گاجي شاھ کوسو
سنڌ جو هڪ انتهائي بهادر
جنرل ۽ مُڙس مٿير ويڙھاڪ
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
سنڌ جي جبلن وارن علائقن ۾ سفر ڪندي،
ڪيتريون ئي اهڙيون درگاهون نظر اچن ٿيون جيڪي انهن بزرگن ۽ ولين سان منسوب آهن، جن
۱۷هين صديءَ دوران ڪلهوڙن جي
مشهور “ميانوال تحريڪ” يا طريقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. مان سال ۲۰۰۰ع کان وٺي سنڌ جي پيچيده تاريخ جو تجزيو ڪرڻ لاءِ زباني تاريخ (Oral
History) ۽ بشرياتي (Ethnographic) انگ اکر گڏ ڪري رهيو آهيان.
زباني تاريخ جي اهميت تمام گهڻي
آهي. زباني روايتن جي ذريعي اسان کي ڪيترن ئي اهڙن قصن ۽ داستانن تائين رسائي ملي ٿي،
جيڪي جيتوڻيڪ مڪمل طور تي مستند نه به هجن، پر اهي اسان کي ان پرآشوب ۽ هنگامي دور
جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪن ٿا جنهن ۾ ڪلهوڙا اڀريا هئا. ان کان علاوه، هي روايتون
اسان کي ان خطي ۾ هلندڙ قبائلي دشمنين ۽ طاقت جي جدوجهد کي بشرياتي نقطه نظر سان
سمجهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون.
هڪ ڪهاڻي، جنهن تي مان هيٺ
تفصيل سان بحث ڪندس، ظاهر ڪري ٿي ته ڪيئن ڪجهه ذاتين پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ
کان بچڻ لاءِ پنهنجي قبيلي جا نالا تبديل ڪري زوراور قبيلن جا نالا اختيار ڪيا ته
جيئن کين تحفظ ملي سگهي. ذاتين جي تبديليءَ يا منتقليءَ جو هي عمل (Caste
Mobility) سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مستقل رجحان رهيو آهي،
چاهي ان پٺيان سماجي درجا بندي هجي، سياسي حالتون هجن يا مذهبي عنصر. هيءُ اڄ به
خطي جي پيچيده ماضيءَ جو هڪ لازمي حصو بڻيل آهي.
زباني تاريخ جي ذريعي اسان انهن
حالتن کي بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا. زباني روايتن انهن ڪهاڻين، داستانن ۽ قصن کي
محفوظ رکيو آهي، جنهن سان اسان کي انهن جي سماجي، سياسي ۽ مذهبي پس منظر کي سمجهڻ
۾ مدد ملي ٿي.
ميانوال تحريڪ جي باري ۾ چيو وڃي
ٿو ته ان جو بنياد ۱۶هين
صديءَ ۾ ميان آدم شاھ ڪلهوڙي وڌو هو. هي هڪ مذهبي تحريڪ هئي جنهن کي سيد محمد
جونپوري (وفات ۱۵۰۵ع) پاران شروع ڪيل مهدوي تحريڪ
جي هڪ شاخ سمجهيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ڪجهه عالم ان دعوي سان اختلاف رکن ٿا. ميان آدم
شاھ ڪلهوڙي جو وڌندڙ اثر ۽ مقبوليت مغلن ۽ سندن حمايتين کي قبول نه هئي. آخرڪار
کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ملتان ۾ کيس ڦاسي ڏني وئي. پر، ان واقعي سنڌ ۾ مغل راڄ خلاف ڪلهوڙن
جي جدوجهد کي ختم نه ڪيو.
