; سنڌي شخصيتون: حضرت سچل سرمست

03 July, 2015

حضرت سچل سرمست

سچل سرمستؒ

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي



نالو:

حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس.


ولادت:

حضرت سچل سائين، ميان صلاح الدين جو اڪيلو فرزند هو، جيڪو ميان صاحبڏني جو وڏو فرزند هو. سنه ۱۱۵۲هه (۱۷۳۹ع) ۾ سندس ولادت ٿي. هو اڃا ڇهن سالن جو مس ٿيو، ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي.

تعليم ۽ تربيت:

جيئن ته اڃا ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد وفات ڪئي، انهيءَ ڪري سندس تعليم ۽ تربيت سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي خواجه عبدالحق جي زير نگراني ٿي، جيڪي اهل الله به هئا، ته جيد عالم به.

اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ته حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جن حضرت ميان صاحبڏني جي ملاقات لاءِ ڪهي درازن ۾ ايندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن روح رهاڻ لاءِ درازن ۾ آيا، ته حضرت خواجه صاحب کي چيائين، ته پنهنجن صاحبزادن کي گهرايو، ته انهن کي به ڏسون. جڏهن صاحبزادا آيا، ۽ حضرت سچل سائينءَ تي نظر پيس، ته ان ڏانهن اشارو ڪري چيائين: ”اسان جيڪا ديڳ چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هيءُ ڇوڪر لاهيندو.” مطلب هيءُ هو، ته هيءُ عارف اسرار اِلاهي عيان ڪندو. ٿيو به ائين. سچل سائينءَ جو ڪلام ان لاءِ شاهد آهي.

حضرت سچل سائينءَ، روحاني تعليم سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي ديني تعليم به باقاعده حاصل ڪئي هئي. ننڍي هوندي ئي، درازا درگاهه جي فيض جي چشمي مان فيضياب ٿيل، حافظ عبدالله قريشي صديقيءَ وٽ کيس ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ عارف الله هو. ٿوري ئي وقت ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين، ۽ فارسي ۽ عربي جي مڪمل تعليم حاصل ڪيائين. علوم عقلي ۽ نقلي جي تڪميل پنهنجي چاچي ميان عبدالحق وٽ ڪيائين.

بيعت:

حضرت سچل سرمست کي روحاني فيض به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ٿيو ۽ ان جو ئي دست بيعت مريد هو. ان وٽان ئي معرفت جون منزلون طئي ڪيائين. پنهنجي مرشد سان بي انتها محبت ۽ عقيدت هيس، جنهن جو اظهار پنهنجي شعر ۾ مختلف جاين تي ڪيو اٿس. مرشد جي اولاد جي به وڏي عزت ڪندو هو.

شادي:

حضرت خواجه عبدالحق پنهنجي نياڻي، حضرت سچل سرمست جي نڪاح ۾ ڏني. بي بي صاحبه ٻه سال حيات هئي، پر اولاد ڪونه ٿيو.

شرع جي پابندي: سچل سائين شروعاتي زندگيءَ ۾ شريعت جي پوري پوري پابندي ڪندو هو ۽ نماز باجماعت پڙهندو هو. پر پوءِ جڏهن مستيءَ واري ڪيفيت مٿس طاري ٿي، ته استغراق جي حالت ۾ رهڻ لڳو.

طالب:

سچل سائين دست بيعت مريد ڪو نه ڪيو. جيڪو به وٽس ايندو هو، ته ان کي مرشدن ڏانهن موڪليندو هو. مرشدن جو وري دستور اهو هو، ته روحانيت جي طالبن کي  ذڪر ڏئي، تربيت لاءِ سچل سرمست رحه ڏانهن اماڻيندا هئا. اهڙن طالبن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن:

۱. فقير نانڪ يوسف اڳڙن وارو ۲. فقير محمد صالح قادري لاڙڪاڻي وارو ۳. فقير محمد صلاح دونهين وارو ۴. فقير گهرام جتوئي ۵. فقير شير خان ڀنڀرو ۶. جانو فقير شڪارپوري ۷. سيد خير شاهه ۸. سيد پير شاهه ۹. حاجي عثمان چاڪي لاڙڪاڻو ۱۰. سيد حسن شاهه ۱۱. فقير محمد صديق ۱۲. فقير شير علي ۱۳. حيدر شاهه.

وفات:

سنڌ جي هن سرمست شاعر، سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي، روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان سـُرهو ڪري، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري، تاريخ ۱۴ رمضان سنه ۱۲۴۲هه (۱۸۲۷ع) تي وصال ڪيو. انهيءَ تاريخ تي هر سال سندس درگاهه تي ميلو لڳندو آهي ۽ ڪيترائي پيار جا پانڌيئڙا ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي، سڪ جو سلام ڀريندا آهن. سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر حضرت قادر بخش بيدل سندس وفات جون تاريخون سنڌي ۽ فارسي شعر ۾ چيون آهن. اُهي هت ڏجن ٿيون:

ڪافي

عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،

مست سالڪ شهه سچو عاشق اتي اظهار هو.

 

۱. برهه جي برسات جو تنهن وير تي وسڪار هو،

ظاهر ۽ باطن تنهين وٽ درد جو ڌڌڪار هو.

 

۲. وجد وحدت جو سدا خاصو تنهين خمار هو،

مرد سو منصور وانگر عشق جو اوتار هو.

 

۳. منجهه سخن ان جي الوهيت سندو آثار هو،

جنگُ جذبي جوش مستي ۾ مثل عطار هو.

 

۴. پانهنجي رائي پِرين نَوي ورهه نروار هو،

پوءِ وصل جي موج ماڻي، ذوق کان ذخار هو.

 

۵. سن ٻارنهن سؤ ٻائيتاليهه ۾ تيار هو،

چوڏهين رمضان جي هادي اهو هسوار هو.

 

۶. قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار هو،

در تنهين داتا جي ”بيدل“ پرت جو پينار هو.

تاريخي پس منظر:

سچل سائين ارڙهين صدي، ۽ اڻويهين صديءَ جي پهرين چئن ڏهاڪن ۾ زندگي گذاري. انهيءَ زماني ۾ سنڌ وڏا لاها چاڙها ڏٺا، جن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي حالتن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.

جنهن سال ۱۷۳۹ع ۾ حضرت سچل سائينءَ جي ولادت ٿي، ان سال نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ وڏي تباهي مچائي. نه فقط تمام گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، پر وڏي علمي ذخيري تان به سنڌين کي هٿ ڌوئڻا پيا. هن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ۽ ”نادر ٿو اچي“ جهڙيون چوڻيون رواج ۾ آيون. سچل سائين ۱۵ سالن جو هو، ته احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ۽ مغل پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ رکيو. ان پرڳڻي جون حدون اتر ۾ بلوچستان جي شهر روجهاڻ کان مدئجيءَ تائين هيون. اهڙيءَ طرح ان ۾ موجوده شڪارپور، شڪارپور ضلعي جو حصو ۽ بلوچستان جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويا.

سنه ۱۷۶۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي احمد شاهه ابداليءَ ”شاهه وردي خان“ جو خطاب ڏنو. سنه ۱۷۶۳ع ۾ هن ڪڇ فتح ڪيو. ان کان پوءِ هن حيدرآباد جو شهر ٻڌرائي، ان کي سنڌ جي گادي بنايو. احمد شاهه ابداليءَ، ديره جات جو سمورو علائقو ميان غلام شاهه جي قبضي ۾ ڏنو. هيءُ علائقو ٽن سوَن ميلن تي پکڙيل آهي، ۽ هينئر پنجاب ۾ آهي. سنه ۱۷۶۸ع ۾ هن علائقي جي ”ناهرا“ قوم بغاوت ڪئي، جنهن کي مير بهرام خان، ميان جي طرفان شڪست ڏني.

ميان غلام شاهه يوروپي واپارين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني. هو سنڌ مان ڪپڙو، قلمي شورو ۽ نير خريد ڪري، ڏيساور ڏانهن موڪليندا هئا. سنه ۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي. سندس ڏينهن ۾ سنڌ اندر گهڻي قدر امن امان رهيو، ۽ سنڌ حڪومت جون حدون ديره جات، ڪڇ ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصي تائين پکڙيل هيون. هنر ۽ واپار جي ترقي ٿي، ۽ سنڌ جو مال ڏورانهن ڏيهن تائين پهتو. آبپاشيءَ جا طريقا سڌريا ۽ زرعي پيداوار وڌي. مطلب ته سنڌ جا ماڻهو سکيا ۽ آسودا رهيا، ۽ صلح سانت سان زندگي گذاريائون. اهوئي سبب آهي، جو ان زماني کي ڪلهوڙن جي اوج جو زمانو چيو وڃي ٿو.

ان کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز (ڪلهوڙو) تخت نشين ٿيو. ان وقت حضرت سچل سرمست رحه جي عمر ۳۲ سال هئي. ميان سرفراز سنڌ جو ڪامياب حڪمران ثابت نه ٿيو.

ان زماني ۾ فوجي واڳون ٽالپرن جي هٿ ۾ هيون. هن ٽالپرن سان اچائي کنئي (اُنهن کي تنگ ڪيو ۽ ستايو). مير بهرام خان کي درٻار ۾ مارايائين، ۽ ان جو پٽ مير صوبدار خان وري ميان محمد سرفراز جي ماڻهن سان وڙهندي مارجي ويو. هيءُ واقعو سنه ۱۷۷۴ع ۾ ٿيو. انهيءَ ڪري ٽالپرن سندس خلاف بغاوت ڪئي، ۽ سنه ۱۷۷۵ع ۾ کيس تخت تان لاهي، حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪيائون.

ان کان پوءِ، ميان غلام نبي، ميان صادق علي ۽ ميان عبدالنبي کي هڪٻئي پٺيان تخت تي ويهاريائون. ميان عبدالنبي هڪ ظالم حڪمران ثابت ٿيو. هنن ميان محمد سرفراز کي مارائي ڇڏيو، ۽ ٽالپرن جي به پويان پيو. آخر سنه ۱۷۸۳ع ۾ مير فتح علي خان کيس شڪست ڏئي، سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي.

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زرعي پيداوار وڌي، ڇاڪاڻ ته هنن کي زراعت سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هنن زرعي پيداوار کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون. انهيءَ مقصد لاءِ ڪيترائي واهه کوٽايائون. مسٽر ڊيل هوسٽ، ڪلهوڙن جي کوٽايل واهن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن طرح آهن:

”پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگهاڙ، داديجي، گهاڙ، امرڪس ۽ نور واهه.“

آبپاشيءَ جي طريقن کي سڌارڻ سان گڏ نوان شهر به آباد ڪيائون، جهڙوڪ: حيدرآباد، مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد (نزديڪ هالا). ميان غلام شاهه ”شاهه بندر“ نالي بندر تعمير ڪرايو ۽ ”پراڻ“ کي موريءَ جو بند ٻڌرايو، انهيءَ ڪري ٿر جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو.

سنه ۱۷۷۵ع کان سنه ۱۷۸۳ع تائين ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڇڪتاڻ ۽ لڙاين جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو. سنه ۱۷۸۰ع ۾ وڏو ڦورو مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو، ۽ اتر کان هيٺ بدين تائين ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ناس ڪري ڇڏيائين. جوڻ ۽ فتح باغ جهڙا وسندڙ شهر ويران ٿي ويا، ۽ ڪيترائي سرسبز باغ ۽ آباديون ناس ٿي ويون. انهن حالتن ڪري واپار بند ٿي ويو، صنعت ۽ حرفت کي ڌڪ لڳو، پيداوار ۾ ڪمي اچي ويئي، ۽ ملڪ ڏڪر ۾ تباهه ٿي ويو.

ٽالپرن، سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کان پوءِ، حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي. ميان نور محمد خان جي آخري ڏينهن ۾ قلات جي بيگلر بيگي ڪراچيءَ جي مياڻيءَ تي قبضو ڪيو هو. ٽالپرن ڪراچيءَ تي ٻيهر قبضو ڪيو. ان کان سواءِ شڪارپور وارو علائقو، جيڪو افغانن جي قبضي ۾ هو، پنهنجي قبضي هيٺ آندائون. عمر ڪوٽ واري علائقي تي به جوڌپور جو راجا قبضو ڪري ويو، اهو علائقو به فتح ڪري، سنڌ جي حيثيت بحال ڪيائون. نه فقط ايترو، پر بهاولپور جي حاڪم کان سبزل ڪوٽ وارو علائقو هٿ ڪري، سنڌ جي حدن ۾ شامل ڪيائون. هوڏانهن مزارچه علائقو بروهين کان کسي، سنڌ سان ملايائون. انهيءَ ڪري راڄنپور تائين ٽالپر حڪومت قائم ٿي وئي. مزارين ۽ بليدن جو تعاون حاصل ڪري، ٽالپرن پنهنجي حڪومت ديره جات تائين مضبوط ڪئي، انهيءَ ڪري سنڌ جون حدون اتر ۾ راجنپور کان ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا کان کيرٿر تائين قائم ٿي ويون.

سنڌ جو پهريون ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان هو. ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هن پنهنجي ٽن ڀائرن: مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪري، چوياري قائم ڪئي. سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: (۱) پهريون حصو حيدرآباد وارو، جنهن جون حدون ڪراچيءَ کان سيوهڻ ۽ ٽنڊوالهيار کان کيرٿر تائين هيون. ٿر به هن حصي ۾ هو. مير فتح علي خان پنهنجي چوياريءَ سان هن حصي جو حڪمران بنيو. هيءَ ”شهداداڻي“ سرڪار سڏي وئي. (۲) ٻيو حصو شاهه بندر کان ڇوڙ تائين هو. ان جو پهريون تخت گاهه ونگي ۾ ”ڪيٽي“ هو. هيءُ علائقو مير ٺاري خان کي ڏنو ويو. سنه ۱۸۰۶ع ۾ مير ٺاري خان ميرپورخاص شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. هيءُ ”ماڻڪاڻي“ سرڪار سڏي وئي. (۳) ٽيون حصو اتر ۾ هو، جنهن جون حدون ٿر ۽ موري کان اوٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين هيون. هي علائقو مير سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو. ان جو تخت گاهه ”خيرپور“ کي بنايو ويو. هيءَ  ”سهراباڻي“ سرڪار سڏبي هئي.

اسان جي شاعر يعني حضرت سچل سرمست رحه جو ڳوٺ خيرپور واري حصي ۾ هو، ۽ خيرپور جا حڪمران مير سندس معتقد هئا. سنڌ جي وڏي حصي تي جيتوڻيڪ حيدرآبادي حاڪمن جو قبضو هو، ان هوندي به اتر سنڌ جو سمورو علائقو مير سهراب خان جي قبضي ۾ هو. هو سخي، رحمدل ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. سندس ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن امان رهيو، ۽ هر طرح خوشحال ۽ آباد هو. هو حضرت سچل سرمست رحه جو همعصر ۽ معتقد هو. هن سنه ۱۸۳۰ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ، سندس پٽ مير رستم خان تخت نشين ٿيو.

جيتوڻيڪ ميرن ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ وسان ڪين ٿي گهٽايو، ان هوندي به چوڌاري وڏي گڙ ٻڙ هئي. فرنگي شرارتون هندستان کي پنهنجو شڪار بنائي چڪيون هيون، ۽ هينئر سنڌ ۾ پنهنجو ڄار پکيڙي رهيون هيون. هوڏانهن پنجاب جو حاڪم رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. هو شاهه شجاع ۽ انگريزن جي اتحاد ثلاثه ۾ شامل هو.

راجپوتن ۽ دائودپوٽن به کئونس ڪرڻ شروع ڪئي، پر ميرن دليري، بهادري ۽ جرئت سان سڀني سان منهن ڏنو.


 

سچل سرمست

سچُو سو فقير جو حد لاحد لنگهي وڃي

اعجاز ممنائي

سچل سرمست رحمته الله عليه سنڌ جو عظيم ۽ بيباڪ شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ رواني کان علاوه بي خودي ۽ وجد واري ڪيفيت نمايان نظر اچي ٿي، بقول شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ته ”سچل ان ڪُنيءَ جو ڍڪڻ لاهي ڇڏيندو، جيڪا اسان رڌي آهي“، جا بلڪل حقيقت ثابت ٿي ۽ سچل سائينءَ جيڪي روحاني پرداپوش حقيقتون بيان ڪيون، سي اڳتي هلي امت جي لاءِ اصلاح جو سامان بڻيون ۽ اڇا ڪارا سڀ ظاهر ٿي پيا، ائين سچل سرمست رحه نمايان شاعر ٿي اڀريو، پاڻ جڏهن به ڪلام چوندو هو ته مٿس وجداني جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ پاڻ تنبورو کڻي مستيءَ ۾ نچندو ۽ ڳائيندو رهندو هو، ائين سندس اکين مان آب جاري ٿي ويندو هو، ڇوته سندس ڪلام ۾ درد جا واهڙ وهندا هئا، اهڙي پرسوز شاعري پڙهي پڙهندڙ شاعر جي شخصيت کي به پرکڻ شروع ڪندو آهي، ڇوته ڪنهن به قوم يا گروهه جي باوقار شخصيت جي ٺهڻ ۾ ان علائقي جي تهذيب، تمدن، بهترين ماحول، والدين جي صحيح پرورش، معاشري جو سٺو طريقو، قانون تي عمل ۽ ان جي پاسداري، هاديان دين جي هدايت جو وڏو هٿ هوندو آهي، جنهن ۾ هُو پروان چڙهندو آهي، قرآن مجيد جي حڪم موجب شيطان ازل کان انسان جو دشمن آهي ۽ قسم کڻي انسان سان دشمنيءَ جو عمل شروع ڪيو آهي ته جيئن کيس هر ممڪن طريقي سان گمراهه ڪري سگھي، سائين به کيس خوب جواب ڏنو ته ڪوبه منهنجو دوست ڪڏهن به تنهنجي ڄار ۾ نه ڦاسندو، جڏهن سچل سرمست رحه جي شخصيت تي نظر وجھجي ٿي ته پاڻ سادا ۽ پروقار نظر اچن ٿا، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادو لباس پهرڻ سندس شخصيت کي اڀاري ٿو، مولوي راڻيپوري سندس شڪل شبيهه ۽ لباس بابت لکيو آهي ته سندس قد وچولو، رنگ صاف کليل بادام جهڙو، دلڪش، اکيون وڏيون، وارگيسو دراز، اڇو پهراڻ ۽ اڇي کٿي جي چادر يا اڇي کاڌيءَ جي گوڏ ٻڌندو هو، مٿي تي سبز تاج پائيندو هو، پاڻ نماز جو پابند هوندو هو، سڄو ڏينهن ورد ۽ وظيفو سندس مشغول هوندو هو، مٿس هميشه بي خودي ۽ استغراق واري ڪيفيت رهندي هئي، اهڙي عظيم شاعر جي شاعريءَ جي سڀني پهلوئن جو هڪ ئي وقت جائزو وٺڻ ڪنهن انسان جي مجال نه آهي، پاڻ ئي پنهنجي هن بيت ۾ چوي ٿو ته:

حدين وڃي هر ڪوئي، بيحد وڃي پير،

سچو سو فقير جو حد لاحد لنگھي وڃي.

ان مان ظاهر آهي ته سچل سرمست ڪنهن محدوديت جو نالو نه آهي، بلڪه جيترو ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو اوترو اهو گهرو ٿيندو ويندو، جيئن انسان جي تخليق جو راز اڄ ڏينهن تائين نه پرکجي سگھيو آهي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي مقصد سان ان کي بيان ڪري ٿو، جڏهن قرآن مجيد صرف انسان جي تخليق کي چند لفظن ۾ بيان ڪري الله تعاليٰ ملائڪن جي سوال جو اڌورو جواب ڏيئي خاموش ڪرايو آهي ته ”جيڪو ڪجهه مان ڄاڻان ٿو توهان نه ٿا ڄاڻو“ سو سچل سرمست رحه کي به هر پڙهندڙ پڙهي پڙهي جواب ۾ لکي ٿو ته جيڪو ڪجهه سچل لکيو آهي سو اسان جي سمجهه کان مٿي آهي.

ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، گھڙان نه انهيءَ گھيڙ،

جاڏي راهه رسول جي مان تاڏي نه ڀريان پير،

جي من مان ڪڍان نه مير ته حضوري حاصل نه ٿئي.

سندس اهڙي رنديءَ ۽ مستي واري لهجي مذهبي حلقن ۾ رنجش پيدا ڪري وڌي ۽ فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون ته سچل سرمست مسلمانيءَ مان نڪري ويو آهي پر کين ڪهڙي خبر ته مير رکڻ سان ڪهڙيون خرابيون جنم وٺن ٿيون ۽ انسان پنهنجي تخليق کان هزارين ڪوهه پري ٿي وڃي ٿو، روزا ۽ نمازون ان لاءِ عذاب بڻجي وڃن ٿيون، قرآن مجيد ته واضح چيو آهي ته اهي نمازون توکي واپس منهن تي هنيون وينديون ۽ اهي روزا صرف تنهنجي بک ڪاٽڻ لاءِ آهن، اهي حج رڳو پئسو زيان ڪرڻ لاءِ آهن، اهي زڪواتون ماڻهن کي ڏيکاءُ لاءِ آهن، جنهن جو ڪوبه سِلو توهان کي ملڻو نه آهي، صوفي ته پوري انسانيت ۾ خدا جي عڪس ڏسڻ جا قائل آهن، ڇوته سندن عقيدو هجي ٿو ته خدا جو جلوو انسان ۾ آهي، صوفياڻي خيالن جو اهو ڍڪ وارو اظهار به سچل سائينءَ وٽ  موجود آهي، پر بنيادي طور سندس بيباڪي هزارن ڍڪن جي پردن کان به ٻاهر نظر اچي ٿي، پاڻ مئخاني ۾ رهي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو ۽ بي خوف ٿي چوي ٿو ته:

شوق شراب پيان پرين وٽ رات رهان،

ناهي وري قاضي ملان جو لحاظ مون کي.

هونءَ به حق سچ جي ڳولا جو حڪم پڻ آيل آهي، هاڻي حڪم جي تعميل ڪندي حق جي ڳولا ڪري، ڇوته حق وارو ئي نجات پائيندو، ڇوته انسانيت جي دائري ۾ رهي حق جي طرفداري ڪندڙ انسان لامحدود ڪمالات جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو، حق لهڻ جي ڪاميابيءَ لاءِ چار مرحلا ترتيبوار طئي ڪرڻ ضروري آهن، پهريون معرفت، ٻيو عشق، ٽيون ارادو ۽ چوٿون عقل.

هاڻي ڪنهن به ڪم جي لاءِ سڀ کان پهريان معرفت ضروري آهي، ان کان پوءِ عشق انسان کي منزل طرف وڌڻ جو دڳ ڏيکاري ٿو، جنهن سان انسان ارادو ڪري اڳتي وڌي ٿو ۽ اڳيان ايندڙ رڪاوٽن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جبل وانگر مضبوط ۽ طاقتور ٿي ويندو آهي جڏهن ته عقل حق ۽ باطل ۾ بامقصد ۽ بي مقصد شين ۾ فرق پيدا ڪري ٿو، حق ۽ سچ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو عقل ئي آهي، ان ڪري عقل جي ڪري ئي انسان کي باقي موجودات تي فوقيت حاصل آهي، سچل سائينءَ وٽ معرفت، عشق، ارادو ۽ عقل موجود آهي.

سچل سائين جي شاعري ۾ ذڪر ڪيل ملان مان مراد خود غرض، خاص ذهنيت ۽ بي عمل انسان آهي، ان ڪري انهن جي هر عمل کي هر عظيم شاعر ننديو آهي، الاهي معرفت عشق کان سواءِ ملڻ ممڪن نه آهي، جيتوڻيڪ عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، جيئن اتباع، انڪساري ۽ خشوع جي منزل حق جي منزل ڏانهن راغب ٿي وڃي، مرشد ڪامل پنهنجي ورد وظائف ذريعي شريعت جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي، ان طريقت جي ذريعي ئي معرفت تي پهچبو آهي، تصوف تعصب جو رد، رواداري جو حامي ۽ خودشناسيءَ کي خدا شناسي سمجهي ٿو، اصل ۾ تصوف جا پنج ڏاڪا آهن.

۱: شريعت: اسلامي عقيدت جي پختگي،  ۲: طريقت: حق جي مرشد جي اتباع ۳: معرفت: خدا تعاليٰ جي ساڃاهه،  ۴: حقيقت

۵: بقاءِ دام: خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ سمائجي وڃڻ.

مطلب ته سچل سائين انهيءِ پنجن طريقن کان به مٿي اڏار ڪندو نظر اچي ٿو، ڇوته پاڻ مذهب ۾ هر صاحب معرفت جيان تنگ نظريءَ کان مٿي انساني رواداري امن ۽ محبت جو قائل آهي، سندس سڄو ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو هئڻ سان گڏ رندي ۽ مستيءَ سان ڀريل آهي، پاڻ درد ۽ سوز جا سڀ رنگ اختيار ڪيا اٿائين، پر هر رنگ ۾ سندس فڪر جو محور رڳو محبت ۽ عشق آهي، جيڪا ڪنهن به گروهي تعصب کان اتاهين آهي ۽ سڄي جا سڄي انسانيت تي مبني آهي، پر ڪي سمجھو ئي ان کي سمجھي سگھن ٿا، جيئن پاڻ فرمايو اٿائين ته:

پڇو نه منهنجي ذات، مان جوئي آهيان سوئي آهيان،

اچڻ اسان جو ٿيو اتاهين جاتي ڏينهن نه رات،

ظاهر آهي زبان منهنجي الاقرب سندي ڪلمات،

سچُو سر سهي ڪر پنهنجو عشق منجهون عشقات.


 

حضرت سچل سرمست رحه

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

حضرت سچل سرمست جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو، هيءُ هفت زبان شاعر سنڌ کان علاوه پوريءَ دنيا ۾ مشهور آهي. سندس چيل سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، فارسي ۽ اردوءَ جي ڪلام کي هر جڳهه تي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڻ فارسيءَ ۾ تخلص ”آشڪار“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”سچو“، ”سچل“، ”سچيڏنو“ ڪم آندو اٿن. حضرت سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو. ننڍپڻ کان کين سچيڏنو سڏيندا هئا. سچل رحه سن 1739ع ۾ درازن ۾ ڄائو.

سچل جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه ڀٽائي کانپوءِ خاص اهميت رکي ٿو. شاهه سائينءَ سچل لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو“ بيشڪ اها اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، جيڪي ڪجهه ڀٽ ڌڻيءَ مام ۾ روحاني راز چيا، انهن کي سچل سائينءَ، پڌري پٽ اعلانيه اظهار ڪيو. سچل سائين فرمائي ٿو ته:

مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان،

بادل بجليءَ سان، آهي جيئن سپرين.

هن هفت زبان شاعر جي شهرت عالم آشڪار آهي. سندس ڪلام ۾ موضوعن جي وسعت سان گڏ شاعريءَ جا ڪيترائي پهلو آهن پر غم ۽ گداز جو رنگ وٽس سرس آهي. ٻين عالمن ۽ عارفن وانگر پاڻ ظاهري علم کي ناقص سڏيو اٿن، تڏهن ته چون ٿا ته:

”قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هي مرشد ايوين فرمايا“

سچل جي پرسوز ۽ درديلي شاعري ۾ عشق و حسن جا جلوا آهن ته حق ۽ سچ جا سڏ به. پاڻ سڃاڻڻ جا درس به آهن ته خود شناسيءَ جا سبق به. فرمائين ٿا:

خود شناس و خود شناس و خود شناس،

دور ڪن از خويشتن اين عبدي لباس.

هو ظاهر ظهور ”پاڻ سڃاڻڻ“ يعني ”پرڀو سڃاڻڻ“ تي عمل ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي داستانن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جا سبق آهن. سندس شاعري الهامي ۽ روحاني رازن سان ٽمٽار هئڻ سان گڏ هڪ آفاقي پيغام آهي، جنهن مان تصوف جي پرچار جي پروڙ پوي ٿي ته گڏ ”انا الحق“ جي اعلانن کيس صاحبِ شريعت جي عتابن هيٺ آندو. سندس بي باڪ اظهار کيس هڪ مختلف ۽ منفرد فرد ۽ اعليٰ پايي جو شاعر بڻايو. شاعراڻي خوبين جي لحاظ کان سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ نت نوان تجربا ڪري نيون شيون ايجاد ڪيون. سندس ڪلام ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مناجاتون ۽ مرثيا ملن ٿا. ان کانسواءِ ”جهولڻي“ جي صنف به سندس ايجاد ڪيل آهي. قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ ٻيون شاعريءَ جون صنفون به زير استعمال آندائون.

سچل سائين علم عروض جو ڄاڻو هو، تنهنڪري هن جو ڪلام پختو ۽ پڪو آهي. جڏهن ڪلام چوندو هو ته وجد جي حالت ۾ اچي ويندو هو. مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس. فارسيءَ ۾ سچل سرمست جون هيٺيون اهم تصنيفون آهن:

(1) ديوان آشڪار

(2) رهبر نامه

(3) رازنامه

(4) عشق نامه

(5) تارنامه

(6) گداز نامه.

سنڌيءَ ۾ سندس ڪلام هن ريت آهي:

(1) رساله سچل فقير جلد پهريون (سنڌي ڪافيون ۽ غزل)

(2) رساله سچل فقير جلد ٻيو (سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا)

”همه اوست“ جي قائل هن صوفي بزرگ کي ”منصور ثاني“ به چيو ويندو آهي، جنهن وحدت الوجود ۽ خودشناسيءَ جي نظريي جي خاص اپٽار ڪئي. سنڌ جي هن عظيم شاعر 90 سالن جي عمر ۾ 14 رمضان شريف 1242هه/1829ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه درازن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون آهن. سچل سرمست جي شاعري ۽ سوانح تي مقالا پڙهيا ويندا آهن. خيرپور يونيورسٽي جي طرفان ”سچل چيئر“ به قائم ڪيو ويو آهي، جتان سچل سائين جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب ڇپايا وڃن پيا.

هن صوفي شاعر جي ڪلام ۽ سوانح جي باري ۾ ڪجهه تحقيقي ڪم ٿيو آهي ۽ ڪجهه اڃان به ٿي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ٻولي، علم ادب ۽ شاعريءَ سان لاڳاپيل شخص ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن سچل فقير جي ڪلام کي عام ڪري سندس شاعرانه عظمتن کي شاندار مڃتا ڏجي. جهڙو اٿس تخلص ”سچو“ ۽ ”سچل“ اهڙو ئي سندس ڪلام سچ جو اولڙو ۽ عڪس آهي.

هتِ هت آهي صورت منهنجي، ٺاهه نه ڪو پيو ٺاهيان،

پنهنجو پاڻ ئي سار يار، ”سچو“ ڙي نينهن اهو ئي لاهيان.

(سچل)


 

 

حضرت سچل سرمست درازيؒ

[ ۱۷۳۹ع – ۱۸۲۹ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسلام جي ٻئي خليفي، حضرت عمر فاروق رضه جي سلسه - نسب مان، درازي درويش فقير عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي رح، خيرپور ميرس جي راڻيپور شهر لڳ، درازن جي ڳوٺ ۾ ۱۱۲۵ هه مطابق ۱۷۳۹ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا (۹۳ هه ۾) محمد بن قاسم سان رلجي سنڌ ۾ آيا هئا. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ هن خاندان جي وڏي عزت هئي. سندس جد- امجد ميان صاحبڏنو فاروقي (۱۶۹۷ع – ۱۷۸۸ع) هو، جنهن هن نينگر کي آخوند عبدالله جي ڪتبخاني ۾ ديني درس ڏياريو.

هن نينگر ۾ ننڍپڻ کان ئي مڻيا بکي رهي هئي، جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (۱۶۸۹ع–۱۷۵۲ع) کيس ڏسي فرمايو هو، ته ”اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي؛ تنهن جو هي ڇوڪر ڍڪڻ لاهيندو؛“ سچ پچ ٿيو به ائين. سندس ڏاڏي ۽ والد جي وفات بعد سندس چاچي، سهري ۽ مرشد، ميان عبدالحق جي نظر فيض اثر مان الاهي راز ۽ رمزون پروڙي اڪيلي سر جهنگ جهر واسيندو رهيو. اڪثر مٿس مدهوشي ۽ محويت طاري رهندي هئي.

عام طرح سچل سائينءَ کي ”هفت زبان شاعر“ چوندا آهن (والهه اعلم باالصواب) – مگر انهيءَ حقيقت کان به هرگز انڪار ڪري نه ٿا سگهون، ته پاڻ تمام گهڻن زبانن ۾ شعر چيو اٿس، باالخصوص سنڌي زبان سان ته سندس والهانه محبت رهي آهي سندس ڪلام تمام ڪثرت ۾ موجود آهي؛ جنهن جو تعداد ۹۳۰۶۳۶ چيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌيءَ کان سواءِ فارسي، سرائيڪي، پنجابي ۽ اردو زبانن ۾ به ملي ٿو. ازانسواءِ هو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته عربي ۽ هنديءَ ۾ به شعر چيو اٿس. شعر ۾ ”سچل“ ، ”سچو“ ۽ ”آشڪار“ تخلص استعمال ڪيل ملي ٿو.

سچل سائينءَ جو سمورو ڪلام سڪ سوز، دلگداز، انتظاري، بيقراري، جوش، جولان، موج مستي، حيرت، عبرت، حقيقت ۽ معرفت جي فاسفي سان سرشار آهي. سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ روانيءَ کان علاوه بيخوبي، وجد ۽ حال و قال جي ڪيفيت زياده نظر اچي ٿي. اڪثر ڪري موج ۽ مستيءَ جي حالت ۾ ”اناالحق“ جو نعرو هڻي، پاڻ کي ”خدا ڄاڻندو هو.

ري اولاد رهندي؛ ۹۵ ورهين جي ڄمار ۾، ۱۴ رمضان المبارڪ ۱۲۴۲ هه = ۱۸۲۹ع تي، ڳوٺ درازن ۾، پنهن جي وڏن سان وڃي آرامي ٿيو. هزارين عقيدت مند هر سال مٿس ميلو منعقد ڪندا آهن.

سندس فني ڪلام، فڪري لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو. خاص ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ”ڪافي“ جي فن کي عروج ڏيارڻ ۾ ڪمال درجي تي پهتل آهي. تصوف جي باريڪ بينيءَ سان معمور، نفي ۽ اثبات، ۽ فنا ۽ بقا، ذڪر ۽ فڪر، همه اوست ۽ وحدت الوجود جهڙا مسئلا سندس دانشمنديءَ جو واضح ثبوت آهن.

 


 

سچل سارو سچ

استاد غلام الله ڀٽو

حق موجود نعري جو موجد، سنڌ جو سر موڙ صوفي شاعر حافظ عبدالوهاب المعروف حضرت سچل سرمست سنڌ ۾ ان پيغام ۽ فڪر جو تسلسل آهي. جنهن کي قاضي قاضن، حضرت عبدالڪريم بلڙي واري ۽ سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ پنهنجي شاعري ذريعي عام ڪيو. حضرت سچل سرمستؒ جي شاعري جو بنياد، توحيد، عشق رسول ڪريم صه ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي. ڪٽر پڻي کان پاسو ڪرڻ آهي. سندس فڪر ۽ پيغام زمان ۽ مڪان ۽ علائقائي قيدوبند کان آزاد  آهي. لطيف سائين جيڪي ڳالهيون عام ڪيون آهن انهن رازن ۽ رمزن جو حضرت سچل سرمست رحه کليل اظهار ڪيو آهي. جتي ڀٽائي گهوٽ سنڌ توڙي سنڌي ٻولي لاءِ پنهنجي اندر جو عرق نپوڙيو آهي اتي سچل سرمست رحه به ساهي کڻڻ کانسواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي آهي. سندس ڪلام ۾ رندي رمزون ۽ باڪي هرهنڌ ڇلڪي رهي آهي ۽ سندس سر موڙ شاعري جو واضح ڪلام ۾ رندي رمزون ۽ بي باڪي هرهنڌ ڇلڪي رهي آهي ۽ سندس سرموڙ شاعري جو واضح دليل پيش ڪري ٿي. جيئن پاڻ فرمائن ٿا.

پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي،

پاڻ منجهان ئي پاڻ کي پوندءِ ڄڻ سڄاڻ،،

مکڻ آکر هيڪڙو سوئي کير سنباڻ،

اِهو اٿئي اهڃاڻ ڳهلا انهي ڳالهه جو.

جڏهن انسان پنهنجي وجود کي مٽائي هوڏ ۽ هستي واري مقام کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي ٿو ته کيس پنهنجي تن ۾ پرين جو پرتوو نظر اچي ٿو. ان نقطي کي وري سنڌ جي سرموڙ صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جن هن ريت بيان ڪيو آهي.

پيهي پروڙيم پاڻ، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،

پاڻ منجهان پاڻ کي، هي پڙ لاءُ پيوم،

صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.

انهيءَ نقطي کي اڃا به وڌيڪ ظاهر ڪندي فرمائين ٿا.

جان پروڙيم پاڻ کي، تان آءُ پنهون آهيان،

ڪنهن طرف ڪاهيان، جو طرف مڙئي تم ٿيا.

جڏهن بندو پاڻ سڃاڻڻ واري مفهوم کي سمجهي وٺي ٿو ته سندس اندر اجري پوي ٿو ۽ ذات صفات جا ويڇا ۽ وٿيون سڀ ختم ٿي وڃن ٿيون. انهيءَ رمز کي وري سرمست سائين هن طرح ونڊين ٿا.

مون ۾ آهين تون، تون ۾ آهيان مان،

بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين.

پاڻ سڃاڻڻ سان بندي کي وحدانيت جي واٽ ملي وڃي ٿي جڏهن بندي کي وحدانيت جي واٽ ملي ٿي ته پوءِ ان تي رسول الله صه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري لازم ٿي پوي ٿي. سنڌ جي سرموڙ صوفي شاعر حضرت سچل رحه رسول اڪرم صه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري تي محڪم رهندي. پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي فرمائن ٿا.

ڪل نبيان دا سرتاج محمد صه، بحر عرب امواج محمدﷺ،

قاب قوسين او ادنيٰ شرف شب معراج محمدﷺ،

امت تيري ڪيون غم کاوي، جس دي تي ڪون لاج محمدﷺ،

سچل ڪون غم ڪيها، ڪيتا لا يحتاج محمدﷺ،

جڏهن وحدانيت ۽ رسالت جي بندي کي پرک پئجي وڃي پوءِ ان جي اڳيان حجاب جا سڀ پردا کڄي وڃن ٿا. کيس هر جڳهه هر هنڌ حق  نظر اچي ٿو. اهڙو حق جو هوڪو ڏيندي حضرت سچل سرمستؒ جن فرمائن ٿا.

ذات، صفات هڪائي، ڀول نه وجهين ڀولي،

سوئي اندر، سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجي چولي،

تو ۾، مون ۾، هن ۾، هن ۾ هر جاءِ سچ سچل ٿو ٻولي.

پوءِ حق سچ ٻولڻ ۾ جيڪڏهن زماني وارا کيس ملامت جو نشانو بڻائيندي، ڪافر، مشرق، ملحد ۽ بي دينو چوندا رهن ٿا ته اهو انهن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي مقصد ۽ منزل ڏانهن وڌندو رهي ٿو. جنهن جو اظهار حضرت سچل سرمست رحه هن ريت ڪن ٿا.

ڪوئي ڪئين چوي، ڪوئي ڪيئن چوي

جوئي آهيان، آءُ سوئي آهيان

ڪوئي مومن چوي، ڪوئي ڪافر چوي،

ڪوئي عالم چوي، ڪوئي جاهل چوي،

جوئي آهيان، آءُ سوئي آهيان.

ڪوئي خاص چوي، ڪوئي عام چوي،

ڪوئي سچل سچل نانءُ چوي،

جوئي آهيان آءُ سوئي آهيان.

هاڻي اسان تي اهو فرض آهي ته حضرت سچل سرمستؒ جي ڏنل پيغام کي هئنين سان هنڊائي ان تي عمل ڪريون ڇو ته سندس پيغام ۾ اسانکي، وحدانيت جي واٽ، رسالت جي روشني، اهل بيت اظهار سان انيست، صحابه ڪرام رضه سان همدردي، انسان ذات سان پيار، جنگ و جدال کان نفرت، ٻڌي، ايڪي، ڀائيچاري، امن ۽ سلامتي جو درس ملي ٿو. آخر ۾ آءٌ حضرت سچل سرمست رحه جي شان ۾ عقيدت جو اظهار ڪندي پنهنجا تحرير ڪيل ڪجهه شعر پيش ڪندي مضمون کي پڄاڻي تي آڻيان.

آهي سچل سارو سچ

تون رمز انهيءَ ۾ رچ

تنهن جو درس درازن ديرو آ، تنهن جو ڦيرو ڪڏهن نه ميرو آ،

ڪوئي ويرو هت نه اويرو آ، هت هر دم صبح سويرو آ.

تون موج انهي ۾ مچ

آهي سچل سارو سچ

تنهن جي در تي جيڪو ايندو آ، سو مور نه خالي ويندو آهي،

تنهن جا ڏکڙا رب ڪٽيندو آ، تنهن جي دل جو مقصد ٿيندو آ.

هڪ وار رڳو تون اچ

آهي سچل سارو سچ

تنهن جو حق موجود جو نعرو آ، تنهن رستو وحدت وارو آ،

تنهن جو عرش مٿي اوتارو آ، تنهن و سچل نانءُ نيارو آ،

تون موج انهي ۾ مچ

آهي سچل سارو سچ

تنهن جو ”شرف “ ڪيو رب اعليٰ آ، تنهن جو شعر سخن ٿيو بالا آ

جنهن جو حرف حرف گل لالا آ، ڄڻ موتين جي ٿيو مالا آ.

جنهن سان قلب جو ڪورج ڪچ

آهي سچل سارو سچ

حق موجود سدا موجود

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۶ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

اچو ته سچل سرمست جي شاعريءَ مان سبق حاصل ڪريون!

تحرير: زين سولنگي

سنڌ جي عظيم ۽ بيباڪ شاعر حضرت سچل سرمست سائين جون تصنيفون سنڌيءَ کانسواءِ فارسي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪيءَ ۾ به آهن. فارسي ديوان ۾ پاڻ کي ”آشڪارا“ ٿو سڏي، مثنوين ۾ ”خدائي“ تخلص ڪيو اٿس. سنڌيءَ ۾ ”سچو ۽ سچل“ تخلص ڪيو اٿس. سچل سائين جي ڪلام جو تفصيل هن ريت آهن؛  ديوان آشڪارا (فارسي)، رازنامه (فارسي)، تار نامه (فارسي)، رهبر نامه (فارسي)، گداز نامه (فارسي)، رسالو (سنڌي ۽ سرائيڪي)، وصلت نامه، غزل بحر طويل، وحدت نامه، عشق نامه، درد نامه.

سچل سرمست رحه انسان جي عظمت جو پرچارڪ ۽ حامي هو. اهو ئي سبب آهي جو هن انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن خلاف نه صرف اعلان بغاوت بلڪ ڀير تي ڏوڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو. انسان کي پاڻ سڃاڻڻ وارو سبق ڏيندي غلامي ۽ ٻانهپ واري ذلت ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري کين صحيح مانُ مرتبو، عزت ۽ عظمت عطا ڪئي، سچل سائين فرمائي ٿو؛

ٽوڙ رواج  ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،

وهم ”سچل“ ڪـڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شاهاڻو،

ٻئي هنڌ ساڳئي ڳالهه سرائڪي مصرع ۾ هن ريت ٻڌائي اٿس، فرمائي ٿو ته؛

ڇوڙ  گمان گدائي والا، شملا ٻڌ چا شاهي دا.

سچل سرمست جي ڪلام ۾ سرمستي آهي، جا هن عطار ۽ منصور مان پاتي، هيءُ ڪنهن کان به ڊڄي نه ٿو. سچ ته هو اهڙي هستي هو جو بيدل سائين ءَ چيو ته ”عشق جا يارو درازن ۾ عجب اسرار هو“. سچل سائين سچ پچ ته شاعريءَ جي دنيا ۾ شينهن هو، سچل هڪ صوفي شاعر ته ضرور هو پر هن جي شاعريءَ ۾ انقلابي رنگ به سمايل آهي، ”امن جو امير“ هو. هن ظاهري رواجن ۽ رسمن جي خلاف آواز اٿاريو. سچل سائين الاهي موج ۽ مستيءَ سان شعر ۽ شاعريءَ جي ذريعي پاڻ سڃاڻن ۽ اخلاق الاهي پيدا ڪرڻ جو پرچا ڪيو آهي. سچل سائين دل جي گهراين مان نڪتل جذبن جو سچو ۽ من موهيندڙ ۽ روح ريجهائيندڙ اظهار بيان ڪرڻ جي صلاحيت سچل پنهنجي لاثاني دعائيه گيت ۾ پنهنجي سچن جذبن جو سچائيءَ سان اظهار ڪري ڏيکاريو آهي، ۽ احساس ڏيکاري لاجواب ڪم ڪيو آهي.

پار  سچل  تون  لاهين  ڪشالي،

گهونگهٽ کولڻا، ٻهه  ٻهه  ٻولڻا،

ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.

نامياري ليکڪ خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ هن طرح حضرت سچل سرمستؒ متعلق لکيو آهي ته؛

”سچل فقير علم موسيقي يا سنگيت وديا جي سرن، راڳن ۽ راڳڻين جي نظر تي ڪافي جا ڪيترائي نمونا ٺاهيا آهن. اهو ڪو ورلي سر، راڳ يا راڳڻي هوندي جنهن ۾ سچل فقير هر قسم جون ڪافيون نه ٺاهيون آهن. وڏي خوبي اها آهي، جو ڪنهن به ڪافيءَ کي دل جي مرضيءَ موجب ڪهڙي سر يا راڳڻيءَ ۾ ڳائي سگهجي ٿو. هن وقت تائين جيتري قدر سنڌي ڪلامن جي تحقيق ٿي سگهي آهي، تنهن موجب چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ڪافين جا نمونا ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ اچن پيا، تن جو بانيڪار سچل سرمست ئي هو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر ايترن نمونن ۾ ايتري انداز ۾ ڪافيون نه ٺاهيون هيون“.

نامياري ليکڪ گوبند مالهيءَ هن طرح چيو آهي ته؛

”مان هن ڳالهه سان شامل راءِ آهيان ته سنڌي سماج جي تاريخ ۾ شاهه، سچل ۽ سامي ائين آهن جيئن زمين جي اندر، ان جي تهه-به-تهه پيٽ ۾ اَملهه ۽ جرڪندڙ هيرا. وڌيڪ مان شاهه کي سنڌي تهذيب جو روح قرار ڏيندو آهيان ۽ سچل کي ان روح جو باغي آواز مڃيندو آهيان. منشي پريمچند جي راءِ پٽاندر هر اعليٰ اديب پنهنجي زماني جو ترجمان ئي نه آهي، ان کي بهتر بنائڻ جو آرزومند به آهي. هو حق جو حامي به آهي ته حق کي حقي جڳهه ڏيارڻ جي ڪوشس ڪندڙ به آهي. سچل سنڌ جو ئي نه پوري اپکنڊ جو چئجي کڻي ته مشرق جو به عيوضي اعليٰ شاعر آهي. سچل سارمست تاريخي دور ۾ ڄائو. تاريخ کان متاثر به ٿيو ۽ تاريخ تي اثر به وڌائين. سچل نغاري جي چوٽ تي اعلان ڪيو، ”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن وڻي نه وڻي.“ ۽ اهو نه وڻڻ جو سوال ماڻهن کان وڌيڪ حڪمرانن، اختياري وارن ڌرين لاءِ هو.“

ڊاڪٽر اين ميري شمل سچل سرمست کي ”سنڌ جو عطار“ قرار ڏيندي لکيو آهي ته، شاه عبداللطيف صوفيانه رمزن کي خوبصورت لفظن ۾ اصطلاحن ۾ لڪل رکيو آهي پر سچل سرمست پنهنجي تخلص ”آشڪار“ ۽ ”سرمست“ کي عملي جامو پهرائيندي، پنهنجي صوفيانه رمز کي کلئي لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. سچل جو ڪلام بنيادي طور هم اوست جي نظرئي جي اظهار کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. يعني، اهو صرف ۽ صرف اها ئي حقيقت اول (اوائلي حقيقت آهي) ۽ ٻيو ڪجهه به ڪونهي “.

سچل سائين فارسي ۽ عربيءَ جو ڳوڙهو اڀياسي هو. کيس قرآن شريف پڻ برزبان ياد هو. سچل سماع جو عاشق ۽ ايڪانت پسند هو. وجد جي حالت ۾ سندس زبان مان نڪتل شعر کي سندس فقير لکندا ويندا هئا. سچل پنهنجي شعر ذريعي سماج ۾ حقيقي جٽادار سماجي تبديلي ۽ ترقي جي ڳالهه ڪئي. هو ور ور ڪري چوي ٿو ته؛

سدا  هون سکيا، ماروئڙا ملير ۾،

شل  نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي.

يا ٻئي هنڌ هن طرح چيو اٿائون ته؛

سائين سنگهارن  جو، رکج  پن  پکي،

ڪوئي  تا  نه  لکي، هون سدائين  سرها.

سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي سماج جو مڪمل نقشو چٽيو آهي. هتان جون ريتون رسمون ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي. سندن فڪر، نظرين، عقيدن، سوچ، ويچار ۽ سنڌ جي هر شيءِ کي محبت سان پيش ڪيو آهي. اهڙو اظهار ڪٿي سنئون سڌو، ڪٿي اشارن ۾، ڪٿي ڪناين، علامتن ۽ تمثيلن ۾ ڪيو آهي؛

پوٿيون  پٽايم  جن لاءِ، اهي  مولا  ملايا،

يا ٻئي هنڌ هن طرح چيائون ته؛

جنهن  جي ڪارڻ  مون  ٿي ڦالون  وجهايون.

سچل سرمست رحه سنڌ کي سک، سڪون، ۽ خوشحالي جي دعا جو ڪهڙو نه موئثر لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي. سندن دلي ڪيفيت خلوصِ دل ۽ انداز بيان تي نظر ڪريو، ڪمال جي ڳالهه ڪئي آهي؛

سدا  سرها  هون، ماروئڙا  ملير  ۾،

مٿي  پنوهارن  پون، مهر  جا  شل مينهڙا.

يا

ميان ماروئڙن  تي، مهران  وسن مينهن،

شل  نه  ڏکيا  ڏينهن اچن آجرين تي.

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

عشق جو جام پيئندڙ سچل سرمست سان ڪچهري

سچل جي ٻه-سؤھين عُرس جي مُناسبت سان

ياسر قاضي

ڪورونا ايس او پيز تحت سڄي مُلڪ جُون درگاهُون بند آهن. درازي دُولهه جي درگاهه به ان ئي حڪم تحت عوام لاءِ بند آهي. اڄ سچّي سائينءَ کي هن جهان مان برقعو مٽائي ٻه صديون پوريون ٿي رهيون آهن. سوچيم، حڪومت ميڙو نه ٿي منعقد ڪري ته ڇا ٿيو! مان اڪيلي سر ٿو وڃي ”آشڪار“ جي قدم بوسي ڪري اچان ۽ کائنس منصوريءَ جي مؤج ۾ ’انالحق‘ جا ٻه ٻول ٻُڌي ٿو اچان. اهو سوچي وڏي اسُرَ ويل اُٿي، روزو رکي، فجر جي آذانن کانپوءِ، سڌو اچي ’درِ راز‘ ــ درازين پهتس. درگاهه تي سانت جو عالم هو. صحن ۾ پيلِي روشني اُڇلائيندڙ پولن جي لائيٽن اڳيان جُهولندڙ ٻٻر ۽ ٽالهيءَ جي پنن جا پاڇا رقص ڪندي، رومانوي منظر پيش ڪري رهيا هئا ۽ انهن وڻن جي هوا تي وڄندڙ پنن جي جهانجهر، ڄڻ ته ”عشق دا جام“ ۾ مخمور هجڻ جو ثبوت ڏئِي رهي هئي.

سڌو درگاهه جي مرڪزي هال ۾ گهڙي وڃي سچّي سائينءَ جي مرقد جي پيرانديءَ ڏانهن وڃي، سندن قدمن تي هٿ رکڻ لاءِ نوڙيس ئي مسَ ته آواز آيو:

”سائين، ٻاهر تخت تي آهن. فجر جي نماز پڙهي، جهٽ سوا اتي ويهندا آهن.“

کن لاءِ ته ڊڄي ويم ته ڪٿي غيبي آواز نه هجي! پر پوءِ پريان ڏٺم ته ڀت جي پاڙ ۾ نماڻو فقير (هاسي ٻائي) ڀت کي ٽيڪ لڳائي وار کولي ويٺي هئي، جنهن مونکي اهو جملو چئي، پن جي ٻِيڙيءَ مان ڪشُ پئي هنيو.

ٻاهر آيس... اڱڻ اُڪرِي، ان جي سامهون وارو لنگهه وارو دروازو ٽپي، تخت واري وسيع صحن وٽ پهتس ته دُولهه درازي، دستار مبارڪ پايو، وڏي چادر ويڙهيو، سنگِ مر مر جي اڏيل تخت تي ويٺو هو. ادب مان وڃي ’حق موجود‘ چيم.

”سچّا سائين! مُون اوهان جي مراقبي يا استغراق ۾ رُخنو ته ڪو نه وڌو؟“

سچّل پنهنجي ئي بيت ۾ وراڻيو:

جي فِڪر کَئُون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دُور

ھوندا سي حضور، آءُ ڳرھيون ڳالهڙيون

”سچّا سائين، اوهان سان ٿورو حالي احوالي ٿو ٿيڻ چاهيان... ٿورو رَهلو ڪرڻ ٿو گُهران... پر اوهان جي جلال ۽ سرمستيءَ کان ڊپ ٿو ٿئيم!“

مون ڊڄندي ڊڄندي، جهيڻي لهجي ۾ چيو.

سچل:

اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا

تَنھِن پڄاڻان وَڃُ، حَلاجِي حيرتَ ۾

”سچا سائين! خيالن جا بند ته ڀڃان، پر ادب آداب جي ڪري ڊپ جو مون تي طاري هجڻ فطري آهي.“

سچل:

جي تو ادب آهه، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين

ڪَلَ نه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي

اَدبُ اَٿئي اوٽ، اوٽِ ته اڳاھون ٿِئين

مارنغاري چوٽَ، عاشِقَ! ”اَناالحق“ جِي

”اوهان ته منهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏي... هاڻي مان آسانيءَ سان اوهان سان حال احوال ڪري سگهان ٿو.“

”دولهه درازري! روزو اٿَوَ؟“

سچل:

روزا ڪيئي، نفل نِـمازان، توڙي سَو ورد وظيفا

سَڀيئِي لڳَ ظاھِر آھن، سبق ساڄن پَڙھَاياسي

”اوهان جي سوانح نويسن بقول، بلُوغت کانپوءِ اوهان حياتيءَ ڀر اوهان هڪڙي به نماز ۽ هڪڙو به روزو نه ڇڏيو. اهو صحيح آهي؟“

سچل:

ڪَيَڙو مست پرينءَ جي ناز مونکي

وسريو روزو نه ياد نماز مونکي

”سچّا سائين، اداس پيا ڏسجو!؟“

سچل:

ڀينَر ھن ڀنڀور ۾، منھنجو ڪارِ نه ڪمُ

اَٿم آريءَ ڄام سان، دوستيءَ وارو دمُ

ماڻهن ليکي غمُ، پر سُک ”سچو“ ٿو ڀانئيان

”ڇاکي ٿا سُک ڀائنيو؟“

سچل:

قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آھي عاشِقَن کي

روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ

سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ

اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ

رِيءَ پَروڙڻ پانھنجي، آھِ شيطانن شِڪارُ

”سچو“ ھِي سَنسار، سارو پاڻَ سَھِي ڪرِين

”ٻيو سال آ، جو ڪورونا سبب اوهان جي درگاهه تي ميڙو نٿو لڳي. اوهان ان ڪري اداس ته هوندئو!“

ھِڪُ سَفَرساعَتَ، ٻيو سَفر سالَ جو

پھريون تا راحتَ، پويون تا پوءِ رَھيو

”هن سال ته اوهان جي وصال کي ۲۰۰ ورهه پيا پورا ٿين. ڪورونا نه هجي ها ته هيل ته حڪومت وڏو خرچ ڪري ها... خاص بجيٽ منظور ٿئي ها... ۲۰۰ ساله يومِ وفات جو اهتمام ٿئي ها...! عالم، اديب اوهان جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ اچن ها... خاص محفلِ موسيقي منعقد ٿئي ها. گورنر، وزيرِ اعليٰ خاص حاضريون ڀرين ها. اوهان جي اداسيءَ جو هڪ سبب اهو به ته ناهي؟“

سچل:

جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي

ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد يارِي

وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي

”ها سچا سائين، ايئن ته آهي... يار زندهه... صحبت باقي...“

سچل:

ميلو ٿيندئي، ميلو ٿيندئي، نينھڙو لايو،

جُڙيا جانِي، مون سان ميلو ٿيندئي!

”ضرور ٿيندا رهندا ميلا سچّا سائين... اوهان جي وصال کان ۱۰۳ سال پڄاڻان سنڌ ۾ استاد بخاريءَ نالي هڪ شاعر پيدا ٿيو هو، جنهن چيو هو:

محبت بچي پوي پو، ميلا به ٿيندا رهندا

دل جا ڀڄي انهيءَ کان محفل ڀڳي چڱي آ“

”ڀلا مستقل درگاهه تي ئي قيامي هوندا آهيو؟ يا سير سفر لاءِ ڪيڏانهن نڪري به ويندا آهيو؟؟؟“ مون ڳالهه جاري رکندي چيو.

سچل:

گَنگا کانءُ گُذرُ، آھي ڪنِين ڪاپَڙينِ جو

ڪڏھن لوڪ نه لَڙيا، سدا تَن سَفرُ

آھي نامُ مَشَرُ، اُنهن اڌوتِين جو

”جي؟“

مون ڳالهه نه سمجهندي پڇيو.

سچل:

جوڳي آھن جي، گوش گنگا ڏي تَن جو

آھِن ڪوڏيا ڪاتَ جا، پُڻ ڪاپَڙي ڪي

سِرُ سنباھِن سي، جنين ناتو ناٿَ سان

”سچّا سائين، ايئن ڪيئن گنگا ويندا هوندئو؟ ڀارت جي ويزا لڳرائڻ ڪا سولي آ؟ ۲۰۰ سال اڳ ته نه سرحدون هيون، نه حدبنديون ۽ تڏهن ته اڃا هندوستان جو ورهاڱو به ڪونه ٿيو هو. هاڻي ٿورئي هوندو سؤلو اوهان لاءِ واهگا يا کوکرو پار اُڪرڻ... ۽ اوهان جهڙي بي باڪ ’منصورِ ثانيءَ‘ لاءِ ته بنهه نه...“

سچل:

جوڳين اوري جُوءِ، جي لوڪان لعل لِڪي ويا

لاھوتِي لنگهي وڃِي، حُر پيا ۾ ھُوءِ

راسِخَ روبرُوءِ، وڃِي ٿيڙا ناٿَ جي

”ماااااارررر!!! پوءِ اوهان کي ’سرحدن جا محافظ‘ ڪجهه ڪونهن چوندا؟ خاص ڪري لڊاڻي، جيسلمير، گنگا، جمنا جو پسار ڪري اچڻ کانپوءِ ’اسان واري پاسي وارا‘ تنگ ناهن ڪندا؟“

سچل:

جوڳِي آھن جالَ، پر لاھوتِي لنگهي ويا

ھي مِڻ مِڻ ڪَنِ مَڻِيَن سين، ھو کڙا مٿي خيالَ

سي لانگوٽيا لالَ، ڀينَر ڀاڳِ ملن مون

”اڇا! معنيٰ اوهان سان به ’مِڻ مِڻ...‘ ڪن ٿا نه! ڀلا ڀارت ۾ ڪورونا جي تازي صُورتحال ڏسي آيا آهيو؟ ٻڌو آ آڪسيجن نه هجڻ جي ڪري اتان جي جنتا روڊن تي پئي دم ڏي...!؟“

سچل:

پُورب ڇَڏي پوءِ، آڌوتِي اَڳي ٿيا

ويا اُڪنڊيا اَڳنان، نه ڪنھن لَڙيا لوءِ

رِجائي رتُ روءِ، ويٺي واٽَڙيَن تي

”الا...!؟ صفا ايئن...!؟“

”ڀلا اسانجي ملڪ جي موجُوده سياسي صُورتحال تي ڇا چوندئو؟“

سچل:

ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئيان!

وس نه آھيان پانھنجي، واڪو ڪَيمُ بيوَس،

مين ديوانڙي ٿَئيان

لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نه اَچي رَس،

حالَؤن ھُڻ مين ڳَئيان

مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نه اَچي ڪَس،

قابو عَشق ڪَئيان

”اهڙيءَ صُورتحال تي نه رڳو حيران آهيان... پر پريشان به...“ سچل سائينءَ بيت کانپوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.

”حيران ڇو؟ ۽ پريشان ڇو!؟“

سچل:

مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو مُنجهايا

شيخي پيري بزرگيءَ، بيحد ڀُلايا

ڪي نمازون نوڙي پڙهن،ڪن مندر وسايا

اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي

”پر اوهان ته نه رڳو عشق کي اوڏا آيا، بلڪه عشق جو جام پي، مستو مست مدام به ٿيا...“

سچل: ”ٿيُس... پر ان ’مئي متيءَ مهراڻ‘ مان ڪيترا ’پُوڄارا پُر ٿيا...؟‘ “

”پر ڪنهن جي فيض نه پرائڻ سان اوهان جي پيغام کي ته ڪٽُ ناهي لڳڻي!“

سچل: ”ان پيغام جو اثر ڪيترن ورتو؟ اڄڪلهه ڏسين ڪونه پيو؟ ملڪ جي رستن تي:

ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين منجهه مُلن

ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجهه ڪُنڊن

ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن

ڪاٿئين رھن تقوىٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچُن

ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ۾ سيرن“

”اوهان جي بقول ’عقيدن‘ کي تماشو بڻايو ويو آهي؟“

سچل: ”ٻيو نه ته...؟

هي ته شڪر آهي، جو هن قوم ۾ مطالعي جي عادت ڪانهي. پڙهڻ کان ونءٌ ٿا وڃن، جي پڙهن به ٿا ته انهن جي ڏاهپ جو معيار ايڏو ناهي، جو کين صوفياڻو فڪر سمجهه ۾ اچي، انڪري کين رهبر لطيف جو ۽ منهنجو پيغام سمجهه ۾ ئي ڪونهي آيو. جيڪڏهن هي ڀٽائي سرڪار جو ”عاشق عزايل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا“ ۽ ”ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا...“ ۽ منهنجا ”ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي...“ يا ” ڪي جو مُحب لِکيو، سو مُلان واچڻ نه آئيو... پَر هُئڙو اڳ سُکيو، جنھن مطالع نه ڪيو“ جهڙا بيت پڙهي وٺن، ته درازي درگاهه سان به اهو حشر ڪن، جيڪو هنن شڪارپُور لڳ ماڙيءَ ۾ ۶ سال اڳ، حاجن شاهه ماڙيءَ واري جي درگاهه سان ڪيو هو.

اوهان اسان تي رڳو ميلا ملهائڻ، سُکائون باسڻ، چادرون چاڙهڻ ۽ پُٽَ پنَڻ کانسواءِ ٻيو ڪيو ڇاهي!؟ اوهان ڪڏهن فريدالدين گنج شڪر کان شاهه ڪريم، گرُو نانڪ کان ميين شاهه عنات، ڀٽائي سرڪار کان مون ۽ مونکان پوءِ بيدل بيڪس تائين اسان مان ڪنهن به هڪ جي پيغام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ جي سمجهو ها ته اڄ ’اروڙ جو مست‘ اوهان انتها پسندن جو ايئن نشانو بڻجي سرُ نه بچائيندو وتي ها! جنهن مونکي ٽربُل ۾ ڏسي ’سچل اِن ٽربُل‘ ڪهاڻي لکي هئي. اڄ به مان ان ئي ’ٽربُل‘ ۾ آهيان ۽ ان انتهاپسنديءَ جي آزار مان اڄ به ناهيان نڪتو، جنهن جي خلاف مون عَلم بلند ڪيو هو. اڄ هن ڏيهه جا ماڻهو شعور جي چشمن مان سير ٿيل هجن ها، ته منهنجيءَ ئي سنڌ جا اهي اڻ پڙهيا، بي شعورَ ۽ تهذيب جا دشمنَ، ’ڪنگ پريسٽ‘ سان اهو حشر ڪن ها؟ جيڪو اڄ ڪيو اٿن. سرڪار انتها پسند سياسي دهشتگرد ڌرين آڏو ايڏي بيوس هجي ها؟ جو پهرين مٿن پابندي مڙهي، پوءِ ساڻس ڳالهيون ڪري ۽ سندن سڀ جائز ناجائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي؟ ۽ جيڪڏهن اسان صوفين جو پيغام ڪنهن عقل ۾ آماجگاهه جوڙي ها، ته اڄ مذهب جي نالي تي سياست ٿئي ها!؟ ۽ انهن پاران ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي نالي تي غريب عوام توڙي سرڪار جي ڪروڙن جي ملڪيتن کي ايئن نقصان پهچايو وڃي ها؟

جِھڙو آھين تِھڙوھوندين، فانِي ٿيندين ڇا؟

سُڌ پنھنجي سِر جي، ڪامِلَ پِيَڙءِ ڪا

ڳالهه نه سمجهيئي سَا، آوازي ’اَناالحق‘ جِي“

سچل سائين، هڪ ساهيءَ ۾ سڀ ڪجهه چئي ويو ۽ مان اکيون کولي کيس حيرت مان ڏسندو رهجي ويس! ”سچُوءَ“ جو لفظ لفظ سراپا سچّ هو... پر اهڙو سچُّ، جيڪو هن معاشري جي فرد جي حيثيت سان مون لاءِ به شرمندگيءَ جو باعث هو.

مُون سندس لهجي توڙي اکين ۾ اهڙي سرمستي ڏسي، جو کانئُس وڌيڪ ڪجهه پُڇڻ جي همّت نه ساري ۽ ڊڄندي ڊڄندي کانئس آخري سوال ڪيم:

”سنڌ جي نؤجوان کي ڪهڙو پيغام ڏيندا، سچّا سائين!؟“

سچل:

اُٿي ڪمر ٻنڌ، لوچ، ته لَھين سُپرين

ھوتاڻِن جو ھنڌُ، ڏسين اَکڙينِ سان

سچّي سائينءَ کان موڪلائَي، درازي درگاهه کان نڪري، پنڌ پنڌ، قومي شاهراهه تائين آيس. ميرانجهڙو صبح ٿي چڪو هو. روشن سويرو ٿيڻ وارو هو، پر اسان جي ذهنن ۾ شعور جي سُورج جي شاخن ڪڍڻ ۾ اڃا گهڻي دير هئي.

هڪ دفعو وري ڪنڌ ورائي، سچل سائينءَ جي درگاهه ڏي نهاريم، جيڪا سچل جي پيغام وانگر اڻٽر، مَ ڊڄي ۽ اڏول بيٺل هئي. مونکي اياز جو اهو ٽيڙُو چپن تي تري آيو:

هل درازا هلُ!

تنهنجا سڀ مولوي،

منهنجو هڪ سچلُ.

 

(روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، اربع، ۲۸ اپريل ۲۰۲۱ع تي مُک ليک طور شايع ٿيل)




سچل سر مستؒ

سچل سر مستؒ جي سر سسئي جو فلسفو

سعيد چانڊيو

سنڌي شاعري جي افق تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر کي مان مليو اهو آهي سچل سرمست. سچل سرمست وارو زمانو ادبي لحاظ کان ڪمال جو دور هو، سندس زندگيءَ جي ابتدائي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي. ڪلهوڙا جيڪي سنڌ جا اصل رهاڪو هئا، سندن دور سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي ادبي لحاظ کان وڏي اهميت وارو هو. هي اهو دور هو جنهن کي سنڌي ادب جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. سچل سائين جي زندگي جا آخري ستيتاليهھ سال ٽالپرن جي صاحبي واري دور ۾ گذريا. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ عروج ماڻيو، هن دور ۾ ڪلاسيڪي شاعري جي پختگيءَ سان گڏوگڏ علم عروض جي استعمال ڪري سنڌي ادب ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال جو رجحان وڌيو، اهڙي طرح سنڌي ادب جي آبياري ۽ واڌ ويجهھ ٿي.

سچل سرمست ساڃاھ ۽ شعور وارو شاعر هو، تنهنڪري ئي سندس ڪلام گھڻ پاسائون آهي. سندس ڪلام ۾ رندي ۽ بيباڪي به ملندي ته مستي ۽ مڌُ به ملندو، انتظاري ۽ بيقراري به ملندي، حب الوطني، همت ۽ حوصلو به ملندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته :

“سچل سرمست غور ۽ فڪر جو شاعر آهي، ۽ اعليٰ فڪر پيش ڪري ٿو. سندس سوچ تمام مٿانهين آهي جنهن ۾ خيال ۽ فڪر جي آزادي آهي، انساني زندگي، مزاج ۽ فطرت جو تجزيو آهي. سندس خيال ۽ فڪر صرف تصوراتي نه آهي، پر ان جي هڪ عملي صورت پيش ڪندي تلقين ڪري ٿو ۽ پيغام پهچائي ٿو. پر افسوس جو سندس پيغام کي پرکڻ وارا ڪونهن.”

سچل سرمست وٽ به سورمي سسئي جو ڪردار شاھ لطيف وانگر جدوجهد ڪرڻ وارو، تڪليفون سهڻ وارو ۽ تڪليفن سان ئي مقصد کي ماڻڻ ۾ ويساھ رکي ٿو. ان کان علاوه هن سر ۾ خالق ۽ بندي جو رشتو به سمايل آهي ته ٻانهي کي گھرجي ته هو پنهنجي مالڪ ۽ خالق آڏو آزي نازي سان ٻانهپ جو مقام حاصل ڪري، ۽ اهڙي طرح عارف بندي کي عارفانه مقام تڏهن ملندو جڏهن هو رحمت للعالمين جي رحمت ۾ اميد رکندو. سچل وٽ سسئي ڏکن کي سک جو انعام سمجهي ٿي ۽ ڏکن منجهھ ئي سکن جي اميد رکي ٿي. ماٺ ڪري ويهڻ کي مهڻو ٿي سمجهي ۽ ان ڪري پئي ٿي ڏوري. غفلت ۾ وڏو نقصان ٿي ڀانئين تنهنڪري هو سجاڳي کي پسند ڪري ٿي ڇو ته سجاڳي ۾ ئي انساني ڪاميابي جو راز سمايل آهي. سچل سرمست نا اميد ۽ نراسائي کان وڌيڪ اميد ۽ آس جو قائل آهي. هو محنت ۾ پختو يقين رکي ٿو ۽ ماٺ ڪري ويهڻ کي مهڻو سمجھي سسئي جي واتان ٿو چورائي ته :

متان وهين ماٺ ۾، منجھ جلديءَ ڄُل،

هتي ويھ نه، هل، تان ڪي پڄين پنڌ کي.

سچل وٽ قول ۽ فعل به وڏي معنيٰ پيو رکي، ڇو انسان جي سچائي يا صادق ۽ امين هجڻ جي اندازو سندس قول ۽ فعل مان لڳايو ويندو آهي. سچل هڪ جريد عالم هو، تنهنڪري هو قول ڪرڻ ۽ ان کي پارڻ جو قائل هو پوءِ ڀلي ڪيتريون به تڪليفون پلئه پون پر پنهنجي قول تي قائم رهڻ کي وڌيڪ ٿو اهميت ڏئي. تنهنڪري فرمايائين ته:

ويھ مَ وساريج، متان ماٺ ڪري ويهين،

قولُ اهو پاڙيج، هو جو ڪيڙئي هوت سان.

جيڪي سکن جا متلاشي آهن، اهي اصل ۾ هڏ حرام آهن، اهي تريءَ تي بهشت ٿا گھرن جيڪو ملڻو ناهي. پر پوءِ به هو ان ڳالهھ ۾ ويساھ ٿا رکن ته پاڻ ئي ڪم ٿي ويندو. سچل سرمست انهن کي خبردار ٿو ڪري، هو چوي ٿو ته جيڪي سک سان ويهي رهيا انهن منزل ڪو نه ماڻي، انهن کان سندن منزل ڏور ٿيندي ٿي وئي جيڪا هو ڏسن ڪو نه ٿا. حقيقت ۾ جن سکن سان سنگت رکي انهن ڪاميابي کي ٿڏي ڇڏيو.

جي گدر گوش نه ڪن، کُھ پيون سي سرتيون،

جن سنگت ساڻ سُکن، سي پاڻون هوت پري ڪيون.

سچل سکن جي اصلي مزي ۽ حقيقت جي ڳالھ ڪندي فرمائي ٿو ته جن کي سکن جي حقيقت معلوم آهي، اهي ڏکن ۽ ڏولاون جي پرواھ نه ٿا ڪن، نه فقط ايترو پر هو پنهنجو سرساھ به قربان ڪري ڇڏين ٿا. ڇو ته هنن کي خبر آهي ته سک ملندا ئي ڏکن کان پوءِ آهن، تنهنڪري انهن سکن جو مزو ئي پنهنجو آهي جيڪي تمام گھڻن ڪشالن کان پوءِ ملندا آهن. تنهنڪري سچل سسئي جي زباني چوايو ته:

سينڌيون جي سکن، تنين گوندر گھوريا،

ڏنم ڪڱاڻ ڏکن، هي سر سارو سٽ ۾.

