; سنڌي شخصيتون: ستار ڀٽي

08 December, 2018

ستار ڀٽي


ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي. انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽ معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾ هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو. الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽ خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.


ڪراچي ۾ ڪوبه اهڙو ادبي پروگرام نه هوندو هو جو جنهن ۾ ستار ڀٽي شامل نه هجي. هو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، ادبي سنگت ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاريءَ جي دور ۾ پير پاتائين، هو هڪ سچو، مخلص، سنڌ دوست ادب پرور ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌ جي مسئلن لاءِ جاکوڙيندڙ نظر آيو. هو هميشه ادبي ڌڙابندين کان پري ۽ پاسيرو رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسيئيشن ۽ سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان اڻ ڳڻيا پروگرام ڪرڻ کانسواءِ نئين ٽهيءَ جي اديبن کي اڳتي آڻڻ ۽ انهن کي مڃتا ايوارڊ ڏئي انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تاريخ جوڙي آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ کي سنڌ ۾ بهترين شاخ ثابت ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو هو، هو ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو.
ادب جي ميدان ۾ هن ڪتابن جو اثاثو سنڌي ادب کي ڏنو، پنهنجي نئين ڪتاب ستار ڀٽي-شخصيت ۽ خط ۾ پنهنجي پاران ٻه اکر لکي ٿو ته زندگيءَ جو وڏو عرصو سياست کانسواءِ ادبي سرگرمين ۾ گذريو. انهن تجربن جي روشني ۾ اعتراف ٿو ڪريان ته مون هڪ ننڍڙي نوڪريءَ لاءِ پنهنجي تمام وڏي سياسي سڃاڻپ وڃائي ڇڏي. زندگي ته گذري وئي ۽ گذري ٿي، مان پنهنجن وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، صلاحڪارن، ڪامورن، ناميارن صحافين ۽ دوستن کان ڪو ذاتي ڪم، ڪا پرمٽ، پلاٽ، نوڪريءَ دوران سٺي عهدي تي ترقي ۽ بدلي ڪرائڻ يا پنهنجي اولاد لاءِ نوڪري به ڪونه ورتي آهي، سنڌ جي بدليل سماج ۾ جڏهن اهي دوست ڪجهه ٿيا ته مون سامهون انهن جا اصلي چهرا ظاهر ٿيا. مون نه رڳو اهي چهرا ڏٺا پر پڙهيا پڻ. سنڌي سماج ۾ اهي عجيب رويا به ڏٺم ته ڪنهن دوست جي سالگرهه ملهائي، رهاڻ يا ڪتاب جو مهورت ڪرايو ته، جيڪڏهن قومي هيروئن ۽ ناميارن ادبين جون ورسيون ملهايون ته به تنقيد جا تير ۽ نشتر برداشت ڪيا. پوءِ مون پنهنجون تنظيمون لاڙڪاڻو فرينڊس ويلفيئر ايسوسيئيشن، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن هلائڻ بند ڪيون. ٻين تنظيمن سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا عهدا وٺڻ ڇڏي ڏنا. ڪتاب شايع ڪرڻ شروع ڪيا. جڏهن ڪنهن به اداري ڪتاب شايع نه ڪيو ته مان لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ٺاهي پاڻ ڪتاب شايع ڪرايا. جڏهن بڪ اسٽالن وارا پئسا کائي ويا ته ڪتاب مفت ۾ دوستن کي ڏنا. سچ ته ستار ڀٽي جيڪو پنهنجن ٻن اکرن ۾ لکيو سو سچ لکيو اسان وٽ هر ليکڪ ساڳي ڀوڳنا ڀوڳي ٿو. ساڳي حالتن مان گذري ٿو.
سچ ته لاڙڪاڻي ڄائو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ اسان وٽ اورچائي ۽ جدوجهد واري سياست ۽ ادب ۾ هر جاءِ تي پنهنجي جاءِ ٺاهي، سچ ته هي شاهه جي ان بيت جو جيئرو جاڳندو تصور هو.
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويئي،
وڃين ڀونءِ ۾ پيئي ساريندي سڄڻين.
سچ ته ستار ڀٽي جهڙي جدوجهد، همت ۽ حوصلي جا اهڃاڻ مري به جيئندا ۽ امر ٿي ويندا آهن.