هنن پنهنجي تبليغ جو سلسلو جاري
رکيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مغلن سان ٽڪراءَ جي صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن هڪ ٻئي اڳواڻ
ميان شاھ علي، جيڪو ميان شاھل محمد ڪلهوڙي جي نالي سان به مشهور هو، کي بکر جي مغل
نواب ڌوڪي سان قتل ڪري ڇڏيو. جيڪا شروعات ۾ هڪ مذهبي تحريڪ هئي، اها هاڻي مغلن ۽
سندن مقامي اتحادين خلاف هڪ مزاحمتي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي. ڪلهوڙن کي
پنهنجي هن جدوجهد ۾ تمام وڏين چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پيو، پر اهي سنڌ جي ڪيترن ئي
علائقن تي پنهنجو اثر ۽ تسلط قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي (وفات ۱۶۹۲ع) جي قيادت ۾ ميانوال تحريڪ هڪ وڏي قوت بڻجي اڀري ۽ لاڙڪاڻي، دادو ۽
نوشهرو فيروز جهڙن علائقن ۾ مقامي طور تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي. طاقت جي هن واڌاري
مغلن ۽ سندن اتحادين کي وڌيڪ مشتعل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ميداني علائقن توڙي
جبلن ۾ ڪيتريون ئي جنگيون ٿيون. مون انهن جنگين ۽ تڪرارن تي پنهنجي ڪتاب “The
Kalhoras of Sindh: History, Nobility and Tomb Architecture” ۾ تمام گهڻو
تفصيل سان لکيو آهي، جيڪو ۲۰۲۴ع ۾ ڊاڪٽر
اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ڄامشورو پاران شايع ڪيو ويو آهي.
مغلن سان ويڙهه کانسواءِ ڪلهوڙن
جي قلات جي بروهين سان به سخت جنگ ٿي، جنهن ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جا ڪيترائي
مريد شهيد ٿيا. انهن شهيدن ۾ هڪ انتهائي نمايان شخصيت گاجي شاھ جي هئي، جيڪو مُولا
نديءَ جي هڪ شاخ (ڍورو) وٽ “ڪارو” ۽ “چاڪو” جي علائقن جي وچ ۾ بروهين سان هڪ
مقابلي ۾ مارجي ويو. اهو ڍورو بعد ۾ سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ اڄ ان کي “گاجي
ڍورو” سڏيو وڃي ٿو.
بهرحال، سنڌ جو ھڪ ناليوارو
محقق عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ڪتاب “ڪاڇو، هڪ اڀياس” (۲۰۰۹ع، صفحو ۷۰) ۾ هڪ مختلف روايت پيش ڪري ٿو.
سندس چوڻ موجب، گاجي شاھ کوسو ۱۶۹۱ع ۾
بلوچستان جي لوهي علائقي ۾ بروهي قبيلي سان هڪ مقابلي ۾ شهيد ٿيو هو. ڪنگراڻي
موجب، سندس مڙھ بعد ۾ “لڪ پاس” (Lak Pass) آندو ويو،
جتي کيس ميان نصير محمد ڪلهوڙي مقرر ڪيو هو، ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.
گاجي شاھ کوسو هڪ انتهائي بهادر
جنرل ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو خاص مريد هو. سندس تعلق کوسا قبيلي سان هو ۽ هو
“شاهي گروپ” جو رڪن هو، جيڪو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو هڪ مشاورتي ادارو (Advisory
Council) هو. سندس نالي جي ٻئي حصي “شاھ” هجڻ ڪري ڪيترائي
ماڻهو غلط فهمي جو شڪار ٿي کيس سيد سمجهن ٿا.
ڪلهوڙن جي ميانوال تحريڪ دوران،
“شاھ” جو معزز لقب نامور ۽ خاص شخصيتن کي ڏنو ويندو هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي هن
روايت جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي ممتاز مريدن کي هن لقب سان نوازيو. ڊاڪٽر اين اي بلوچ
جي ڪتاب “Sindh: Cultural Studies ” (۲۰۰۴ع، صفحو ۳۰۲) موجب، ڪيترن ئي اهم خليفن کي
هي معزز لقب مليو. مثال طور، پنجو (يا پانجا) ڏهوٽ، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي
دعائن سان “شاھ پنجو” يا “پنجو شاھ” بڻجي ويو. اهڙي طرح، عبدالله ابڙو، جنهن کي
“گودڙيو” به سڏيو ويندو هو، “عبدالله شاھ” يا “شاھ گودڙيو” جي لقب سان مشهور ٿيو،
۽ وسائو فقير چنڊيو “شاھ وسائو” بڻجي ويو.
مختلف ميانوال فقيرن سان انٽرويو
دوران مون کي ٻين به ڪيترن ئي خليفن جي باري ۾ ڄاڻ ملي جن کي “شاھ” جو لقب ڏنو ويو
هو. حيدر فقير لغاري “حيدر شاھ” بڻيو؛ يوسف فقير ڇڄڙو کي “يوسف شاھ” چيو ويو؛ ننگر
فقير مگسي “ننگر شاھ” بڻيو؛ بهار فقير ڪلوئي کي “بليل شاھ” سڏيو ويو؛ رودن فقير چنڊيو
“رودن شاھ” طور مشهور ٿيو؛ باهو فقير لغاري “شاھ باهو” سڏيو ويو؛ ۽ ابراهيم فقير
مري کي “ابراهيم شاھ” جو لقب مليو. هيءَ فهرست اڃا به ڊگهي آهي، جنهن ۾ حامد فقير
چڍڙ (حامد شاھ) ۽ عنايت فقير ٽڳڙ (عنايت شاھ) شامل آهن. اهي سڀ ميان نصير محمد ڪلهوڙي
جا فقير ۽ خليفا هئا جن کي شاھ جو لقب مليو. هيءَ روايت بعد جي ڪلهوڙا حاڪمن تائين
به جاري رهي.
گاجي شاھ کوسو جي درگاهه دادو
ضلعي جي شهر جوهي کان اٽڪل ۳۵ ڪلوميٽر پري ڏکڻ-اولهه ۾ واقع آهي. گاجي شاھ هڪ مڙس مٿير ويڙهاڪ هو جنهن ڪيتريون
ئي جنگيون وڙهيون. پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” (۱۹۹۴ع، صفحو ۱۱۸) موجب، سندس ويڙهه ان وقت جي هڪ
طاقتور زميندار گرشا بلفت کوسي سان به ٿي هئي. گرشا بلفت گاجي شاھ جي هڪ مريد
دلشاد فقير کوسي کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ پيارو کوسي، گاجي شاھ جي مدد
سان گرشا بلفت کي قتل ڪري پنهنجو پلاند ورتو. ان واقعي کوسا قبيلي جي ٻن گروهن ۾
سخت دشمني پيدا ڪري ڇڏي، جنهن تي گاجي شاھ پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته جتي به
دشمن نظر اچن انهن تي حملو ڪيو وڃي.
روايتن موجب، ان خوني دشمنيءَ ۾
کوسا قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. منهنجي تحقيق دوران هڪ دلچسپ ڳالهه اها
سامهون آئي ته ڪيئن کوسا قبيلي جي ڪجهه خاندانن ان قتل عام ۽ ظلم کان بچڻ لاءِ
پنهنجي ذات تبديل ڪري ڇڏي. ڪجهه کوسا خاندانن ڳُڙ ورهائي اعلان ڪيو ته هو هاڻي
کوسا نه پر “ڳُڙ لغاري” آهن. وقت گذرڻ سان اهي خاندان اڄ به “ڳُڙ لغاري” جي نالي
سان سڃاتا وڃن ٿا.
هي جهيڙو شايد اڃا به وڌيڪ شدت
اختيار ڪري ها، جيڪڏهن ميان نصير محمد ڪلهوڙو بروقت مداخلت نه ڪري ها. پروفيسر
عبدالله مگسي موجب، ميان نصير محمد گرشا بلفت جي حمايتين ۽ اولاد کي دادو جي ڪاڇي
واري علائقي مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. پر منهنجي تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڳُڙ لغارين جي
بنيادي وسندي، جيڪا “رحيم خان ڳُڙ” جي نالي سان مشهور آهي، حاجي خان ڳوٺ جي ويجهو
واقع آهي.
منهنجي تحقيق، جيڪا ٻن ڏهاڪن
کان وڌيڪ عرصي تي محيط آهي، ان دوران مان ڪيترن ئي زباني تاريخ جي ڄاڻن ۽ ڳوٺاڻن
عالمن سان مليس جيڪي دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ رهندڙ آهن. انهن ماڻهن ميانوال
فقيرن جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون پنهنجي سينن ۾ محفوظ رکيون آهن. زباني تاريخ
سنڌ جي اڻ-لکيل تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي.
گاجي شاھ جا بهادري وارا ڪارناما
علائقي جي تاريخ کان واقف ماڻهن ۾ تمام گهڻو مشهور آهن. مقامي روايتن موجب، ميان
نصير محمد ڪلهوڙي گاجي شاھ کوسي ۽ شاھ پنجو ڏهوٽ کي پنهنجي هڪ مريدڻ مائي شامل کي
آزاد ڪرائڻ جي مشن تي موڪليو، جنهن کي سبي جي حاڪم ۽ مغلن جي وفادار بختيار خان
اغوا ڪري قيد ڪيو هو. ميانوال تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مغل ۽ سندن حمايتي اڪثر
ميانوال فقيرن تي حملا ڪندا هئا ۽ کين اغوا ڪندا هئا.
جڏهن مائي شامل جي قيد جي خبر
ميان نصير محمد کي پهتي ته هن گاجي شاھ ۽ شاھ پنجو کي حڪم ڏنو ته کيس آزاد ڪرايو وڃي.
هنن سبي جي قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ مائي شامل کي حفاظت سان آزاد ڪرائي ورتو. مائي
شامل قيد دوران پنهنجي مرشد جي شان ۾ جيڪي گيت ڳايا هئا، اهي “ميان جي سامي” يا
“سامري” جي نالي سان مشهور ٿيا، جيڪي اڄ به ڪلهوڙا حاڪمن ۽ سندن فقيرن جي درگاهن
تي ڳايا وڃن ٿا.
اڄ گاجي شاھ جي درگاهه سنڌي ۽
بلوچ قبيلن لاءِ وڏي عقيدت جو مرڪز آهي. سالياني ميلي دوران اتي هزارين عقيدتمند گڏ
ٿيندا آهن. درگاهه جي ٻاهران سندس نالو “سيد گاجي شاھ گنج بخش” لکيل آهي، جڏهن ته
کيس “گاجڻ شاھ” به چيو وڃي ٿو. درگاهه تي “الله توهار” جا نعرا گونجن ٿا، جيڪو
ميانوال تحريڪ جو هڪ خاص نعرو ۽ سڃاڻپ هئي. اتي ميانوال طريقي جون مخصوص رسمون ۽ ڌمال
پڻ ادا ڪئي وڃي ٿي.
مقبري جي احاطي ۽ لڳ ڀڳ قبرستان
۾ ڪيترائي ميانوال فقير دفن آهن. انهن ۾ گل بيگ تانگڙي به شامل آهي جيڪو ميان نصير
محمد جو سچو مريد ۽ گاجي شاھ جو سپاهي هو، جيڪو بروهين سان وڙهندي شهيد ٿيو هو.
مقبري جي دروازي ويجهو جالب فقير لغاري جي قبر آهي جيڪو ميانوال طريقي جو مشهور
سرندو نواز هو. سندس نالو قبر تي لکيل آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي هن صوفياڻي روايت جي
ميراث کي زنده رکيو اچي ٿو.
(انگريزي مضمون تان ترجمو:
جيمناءِ)
(ليکڪ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ
اڪنامڪس، اسلام آباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ اينٿروپالاجسٽ آهي. هن پاڪستان جي
ثقافتي ورثي ۽ اينٿروپالاجي تي ۱۸ ڪتاب لکيا آهن.)
(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۸ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
گاجي شاھ کوسو
پروفيسر عبدالله
مگسي
کوسا سنڌ جي جابلو علائقن جي
اهم لڪن ۽ صحرائي رستن جو محافظ اهم قبيلو آهي. انهيءَ نسب سان هيءُ قبيلو جيڪب
آباد - لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي پهاڙن ۽ ڪڇ ڀڄ ۽ ٿر جي صحرائي علائقن ۾ وڏي تعداد ۾
آباد آهي. انهيءَ سرويچ قبيلي جو هڪ فرد گاجي شاھ هو. جيڪو ميان نصير محمد ڪلهوڙو
جن جو معتقد، ساٿي، مدبر، سياستدان، خاص مشير ۽ وڏن سپـﮧ سالارن ۾ شامل هو. ڪاڇي ۾
اتر کان ڏکڻ تائين يعني جوهي تعلقي کان سيوهڻ تعلقي جي نئيگ تائين اوڀر ۾ منڇر کان
وٺي گرو جبل جي بيخ تائين کوسا آباد هئا. ان ڪري گاجي شاه کي ميان نصير محمد
ڪلهوڙي لڪ ٽنڊي رحيم جو نگهدار مقرر ڪيو، جتي گاجي شاه هڪ مسجد، پاڻيءَ پيئڻ جو
کوه ۽ هڪ جانڊه (اٽي پيهڻ جي چڪي) هڻائي، تہ جيئن لڪ کان ايندڙ ويندڙ مسافرن،
تجارتي قافلن جي واپارين ۽ تاجرن کي پاڻي ۽ ماني آسانيءَ سان ۽ مفت ملي سگهي، تہ
جيئن مغلن خلاف ميان نصير محمد ڪلهوڙو جي قائم ڪيل عبوري حڪومت کي مالي طور مدد
ڪرڻ، هٿيارن جي رسد ۽ بلوچ جنگجو سپاهي ڀرتي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي. ان ڪري گاجي
شاه جي روٽ (ماني) اڄ بہ مسافرن، معتقدن، مريدن ۽ عام خاص کي هر وقت ملندي رهي ٿي.
گاجي شاه جو هڪ ٿڃ شريڪ ڀاءُ دلشاد فقير جيڪو ڪاڇي ۽ بلوچستان ۾ مال جو وڏو واپاري
پڻ هو. تنهن کي گرسا بلفت نالي هڪ طاقتور کوسي سردار ماري وڌو، گاجي شاهه فيصلو
ڪيو، پر دلشاد کوسي جي ڀاڻيجي پياري کوسي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي گرسا بلفت کي
ماري وڌو ان ڪري کوسا ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. علائقي ۾ وڏي پيماني تي شورش برپا ٿي
ويئي. بهادر جنگجو کوسن جون تلوارون هڪ ٻئي جي خون ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون. انهيءَ
خونريزيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙو کي مداخلت ڪرڻي پئي. باغي پياري
کوسي کي شڪست ملي ۽ کوسن کي ڪاڇي جي علائقن مان نڪرڻو پيو ۽ اهي ٿر ڪڇ ڀڄ جي سرحدي
علائقن ڏانهن هجرت ڪري ويا. ٿر جي سفر دوران ننگرپارڪر ويجهو سامي ماڻهن ميان جي
ڪجھ فقيرن تي حملو ڪيو ۽ کانئن سامان وغيره ڦريو. ان ڪري گاجي شاه کوسن کي حڪم ڏنو
تہ هو حملي آور سامي ماڻهن کي سزا ڏين ۽ فقيرن کي سندن سامان واپس ڏيارين. حڪم جي
تڪميل ڪئي وئي ۽ سامين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏني. گاجي شاه ڪڇ ڀڄ ۽ لکپت جو ميان
صاحب کي سير ڪرايو ۽ اتي خير محمد ۽ شاه علي کي پنهنجو نائب مقرر ڪري موٽي پنهنجي
ڳوٺ پهتو.
ڪڇ ڀڄ جا کوسا پنهنجي هن عظيم
قائد گاجي شاه کي هر سال دعوت ڏيندا هئا ۽ ميان نصير محمد جي قيادت ۾ اعتماد جو
اقرار ڪندا هئا. گاجي شاه هوتڪ پهاڙي علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمن مان هڪ واه
کوٽايو، جنهن تي آبادي ٿيڻ لڳي ۽ اهو سڄو علائقو سرسبز شاداب ٿي ويو. گاجي شاهه جي
خدمتن کي ڏسندي ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس گنج بخش جو لقب ڏنو يعني ميان جي حڪم تي
گاجي شاه پنج هزار ماڻهو يڪدم فوجي خدمتن لاءِ ڏئي سگهيو پئي. ميان نصير محمد
ڪلهوڙي جي اسيري واري عرصي ۾ ميانوال تحريڪ جي قيادت گاجي شاه ۽ شاه پنجو سلطان
گڏجي ڪندا رهيا. ان ڪري عاضي (عاجزي) ڪندي ميانوال فقير چوندا آهن تہ
”يارو
ڪرو الاتوهار ها ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد نصير محمد ها ميان پنجا ڌونڪ دا
ڌڻي گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار سي واليان دي شي ٿيوي يارو ڪرو الاتوهار.“ ڇاڪاڻ
تہ هنن ٻنهي فقيرن ميان صاحب جي مرڪز کان غير حاضري دوران ميانوال تحريڪ ۾ بحران
پيدا ٿيڻ نہ ڏنو ۽ مغل قانون کي سنڌ اندر بي اثر بڻائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو
ميانوال تحريڪ جا ماڻهو پنهنجن دعائن ۾ پنهنجي ڪلهوڙا قيادت جي نالن کانپوءِ گاجي
شاه ۽ شاه پنجي سلطان جا نالا وٺڻ ضروري سمجهن ٿا. اڃا بہ وڌيڪ ثبوت طور ميانوال
تحريڪ سان لاڳاپيل عورتون پنهنجن ٻارن کي وڏي کنگهہ جي بيماري وقت پنهنجي سريلي
آواز سان هي دعا پڙهنديون آهن.
کر
کنگهہ لوڙها لنگهہ، ميان نصير ٿي دستگير،
گاجي
شاه ڪر نگاه، پنجا پير سهڻا وير،
عنايت
شاه تيڏا رنگ، کر کنگهہ لوڙها لنگھہ۔
مٿي ڏنل دعا مان گاجي شاه ۽ ٻين
سردارن جا نالا ميان نصير محمد کان بعد ۾ ورتا وڃن ٿا، جنهن مان سندن حيثيت ظاهر
ٿئي ٿي. لڪ وٽ بلوچستان جي بروهين سان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فقيرن جو تنازعو
ٿي پيو، ان ڪري هڪ بروهي موقعو وٺي گاجي شاه تي حملو ڪيو، جنهنڪري پاڻ زخمن جو تاب
نہ سهي دم ڏنو. گاجي شاه جي شهادت لاءِ محترم عزيز عزيز الله ڪنگراڻي صاحب لکي ٿو
تہ گاجي شاه بروهين جي هٿان مارجي ويو هو. بروهين جو ٽڪر ميان نصير محمد ڪلهوڙي
سان هو. ميان صاحب پنهنجي نائب گاجي شاه کي بروهين سان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. گاجي
شاه حڪم جي تڪميل ڪندي بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ بروهين سان جنگ ڪئي. اها جنگ
لوهيءَ کان چند ميل اولهہ ۾ ضلع خضدار جي تعلقي وَڍَ جي حدن ۾ لڳي ۽ گاجي شاه شهيد
ٿي ويو. کيس سندس جوڙايل مسجد ۾ دفنايو ويو. جتي هن سوره سردار جي مزار عام ماڻهن
خاص ڪري ميانوال فقيرن جي رجوعات جو مرڪز بڻيل آهي. پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي
وفات کان هڪ سال اڳ شهادت حاصل ڪئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته گاجي شاه جي وفات جو
سال ۱۶۹۵ع آهي.
(پروفيسر عبدالله مگسي، سنڌ جي
تاريخ جو جديد مطالعو تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا