ پنجاب مرده باد!’ جنهن جي اِن عنوان هيٺيان اُتي ئي ڪامريڊ هڪدم هيءُ نوٽ لکيو هو: ‘هيءُ نظم اُنهن پنجابين متعلق آهي، جي ون-يونٽ جا باني ۽ حامي آهن!’ هيءُ نظم ڪامريڊ جي ڪُليات ۾ شامل نه آهي- مڇ مان اُن جون وڌيڪ ڪاپيون شايد ٻاهر نه اچي سگهيون هيون ۽ ڪُليات جي ترتيب وقت هيءُ نظم مرتب کي دستياب ٿي نه سگهيو! اُن جا پنج بند لائق پڙهندڙن جي فيضان طبع لاءِ بهرحال هتي پيش آهن. جن مان پڻ ڪامريڊ جي روشن ذهن ۽ منصفانه مزاج ۽ حق پسند طبعيت جي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن کي مَڇ جيل جهڙي صبر آزما صورتحال ۾ به پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏنائون:

۱- ستمگر سامراجي سازشي پنجاب مرده با!

غريبان مار ۽ مڪار ۽ ڪذاب مرده باد!

هي دشمن عام جا ۽ نام جا نواب مرده باد!

هي مرده باد، مرده باد، با احباب مرده باد!

۴- ٿيا زخمي هنن جي چابڪن کان رهنما پنهنجا!

هنن جي وحشي چنبن کان ٿيا ڪيئي فنا پنهنجا!

هنن جي ڪارنامن داستان ڪارا ڪيا پنهنجا!

هي ڪارا قلب جا ۽ ظاهري مهتاب مرده باد!

۶- هتان ئي آئي ون-يونٽ جي آفت ۽ زبردستي!

مِٽائن ٿا ستمگر سنڌ سونهاريءَ سندي هستي!

وسائڻ ٿا گهرن اڄ پنهنجو گهر ۽ باغ ۽ بستي!

هي ون –يونٽ جا باني، حامي ۽ اسباب مرده باد!

۲۰- ڀُلائي ويٺا بُلا شاهه، وارث شاهه، فريدڻ کي!

مٺو آواز جن جو ٿو وڻي انسان کي وڻ کي!

قلندر کي، سڪندر کي، پورس کي برهمڻ کي!

هي انساني آخوت جا عَدَو احباب مرده باد!

۲۲- هي هڪ پيغام آ پنجاب ڏي هڪ نعره حيدر!

“ٿيو انسنا، رهو خوش ڀائرن کي ڪيو خوشتر!

“مئڊل تي وڃي هي شعر، برپا عيد ٿئي گهر گهر!

“بلوچستان زنده باد ۽ پنجاب زنده باد!

“سدائين سنڌ زنده باد، پاڪ آداب زنده باد!

اِن ۹ مهينن جي بي دريافتي بند کان ترت پوءِ آگسٽ ۱۹۶۹ع ۾ ڪامريڊ حيدربخش کي سائين جي ايم سيد جي ڪراچيءَ واري گهر مان، بنگله بنڌوءَ شيخ مجيب الرحمان، ۽ ٻين پاڪستان جي صف اول جي سياسي اڳواڻن جي ڀريءَ مجلس مان، گرفتار ڪري، وٺي ويا. ڏوهه؟ رڳو هيءَ ته ڪامريڊ کي تازو جيل مان آزاد ٿيڻ تي، جيئن سنڌ ۾ هر هنڌ تيئن نوابشاهه جي شهرواسين مان ڏنو ۽ ’جيئي سنڌ!‘ جا نعرا هنيا! تي تڏهن آءٌ ڪنهن طرح سان سنڌ ۾ آيل هوس، ۽ ڪامريڊ جي گرفتاريءَ جي موقعي تي اُتي موجود هوس. اُهو هانءٌ- نپوريندڙ منظر- سنڌ جي هن عظيم ۽ محترم سپوت جو پوليس حراست ۾ زبردستي جهلجي وڃڻ وارو- منظر ياد ڪري اڄ به منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن. بهرحال اُن کانپوءِ ڪامريڊ محترم پنهنجي جسد خاڪيءَ ۾ اسان وٽ باقي ڪي ڏهاڪو مهينا ئي رهڻو هو. مئي، ۱۹۷۰ع ۾ کين اسان کي خير باد چئي، اسان کان ۽ پنهنجي پياريءَ سنڌ جيجل کان هميشه لاءِ موڪلائي وڃڻو هو! منهنجو هڪ بزرگ دوست حسام الدين راشدي، هن جو مداح بلڪ عقيدتمند بڻجي ويل هو، اِئين مون کي روئندي ڏسي، اُتان ٻاهران ئي پنهنجي گهر ’بيت الضيا‘عامل ڪالوني نمبر ۲ ۾ وٺي ويو هوم، ۽ ڪافي دير تائين آءٌ وٽس ويٺو رهيو هوس، ۽ اسان ٻنهي جي واتان ڪابه ڳالهه اُڪلي نه سگهي. . .