ستار ڀٽي
ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار
لياقت راڄپر
هيءَ دنيا هڪ اسٽيج وانگر آهي، جتي هر شخص داخل ٿئي ٿو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري Exit کان نڪري وڃي ٿو. هن دنيا ۾ شروع کان ڪيترا ڪردار پيدا ٿيا ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هليا ويا، جن جي ڪارڪردگي هميشه لاءِ تاريخ ۾ لکي وڃي ٿي. اهڙن ڪردارن ۾ هڪ ڪردار ستار ڀَٽيءَ جو به آهي، جنهن غربت کان خوشحاليءَ ڏانهن سفر ڪندي پنهنجو مقصد ماڻيو. هو هيو ته ڏيرو پر پرائمريءَ ۾ داخلا لاءِ پنهنجي مامي جي ذات ڀَٽي لکرائي وئي.
ستار ڀَٽي منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو، جنهن مون سان هڪ ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن جو والد هڪ غريب شخص هو. جيڪو وڏي مشڪل سان گهر جو خرچ پورو ڪندو هو. غربت جي باوجود به ستار ڀٽيءَ ۾ صلاحيتون ڀريل هيون، جنهن جي ڪري هن ۾ وڏو Confidence هيو. پڙهائي دوران هو تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندو هو، هو دليپ ڪمار جي اسٽائيل ۾ هلندي ۽ ڳالهائيندي نظر ايندو هو. سياسي شخصيتن ۾ هو ذوالفقار ڀُٽي کي پسند ڪندو هو، جنهن ڪري هن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ هن جي ڪارڪردگي ۽ جذبو ڏسي هن کي پيپلز پارٽيءَ جي لاڙڪاڻي واري آفيس ۾ آفيس سيڪريٽري رکيو ويو.
هو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ محنت سان سپاف جو ضلعي جو صدر ٿيو. جڏهن ته ان کان اڳ هو سنڌ اسٽوڊنٽ ماروئڙا جو صدر ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جو پڻ صدر رهي چڪو. عوام ۽ غريبن سان محبت جي ڪري هن کي ٻين سماجي ۽ مزدور يونين جي صدر رهڻ جو به اعزاز حاصل رهيو آهي، جنهن ۾ ٽانگه ايسوسئيشن ۽ مزدور يونين وغيره شامل آهن. جڏهن ته شاگرديءَ واري زماني ۾ ڊينٽنگ سوسائٽي آف گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ آرٽ اينڊ ڪامرس ڪاليج جي مئگزين جي انچارج رهڻ جو به اعزاز حاصل آهي.
هو ۽ مان اڪثر فلمن جي باري ۾ بحث ڪندا رهندا هياسين، جڏهن ته هن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ، سفر ڪرڻ ۽ قلمي دوست ٺاهڻ جو وڏو شوق هو. هن ننڍپڻ کان وٺي ئي پاڻ کي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ متحرڪ رکيو. هو ڊرائنگ ۾ به ڏاڍو هوشيار هو. طبيعتن گهٽ جذباتي هو. ٿڌو دماغ هيس پر ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو تيز هو. مزاج ٿڌو ته هيس پر حد کان وڌيڪ محنتي ۽ هوشيار هو. ڪپڙا تمام سٺا ۽ صاف سٿرا پائيندو هو. هن کي دوستن لاءِ وڏو احترام ۽ ادب سان ڏاڍو چاهه هو ۽ هو جيڪو ڪم ذهن ۾ سوچيندو هو اهو ضرور پورو ڪندو هو.
ستار ڀٽي زندگيءَ جي سفر ۾ ڏکن کان سکن ڏانهن سفر ڪندو ڪڏهن به خاموش نه رهيو ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل نظر ايندو هو. هن پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات قاسم پورٽ کان ۱۶ هين گريڊ ۾ ڪئي ۽ اتان ۲۰ هين گريڊ ۾ باعزت ريٽائرڊ ٿيو. هو نوڪري، گهر جي ذميدارين، علم ۽ ادب ۽ دوستن کي هڪ ئي وقت هلائيندو رهيو. هن ننڍپڻ کان ريٽائرڊ ٿيڻ تائين دوستيءَ جو رشتو خط و ڪتاب، فون ۽ ايس ايم ايس ذريعي جاري رکيو.
هونءَ ته ڀٽيءَ جي دوستن جو دائرو تمام گهڻو وسيع هيو پر مان ۽ منظور علي لاڙڪ هن سان تمام ويجها هياسين. هو جڏهن به لاڙڪاڻي گهمڻ ويندو هو ته منظور لاڙڪ هر پل هن سان ساڻ رهندو هو ۽ جڏهن لاڙڪ ڪراچي ايندو هو ته سڄو سارو وقت گهڻي قدر ستار ڀٽيءَ سان هوندو هو. مان ڀٽيءَ وٽ هڪ آچر ڇڏي ٻئي آچر تي هن جي گهر پاڪستاني ڪوارٽرز يونين ويندو هيس. هن سان منجهند جي ماني گڏ کائڻ معمول هو ۽ جڏهن هن جي گهرواري ادي حميده ٻڌندي هئي ته مان اچان ٿو ته هوءَ سٺا طعام ٺاهي کارائيندي هئي. ستار پنهنجي گهر ۾ هڪڙو ڪمرو آفيس لاءِ مخصوص ڪيو هو، جنهن ۾ ڪجهه الماڙيون ڪتابن ۽ لکڻ واري مواد ۽ اخبارن جي ڪٽنگ سان ڀريل هيون. ان کان وڏي تعداد ۾ هن وٽ پنهنجون ۽ ٻين جون تصويرون رکيل هيون. ٽيبل تي هڪ ڪمپيوٽر ۽ ڪجهه ويهڻ لاءِ ڪرسيون به هيون. هو اڪثر جڏهن آفيس ۽ ڪمن کان فارغ ٿي ويندو هيو ته اتي ويهي ڪم ڪار ڪندو هو ۽ مان يا ٻيو جيڪو به دوست هن وٽ ويندو هيو ته انهيءَ آفيس ۾ ويهي ڪچهري ڪبي هئي.
هن تقريبن ست ڪتاب لکيا جن ۾ ڪجهه هن مرتب ڪيا. هن جو ڪتاب لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي ڏاڍو ڪامياب ويو. جنهن ۾ لاڙڪاڻيءَ سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي زندگي ۽ ڪمن جي باري ۾ ڄاڻ هئي. جڏهن ته هن ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون جن کي ڪتابي صورت ڏئي نالو رکيو ’قيدياڻيءَ جي عيد‘. هن کي ڪالم لکڻ جو وڏو شوق پيدا ٿيو ۽ مون کي چيائين ته ڪالم ڪيئن لکان؟ جڏهن مون ٿورو گائيڊ ڪيومانس ته ’چنڊ چوانءَ سچ‘ جي نالي سان ڪالم لکيا، جنهن کي هن ڪتابي صورت ڏني. ان کان علاوه هڪ ٻيو ڪتاب لاڙڪاڻي جون شخصيتون جي نالي سان پڻ لکيو هيو. ان کان علاوه هن حسام الدين راشدي تي مختلف ليکڪن جا ڪالم گڏ ڪري انگريزيءَ ۾ ڪتاب مرتب ڪيو. هن جو آخري ڪتاب هيو ’ستار ڀٽيءَ جي شخصيت ۽ خط‘ هي ڪتاب بلڪل تيار هيو ۽ ڇپائيءَ لاءِ وڃڻ جي وقت جو انتظار هيو. جڏهن مون سان ڳالهه ڪيائين ته مان چيومانس ته جلد اهو ڪتاب ڇپرائي ڇڏ ته مون کي چيائين ته توکي ڪهڙي خبر ته ڪتاب ڇپرائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي. بهرحال منهنجي زور تي هن اهو ڪتاب شايع ڪرايو. ان کان اڳ اردو ۾ ’لاڙڪانه ليڊرون ڪي ڌرتي‘ به ڇپرائي ورتو، جنهن کي پڻ اردو پڙهڻ وارن ۾ وڏي پذيرائي ملي. هن جو ٻيو ڪتاب به اردوءَ ۾ تيار هو، جيڪو هو نه ڇپرائي سگهيو.
هڪ ڳالهه جو ڏک مون سان هميشه ڪندو هيو ته هن شخصيت تي ڪتاب لکڻ لاءِ وڏيون تڪليفون سٺيون. ڇو جو انهن جا پونيئر هن سان تعاون نه ڪندا هيا. هن ڪيترا ڀيرا انهن جي شهرن ۽ گهرن ڏانهن پنڌ ڪيا، فون ڪئي، خط لکيا ۽ نياپا موڪليا پر ڪجهه مواد مليو ۽ ڪجهه هنڌان حاصل ڪيائين. ان کان علاوه ڀٽيءَ جو اهو شوق هيو ته هو سماجي ۽ علمي پروگرام ڪري ۽ گذاري ويل شخصيتن جا ڏينهن ملهائي جنهن لاءِ هن لاڙڪاڻو فرينڊس ايسوسئيشن ۽ سنڌ ڪلچر آرگنائيزيشن قائم ڪئي. پروگرام ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري اهم شخصيتن کي مهمانِ خاص ڪيو ۽ انهن پروگرام جي پريس ڪوريج ڪري ماڻهن تائين پهچايو. پر هن خدمت جي بدلي ۾ هن تي ڪٿي الزام لڳايا ويا ۽ هو بعد ۾ مايوس ٿي لاڙڪاڻو اڪيڊمي آف پبليڪيشن ٺاهي ۽ پوءِ ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا.
ستار ڀٽي سنڌ گريجوئيشن ايسوسئيشن، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ڪيترن تنظيمن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو پر هن کي ڪجهه ماڻهن ڪم ڪرڻ نه ڏنو. ڇو جو هو پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪندو هو. هن جو ساٿ پنهنجي گهرواريءَ سان ڏاڍو سٺو رهيو ۽ جڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪندو هيو ته ان کي ساڻ وٺي ويندو هيو. ادب سان محبت جي ڪري هو سنڌ مان مليل دعوت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڃي پهچندو هيو. هن پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي ڪاميابيءَ ۾ ڪافي انعام ۽ ايوارڊ کنيا.
ڀٽي ۲ جنوري ۱۹۵۲ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پنهنجي والد قمر الدين ڏيري جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم رحمت پور اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۶۸ع ۾، ايم اي پولٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۹۲ع ۾ پاس ڪئي. سياست ۾ متحرڪ رهڻ سان هن کي ڪيترائي ڀيرا جيل وڃڻو پيو. هن ۱۹۷۷ع ۾ شادي ڪئي کيس ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيو.
ستار بظاهر صحتمند نظر ايندو هو، پر هڪ دفعي اوچتو طبيعت خراب ٿي پيس ۽ هن کي ٻڌايو ته هن کي دل جي تڪليف آهي، جنهن ڪري هو ڪجهه وقت گهر تائين محدود رهيو. بعد ۾ وري ننڍي پئماني تي متحرڪ رهيو. هڪ دفعي هڪ سگا جي تعزيتي پروگرام ۾ ڪمپئرنگ ڪندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته آئنده هن جي تعزيتي گڏجاڻي ڪئي وڃي. هي لفظ هن جي زبان مان نڪري سچ ٿي ويا ۽ ڪجهه ئي وقت کانپوءِ هن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي. هن کي هڪدم خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن جي دل جي آپريشن ٿي ۽ هن کي آءِ سي يو مان شفٽ ڪرڻ وارا هيا ته هن جي دل بند ٿي وئي ۽ هو هيءُ جهان ڇڏي ويو. مان هن سان اسپتال وڃي ملي نه سگهيس، ڇاڪاڻ جو هن جي طبيعت خراب هئي.
هن جي نمازِ جنازه ۽ تدفين لاڙڪاڻي ساڳئي ڏينهن ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع تي ڪئي وئي. مان ٽيجهي تي پهتس هن جي لاءِ تعزيتي گڏجاڻي مختيار سمون ڪئي. ڀَٽي اڄ به اسان جي دلين ۾ جيئرو آهي ۽ هن جا لکيل ڪاب هن کي سدائين زنده رکندا.

No comments:

راءِ ڏيندا