; سنڌي شخصيتون: ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

12 April, 2026

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“

رکيل مورائي



دل درد سان ڀريل آ، اکڙين ۾ آھي پاڻي.

هيءُ اکر لکندي، اڄ جي تاريخ تائين سنڌي ادب جي ڪيل مطالعي جي آڌار تي واڌو پنهنجي سموري عملي ادبي اعتبار تي اهو چئي رهيو آهيان ته بي وفا عمر منھنجي ھن دلبر دوست ۽ بيمثال ڪھاڻيڪار سان ساٿ نه نڀايو، جيڪڏهن هو اڄ تائين حيات هجي ها ۽ لڳاتار لکندو رهي ها ته پڪ سان سنڌي ادب کي اهڙيون ڪهاڻيون ڏيئي ها جن جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي اڄ جي سنڌ جا سمورا ليکڪ ڏين ها! پر وقت پنھنجي رفتار سان ھلندو آھي، ھو ڪنھن جو بھ محتاج رھڻ وارو نه آھي


اڄ جيڪي ڪهاڻي لکي ۽ پڙهي رهيا آهن ها! جڏهن هو ڪهاڻيون لکي رهيو هو تڏهن هن جي ڪهاڻين جي اعليٰ هجڻ جي شاهدي سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪوتا ڪار موهن ڪلپنا ان وقت ئي ڏني هئي جڏهن هن وقت جي ڪهاڻيڪارن جي وڏي حصي، موهن ڪلپنا جو شايد ئي ڪو ڪتاب پڙهيو هئو!.

سنڌيءَ جي لاجواب ايڊيٽر طارق اشرف مرحوم هن کي دريافت ڪيو هئو، جڏهن سهڻيءَ جو ٻيو دور شروع ٿيو هئو. هن جي ٽين (ٻه اڳ ڇپيون آھن) ڪهاڻي” نينهن پليو نفرتن ۾“ جڏهن سهڻيءَ جي پرچي ۾ ڇپي هئي ۽ موهن ڪلپنا پڙهي هُئي ته هن پنهنجي دوست ۽ سهڻيءَ جي سرواڻ طارق اشرف معرفت خط لکي اظهاريو هئو ته:

مون ههڙي ڪهاڻي ويجهڙ ۾ سنڌي ادب جي ٻنهي پاسي، هند توڻي سنڌ ۾، نه پڙهي آهي، هن نوجوان کي منهنجي پاران سلام چئج!“

اهو خط جڏهن موري پهتو هئو ته، اسين چار يار (غلام نبي ڏاھري، ادريس جتوئي، احمد سولنگي ۽ رکيل مورائي) جيڪي سندس ويجهو هئاسين خوشيءَ ۾ نٿي ماپياسين. ائين چئي کيس ڀوڳ ڪرائيندا هئاسين ته، يار! هيءُ خط فريم ڪرائي هار طور ڳچي ۾ پايو وت! ۽ ان وقت هو شرميلو، ڪنوار ٻوٽيءَ وانگر سُسي ويندو هئو.

هو جنهن ليول جو ڪهاڻيڪار ٿيڻو هئو، اهو شايد وقت کي منظور نه هئو ۽ هن کي پنهنجي بنهه ٿورڙي عمر ۾ لڳ ڀڳ نوجوانيءَ ۾ اياز جي لفظن ۾ کيس کڻي ورتو.

عشق عقاب پکي پرڏيهي،

جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي،

ڪير انهيءَ کان کٽي.

اسان سڀ ظالم وقت هٿان هارائي وياسين ۽ اڄ تائين ان هار جي اثر هيٺ آهيون. وقت بادشاهه آهي.

اسان سڀني دوستن ۽ سندس بيشمار پڙهندڙن مان ڪنهن جو وس نه هلڻو هئو سو نه هليو، موت هن کي کڻي هليو ويو.

هو ڇا ويو. اڄ تائين مون سميت سندس انهن چئني دوستن مان مٿس ڪو به هڪ سٽ لکي سگهيو آهي يا ته دل جهلي نه سگهيو آهي يا قلم جهلي نه سگهيو آھي، ڇا چئجي.

هن جو خانداني نالو ارباب حسين ٻگهيو هئو ۽ هن جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو ته خادم ٻگهيو جي نالي سان لکيو. هن جيڪي به ڪهاڻيون لکيون انهن مان بنهه ٿوريون ڇپجي سگهيون. هن جيڪي خط لکيا اهي سندس ڪن دوستن وٽ ضرور محفوظ هوندا، هن جيڪي پنهنجي حياتيءَ بابت يادگيريون لکيون ضرور اهي به ڪٿي سندس ڪنھن ڊائريءَ ۾ محفوظ هونديون، هن جيڪي عشق ڪيا جن سان ڪيا، اُھي انهن خواتين جي دلين ۾ اڄ به موجود هوندا. هو جيڪي روز ڊائريءَ جا ورق لکندو هئو، منهنجي ڪراچي اچڻ تائين اهي منهنجي ھڪ فائل ۾ محفوظ آھن ۽ باقي دل ۾ آهن. پر سچ اهو آهي مان اڄ جي تاريخ تائين هن تي ته ڇا، هُن جي وفات جي تاريخ به ڊائري تي نه لکي سگهيس يا لکڻ جي طاقت نه ٿي.

خادم ٻگهئي ۽ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي وچ ۾ ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جو مفاصلو ئي هوندو. جڏھن مان ننڍو ھوس ۽ خادم جو دوست نه ھوس ته سندس ڏاڏي حاجي عبدالغفور ٻگھئي جي ڳوٺ ھر سال بابا سان گڏجي ويندو ھئس جو ھر سال سندس ھڪ ڏينھن جي خيرات جي دعوت تي ڀر وارن سڀني ڳوٺن جا بزرگ توڻي نوجوان ان ۾ ضرور شريڪ ٿيندا ھئا جو بابا جا ساڻن دوستاڻو تعلق ھُئو، جيڪو آخر تائين منھنجو وڏو ڀاءُ محمد رمضان نڀائيندو آيو ۽ خادم منهنجي نوجوانيءَ جو اهڙو يار هئو، جنهن کان منهنجو ