; سنڌي شخصيتون: ربنواز هنڱورو - استاد لغاري

07 December, 2018

ربنواز هنڱورو - استاد لغاري


ربنواز هنڱورو
قسمت واڳون ڇڪيون - ٻه ڊسمبر تي - ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان.
استاد لغاري
نڙ سِڪ ۽ سَوز جو ساز آهي. ڪتاب “نڙ جا بيت” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “بيبي زليخان، حضرت يوسف کي سِڪ مان ساريندي وضو ڪندي هئي، جو انهيءَ پاڻيءَ مان ڪنگور جو ٻُوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ ٺهيو”. ڀٽائيءَ صاحب فرمايو آهي؛
”وَڍيل ٿِي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري.“
۽
”اَچِي ڦُٽِي اوچتِي، دَرد پِريان جِي دانهن.“


اڄ دل چوي ٿي، ته دلبر دوستن ۽ پيارن پڙهندڙن سان، دُکندڙ درد جي دانهن اورجي، جو اسان جي پياري دوست، نڙ بيتائي، مرحوم رب نواز هنڱوري جي ٽين ورسيءَ جو، سراسر سِڪ، سَوز ۽ سُور وارو سمو اچي سهڙيو آهي. ساز ۽ راڳ يا ڳائڻ ۽ وڄائڻ واري تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي، جيترو انسان پاڻ پراڻو آهي. سڀ کان اول مٽي ۽ ڪاٺيءَ وارا ساز جوڙيا ۽ وڄايا ويندا هئا. انهن ۾ بوڙينڊو، الغوزو، بانسلي، مُرلي، نڙ، يڪتارو، دنبورو، سُرندو ۽ ڍولڪ وغيره اچي وڃن ٿا. بوڙينڊي کي سِرائيڪي ٻوليءَ ۾“لُولهُو” به چيو ويندو آهي. “لُولهُو” بگڙيل لفظ آهي “لُولُو” جو. “لُولُو” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“موتي”. لُولهُو يا بوڙينڊي جي شڪل، سئين سڌي موتي جهڙي گول هوندي آهي. هن ساز کي ٽي سوراخ ٿين ٿا، جن مان هڪڙي سوراخ تي چپ رکي، زور سان ڦُوڪ ڏبي، ته اهو مڌر ۽ مٺڙو آواز آلاپيندو آهي. باقي ٻن سوراخن تي، آڱرين سان آواز کي تبديل ڪري، ونڪ ونڪ جو آلاپ اُڀاريو ويندو آهي. نڙ، جنهن جو نالو ئي سڌو سئون نڙ آهي، ته اهو نڙ، ڪنگور جِي ڪانيءَ مان ئي جوڙيو ۽ تيار ڪيو ويندو آهي. نڙ جي آواز ۾، جيڪو درد، فراق ۽ وڇوڙي وارو وڍيندڙ ورلاپ شامل هوندو آهي، ته ان جي خبر فقط ان گھايل کي ئي هوندي آهي، جيڪو هجر ۽ فراق وارن سورن جو ستايل هوندو. ”ڳُڙُ نه سُڃاپي ڳالهيين، جان جان ڳُڙُ نه کاءِ“. جڏهن نڙ کي، فنڪار پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ سان، ڦُوڪ جي ذريعي وڄائي ٿو، ته ٻڌندڙ، ان جي آواز ٻڌڻ سان، وجد واريءَ ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾، صرف سازن وسيلي، پنهنجو درد، جدائي ۽ وڇوڙي وارو پِيڙا ڏيندڙ پيغام، پياري پرينءَ ڏانهن اماڻيو ويندو هو. جنهن جي ٻڌڻ سان، ڪيڏو به ڪٺور دل انسان هجي، اهو نرم دل ٿي پوندو هو. اهڙيءَ ريت، وڇڙيل ويراڳي، هڪٻئي جو درد سمجھي، دُوريون دُور ڪري، پاڻ ۾ پرچي، کير کنڊ ٿي ويندا هئا.
سال ۲۰۰۰ع واري پهريين ڏهاڪي ۾، نڙ بيتائي مرحوم رب نواز هنڱورو، ايئن مٿي اڀري آيو، جيئن مَهي، ماٽڪِي ۽ مانڌاڻيءَ جي درميان مکڻ هجي.
”تَنَ مَهِي، مَنَ ماٽڪِي، هم تو بِلوڙڻهار،
مکڻ ڪبيرا کا گيا، ڇاڇ پڙي سنسار.“
اسان ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾، ريڊيو حيدرآباد تان، جڏهن نڙ بيت ٻڌندا هئاسين، ته انهن ۾ هڪڙو نالو محترم الھ رکيو سِينهڙو جو به شامل هوندو هيو. سندس زندگيءَ جي آخري ايامن ۾، مون روبرو ڏٺو ۽ ان کان بيت به ٻُڌا. هُو سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول جي گڏجاڻين ۾، مير الھ بخش خان ٽالپر لائيبريريءَ ۾ اچي ويهندو هو. جتي مون کان اڳ ۾، محترم معصوم هالائي، معصوم سانگھڙائي، الھ ورايو اداسي بهڻ، بخشڻ مهراڻوي، عزيز گوپانگ، عاشق سولنگي ۽ ٻيا اديب سنگتي ۽ ساٿي، جن جا نالا هن وقت مون کان وسري چڪا آهن، پنهنجا پير پساري ويٺا هوندا هئا. آئون پنيريءَ کان کپري، اتان سانگھڙ ۽ ان بعد جھول، سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندو هوس. هتي الھ رکيي سينهڙي صاحب کان، بيتن ٻُڌڻ جي سعادت نصيب ٿي ويندي هئي. الھ رکيي سينهڙي کان پوءِ، نڙ بيتن جي دنيا ۾، هڪ تمام وڏو نالو محترم ساجن چانگ صاحب جو به آهي، جنهن کي مرحوم رب نواز هنڱورو پنهنجو استاد ڪري مڃيندو هيو.
رب نواز هنڱوري کي، جڏهن پهريون ڀيرو، آئون ريڊيو حيدرآباد تي پروگرام “جمهور جو آواز” (فتح خان جي ڪچهري ۽ هاڻي فتح خان جي اوطاق) ۾ وٺي ويو هوس، ته ڏاڏا فتح خان، رب نواز هنڱوري کان پهريون پهريون سوال هيءَ پڇيو هيو، ته ”نڙ بيتائي حسين فقير هنڱورو توهان جو ڇا ٿيندو هو؟“. ته رب نواز وراڻيو ته؛ ”ڏاڏا سائين! اهو اسان جو ويجھو مائٽ هيو“.
مون (راقم) پنهنجي ٻاروتڻ وارن ايامن ۾، نڙ بيتاين کان، (جن جا نالا، هن وقت مون کان بلڪل وسري چڪا آهن) سانگھڙ ٽائون ڪاميٽيءَ واري پارڪ ۾، عيد برادن جي موقعن تي، نڙ بيت روبرو ٻُڌا. نڙ بيتائي گھڻو ڪري، سانوڻ فقير خاصخيلي، مولا بخش خاصخيلي، محمود فقير، بچايو فقير رند، الھ ڏنو نوناري، جمعو ٻارچ ۽ مدد علي عرف مدو فقير نظاماڻيءَ جا بيت چوندا هئا. ٿڌي پاڻيءَ جا گھڙا، ڀر ۾ ڀريل رکيا هوندا هئا، جن مان بيت بيت تي پاڻيءَ پيئندا ويندا هئا. منهنجي يادگيريءَ يا ان کان ٿورو اڳ وارن ايامن ۾، ضلعي سانگھڙ جي نڙ بيتاين ۾، جيڪي ماڻهو گھڻو مشهور ٿيا، انهن ۾ حسين فقير هنڱورو، جيڪو اصل مکيءَ ۾، هرڻيءَ واري ڀٽ جو ويٺل هيو. مولا بخش خاصخيلي، آدم فقير، منگھو فقير، مراد علي ڪيريو، دريا خان وساڻ، عرس ماڪوڙاڻي، محمود شيخ، جمعو شيدي، ڏتو زرداري، سليمان ملاح، لونگ انڙ، بهار خان رونجھو، موريو خاصخيلي (ويٺل لاکاٽي)، علي دين خاصخيلي، محمد هاشم مري بلوچ ( ويٺل ڳوٺ ڪنڊير)، عثمان ڀٽي ۽ ٻيا ٿي گذريا آهن.
نڙ بيتائي رب نواز هنڱورو، هاڻوڪي ويجھي دور ۾، سال ۲۰۰۰ع کان پوءِ اڀريو. جيڪو سانوڻ فقير خاصخيلي، بچايو رند، چاندي فقير چانڊيو ۽ عبدالرحيم فقير ڏاهريءَ جا بيت ڏيندو هيو. پهريون ڀيرو جڏهن ريڊيو حيدرآباد تي ويو، ته کيس محترم نصير مرزا صاحب ۽ محترم علي اڪبر هنڱورجو صاحبن، آڊيشن پاس ڪرائي، پڪي فنڪار جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي، ريڊيو تي متعارف ڪرايو. سندس بيتن چوڻ جو انداز تمام پيارو ۽ مٺو هيو. ڪن تي هٿ ڏيئي، بسم الله چئي، بيت پڙهندو هيو. ٻڌندڙ سندس بيت ٻُڌي، وجد واريءَ ڪيفيت ۾ هليا ويندا هئا. جڏهن سانوڻ فقير جو، سُر سسئيءَ مان هي بيت پڙهندو هيو، ته رئاڙي وجھندو هيو: “سرتيون! پرتيون رب کي، آئون جا هلڻ هاري، قسمت واڳون ڇڪيون، آئون وڃڻ واري، جيڏيون! منهنجي جان ۾، برھ لڳو باري، عشق جي عذاب کان، منهنجي جانُو ۽ زاري، ساجن سُتي سُور جي، مون کي پينگھي ۾ پياري، ساجن سُتي سُور جي، منهنجي هڏن تي هاري، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر ڪانَ ڪٽاري”.
رب نواز هنڱوري کي، بيتن سان گڏ، نڙ جي سنگت ڪرڻ وارو، ڪو به فنڪار ڪو نه مليو. البت ڪاڪو الھ ڏنو ڀيو (کپري وارو) الغوزن تي ساڻس سنگت ڪندو هيو. ان کان علاوه سليم بوزدار به ڪڏهن ڪڏهن ساڻس سنگت ڪندو رهندو هيو. هڪ ڀيري ريڊيو حيدرآباد تي، سارنگ خاصخيليءَ سانگھڙ واري ۽ محمد جمن ملاح مياڻ واري، نڙ تي سنگت ڪئي ته واھ جو بيت ٻُڌايائين. رب نواز هنڱوري ۾، تمام گھڻيون خوبيون ۽ گڻ موجود هوندا هئا، جن جو ليکو چوکو ڪرڻ، اسان جي قلم جي وس کان گھڻو پري آهي. ۴ جون ۱۹۶۶ع تي، ڳوٺ دائم فقير هنڱوري (تعلقي کپري) ۾ جنم وٺندڙ، هي مشهور نڙ بيتائي، ۰۲ ڊسمبر ۲۰۱۵ع تي، ۴۹ سالن جي ڄمار ۾، دل جي دوري پوڻ سبب انتقال فرمائي ويو. جڏهن هن جون قسمت واڳون ڇڪيون، ته اسان ان جا سڀيئي ساٿي، قبر جي ڪنڌيءَ تي بيوس ٿي بيهي رهياسين. دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾، اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين يا رب العالمين!

(ڊيلي سنڌ ڌرتي ۽ هلال پاڪستان، آچر ۰۲ ڊسمبر ۲۰۱۸ ع جي ٿورن سان.)

No comments:

راءِ ڏيندا