; سنڌي شخصيتون: October 2013

31 October, 2013

ڪاڪو گُرداس واڌواڻي - نصير اعجاز

ڪاڪو گُرداس واڌواڻي
اڌ صديءَ جي اڪيلائيءَ جو درد سھندڙ
نصير اعجاز
بزرگيءَ جي ڪري ھر ڪو کيس ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي نالي سان ياد ڪندو ھو. سانوري رنگ جو، اڇا کير جھڙا وار، اکين تي ڪاري رنگ جي شيشن واري نظر جي عينڪ، سنھڙو نٻل جسم، سھاري لاءِ ھٿ ۾ واڪنگ اِسٽڪ. اھو ھو گرداس واڌواڻي جيڪو ستر واري ڏھاڪي ۾ ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ريگل جي ھڪ پراڻي عمارت جي پھرين ماڙ تي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ رھندو ھو. اھا عمارت اڄ به ريگل جي وچ ۾ ان ھنڌ موجود آھي جتان فريئر روڊ کان ايندڙ سموريون گاڏيون ڦري ايمپريس مارڪيٽ ڏانھن وينديون آھن. ان عمارت جي ھيٺان ھاڻي اليڪٽرانڪ سامان جا دڪان آھن. ھو ان ڪوٺڙيءَ ۾ بلڪل اڪيلو رھندو ھو. ھڪ سنگل بيڊ، ھڪ ننڍڙي ٽيبل ۽ ڪرسي، ڪپڙن جي ھڪ بئگ ۽ ڪجھه ڪتاب سندس ڪُل ڪائنات ھئي پر ھن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ھئي ٽيبل تي رکيل ننڍڙي فريم اندر پيل ھڪ تصوير، جنھن سان ھو اڪيلائيءَ ۾ ڳالھيون ڪندو رھندو ھو. جڏھن سانجھي ٿيندي ھئي ته سندس اڪيلائيءَ جو احساس وڌي ويندو ھو ۽ پوءِ ٻاٽلي کولي، مڌ جون چسڪيون ڀريندو ڪرسيءَ تي ويھي ٽيبل تي رکيل تصوير سان ڳالھائيندو رھندو ھو.

30 October, 2013

نعمت الله ڀٽو - قاضي منظر حيات

نعمت الله ڀٽو
استاد، صـحافـي، ليکڪ، شڪارپور جو عاشق
قاضي منظر حيات
تاريخ ۱۸ جولاءِ ۲۰۰۹ع تي شڪارپور شهر جو سينئر صحافي، اديب، استاد، شاعر، سماج سڌارڪ سائين نعمت الله ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو! سدائين لاءِ وڇڙي اهڙي ڏيهه هليو ويو، جتان ڪو به موٽي نه آيو آهي...... اهڙي خبر سهيوڳي ساهتڪار ۽ صحافي دوست نسيم بخاريءَ شڪارپور مان فون ڪري مون کي ڏني ھئي. ٻه لڙڪ لڙيا، هڪ همدرد کُٽو..... هو مخلص، محبتي ۽ محنتي ماڻهو هيو. شڪارپور شهر سان اٿاههُ عشق ۽ اُنس هيس. شڪارپور جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هو سدائين سرگرم رهيو. هر ننڍي وڏي ميڙ ۾ پهچڻ ۽ وڏي اتساهه سان شامل ٿيڻ، سندس خاص مشغلو هيو.

23 October, 2013

نقش ناياب منگي


نقش ناياب منگي
ھن شخص جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي
خليل مورياڻي
سن ۱۹۷۴ع کان ۱۹۸۰ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ جڏھن شڪارپور واپس آيس ته گھڻو ڪري سڄي سنگت شڪارپور کي ڇڏي، ڪراچي اسلام آباد ۽ ٻين شھرن ۾ وڃي آباد ٿي چڪي ھئي. ھتي صرف ڪجھ دوست ۽ ساٿي وڃي باقي رھيا ھيا، جن مان عزيز ساگر سان ڪڏھن ڪڏھن ميل ملاقات پئي ٿيندي ھئي، جنهن به پنهنجيون ترجيحون بدلائي وڃي مسجد وسائي ھئي ۽ باقي وقت حڪمت جي ڪرت ۾ مشغول ٿي چڪو ھيو. انهيءَ ڪري مان سخت اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار رھيس. انهيءَ دوران سڌ پئي ته حاجي غلام رسول ميمڻ رحيم يار خان صادق آباد کانپوءِ سکر کي به ڇڏي اچي شڪارپور جا وڻ وسايا آھن ۽ ھتي گھگھراڻي گھٽيءَ ۾ ماڊرن پريس قائم ڪري چڪو آھي. گھڻو ڪري آفيس ٽائيم کانپوءِ جڏھن اتي وڃڻ لڳس ته پريس تي ڪجھ نوان چھرا نظر آيا جن کي روزانو اتي موجود ڏٺم. انهن ۾ نقش ناياب منگي صاحب مکيہ ماڻھو ھيو جيڪو پريس جي سڄي ڪارونهوار ۾ مشغول ھوندو ھيو ۽ سندس خدمت چاڪريءَ ۾ ھڪ سنهڙو ۽ ڦڙتيلو نوجوان انور فگار ھَڪڙو ھوندو ھيو. نالن ۽ تخلص مان اھو ڀانيم ته شاعر ۽ اديب آھن. اتي ئي ڪڏھن ڪڏھن ٻين شخصن سان پڻ ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. انهن ۾ خاص ڪري رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀيو، جنهن کي اسان علامه ڀيو صاحب چوندا ھياسين ۽ ٻيو شخص ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب ھو جيڪو ان وقت خانپور ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھيو ۽ ڳوٺ حاجي خان ڪلھوڙي ۾ رھندو ھو. ڊاڪٽر صاحب گھڻو ڪري ھر آچر ڏينهن، شڪارپور سنگت سان ملڻ ايندو ھو. اتي ئي گھڻو ڪري روزانه ڀاءُ نعمت اللھ ڀٽو سان به ملاقات ٿيندي ھئي، جيڪو مھراڻ جنرل ناليج جي ڇپائيءَ وغيرھ جي سلسلي ۾ ايندو ھو.

مظهرالدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

مظهرالدين ميمڻ
محمد اياز ميمڻ
مظهرالدين ميمڻ موري شهر جي واپاري خاندان سيٺ محمد رمضان ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾پيدا ٿيو. هن جي پيءُ سيٺ محمد رمضان ۲ شاديون ڪيون. پهرين زال مان الهه رکيو ڄائو. ان جي ماءُ مرڻ کانپوءِ سيٺ صاحب دوست محمد ميمڻ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. جنهن مان پهريون وڏو پٽ مظهرالدين ۽ ٻيو پٽ عبدالمجيد ميمڻ ۽ ٽي نياڻيون ڄايون.

22 October, 2013

حميد سنڌي - خليل عارف سومرو

حميد سنڌي
سنڌ دوست ڪهاڻيڪار
خليل عارف سومرو
سنڌي شاعري جي وڏي نانءَ، نارائڻ شيام جي شهر نوشهري فيروز ۾ ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ تي سنڌي ڪهاڻي جي هڪ وڏي نانءَ سائين حميد سنڌي جنم ورتو. ماحول جو اثر، هر ماڻهوءَ تي پوي ٿو. جنهن کي به ڏات ورثي ۾ ملي ٿي اهو پنهنجي ڏانءَ آهر ان ڏات جا رنگ وکيرڻ لاءِ، پنهنجي اظهار جي واٽ ڳولي لهي ٿو. اڄ آ جنم ڏينهن جي مبارڪ طور ٻه لفظ جنهن عالم، فاضل، اديب لاءِ لکڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان، اهو سنڌي ادب جي افق تي چمڪندڙ هڪ روشن چنڊ وانگر آهي. مان اهو به ڄاڻان ٿو ته منهنجا هي ٻه اکر سج کي ڏيئي ڏيکارڻ وانگر هوندا. پر هن جي ٻاجهه ڀري شفيق طبيعت ۽ محبت ڀريي مزاج، دل هٿان مجبور ڪري وڌو آهي ته هن سهڻي سائين تي ٻه اکر لکي يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو ڳڻايان. سندس سالگره جي ڏينهن تي خوشي به محسوس ڪري رهيو آهيان ته حميد سنڌي جهڙي شخص تي لکي رهيو آهيان.

سائين محمد علي شاھه - اظهار مٺل جسڪاڻي

سائين محمد علي شاھه
هڪ مثالي استاد
اظهار مٺل جسڪاڻي
پڙهڻ دوران اسان جو واسطو ٻن اهم قسم جي سيکاريندڙن سان پوي ٿو. هڪڙا استاد جن کي اسين بهترين استاد چئون ٿا ۽ ٻيا ماستر جن کي اسين پهرئين جو ابتڙ سمجهون ٿا. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته استاد معاشري جو سيکاريندڙ، سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استاد وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون آهن، جنهن قوم ۽ ملڪ جو استاد زنده آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. استاد معاشري جو هڪ اهو فرد آهي، جنهن جي سکيا سان انسان پنهنجي منزل حاصل ڪري ٿو.

21 October, 2013

شيام جئسنگهاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

شيام جئسنگهاڻي
جديد ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
سنڌيءَ جو هڪ گهڻ پاسائون فنڪار هند سنڌ جي ادب ۾ هڪ وڏو نالو. هن جو جنم ۱۲ فيبروري ۱۹۳۷ع تي ڪوئيٽا (بلوچستان) ۾ ٿيو هئو، جيڪو هينئر پاڪستان جو حصو آهي. ڪهاڻيون لکيائين، ناول لکيائين، ناٽڪ لکيائين، تنقيد تي به قلم هلايائين ۽ پوءِ شاعريءَ طرف سري آيو. جيتوڻيڪ نئين ڪوتا جون ڪجهه سگهاريون جهلڪيون، هن جي ناولن ۾ به ملن ٿيون. شيام ڏهن سالن جو مس هئو، ته ڀارت جو ورهاڱو ٿيو. شيام پنهنجي پيءُ سانولداس، ماءُ ڪلاٻائي، پنجن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن سان ڪلياڻ ڪئمپ اچي وسائي. هو ۱۹۶۰ع تائين ڪلياڻ ڪئمپ (هاڻي الهاسنگر) ۾ رهيو ۽ پوءِ ڪلياڻ ڪئمپ کي الوداع ڪري، چيمبور ۾ وڃي رهيو. هو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارين گهڙين تائين اتي رهيو.

04 October, 2013

استاد پارو مل ڪولهي - خالد ڪنڀار

استاد پارو مل ڪولهي
پريم نگر ۽ پارڪر جو پريمي
خالد ڪنڀار
هونئن ته هو پارڪريو ڪولهي هو، پر پارڪرين جي به پرمار نک مان هو. پارڪر ۾ هن جي پيڙهين جي پيرن جا نشان چڻيندا ڳوٺ ۾ آهن. هن جو پيءُ پرکو ڪاتر جي ڌڪ جو وڏو چيٽڙو هو. اڏامندي پکي کي به ٻولائي ڌڪ هڻندو هو. هو سدائين ڌوتي، ڦينٽي ۽ صدري ۾ هوندو هو ۽ اڪثر ڪري پن جي اڇي ڌاڳي واري ٻيڙي مٺ تي پيئندو هو. هڪڙي دفعي هي پنهنجي گهر واري ڪيسر ٻائي کي اسلام آباد وٺي ويو. انهن ڏينهن ۾ پي ٽي وي تي سکان واري ڊرامي جي ڌوم متل هئي. ايئرپورٽ تي جئين ئي ميڊيا وارن پارو مل سان گڏ ڪيسرٻائي کي پنهنجي ڪلچرل ويس جهٻي، پڙي ۽ الهي ڪلهي ٻانهين سان ڪلچرل زيورن ۾ ڏٺو ته ڪئميرا جي فليشن جا چمڪا ٿي ويا. هر ڪو پيو چوي..” سکان آ گئي، سکان آ گئي..“ پوءِ اها ڳالهه ڪي ڪيترا ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي تي ايندي رهي. پارو مل پنهنجي ڪلچر کي ڪيش ڪرائڻ وارن مان ڪو نه هو. هن کي پنهنجي ڪلچر سان پيار هو. هو نبي سر جي وچ شهر ۾ ڪولهين جي ڪلچرل راند ڏوڪي (جنهن کي ڏانڊيا راند چون) ڪندو هو. ايم اين اي هوندي به هر سال ڪانهوڙي جي ڏينهن تي هو سڄي شهر ۾ دهل تي اها ڏوڪي راند ڪندو هو. مرڻ کان هڪ سال اڳ به اها راند هن ڪئي هئي. نانگن واري ميلي ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ورسي ۽ ادبي ڪانفرنس ٿيندي هئي. اتي به هي ڏوڪي راند ڪري پوءِ ڪامريڊ غلام حيدر لغاري، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين مقررن سان گڏ اسٽيج تي ويهندو هو. انهي ڏوڪي راند ۾ ٻن ٻن جون ٻه جوڙيون هونديون آهن، هڪڙو ڏانڊيو هڻندو آهي، ٻيو هن جو بچاءِ ڪندو آهي. هي هڪڙي جنگي تربيت هئي. استاد پارو مل ڪولهي راڳ جو وڏو پارکو هو. اڄ به هن جي پٽن وٽ استاد پارومل جو باجو، بينجو ۽ پڪواز پيل آهن. هن کي هر راڳ جي خبر هئي ته ڪهڙو راڳ ڪهڙي ٽائيم تي ڳائجي. روز صبح جو اٿي پهرين ڳائڻ جي پريڪٽس ڪندو هو. ايستائين جو عام محفلن ۾ به نبي سر شهر ۾ ڳائيندو هو. استاد پارومل ڪولهي جو ڪتاب ”پريم ساگر جا موتي“ ڪلچر ۽ اصلوڪن رهاڪن ۽ ريتن رسمن تي ڪمال جو ڪتاب آهي. هن جو ڪتاب” لڪ لساٽيا لوڪ“ اڻ ڇپيل رهجي ويو. هڪ ٻيو ڪتاب به اڻڇپيل پيو آهي.