سسئيءَ کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ پنهنجي پرينءَ جي ذات هئي، سندس لبن تي هر وقت ان جي ئي تات هئي، حقيقت ۾ پنهنجي مراد کي ماڻن جو اهو ئي حقيقي رستو آهي، ته توهان پاڻ کي ٻين کان وڌ نه سمجھو، ڇو ته جي جيڪڏهن توهان پاڻ کي مڪمل سمجھيو ته پوءِ اوهان ان مقام کي ڪو نه پهچي سگھندئو جنهن جي توهان کي تلاش آهي. اهو ئي سبب آهي ته سچل سسئيءَ جي ڪردار ۾ اها ڳالھ رکي ته هوءَ پنهنجي جان کان وڌيڪ پنهنجي طالب جي ذات کي عزيز رکي ٿي ۽ هر دم سندس وات اها ئي وائي آهي ته:

جَت موچاري جاتِ، چڱي جاتِ جتن جي،

وائي تن جي وات، سدا اٿم سرتيون.

سچل سرمست وٽ نون خيالن جي کاڻ هئي، جنهن جي اظهار جي هن نئين راھ ڏيکاري. جنهن تي سندس همعصر ۽ پوءِ ايندڙ شاعر ان راھ جا راهي بڻيا. هن صوفيانه فڪر کي هڪ جداگانه رنگ ڏنو، جنهن جر تتبع سندس همعصرن ۽ پوءِ ايندڙ شاعرن ڪئي، نه صرف فڪر جي پوئواري ڪئي اٿائون بلڪه هنن سچل سائين جي اسلوب بيان، ڪافي جي فني گھاڙيٽن، لفظن جي چونڊ ۽ استعارن کان علاوه اصطلاحن ۽ فقرن جي استعمال واري واٽ ۾ هو سچل جا پوئلڳ بڻيا آهن.


سچل پنڌ عشق دا سچا، ٻيا ڪل پنڌ اجايا

اسد چنا

سنڌ ڌرتيءَ کي جتي ٻيا اعزاز ۽ فَضيلتون حاصل آهن انهن سان گڏ اهو اعزاز به حاصل آهي ته سنڌ ڌرتي پنهنجي قديم ثقافتي ورثي سان گڏ صوفين جي ڌرتي آهي، تاريخ جا ورق ان ڳالھه جا چٽا ثبوت آهن ته هتان جا قديم رهواسي صوفياڻي مزاج جا آهن هنن وٽ ڪو به مذهبي مت ڀيد نه آهي، امن پسند، اخوت ۽ ڀائيچاري واري جذبي سان هميشه سرشار رهيا آهن اهڙي طرح جڏهن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي نظر وجهبي ته اها به سڄي تصوف جي فڪر ۽ پرچار سان ڀريل ملندي.

قاضي قادن کان وٺي بيدل، بيڪس تائين سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن سدائين حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪئي آهي، مذهبي رواداري جو پيغام ڏنو آهي انسانيت جي اعلي آدرشن جي ڳالهھ ڪئي آهي، پوءِ انهن مان ڪن اشارن، تمثيلن ۽ تلميحن، ته ڪن وري وڏي واڪي ڀير تي ڏونڪو هڻي حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪئي آهي، سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۾ لطيف سرڪار کان پوءِ جنهن شخصيت جو وڏو مقام آهي ۽ جنهن جي ڪلام ۾ منصوري مام، رندي بيباڪي، سمايل آهي جنهن انهن سڀني راز وارين ڳالهين کي اناالحق جو نعرو هڻندي کليو کلايو اظهار ڪيو جن کي لطيف سرڪارپنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر راز ۾ رکيو، جنهن وڏي ديده دليري سان فرمايو ته “نوري ناري ناهيان آهيان رب جبار، جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀائنيو.” اهو آهي فقير عبدالوهاب المعروف سچل سرمست. سائين منهنجا سچل سائين جو ڪلام جيئن ته پاڻ سڃاڻڻ، مذهبي ڪٽرپڻي کي نندڻ، وحدت الوجودي فڪر جي پرچار، رواداري، ڀائيچاري ۽ اخوت جهڙن موضوعن تي ڀرپور ملي ٿو ان سان گڏو گڏ اها واٽ به ٻڌائي ٿو جيڪا معرفت جي منزل کان اڳتي پهچڻ ۽ الاهي اسرارن جي آشڪار ٿيڻ جي واٽ ۽ دڳ آهي، اهو سڀ ڪجھه زهد، تقوا، عبادت، رياضت، جي هجڻ سان گڏ اهو مقام جنهن جي لاءِ سچل سائين فرمائي ٿو ته

پيهي پروڙيم ته پنهون پاڻ ئي آهيان

پاڻ منجهان پاڻ کي هي پڙلاءُ پيوم

صحيح ڪن ڪيوم ته غير گمان اٿي ويا.

سائين منهنجا اها منزل جتي پهچڻ کان پوءِ سڀ وهم، گمان ختم ٿي وڃن جٿي طالب ۽ مطلوب ۾ ڪا وٿي نه هجي،ان منزل تي پهچڻ جي واٽ، سچل سائين عشق جي واٽ ٻڌائي آهي

سچل پنڌ عشق دا سچا ٻيا ڪل پنڌ اجايا

عشق جنهن جي لاءِ حسين بن منصورحلاج چيو ته عسق جي نماز آهي ٻه رقعتون پر ان جي لاءِ وضو رت سان ڪرڻو پئي ٿو. سچل سائين به ان عشق جي واٽ جي ڳالهھ ڪئي آهي اهو دڳ اهڙو هادي آهي جو اتي سڀ مذهبي اختلاف گم ٿي وڃن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ((شاھ، سچل، سامي)) ۾ لکي ٿو ته ((حافظ چوي ٿو ته بنده عشقيم، و از هر دو جهان آزاديم. يعني عشق جو ٻانهو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان فارغ،)) سچل به عشق کي پنهنجو مذهب ڪري مڃيو آهي جيڪو ٻيا سڀ مذهب معاف ٿو ڪرائي،۽ سچل سائين وڏي واڪي ان ڳالهھ جو اقرار ٿو ڪري ته اسان اهي ظاهري عابد ناهيون جيڪي ٺھي جا ٺاھ ٺاهيون ويٺا آهن،هونئن به الله پاڪ محبوب حقيقي جي عبادت ان لاءِ ناهي ڪئي ويندي ته ڪو ان کي عبادت جي ضرورت آ، پر عبادت ان لاءِ هجڻ گهرجي ته هوئي عبادت جي لائق آهي. ۽ اهڙو اظهار سچل سائين ڪندي فرمائي ٿو ته اسان اهي ظاهري پير، ملان قاضي ناهيون اسان جيڪوبه ڪجھه سکيو آ اهو سڀ عشق الاهي سکيو آ،

بزرگ شيخ مشائخ يارونا مخدوم ٿياسي

نڪي قاضي نڪي ملان معلم پير بڻياسي

نڪي ٺاھ ٺڳي جا ٺاھي رنگ رساءِ رکياسي

سچا ٻاجهون عشق الله جي ڪو هنر نه سکياسي

سائين منهجا عشق  الاهي ئي اهڙو دڳ،اهڙو رستو،اهڙي واٽ آهي جيڪو عاشق کان ٻيا ڪشالا ڇڏرائي تن اندر طواف ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عاشق کي ڪنهن ٻي جاءِ تي محبوب کي ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي صوفين وٽ مجاز حقيقت تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ تصور ڪيل ملي ٿو مجازي حسن هڪ پردو آهي جنهن جي پويان حقيقي محبوب پنهنجو جمال لڪايو آهي، جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته

پاڻهي جل جلاله پاڻهي جان جمال

پاڻهي صورت پرين جي پاڻهي حسن ڪمال

پاڻهي پير مريد ٿي پاڻهي پاڻ خيال

سڀ سڀوئي حال منجهان ئي معلوم ٿئي (شاھ)

سائين منهنجا اها معرفت واري منزل مجاز کان حقيقيت ڏانهن واري واٽ سچل سائين عشق جي واٽ ٻڌائيندي اهو به واضع ڪيو آهي ته حضرت انسان ئي آهي جنهن کي اها عشق جي سوغات عطا ٿيل آهي۽ انهي عشق جي برڪت سان انسان حقيقي محبوب سان ملي ٿو،اها عشق جي سوغات، امانت فرشتن کي به ناهي مليل،

ناهي ميسر ملڪن اها امانت

ان عشق جي امانت جو بار کڻڻ ڪو سولو ڪم ناهي ان جو بار وڏو ڏکيو آهي ملائڪن به اها امانت ان ڪري نه قبولي سچل سائين فرمائي ٿو ته

سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي،نيهن کڻن ڪي نيهي

ملڪ فلڪ تان ڪين قبولي عشق امانت ايهي

سچل سائين انسان کي مليل ان عشق جي امانت کي کڻڻ کان پوءِ اهو به واضع ڪري ٿو ته اهو عاشق سڏائڻ ڪو سو لو ڪم نه آهي پر ان تي قائم رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي الاهي عاشق سڏائڻ مشڪل بازي آهي

سچو سارا مشڪل بازي عاشق نام سڏاون

عاشق نام سڏاوڻ سوکا،اوکا اس پر رهڻا هي

جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته (عشق ناهي راند جو کيڏنس ڳڀرو)) سائين منهنجا جڏهن عشق الاهي جي چڻنگ سالڪ جي دل ۾ لڳي ٿي ته پوءِ عقل، علم، سڀ حيران ۽ دنگ رهجي ٿا وڃن مطلب ته صرف و نحو، فقه، فلسفا، منطق، سڀ عشق جي عميق ۾ اچي ختم ٿي وڃن ٿا.جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته، ((عقل، مت، شرم ٽيئي نيهن نهوڙيا)) ته سچل سائين به اهڙو ئي اظهار فرمايو ته

طبل سڀ تم ٿيا جڏهن نوبت نيهن وڄائي

نحو صرف ويو سڀ وسري جاتي پاڻ خيال کپائي

رمز پنهنجي راز جي تو سچو کي سمجهائي

ڪتابن ۾ وڌم منهن ٿي ته ٿئي خور سندگي حاصل

لڳي دل اوچتي توسان وسري برھ ب ت ث

سائين منهنجا اهو الاهي عشق جنهن م منصور بن حلاج مرڪندي سولي تي چڙهي ٿوجنهن جي رمز ۾ اچي حافظ ۽ سچل سائين جهومڻ لڳن ٿا اها هڪ الاهي عنايت آهي جيڪا ڪنهن تي به نازل ٿي سگهي ٿي،اهو عشق ڪنهن جي پنهنجي اختيار م نه آهي پر قدرت جي طرفان انهن سچن سالڪن جي لاءِ هڪ سوغات آهي ۽ سچل سائين ان ڳالهھ جو برملا اظهار ڪندي اهو نڪتو سمجهائي ٿو ته اها عاشقي پنهنجي اختيار م نه آهي ته ڪو محنت ڪري حاصل ڪجي اها هڪ ڏات آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن بادل کي پنهنجي هٿ سان پڪڙي پنهنجي مٿان مينهن وسايو آ اها ته رب جي رحمت آ ته ڪٿي ٿي نازل ٿئي، سچل سائين فرمائي ٿو ته

عشق عطار الاهي ملدانهين ڪوئي ڪسب ڪماڻدا

ڪڪر ٿا ڪنهن هٿ نهين انداسر تي ابر وساوڻدا

سائين منهنجا مجموعي طور تي سچل سائين وٽ عشق جي اپٽار گهڻي ۽ واضع انداز م ملي ٿي جنهن مان خبر پوي ٿي ته ظاهري طور تي ورد وظيفا حقيقي محبوب جو وصال حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن پران حقيقي وصل لاءِ عشق جو هجڻ لازمي آهي ۽ اهو عشق ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهي اها سوغات الاهي آهي جنهن تي هو راڻو راضي ٿئي ۽ عطا ڪريس، سچل سائين ڏاهپ، دانشمندي جو ڌڻي آهي ملاڻڪي ماحول ۽ انسان دشمن ريتن رسمن جو سخت مخالف آهي سندس ڪلام انسان  دوستي، رواداري، کي نقصان پهچائيندڙ مذهبي ڪٽرپڻي وارين روايتن جي خلاف اعلان بغاوت آهي. ماضي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي امن سڪون رواداري واري ڌرتيءَ تي ڌارين پاران جيڪي ڪاهون ڪيون ويون ۽ سنڌ ڌرتيءَ واسين ڏاڍا سور سٺا ڪن کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو ڪي سوريءَ جو سينگار بڻيا، ته انهن ۾ ڪي اهڙا به عالم سڳورا هئا جيڪي انهن دين جي ٺيڪيدارن حملا آورن جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ پيري مريدي جو پوش پائي ڪاني ڪرامت وارا ٿي ويٺا، ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي ڪتاب ((شال نه وسرين تون)) ۾ لکي ٿو ته ((مغلن جي دور ۾ جيڪي عالم سڳورا، زاهد، شيخ، پير، ۽ بزرگ دهلي جي درٻار سان وابست هئا انهن جي پيري مريدي سنڌ ۾ به هئي انهن جو ڪاني ڪرامتي هجڻ ڌارين جي ايجنٽ هجڻ جو ثبوت آهي ان کان علاوه ڪن عالمن سڳورن پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن جي ذريعي تفرقي بازي کي هواڏني ته جيئن گهڻا مذهبي ٽولا وجود م اچن ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن. )) ته سائين منهنجا جڏهن شيخ مشائخ ۽ بزرگ اهڙي قسم جي تعليم ڏيندا رهيا ته سچل سائين جهڙو بي باڪ، سچار، وڏي واڪي انهن جي سفاڪ چهري تان شرافت جو پردو ڇڪي لاٿو ۽ عوام کي ٻڌايو ته

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا

شيخي پيري مريدي بي حد ڀلائيا

ڪن نمازون نوڙي پڙهيون ڪن مندر وسايا

اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق جي

بيت ۾ سچل سائين جتي مذهبي جنونيت کي نندي ٿو ان سان گڏ اها ڳالهھ به واضع ڪري ٿو ته بزرگي، پيري، مريدي صرف ظاهري عبادتن سان حاصل نه ٿي ٿي سگهي جيسيتائين عشق وارو دڳ نه وٺبو،موجوده دور ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ رواداري قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي صوفياڻي فڪر کي ٻيهر جيارجي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان شاھ، سچل، سامي جي ڏسيل واٽ عشق جي دڳ کي اختيار ڪنداسون، باقي سڀ پنڌ اجايا آهن.


سچل ميڏي گهر آيا

رکيل مورائي

سنڌي اساسي شاعريءَ جي بنياد، قاضي قادن کان وٺي شاهه لطيف تائين جو وچ وارو دور تاريخ ۾ شاعريءَ جو سونهري دور  ڳڻائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ئي دور ۾ مخدوم سرور نوح، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سوامي پراڻ ناٿ، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت رضويءَ جهڙا باڪمال شاعر موجود رهيا آهن.

خود خواجا مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو ان دور جو شاعر آهي. پر سچ اهو آهي ته شاهه لطيف گذريل سموري شاعراڻي تاريخ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن پنهنجي  سموري گذريل تاريخ کي پنهنجي  شاعريءَ  ۾ سموهيو آهي. يا چوڻ گهرجي ته هن وٽ سنڌ جي تاريخي  شعور جو اعليٰ اظهار آهي.

ائين اسان وٽ موجود سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽمورتيءَ جي وچين مورت سچل سائين آهي. ڀٽائيءَ کانپوءِ سچل  جي شاعراڻي شعور تي پهچڻ تائين جي وچ وارا سمورا  سنڌي شاعرائين آهن. جيئن، شاهه سائين کان اڳ وارا شاعر آهن.

خود سچل سائين پنهنجي پيشروئن جي سموري تاريخي ۽ شاعراڻي شعور جو نچوڙ آهي. ڀٽائيءَ کان پوءِ جو سڀ ڪجهه  سچل سائينءَ جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. ظاهر آهي ته سندس دور ۾ ٻيا به ڪيترا ئي سنڌي شاعر موجود آهن. پر سچل  سائين پنهنجي دور کان مٿي اڀري بيٺو آهي. اهي سندس  شاعراڻيون قوتون ئي آهن.جن کيس نکاري بيهاريو آهي.

سچ اهو به آهي ته هو پنهنجي دور جو گهڻ رخو سوچيندڙ شاعر آهي. کيس  فقط تصوف ۾ قيد ڪرڻ ساڻس ناانصافي آهي. سچل سائين جي شاعريءِ ۾ ڪيترا ئي موضوع آهن. جن جو تصوف  سان تعلق نه آهي. هو ڀلي  روشن خيال، صوفي ۽ ڪنهن به مذهبي، نسلي ۽ ذات پات جي ڀيد ڀاءَ  کان مٿاهون آهي، پوءِ به پنهنجي هڪ مَسلڪي سوچ سانڍيندڙ آهي.

مختلف عالم هن جا مختلف پهلو ظاهر ڪندا رهيا آهن. پر هت به اڪثر ائين ٿيو آهي ته “سچل هڪ عظيم تخليڪار” طور ڪڏهن به نه لکت ۾ آندو ويو آهي ۽ نه ئي ان حوالي ۾ سندس پرک ڪئي وئي آهي.جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش ٿي به آهي. ته اها ان پوري آهي.

منهنجو خيال آهي ته سچل ان ڪري اهم نه آهي ته هو صوفي آهي ۽ شايد  ان ڪري به نه ته هن هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ اها  ڳالهه به ثانوي ٿيندي ته هو شاعر  ابن شاعر ابن شاعر آهي ۽ سندس خانداني پسمنظر بزرگاڻو آهي. اهي سڀ نسبتون اهم هونديون پر اهي نسبتون ئي آهن، جيڪي ساڻس جڙيل آهن. هو پاڻ ڪيترو وڏو تخليڪار آهي، اهم ڳالهه اها آهي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سچل تي به ائين ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ شاهه سائين تي ڪم ڪيو ۽ هن کي هڪ عظيم شاعر طور اڳيان آندو. سچل سرمست سان به ٻيون  نسبتون لاڳو ڀل هجن پر جيئن ته هو اول ۽ آخر سنڌ جو هڪ اهم شاعر آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ جي انهن باريڪين کي ظاهر ڪيو وڃي. جيڪي فقط سندس شاعريءَ ۾ ئي آهن ۽ جن ئي کيس ٻين موجوده پنهنجي همعصرن شاعرن کان مٿاهون ڪري بيهاريو آهي.

سندس شاعريءَ ۾ڪنهن به عظيم شاعر وانگر موضوعاتي ڪشادگي ڪيتري آهي، هن پنهنجي دور جي مسئلن کي پنهنجي دور جي ٻوليءَ ۾ ڪيترو منفرد اظهار ڏنو آهي. هن جي اظهار ۾ اهڙو ڪجهه ڇا آهي. جيڪو ٻين شاعرن کان الڳ آهي. هن جي شاعري پنهنجي دور جي ڪيتري للڪار آهي۽ اها للڪار ڪيتري شاعراڻي آهي. اهي سڀ اهڙا موضوع  آهن. جن تي اڄ جي حالت ۾ لکڻ جي  گهڻي گهرج آهي ۽  ان لکڻ ۾ عقيدي کان وڌيڪ علم، پرک، تنقيد ۽ عقل جي عمل کي ڏٺو وڃي.

سچل سائين هڪ بيحد رومانوي/ جذبو رکندڙ شاعر به آهي، سندس شاعري، سنڌي توڻي سرائڪي پڙهبي ته ان ۾اهڙيون بيمثال رومانوي سٽون ملنديون جن جو اظهار صرف سچل وٽ آهي، سندس دور جي ٻين شاعرن وٽ اهو اظهار نه آهي، يا گهٽ آهي يا اهڙو حسين نه آهي، جهڙو سچل وٽ آهي. خاص طور سندس ڪافيون ۽ غزل اهڙن اظهارن سان گهڻي حد تائين ڀريا پيا آهن. جن جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان لکڻ جڳائي.

شاعريءَ جي احساس/ اظهار/ استعمال  جو هڪ نمونو سچل جي هن ڪافيءَ ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اظهار ڀلي سادو  آهي پر ان ۾ جذبي جي شدت بيمثال آهي. ان شدت جي پٺ ۾ اوسيئڙي جي لڳاتار ڊيگهه جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. محبوب جو اوسيئڙو هونئن به ساعت صديون لڳندو آهي ۽ ان اوسيئڙي جي پڄاڻيءَ جو اظهار ڪئين ٿيندو آهي. اهو مختلف شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. پر سچل وٽ اهو بنهه الڳ آهي. ان ۾ شخص/ عاشق/ شاعر جي دل جي موجودگي ۽ ان دل جي اُڻ تُڻ ختم ٿيڻ جي واروتا شاعراڻي انداز ۾ جذبي جي شدت سان محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جو ڏانءُ، شاعراڻو ڏانءُ هيئن ٿيندو آهي.

ڍولا! ستڙي پئي هان، ڪُنڊڙا ڪنهن کڙڪايا.

ڀڙڪا مار مين  اُٺي،  سچل ميڏي گهر آيا.

هنن ٻن سٽن ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جو جڙاءُ (خاص ڪري ڪُنڊي لاءِ اسم تصغير جو استعمال) ۽  سڀ کان وڌيڪ  جذبي جي شدت جو اهڙو اظهار سچ پچ اسان کي سچل  جي شاعريءَ کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به نٿو ملي، جيڪڏهن ملي به ٿو ته بنهه گهٽ!

ان ڪري اسان جي عالمن کي سچل سائينءَ جي صوفي هجڻ کان وڌيڪ  هڪ اعليٰ شاعر هجڻ واري پهلوءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جڳائي. ائين ڪري اسان نه رڳو ساڻس انصاف ڪري سگهنداسين پر، پنهنجي آس پاس ۾، ٻولين جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي به ٻڌائي سگهنداسين ته اسان وٽ ههڙو شاعر به آهي جيڪو هڪ کان وڌيڪ، ٻولين جو شاعر به آهي. ساڳي وقت هو ڪيترو منفرد به آهي، هاڻ اسان جي عالمن ۽ محققن کي ڪجهه ليڪن کان الڳ به ٿيڻ گهرجي.



سچل سرمست

عشق، عقل ۽ سچل

صاحب خان ڀنڊ

ڪائنات ۾ موجود هر وجود فاني هجي ٿو ۽ اهڙي طرح انسان جيڪو هن ڪائنات جو محور آهي، ان کي به ڪنهن هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي پوي ٿي. تنهنڪري اڳ يا پوءِ هر انسان کي هن فاني دنيا مان موڪلائڻو پوي ٿو پر سندس ڇڏيل نظريو، ڪردار ۽ ڳالهيون جيڪي لافاني هجن ٿيون، اهي هميشه ياد رهن ٿيون. پوءِ اهو ادا ڪيل ڪردار هن سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ هجي يا حق، سچ ۽ ڏاهپ جو ڪو نظريو هجي. جڏهن ته انهن سڀني ۾ عشق ۽ عقل واري ڏسيل واٽ سڀني کان اُتم ۽ اعليٰ هجي ٿي. ڪو به نظريو توڙي ڪردار عشق ۽ عقل جي سنگم کانسواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگهي.

شاعري ادبي شعور جي پهرين ڏاڪڻ هجي ٿي، جڏهن ته موسيقيءَ کانسواءِ ان هر ڏاڪي تي پير رکڻ وارو لمحو بي معنيٰ بي سود هجي ٿو. اها موسيقي ئي آهي جيڪا شاعريءَ جي ان عشق ۽ عقل واري سفر کي ذائقيدار سواد بخشي ٿي. شاعريءَ جي حوالي سان هن خطي ۾ سنڌ وڏي خوشنصيب ڌرتي رهي آهي، جتي ڪيترائي اعليٰ پائي جا شاعر پيدا ٿيا، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، سامي، استاد بخاري ۽ ڪجهه ٻيا نمايان شاعر اچي وڃن ٿا. انهن عالمي سطح جي شاعرن جي شاعري جنهن ۾ پيار ۽ محبت جو پيغام آهي، جنهن ۾ عالمي امن، مذهبي رواداري، سهپ ۽ ڀائيچاري جي صدا آهي، جنهن ۾ عشقِ مجازيءَ کان عشقِ حقيقي جو سفر به شامل آهي پر افسوس ته اسان جي ڌرتيءَ جي انهن عظيم شاعرن جي آفاقي پيغام کي سنڌ تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ اڪثر شاعرن جي اُڏام سنڌ کان شروع ٿي وري به سنڌ تائين ختم ٿئي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جي انهن چند آفاقي شاعرن جي شاعري دنيا جي ڪجهه مشهور ٻولين جهڙوڪ انگريزي، فرينچ، جرمن، تُرڪش، عربي ۽ فارسي وغيره ۾ ترجمو ڪئي وڃي ها ته سنڌ جا شاعر، دنيا جي وڏين يونيورسٽين اندر پڙهايو ويندڙ عالمي ادب ۽ مختلف ٻولين واري نصاب ۾ شامل هجن ها. ان کان وڌيڪ هتي ته حالت اها آهي جو صوبائي توڙي وفاقي چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ويهندڙ اسان جا نوجوان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ واري مضمون کي اختياري طور تي کڻڻ کان ايئن وئون وڃن ٿا، جيئن عام شاگرد مئٿميٽڪس ۽ الجبرا جي مضمون کان لهرائيندو آهي. ان بحث کي في الحال پاسي تي رکي اچو ته پاڻ سچل سرمست جي برهه جي بات جي تات ڪيون...

ٽي صديون اڳ ۱۷۳۹ع (حزب الله آءِ سومري جي تحقيق موجب ۱۷۵۷ع) خيرپور جي سرزمين راڻيپور ۽ گمبٽ جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ درازا شريف ۾ ميان صلاح الدين فاروقي جي گهر ۾ هڪ فرزند ڄائو، جنهن جي ڇٽيءَ جو نالو ته عبدالوهاب فاروقي رکيو ويو، پر سندس شاعريءَ ۾ سچل، سچو ۽ سچيڏنو توڙي خدائي ۽ آشڪار جي تخلص سان سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته دنيا اندر سچل سرمست جي نالي سان سڃاتو ويندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو هي ڪلاسيڪل صوفي شاعر پاڻ پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته:

نه مان پير، نه مريد، ساري فقر جو فقير،

نه مان حاڪم نه مان ظالم، آهيان امن جو امير.

جنهن صديءَ ۾ سچل سرمست جي پيدائش ٿي ان ساڳي صديءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر ٽالپر حڪمران پنهنجي نئين قائم ڪيل رياستن جون حد بنديون ڪري رهيا هئا. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سچل سرمست ٽالپرن جي دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. پر ڏسجي ته منصور ثاني سڏيو ويندڙ سچل سرمست هر دور جو وڏو شاعر آهي ۽ سنڌ جو اهو واحد شاعر آهي، جنهن صوفي ازم جي وحدت الوجود جي جيڪا رمز ۽ راز واري ڳالهه شاهه عنايت، شاهه ڪريم يا ڀٽائي رح مام ۾ ڪئي آهي سا ساڳي ڳالهه هي درازا جو دولهه وڏي واقعي چوڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو:

فقير دراز ونڊير جي درازا جي دلبرانه کي درِ _ راز (الاهي اسرارن جو دروازو) بڻائڻ وارو اصل فقير سچل سائينءَ جو ڏاڏو خواجه محمد حافظ عُرف ميان صاحبڏنو فاروقي هو، جنهن هتي اچي درسِ درازين شروع ڪيو. جڏهن ته ان علائقي جي آس پاس ۾ کُهڙا هڪ پراڻو ۽ قديمي شهر هو، جتان جي مخدوم عبدالرحمان کُهڙائي شهيد جي پڙڏاڏي مخدوم عبدالخالق سن ۱۱ هجريءَ ڌاري پير پپري ڳوٺ مان لڏي اچي درازا ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهن خاندان سان سچل سرمست جي پڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ قربت رهي ۽ هو پاڻ کهڙا شريف جي مخدومن ڏانهن ايندا ويندا هئا. انهيءَ اچ وڃ جي نسبت جي ڪري اتان جو رهاڪو ميان چنيهه اُڄڻ فقير پڻ مريد ٿيو. جنهن جي درگاھ کهڙا شريف ۾ واقع آهي.

سچل سرمست جي ڇهين ورهين ۾ سندس والد جي وفات بعد شروعاتي پرورش سندس ڏاڏي صاحبڏني الملقب موراڳي مور ۽ بعد ۾ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي ڪئي، جنهن جي هٿ تي بعيت ڪري کانئس عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. سچل سرمست پنهنجي سنڌي توڙي فارسي شاعريءَ ۾ پنهنجي چاچي عبدالحق کي وڏي عزت ۽ احترام سان مرشد سڏيو آهي جنهن جي نياڻي پڻ سندس نڪاح ۾ آئي.

سال ۲۰۱۵ع جي فيبروري مهيني ۾ خانقاهه حضرت سچل سرمست رح جي ڏهين گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي (چوٿين) جي وفات کانپوءِ سندس وسيعت مطابق وڏو پُٽ خواجه پير عبدالحق فاروقي (ٽيون) يارهون سجاده نشين مقرر ٿيو، جيڪو اڄڪلهه ڪجهه ذاتي سببن ڪري ملڪ کان ٻاهر رهي ٿو، جڏهن ته گذريل ڪجهه سالن کان درگاهه جي سار سنڀال جا انتظام سندس ننڍي ڀاءُ خواجه پير نظرالحق فاروقي بخوبي سرانجام ڏيندو پيو اچي. گذريل ٻن سالن ۾ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري سنڌ حڪومت پاران لاڳو ٿيل لاڪ ڊائون جي ڪري سماجي فاصلا قائم رکندي رمضان المبارڪ جي مهيني جي وچ وارن تاريخن ۱۳، ۱۴ ۽ ۱۵ ۾ درازا ۾ سچل سرمست جي عرس جون تقريبون تمام مختصر انداز ۾ ملهايون ويون، پر هن سال ملهايو ويندڙ ۲۰۱ عرس مبارڪ ڪجهه جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. جڏهن ته ڪورونا جي وبا جي حوالي سان سماجي مفاصلي جي پس منظر ۾ سچل سرمست جو هڪ شعر منهنجي نظر مان گذريو جنهن ۾ هن چيو آهي ته:

جهان هجوم انسانون کا، وهان نه مين جائون،

سر سجا ڪر اپنا يارو، راهه حلاج اپنا يارو...!

سچل سرمست کي عام طور تي هفته زبان يعني ستن ٻولين جو شاعر سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته اهو لقب کيس هڪ عقيدتمند علي اڪبر درازيءَ ڏنو هو پر ڏسجي ته سچل سرمست جي شاعري چئن کان پنجن زبانن ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ سنڌي، سرائڪي، اردو فارسي ۽ هنڌڪو يا هندي پڻ شامل آهن، جن ۾ سرائيڪيءَ کي پنجابي زبان ۾ پڻ ڳڻيو وڃي ٿو. جڏهن ته سچل سرمست ڄاڻايل ٻولين سان گڏ پنجابي ۽ عربي پڻ ڄاڻندو هو، تنهنڪري ائين چئجي ته کيس ستن ئي زبانن تي عبور حاصل هو. سچل سرمست جي شاعريءَ جي مليل ماخذن مان تحقيق بعد نو لک، ڇٽيهه هزار ۽ ڇهه سئو شعر ملن ٿا. جڏهن ته ان کانسواءِ ڪيترو غير مطبوعه ڪلام درگاهه جي پانڌيئڙن کي بر زبان ياد پڻ آهي. سچل سرمست پنهنجي ڪلام ذريعي مجاز کان وٺي حقيقت تائين جي عشق واري سفر جون سڀ ڪيفيتون بيان ڪيون آهن، هن همه اوست جي سچي پرچار ڪري اناالحق جو منصوري نعرو هڻي بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي نروار ٿي پنهنجي دور جو هڪ وڏو صوفي سرمست شاعر ٿي اُڀريو. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ گهڙولي ۽ جهولڙو ٻه منفرد صنفون آهن. خاص ڪري گهڙولي جيڪا سندس اڪثر ڪري سرائيڪي ڪلام ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ پنهنجي محبوب جي خدمت ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سرائيڪي ۾ گهڙا يعني دلا يا دلو ڀرڻ تمثيل طور تي ڪتب آندو ويو آهي. سائنسي طور ڏسجي ته زندگي پاڻيءَ سان ئي آهي ۽ ان حساب سان ڏسجي ته ڪنهن انسان کي پيئڻ جو صاف پاڻي پيارڻ ڪنهن عاشق پاران محبوب جي خدمت ڪرڻ برابر هجي ٿو.

سچل سرمست انسان کي سماج اندر خوداعتمادي، خودداري ۽ خودشناسي کان آشنا ڪري سندس فڪري شعور جي تعمير جو بنياد وجهي ٿو. هو انسان کي مروج ظالماڻي ۽ غلاميءَ واري نظام خلاف اُٿي کڙي ٿيڻ لاءِ اتساهي ٿو. يعني بغاوت لاءِ ڀڙڪائي ٿو. هن چيو آهي ته:

ٽوڙ رواج رسمون ساريون، مرد ٿي مرداڻو،

وهم سچل ڪي ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهاڻو.

سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ وسيلي انسان جي انفرادي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي وڏي وڪالت ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪٿي به مفاهمت جي ڳالهه نٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته جيڪڏهن اوهين حق ۽ سچ تي آهيو ته پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين پوئتي نه هٽو. ايئن هن شعر ۾ پڻ چوي ٿو ته:

ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،

مار نغارا ’اناالحق‘ دا، سولي سر چڙهيجي.

سچل مدهوش ٿي هوش ۾ ايندو هو ۽ هوش ۾ ايندي مدهوش ٿي ويندو هو. هن پوري حياتي عشق جي مدهوشيءِ ۾ گذاري. تڏهن کيس دنيا کيس سرمست جي لقب سان سڃاڻي ٿي. سچل ان عشق لاءِ چوي ٿو ته، ’بن عشق دلبر ڪي سچل ڪيا ڪُفر ڪيا اسلام هي.‘ سچل چواڻي ته اهڙي عشق جي خبر هر ڪمبخت کي نٿي پوي. سچل علم کي صرف ڪتابن تائين محدود ڪونھ سمجهيو بلڪه پنهنجي پاڻ کي پڙهي سڃاڻڻ واري علم کي فوقيت ڏني آهي:

نشي عشق دي عاشق ڄاڻن، ڪل ڪيهي ڪمبختان نو

(يا)

قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا

سچل جي شاعريءَ وجدانيت سان ڀرپور آهي. جڏهن اسين ننڍپڻ کان جواني تائين جا ڪيترائي سال سندس عرس جي موقعي تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڃي موسيقيءَ واري محفل ۾ پُڄندا هئاسين ته ان وقت ٽالپر وڏا واسي سهراب فقير پنهنجي سُنگ سان ساز ۽ آواز ۾ “ڳليان پريم نگر ديان” يا “گهنڊ کول ديدار ڪرائو مين آيا مُک ويکڻ” توڙي پيرڳوٺ واسي سيد موٽڻ شاھ فقير “مان جوئي آهيان، سوئي آهيان، هندو مومن ناهيان يار!” ڳائيندا هئا ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن تي وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. انهن نوجوانن مان ڪو ٿوري هوش سنڀالڻ بعد ميلي جي ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي ثقافت کاتي پاران هر سال ڪرايل سچل مشاعري جي شروعات شيخ اياز جي هنن سٽن سان ڪري ٿو ته:

آءُ درازا هل،

تنهنجا سارا مولوي،

منهنجو هڪ سچل....! `

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد، عوامي آواز ۽ پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

سچل سرمست

مرد ٿئين مستانو

بشير جانوري

ڪائنات جي اسرارن ۽ رازن کي سمجھڻ ڪو آسان ڪم ناھي . ڪائنات پنھنجي مظھر ۾ ڪيئي فطرتي رنگ سمائي انسان کي سمجھڻ ۽ سوچڻ جي دڳ تي وٺي وڃي ٿي پر سمورا انسان ان قابل به ناھن جو انھن رازن ۽ رمزن کي پروڙي سگھن.اھا سمجھڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت ڪجھ ئي سالڪن کي آھي جيڪي سمورن رازن ۽ رمزن کي سمجھي پنھنجي فڪر کي عام ڪري خلق کي سنئين راھ ڏيکارين ٿا.سچن سالڪن جو پھريون درس پاڻ سڃاڻڻ آھي.پاڻ سڃاڻڻ سان ئي ماڻھو خالق ۽ انجي مخلوق کي چڱي طريقي سان سمجھي سگھي ٿو.جيڪي ماڻھو صرف جيئڻ جي جستجو ڪن ٿا ۽ وٽن ڪو نظريو يا عام خلق جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ منصوبو يا رٿابندي ناھي سي صرف جانورن جيان کائي پي وقت پورو ڪري ھي جھان ڇڏين ٿا مرڻ پڄاڻان سندن پيرن جا نشان ايئن ڊھي وڃن ٿا جيئن پٽي تي اڪريل لفظن کي ميٽ سان ميساري ڊاھي ڇڏجي پر سچن سالڪن جو پيغام سندن مرڻ پڄاڻان ويتر پڪو پختو ٿئي ٿو.

ھو ھتان ظاھري طور تي ڀلي موڪلائي وڃن پر سندن باطني پيغام ماڻھن جي دلين ۽ دماغن ۾ اھڙو ته اڪرجي وڃي ٿو جو کانئن باقي ڪم مورڳو وسري وڃن ٿا. اھو آخر ڪھڙو فلسفو ڪھڙو راز ڪھڙي وٿ آھي جو سندن پيغام جھڪو نٿو ٿئي.اھو فلسفو اھو راز ۽ اھا وٿ آھي ٻين ڪاڻ جيئڻ.درازن جي دولھ منصور ثاني حضرت سچل سرمست کي ان پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو ته ھو سموري ڄمار ان فڪر ان خيال ۾ رھي ٿو ته خلق کي خالق سان ڪيئن ڳنڍجي.انساني بدعتن کي ڪيئن ختم ڪجي.اھو ڪھڙو رستو ۽ راھ وٺجي جنھن سان سفر سولو ۽ سھنجو ٿئي. سچل جو سنيھو سچ سُرت ۽ باھمي رواداري وارو آھي.ھو سمورن انسانن کي ڏکن کان آجو ڏسڻ ٿو چاھي.سچل ھڪ لڪير ڪڍي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق بيان ڪري انسانن کي اصل واٽ ٿو ڏيکاري.سچل گھگھ اونداھي ۾ فڪر جون ڏياٽيون روشن ڪري انسانن کي حق ۽ سچ جو پيچرو ٿو ڏسي.ڪوڙين انائن حسد ۽ بغض جي بنياد تي جوڙيل ديوارين کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪرڻ جي رٿ ٿو ڏئي.ھو پنھنجي وقت ۾ مروج غلط ڪارين رسمن رواجن کي ختم ڪري صالح سماج جوڙڻ جي تلقين ٿو ڪري.سچل وٽ اصل انسان اھو آھي جيڪو ڏکين حالتن جو مڙس ٿي مقابلو ٿو ڪري.منصور ثاني چوي ٿو

“ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون

مرد ٿئين مستانو”

سچل سچ جو ساٿاري آھي.سچ ئي سندس اصل ميڙي چونڊي آھي.ھو ڪوڙي ڪانئر ۽ گيدي کان نفرت ٿو ڪري.سچل چوي ٿو

“سچ ٿا مرد چون ڪنھن کي وڻي نه وڻي

ڪوڙي دوستي جو دم بڻي نه بڻي”

سچل جو سنيھو ايترو ته واضح ۽ چٽو آھي جو ان کي ھر ڪو سولائي سان سمجھي سگھي ٿو.سندس فڪر ايترو تيزي سان پکڙيو جو وقت جي حڪمرانن کي خطرو محسوس ٿيو ته متان رعيت سندن حڪمن جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ بغاوت ڪري ان ڪري وقت جي حڪمرانن ۽ قاضين گڏجي مٿس تھمتون مڙھيون پر سچل سچ تي اٽل بيٺو رھيو.سچل جو دور ھل ھنگامن ۽ گھٽ ٻوسٽ وارو دور ھو.انگريزن ۽ ٽالپرن جا معاھدا انگريزن جو جاسوس ٿي ھن خطي ۾ اچڻ ميان سرفراز ڪلھوڙي جو حڪمراني وڃائي قيد ٿيڻ ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ گھمسان جي لڙائي مدد خان پٺاڻ ۽ تيمور شاھ جا سنڌ مٿان حملا ۽ ٻيا واقعا سجاڳ ذھن لاءِ جنجھوڙيندڙ ھئا.حضرت سچل سرمست انھن حالتن جو مشاھدو ڪيو انھن واقعن مٿس ايترو ته گھرو اثر ڇڏيو جو سندس شاعري ۾ سرمستي وارو عنصر جابجا ملي ٿو.ھو مذھبي تنگدستي ۽ تعصب کي ڌڪاري ھڪجھڙائي جو درس ڏئي ٿو.سچل پنھنجي زماني ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇن ۽ عداوتن کي پنھنجي اکين سان ڏٺو ۽ کيس علم ٿي ويو ھو ته ٻن ڌرين جي ٽڪراءُ سان ڪا ٽين سگھاري ڌر مٿن حاوي ٿي سندن ريتن روايتن ۽ مذھبي رواداري کي ڇيھو رسائي سگھي ٿي.سچل جو اشارو انگريزن طرف ھو.سچل جو مشاھدو ايڏو پڪو ۽ پختو ھو جو مغربي سامراج سوين سالن تائين ھندن ۽ مسلمانن مٿان حڪمراني ڪندو رھيو.ھندو ۽ مسلمان جنھن پيڙا ۽ عذاب مان گذريا سا ڳالھ عالم آشڪار آھي.سچل سائين ان پسمنظر ۾ چوي ٿو ته

“وقت اھو ئي ويل دوئي دور ڪرڻ جو

ڪڍ مذاھب من مان ساجھر ساڻ سويل

ھندو مومن سان ملي محبت جا ڪر ميل

مٿان ٿئي اويل پوءِ اولهھ سج نه الھي.”

سچل جو فن ۽ فڪر جيترو گھرو عميق ۽ وسيع آھي ان کي ايترو ئي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي.سچل جي اونھي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ تحقيق جي اشد ضرورت آھي.تحقيق سان ئي سچل سائين جي زندگي سندس شاعري جي گمنام پاسن کي ڳولي دنيا تائين پھچائي سگھجي ٿو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سچل سرمست جي شاعري تاريخ جي روشني ۾

ڊاڪٽر نواز علي شوق

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سچل سرمست رحه جي دور (۱۱۵۲هه /۱۷۳۹ع – ۱۲۴۲هه /۱۸۲۶ع) ۾ ۽ ان کان ٿورو اڳ ۽ پوءِ سنڌ جي سر زمين تي جيڪي جنگيون لڳيون، جهيڙا جهٽا ٿيا، فساد ۽ وڳوڙ ٿيا، تن جو چڱو تعداد آهي. اٽڪل روءِ ننڍيون وڏيون ۴۵ کن جنگيون لڳيون. جن مان ڪي هي آهن:

خان قلات سنڌ تي حملو ڪيو ڪلهوڙن کهڙن جي مخدومن تي حملو ڪيو نادر شاهه سنڌ تي قهري ڪاهه ڪئي، هالاڻيءَ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ جنگ لڳي مدد خان پٺاڻ جو سنڌ تي هيبتناڪ حملو قهري ڪوس، باهيون، لٽ ڦر

نادر شاهه جڏهن سنڌ تي قهري ڪاهه ڪئي، تڏهن سنڌ جا شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون ويران ٿي ويون. هو هڪ ڪروڙ روپيا جنگ نه ڪرڻ جو جنگي تاوان ۽ ويهه لک روپيا ساليانو خراج وٺي وڃي ايران ۾ آرامي ٿيو. پر پويان جيڪا تباهي ۽ بربادي ڪري ويو، تنهن جو داستان دل ڏاريندڙ آهي. لاشن جا ڍير، زخمين جون دانهون، رنن زالن جون ريهون، يتيمن جون دانهون، ڪوڪون، مظلومن جون عرش تي پهچندڙ آهون، سڙندڙ شهرن، ڳوٺن ۽ وستين ۾ دونهان! اهڙيءَ ريت سندس ظلمن سبب سکي، سائي ستابي سنڌ ۾ سڃ ٿي وئي.

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته سنڌي جوڌا ۱۵۲۰ع کان ۱۷۲۷ع تائين پورا ٻه سو سترهن سال گوريلا جنگ لڙندا رهيا. پوريون ڇهه پيڙهيون هڪ ٻئي پٺيان ان باهه جو بک ٿيون. سنڌين ان ڊگھي جنگ ۾ سوين سور سٺا، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا، گهاڻن ۾ پيڙيا ويا، برجن مٿان جيئرا جاڳندا درياهه ۾ اڇلايا ويا. جمع ۽ عيد نمازن جي موقعن تي ماريا ويا. قرآن شريف وچ ۾ ڏيئي، ساڻن دوکا ۽ دغائون ڪري کين شهيد ڪيو ويو. چوکنڀا ٻڌي تتل ڪڙاهن ۾ اٻرندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلايا ويا، سوريءَ جو سينگار بڻيا، پر ان هوندي به پنهنجي مقصد کان نه مڙيا، سندن سورهيائي ۽ سرويچي جي داستانن سان تاريخ جا ڪيترائي صفحا سينگاريل آهن.

ڊگهي جنگ ۽ وڏين قربانين کان پوءِ ۱۷۳۷ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قومي حڪومت قائم ٿي، تڌهن به سنڌين ويچارن سک جو ساهه نه کنيو. ڇاڪاڻ ته فقط ٻه سال پوءِ يعني سچل سائين جي ولادت واري سان ۱۷۳۹-۴۰ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي وڄ بڻجي ڪڙڪيو. مطلب ته ارغونن ۽ مغلن خلاف ٻه سو سترهن سالن واري ڊگھي جنگ کان پوءِ ايراني، افغاني حملن، گهرو لڙاين، هڪ ٻئي خلاف سازشن، سنڌي قوم کي ذهني ۽ اعصابي طور مفلوج ڪري ڇڏيو هو.

اڳي ديني مدرسا، مسجدون ۽ علماءَ سڳورا سنڌي عوام جي اخلاقي قدرن، روحاني سڪون ۽ سياسي مونجھارن کي سلجھائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. پر اهي به پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺا هئا. سچل سرمست اهڙن ئي انسانن جي طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي ته:

ڪي ڪمائن ورد وظائف، ڪي ٿيا نفلاتي،

ڪي وڃي پيا زهد عبادت، ڪي ٿيا دعواتي،

گوشي نشيني ڪن کي ڀانئي، ڪن وڻي رجعاتي،

ڪن جي منزل پٽ پاراتو، ڪي ڪامل ڪراماتي،

ڪيئي ڪشف اندر ڦاٿا، دانهه ڪي درجاتي،

سچا! لکن مان ڪوئي ڪندو، عشق اثباتي.

يا هيءُ شعر:

خيال بزرگي ريٽي ڇڏ تون، منگ نه تون مخدومي،

نڪي پير مشائخ ٿج تون، نڪي ٿج نجومي.

ڪن عالمن سڳورن پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي تفرقي بازي کي هوا ڏني، ته جيئن گهڻائي مذهبي ٽولا وجود ۾ اچن، پاڻ ۾ وڙهندا رهن. منجھائن ايڪو ۽ ٻڌي ختم ٿي وڃي. جڏهن شيخ مشائخ پير ۽ بزرگ اهڙي تعليم ڏيندا رهيا، تڏهن سچل جهڙو سچارو انسان وڏي واڪي عوام کي ٻڌائيندو رهيو ته:

مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو منجھايا

شيخي، پيري، بزرگي بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نِوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا

اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.

احمد شاهه ابدالي شاهه فقير الله علوي شڪارپوري جو مريد هو. هو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو ته پيرين اگھاڙو هوندو هو، نه صرف سندس پير اگھاڙا هوندا هئا، پر هٿ ۾ تلوار به اگھاڙي هوندي هئس، هو جڏهن سنڌين جو قتل عام ڪندو هو، ڳوٺن ۽ شهرن کي باهيون ڏيئي ساڙائيندو هو، لٽ ڦر ڪرائيندو هو. تڏهن به مرشد جي ادب کان پيرن ۾ جُتي نه پائيندو هو. ۽ ديندار وري ايڏو هو، جو جتي به مولوي، مدرسو ۽ مخدوم ڏسندو هو ته اتي ادب سان هلي ويندو هو ۽ ان مدرسي، مولوي ۽ مخدوم جي مالي مدد خاطر هڪ وڏي رقم نذراني طور ڏيندو هو. هو اهي پئسا افغانستان مان کڻي نه ايندو هو، پر سنڌ ۾ ڦر لٽ ڪري هٿ ڪندو هو. مختصر ته سنڌ جي انهيءَ ڦرلٽ ۾ اڪثر، شيخ، مشائخ، ملان، معلم مولوي، مخدوم ۽ مرشد، احمد شاهي پٺاڻن سان گڏ هڪ جهڙا ڀاڱي ڀائيوار هئا: سچل سرمست ڪهڙو نه سُهڻو ۽ صحيح فرمايو آهي:

بزرگ، شيخ مشائخ، يارو نا مخدوم ٿياسي،

نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي،

نڪي ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءَ رکياسي،

سچا ٻاجهؤن عشق الله جي، ڪوئي هنر نه سکياسي.

سچل سائين ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانؤ جو ڌڻي هو. هو ان قسم جي ملاڻڪي ماحول، ۽ انسان دشمن ريتن رسمن جو مخالف هو. سندس شاعريءَ جو هڪ شعر سماج جي روايتي ۽ اڍنگن اصولن، انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن جي خلاف اعلان بغاوت نه پر اعلان جنگ هو. هُو انسان جي عظمت جو پرچارڪ ۽ حامي هو. اهوئي سبب آهي جو هن انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن خلاف نه صرف اعلان بغاوت، بلڪه ڀير تي ڏوڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو. انسان کي پاڻ سڃاڻڻ وارو سبق ڏيندي غلامي ۽ ٻانهپ واري ذلت ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري کين صحيح مان ۽ مرتبو، عزت ۽ عظمت عطا ڪئي. فرمائي ٿو:

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،

وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.

يا وري هيءَ مصرع:

ٻانهو ڀانءِ م پاڻ، تون ته آهين مالڪ ملڪ جو.

تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته لڳاتار جنگين سنڌ واسين کي هيسيل، پيڙيل، ڏتڙيل، نڌڻڪو ۽ بي واهو بڻائي ڇڏيو هو. سندن شخصيت ڄڻ سندن وجود کان الڳ ٿي وئي هئي. هنن پاڻ کي حلال جانور وانگر هر موقعي مهل تي ڪسندو محسوس ٿي ڪيو. سندن بچاءَ جا سڀ در بند ٿي ويا هئا. اهڙي ڏکئي وقت ۾ درازي درويش وٽ کين ٿاڪ ۽ ٿان مليو، اجھو ۽ آسرو مليو. عزت ملي، احترام مليو، هنن ڊگھي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ کان پوءِ سڪون جو ساهه کنيو. کين پنهنجي گم ٿيل شخصيت موٽي ملي. نئين سوچ، نئين لوچ، نوان رند، نيون راهون مليون، جن جي ذريعي کين پنهنجي منزل ويجھي نظر آئي. هن پنهنجي سماع واري محفل ۾ سنڌين کي جديد سنڌي قوميت جا اصول ڏنا. جن جو بنياد حب الوطني، مذهبي رواداري، قومي غيرت ۽ خودشناسي تي رکيو ويو هو، فرمائي ٿو:

سچل سارو سچ ٿيو، منجھان ڪثرت ڪُل،

الف مؤن آدم ٿيو، ڪري هنگامو هُل،

هندو مومن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل،

ٿِج گلابي گُل، مر مارنئي منصور جان.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سچل سرمست جي دور جو سياسي پسمنظر

طارق عزيز شيخ

سنڌ جو منصور، سچل سرمست بي باڪ ۽ بھادر شاعر ھو. سندس حياتي سنڌ جي ٻن تاريخي دورن ۾ ورھايل آهي. سچل سرمست جي ڄمار نوي ورهين تائين رھي، ان مان پيدائش کان وٺي چاليھن ورھين تائين ڪلھوڙن جي دور کي ڏٺائين ۽ پويون سڄو دور يعني پنجاهه ورهين تائين ٽالپرن جي حڪومت ۾ گذاريائين. سچل سرمست جي زندگي ۾ سنڌ جو ويڙھ وارو دور هو. ھن ٽالپرن جي دؤر ۾ انتھا پسندي ۽ ڌارين جي تسلط کي ڏٺو، انھن حالتن کي پنھنجي ڪلام ۾ به بيان ڪيو. سچل سائينءَ مٿان الزامن جو به سلسلو جاري رهيو پر ٽالپرن، سچل سائينءَ کي اظھار جي آزاديءَ جو پورو موقعو ڏنو. سچل جي ولادت کان وفات تائين، سنڌ جون حالتون لڳاتار ھلچل واريون رھيون. سنڌ جي منصور، سچل سرمست جي دور ۾ سنڌ جون اندروني توڙي ٻاهريون حالتون انتشار ۾ رھيون. پنھنجن پراون جون ويڙھون ھلنديون رھيون پر حاڪمن ھر سطح تي سنڌ کي خوشحال رکڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ جي ھن دور جي ورق گرداني ڪجي ۽ سچل سرمست جي نوي ورھين جي ڄمار واري عرصي منجھ صورتحال جو جائزو وٺجي ته، ڪجھ واقعا تمام اھم نظر اچن ٿا جيڪي جھلڪين جي صورت ۾ ھن ريت ملن ٿا:

* سچل سرمست جي پيدائش واري سال يعني ۱۷۳۹ع ۾ نادر شاهه ڪابل کان ھزارن جي جنگجو ويڙھاڪن جي ڪٽڪ سان سنڌ ۾ داخل ٿيو.

* نادر شاهه جي حملي واري اطلاع تي تڏھوڪي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي خزاني سميت ٿر ڏانهن ڀاڄ ڪئي.

۱۷۴۰ع ۾ نادر شاهه، عمر ڪوٽ اچي پھتو ۽ قلعي مان پوريل خزانو ڪڍائي، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي زنجيرن ۾ جڪڙي لاڙڪاڻي کڻي آيو ۽ سندس ٽي پٽ پاڻ سان کڻي ويو.

۱۷۴۷ع ۾ نادر شاهه جي ايران ۾ مارجي وڃڻ بعد احمد شاھ ابداليءَ سنڌ کان ساڳيو نادر شاهه وارو خراج اوڳاڙڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا پٽ آزاد ڪيا.

* ابداليءَ جي اچڻ بعد نور محمد ڪلهوڙي جيڪا ڍل طور ويھ لک رپيا رقم ڏني پئي سا بند ڪري ڇڏي ته ۱۷۵۴ع ۾ ابداليءَ سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي ۽ ميان نور محمد جيسلمير ڀڄي وڃي لڪيو جتي ۱۷۵۵ع ۾ وفات ڪري ويو.

۱۷۵۵ع ۾ سنڌ جو واڳ ڌڻي غلام شاهه ڪلهوڙو ٿيو ھو پر اڃا ابداليءَ ساک نه ڏني ھئي.

۱۷۵۸ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي لکت ۾ اجازت ڏني. مسٽر سمپشن ٺٽي ۾ آفيس قائم ڪئي. سنڌ جو ڪپڙو ابتدائي طور انگريزن پرڏيھ موڪليو. سنڌ ڪاروباري حوالي سان ٻاھرين ملڪن سان ڳنڍيل ھئي. سنڌ مان ڪپڙو، قلمي شورو ۽ نير خريد پرڏيھ وڪرو ٿيندو ھو.

۱۷۶۲ع ۾ ابداليءَ جي حمايت سان باقاعدي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو تخت ڌڻي ٿيو.

۱۷۶۴ع ۾ ڪڇ جي راجا جا سنڌ تي حملو ڪيو.

۱۷۶۸ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، نيرون ڪوٽ کي حيدرآباد جو نالو ڏئي، شھر جي مٿاھين ٽڪريءَ تي قلعو جوڙايو.

۱۷۷۰ع ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي حيدرآباد کي تخت گاهه بڻايو.

۱۷۷۲ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي، ساڳئي سال احمد شاھ ابدالي به مري ويو.

۱۷۷۲ع ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي حڪومت سنڀالي

۱۷۷۵ع ۾ خداآباد ۾ ميان سرفراز، مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

* احمد شاھ ابدالي سنڌ تي ڪاھ ڪري، ۱۷۷۵ع ۾ شڪارپور جي شھر کي ڦُري، ڌار ڪري پنھنجي پاٿاري بڻايو. ان کان پوءِ ھن شھر جي وسيلي، افغان ھر سال پنھنجن پالتو غنڊن ھٿان سنڌ کي ڦُريندا رھيا. اھڙن حڪمرانن مان شجاع الملڪ به ھڪ آھي. شجاع، احمد شاھ ابداليءَ جو پوٽو ھو.

۱۷۷۵ع ۾ سرفراز ڪلهوڙي کي معزول ڪيو ويو.

۱۷۷۶ع ۾ سانگھڙ ۾ ڪلھوڙن ۽ ميرن وچ ۾ ويڙھ ٿي.

۱۷۷۶ع سنڌ تي عزت يار خان پٺاڻ حملو ڪيو.

۱۷۸۰ع ۾ تيمور شاهه جي سنڌ تي ڪاھ ٿي

۱۷۸۱ع ۾ مدد خان پٺاڻ چاليھن ھزارن جي جنگجو ويڙھاڪن سان سنڌ مٿان حملو ڪيو. جتان جتان گذريو، انسان، جاندار ۽ ٻنيون ٻارا تاراج ڪري، ختم ڪندو ويو. ھن ڪاھ ۾ سنڌ جا ھزارين ماڻھو بيگناهه ماريا ويا ۽ ماڻهن جو الھ تلھ ڦريو لٽيو ويو.

۱۷۸۲ع ۾ ميرن جي حڪومت قائم ٿي

۱۷۸۳ع ۾ دلاور پٺاڻ جو سنڌ تي حملو

۱۷۹۲ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر پاران ڪراچي کي خان قلات جي قبضي مان ڇڏائي واپس سنڌ ورتو ويو.

۱۸۰۳ع سکن جو سنڌ تي حملو

۱۸۰۹ع ۾ راجا رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ وڌي اچي ديري غازي خان کان ٿيندو ڪوٽ مٺن وٽ پھتو ھو پر مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير سهراب خان ٽالپر جڏهن پنھنجي فوجي دستن سان شڪارپور ۾ فوج گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته انگريزن وچ ۾ پئي معاملو ختم ڪرايو ۽ راجا رنجيت سنگهه جو لشڪر پوئتي ھليو ويو.

مٿي ورتل مختصر نوٽس جي روشني ۾ ڏسبو ته اندازو ٿيندو ته سچل سائين جي زماني منجھ ڌارين جي بار بار حملن سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ علمي حالتن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ جا حڪمران افغان لٽيرن جي تابع رھندا آيا. اھوئي سبب آھي جو سچل سرمست جي لھجي ۾ تيزي ۽ مزاحمت پيدا ٿي، جيئن وحدت نامو ۾ ھڪ ھنڌ چوي ٿو:

“مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُ سَٽِن؛

محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪُسَن؛

ڪُرڪَن ڪِنجهن ڪِينڪِي، ڄڻ پار وِھانءَ وَڃَن؛

رتَ منجهارُون پانھنجي، وضو وِير ڪَرن؛

اِيءَ نماز عشق جِي، تھؤن پوءِ پڙھن؛

جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙن؛

سوريءَ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙھن؛

تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏِين؛

ڪن سِرُ صدِقي دوست تَئُون، ٻيا پھ ڪين پُڇن؛”

ھاڻي مٿئين ڪلام ۾ سچل سائين اکين ڏٺو احوال بيان ڪري ڇڏيو آهي. خانبهادر خداداد خان پنهنجي ڪتاب “لب تاريخ سنڌ” جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترجمو ڪيو، ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو:

۱۷۸۳ع ۾ ٽالپرن، ڪلهوڙن جي جاءِ تي، سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. مٿي ذڪر ڪيل مير صاحبن سنڌ تي قبصو ڪرڻ بعد ڪابل جي بادشاهه تيمور شاهه کان پراڻي دستور موجب اول شاهي نذارنو ادا ڪري، پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪيو. ان کانپوءِ ۱۷۸۴ع ۾ سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايائون، جن مان چار حصا مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائرن کي ڏنائون. ٻه حصا. ھڪ مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائون. اهي حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ مسند نشين ٿي حڪومتون هلائڻ لڳا. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا حڪمران گڏجي ڪابل جي بادشاهه جو نذرانو موڪليندا هئا. جڏهن ته خيرپور جا مير جداگانه طور ڪابل کي خراج موڪليندا هئا.” (’لب تاريخ سنڌ‘، سنڌي ترجمو، ص ۱۶۹)

سچل سرمست پنهنجي ٻالڪ پڻي کان وٺي سنڌ مٿان ظلم، جنگيون ۽ قتل غارت ڏٺو. ھن سنڌ جي حڪمرانن جون به تخت بچائڻ واريون چاپلوسيون ڏٺيون. سندس ڪلام ۾ انھن سمورين حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي. جيئن ھن بيت ۾ فرمائي ٿو:

ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛

ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جھِين ڏَرُ نه ڏيھ ۾.

ھير رانجھو

سچل سرمست کي سنڌ جي سياسي ھلچل جي چڱي ريت آگاھي ھئي. ھن کي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو، انھيءَ ڪري افغانستان، بلوچستان يا ايران جي ماڻھن واتان به شعر و شاعري ذريعي يا ميل ملاقات دوران دنيا جي لاھن چاڙھن جي واقفيت ھئي. سنڌ جي ھن عام کان سرائيڪي ۽ پنجابي شاعر به سکيا وٺڻ ۽ اصلاح ڪرائڻ ايندا ھئا، انھن ذريعي پڻ واء سواءِ ملندو رھندو ھو. شايد اھڙين خبرن چارن ٻڌڻ تي ئي کيس چوڻو پيو:

راتو ڏينھان رَت، اوتڻ آيم اُن ري؛

آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قَطُ؛

جبل سڀ جهاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ؛

ھِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پِرين ۾.

سسئي

سنڌ تي ڏک، تڪليفون ۽ پريشانيون ڏسي، ھن ڏاڍ ڏمر جا ڏينھڙا جلدي لنگھي وڃڻ لاءِ رب کان ٻاڏايو آهي. سچل سائينءَ جي دور ۾ سنڌي ماڻهو روز روز نازل ٿيندڙ حملن ۽ ڦر لٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ِ ڊنل ٻار جيان ڇرڪ ڀري، هڪ ٻئي ڏانهن ان اميد ۽ آسري تي نهاري رهيا ھئا ته ڪو سندن والي وارث بڻجي، ڪو سندن واهرو ٿئي، ڪو کين آسرو ڏئي، ڪو سندن رهبري ڪري، ڪو سندن مسيحا ٿئي. اھڙي موقعي تي سچل سرمست جو ڪلام سندن رھنمائي ڪندو ھو، ھمت ڏيندو ھو ۽ اتساهه پيدا ڪندو ھو، جيئن ھيٺ ڪافيءَ ۾ اظھار ڪري ٿو:

ڪيئِي ڏک جا ڏينھنڙا لنگهايم،

سُڻ تون مُنھنجا سائين!

ڳالهيون ڪندي مون ڪيئِي سِرَ تي ڏک جا مينھڙا وسايَم.

پرين اَوهان جي پار جا، ٿي ڏهاڙِي پنڌڙا پُڇايم.

سِڪ اَوهان جي سُپرين، ميان سارا ئِي سورَ سَلايم.

سچل سي ئِي آئيا، جَن لَئي فالان روز وجهايَم.

ٽالپرن جي دؤر ۾ مذھبي انتشار به پنھنجي اوج تي پھتل ھو. سنڌ جو عام ماڻهو درويش صفت، صوفي منش مزاج ئي ھو. سڀني مذھبن کي پنھنجا ڏڻ آزادي سان ملھائڻ جو موقعو ملندو ھو بلڪه سڀ مذھب ھڪٻئي جو احترام ڪندا هئا، جيئن اڄ آهي پر ڪي حلقا مذھبي فرقن جي ضد ۾ اڳتي وڌي ويا، انھن ۾ شيعا سني وارو فرقيواريت جو رجحان نمايان نظر آيو.

حڪمران سنڌ جي صوفيت واري مزاج کي ڇڏي وڃي ھڪ ڌر سان بيٺا. ٻنھي ڌرين جا مناظرا ڪرائيندا هئا. علمي ادبي لحاظ کان ھن دور ۾ سنڌي شاعريءَ عروج ماڻيو، ڪلاسيڪي شاعري جي پختگيءَ سان گڏوگڏ علم عروض جي استعمال ڪري سنڌي ادب ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال جو رجحان وڌيو. اھڙي ريت شاعريءَ ۾ مذھبي فرقن ۽ عقيدن جو به رجحان وڌيو جيڪو سنڌي ادب جي ٽالپرن واري ادبي دور ۾ اھو کليو کلايو نظر اچي ٿو. سچل سرمست انھي ئي انتھا پسنديءَ جي رجحانن کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريو. ھن چيو:

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري مريدي بي حد ڀلائيا،

ڪن نمازون نوڙي پڙهيون ڪن مندر وسايا،

اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق جي.

سچل سرمست دور انديش عالم ھو. ھن کي پنھنجي زماني جي وھڪرن مان ئي ڄاڻ پئجي وئي ھئي ته ايندڙ وقت ۾ صورتحال ڪھڙي ھوندي. سندس زماني جي انتھا پسند ملن ته متان ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون ھيون پر ھو سنڌ جو منصور ھو. ڊڄڻ وارن مان نه ھو، جيڪو چوندو ھو پڌري پٽ چوندو ھو جيئن ھن بيت ۾ چيو اٿس:

وقت اها اٿئي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي

ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ، سويل

هندو مومن سان ملي. محبت چاڪر ميل

متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي”

سچل سائين، سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاھي. ھن پاڻ سڃاڻڻ جي فلسفي کي ايترو ته اڀاريو آهي جو ان ۾ پاڻ فنا ٿيندي نظر اچي ٿو. ھن کان اڳ ڪنهن به شاعر جو ايترو زورائتو انداز ڪونه ڏٺو ويو. ھن جو مشھور زمانه ريتن رسمن کي ٽوڙڻ وارو ھيء بيت ڏسو:

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،

وهم “سچل” ڪـڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شاهاڻو.

سچل سرمست پنهنجي دور جي فرقيواراڻي مذهب ۽ نظام جي خلاف بغاوت ڪئي، پاڻ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ علم، مذھب، فلسفا، تاريخ جا ڪتاب پڙھيا ھئائين.

هو قرآن جو حافظ به هو ۽ صوم و صلواة جو پابند به هو. منصور الحلاج جو پوئلڳ ۽ سندس نظريي تي عمل ڪندڙ به ھو. سچل وحدانيت ۽ رسالت جو قائل به ھو ته وري موسيقي ۽ سماع جو قائل پڻ ھو. مذھبي ڪٽرپڻي جي دؤر ۾ رھندي به سچل سرمست پنھنجي انسانيت پسندي کي اوليت ڏني.

ڪوئي ڪيئن چوي، ڪوئي ڪيئن چوي

جوئي آهيان، آءُ سوئي آهيان

ڪوئي مومن چوي، ڪوئي ڪافر چوي،

ڪوئي عالم چوي، ڪوئي جاهل چوي،

جوئي آهيان، آءُ سوئي آهيان.

ڪوئي خاص چوي، ڪوئي عام چوي،

ڪوئي سچل سچل نانءُ چوي،

جوئي آهيان آءُ سوئي آهيان.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ۽ ۱۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي، ٻن قسطن ۾ ڇپيل)


 

سچل سرمست

چُون سالڪ “سچُو” زين طلسم مزاج

ياسر قاضي

سچي سائينءَ کي موڪلائي ٻه سئو هڪ ورهه ٿي ويا. قومن جي تاريخ ۾ اهو ڪو وڏو عرصو ڪونهي هوندو. قومن کي ڪِرڻ کانپوءِ اُٿڻ ۾ صديون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’ملينيمس‘ لڳي وينديون آهن. پر افسوس اهو آهي ته اسان پنهنجن اصل ’لينڊ مارڪس‘ کي دريافت ڪرڻ جو آغاز ئي ڪونهي ڪيو ۽ نه ئي ويجھي مستقبل ۾ اهڙو ڪو ارادو نظر اچي ٿو. اسان پنهنجي ۵ هزار ساله قديم تهذيب تي رڳو جُھمريون هڻي ڄاڻُون، پر ان کي ’ايڪسپلور‘ ڪرڻ جي زحمت نٿا ڪريون. ان ماضيءَ ۾ پنهنجي ڪيل اجتماعي غلطين جو ادراڪ اسانجي ترجيح آهي ئي ڪانه! ته جيئن انهن لغزشن کي مستقبل ۾ نه ورجايُون ۽ ساڳيا ڌَڪ وري نه کائُون. ڀٽائيءَ کان سچل تائين اسان پنهنجن زندگيءَ کان قدآور فڪري پيشوائن سان ڪهڙو انصاف ڪيو آ؟ عام ماڻهوءَ کان وٺي سنڌ جي عالم ۽ اسڪالر تائين انهن جو حق ڪنهن به ادا ڪونهي ڪيو. عام ماڻهوءَ لاءِ لطيف يا سچل جو ميلو رڳو ڏُونگھيءَ واري مٺائي کائڻ، مؤت جو کوهه ڏسڻ ۽ ’لاهوتيءَ جو اعلان آ... ڏهه روپيا گلاس آ... ‘ جو هوڪو ٻڌڻ جو بهانو آهي ۽ اسانجي ’سرڪاري عالمن‘ لاءِ گذريل ۲۰ سالن کان پڙهجندڙ پنهنجي ئي لکيل ساڳئي مقالي کي ’اَلٽر‘ ڪري، ابتدائيو ۽ اختتاميو مَٽائي، ڪانفرنسن ۾ پڙهي، يا سرڪاري جرنلن ۾ ڇپرائي، اعزازيي جو لفافو وٺڻ جو بهانو... ڀٽائيءَ جي حيات ۽ فڪر تي ته وري به رُوپئي مان اڌ آنو ڦولها ٿي آهي، پر اسان ’سچُوءَ‘ سان ته اقليتن کان به برو سلُوڪ ڪيو آهي، جو سندس گُوناگُون ڪلام جو نه حظ وٺي سگھيا آهيون... نه فيض... نه ان جي تشريح ڪري سگھيا آهيون... نه تفهيم... نه انهن سٽن جي سوجھري ۾ سندس ادبي قد جو تعيُّن ڪري سگھيا آهيون... نه ئي وري سندس لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي زندگيءَ بابت تحقيق ڪري سندس شخصيت جو پُورو خاڪو چٽي سگھيا آهيون. اسان بس کيس ’منصُورِ ثاني‘ چوڻ سان گفتگوءَ جو آغاز ڪري، کيس حضرت فريدالدّين ’عطار‘ جو شيدائي چوڻ سان پنهنجي ڳالهه جو اختتام ٿا ڪريون. ڄڻ هن هيڏي وڏي ’عالم ــ شاعر‘ جي ڪلام تي ٻئي ڪنهن جي به ڏاهپ جو اولڙو نه پيو هوندو!؟ عالمي سطح تي ته ٺهيو، پر اسان سچل کي مڪمّل طرح سان قومي سطح تي ئي متعارف ناهيون ڪرائي سگھيا.

هونئن ته سنڌ ۾ سياست جي لحاظ کان ڪوبه زمانو سڌو ۽ سادو ڪونهي رهيو، پر سچل سائينءَ جو زمانو غير معمولي طور سياسي اُٿل پُٿل جو زمانو رهيو. سچو سائين ڄائو ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾، پر سندس جوانيءَ ۽ بزرگيءَ جا ڏينهن ٽالپرن جي زماني ۾ گذريا. هن ڪلهوڙن جو آب تاب پنهنجي اکين سان اُجھامندي ۽ مِيرن جو اُڀرڻ پڻ پنهنجي هوش ۽ شعور سان ڏٺو، پسيو ۽ محسوس ڪيو. خود سندس ئي پَرڀري پاڙي ۾ ’هالاڻيءَ بهلاڻيءَ واري ويڙهه‘ ٿي. جيڪا سائين پروفيسر محمّد پناهه ڦرڙي مرحوم جي بقول ’دنيا جي مختصر ترين جنگ‘ هئي. جيڪا فقط لڳ ڀڳ ساڍا ۷ منٽ هلي. ان کان اڳ جي واقعن تي نظر ڊوڙائي ڏسون ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي جھوڪَ واريءَ جنگ ۾ شهادت کي ڪو گھڻو وقت ڪونه گذريو هو، نه ئي وري سچي سائينءَ جي پاڙي ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙائي شهيد جو رتُ ئي اڃا سُڪو هو. هوڏانهن ڪلهوڙن جي گھر ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پنهنجي ڀاءُ عطر خان سان تنازعو، ميان سرفراز خان ۽ ميان بجار خان جي شهادت، مير بهرام خان جي پنهنجي پُٽ مير صوبدار خان سميت مارجڻ جهڙا اهم ۽ دل ڏاريندڙ واقعا سچل سائينءَ جي دؤر ۾ سندس ئي آسپاس ٿيندا رهيا. رڳو اهو ئي نه پر مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪيل ڪِيسن جا داستان به ان ئي دؤر ۾ رقم ٿيا. ان سان گڏ مير غلام محمّد خان ٽالپر (جيڪو مير سهراب خان جو سڳو ڀاءُ هو) امر ڪوٽ جي قلعي جي نواح ۾ (يا ڪن تاريخن موجب قلعي جي اندر) راجپُوتن هٿان مؤت جو کاڄ بڻيو. ٽالپرن ان ئي زماني ۾ نه رڳو سنڌ ۾ ’ٽنڊي‘ جي لفظ سان شروع ٿيندڙ نيون وسنديون اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ شروع ڪيون، بلڪه سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن جي تعمير جي به شروعات ڪئي، جن جي اڏاوت جو مک سبب راجپُوتن، دائودپوٽن ۽ سِکن جي حملن کان بچاءَ جي حڪمتِ عملي هئي.