 

هلندڙ


ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

هاري انقلاب جو سرواڻ

غلام حسين خاصخيلي

هارين جي حقن لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سچائي ۽ بهادري سان جدوجهد ڪندي جيلن جون سختيون برداشت ڪيون، ۽ سندس سچائي واري جاکوڙ ۽ جدوجهد وڏين تڪليفن کانپوءِ هارين کي حق وٺرائي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جنهن کي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس سچائي ۽ جدوجهد کي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد ڪيو پيو وڃي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي ۱۹۴۵ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو سنڌ ۾ هارين سان ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي سرڪاري نوڪري کي خدا حافظ چئي هارين جي حقن لاءِ ميدان تي نڪتو. سنڌ هاري ڪميٽي جي پسمنظر تي ڪجهه نظروجهنداسين ته ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جهڙن هارين اڳواڻن جي قيادت ۾ سنڌ جي جاگيردارن خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جي شاندار تحريڪ ۽ وڏيون هاري ڪانفرنسون تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيل آهن. هاري تحريڪ بابت اها به ڄاڻ ڏيندا هلون ته مسٽر ڄيٺمل پرسرام، جمشيد مهتا، عبدالقادر کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال ۱۹۳۰ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري ڪميٽي جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي. ان کي ۱۹۴۵ع ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي شموليت سان نئين جذبي سان هاري ڪميٽي جو پليٽ فارم ٻيهر ميدان تي ڀرپور نموني سان اڀري آيو، حيدربخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد دوران هفتيوار اخبار “هاري حقدار” به جاري ڪئي، سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائڻ جاگيردارن طرفان هارين سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني سان جدوجهد شروع ڪئي ۽ حيدربخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽي هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا نمائنده صدين کان قابض جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مقابلي ۾ سامهون بيهاريا. مسلم ليگ کانپوءِ ٻي نمبر تي هاري ڪميٽي جي حمايتن کي اليڪشن ۾ وڏي تعداد ۾ ووٽ مليا، اها هاري جدوجهد جي وڏي ڪاميابي هئي. اهڙي صورتحال تي جاگيردارن ۽ نوابن کي ووٽن لاءِ ٻاهر نڪرڻو پيو، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي هي پهريون انقلاب آندو ۽ اليڪشن دوران ڀرپور نموني سان غريبن کي ووٽن ملڻ لڳا.

سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون، هارين ۾ اتحاد ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ حيدربخش جتوئي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، ۱۹۴۷ع ۾ ۳۰ ۽ ۳۱ مئي تي رتوديرو لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي کي صدر چونڊيو ويو، اهڙي طرح هاري جدوجهد جي لاءِ حيدربخش جتوئي سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڀرپور جدوجهد کي اڳتي وڌايو. ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي تجر باغ هاڻوڪو جناح باغ (هوشو پارڪ) لاڙڪاڻي ۾ هڪ تاريخي هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن جي صدارت ان وقت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪئي هئي، ان سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس ۾ نامياري سياستدان سائين جي ايم سيد، ميان افتخار احمد دين، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، قاضي فيض محمد، غلام حسين سومرو، عبدالڪريم گداري، عبدالخالد آزاد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادربخش نظاماڻي ۽ ٻين ان هاري ڪانفرنس ۾ ڀرپور نموني سان خطاب ڪري هارين کي حقن ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. اهڙي طرح ان ساڳي باغ ۾ ۴ اپريل ۱۹۵۴ع تي هاري ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي ون يونٽ خلاف ڀرپور مزاحمت جو اعلان ڪيو. جڏهن ته هاري ڪانفرنس مارچ ۱۹۵۷ع لالو رائنڪ وارهه ۾ به ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني سان سامهون رکيو ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ رياستي ڏاڍ ۽ حڪومت جي غير آئيني مسئلن بابت عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا ۽ عدالتن مان آئيني فيصلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهڙي طرح جدوجهد ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ۱۹۵۶ع ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ عدالتن کيس آزاد ڪيو. سال ۱۹۵۸ع ۾ جنرل محمد ايوب خان پاڪستان ۾ مارشل لا کي لاڳو ڪيو ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي گرفتار ڪيو ۽ ۳ سال سزا ڏني. ۱۹۵۸ع ۾ سرڪار سنڌ ۾ وڏيون ڍلون مڙهيون ۽ ان ناانصافي خلاف حيدربخش جتوئي جدوجهد ڪندي ۴۰ صفحن تي انگريزي ۾ هڪ پمفليٽ جاري ڪيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۱۹۶۷ع ڊسمبر کان اپريل ۱۹۶۸ع تائين جيل ۾ قيد رهيو ۽ ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پنهنجو مشهور شعر “جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” پڙهيو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته اهو عمل آهي جنهن تي ججن چيو ته جيئي سنڌ چوڻ ڏوهه ناهي ۽ اهو هڪ ثقافتي نعرو آهي. سنڌ ۾ هاري ڪميٽي حيدربخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ وڏيون هاري تحريڪون هلايون ۽ هارين کي اڌ بٽائي ملڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

سال ۱۹۶۹ع ۾ ٻي هاري تحريڪ هارپ ايڪٽ شروع ٿي جنهن لاءِ سرڪار ڪميٽي جوڙي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ زميندار ۽ هارين جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي جي ڪوشش سان ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو، اهڙي طرح حيدربخش جتوئي هارين جي جدوجهد لاءِ ۳ اپريل ۱۹۵۰ع تي سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ ڪراچي اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو بعد ۾ سوين هارين احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن بعد سوين هارين سميت حيدربخش جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو. حيدربخش جتوئي ۲۱مئي ۱۹۷۰ع تي ۶۹ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پاڻ اصل لاڙڪاڻي جا هئا، هاري جدوجهد دوران حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين، سندس آخري وصعيت مطابق حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، حيدربخش جتوئي جي ڪالهه ورسي ملهائي وئي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين هاري حيدرآباد پهچي ڪامريڊ حيدربخش جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا