; سنڌي شخصيتون: December 2018

28 December, 2018

ديوان ڪوڙومل - ممتاز مھر


ديوان ڪوڙومل
(سنڌي مضمون نويسيءَ جو ابو)
ممتاز مھر
دنيا جي هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ٻين صنفن جيان مضمون نويسي يا انشائيہ نگاري پڻ تمام اهم صنف سمجهي ويندي آهي. ڪنهن خاص موضوع، مسئلي يا ڪنهن شخصيت يا ساروڻيءَ بابت دلچسپ پر اختصار سان لکيل مضمون کي (Personal Essay) پڻ چئي سگهجي ٿو. ان قسم جي مضمون ۾ خواه مخواه ڪي ڊگھا حوال يا ڳالهه ڪا نه ڪئي ويندي آهي، يا پنهنجي ڳالهه يا موقف کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن مٿان دليل ڪو نه ڏنا ويندا آهن، بلڪ سڌي سنئين نموني ۾، سادگي ۽ پنهنجائپ واري انداز ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويندو آهي. انهيءَ انداز جي مضمون نويسي يا انشائيه نگاري جي شروعات سڀني کان اڳ ۾ فرانس ۾ مونتين (Montaigne) ڪئي. عالمي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو ابو مونتين کي سمجهيو ويندو آهي. فرانسيسي ادب ۾ مونتين کان پوءِ انهيءَ صنف ۾ ٻيو درجو سانبو (Sainte-Beuve) کي مليو.

08 December, 2018

ستار پيرزادو


ستار پيرزادو
سندس ادبي پورهيو
لياقت راڄپر
ٻلهڙيجي جي زرخيز مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڪالم ڪار ۽ محقق ستار پيرزادو، زندگي جي ڏکن ۽ تڪليفن مان گذري ٺوس ۽ مڪمل ٿي، ادب جي افق تي نروار ٿيو آهي، ستار پيرزادو هن جو ادبي نالو آهي جڏهن ته هن جو پورو نالو عبدالستار آهي، جيڪو ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ دوست علي پيرزادي جي گهر ۾ ڄائو. ستار پنهنجي مطالعي، تجربي ۽ مشاهدي ذريعي پڙهندڙن کي ۲۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ شاعري، نثر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجما شامل آهن.

ستار ڀٽي


ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي. انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽ معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾ هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو. الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽ خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.

07 December, 2018

فهميده رياض


فهميده رياض
۽ ورهيه اڳ لکيل تحرير...
مجاهد بريلوي
کاغذ تیرا رنگ فق کیوں ہوگیا
شاعر ترے تیور دیکھ کر
کاغذ ترے رخسار پہ یہ داغ کیسے ہیں
شاعر میں ترے آنسو پی نہ سکا
کاغذ میں تجھ سے کیسے سچ کہوں
شاعر مرا دل پھٹ جائے گا
اڱاري جي شام ڊان نيوز مان نڪرندي فهميده جو ٻُڏندڙ آواز آيو، ’مهيني کان لاهور ۾ آهيان، مان ته نٿي اچي سگهان، تون ئي اچي وڃ.‘
مون پڇيو ”طبيعت ڪيئن آهي؟“
چيائين، ”اڳ کان بهتر آهي. ڌيءُ ويرتا جي ٻارن ۾ دل وندريل آهي.“

پروانو ڀٽي


پروانو ڀٽي
هڪ صحافي هڪ اديب
انعام الله ڀٽي
پير مرقد ۾ رکيم سوز ڀري دانهن ٻڌم،
موت مهلت جي ڏئي ها اچان ها مان به وڌي،
مان ته منزل تي رسيس توکي آ منزل جي تلاش،
تون به سُورن جو سڙيل مان به ڏکڙن جي ڏُڌي.
هي شعر سنڌ جي ڪهنه مشق اديب صحافي ۽ شاعر مرحوم ميوو خان پرواني ڀَٽي جو آهي، جيڪو سندس اندر جو آواز چئي سگهجي ٿو. ميوو خان پروانو ڀَٽي غريب ابن غريب پوليس جمعدار جي گهر ۾ ۱۶ فيبروري ۱۹۳۴ع ۾ اکيون کوليون. ميوو خان پرواني ڀٽي جي زندگي اها ڪانه هئي جيڪا ڏيکائي ڏني پئي. پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻولي جي ادب، صحافت ۽ شاعري واري دنيا ۾ گذري، پنهنجي قلم جي پورهئي سان پنهنجي زندگي جي سفر کي روان دوان رکيو. زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو. هونئن ته اسان واري سنڌي ادب واري سماج ۾ ادبي پنڊتن جي اها هڪ روايت رهي آهي ته هو هميشه پنهنجن مفادن خواهشن کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. ٻولي ۽ لوليءَ جي صنف جي به کين شايد خبر نه هجي. ميوو خان پرواني ڀٽي جي لکڻين ۾ هميشه لوليءَ ۽ ٻولي واري صنف جي ته ايتري پختگي نظر ايندي، جنهن جو اندازو سندس هن شعر ۾ لڳي ٿو، جنهن ۾ مزاحمت به آهي ته پيغام به.

ربنواز هنڱورو - استاد لغاري


ربنواز هنڱورو
قسمت واڳون ڇڪيون - ٻه ڊسمبر تي - ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان.
استاد لغاري
نڙ سِڪ ۽ سَوز جو ساز آهي. ڪتاب “نڙ جا بيت” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “بيبي زليخان، حضرت يوسف کي سِڪ مان ساريندي وضو ڪندي هئي، جو انهيءَ پاڻيءَ مان ڪنگور جو ٻُوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ ٺهيو”. ڀٽائيءَ صاحب فرمايو آهي؛
”وَڍيل ٿِي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري.“
۽
”اَچِي ڦُٽِي اوچتِي، دَرد پِريان جِي دانهن.“

فهميده شرف بلوچ - استاد لغاري


فهميده شرف بلوچ
شخصيت ۽ شاعري
استاد لغاري
سنڌي ٻوليءَ جِي سگھارِي شاعره، محترمه فهميده شرف بلوچ بنت شرف الدين ذات جاگيراڻي، ۰۷ اپريل ۱۹۸۰ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جاب ڪري رهي آهي. سندس شاعريءَ جو رنگين ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي. اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، آئون ڪجھ ماڻڪ ۽ موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. 
”ايءُ گتِ غواصَنِ، جِئن سَمُونڊَر سُوجھِيائُون.“

حميد ابڙو - حيات علي شاهه بخاري


حميد ابڙو
مٽيءَ جو مانُ وڌائيندڙ
حيات علي شاهه بخاري
آئون شروع کان ئي روايت پسند ناهيان، جيئن حميد ابڙي جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکان ته هي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جا صفحا اٽڪل ۱۲۶ آهن. ليکڪ حميد ابڙو ادبي دنيا، (پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا) جي ڄاتل شخصيت آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل به ڪتاب جي ڪهاڻين جو عڪس نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن وغيره وغيره.