سموري هندوستان سميت سنڌ ۾ هر طرف عجيب بي يقيني، ڊپ، حراس ۽ ڏهڪاءَ جو عالم هو. مجموعي طور تي هندوستان جي ڳالهه ڪنداسين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي جاسوسيءَ ۽ حرفت واريءَ چال سان لڳ ڀڳ سڄي هندوستان ۾ پير کُپائي چُڪي هئي ۽ ڪن ڪمپنين، ڌُرين ۽ فردن کي پنهنجي قرض ۽ وياج جي ڄارَ ۾، ته ڪن کي پنهنجي انتظامي حڪمتِ عمليءَ جي ڦنڌي ۾ ڦاسائي چُڪي هئي ۽ ملڪ تي وڏي آپريشن رستي قبضي جي تياري مڪمّل ٿي چُڪي هئي. اها ديڳ ان حد تائين پچي چُڪي هئي، جو سچي سائينءَ جي برقعي مٽائڻ کان فقط ۳ ڏهاڪا پوءِ غدر متو ۽ انگريز هندوستان کي باقاعدي ڦٻائي، هتي پلٿَ ماري، ويهي رهيو. ڇا سچي سائينءَ پنهنجي ۹ لک ۳۶ هزار ۶۰۶ شعرن جهڙي جامع ۽ ڳُوڙهي ڪلام ۾ اهڙين هوش رُبا سياسي حالتن جو ذڪر ئي نه ڪيو هوندو؟ ۽ “آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو! ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنھنجو!” جو ورلاپ جپيندڙ سدائين ان ئي خمار ۾ مبتلا رهيو هوندو!؟ جو کيس پيش و پس جون سياسي حالتون نظر ئي نه اچن ۽ انهن تي پنهنجي قلم کي جُنبش ۾ نه آڻي. اها اسان جي ڪم نظري آهي، جو اسان سندس ڪلام منجھان ان پُرآشوب سياسي دؤر جي تاريخ کي ’ڊيِ ڪوڊ‘ ۽ ’ڊسائيفر‘ ناهيون ڪري سگھيا.

رڳو سياسي حوالي سان ئي نه، پر هي خطِّو ان زماني ۾ معاشي اُٿل پُٿل جو محور ۽ مرڪز به رهيو، ڇاڪاڻ ته سياسي حالتن جو سنئون سڌو اثر علائقي جي معيشت تي پوندو آهي. ڇا ’سچُو‘ پنهنجي آسپاس جي لوڪ جي انهن معاشي اڻ برابرين کان غافل رهيو هوندو؟ هوڏانهن سنڌ جون مذهبي حالتون به ڪي سڌيون ڪونه هيون. ٿوريءَ گھڻيءَ ڳالهه تي هندن کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ريت رُڳو اڄڪلهه جي ناهي، بلڪه سچل جي زماني ۾ خود سچل جي پاڙي وارين خانقاهن جي زور زبردستيءَ هٿان ڏهاڙي اهڙا ظلم پيا ٿيندا هئا. اهڙين ويساهه گھاتين کي نه رڳو ٻين خانقاهن جي پِيرن جي، بلڪه حاڪميت وارن حلقن جي پٺڀرائي به حاصل هوندي هئي. جنهن سبب اهو ظلم روز کان روز، وڌ کان وڌ هو. ڪجھ درگاهن جي گاديءَ ــ ڌڻين جي فتويٰ، عام ماڻهن سان گڏو گڏ سرڪاري حلقن ۾ به پٿر تي ليڪ جو درجو رکندي هئي. تنهنڪري اقليتن سان ظلم جو اهو سلسلو اڻ کُٽ هو. ردِ عمل طور مذهبي ٿورائيءَ وارا اهي حلقا، اهڙين درگاهن جي ڌڻين سان گڏوگڏ حاڪمن خلاف پڻ برسرِ پيڪار رهندا هئا ۽ جڏهن انگريز هتي پنهنجا پير کوڙيا ته اقليتون پنهنجي پناهه خاطر انهن جُون حامي ٿي بيهي رهيون ۽ اهڙين خانقاهن جون دانهي ٿي انگريز کان انهن خلاف ڪارروائيءَ جي گُھر ڪيائُون. تڏهن ته سچل “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو مُنجھايا... شيخي، پيريءَ، بُزرگيءَ بيحد ڀُلايا” يا “مُلان مار مَ مُون... سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان مان... “ جهڙا ورلاپ ورايا. اهو اهڙين مذهبي عدم مساوات تي ٻڌل حالتن جو ئي نتيجو هو، جو هن ’آشڪار‘، مُلان، قاضي، مفتيءَ، مخدوم، شيخ ۽ پير جي خلاف کُليو اعلانِ جنگ ڪيو ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ ۽ پردي غلاف جي پنهنجي ڪلام ۾ انهن کي سچ ڦهڪائي ڏنائين. جنهن جو مثال اسانکي سندس ڪلام ۾ جابجا ملي ٿو. پر ڇا انهن ظاهري احتجاج وارن بيتن ۽ سٽن کانسواءِ ’خدائيءَ‘ جو اهڙو ٻيو ڪلام ڪونه هوندو؟ جنهن ۾ هن مام جي پردي ۾ به انهن ڪلُورن جو ذڪر ڪيو هجي!؟

اهڙي بي باڪ ٻولي ٻوليندڙ، انهن ئي خانقاهن جي ٺيڪيدارن، مُلن، قاضين ۽ مفتين جي وچ ۾ ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو، ته ڇا سندس جان کي ڪو خطرو ڪونه هو؟ يا جيئن ڀٽائيءَ کي مارڻ جُون متعدد ڀيرا سٽُون سٽيُون ويون... کيس ڇِتي گھوڙيءَ تي ويهاري سواري ڪرائي سندس سر کڻڻ جي ڪوشش وئي... معجُون ۾ زهر ملائي کارايو ويو... مرزا مغل بيگ پاران ’ڀئينءَ پُور‘ ۽ هالا حويليءَ منجھان لڏايو ويو... ڇا اهڙو ڪو واقعو سچي سائينءَ سان پيش نه آيو هوندو؟ ۽ سندس ۹۰ ساله ڄمار ۾ ڇا کيس ڪنهن ڏاڍي پاران ڪنهن کهري رويّي کي منهن ڏيڻو نه پيو؟ ان حوالي سان به تحقيق جي ضرورت آهي. نه ته عقل مڃي ڪونه ٿو، جو کيس پنهنجي اهڙي سخت سچ گوئيءَ جي ردِ عمل ۾ تاءُ برداشت نه ڪرڻو پيو هجي!

سچل رُڳو “نِينھُن منَجهؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي، ته به پانڌي، پيغامي، وِرھُ وڌائڻ آئيو” يا “راتو ڏينھان روحَ کي، آھِ اوھانجِڙي تاتِ... مَشر آھي مُلڪَن ۾، سَنديَـوَ ڏاڍي ذاتِ” جي ڳالهه ناهي ڪئي، بلڪه “ ثابت ’سچل‘ سچاري، يارن جي ياد ياري، وحدت جنِين وسارِي، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي” جو اظهار ڪري الاهي وحدت جو اقرار به ڪري ٿو ته “عُمر! اَباڻن ريءَ، آءٌ تان ڪوجِهي آھيان... ھيءَ لوئِي نه لاھيان، جا آھ نِشانِي اُن جِي” جي اپٽار ڪري، مارئيءَ واتان پنهنجي اباڻن ڪکن، مائٽن ۽ جنم ــ ڀوميءَ سان محبّت جو اظهار به ڪري ٿو. سچل سائينءَ، پنهنجي ۱۷ تصنيفن، بشمول سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ۽ دوهيڙا، اردو غزل، مرغ نامه سنڌي، وحدت نامه سنڌي، قتل نامه سنڌي، جُھولڻا ۽ گھڙوليُون، سنڌي مرثيا، ديوانِ آشڪار فارسي، راز نامه فارسي، وحدت نامه، رهبر نامه، عشق نامه، گداز نامه، وصلت نامه، تار نامه، ساقي نامه ۽ بحرِ طويل فارسي ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو اهو خزانو ڏنو آهي، جنهن جي ڳنڍ اڃا اسان کولي ئي ڪانهي ۽ ان جي خوشبُو سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. اسان جڏهن انهن ۹ لکن کان مٿي مڻيان دار بيتن جي عالماڻي تشريح ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان جي سڳنڌ کي عام ڪرڻ جو اهتمام ڪيوسي، ته ان جو هڳاءُ سموري عالم کي انسان دوستيءَ جي هٻڪار سان واسي ڇڏيندو ۽ سچُوءَ جي سچ جو هوڪو هڪ عالمي پيغام بڻجي ويندو.

چُون سالڪ “سَچُو” زين طلسم مزاج

سوي آشيان رفت چُون شاهباز

دلم جست سالِ وصالش ز جان

بگفتا که درياي ذخّار راز (۱۲۴۲هه) (بيدل)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سچل سرمست

سچو آهيان آءٌ، جو ٻانهو ٻي جو نه ٿيان

ڊاڪٽر مخمور بخاري

تصوف جي فلسفي کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ واضح ڪجي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته تصوف فرد جو فرد سان حُسنِ اخلاق جو مجموعو آهي، هن فلسفي جا پيروڪار حق ۽ حقيقت جي ڳولا ڪندڙ آهن، جيڪي پاڻ ۾ موجود اعليٰ اوصاف کي سمجهڻ ۽ ان کي ماڻڻ جا خواهشمند ٿين ٿا، صوفي پنهنجي هجڻ جي نفي ڪري ٿو، حقيقت ۾ اها ئي حالت عجز ۽ انڪساري پيدا ڪري ٿي، عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته تصوف جا پيروڪار سماجي، معاشي زندگي کان پري رهن ٿا، صوفي کي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين، معاشي حالتن ۽ ملڪي سياسي صورتحال بابت نه ڪا ڄاڻ آهي نه ئي هو اهڙن معاملن ۾ دلچسپي وٺن ٿا، ڏٺو وڃي ته اسان جا ڪيترا ئي صوفي شاعر پنهنجي دور جي سياسي، سماجي حالتن کان نه رڳو پاڻ باخبر رهيا آهن پر انهن پنهنجي فڪر ۽ فلسفي ذريعي عام ماڻهن کي به انهن حالتن کان باخبر رکيو آهي. سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ مخدوم بلاول ۽ شاھ عنايت شهيد جهوڪ وارو ٻه وڏا اهم نالا آهن، جن تصوف جي تحريڪ کي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ مزاحمت، وطن دوستي ۽ عالم انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتري جو پيغام ملي ٿو:

سر ڏيئي سَٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،

ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کـــــــــوڙ،

مرڻان مُنهن ۾ موڙ، وٽي ٿي وڌ لهـــــــــــــــــــــي.

 سچل سرمست سنڌ ۾ تصوف جو اهو پيروڪار شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري ۾ رائج ماٺيڻي، ڳنڀير ۽ گهري اسلوب کان هٽي ڪري کلم کلا وارو بي ڊپو اظهار جو انداز اختيار ڪيو. هن وڏي واڪي نه رڳو خدا ۽ بندي جي وچ واري فرق کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پر پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذهبي حالتن جي مد نظر چيو.

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون مرد ٿئي مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانــــــــــو،

“ونفحت فيه من روحي” بلڪل ڇڏ بهانــــــــو،

وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانـــــو.

 سچل سرمست پنهنجي خيال جي اظهار لاءِ هڪ ئي وقت تي سنڌي کان سواءِ سرائڪي، فارسي ۽ ريخته (اردو) زبانن جو به سهارو ورتو. ڏٺو وڃي ته سنڌي، سرمست سائين جي مادري زبان هئي تنهن ڪري ان زبان ۾ شعر چوڻ سندس فطري هو، سرائڪي اتر سنڌ يعني رياست خيرپور ۾ عام طور تي ڳالهائي ۽ سمجهي ويندڙ زبان هئي، ڇاڪاڻ ته بادشاھ مير سرائڪي ڳالهائيندڙ هئا. اهڙي ريت فارسي سنڌ ۾ سوين سالن کان دفتري زبان رهي آهي. اهڙي طرح ريخته (اردو) زبان سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور کان شاعري جو ذريعو بڻجي رهي هئي. سچل سرمست جي سموري ڪلام تي مستي ڇانيل آهي جنهن ۾ هو بيباڪ بڻيل آهي ۽ هو ان مستي ۾ حد کان لاحد جا خيال پڻ ٻڌائي وڃي ٿو. سندس ڪلام ۾ جتي تصوف جا ڪيترا مسئلا ۽ موضوع بيان ٿيل آهن اتي هو هـــــڪ باشعور، ساڃھ وند ۽ حالتن جو تجزيو ڪندڙ مدبر شاعر طور به موجود آهي. هن پنهنجي سنڌي ۽ فارسي شاعري ۾ ملڪي حالتن بابت ويچار ونڊيا آهن، جنهن ۾ عام توڙي خاص فردن کي پيدا ٿيندڙ ملڪي حالتن بابت اڳواٽ آگاھ ڪري ٿو. سندس انهي سياسي سوچ کي اڳيان رکي اسان اهو به ڏسي سگهون ٿا ته سچل سرمست پنهنجي خيال جي اظهار لاءِ بي ڊپائي وارو انداز اختيار ڇو ڪيو؟

سنڌ جا صوفي بنيادي طور انسان دوست ۽ وطن دوست رهيا آهن. انهن هميشه جابر حڪمرانن ۽ مذهبي مت ڀيد کي ننديو آهي توڙي جو سياست ۾ مذهب کي شامل ڪرڻ وارو رجحان اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ گهڻي عرصي کان نظر اچي ٿو. سچل سرمست باشعور ۽ دورانديش شاعر هو. هن پنهنجي شاعري کان تلوار وارو ڪم ورتو. هن جي شاعري جو کلم کلا وارو انداز هن جي رائج حڪومتي نظام کان بغاوت وارو آهي. ڇاڪاڻ ته سچل سرمست جو سمورو دور سياسي ۽ سماجي حوالي کان ڪو سک شانتي وارو دور نه رهيو. سچل جي دور جا حڪمران پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهيا؛ اهڙي حالت ۾ سنڌ جي عوام جي سماجي ۽ معاشي حالتون ڇا هونديون ان جو احساس باآساني لڳائي سگهجي ٿو. عام طور سچل جي شاعري کي صوفيانه رنگ ۾ ئي ڏٺو ويو آهي، پر هو پنهنجي شاعري ذريعي ملڪي حالتن بابت اسان کي بار بار باخبر ڪندو رهي ٿو. هن جي نظر ۾ هڪ خودمختيار، خوشحال ۽ سرسبز آزاد رياست جو خواب هو، جنهن ۾ ماڻهو کي مذهبي، سياسي ۽ سماجي مڪمل آزادي ميسر هجي. هو بنيادي طور مذهبي مت ڀيد جي خلاف هو.

وقت اها ٿئي وير دوئي دور ڪرڻ جـــــــــــــي،

ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويــــــــل،

هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،

متــــــــان ٿئــــــــــي اويل اولھ سج نه الهي.

 هو ملڪ تي ايندڙ تڪليفن، مصيبتن جي مدنظر سڀني ماڻهن کي هڪ ٿيڻ جي تلقين ڪري چئي رهيو هو ته وري ٻي طرف اهو به چئي ٿو ته: “مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا” ۽ پنهنجي پاڻ کي فرقن جي حصار مان آجو ڪندي چئي ٿو: “نامين شيعه، نامين سني، صوفي بره دي مني” اڃان به وڌيڪ خبردار ڪندي چئي رهيو آهي:

اتي ڪفر نه اسلام، آهــــي سڀني کي سلام،

مذهب مور نه مڃان، آءُ مشرب منجه مدام.

 سچل پنهنجي دور جي اٿل پٿل کي ڏسندي خاموش نه هو بلڪ هن پنهنجي شاعري جي ذريعي هندو مسلم ٻن حصن ۾ ورهايل سنڌي قوم کي هڪ ٿيڻ جو چئي رهيو هو ۽ هن جي سامهون فرنگين جا ٽالپر اميرن سان ٿيل عهدنامه به هئا، سچل ان پسمنظر ۾ چيو:

پنــــــــــــي ۾ پيغـــــــــــــــــام، لکي مڪا سڄڻين،

سي نه سمجهن عام، جي آهن منجه اشارتــــــــــا.

جو نامن منجه لکيو، سا هَئي ڄيري جي ڄر،

منجهان سڀ شهر، واچيندڙ ڪـــــــــــــو لڀي.

اڃان اڳتي سرمست سائين جو هڪ بيباڪانه انداز، جنهن ۾ چٽِي طرح چئي رهيو آهي.

سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،

ڪوڙي دوستي جو دم بڻــــــــــــي نه بڻــــــي.

۽ هڪ ٻي جاءِ تي ملاح کي باخبر ڪندي چئي رهيو آهي.

مڪڙي ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ ميـــــــــر ملاح،

مڇيون مارين اوچتي، بانڪابــــــــــــــي پرواه،

لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي شوريا وتن شـــاھ،

هند سنڌ تي فلڪ نه آڻن، مارن ملڪ سپاھ،

وائـــــــــــــڙا رکـــــــــــن تن مٿان، ويچارا ويســـــاھ،

آسرو آڌيـــــــــــن جــــــــــــا، آهـــــــــــــن منجه الله،

ڏيئي پاند پناه، رکي وٺنــــــــــــــــــــــدو راڄ کــــــي.

سچل جنهن دور ۾ ماڻهن کي باخبر ڪري رهيو هو ته ان وقت جي حڪمرانن جي ڌر بڻيل مولوي ۽ قاضين وقت ۽ حالتن کان بي نياز ٿي پنهنجي علميت ۾ محو هئا ۽ ڪنهن به مولوي ۽ قاضي عام کي حالتن کان باخبر ڪرڻ يا وقت جي حاڪم کي درست ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو وطن دوستي وارو ڪردار ادا نه ڪيو، سچل سرمست انهن کي مخاطب ٿي چئي رهيو آهي:

 قاضي سچ چوان مان توکي، ڇڏ مسائل مصلا،

آءُ ته پيئون پڪ پريمي، مُرَ نه ٿج تــــــون مــلا،

سچل حق نه حاصل تن، بي راه انهي کــــان ڀــلا.

 سچل سرمست وقت شناس ۽ سجاڳ شاعر هو، هن جي ڪلام ۾ جيڪا بيباڪي آهي سابه سندس دور جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي حالتن جي مدنظر آهي. هن بار بار پنهنجي ڪلام جي ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن چاهيو ٿي ته ماڻهو متحد ٿين هنن جي وچ ۾ ڪابه مذهبي تفريق نه هجي بلڪ هتان جو عوام هڪ قوم ثابت ٿئي. سچل سرمست وٽ وحدت جو تصورسمورن فرقن کان بالاتر ٿي هڪ ٿيڻ ۽رياست ۽پنهنجن حقن جي مالڪي ڪرڻ آهي:

جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان

سچو آهيان آءٌ، جو ٻانهو ٻي جو نه ٿيان

 *****

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سچل سرمست

واھ سچل تنھنجو ديس درازا!

اسير نديم علي کھڙائي

سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ عالم اسرار ۾ اناالحق جي سدا بلند ڪرڻ واري برک شخصيت ديس درازا ڌرتي تي “جوئي آهيان سوئي آهيان” واري سدا ۽ ندا بلند ڪرڻ وارو الله جو پيارو ولي نيڪ صالح بندو حضرت سچل سرمست جنھن جي ۲۰۱ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي پري پري کان فقير فقرا مريد ۽ عقيدت منجھان چاھيندڙ پانڌيئڙا ميلي ۾ وڏي رونق بڻجندا آھن، ھن عشق جي طولاني سفر جا ساٿيئڙا پنھنجي محبوب جي درگاھ ۾ اچي سيني اندر سانڍيل ڏک سور پنھنجي ڪامل مرشد آڏو بيان ڪندا آھن، ڇو جو حضرت سچل سرمست جي فڪري فلسفي مان انسان ذات سان پيار محبت ايڪو ٻڌي ۽ پنھنجي ديس درازا سميت ماڻھن ۾ سجاڳي، حق خداريت واري ڳالھ تي عمل پيرا رھيا ۽ حضرت سچل سرمست جا ميلي دوران سندس روضي مبارڪ جا نوري نظارا ميلي جي ماحول کي مھڪائي ڇڏيندا آهن.

مخلص شاعر نديم مغل عقيدت سان لکيو ته:

سجي محفل مچن ميلا سچل تنھنجا سچل تنھنجا،

ڳائن ڳڀرو ٻول سريلا سچل تنھنجا سچل تنھجا،

سچل سائين تو در دانھين من نديم جو ماندوا،

خوش حال ڏسان مارو سارا سچل تنھنجا سچل تنھجا.

الله جي ولي بزگن جون بارگاھون مسڪين اٻوجھ پريشان بي پھچ، دنيا جي ستايل لاچارن بيمارن جن جو الله کانسواءِ دنيا ۾ ڪو سھارو نه آهي، اھڙن بي سھارن ڀٽڪيل انسانن لاءِ بزرگن جون بارگاھون فيض عام جو در بڻيل ھونديون آھن، اھڙن باڪردار ڪامل درويشن جي ڇا ڳالھ ڪجي. سچل سائين فرمايو ته:

ڪڏنھن من ماڪوڙي، ڪڏھن ڪيھرُ شينھن،

سچل سارو ڏينھن، حال نه آ ھڪ جھڙو.

چيو وڃي ٿو ته جڏھن حضرت سچل سرمست مستيءَ ڪيف ۾ ايندا ھئا ته سندس جنمبش مان الله جو آواز بلند ٿيندو ھيو ۽ جڏھن سالم طبيعت ۾ ايندا ھئا ته محبوب بيخودي واري عالم مون ۾ سمائجي ويندو ھيو ۽ سچل سرمست ھن سماج جي فرقن کان بچڻ لاءِ فرمايو ته “نه مان سني آھيان نه شيعو آھيان، مان جو ئي آھيان سوئي آهيان” ۽ ٻيو حضرت سچل سرمست لاءِ مشھور آھي ته، ڪنھن شريعت وارن صاحبان کي ٻڌايو ته سچل وٽ ڀنگ جا پيالا ڀريل آھن ۽ تڏھن شريعت جا صاحبان سچل سرڪار وٽ آيا ۽ سڄي حقيقت پڇائو ۽ جڏھن اھي پيالا چيڪ ڪيا ويا ته حضرت سچل سرمست جي ڪرامت سان آھي پيالا کير سان پُر نظر آيا ۽ اھڙي طرح حضرت سچل سرمست جي بزرگانه ڪيفيت جي الستي آواز مان صدا آئي ته “تن ۾ الله سو من ۾ الله، محبوب ڳولھي ڏس، من ۾ الله، سچل سائين صحيح ڪري ڄاتم دوست مليم ڪک، پن ۾ الله، محبوب ڳولھي ڏس ھو من الله....!

حضرت سچل سرمست پنجتن پاڪ جي فضيلت ۾ فرمائي ٿو ته:

پنجتن پاڪ حمايت ميڏي،

سچل خاص غلام مولا سچل خاص غلام،

حق موجود، سدا موجود.

تعلقي گمبٽ جي کھڙا شھر جنھن کي شرعي علم و ادب جو گھوارو سمجهيو ويندو آھي، جتي وڏين وڏين بزرگ هستين جنم ورتو. جنھن ۾ کھڙا شھر جا سيد سادات، کھڙا جا مخدوم صاحبان ۽ سچل سرڪار جي علم و فيض جي درياهه مان سچل جي الستي عشق واري اسرار ۾ اٽڪي کھڙا جي بزرگ ولي ميانڻ سائين چنيھ فقير به ڀٽڪيل انسانن لاءِ فيض جو در بڻيل آهن. سچل سرڪار الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سدائين عاجزي، رياضمندي، نياز، نوڙت، خلوص سان مالڪ خالق جي حضور ۾ دعا گهرندي نظر آيا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


عبدالوھاب کان سچل ۽ سچل کان سرمست تائين

راز علي گل ڀٽو

حافظن ۽ شاعرن جي فاروقي گھراڻي جي نور نظر عبدالوھاب جي خاندان عرب کان سنڌ ۽ پوءِ سيوھڻ کان ٿيندو اچي راڻي پور جي ڀرسان اتر طرف درازا شھر ۾اچي منزل انداز ٿيو، جيڪو شھر بعد ۾ سچل سرمست جو مسڪن ٿيڻ کانپوءِ درازا شريف ٿي ويو، سندس گھراڻو عالمن جو گھراڻو ھيو، جنھن ۾ وڏا نالي وارا ڳالم، حافظ قرآن ۽ شاعر ٿيا. ان ڪري علم۽شاعري سچل سرمست کي ورثي ۾مليا، سچل سرمست جي گھراڻي جي درازا ھجرت وقت سنڌ ۽ خير پور شاعرن ۽ اديبن جو مسڪن ھئي، جيئن ته خير پور جي ٽالپور حاڪمن جي مادري زبان سرائيڪي ھئي، ان ڪري رياست جي گھڻي آبادي به سرائيڪيءَ ۾ڳالھ ٻولھ ڪندي ھئي، ان سبب جي ڪري سچل سرمست جي ڪلام جو گھڻو حصو سرائيڪيءَ تي ٻڌل آھي.

سچل سرمست ننڍي ھوندي کان وٺي گوشه نشيني ۽ اڪيلائي پسند ھيو، جنھن ڪري سندس گھڻو وقت سوچ ويچار ۽ استغراق ۾ گذرندو ھيو، ان ڪري نيون سوچون ۽ ويچار سندس ذھن ۾ اڀرندا ھئا، جن کي شاعريءَ جي صورت ۾ زبان تي ٻاھر آڻيندو ھيو، سندس ڪلام کي پاڻ ۽ سندس ٻالڪا فقير ساز سرودتي ڳائيندا ھئا، سندس ڪلام گھڻي ڀاڱي فقيھ ۽ فلسفي تي ٻڌل آھي، جنھن کي رندي رمز وارو ئي پروڙي سگھندو، سندس اڪثر ڪلام وجد واري ڪيفيت ۾ چيل آھي، جڏھن سامت ۾ ايندا ھئا ۽ فقير کين سندن چيل ڪلام ٻڌائيندا ھئا ته پاڻ جاب ڏيندا ھئا ته بابا چوڻ واري چيو آھي اسان کي ڪھڙي مجال آھي، موج مستيءَ وقت سندن روحاني رابطو به پنھنجي حقيقي مالڪ سان ھوندو ھيو، ان ڪري ئي اھڙين خوبين وارا خيال اوتيندو ھيو. ننڍي ھوندي ديني تعليم پنھنجي خانداني بزرگن کان ورتائون، انتھائي ننڍڙي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائون، ان نسبت سان کين حافظ عبدالوھاب به چيو ويندو آھي، دنوي بجاءِ ديني ڪتابن ڏانھن گھڻو مائل ھوندا ھئا، پاڻ ڦيڻي ڇنڊي ۽ پيريءَ مريديءَ کان پري ھوندا ھئا، سموري عمر ۾ ڪنھن کي مريد نه ڪيائون، خواھشمندن کي مريديءَ لاءِ پنھنجن بزرگن ڏي رجوع ڪندا ھئا، باقي ٻالڪا ۽ فقير سندس خدمت ۽ صحبت ۾ رھندا ھئا، جن پڻ سندن صحبت جي ڪري وڏو نالو ڪمايو، جن ۾ فقير نانڪ يوسف، يعقوب فقير سر فھرست آھن، مراقبي ۽ اڪيلائيءَ پسنديءَ جي ڪري گھڻو سير سفر نه ڪيائون، ڪتابي روايتن ۾ سندن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ خير پور ۽ ان جي آس پاس جو سفري سراغ ملي ٿو، سندن پئدائشي نالو ته عبدالوھاب ھيو جيڪو قرآن حفظ ڪرڻ کانپوءِ حافظ عبدالوھاب ٿيو،ان کان پوءِ چوڏھن سالن جي عمر کان پوءِ شعر چوندي سچيڏنو، سچو ۽ سچل تخلص استعمال ڪيائون، جنھن مان سچل گھڻو استعمال ۽ مشھور ٿيو، اڳتي ھلي فارسي ۽ عربيءَ ۾ شاعري ڪيائون، جنھن ۾ خدائي ۽ آشڪار تخلص طور ڪتب آندائون، ان ڪري کين ھفت زبان شاعر به سڏيو ويندو آھي، ڇو ته چيو وڃي ٿو ته پاڻ ستن زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿائون، جن ۾ سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي، عربي، فارسي ۽ بلوچي شامل آھن، پر ان راءِ سان مشھور اديب ۽ شاعر استاد عطا محمد حاميءَ اختلاف ڪندي چيو آھي ته سچل سرمست ستن زبانن جو شاعر ناھي، جيڪا دعويٰ اڃان تائين تحقيق طلب آھي،سندس شاعريءَ جون ٻه منزلون آھن، ھڪ وجد ۽ سرمستيءَ واري ڪيفيت ۽ ھجت، ٻيو وري عام حالت ۾ چيل ڪلام جنھن ۾ غضب جي عجز و انڪساري آھي،موج ۽ مستيءَ واري حالت ۾ چيل ڪلام جو نمونو،

ڪوئي ڪم ڪريجي،

جنھن وچ الله آپ بڻيجي،

مان جوئي آھيان،

سوئي آھيان،

اصل آھيان اسرار،

ظاھر ڳالھ زبانون ناھي،.

عام حالت ۾ چيل شعرن جو نمونو،

ننگڙا نماڻي دا،

جيوين تيوين پالڻا،

اصل اسان جو آھي يار،

ننگ ٻاروچل توتي۔

نال تيڏي لک واري واري

الله اسا ڏي زاري زاري.

مستيءَ ۾ پھچ واري ھجت جو انداز آھي، جڏھن مٿس الا ھي آمد ٿئي ٿي، عام حالتن ۾ عجز و انڪساريءَ جو اھو حال آھي، جو چوي ٿوته اي مالڪ اسان ھيڻن جو ننگ توتي آھي،ڪمزور ۽ نماڻيءَ کي پالڻو اٿئي، جيئن تيئن ڪري پنھنجو ڪر، پاڻ محبت، ھيڪڙائيءَ ۽ رواداري جا قائل ھئا، ڪنھن ھڪ عقيدي ۾ انتھا پسند نه ھئا، ھر ڪنھن جو احترام ڪندا ھئا، ڪيترائي ھندو ۽ ٻيا غير مسلم سندن عقيدت مند ۽ صحبتي ھوندا ھئا، جنھن جو مثال سندن صحن ۾ نماڻي فقير جي قبر جي موجودگي آھي،ان کان علاوه سندن چلي واري کبڙ جي ڀرسان ھندو مرد ۽ عورت جون قبرون به موجود آھن، جن جا لاش سندن وصيت مؤجب برطانيا مان آڻي ھتي دفنايا ويا ھئا، سندن محفل، ڪچھريءَ ۽ صحبت ۾ ھر وقت ھر عقيدي ۽ مذھب وارا ماڻھون شريڪ ھوندا ھئا ۽ عزت ماڻيندا ھئا، سندن گھڻو وقت مراقبي ۽ سماع ۾ گذرندو ھيو، سچل سائينء جو دؤر ۱۷۳۹کان۱۸۲۶جو آھي، جنھن جي وچ ۾ سنڌ ۾ ننڍيون وڏيون ٻاويھ جنگيون لڳيون،جن جو سندن طبيعت ۽ ماحول تي وڏو اثر پيو. پاڻ ڪمائو ملن جي خلاف ھئا، جن جو ڪم انڌي جي لٺ وارو ھيو، ان سلسلي۾سندن ڪلام جو نمونو آھي ته:

خيال بزرگي ريٽي ڇڏ تون،

منگ نه تون مخدومي،

نڪي پير مشائخ ٿج تون،

نڪي ٿج نجومي.

ڪوڙين رسمن رواجن، ڌاڳن ڦيڻن جو سخت مخالف ھيو، پاڻ وڏو صورت ۽ سيرت پرست ھيو. لڳاتار جنگين سنڌين کي ھيسائي ڇڏيو ھيو، ھرپل پاڻ کي ڪسندو محسوس ڪندا ھئا، ھونئن ته پاڻ شاعريءَ جي ھرصنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، مگر خاص ڪري ڪافئ جا سرواڻ شاعر آھن، سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافي ڄڻ سندن سند آھي، سنڌ کان علاوه پنجاب ۽ بلوچستان جا شاعربه کائن متاثر ھئا، خاص ڪري خواجا غلام فريد، رکيل شاه ۽ چيزل شاه وغيره، سرئيڪيءَ ۾ سندس سه حرفيون، ڏوھيڙا ۽ ڪافيون ڪمال درجي جا آھن، سندن ڪلام ۾خود شناسيءَ تي وڏو زور ڏنل آھي، مثال طور:

آکيس آپ سڃاڻڻ ٻاجھون،

ھمدم مول نه ٿيوين،

آکيم ايوين سائين ايوين۔

پاڻ سرائيڪي شاعري کي به ڪمال تي رسايائون، سندن ڪلام تي عشق ۽ اکڙيون حاوي آھن، پاڻ ھمه اوست ۽ صوفياڻي پرچار جو شاعر آھي، پاڻ خدا ۽ بندي جي درميان سڌو رابطو چاھي ٿو، پاڻ رب کي رحيم ۽ ڪريم سمجھي ھجت به ڪري ٿو، کيس غفلت کان نفرت آھي،سچل سرمست جي عمر ۾ خيرپور رياست تي مير رسرم خان ۽ مير علي مراد خان جي حاڪميت ھئي، مير رستم خان درگاهه جي خرچ پکي لاءِ ميان سخي قبول محمد فاروقيءَ کي جاگير ڏني ھئي، خير پور جا مير درگاه درازا جا وڏا معتقد ھئا،پاڻ وھٽ سواريءَ تي چڙھڻ پسند نه ڪندا ھئا، گھڻو ڪري پيرين اگھاڙا رھندا ھئا ۽ ھٿ ۾ لٺ کڻندا ھئا، زمين تي يا صندل تي سمھندا ھئا، کٽ ڪڏھن به استعمال نه ڪيائون، ڪڏھن ڪنھن حلال شئي کي ذبح نه ڪيائون، اڪثر تنبورو ساڻ رکندا ھئا، سني، شيعي، ھندو، مسلم جو فرق نه رکندا ھئا، راڳ ويراڳ جو ازحد شوق ھين، پاڻ سني عقيدي سان واڳيل ھئا، پاڻ ڳائيندا به سٺو ھئا، تنبورو به وڄائيندا ھئا، پنھنجي ڪلام ۾ منصور، عطار، شمس تبريز جي خيالن کي ظاھر ڪيو اٿس، جوانيءَ تائين پنج وقت نماز پڙھندا ھئا، فاروقي خاندان جو ھيءُ چشمو چراغ ھمشه بزرگن جي ڀاڪرن ۾ ھوندو ھيو، ھمه اوست جي غلبي ھجڻ ڪري گھڻو ڪلام وجداني ڪيفيت ۾ چيل اٿس، جيڪو سندن فقير لکندا ويندا ھئا، ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ گھڻو ڪلام ساڙائي ۽ ٻوڙائي ڇڏيندا ھئا، جيئن بي خبر ماڻھون گمراه نه ٿي وڃن، اميري غريبيءَ ۾ فرق جا قائل نه ھئا، سادو کائڻ ۽ گھٽ کائڻ پسند ڪندا ھئا، اڪثر روزي ۾ رھندا ھئا.

سندن وصال چوڏھن رمضان المبارڪ تي ٿيو، جنھن تاريخ تي ھر سال درگاهه درازا تي سندن عرس ملھايو ويندو آھي، سندن موجوده مقبرو مير رستم خان اٽڪل ٻه سؤ سال اڳ ۾ ٺھرايو ھيو، جيڪو ھاڻي جھونو ٿي چڪو آھي ۽ مرمت لاءِ سنڌ سرڪار جي توجھ جو طالب آھي، عبدالوھاب کان سچل ۽ سچل کان سرمست تائين جو سندن ذري گھٽ صديءَ جو سفر آھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


حضرت سچل سرمست

درازن جو دُولهه

طاھر حسين مهيسر

سچل سرمست به ان راھ جو راھي آھي جنهن تي صوفي شاھ عنايت شهيد، شاھ ڪريم بلڙي وارو ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ گامزن ھئا، انهن سڀني تصوف جون رمزون پنهنجي مام ۾ چيون آھن پر حضرت سچل سرمست ھڪ ڳالهھ ۾ انهن سڀني کان مختلف آھي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واقعي چئي ڏنيون آھن.

درازن جي دُولھه عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جنهن کي هفت زبان يعني ستن ٻولين وارو شاعر چيو ويندو آھي، ان سنڌ ۾ صوفي ازم ۽ تصوف جي شاعري ذريعي پرچار، اپٽار، ڇيد ۽ وضاحت تمام سٺي سهڻي ۽ بهادراڻا انداز ۾ ڪئي آهي. هونئن ته سنڌ ۾ صوفي ازم جو سڄو سهرو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي طرف وڃي ٿو پر ان پنهنجو مؤقف ويڙهي بيان ڪيو آهي. پر سچل سرمست پنهنجو پيغام کلي عام ۽ چٽي نموني سان بيان ڪيو آهي. جيئن ”جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مست و مست مدام“ يا وري ”آئون جو ئي آهيان، سو ئي آهيان“ جهڙيون سٽون جنهن انداز ۾ چيون آهن.

اهو حضرت سچل سرمست جو ئي ڪمال آهي. سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد، بيدل، بيڪس، چيزل، محمد فقير کٽياڻ، فقير ولي محمد لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن صوفي ازم جي تمام بهترين پرچار ۽ تبليغ پڻ ڪئي آهي. پر جهڙي نموني سچل سائين صوفي ازم کي پنهنجو آئيڊيل ۽ مقصد بڻائي پرچار ڪئي آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن سنڌ ۾ نه ڪيو آهي، سندس جي شاعري جيڪا تقريبن سڄي صوفي ازم تي ٻڌل آهي، جيڪا ستن ٻولين ۾ شامل آھي جن ۾ سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي، عربي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن، سنڌ جا تقريبن سڀئي شاعر صوفي ازم جا پوئلڳ ۽ پرچارڪ رهيا آهن پر جنهن انداز سان سچل سرمست مُلائيت جو مقابلو ڪيو آهي، جنهن نموني سان هن رجعت پرستيءَ ۽ انتهاپسنديءَ کي ننديو آهي، اهڙيءَ ريت ٻئي ڪنهن به شاعر مزاحمت نه ڪئي آهي.

مَاٺِ ڪَيان ته مُشِرَقُ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر،

انهيءَ وائي وَرِ، سمجهي ڪو سَچُو چئي.

سچل سرمست ضلعي خيرپور ميرس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ”درازا“ شريف ۾ ميان صلاح الدين فاروقي جي گهر ۾ سنه ۱۱۵۲ ھجري (۱۷۳۹ع) ۾ اک کولي سندس جو اصل نالو عبدالوھاب ھو ننڍ پڻ کان وٺي پاڻ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چيو ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪري سندس کي مٽ مائٽ اوڙي پاڙي جا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو ۽ بزرگ کيس ”سچو“ ۽ ”سچيڏنو“ ڪري سڏيندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيڻ لڳو، حضرت سچل سرمست ميان صلاح دين فاروقي جو اڪيلو فرزند ھو ڇهن سالن جي ڄمار ۾ کيس پيءُ جي پيار واري شفقت کان محروم ٿي ويو جنهن کان پوءِ چاچي ميان خواجه عبدالحق فاروقي جي تربيت ھيٺ رھي ڪري روحاني فيض پرايو. ھيءُ حافظ قرآن سان گڏوگڏ عربي و فارسيءَ جو عالم پڻ هيو، هڪ روايت موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪنهن ڪم سانگي درازا شريف ۾ آيو ھو، تڏهن سچل سرمست اڃان ٻالڪ هو، شاهه صاحب ڏسي کيس چيو ته؛

”هيءُ نينگر اسان جي چاڙهيل ڪنيءَ جو ڍڪڻ لاهيندو.“

وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اڳتي هلي سچل سائين اها ڳالهه سچ ثابت ڪري ڏيکاري ۽ پاڻ ”هفت زبان“ شاعر سڏجڻ لڳو، ”ھفت زبان“ مان مراد ست زبانون ڄاڻيندڙ ھن هڪ ئي وقت سنڌي، ھندي، عربي، فارسي، سرائيڪي، پنجابي ۽ اُردو زبانن ۾ شاعري پڻ ڪئي آھي تاريخ ۾ ھن جا ھڪ لک ڇٽيھ ھزار ڇھ سئو ڇهن شعرن تي مشتمل شاعري ملي ٿي پاڻ شاعر کان علاوه صوفي درويش پڻ ھئو ۽ پاڻ روزي نماز ۽ شريعت جو پڻ پابند ۽ پاڻ انسانيت جو علمبردار ۽ انسان دوست ٿي ڪري زندگي وقف ڪئي آھي.

سچل سرمست سنڌ جي صوفي شاعرن جو امين آھي جنهن جو فيض ايترو ته وسيع آھي جنهن منجهان اڄ به اڃيارا پنهنجي اُڃ اوجهائي رھيا آھن، موجودھ دورو ۾ جتي دنيا بارود جي ڍير ٿي بيٺي آھي ۽ ھر پاسي حسد، ڪينو ۽ نفرت پکڙيل آھي انهيءَ حالات ۾ سچل جو فڪر سنڌ سميت دنيا جي ماڻهن لاءِ پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو سبب آھي، ھن ڌرتيءَ جو خمير امن ۽ آشتيءَ وارو رھيو آھي انهيءَ ڪري ھيءُ خطو صوفي فڪر ۽ روايتن سان مالا مال پڻ رھيو آھي.

سچل انسان ۽ سندس جي عظمت کي افضل سمجهيو آھي ۽ انسانذات کي به اھو ئي درس ڏنو آھي ته انسان افضل آھي، غم سهي ڇڏيو، غم کائي ڇڏيو ۽ غم کي پئي ڇڏيو پر انسانيت کي ڪڏھن به نه ايذايو ۽ پنهنجي محبوب کي ڳولهيو عشق کانسواءِ ڪجھ به نه آھي، تڏھن ئي ته چيو اٿائين ته؛

”سچل سچي ڳالهھ عشق دي، ٻيا مڙئي پنڌ اجايا“

سنڌ صوفي بزرگن جي سرزمين رھي آھي جنهن تي ھميشه حق ۽ سچ جو آواز بڻجي مانجهي مرد مجاهدن انساني آزاديءَ سميت حق ۽ سچ جو درس ڏيڻ سان گڏوگڏ مظلوم ماروئڙن جي عزت ۽ آجپي لاءِ سموري زندگي وقف ڪئي آھي پر ڏاڍ، جبر، بربريت، ظلم جي آڏو ڪين جهڪيا آھن.

سنڌ جي فقير صفت انسانن، درويشن ۽ صوفي بزرگن پنهنجي درس ۽ شاعريءَ جي ذريعي پوري دنيا ۾ وحدت الوجود، هيڪڙائيءَ ۽ انساني دوستيءَ جي پرچار سان گڏوگڏ قومي يڪجهتيءَ جي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ ان وقت جي خدائون، جابرن ۽ سامراجين جي رستا روڪ ڪندي پنهنجي فڪري لاٽ سان عوام جي شعور کي بيدار ڪيو آهي. سچل عشق، محبت ۽ انساني آزاديءَ جو علمبردار، امن ۽ اتحاد جو پيامبر، وحدت الوجود جو درس ڏيندڙ سچو ۽ کرو عالم ھيو.

سنڌ جي صوفي بزرگن انسان دوستي ۽ رواداري تي ايمان رکيو آھي ۽ ھميشه مذھبي رواداري کان ڪم ورتو آھي مولوين وانگر انهن ڪڏھن به اسلام جي نعري کي جنگ جو نعرو بلند ناھي ڪيو ۽ ھر وقت انهن جي اھا ڪوشش رھي آھي ته انهن معاملن، مسئلن ۽ جهڳڙن کان مٿانهون رھي ڪري انسان زات جي خدمت ڪئي وڃي ۽ ائين ئي سچل ڪري ڏيکاريو آھي.

سچل سرمست ان وقت جي سامراج سان بغاوت ڪري اھڙي ته شاعري ڪئي جنهن سان جهالت واري اونڌاھي کي شڪست آئي ۽ ھر طرف حق ۽ سچ جي روشنيءَ جون لاٽون ٻري پيون ھيون ۽ ڀليل ماڻهن کي سڌي راهه ڏيکارڻ جي لاءِ لازوال جدوجهد پڻ ڪئي.

سچل سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي روحانيت جي سڳند ۽ سرھاڻ سان سرھو ڪري ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري چوڏھن رمضان سنه ۱۲۴۲ ھجري، ۱۱ اپريل (۱۸۲۷ع) تي ۹۰ ورھين جي ڄمار ۾ وصال ڪيو انهيءَ تاريخ تي ھر سال درگاھ تي”عرس“ ميلو لڳندو آھي ۽ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان سندس سان پيار ڪندڙ ۽ پانڌيئڙا اچي سڪ جو سلام ڀريندا آھن، سندس جو مقبرو درازا شريف ۾ موجود آھي ۽ مقبرو ان وقت جي خيرپور ميرس جي والي مير رستم خان ۱۴۴۰ ھجريء ۾ تعمير ڪرايو ھيو. جڏھن ته موجودھ وقت ۾ درگاھ بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم ٿي چڪو آھي ۽ ان طرف ڪير به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناھي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا ڳڻتي آھي.

درازن جي دُولهھ عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست  جي فڪر مان انسانيت سان محبت، پيار، ڀائيچاري ۽ امن جو درس ملي ٿو. سچل سائين امن جو پارکو هيو جنهن جي ڏنل درس کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي موجودھ صورتحال جتي مذهبي انتهاپسندي ڳڙھ بڻيل آهي اتي سچل سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جيڪا مذهبن جي ماءُ سڏي ويندي آھي ۽ ھر مذھب جو احترام ڪيو آھي جنهن جا مثال سنڌ جي مختلف شهرن اروڙُ روهڙي ۽ امرڪوٽ ۾ اڄ به اُھي جڳهون ملنديون جتي مسجد ۽ مندر جي ديوار هڪ آهي.!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



سچل سرمستؒ

سچُوءَ جي سچَ جو هوڪو عالمي پيغام بڻجي ويندو

ياسر قاضي

سچي سائينءَ کي موڪلائي ٻه سو ٻه ورهه ٿي ويا. قومن جي تاريخ ۾ اهو ڪو وڏو عرصو ڪونهي هوندو. قومن کي ڪِرڻ کانپوءِ اُٿڻ ۾ صديون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ’ملينيمس‘ لڳي وينديون آهن. پر افسوس اهو آهي ته اسان پنهنجن اصل ’لينڊ مارڪس‘ کي دريافت ڪرڻ جو آغاز ئي ڪونهي ڪيو ۽ نه ئي ويجھي مستقبل ۾ اهڙو ڪو ارادو نظر اچي ٿو. اسان پنهنجي پنج هزار ساله قديم تهذيب تي رڳو جُھمريون هڻي ڄاڻُون، پر ان کي ’ايڪسپلور‘ ڪرڻ جي زحمت نٿا ڪريون. ان ماضيءَ ۾ پنهنجي ڪيل اجتماعي غلطين جو ادراڪ اسانجي ترجيح آهي ئي ڪانه! ته جيئن انهن لغزشن کي مستقبل ۾ نه ورجايُون ۽ ساڳيا ڌَڪ وري نه کائُون. ڀٽائيءَ کان سچل تائين اسان پنهنجن زندگيءَ کان قدآور فڪري پيشوائن سان ڪهڙو انصاف ڪيو آ؟ عام ماڻهوءَ کان وٺي سنڌ جي عالم ۽ اسڪالر تائين انهن جو حق ڪنهن به ادا ڪونهي ڪيو. عام ماڻهوءَ لاءِ لطيف يا سچل جو ميلو رڳو ڏُونگھيءَ واري مٺائي کائڻ، مؤت جو کوهه ڏسڻ ۽ ’لاهوتيءَ جو اعلان آ... ڏهه روپيا گلاس آ...‘ جو هوڪو ٻڌڻ جو بهانو آهي ۽ اسانجي ’سرڪاري عالمن‘ لاءِ گذريل ۲۰ سالن کان پڙهجندڙ پنهنجي ئي لکيل ساڳئي مقالي کي ’اَلٽر‘ ڪري، ابتدائيو ۽ اختتاميو مَٽائي، ڪانفرنسن ۾ پڙهي، يا سرڪاري جرنلن ۾ ڇپرائي، اعزازيي جو لفافو وٺڻ جو بهانو... ڀٽائيءَ جي حيات ۽ فڪر تي ته وري به رُوپئي مان اڌ آنو ڦولها ٿي آهي، پر اسان ’سچُوءَ‘ سان ته اقليتن کان به برو سلُوڪ ڪيو آهي، جو سندس گُوناگُون ڪلام جو نه حظ وٺي سگھيا آهيون... نه فيض... نه ان جي تشريح ڪري سگھيا آهيون... نه تفهيم... نه انهن سٽن جي سوجھري ۾ سندس ادبي قد جو تعيُّن ڪري سگھيا آهيون... نه ئي وري سندس لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي زندگيءَ بابت تحقيق ڪري سندس شخصيت جو پُورو خاڪو چٽي سگھيا آهيون. اسان بس کيس ’منصُورِ ثاني‘ چوڻ سان گفتگوءَ جو آغاز ڪري، کيس حضرت فريدالدّين ’عطار‘ جو شيدائي چوڻ سان پنهنجي ڳالهه جو اختتام ٿا ڪريون. ڄڻ هن هيڏي وڏي ’عالم ــ شاعر‘ جي ڪلام تي ٻئي ڪنهن جي به ڏاهپ جو اولڙو نه پيو هوندو!؟ عالمي سطح تي ته ٺهيو، پر اسان سچل کي مڪمّل طرح سان قومي سطح تي ئي متعارف ناهيون ڪرائي سگھيا. 

هونئن ته سنڌ ۾ سياست جي لحاظ کان ڪوبه زمانو سڌو ۽ سادو ڪونهي رهيو، پر سچل سائينءَ جو زمانو غير معمولي طور سياسي اُٿل پُٿل جو زمانو رهيو. سچو سائين ڄائو ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾، پر سندس جوانيءَ ۽ بزرگيءَ جا ڏينهن ٽالپرن جي زماني ۾ گذريا. هن ڪلهوڙن جو آب تاب پنهنجي اکين سان اُجھامندي ۽ مِيرن جو اُڀرڻ پڻ پنهنجي هوش ۽ شعور سان ڏٺو، پسيو ۽ محسوس ڪيو. خود سندس ئي پَرڀري پاڙي ۾ ’هالاڻيءَ بهلاڻيءَ واري ويڙهه‘ ٿي. جيڪا سائين پروفيسر محمّد پناهه ڦرڙي مرحوم جي بقول ’دنيا جي مختصر ترين جنگ‘ هئي. جيڪا فقط لڳ ڀڳ ساڍا ۷ منٽ هلي. ان کان اڳ جي واقعن تي نظر ڊوڙائي ڏسون ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي جھوڪَ واريءَ جنگ ۾ شهادت کي ڪو گھڻو وقت ڪونه گذريو هو، نه ئي وري سچي سائينءَ جي پاڙي ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙائي شهيد جو رتُ ئي اڃا سُڪو هو. هوڏانهن ڪلهوڙن جي گھر ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پنهنجي ڀاءُ عطر خان سان تنازعو، ميان سرفراز خان ۽ ميان بجار خان جي شهادت، مير بهرام خان جي پنهنجي پُٽ مير صوبدار خان سميت مارجڻ جهڙا اهم ۽ دل ڏاريندڙ واقعا سچل سائينءَ جي دؤر ۾ سندس ئي آسپاس ٿيندا رهيا. رڳو اهو ئي نه پر مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪيل ڪِيسن جا داستان به ان ئي دؤر ۾ رقم ٿيا. ان سان گڏ مير غلام محمّد خان ٽالپر (جيڪو مير سهراب خان جو سڳو ڀاءُ هو) امر ڪوٽ جي قلعي جي نواح ۾ (يا ڪن تاريخن موجب قلعي جي اندر) راجپُوتن هٿان مؤت جو کاڄ بڻيو. ٽالپرن ان ئي زماني ۾ نه رڳو سنڌ ۾ ’ٽنڊي‘ جي لفظ سان شروع ٿيندڙ نيون وسنديون اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ شروع ڪيون، بلڪه سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن جي تعمير جي به شروعات ڪئي، جن جي اڏاوت جو مک سبب راجپُوتن، دائودپوٽن ۽ سِکن جي حملن کان بچاءَ جي حڪمتِ عملي هئي. سموري هندوستان سميت سنڌ ۾ هر طرف عجيب بي يقيني، ڊپ، حراس ۽ ڏهڪاءَ جو عالم هو. مجموعي طور تي هندوستان جي ڳالهه ڪنداسين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي جاسوسيءَ ۽ حرفت واريءَ چال سان لڳ ڀڳ سڄي هندوستان ۾ پير کُپائي چُڪي هئي ۽ ڪن ڪمپنين، ڌُرين ۽ فردن کي پنهنجي قرض ۽ وياج جي ڄارَ ۾، ته ڪن کي پنهنجي انتظامي حڪمتِ عمليءَ جي ڦنڌي ۾ ڦاسائي چُڪي هئي ۽ ملڪ تي وڏي آپريشن رستي قبضي جي تياري مڪمّل ٿي چُڪي هئي. اها ديڳ ان حد تائين پچي چُڪي هئي، جو سچي سائينءَ جي برقعي مٽائڻ کان فقط ۳ ڏهاڪا پوءِ غدر متو ۽ انگريز هندوستان کي باقاعدي ڦٻائي، هتي پلٿَ ماري، ويهي رهيو. ڇا سچي سائينءَ پنهنجي ۹ لک ۳۶ هزار ۶۰۶ شعرن جهڙي جامع ۽ ڳُوڙهي ڪلام ۾ اهڙين هوش رُبا سياسي حالتن جو ذڪر ئي نه ڪيو هوندو؟ ۽ ”آهي اِنهن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو! ويٺو وٺِي آهيان هِت، ڪاملَ قرار تُنھنجو!“ جو ورلاپ جپيندڙ سدائين ان ئي خمار ۾ مبتلا رهيو هوندو!؟ جو کيس پيش و پس جون سياسي حالتون نظر ئي نه اچن ۽ انهن تي پنهنجي قلم کي جُنبش ۾ نه آڻي. اها اسان جي ڪم نظري آهي، جو اسان سندس ڪلام منجھان ان پُرآشوب سياسي دؤر جي تاريخ کي ’ڊيِ ڪوڊ‘ ۽ ’ڊسائيفر‘ ناهيون ڪري سگھيا.

رڳو سياسي حوالي سان ئي نه، پر هي خطِّو ان زماني ۾ معاشي اُٿل پُٿل جو محور ۽ مرڪز به رهيو، ڇاڪاڻ ته سياسي حالتن جو سنئون سڌو اثر علائقي جي معيشت تي پوندو آهي. ڇا ’سچُو‘ پنهنجي آسپاس جي لوڪ جي انهن معاشي اڻ برابرين کان غافل رهيو هوندو؟ هوڏانهن سنڌ جون مذهبي حالتون به ڪي سڌيون ڪونه هيون. ٿوريءَ گھڻيءَ ڳالهه تي هندن کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ريت رُڳو اڄڪلهه جي ناهي، بلڪه سچل جي زماني ۾ خود سچل جي پاڙي وارين خانقاهن جي زور زبردستيءَ هٿان ڏهاڙي اهڙا ظلم پيا ٿيندا هئا. اهڙين ويساهه گھاتين کي نه رڳو ٻين خانقاهن جي پِيرن جي، بلڪه حاڪميت وارن حلقن جي پٺڀرائي به حاصل هوندي هئي. جنهن سبب اهو ظلم روز کان روز، وڌ کان وڌ هو. ڪجھه درگاهن جي گاديءَ ــ ڌڻين جي فتويٰ، عام ماڻهن سان گڏو گڏ سرڪاري حلقن ۾ به پٿر تي ليڪ جو درجو رکندي هئي. تنهنڪري اقليتن سان ظلم جو اهو سلسلو اڻ کُٽ هو. ردِ عمل طور مذهبي ٿورائيءَ وارا اهي حلقا، اهڙين درگاهن جي ڌڻين سان گڏوگڏ حاڪمن خلاف پڻ برسرِ پيڪار رهندا هئا ۽ جڏهن انگريز هتي پنهنجا پير کوڙيا ته اقليتون پنهنجي پناهه خاطر انهن جُون حامي ٿي بيهي رهيون ۽ اهڙين خانقاهن جون دانهي ٿي انگريز کان انهن خلاف ڪارروائيءَ جي گُھر ڪيائُون. تڏهن ته سچل ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو مُنجھايا... شيخي، پيريءَ، بُزرگيءَ بيحد ڀُلايا“ يا ”مُلان مار مَ مُون... سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان مان...“ جهڙا ورلاپ ورايا. اهو اهڙين مذهبي عدم مساوات تي ٻڌل حالتن جو ئي نتيجو هو، جو هن ’آشڪار‘، مُلان، قاضي، مفتيءَ، مخدوم، شيخ ۽ پير جي خلاف کُليو اعلانِ جنگ ڪيو ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ ۽ پردي غلاف جي پنهنجي ڪلام ۾ انهن کي سچ ڦهڪائي ڏنائين. جنهن جو مثال اسانکي سندس ڪلام ۾ جابجا ملي ٿو. پر ڇا انهن ظاهري احتجاج وارن بيتن ۽ سٽن کانسواءِ ’خدائيءَ‘ جو اهڙو ٻيو ڪلام ڪونه هوندو؟ جنهن ۾ هن مام جي پردي ۾ به انهن ڪلُورن جو ذڪر ڪيو هجي!؟

اهڙي بي باڪ ٻولي ٻوليندڙ، انهن ئي خانقاهن جي ٺيڪيدارن، مُلن، قاضين ۽ مفتين جي وچ ۾ ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو، ته ڇا سندس جان کي ڪو خطرو ڪونه هو؟ يا جيئن ڀٽائيءَ کي مارڻ جُون متعدد ڀيرا سٽُون سٽيُون ويون... کيس ڇِتي گھوڙيءَ تي ويهاري سواري ڪرائي سندس سر کڻڻ جي ڪوشش وئي... معجُون ۾ زهر ملائي کارايو ويو... مرزا مغل بيگ پاران ’ڀئينءَ پُور‘ ۽ هالا حويليءَ منجھان لڏايو ويو... ڇا اهڙو ڪو واقعو سچي سائينءَ سان پيش نه آيو هوندو؟ ۽ سندس ۹۰ ساله ڄمار ۾ ڇا کيس ڪنهن ڏاڍي پاران ڪنهن کهري رويّي کي منهن ڏيڻو نه پيو؟ ان حوالي سان به تحقيق جي ضرورت آهي. نه ته عقل مڃي ڪونه ٿو، جو کيس پنهنجي اهڙي سخت سچ گوئيءَ جي ردِ عمل ۾ تاءُ برداشت نه ڪرڻو پيو هجي!

سچل رُڳو ”نِينھُن منَجهؤن نامي، معلوم ٿيو محبوب کي، ته به پانڌي، پيغامي، وِرھُ وڌائڻ آئيو“ يا ”راتو ڏينھان روحَ کي، آھِ اوھانجِڙي تاتِ... مَشر آھي مُلڪَن ۾، سَنديَـوَ ڏاڍي ذاتِ“ جي ڳالهه ناهي ڪئي، بلڪه ” ثابت ’سچل‘ سچاري، يارن جي ياد ياري، وحدت جنِين وسارِي، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي“ جو اظهار ڪري الاهي وحدت جو اقرار به ڪري ٿو ته ”عُمر! اَباڻن ريءَ، آءٌ تان ڪوجِهي آھيان... ھيءَ لوئِي نه لاھيان، جا آھ نِشانِي اُن جِي“ جي اپٽار ڪري، مارئيءَ واتان پنهنجي اباڻن ڪکن، مائٽن ۽ جنم ــ ڀوميءَ سان محبّت جو اظهار به ڪري ٿو. سچل سائينءَ، پنهنجي ۱۷ تصنيفن، بشمول سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ۽ دوهيڙا، اردو غزل، مرغ نامه سنڌي، وحدت نامه سنڌي، قتل نامه سنڌي، جُھولڻا ۽ گھڙوليُون، سنڌي مرثيا، ديوانِ آشڪار فارسي، راز نامه فارسي، وحدت نامه، رهبر نامه، عشق نامه، گداز نامه، وصلت نامه، تار نامه، ساقي نامه ۽ بحرِ طويل فارسي ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو اهو خزانو ڏنو آهي، جنهن جي ڳنڍ اڃا اسان کولي ئي ڪانهي ۽ ان جي خوشبُو سڄيءَ سنڌ کي واسي ڇڏيو آهي. اسان جڏهن انهن ۹ لک ۳۶ هزار کان مٿي مڻيان دار بيتن جي عالماڻي تشريح ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان جي سڳنڌ کي عام ڪرڻ جو اهتمام ڪيوسي، ته ان جو هڳاءُ سموري عالم کي انسان دوستيءَ جي هٻڪار سان واسي ڇڏيندو ۽ سچُوءَ جي سچ جو هوڪو هڪ عالمي پيغام بڻجي ويندو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۵ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 


سچل سرمست

هيڪر هيڏي آءُ، مندون موٽي آيون

سدا حيات جلباڻي

سمورو عظيم ادب سچ جي ڳولا آهي، ڪلاڪار ڪوڙ جا تھ پري ڪري سچ نروار ڪري ٿو. الميو تڏهن جنم وٺي ٿو، جڏهن هلندي هلندي هڪ ٻئي کي چاهيندڙ انسانن جي تعلقات ۾ شڪ ۽ وهم داخل ٿي وڃي ٿو. مختلف تهذيبن جا شاعر پنهنجي روايتن موجب اهڙين ڏکين حالتن کي سنڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سنڌ جي مومل راڻي ۽ انگلينڊ جي “اوٿيلو” جي ڪهاڻي ڪجھ ملندڙ جلندڙ آهي، ٻنهي قصن ۾ ڪن ڳالهين تان عاشق ۽ معشوق وچ ۾ غلط فهمي پيدا ٿي پوي ٿي. سنڌ جو راڻو صبر ڪري ٿو. سياڻن جي چوڻي ته “اکين ڏٺي ڳالھ تي به انڌو اعتبار نه ڪجي” تي عمل ڪندي ڪو تڪڙو، اٻهرو ۽ وڏو قدم نه ٿو کڻي. انگلينڊ جي اوٿيلو ۾ اوٿيلو صرف ٻڌ سڌ جي (اصل ۾ غلط) ڳالھ تي هوڙهيائي ڪري ڪهاڻيءَ جي هيروئن ڊيسڊي مونيا کي قتل ڪري وجھي ٿو. اهو تهذيب تهذيب جو تفاوت آهي، ان سان سنڌو وادي جي تهذيب ارفعا ۽ اعليٰ ثابت ٿئي ٿي.

مومل پاران پنهنجي ڀيڻ سومل کي پاڻ سان گڏ سمهارڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي پوندڙ غلط فهميءَ جي ڪري راڻو مومل کان رسي وڃي ٿو. راڻي جي رسامي جي ڳالھ کي سنڌ جي گھڻن شاعرن پنهنجي ڪلام جو عنوان بڻايو آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ مڪمل سر، مومل راڻو انهيءَ موضوع تي آهي. مومل راڻي جو قصي تي سچل سرمست جا بيت به مختلف جائين تي ٽڙيل پکڙيل آهن. اهي لطيف سائين جي بيتن وانگر مڪمل سر وار نه آهن.

راڻي جي رسامي جي ڪري مومل محسوس ڪري ٿي ته سڄي جڳ ۾ ڪاڪ واسين جون گلائون هلن ٿيون. ڏسي ٿي ته ميل ميلاپ جون مندون موٽي آيون، پر راڻو نه وريو. مومل کي مهڻا ۽ طعنا ڏاڍو ڏکوئين ٿا. سچل سائين جي لفظن ۾ چوي ٿي:

ڪاڪ نه ڪر ڪاري، سوڍا لھ سماءُ،

هيڪر هيڏي آءُ، مندون موٽي آيون.

وَرَ جي پري ٿي وڃڻ ڪري مومل پاڻ تي لڳل مهڻن جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگھي. چڱي طرح ڄاڻي ٿي ته اهي طعنا ۽ مهڻا تڏهن ختم ٿيندا، جڏهن ڍٽ جو ڌڻي ڪرهو ڪاهي ڪاڪ ايندو. پاڻ کي غلط فهمي پيدا ڪرڻ جو قصور وار قرار ڏيندي مومل چوي ٿي ته:

هيءَ ڏوهارڻ ڏاھ، تون ڍوليو ڍٽ جو،

ڪامل تکو ڪاڪ تي، چڙهي ڪرهل ڪاھ،

اڻيون ڪنڌيون ڪاڪ جيون، پڻ باغن لڳي باھ،

مون تان ميهڻو لاھ، من مهر پوئي مينڌرا.

مومل کي هر وقت مٿانئس لڳل تهمت لاهڻ جو فڪر آهي. ڄاڻي ٿي ته راڻو وٽس ايندو ته “غير مرد” سان سمهڻ واري قصي جو سچ ۽ ڪوڙ پڌرو ٿي پوندو، سوڍي کي سڏيندي چوي ٿي ته:

آءُ سوڍا ڪر سچ، لاهي مون تان مهڻو،

محبت سندو ٿو ٻري، مون من ۾ مچ،

الله ڪارڻ اچ، ماڳ وسائج مينڌرا.

مينڌري کي پنهنجي گھر اچڻ لاءِ هر هر ايلاز ڪري ٿي. ڀانئين ٿي ته ائين ٿيڻ سان ئي ڪاڪ مٿان ۽ مٿس ٽڪو لهي سگھي ٿو.

اچين جي اوطاق، منهنجي ميان مينڌرا،

عيبن کان آجي ٿيان، ڪوجھي ٿئي نه ڪاڪ،

هير اها هيراڪ، متان مٽين مينڌرا.

مومل مختلف انداز سان مينڌري جي دل کٽڻ جي ڳالھ ڪري ٿي. سوڍي کي عملي قدم کڻڻ لاءِ جوش ڏياريندي چوي ٿي ته تون مرد آهين ته مرد ٿي ڏيکار. مون سان پنهنجو سڱ ۽ نازڪ تعلق سڃاڻ، هروڀرو پاڻ کي ۽ پنهنجي نينهن کي نه لڄاءِ.

مرد ٿيءُ مينڌرا، سوڍا سڱ سڃاڻ،

ڪوھ لڄائين پاڻ، ناحق نينهن کي.

سچل سرمست سنڌڙيءَ جو بي ڀوو ۽ ارڏو شاعر آهي. پنهنجي ڳالھ بي ڌڙڪ ڦهڪائي ٿو ڏئي. شاعريءَ ۾ سڀ نراليون واٽون پاڻ گھڙيون اٿس. سنڌ وطن جي محبت سچل سائين جي روح ۾ شامل آهي. اسان جو سرمست وطن لاءِ اٿاھ محبت مان وطون لفظ استعمال ڪري ٿو. وطن سان محبت جي هڪڙي نشاني اها به آهي ته انسان کي وطن جي آڪاش مٿان اڀرندڙ سج چنڊ تارن، وطن ۾ گھلندڙ هوائن، وطن ۾ وسندڙ مينهن ۽ وطن جي زمين آسمان ۽ ٻين ڳالهين جي پوري پوري سڌ هجي. مٿي ڄاڻايل بيت جي سٽ “هيڪر هيڏي آءُ، مندون موٽي آيون. ” پڌرو ڪري ٿي ته سرمست سائين مندن مٽجڻ بابت وڏي ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ سانگ سانگي وڇڙي وڃڻ ۽ ميل ميلاپ جي رت ۾ جانيءَ جو جوءِ ۾ وري اچڻ جي پل پل جو حساب رکي ٿو. مومل پاڻ مٿان لڳل چٽو لاهڻ خاطر راڻي کي ريجھائڻ لاءِ مند جو حوالو ڏيندي چوي ٿي ته هڪڙو ڀيرو ئي ڪاڪ ڪنڌيئين اچ. “هيڪر” لفظ ۾ وڏي ۽ گهري معنيٰ سمايل آهي. راڻو هيڪر ايندو ته سڀ غلط فهميون دور ٿي وينديون ۽ سمورو سچ ظاهر ٿي پوندو. اهڙي ريت عاشق معشوق وري هميشه لاءِ هڪ ٿي ويندا.


سچل سرمست

سيوھڻ، نورجا (اميناڻي)، گڏيجي ۽ درازا

ڊاڪٽر اظھر علي شاھ

سچل سرمست جي اوائلي خاندان مان شھاب الدين فاروقي اول 712ع ۾ عربستان کان محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ پھتو ۽ سيوھڻ جو حاڪم مقرر ٿيو. ھي سنڌ جو پھريون مسلمان حاڪم ھيو. سندن ڇھن پيڙھين سيوھڻ ۾ مسلسل ديني ۽ دنيوي حڪمراني ڪئي جنھن بعد سلطان محمود غزنوي سنڌ فتح ڪئي ۽ سيوھڻ ۾ ان وقت جي محمد فاروقي جي حڪمراني ختم ڪري سندن لاء پينشن مقرر ڪيائين.

محمد فاروقي جي وفات بعد ھن خاندان خداآباد کان اوڀر طرف اميناڻي ڀرسان ڳوٺ نورجا آباد ڪيو جتي ٻيا بـ ڪيترا فاروقي لڏي اچي ويٺا. اڳتي ھلي محمد فاروقي جي اولاد مان اڻويھين پيڙھي نورالدين جا ٻـ پٽ ابوسعيد ۽ بدرالدين سيوھڻ ۽ نورجن کي خيرباد چئي گمبٽ ۾ گڏيجي ڀرسان شيخ بھاءالدين ذڪريا ملتاني جي خليفي شاھ جمار جا مريد بڻيا ۽ گاگڙي ۾ اچي رھائش پذير ٿيا. چون ٿا ته ابوسعيد ۽ بدرالدين پنھجي مرشد شاھ جمار کان فيض حاصل ڪرڻ بعد جھنگ ۾ گاھ ۽ ڏٿ کائي پيٽ گذر ڪري وڏيون رياضتيون ڪيون ۽ جڏھن شيخ بھاءالدين ذڪريا سنڌ آيو تـ ھنن ٻنھي ڀائرن کي ڏوٿيئڙن جي لقب سان ياد ڪيائين. ابو سعيد جي نائين پيڙھي مان خواجـ محمد حافظ عرف ميان صاحب ڏنو درازن جي موجودھ درگاھ جو باني ٿيو.

دراز ونڊير ۽ ڪاجن ونڊير فاروقين جا نوڪر ھئا جيڪي سندن زمين آباد ڪندا ھئا ۽ انھن جي نالن سان اتي ٻـ ڳوٺ يعني درازا ۽ ڪاجن جا ڳوٺ مشھور ٿيا پر ڪاجن جو ڳوٺ ڦٽي ويو ۽ صرف درازا جي عمر ھميشـ دراز ٿي وئي. چون ٿا ته فاروقين کي گمبٽ ۽ راڻيپور جي وچ واري زمين جاگير طور انعام ۾ ملي ڇاڪاڻ ته سندن خاندان مان ميان احمد فاروقي سرڪاري ملازم ھيو ۽ سندس ايمانداري سان ملازمت ڪرڻ عيوض کيس جاگير جو انعام مليو.

حوالا:

ڊاڪٽر عطامحمد حامي، ”نينھن جا نعرا“، ۱۹۹۲ع

رکيل مورائي، ”سنڌ جو سرمست“، ۲۰۰۹ع



حضرت سچل سرمست

هفت زبان شاعر

صوفي غلام مصطفيٰ

حضرت سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو پر سندن سچ گوئي سبب هر ڪو کين سچو چوندو هو انهي ڪري پاڻ انهي لقب سان مشهور ٿيا ۽ شعر ۾ به سچل يا سچو ڪري استعمال ڪيو اٿن. سندن ولادت باسعادت ۱۱۵۲ هه ۾ درازا شهر ۾ ٿي. درازا راڻي پور کان ۲ ميلن جي دوري تي واقع آهي. سندن تربيت ۽ تعليم جو بندوبست سندن چاچي  عبدالحق جن ڪيو ڇو جو سندن والد اڳئي وفات ڪري ويو هو. سندن والد جو نالو صلاح الدين هو. حضرت سچل سرمست  پنهنجي خاندان بابت فارسي مثنوي رازنامه ۾ ذڪر ڪيو ٿن. ان مطابق سندن ڏاڏو حافظ محمد صاحب ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هو پر هڪ ڏينهن جيئن گهوڙن تي سوار هڪ قافلي سان گڏ ڪم سانگي وڃي رهيا هئا ته هڪ منزل تي سندن ملاقات هڪ بزرگ سان ٿي جنهن  جي تلقين جي اثر ڪري پاڻ قافلي وارن کي ڇڏي هڪ غار ۾ هليا ويا ۽ ياد الاهي ۾ مشغول ٿي ويا ۽ اهڙي طرح ۴-۵ مهينا گذري ويا. ان بعد هڪ بزرگ ان جاءِ تي تشريف فرما ٿيو جنهن کين هن طرح ارشاد فرمايو ته هاڻي تون بلڪه پچي لعل ٿي چڪو آهين ۽ خدا جي مخلوق کي وڃي فيض رساءِ ۽ تو کي ٻه فرزند عطا ٿيندا. مسند تي ننڍي کي ويهارجاءِ ۽ جنهن کي ٻه فرزند عطا ٿيندا جنهن ۾ هڪ سرمست ٿيندو ۽ لاولد هوندو. حضرت سچل سرمست جن کي روحاني تلقين به پنهنجي چاچي عبدالحق جن کان ملي.

پنهنجي مرشد سان بي حد محبت رکندا هئا حضرت سچل سرمست کي سرمست انهي ڪري چوندا آهن جو پاڻ وجد ۾ اچي مستي وچان نچڻ ۽ شعر چوڻ لڳندا هئا. سندن تخلص به سچل آهي ڪٿي سچو به چيو اٿن فارسي ۾ آشڪار تخلص استعمال ڪيو اٿن. سنڌي شعر ۾ فرمائين ٿا سچل سارو سچ ٿيو منجها ڪثرت ڪل الف منجهان آدم ٿيو ڪري هنگامو هل،

سرائيڪي ڪلام آهي ۾ سچ سچل وچ سچل سچ وچ ٻيا ڪيها پنڌ پڇندا اين.

فارسي ديوان آشڪار ۾ فرمايو اٿن ته

ماکفر نمي گويم اين سخن هم رست آن کس که بور ڪافر زين.

معيٰ شر منکر ترجمو مان ڪفر نٿو ٻوليان هي منهنجو سخن سرا سر سچ آهي.

پر  پاڻ  ڪافر هوندو سو انهي کان منڪر ٿيندو. سچل سائين ڄمندي ڄام هئا پر ظاهري علم لاءِ سندس چاچي  مرشد حضرت عبدالحق کين حافظ عبدالله فاروقي وٽ ويهاريو ۽ ۱۱ سالن جي عمر ۾ ڪلام پاڪ حفظ ڪري ورتائون. پاڻ بيت هڪ شعر ۾ فرمايو اٿن

شاهي هيم شان دلبر پنهنجي ديس سچل کي هت اوچتو اهو اٿم ارمان ڇا منجهان هت ڇا ٿي آيس.

مطلب ته عاوم ارواح ۾ سچل جون شان شاهي هئو مگر ظاهري علم لاءِ دستار وٽ ۽ روحاني مطلب لاءِ مرشد وٺڻ لازمي آهي. مثنوي گد ارنامه ۾ فرمائين ٿا ته مان شروع واري زندگي ۾ پنج وقت  نماز پڙهندو هئس ۽ روزا به رکندو هئس. هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد جناب عبدالحق درازي جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس جتي عشق ۽ درد جي گفتگو ٿي رهي هئي. پاڻ مون ڏانهن نظر ڪيائون ته مان درد سان معمور ٿي ويس. وري ٻئي دفعي جڏهن مرشد جي حضور ٿيس ته مون کي وحدت جي دريا ۾ ٽٻي ڏياري جنهن ڪري جيڪي اصل مان هوس سو ٿي پيس. ناري نوري نه آهيان. آهيان

رب جبار، مرشد ٻانهون ناچيو سچل تون سردار، سچل سائين ديوان آشڪار ۾ فرمايو اٿس ته هر کجايم جا بجايم من خرايم من خدا معنيٰ ته مان هر جاءِ هرهنڌ حاضر ناظر آهيان. مان خدا آهيان. وقت جي علماءَ دين جڏهن هي ڪلام ٻڌو ته هن کي ڪفر قرار ڏنائون ۽ سچل وٽ کيس شرح جو تعرير ڏيڻ لاءِ پهتا ۽ کيس چوڻ لڳا ته تون ڪفر ٿو ٻولين ان ڪري توکي تعزير ڏنو ويندو. ان تي سرمست الستي عاشق ازلي جواب ڏن ته توهان مون کي ڪهڙي سزا ڏني آهي. ان تي جواب ڏنائون ڪفر جي سزا قتل آهي. اسين توکي قتل ڪنداسين. جنهن تي پاڻ فرمايائون ته مان ٻيهر غلطي ڪيان ته مون کي ڀلي سزا ڏجو ٿوري دير ۾ سرمست تي وجد تاري ٿيڻ لڳو ۽ انا الحق جو نعرو هڻڻ لڳو ان تي عالمن سندن مٿان توارن جا خوب وار ڪيا پر تلوار ڄڻ پاڻي مان وهي رهي هئي. جڏهن پاڻ هوش ۾ آيو ته پڇڻ لڳا ته ڇا مان انا الحق جو نعرو هنيو ڇا؟ عالمن جواب ڏنو ته هائو پاڻ فرمايائون پوءِ اوهان مون کي قتل ڇو نه ڪيو. انهي جواب ڏنو ته اسان خوب وار ڪيا پر تلوار اوهان تي اثر نه ڪيو. ان تي پاڻ فرمايائون ته اهو سچل نه پر اها پاڪ ذات هئي جنهن پنهنجواظاهرپاڻ ٿي فرمايو.

حق انا الحق ٿي چيو پر منجهه نظر منصور هئو. منجهه شعريت شرڪ جون منجهه معرفت منظور هئو. ٻئي هنڌ فرمايو اٿن صورت منجهه سچل جي ٻولي پاڻ بي پرواهه سچل سائين جو سارو ڪلام وحدانيت عشق ۽ درد سان ڀرپور آهي. سنڌي سرائيڪي هندي پنجابي اردو فارسي عربي زبان ۾ شعر چيو اٿن ان ڪري کين هفت زبان شاعر به چون ٿا يعني ستن زبانن وارو شاعر هي عشق الاهي سان سرشار شهشاه مرد تاريخ ۱۳ رمضان ۱۲۴۲هه تي اسان کان جدا ٿي ويو سندن مزار درازا ۾ آهي جتي هر سال شاندار عرس جو تقريبات ملهايون وينديون آهن جنهن ۾ ادبي ثقافتي ڪانفرنس بي مثال آهي.


 

سچل سائين

صوفي لاڪوفي شاعر

حيدري چانڊيو

سنڌ ڌرتي جيڪا فضيلت ۽ برڪتن واري ڀوءَ رهي آهي جنهن ڪيترائي هيرا پيدا ڪيا آهن. جيڪي پنهنجي علمي ڪردار سان تاريخ جا حصا بنجي ويا. جن جي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن عظيم انسانن مان سچل سائين به هڪ آهي. سندس مسلڪ ۾ ڪٿي به ڌڙابندي، فرقه پرستي، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اوچ نيچ جي مت ڀيد جو ذڪر نٿو ملي. اهي سڀ ڳالهيون کيس لاءِ فضول ۽ بي معنٰي هيون. هون به ڪنهن مفڪر بزرگ جي چيل هڪ روشن حقيقت آهي ته مذهب جي شروعات کان وٺي کيس مڃيندڙن جا گروهه رهيا آهن. جنهن ۾ هڪڙو گروهه صوفي فقيرن، درويشن ۽ بزرگن جو گروهه آهي. جيڪو مذهب ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي نسلن رنگن ۽ اوچ نيچ جي کڙي ڪيل ديوارن کي ملياميٽ ڪري انسان ذات جي اتحاد امن ڀائيچاري فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو. اهو دين فطرت هو. جنهن جو ابتداءُ فرشتن کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو. بلڪ ان مطابق سڀني مذهبن جي ظاهري ڪثرت پٺيان بنيادي وحدت سمايل هئي. اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهائي اخلاقي درستي نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قبول رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ وارو هو. ڏاڍ، تشدد، نفرت، نفاق، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون. دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪ ناجائزي هئي پيغمبر رحمةاللعالمين ٿي آيو هو. هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ ڦرلٽ بند ڪرائي انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان لاءِ آيل هو. سچل سائين صوفي بزرگن جي تشريح واري مهب جو پوئلڳ هو. مذهب جي ٻي گروهه موجب دين جي (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻو هو. جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي. ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ ان تي قبضو ڪرڻ ڦرلٽ مارڌاڙ ڪرڻ ۽ اتان جي مردن عورتن کي غلام بڻائي رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ کي جائز ڃاتو ٿي. اهو آهي به ساڳئي مذهب گروهه جي عملي پيروڪاري ڪري رهيا آهن. هو عقل ۽ آزادي جا ويري بڻجي انسانيت کي ختم ڪري حيوانيت پيدا ڪري رهيا آهن. سندن انڌي تقليد جي ڪري ئي اسلام جو نالو بدنام ٿيو آهي. ڪنهن ڀلائي ۽ اصلاح جي ڳالهه ٿي ٿئي ته سڀ کان پهرن هن مذهبي ٽولي جا ماڻهو عالماڻه فريب ڪارين جا هٿيار کڻي ناجائز فتوائون جاري ڪري رستو روڪي بيهي ٿا رهن ۽ اهڙو سارنگ ٿا رچائين جو دنيا حيران پريشان ٿيو وڃي. انتها پسندي جو وڌي وڃڻ عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي. سچل سائين صوفي به لاڪوفي شاعر هو هن جو مذهب محبت جو. انتهاپسندي واري تشريح ڪيل مذهب جنهن ۾ ڏاڍ ڏمر جون بدمستيون ۽ خرستيون شامل هيون ان جو انڪاري هو. اهو ئي سبب هو جو ملا مولوي سندس ڪٽر دشمن بڻجي ويا هئا. ايتري قدر جو سندن روبرو ڪو سچل سائين جو نالو وٺندو هو ته مٿس مڇرجي ويندا هئا. مطلب ته سچل سائين جيڪو ملن مولوين لاءِ هڪ مهڻو بڻجي ويو هو. تنهنجو اصل نالو عبدالوهاب هو جو سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو پر ٻالپڻي ۾ ئي سلڇڻي هجڻ ڪري کيس پنهنجو چاچو ميان عبدالحق پيار وچان سچل يا سچو ڪري سڏيندو هو شاهه عبداللطيف جي سندس معصوميت ۾ ملاقات وقت کيس لاءِ هي چوڻ ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي انهي جو ڍڪڻ لاهڻ وارو لاهيندو. ڀٽائي گهوٽ جي ڪني جو ڍڪڻ لاهڻ وارو نينگر جنهن کي اسان سچل سرمست ٿا چئون سو ۱۷۳۹ع ضلعي خيرپور جي ڳوٺ درازا شريف صلاح الدين فاروقي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. اهو اڃان ننڍو ئي هو ته سندس سر تان پدري شفقت جو هٿ لهي ويو ۽ هن پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق وٽ پرورش پاتي. سندس جسماني پرورش سان گڏ روحاني پرورش به ٿي. جڏهن پنهنجي چاچي خواجه عبدالحق جي دست بيت ڪئي تڏهن ظاهري باطني علم عطا ٿيو ۽ پاڻ فرمايون ته:

لا نفي جو ڪلمو، مون کي مرشد پاڻ پڙهايو،

نابودي جي نشي اندر، ستگر سير ڪرايو،

هٿيو ڏيئي همت وارو، سارو بار کڻايو،

صدق سچل مان ستگر تان، جنهن جانب جوش جڳايو.

خواجه عبدالحق جي پيالي ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس پٽ سخي قبول محمد پيءَ جي گادي سنڀالي ته سچل سائين هن جي نگاهه ڪرم هيٺ رهيو. اهڙي طرح سلسلي وار پننجن بزرگن جي پرورش هيٺ رهڻ جي ڪري هو پنهنجي وقت جو وڏو عالم صوفي تصوف جو شهنشاهه حقيقت ۽ معفت جي رمزن جو رازدار بنجي ويو. سچل سائين جي ولادت واري سال يعني ۱۹۳۹ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ وڏا ظلم ڪيا. ان کانپوءِ ۱۹۵۴ع ۾ احمد شاهه ابدالي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ان کان پوءِ افغاني جلاد ملعني طبغ جي مالڪ ۽ ڪٺور دل مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ڦري باهيون ڏيئي ساڙيا ۽ اناج جا بيل ڪچا پڪا فصل تباهه ڪرايا ۽ سنڌ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. پٺڻن جي لڳاتار حملن  جي ڪري هي چوڻي وجود ۾ آئي ته؛ جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو. سچل سائين اهڙي ڏکئي درو ۾ اک کولي پنهنجي تيز فهم ۽ ذڪي نگاهه سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته افغاني ڌاريا حڪمران بنجي آيل جن ۾ اخلاق نالي ڪا شي زري برابر ڪانهي هئي جلاد ۽ ڪٺوردل هئا هنن اسلام جي نالي ۾ اهڙا ته ظلم ڪيا جنهن کي ڏسي شايد شيطان به شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هوندو ۽ ڪنن جو ٻئي پاپڙيون پڪڙي توبه توبه ڪئي هوندي پر ڪاهي آيل ڌارين ڌاڙيلن کي ظلم ۽ ڏاڍ ڪندي زرو به شرم ڪونه ٿي آيو. هن ٺڳن سنڌي ماڻهن ۾ مذهبي ۽ فرقه پرستي جو ٻج پوکڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اوچ نيچ ذات پات واري انساني اصولن واري پئماني پئمالي شروع ڪئي ٿي وئي ايتري قدر جو ڪيترن وڏن ماڻه پيرن هندن جون زبردستي طوهرون ڪرائي زوري مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو هو زمانو سٺن ذهنن  ۽ سيڪيولر خيالن وارن ماڻهن لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هو. چو طرف مايوسي ۽ پريشاني پکڙجي وئي هئي. پيار محبت قياس احساس ختم ٿي ويو هو. امن ۽ شانتي موڪلائي وئي هئي. چو طرف ڏاڍ ڏمر جو زور شور هو. سچل سائين مذهبي ڪٽرپڻي کان بلدند و بالا هو. بڪم دين ڪم ولي دين جو عملي پيروڪار واصل باالله فنافي الله هو. جنهن خود خدا جي نور جي تجلين جو مشاهدو امڻهيو هو. هن کي مالڪ حقيقي جي سني اسرارن ۽ رمزن جي ڄاڻ هئي. هن کي دين ڌرم جي نالي ۾ اجائي ڦرلٽ مارڌاڙ ظلم زيادتي واري ڳالهه پسند ڪانه هئي. ملن مولوين ۽ پيرن هندن کي زوري مسلمان ڪرڻ وارو جيڪو رويو اختيار ڪيو هو سو کيس بيحد ڪرڀائتو ۽ سخت بدبودار ٿي لڳو ۽ ان عمل جي مخالفت ٿي ڪيائين. اهو ئي سبب  هو جو پيٽ جي پوڄار ملن مولوين ۽ پيرن سندس سخت مخالفت ٿي ڪئي.

سچل سائين پنهنجو پيغام ڏيندي چيو آهي ته:

هندو مؤمن سان ملي محبت جا ڪر ميل -  سچل

 

ڪافر ٿين ته اهي باب شرع جا ڇڏ،

من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿئين وصال کي. شاهه

شاهه سائين جو چوڻ هو ته مذهبي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتن جو ذميوار ڪٽرپڻي وارو رويو آهي جسيتائين اهو ڪٽرپڻي وارو رويو موجود آهي تيستائين مذهبي جهيڙا جهڳڙا ۽ نفرتون ختم نه ٿينديون ياد رکو ته جن لاءِ ملا مولوي فتوائون جاري ڪري چون ته هو ڪافر آهن ۽ مشرڪ آهن، حقيقت م اهي ئي سڌي رستي هلڻ وارا آهن، انهي ڪري ملن مولوين واري تشريح ڪيل شريعت کي ڇڏي، انهن ماڻهن سان ملي وڃو جن جي خلاف ملن مولوين جون ڪفر جون فتوائون جاري ٿيل هجن، انهن سان ئي من جو ڳانڍاپو ڳنڍي حقيقت جي ويجها ٿي وڃو!.........

هڪ ڀيري سچل سائين چيو ته :

ڪلمين مونکي ڪين ڪيو، مورنهن مسلمان

نڪي احمد موڪليو، عرب کان ايمان

سچو سير سبحان، ازل کان ا هو

 

ڪائنات ۾ جيڪي به ڏيک ٿا ڏسجن سي هڪ ئي آفتاب (حق تعاليٰ)  جا شعا آهن، انهن م سچل به هڪ آهي، جيڪو روز ازل کان ”حق“ تي آهي! انتها پسند سچل سائين جي بيت کي سمجهي ڪين سگهيا ۽ اجايو واويلا وٺي مچايائون ته هو ڪافر آهي، مرتد آهي، ۽ ڪانراڻيون ڳالهيون ڪري ڪفر وڌائي نوجوان نسل کي بنهه خراب ٿو ڪري، اسلام جو ڪٽر دشمن آهي، ڇا جو شاعر آهي؟ ڇا جو فقير درويش آهي؟ ڇا جو بزرگ آهي؟ هڻوس ڪاٺ ۽ وجهوس جيل ۾، چاڙهيوس ڦاسي تي ته خبر پويس ته دين جي دشمني ڇا ٿيندي آهي!؟ بس جيترا هئا ملا مولوي ، اوتريون هيون ڳالهيون، سچل سائين جي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ٿي ويون، اصل وٺ وٺان ٿي وئي، پاڻ ملن مولوين کي جواب ۾ چيو :

 سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ڪوڙي،

ڪوڙي دوستي جو دم بڻي نه بڻي! سچل وڌيڪ ڪٽر پن رکندڙ چيائين ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي لعنت ٿي سگهي ٿي جو اوهان مذهبت جي نالي ۾ خلق خدا کي ويڙهائي تباهه بارباد ڪري رهيا آهيو، مذهب ۾ سماجي رواداري ۽ واحدانيت جي تصور کي ٽوڙي جدا جدا ٽولن ۾ رهيا آهيون، اوهان جي انهي افعالين جي ڪري قرب، پيار، محبت، ايڪو رواداري ۽ انسانيت جي بربادي جا نغرا وڄي رهيا آهن، افسوس اهو آهي جو اوهان کي مئن کي ختماڏيڻ ۽ انهن لاءِ بخشش جون دعائون گهرڻ ان جي عيوض ۾ سڻڀيون مانيون کائڻ ته ياد آهن،  پر اسلام ۾ امن امان، پيار محبت، ۽ خدمت خلق افضل عبادت ڇو ياد ناهي؟ اي ملان! حقيقت  اهي اٿئي ته معرفت جي مٽڪي سان جي هڪ سرڪ پيئن ته هي  مڪتب، مدرسا ڇڏي وڃي سوري سر ڏئين ۽ ان سرڪي کان سواءِ جيئرو رهي ڪين سگهين، اوهان جيڪا راهه ورتي آهي، ساحق سچ جي  ڪانهي، برهه وارو رستو ئي ٻيو آهي، سچل سائين پيٽ پرست ملان جي تصوير هن طرح چئي آهي چوي ٿو ته:

ملان معرفت جي، جي تون سرڪ پيئن

ته ڇڏي مڪتب محرڪا، وڃي سوريءَ سير ڏئين

جڳ ۾ ڪين جيئن، هوند سرڪ ري سچو چوي

 

ناڪوئي دوزخ ناڪوئي جنت، ناڪوئي حور قصور

من اسا ڏانهين منيدا، مليان دا مذڪور

 

۳ مسجد دي وچ ڪا ٽڪر دي، ڏيون بانگ صلواتان منهن چٻي ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن صلواتان عالم ليکي روزي رکندي، هن کاوڻ ديان آفتان سچل اهاراهه سچ دي، برهه واليان ٻيان باتيان! سچل سائين جي سچ چوڻ تي سندس لاءِ وڏي واويلا شروع ڪيائون انهن سان گڏ ڪافي پير به شامل ٿي ويا، انهن جي مخالفت جي باوجود  عام ماڻهن جي عقيدت سان محبت جو هي حال هو ته : ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي ! عام ماڻهن ۾ سچل سائين لاءِ جيئن عقيدت وڌي تئين ٿي ملا مولوي پير ساڙ ۾ ٿي سڙيا، چون ٿا ته هڪ ڀيري سچل سائين ڏاڍو بيمار ٿي پيو هو، سائين جي  معتقد مريدياڻي هئي ساکيس پڇڻ لاءِ درازا شريف اچي نانڪ يوسف سان ملي، ڏاڍا هار سينگار ڪري پيشواز ۽ ڇيريون پائي نانڪ يوسف ۽ ٻين فقيرن سان گڏجي سازن سان سنگ جي صورت ۾ نانڪ يوسف جي هي ڪافي ته: عمر درازا تيڏي الله نگهبان هو وي، علي دي امان هو وي، پنجتن دي ڇانو هو وي، انچندي ڪڏندي سچل سائين جتي ستل هو، اتي مٿان وڃي بيٺس سچل سائين هن کي ڏسي چيو ته بسم الله اسان جا طبيعت اسان جا حڪيم آيا آهن، هڪدم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ هن جي غلام ڌن تي ڳائڻ سان گڏجي نچڻ لڳو، ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سچل سائين بيمار ڪو نه هو ۽ نئون ٿي پيو، انهي تي مخالف مڇر جي پيا چيائون ته اسان جي مولودن ۽ مداحن کان سواءِ ٻيو ڳائڻ وڄائڻ حرام آهي، سچل بدعتي آهي، ڪنڃرن سان گڏجي نچي ٿو، ڳائي وڄائي ٿو ۽ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جو واجب القتل آهي، سچل سائين هي ٻول چئي کين جواب ڏنو ته: موڳا ملان مٿو نه مار، عشق شرع سان شامل ناهي، مڻ مڻ ڪرين ٿو مڻي مڻي تي، الله ڳڻين ٿو ڪڻي ڪڻي تي، روزو نماز ناهي در ڪار،

گهونگهٽ ڍڪي ويهين گهر ۾، اکيون اڙائين ٻين جي درن ۾، پنهنجي گهر جي لهه ڪا سار، سچل جهڙا سوين سپاهي، در سڄڻن جي پتنگ الاهي لنگهي پيا سون پارئون پار،

ان موقعي جا انتها پسند سچل سائين جا ڪٽر دشمن بنجي مٿس ڪئي فتوائون جاري ڪيون ۽ ساڙ ۾ سڙندا رهيا، پر سچل سائين کي ڪري ڪجهه نه سگهيا، سچل سائين وڏي همت ڪري ڪٽر پڻي زهري روڳ کان سنڌي سماج کي بچائي ورتو هو،  اهو ملو جنهن ٻه اڍائي سئو سال اڳ سچل سائين جي مخالفت ڪري مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي، سو ڄڻ مئو ئي ناهي، اهو نڀاڳو جيئرو آهي، اهو اڄ به سچ جي مخالفت ڪندو رهي ٿو، ملن جي ڪٽر پڻي واري مذهبي زهر کي ختم ڪرڻ لاءِ سچل سائين جهڙن بزرگن جو فلسفو ڪافي آهي، سچل سائين جي عمر وڌڻ سان سندس عشق ۾ اضافو ٿي آيو، ۽ صوفي اعظم ۾ سختي ٿي آئي، آخر  ناالحق جو نعرو هڻي چيائين ته : آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان! اهو سنڌ جو منصور سچل سائين ۱۲۴۲ هجري ۱۴ رمضان مبارڪ بمطابق ۱۸۲۹ع ۾ سنڌي ماڻهن کي الوداع چئي حقيقي مالڪ جي حصور ۾ وڃي حق موجود چئي سدا موجود ٿيو.



سچل سارو سچ

مِلسان نال خيال دي.. !

صاحب خان ڀنڊ

تاريخ جا ورق اُٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته ھن ڪائنات اندر بقا ۽ فنا جو فلسفو اوائلي عقيدن، مختلف مذھبن ۽ سائنس جي موضوع جو محور رھيو آھي، ڇو ته انسان ھميشه لاءِ رھڻ جو خواھشمند رھيو آھي. ان دائمي بقا جي خاطر انسان جديد سائنس جي بدولت طبيب ان امرت رس جي سُتي ۽ سُرڪي جي ٺاھڻ توڙي ڳولھڻ خاطر ڪيترن ئي ڪوششن ۽ تجربن ۾ رُڌل آھن. پر اڃان ڪير به ان آبِ حيات جو پيالو نه ته ڳولھي سگھيو آھي، نه ئي ٺاھي سگھيو آھي. نتيجي طور تي موت کي ڪو اڃان موت اچي ناھي سگھيو، تنھنڪري ھڪ پاسي امرت جل اڃان تائين ڏندڪٿائي مشروب بڻيل آھي ته ٻئي پاسي وري موت ھڪ خوفناڪ خيال، ايذائيندڙ احساس ۽ ازلي حقيقت بڻيل آھي. ان ڪري زندگي ۽ موت واري خيال وارو فلسفو انسانِ اول کان انسانِ آخر تائين زيرِ بحث جاري و ساري آھي ۽ جاري رھندو. انھيءَ فنا ۽ بقا واري فلسفي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ھن ڌرتي جي گولي تي جنم وٺندڙ مختلف صوفي بزرگن، عالمن ۽ شاعرن پنھنجي پنھنجي پيغام ذريعي عام انسان جي دماغ کي ٺڪاڻي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڌرتي تي شاه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، شيخ اياز ۽ ٻيا وڏا شاعر ٿي گذريا آھن، جن پنھنجي شاعري وسيلي عالمي امن، حب الوطني، ڀائيچاري، برابري، انسان دوستي قائم ڪرڻ ۽ گڏو گڏ ھر ظلم خلاف اُٿي کڙو ٿيڻ ۽ مظلوم جي لاءِ آواز اُٿارڻ لاءِ ڀرپور پرچار ڪئي آھي. انھن جي ان آفاقي پيغام جي ورثي کي سنڀاليندي اڄ به ڪيترائي عالم، شاعر، ليکڪ، انسان جو درد رکندڙ مختلف سرگرم ماڻھو توڙي سياسي ڪارڪن پنھنجي وِت ۽ وس آھر ڪوششن ۾ رُڌل آھن. انھن مان خاص طور تي بزرگ شاعرن ڪيترن ئي فنا کان اڳ ئي فنا ٿيڻ يعني زنده ھوندي پنھنجون نفساني خواھشون ترڪ ڪري ۽ اھنسا واري واٽ وٺي مالڪ (حقيقي محبوب) جي محبت ۾ پاڻ کي محو رکڻ جي تلقين ڪئي آھي. جيئن ان سلسلي ۾ شاعرن جي سرتاج ۽ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائين ٿا ته:

مرڻان اڳ جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،

ھوندا سي حيات ، جيئڻان اڳي جي جيئا..!

جڏھن ته ھميشه لاءِ جيئڻ ۽ وري ڪڏھن ڪڏھن اچانڪ کن پل ۾ مرڻ واري ان ڪشمڪش واري جنگ جي پوري وايومنڊل کي سمجهائڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي چاڙھيل فِڪري ڪُني (ديڳڙي) جي ڍڪ لاھڻ وارو درازي درويش حضرت سچل سرمست رح انھيءَ فنا، فراق ۽ بقا واري لقاءُ کي ڪجه ھن طريقي سان بيان ڪيو آھي:

اِھو فِڪر فائِدو نه ڪري، توڙئون کي تَن،

فڪر ڪن نه فنا جو، ٿا بقا کي نه پُڇَن،

ڪي فنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن،

آھِ لقاءُ لطيف جو، عيدون عاشقن.

ڪن صوفي بزرگن جو خيال آھي ته فنا ۽ بقا جي وچ واري فرق کي ڄاڻڻ ئي اصل زندگي جو جياپو آھي ته ڪي وري ان فرق جي اڻ ڄاڻائي سان زندگي گذارڻ کي اصل عاشقي سمجھن ٿا. انھيءَ نينھن جي نياپي تي نڪتل “عشق مسافر” سفرِ عاشقي تي نڪري پوي ٿو، جيڪو مجازي عشق جي اولڙن ۽ پاڇولن کان ٿيندو وڃي عشقِ حقيقي جي ڳولھا ڪندو رھي ٿو. جڏھن مسافر مسلسل سفر ۾ رھڻ بعد پاڻ ئي منزل بڻجي وڃي ته سمجھو ھُو عشق حقيقي تائين پھتو. ٻي صورت ۾ عشق حقيقي ڪنھن منزل جو نالو ناھي پر اھو ھڪ مسلسل سفر هوندو آهي. عشق جي راه ۾ فنا ٿيڻ ئي اصل بقا آهي، جنھن سفر ۾ مسافر نه کٽندڙ مرحلا طئي ڪرڻ بعد ڪنھن خاص درجي تي پھچڻ بعد پاڻ ئي منزل بڻجي وڃي ٿو. جئين سسئي (مسافر) پنھون (منزل) جي ڳولھا جا مرحلا طئي ڪرڻ بعد ھڪ مرحلي تي پاڻ ئي پنھون (منزل) بڻجي وڃي ٿي، جئين شاه لطيف چوي ٿو ته:

پيھِي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِھاڻِ،

ته نَڪو ڏُونگَرُ ڏيھَ ۾، نَڪاڪَيچِيُنِ ڪاڻِ،

پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ ھئا.

ڪن صوفي بزرگن جو خيال آھي ته اھا منزل فنا في الوجود جي هوندي آهي، جنھن تي فنا في الشيخ، فنا في الرسول ۽ فنا في الله واري واٽ وٺڻ بعد ئي پھچي سگھجي ٿو. سفر جو اھوئي درجو ڪنھن لاءِ منزلِ مقصود هوندو آهي ته ڪنھن لاءِ وري اُتي پھچڻ کانپوءِ ھڪ ٻئي نئين سفر جي شروعات ٿئي ٿي. سدائين سفر ۾ رھڻ واري انھيءَ عشق مجازي کان عشق حقيقي وارو پنڌ نه صرف ڊگھو، ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو آهي پر ڪڏھن ڪڏھن ته ڪنھن راه ويندڙ لاءِ رستن جو اھو نه کٽندڙ سلسلو ڪھڪشائون بڻجي کيس راھن ۾ رولي وجھي ٿو. زمان ۽ مڪان کان آجي ان سفر جي نه آمد جي خبر، نه ئي وري روانگي جو ڪو ڏس پتو پوي ٿو. پر تنھن ھوندي به منزل جي مزي ماڻڻ واري ان اڻانگي سفر جا خواھشمند شعور جي سرحدن کي اورانگھي روح جي پاتال کي ڇُھندي وڃي پنھنجي نا معلوم منزل جي طرف روانا ٿين ٿا. جتي پھچڻ پڄاڻان مسافر ۽ منزل آئينو ۽ عڪس بڻجي پون ٿا، پوءِ اولڙي ۽ پاڇي وارو فرق باقي نٿو بچي. پوءِ صورت مورت بڻجي پوي ٿي ۽ بادل بجلي بڻجي پون ٿا. تڏھن تہ دوله درازي سچل سرمست رح ان مام جي بات ھن طريقي سان ٿو ڪري:

مون ۾ آھين تون، تو ۾ آھيان مان،

بادل بجليءَ سان، آھي جيئن سُپرين..!

مولانا جلال الدين رومي چوي ٿو ته جڏھن مون خدا کي چيو ته مان توکي ڄاڻڻ کانسواءِ مرڻ نٿو چاھيان. تنھن تي خدا جواب ڏنو ته جنھن مونکي سُڃاڻي ورتو، اھو مري نٿو سگھي. ان جو مقصد جنھن خدا کي ڄاتو، ڄڻ امرتا ماڻي امر ٿيو. پر افسوس ته اڄ جو انسان خدا ته ڇا پر پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ کان قاصر ۽ قصور وار رھيو آھي، جنھن ڪري دنيا اندر حرص، لالچ، ٺڳي، بيوفائي، دوکو ۽ دلبو عروج تي آھي. نتيجي ۾ انسان، انسان جو ويري بڻيل آھي. جيڪڏھن انسان ھڪ دفعو ئي سهي، پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي پاڻ کي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ته ھوند دنيا عالمي امن ۽ ڀائيچاري ۽ خوشحالي جا گيت ۽ ترانا ڳائي ھا.

جڏھن انسان پنھنجو پاڻ کي سُڃاڻڻ جي سفر تي روانو ٿئي ٿو ته ٿوري وقت لاءِ اھو رستو نه ڄاڻ ته ڪھڙي مھل به گول دائري وارو دڳ بڻجي پوي ٿو، جنھن جو ڪو به مقرر ڪيل آخري اسٽاپ يا اسٽيشن نه هوندي آهي. نتيجي ۾ واٽ ويندڙ ان مسافر کي ڪيترن ئي جاين (اسٽاپن) تي بيهي ساھي پٽي وري روانو ٿيڻو پوي ٿو. اھو سرڪيولر سفر عشق مجازي کان عشق حقيقي ۽ عشق الاھي (خداوندي) کان عشق خود شناسي جي چئوگرد ڦري ٿو. انھيءَ سفر (عشق) جو مسافر (اصل عاشق) جڏھن آخري حد تائين پھچي ٿو ته ان عشق جي باه ۾ ٻري خاڪ ۽ خيال بڻجي پوي ٿو. جڏھن وري خيال جو خيال سان ملڻ ٿئي ته اتان وري ھڪ نئين سفر جي شروعات ٿئي ٿي. ان ڪري ئي ته اڄ جي ڀٽڪيل انسان کي درازا جي ديس جو سرمست سمجھائيندي چوي ٿو ته:

مين تان ڪوئي خيال هان، مِلسان نال خيال دي.

حضرت سچل سرمست ھر قسم جي اوچ نيچ جي فرق، متڀيد ۽ اڻ برابري کي نندڻ سان گڏ امن ۽ ڀائيچاري کي قائم رکڻ لاءِ فرمائي ٿو ته:

نه مان مريد، نه مان پير، ساري فقر جو فقير،

نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آهيان امن جو امير.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سچل سرمست جو دؤر ۽ سندس شاعري

تحرير: ساڀيان سانگي

سچل سرمست ۱۷۳۹ع ۾ پئدا ٿيو ۽ سندن وصال ۱۸۲۹ع ۾ ٿيو. ان حساب سان اهي نوي سال ئي سچل سرمست جو دؤر چئي سگهجي ٿو جڏهن ته فڪري طور تي اڄ به سچل سرمست جو ئي دؤر آهي. هن جي فڪر، هن جي فهم، هن جي فلسفي ۽ هن جي خيال جي اهميت جو دؤر آهي. سچل سرمست جي دؤر ۾ سنڌ تي ڪيترائي حملا ٿيا. سچل سرمست جي پيدائش کان صرف ڇهه سال اڳ درازن جي ڀِڪ ۽ ڀرسان ئي کهڙا شريف ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙوي کي سندس ۲۲۲ ساٿين سميت مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. کهڙن واري ان سانحي کي ننڍي ڪربلا سڏيو ويو آهي. سچل سائين جي پيدائش کان ويهه سال اڳ يعني ۱۷۱۸ع ۾ صوفي شاه عنايت جي شهادت جو واقعو ٿيو ۽ جنهن سال سچل سرمست ڄائو ته ان سال ئي ايراني بادشاه نادر شاه افشار سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڄڻ ته سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا علمي ادبي مرڪز ساڙيا ويا. نادري ظلمن جي ڪري ئي سنڌ ۾ "گھوڙا ڙي گھوڙا” جھڙيون چوڻيون عام ٿيون، ۽ جڏهن سچل سرمست اڃا پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ته احمد شاه ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ڪيو ويو. مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون به سچل سائينءَ جي دور ۾ ٿيون. سچل سرمست جي آخري ڏينهن ۾ انگريز سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ ننڍي کنڊ جي اڪثر علائقن تي قبضو پڻ ڪري چڪا هئا.

ڊاڪٽر ابراهيم خليل لکيو آهي ته :

”سچل سائين جي دؤر ۾ ۴۵ جنگيون لڳيون، سچل سائين پنهنجي آس پاس قيامت صغرى جا ڪيترائي منظر اکين سان ڏٺا جنهن مان متاثر ٿيڻ هڪ فطري امر آهي“.

يعني سچل سرمست جي شاعري جتي عشق ۽ حسن جو اڻميو ڀنڊار آهي اتي سندس شاعريءَ ۾ سندس ئي دؤر جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي به جهلڪي ڏسي سگهجي ٿي.

وڏا شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار سادو رکندا آهن، پر ان ۾ ڳوڙهو ۽ گهرو فلسفو هوندو آهي. سچل سرمست پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار کي سادو رکي به مقصد کي گهڻو ڳجهو ۽ اونهو رکيو آهي.

پني ۾ پيغام لکي مڪائين سڄڻين،

سي نه سمجهن عام، جي آهن منجهه اشارتين.

شاعري ان هنر ۽ آرٽ جو نالو آهي؛ جنهن جي وسيلي استعارن، تشبيهن ۽ اشارن جي آڌار شاعر پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري ٿو. سچل سرمست جو دؤر جنگين جو دؤر آهي، ڪوس، قتل ۽ قهر جو دؤر آهي ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙيون تشبيهون ڪتب آنديون آهن؛ جن ۾ تلوارن، نيزن، تيرن، حملن، سر ڏيڻ، سر وٺڻ جهڙا اشارا موجود آهن.

بِره جي بازار، جيڪا ڏسَڻ اِيندي.

جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛

سودو جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛

چَوسُولَ اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛

جي ڪَنھن چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛

“سچو” اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي ڪَار.

سچل سائين ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو منفرد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀني شاعرن کان وڌيڪ تلوارن، ڪاتين، ڪوس، حملن، ڪاهن ۽ قبضن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو ان ڪري آهي جو سچل سائينءَ پنهنجي دؤر ۾ اهڙو ئي ماحول ڏٺو. شاعر هونئن به ته پنهنجي دؤر ۽ ماحول کي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪندو آهي. سچل سائينءَ به جيڪو ڪجهه پنهنجي دؤر ۾ ڏٺو اهو اشاراتي ۽ استعاراتي توڙي تشبيهي انداز ۾ لکيو.

مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي

مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، هه گٿِئين جي جَماعِتي؛

سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛

غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛

مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون “سَچَو” صفاتِي.

سچل سرمست کي سنڌ جو منصور سڏيو ويو آهي. اهو به ان ڪري ته هو سر جو سانگو لاهي ٿو ڇڏي. ساڳي رمز سندس شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهي.

منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،

عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.

سچل سرمست پنهنجي دور ۾ ڪيئي فوجون ڏٺيون، روڄ راڙو، دڙڪو، دهمان ۽ ڌاڙو ڏٺو ۽ هن ان سموري منظر کي مٽائي ڇڏيو.

سچل سائينءَ چيو: حسن جو فوجون ائين ڪاهي پيون آهن، ڄڻ ته انگريزن جون فوجون هجن، هنن اوندهه انڌوڪار لائي ڏني، محبوبن جون سياهه اکيون ڄڻ جنگين جا جوڙ آهن، سچل سائين پنهنجي لاءِ چيو ته اهڙي هيبتناڪ منظر ۽ رومين ۽ چنگيزين جي فوجن جهڙي قهري حسن جي حملي کان پاڻ ڪيئن ٿو بچائي سگهجي.

فوجان حسن ديان چڙهه پيان،

جيوين چڙهي سپاهه فرنگيان دا،

گردا گرد اُهين ڪون جو ويڙهه گهتن،

ڏاڍا تاب اُنهان وو ترنگيان دا،

قابو نين سياهه سون پووِن،

جوڙ ڏٺا مين جنگيان دا،

انهان نال برابر ڪيوين ڪري،

“سـَـچـُـو” لشڪر روميان زنگيان دا.

نادر شاه هجي يا احمد شاه ابدالي توڙي مدد خان پٺاڻ هنن سڀني سنڌ جا ڪيئي ڳوٺ ساڙيا، تيار فصلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. هنن پنهنجي ظلم جي انتها ڪئي پر سنڌي ماڻهو وري به نکري ۽ نڪري ٿي بيٺا. سچل سائينءَ ظلم جي باهه ڏٺي ۽ هن ان باهه کي عشق جي باهه سڏي هاڪاري پاسو ڪڍي ورتو.

عاشق مٿان آڳ جي ،اولارا هگزڏين

ڀنڀڙ باه عشق ۾ ، سپورن سڙن،

اچيو پون آڙاه ۾ ، سر جو سانگ نه ڪن،

لائق لعل ٿين ، کامي لهسجي لوسجي.

سچل سرمست جو اظهار بيباڪ آهي،

”پاڻهي پوندئي پير، قاضي ڪاريهرتي“

اهڙي سٽ لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان بيباڪيءَ جي ڪري ئي ته شيخ اياز چيو هو ته:

"آءُ درازا هل

تنهنجا سڀئي مولوي

منهنجو هڪ سچل”

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سچل سرمست غير رواجي شاعر آهي، هو مروج قدرن کي ٽوڙيندڙ شاعر آهي.

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون ، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو.

۽ جيڪو شاعر مروج رسمون ۽ رواج ٽوڙڻ جو ساهس رکي ٿو، پڪ سان اهو شاعر هر دؤر جو شاعر ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هر نئون دؤر نئين چئلينج سان منهن ڏيڻ جو دور هوندو آهي. پراڻن سماجي قدرن تي نون سماجي قدرن کي فوقيت ڏيڻ جو دور هوندو آهي. انڪري ئي اڄ به سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ سان نمايان نظر اچي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سنڌي ادب ۾ سچل جو سونھري دور

خاصخيلي لطيف راولاڻي

سنڌي ادب تاريخي طور تي ھر دور ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي ۽ ھر دور ۾ اديب دانشور ڏاھا ۽ شاعر پيدا ٿيا آھن ۽ انھن پنھنجو پاڻ ملھايو آھي اھي اسان وٽ اسحاق آھنگر کان وٺي قاضي قادن جي روپ ۾ نڪري نروار ٿيا آھن ۽ سنڌي ادب ۾ اڄ ڏينھن تائين انھن جي اھميت ۽ افاديت رھي آھي، پر سنڌ جو خاص دور ڪلھوڙا دور علم و ادب جو مرڪز رھيو ھن ئي دور ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاه لطيف رح سنڌ جي ڌرتي تي نمودار ٿيو ۽ شاعري وسيلي پنھنجو پيغام پوري دنيا جي لاء ڇڏي ويو ۽ گڏو گڏ ان پيغام کي اڳتي وڌائڻ لاء ان کي سموري زندگي زنده رکڻ لاء سچل جي روپ ۾ والي وارث ڇڏي ويو ته جيڪو ڪنو مون چاڙھيو آھي ان کي ھي نوجوان جاري رکندو، تاريخ ۽ وقت ثابت ڪيو ته واقعي ائين ئي ٿيو، ڪلھوڙا دور کان پوء ٽالپرن جي راڄڌاني قائم ٿي ان دور ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا پر سچل جو ڪو ثاني ٿي نه سگھيو سچل سارو سچ پنھنجي سرمستي ۾ سنڌي ٻولي کان علاوه سرائيڪي فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين، اھو سچل ئي ھو جنھن ان وقت مغل حڪمرانن جي دور ۾ اردو شاعري کي درٻاري کان ٻاھر ڪڍي شعوري شاعري ڏني ۽ ان ۾ تصوف جو رنگ ڀريو ان دور ۾ جيڪي به اردو شاعر ھئا اھي درٻاري شاعري ڪندا ھئا ۽ صرف وزيرن ۽ اميرن جي مجلسن تائين محدود ھوندا ھئا، سنڌي ادب ۾ سچل جي شاعري جي خاص اھميت جي حامل رھي آھي، جنھن ڪري کيس سرمست جو خطاب مليو سچل جي شاعري روايتي ۽ درٻاري شاعري کان ھٽي ڪري سنڌي شاعري ۾ ھڪ نواڻ آندي جيڪا اڄ ڏينھن تائين قائم آھي جو اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ٻين صنفن کان اسان وٽ شاعرن جو تعداد گھڻو آھي ۽ تمام گھڻا شاعري جا ئي ڪتاب شايع ٿين ٿا، جيڪو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي اڄوڪي جديد سنڌي ادب تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي شاعري جا لاتعداد ڪتاب شايع ٿيندي نظر اچن ٿا ان مان اھو مقصد ڪونھي ته شاعري آسان آھي پر ان مان اھو تاثر ملي ٿو ته اسان جي ڌرتي صوفين ولين جي شاه سچل سامي جي ڌرتي آھي جن پنھنجي پيغام کي شاعري جي ذريعي عوام تائين پھچايو آھي، فڪري سوچ ۽ سائنس دنيا ۾ وڏا انقلاب برپا ڪري ڇڏيا آھن ان انساني وجود کي ھڪ نئين معنى ڏني آھي، ساڳئي ريت نون نظرين ۽ خيالن جو نئون دور به اچي ويو آھي سچل جو سمورو ڪلام ۽ شاعري ان نئين دور جي عڪاسي ڪري ٿي، سچل سرمست ستن زبانن جو شاعر ٿي گذريو آھي سندس ڪلام عربي، سنڌي، سرائيڪي، ھنڌي، پنجابي، اردو۔۽ فارسي ۾ موجود آھي پاڻ سڀني زبانن ۾ پنھنجو پيغام عوام تائين پھچايو جئين ھر زبان وارو پنھنجي ئي مادري ٻولي ۾ آساني سان انھي شاعري جي مفھوم کي سمجھي سگھي، شاعري جي ٻين صنفن کان علاوه سچل سائين سنڌي شاعري ۾ غزل ڪافي ۽ مرثيي جو اضافو ڪيو ۽ ان کي شاعري جي بلند درجي تائين پھچايو، شاه کان پوء سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر سچل کي ئي ليکيو وڃي ٿو جنھن تمام محنت ۽ پنھنجي سرمستي ۾ شاعري ڪري دنيا جي ادب ۾ نالو روشن ڪيو،  خاص طور تي سچل پنھجي شاعري ۾ ھير رانجھي جي قديم قصي کي صوفياڻو ويس ڍڪائي نئين دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو آھي، جيڪو ان کان اڳ ڪنھن به شاعر پيش نه ڪيو آھي، سچل جي ڪلام کي تمام گھڻو ڳايو ويو آھي ۽ ڳائڻ وارن کي به وجدان طاري ٿي ويندو آھي ۽ اھي به ڪلام سان گڏ مستي ۾ مست ٿي ويندا آھن،  سچل وحدت الوجود جو به پولڳ ھو جو ان جي شاعري ۾ ابن العربي شمس تبريز منصور حلاج سرمد جا خيال ملن ٿا پاڻ انھن صوفي بزرگن جي پيغام کي به پنھنجي شاعري کي بنيادي نڪتو بڻائي پيش ڪيو آھي، انھي نظرئي جي پٽاندر پاڻ به عشق حقيقي جي منزل تائين پھچي ٿو جنھن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستو مست مقام سچل جي شاعري سنڌي ادب کي نئين سگه بخشي ٿو ۽ اھو شاعري علم ادب جو سونھري دور ليکيو وڃي ٿو، ڪيف ۽ مستي جي عالم ۾ جيڪا شاعري رچجي ٿي اھا شاعري روحاني رمزون پيدا ڪري ٿي ان ڪري ئي شاعر فاني دنيا مان نڪري حقيقي دنيا ۾ داخل ٿيو وڃي اھا شاعر جي ئي ڪيفيت آھي جيڪا ان کي عرش کان فرش تائين پھچائي ٿي ۽ حقيقي مجازي شاعر ٺاھي ٿي، سچل ۾ ئي اھي سڀ خوبيون شامل ھيون، تاريخي حوالن ۽ ڪتابن جي مطالعي کان پوء ڄاڻ ملي آھي ته شاه لطيف وانگر سچل ڪي سفر ڪونه ڪيا ھئا، اھو بزرگ شاعر پنھنجي ضلعي تائين محدود ھو پر سندس مطالعو وسيع ھو، ان دور ۾ سرڪاري زبان فارسي ھوندي ھئي ۽ فارسي ادب پڙھيو ۽ لکيو ويندو ھو اسان جي سنڌي ادب ۾ به جيڪي آڳاٽا ڪتاب مليا آھن اھي سڀ فارسي ۾ ھئا، ڪافي سالن کان پوء سنڌي ادبي بورڊ وارن انھن سڀني تاريخي ڪتابن کي فارسي مان سنڌي ٻولي ۾ آندو، ٽالپر حڪمران به سچل جي حاضري ڀريندا ھئا، تاريخي ڪتابن ۾ سچل جي تمام گھڻن مريدن جو ذڪر ملي ٿو پر ان ۾ خاص طور تي خيرپور پرڳڻي جي رھواسي لطف علي خاصخيلي جو ذڪر نمايان آھي، سنڌي ادب ۾ سچل جون جيڪي خدمتون ۽ تصنيفون شامل آھن انھن مان ڪجه ڪتابن ھن ريت ذڪر ملي ٿو، فارسي ۾ ديوان آشڪار، مثنوي مشق نامو، گداز نامو، دردنامو، تارنامو، رھبر نامو، وحدت نامو، وصلت نامو، سنڌي ڪتابن ۾ سچل جو رسالو، جيڪو سڀ کان پھرين مرزا علي قلي بيگ ۱۹۰۲ع ۾ آگره انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو، ان کان پوء ھر دور ۾ سچل جا رسالا مختلف نالن ۽ مرتب ڪندڙن پنھنجن نالن سان شايع ڪرايا آھن، اردو ٻولي ۾ سنڌ جي جھوني اديب رشيد احمد لاشاري سچل سرمست جي نالي سان ۱۹۶۶ع ۾ ڪراچي مان شايع ڪرايو، ٻي اھم ڳاله جيڪا مطالعي کان پوء معلوم ٿي ته سچل جنھن ھنڌ تي رھندو ھو جتي سندس آستانو ھو ان ئي ھنڌ تي سندس وصال کان پوء مقبرو اڏي آخري آرامگاه تعمير ڪئي وئي، جيڪو خيرپور جي علائقي ۾ درازا جي نالي سان مشھور آھي ۽ ھر سال ۱۴ رمضان تي سندس عرس ملھايو وڃي ٿو ۽ ادبي ڪانفرنس پڻ ڪئي وڃي ٿي، سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي طرفان ھر سال عرس جي موقعي تي سندس علمي ادبي خدمتن جي مجموعي کي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو وڃي ٿو، ادبي حوالي سان سچل سرو سچ جي طور تي به کيس ياد ڪيو وڃي ٿو، سنڌي ادب جو سچل جو سونھري دور ھو جنھن جي ڪري اڄوڪي دور ۾ اسان جو ادب پوري دنيا ۾ نڪري نروار ٿيو آھي، سندس عارفانه ڪلام به سنڌي ادب ۾ چڳي جاء والارين ٿا، ھڪ خاص ڳاله جو ذڪر ھن مضمون ۾ موقع جي مناسبت سان لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته اسان جي درٻاري اديبن دانشورن سنڌي ادب ۽ تاريخ سان وڏي ويساه گھاتي ڪئي آھي جو اسان جي عالمن اديبن شاعرن کي سنڌ کان ٻاھر جو ڄاڻايو آھي، اھي ان وقت جي معروضي حالتن کسن اڻ واقف ھئا ته دنيا ۾ جتي به آبھوا ۽ کاڌو خوراڪ ھوندو ھو ته انساني مخلوق ان خطي جو رخ ڪندي ھئي ۽ لڏپلاڻ جو عمل پوري دنيا ۾ ھو، اسان جا جيڪي به عالم اديب ولي بزرگ ٿي گذريا آھن انھن جو خطو سنڌ ئي ھو ۽ اھي لڏپلاڻ ڪندا ھئا ۽ ٻيھر موٽي سنڌ ۾ ئي ايندا ھئا جيڪو قبل ميسح کان سرسبز شاداب خطو رھيو آھي ان ڪري اسان جي اديبن عالمن صوفي فقيرن کي ٻاھريون يا ڌاريو نه لکڻ گھرجي ته ھي اصل ھتي جا ڪونه ھئا، اھا ان دور جي غلامائي دور جي سوچ ھئي ۽ تايخ ان جي زير اثر ھئي جئين حڪمران چاھيندا ھئا ائين ئي لکيو ويندو ھو، سچل سنڌ ڌرتي جو ئي رھواسي ھو سچل سارو سچ ھو

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سچل جي رومانوي شاعري

طارق عزيز شيخ

عام طور تي سچل سرمست جو ذڪر سنڌ جي مزاحمتي شاعرن جي سرواڻ جي حيثيت سان ٿيندو آهي، پر هو جيترو مزاحمتي شاعريءَ جي حوالي سان بلند پايي جو شاعر هو، اوترو ئي مجازي عشق ۾ شدت واري شاعريءَ جي حوالي سان به پنهنجو مقام مٿانهون رکي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جيڪا مزاحمت ٿي نظر اچي سا حقيقت ۾ شدت جي شعلن ۾ ٻريل آهي. جنهن کي سندس مزاج سبب رومانوي لهر لڳل آهي ۽ اوتري ئي سونهن سان به سرجيل آهي. سچل سائين کي پڙهڻ بعد اهو سولائي سان معلوم ٿو ٿئي ته، سچل بنيادي طرح حسن پرست انسان هو ۽ اهو ئي سندس شاعريءَ ۾ عشقيه جهلڪ جو اهم سبب پڻ آهي. سونهن ۽ عشق سچل جا خاص موضوع آهن. لازمي آهي ته سندس زندگيءَ جا به اهي خاص ڀاڱا رهيا هوندا.

سچل سائين عشق کي جڏهن به ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي، تڏهن عشق ۽ پرينءَ جي سونهن کي مقدس مقام وارين ڳالهين سان تشبيهه ڏني اٿس يا وري عشق ۽ سونهن کي ئي سڀ ڪجهه ڪوٺيو اٿس. محبت کي آسمانن کان اُوچو ته زمين کان انتهائي اونهو. مطلب هر هنڌ تي عشق وسيل ڏيکاريو اٿس. عشق جنهن کي لڳي، تنهن کي ان آڳ جا سڀ سيڪ اچي ويندا آهن، سچل انهيءَ ڪري فرمايو آهي ته:

عشق لڳئي ته ڪر آمين، نه منجهه ڪفر نه منجهه دين.

سچل عشق ۾ پرينءَ جي حسن کي ايترو ته جذباتي نموني اڀاريو آهي، جو پرينءَ جي سونهن تي نثار ٿيندي. هزارين عاشق سوريءَ تي ٽنگجيو ڳريو مريو وڃن. هو پيار وارن لاءِ اچڻ تي به سرن کي نيزن هيٺيان ڏئي اچڻ جو اشارو ٿو ڏئي. اهي ئي اصل عاشق آهن، جيڪي پرينءَ جي ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالهه کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي وهڪري وانگر سڀ ڪجهه لوڙهي وهي وڃڻ لاءِ آتا آهن. سچل پرينءَ جو وڏو قدر ڪيو آهي، هن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪري، پاڻ کي هر امتحان مان گذري وڃڻ لاءِ تيار ڪيو بيٺو آهي. ڪيڏي شدت سان فرمايو اٿس ته:

تنهنجي حسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، انهيءَ ڳالهه ڳاريا

هزارين هزار

اهي يار آيا، نيزن جي نوايا، نيئي سر سلايا

تنهن جو اگهار

جـــنـــهـــيـــن مــــــوج آئــــــــي، تــنــهــــن ســــــڏ سڀـــائـــي

ڪـــــــيــــهــــــــــــــي ڳالـــــهـــــــــــــــه ڪــــــــــــائــــــــــــــي

لنگهيا شهسوار

سچل سائين نهايت حسن پرست هو. هو قدرت جي ڪنهن به سونهن جي ساراهه کان رهي نه سگهيو. هن پرينءَ جي سونهن کي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان بيان ڪيو آهي. پرينءَ جون اکيون، ڳل، چهرو ۽ سڄي ساري سونهن جي جلوي لاءِ لاجواب تشبيهون ڏنيون اٿس. سچل جي رومانوي شاعريءَ ۾ اسان کي ڄڻ ته سڄڻ جي سونهن جي يپرائتي وصف ٿي ملي. جڏهن پرينءَ جي ڳلن جو بيان ٿو اچي ته هيئن ٿو چوي ته:

ڏٺاسين رخسار سهڻي دا، خوش خورشيدي خوبي

نا مخلوق آکيجي “سچل” سارا رنگ ربوبي.

پرينءَ جي جڏهن وري اکين جو احوال ٿو اچي ته اتي عقاب جهڙو شڪاري چئي مخاطب ٿئي ٿو ته:

“اکيان باز عقاب سهڻي ديان، شور گهڻن شهزوريان”

سچل جهڙو شل ئي ڪو ٻيو شدت پرست شاعر هجي، جنهن محبوب کي اصل بلند مقام تي پهچائي، عشق جو رتبو عبادت جهڙو اعليٰ ڪري ڇڏيو. هن جڏهن سڄڻ جي چهري جو ذڪر آندو آهي، تڏهن سندس چهري جي ديدار کي حج ڪرڻ سان تشبيهه ڏني اٿس ته:

“منهن ڏٺم مهتاب” “سچل” دا، ڪيتم حج هزار”

سچل سائين جڏهن پرين جي ساراه ڪئي آهي ته ان ۾ پنهنجو گرم مزاج ڏيکاريو اٿس. ڪير آهي جنهن چهري ۽ اکين کي ڪعبي ۽ نوابن سان ڀيٽ ڏني هجي!! اهو سچل ئي آهي جنهن چيو ته:

نيڻ نواب ڪعبي وچ ڪڙدي، عالي تاب انهان دا،

لازم هي لنو وليان نون، جو ڪرن طواف تنهان دا.”

هي مستيءَ جي عالم ۾ زندگي گذاريندو شاعر ڪعبي، حج، روزي ۽ نماز جهڙين مقدس ڳالهين کي جيڪر پرينءَ جي سونهن سان ڀيٽ ڏئي ٿو ته اهو سمجهجي ته هن خدا جي خدائي ۾ مداخلت ڪئي آهي. بلڪ هن جي اهڙي اظهار مان اها ڳالهه ٿي ملي ته اهڙن فرضن سان سچل جي پرينءَ کي الله ئي سمجهيو وڃي. سندس سچو لڳاءُ حقيقي توڙي مجازي تمام تکو هو.

سچل سائين جنهن دؤر جو عالم هو، تنهن دؤر ۾ ادب جو مقام بلند هو. نه صرف سچل جا عقيدتمند سندس چيل ڪلام جو مان مٿانهون ڪندا هئا. پر ان دؤر جا حاڪم، مطلب خيرپور رياست جا مير صاحب پڻ علم ۽ ادب جي حوالي سان تمام باذوق طبيعت رکندڙ هئا. ادبي ڪچهريون ۽ شاعراڻيون محفلون منعقد ڪرائيندا هئا. سچل سائين جڏهن به پنهنجو ڪلام چيو ميرن وٽان کيس اوترو ئي مان مليو جيترو پنهنجن ٻين عقيدتمندن کان ملندو هئس. اقتدار جا مالڪ هئڻ جي باوجود مير، سچل جو وڏو احترام ڪندا هئا. نه صرف ايترو، پر سچل سائين ۽ ٻين اديبن عالمن جي ڪري ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ ادب جي سرپرستي به ڪندا هئا. سچل ڪيتري به پرشدت ۽ مزاحمتي شاعري ڇو نه ڪئي هجي. ان تي ڪڏهن به ميرن اعتراض نه ڪيو. ميرن جي بدران جيڪڏهن ڪي ٻيا حاڪم هجن ها ته شايد سچل کي ايتري رعايت نه هجي ها ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سچل جي شاعري تي ڪيترائي بنياد پرست عالم کيس ڪافر قرار پڻ ڏئي چڪا هئا.

سچل سائين پنهنجي جذبي کي ايڏي شدت ۽ قربت سان اڀاريو آهي جو شايد ئي ڪنهن شاعر ايڏي باهه جهڙي ڀڙڪندڙ شاعري ڪئي هجي. هن پرينءَ جي پيار ۾ مدهوش بڻجي هن ريت به چيو آهي ته:

ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي سڀ بهانا

ناقص نيت ڪعبي واري، مرد گهمن مئخانا.

سچل جو ڪلام پيار ۾ غرق ٿيل انهن عاشقن جي نمائندگي آهي، جيڪي فقط عشق کي ئي عبادت ٿا سمجهن پر جيڪڏهن ان عشق وچ ۾ مذهب، دين، ڌرم به اچي ٿو وڃي، ته هو ڪجهه پرواهه ڪرڻ کان سواءِ سوريءَ تي به سر ٽنگڻ لاءِ تيار آهي. شايد انهيءَ ڪري سچل هي لفظ چيا:

عشق جنين سان غمزو لاتو، علم نه سي ٻيو پڙهندا،

منجهه ڪفر اسلام مذاهب، عاشق مور نه اڙندا،

ماري نعرو حق جو سچا، سوريءَ سر ڌرندا.

سچل سائين جو پيغام عشق، نفرت ختم ڪرڻ، ويڇا وسارڻ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ آهي. سنڌ ۾ ايتري شدت پرستي ڪنهن به ٻئي شاعر ۾ اڃا تايئن نه ڏٺي وئي آهي. جيتري سچل جي ڪلام ۾ ملي ٿي. اسان جي سنڌي ادب کي شاهه کان پوءِ سچل جهڙو اعليٰ شاعر نصيب ٿيڻ وڏي اهميت جوڳي ڳالهه آهي.

 

(روزاني مومل اخبار ڪراچي سومر ، ۲۵ مارچ ۲۰۲۴ع)


 

سچل سرمست

واهه مِٽي تنهنجو مُلهه - عرس جي مناسبت سان

الطاف اثيم

دنيا جي مذهبن جي تاريخ جيتري قديم آهي، تصوف جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي. ويدانت بابت ويدن ۾ آيو آهي ته، “ايڪو اهم ..... بهم سامي” مطلب ته، مان هڪ ئي آهيان ۽ گهڻائي ۾ هجڻ چاهيان ٿو. (I am One، and wish to appear in many.) ڀڳوت گيتا ۾ آهي ته، “مان سڀني ساهوارن جو بنياد آهيان ۽ سڀ شيءِ مون منجهان آهي” (I am origin of all: From Me every creation proceeds.) گوتم ٻڌ چيو هو ته: دنياوي اونداهي ۽ الاهي روشني، ٻئي ماڻهوءَ جي من ۾ موجود آهن، اهو ان تي منحصر آهي ته هو جيڪا راهه اختيار ڪري. (Worldly darkness and divine light both are inside human heart. Its up to him to develop any one.) انجيل مقدس ۾ آهي ته، “مان ۽ پيدا ڪرڻ وارو هڪ آهيون”. (I and Father are One.)

حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته، “جنهن مون کي ڏٺو، تحقيق ان رب کي ڏٺو” (He who has seen me، has no doubt seen Allah.) واضح ٿيو ته تصوف هر دور ۾ رهيو آهي ۽ هر مذهب ۾ اهلِ دل، اهلِ درد ۽ اهلِ حق عاشقن جي زندگي گذارڻ جو ذريعو رهيو آهي. پر سنڌ اندر وحدت الوجودي صوفين جي سرواڻ جي خيال ۾ عقل وارن ۽ عشق وارن جو جوڙ ڳنڍجي نه سگهيو آهي. سندس بقول ته:

عقل ڪهتي هئي وظيفي ياد ڪر- عشق ڪهتا هئي ڪه دک آباد ڪر.

عقل ڪهتي دين سي آگاهه بن- عشق ڪهتا فقير ڪا همراهه بن.

عقل ۾ شامل هئي دوئي ڪا اثر- عشق مين توحيد شامل سربسر.

مالڪ جي پيدا ڪيل مخلوق ۾ ملائڪ به آهن ته انسان به. ملائڪ گناهن کان ان ڪري آجا آهن، جو وٽن گناهن جي قدرت ئي ڪانهي. انسان کي جتي خالق گناهن جا سڀئي اسباب سپرد ڪيا آهن، اتي عقل سان گڏ عشق جي امانت به عطا ٿيس. جيئن سچل سائين سمجهايو ته:

ايڪ الستي عهد اور قالو بليٰ

عشق ڪي آواز ٿي اور ڪڇ نه ٿا

وري اهو به چيائين ته:

“ناهي ميسر مَلڪن، اها امانت عشق جي”

حضرت آدم کي احسن تقويم (Best Creation) ۽ اشرف مخلوق جو درجو يا رتبو ڏئي جڏهن الستي اقرار ورتائينس ته سچل سائين هن ريت حيرت جو اظهار ڪيو:

“مَلڪن پئي سجده ڪيا، واهه مِٽي تنهنجو مُلهه”

ان کانپوءِ اڳتي جو احوال ڏيندي سچل سائين چيو ته:

ڇوڙ فلڪ، زمين تي آيا.

عرش ڪرسي وچ ۾ نه سمايا

هن انسان ذات جي ڪثرت ۽ وسعت بابت پيغام ڏنو ته اميري غريبي، نسلي، گروهي يا مذهبي وڇوٽيون فقط انساني وهم و گمان جون پيدا ڪيل آهن، نه ته ظاهري توڙي باطني ان “واحد حقيقت” جا مختلف روپ آهن.

آنکين کول ڪي ديک تماشا، ايڪ هي صورت ساري هئي.

ڪهين وه مومن، ڪهين وه ڪافر، ڪهين اپنا هي پوجاري هئي.

اصل هئي مِٽي، نام الڳ هين، اسم ڪي يه اظهاري هئي.

سچل سب وه سچ ڪهتا هئي، جهوٽ سي وه انڪاري هئي.

ان ۾ ڪوبه شڪ گمان نه آهي ته ابن العربي شيخ محي الدين کانپوءِ هن خطي ۾ وحدت الوجودي فڪر يعني “سڀ جو مالڪ هڪ” جو سڀ کان وڏو پرچارڪ سچل سرمست ئي آهي. هن کي پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل صوفياڻي سوچ ته دل ۽ دماغ اندر سمايل هئي پر اڳتي هلي زماني جي ضرورتن موجب ان کي فروغ ۽ وسعت ڏنائين، جيئن اڪثر عالم، شاعر، هنرمند يا دانشور ڪندا آهن، ڇو ته اهي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي حالتن جا ترجمان هوندا آهن. سچل سرمست جي بيباڪ ۽ سرمستانه سخنوري سندس دور جي عڪاس آهي. بيباڪ اندازِ بيان جو نمونو هي آهي:

“نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آهيان امن جو امير”

هو پنهنجو تعارف امن جي امير طور ڪرائي رهيو آهي، ڇو ته سندس دور سنڌ جي تاريخ جو مشڪل ترين دور سڏيو وڃي ٿو. امن بابت سندس اشارو واضح ڪري ٿو ته امن تڏهن قائم ٿيندو آهي، جڏهن قانون ۽ انصاف موجود هوندو آهي. قانون جي حڪمرانيءَ کانسواءِ امن ۽ انصاف جو قائم ٿيڻ ناممڪن هوندو آهي. هن جي دوررس نگاهن کي ان ڳالهه جو ادراڪ هو ته متان ڪڏهن قانون نرم ٿي وڃي ۽ منصف پنهنجي تارازي چمڪ سان ڀري وٺن، تنهنڪري هن پاڻ کي منصف، قاضي يا قانوندان ڪونه سڏايو.

شعر و سخن جي سرزمين جي سرمست سلطان سچل سائين جي حڪمراني صرف هڪ سنڌي ٻوليءَ تي ئي نه آهي، هو سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ جو به عظيم شاعر آهي. ٻين ٻولين ۾ پنهنجي فڪر ۽ فهم جي ڦهلاءَ جو بنيادي مقصد به سندس آڏو آهي. لساني، گروهي تعصبات ۽ مذهبي منافرت جي حوصلي شڪني ڪرڻ هڪ سچي صوفيءَ جو پيغام عشق الاهي جي خمير مان سرجندو آهي ۽ ان ئي پسمنظر ۾ سمجهائيندا آهن ته خالق جو پنهنجي مخلوق لاءِ لطف و ڪرم هڪجهڙو هوندو آهي. سج جي تپش يا موسمن جو تغير فقط ڪنهن هڪ انساني گروهه لاءِ ناهي هوندو.

“سج ڪڏاهين مول نه ويکي، پاڪ پليتان جايان”

هر رنگ، نسل، مذهب ۽ مسلڪ جي ماڻهوءَ جو بک ۽ اڃ اجهائڻ جو هڪ ئي فطري طريقو آهي. اهڙي ريت بيمارين جي علاج جو نسخو به سڀني لاءِ ساڳيو آهي، باقي هٿرادو دوريون آهن.

صاحب اُٿان آڪر اِٿون، آدم نام سڏايا

هر شيءَ دي وچ اندر ٻاهر، صاحب آپ سمايا

‘سچو’ سڀ ڪنهن صورت اندر، رنگي رنگ بڻايا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

سچل سائين

من ۾ الله سو تن ۾ الله

تحرير: فياض حسين راڄپر

تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين ته سُڌ پوندي ته معاشرتي زندگيءَ کي گذاريندي ڌرتيءَ جي مٿاڇري مٿان جڏهن به جتي به ڪو روز ظلم ظاهر ٿيندو آهي تڏهن اُتي ڪو جوڌو جوان بهادر انسان سرويچ صوفي سَنت جنم وٺندو آهي جيڪو پنهنجي همٿ حوصلي ۽ هنر وسيلي زور ظلم جي زمين مٿان رھواسين لاءِ سندس دردن جي دوا بڻبي آهي. اهڙا تمام گهڻا مثال موجود آهن مروند جي شهر مان حضرت لعل شهباز قلندر جو سونهاري سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ اچڻ، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ حضرت سچل سرمست رح جو جنم وٺڻ، سچل سائين ننڍپڻ کان وٺي تخليق ڪائنات ۽ سندس رنگن تي غور و فڪر ڪندي حقيقت تائين پهچڻ چاهيندو هو.

سندس زندگيءَ جي انهيءَ عمل پوءِ واري ڪندي جسماني روحاني ۽ فڪري طرح ڌيان گيان وسيلي وڌندي رهي. هو هميشه چاهيندو هيو ته کيس هر شيءِ جي شناسائي ملي ته اُها ڇا آهي ڇو آهي؟ ۽ انجي هن سنسار منجھه سندس ڪهڙي اهميت ۽ حيثيت ۽ فاديت آهي هو چاهيندو هيو ته کيس انساني زندگيءَ جي مختلف پاسن جي به سُڌ ملي عبادت رياضت وسيلي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي عام ڪيو. جيئن اٻوجهه ڀليل انسان شعوري طرح سجاڳ ٿي حق ۽ حقيقت کي سمجهي وک وڌائين. سندس شاعري ۾ رندي رنگ، مستي وڪيف، انتظاري ۽ بي قراري سونهن ۽ سندس ساراھ، محبت ۽ سڪ، پاڻ سڃائڻ واري عمل سان گڏ ڪيترن ئي ڳجهين ڳالهين تان پردو پري ڪندي بيباڪي ۽ بلند آواز سان بيان ٿيل آهن..

ڪلهوڙن جي جي دور ۾ ڀرڀاسي وهنوار واپار ۾ پوکي لُڻي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ وسيلي اٻوجھه عوام ۾ سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪئي سندس اهڙي عمل تي وقت جا حاڪم ڏمرجي سچل سائين کي تڪليفون به پهچايو پر هن ماڻهن جي شعوري سگهه کي جاڳائڻ وارو عمل جاري رکيو. سچل سائين جي شاعري ۾ جن ڳجهين ڳالهين کي پڌرو ڪيو آهي اهي مختصر هجن ته انهن کي گڻپ ڪجي پر سندس سموري شاعري اهڙي ڳالهين لفظن، نقتن، گفتين سان ڀريل ملي ٿي اهڙن ڳجهين ڳالهيون جڏهن پردي مان پڌريون ٿيون ته ٻڌندڙ انسان حيرت جو اهڃاڻ بڻجي ويو. سچل سائين جي اوٺن واري شاعري يا سنيئن سنڌي، الهامي يا مجازي جو محور مرڪز هڪ "جڳ جوڙيندڙ ۽ سنسار جي هر ننڍي وڏي شيءِ ۾ سندس جلوا ” مالڪ جي مهر حاصل ڪرڻ لاءِ اٻوجهه انسان کي راه رستو به ڏس گس ٻڌايل آهي ته ڪئين ۽ ڪهڙي طرح مالڪ جي مهر حاصل ڪري سگهجي ٿي..

جهڙي طرح سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي جهڙ ۾ سمائجي آسمان تائين پهچندو آهي ۽ اُتان وري مينهن جي صورت ۾ زمين تي وسندو آهي زمين کي سيراب ڪندي منجهس لڪل گلن ٻوٽن وڻن، ٽڻن جي آبياري ڪندي ڪجهه پاڻي جر بڻجي ۽ ڪجهه ندين نالين وسيلي سرندي ٻيهر سمنڊ وڃي سمائجي ويندو آهي يعني سمنڊ جي پاڻيءَ جي صورت هڪ ميهن واري صورت، وڻ ٽڻ جي آباديءَ آبياري جي صورت يا جر واري ۽ ندين نالن واري صورتن ۾ سمنڊ تائين پهچڻ يعني مالڪ هڪ سندس جلوا جدا جدا

سچل سائين ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته "سڀاڻ لسي، ڏهي مکڻ اهي صورتون جدا جدا آهن پر سندن محور ۽ مرڪز هڪ ئي آهي.” کير "مطلب سائين ساڳيون درشن ڌارون ڌار، ڀلاري ڀٽ ڌڻي رح چواڻي” جاڏي ڪيا پرک، تاڏي سڄڻ سامهون "ويچارڻ واري ڳاله اها آهي ته انھي سڄڻ تائين پهچجي ڪئين.؟انهيءَ حوالي سان ڀڳت ڪبير پنهنجي گيان جي گهرائي مان ٻڌائي ٿو ته سچ چوڻ ٻڌڻ جهڙي رياضت ٻئي ڪونهي ڪوڙ ڪُپت جهڙو گناه ڪونهي جنهن جي من اڇائي سچائي ان جي من ۾ خود خدا هوندو آهي.حضرت سچل سرمست رح فرمائي ٿو ته "محبوب ڳولي ڏس من الله، من الله سو تن ۾ الله” سڄڻ جو ديرو ته تنهنجي من اندر آهي پوءِ تون پريشاني جي عالم ۾ آباديءَ ڇڏي ويراني ۽ پڪ ڇڏي پريشاني ۾ ٻين پاسن ڏانهن ڇو ٿو ڍوڙين پيو تون رڳو غور ۽ فڪر ڪندي پنهجي اندر جهاتي پائي ته سڄڻ سامهون آهي

سچل سائين مالڪ جي حقيقي هيڪڙائي سمجهائيندي انسان جي به رهنمائي ڪندي چيو ته تون پاڻ کي حقير ڇو پيو سمجهين توکي ته اعليٰ مقام مليل آهي کيس پنهجي عظمت ۽ اعليٰ حيثيت کان به روشناس ڪرائيندي چيو ته ٻين جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندڙن کي پيار پريت ۽ پنهنجائپ سان سمجهيو ٻين جي واکاڻ ڪرڻ ۽ انهن کي سڀ ڪجهه سمجهڻ بجاء تون پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهه چيو ويندو آهي جنهن پاڻ سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو جنهن رب کي سڃاتو تنهن سڀ کي سڃاتو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا