ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو
حسيب ناياب منگي
عبدالخالق راز ولد محمد حسن مسڪين سومرو جو جنم، شڪارپور
ضلعي جي خانپور تعلقي واري ڳوٺ، حاجي خان ڪلهوڙي ۾ ۱ جولاءِ ۱۹۳۴ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم
ته ڳوٺ کان شروع ڪيائين پر ۱۹۷۸ع تائين پڙهندو رهيو. مذڪوره سال
۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي نامياري بزرگ شاعر ”مير علي نواز
علوي“ جي علمي، ادبي ۽ سياسي توڙي سماجي، ڪارنامن تي ٿيسز لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل
ڪيائين.
۱۸ آگسٽ ۱۹۴۹ع کان پرائمري استاد جي حيثيت ۾
تعليم کاتي سان وابسته ٿيو. جتان پوءِ ۱۹۶۳ع کان ۱۹۷۳ع تائين اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ
انسپيڪٽر آف اسڪولس ۽ ۱۹۷۳ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر بڻيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هيڊ
ماستر جي عهدي تي پهچي ۱۹۹۴ع ۾ رٽائر ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب جي ادبي سفر جي شروعات، ۱۹۵۱ع کان ٿئي ٿي. پاڻ عاصي
تخلص اختيار ڪري، شاعر جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو. سنڌيءَ کان علاوه اردو، سرائڪي
۽ فارسي زبانن ۾ شاعريءَ جو چڱو خاصو مواد ڇڏيو اٿائين.
هو شاعر کان علاوه سٺو نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس به
هيو. سندس لکيل ۽ ڇپيل تعارفي، تنقيدي، ادبي ۽ تاريخي مضمونن جو تعداد به تمام گهڻو
آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شڪارپور صدين کان، ڪليات علوي ۽ تاريخ بکر شامل آهن. جڏهن ته
ڪيترا ئي اڻڇپيل ڪتاب، سندس پوين وٽ، مسودن جي صورت ۾ محفوظ آهن.
عبدالخالق راز سومرو، ڪيترن ئي علمي ادبي تنظيمن سان وابسته
رهيو. پاڻ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ نيڪ نمازي، هٿ جو ڪشادو ۽ نيت جو صاف ماڻهو هيو.
ڪيترا ئي ڀيرا حج جي سعادت نصيب ٿيس.
ڊاڪٽر صاحب، ڪجهه وقت علالت ۾ رهڻ کانپوءِ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۱ع تي سکر ۾، هڪ پرائيوٽ
اسپتال اندر زير علاج دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
پاڻ ٻه شاديون ڪيون هيائين. مگر کيس اولاد نه هيو.
پنهنجن ڀاڻيجن ۽ عزيزن مٿان اولاد جيان پيار ۽ شفقت جو هٿ
رکندو آيو، جن به آخري دم تائين ساڻس خوب نڀايو.
مرحوم منهنجي والد ”نقش“ ناياب منگيءَ جو ويجهو دوست هيو.
پاڻ اول خانپور کان جڏهن شڪارپور ايندو هيو ته اسان وٽ اچي لهندو هيو. پوءِ ته کڻي
شڪارپور ۾ رهائش اختيار ڪئي هيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا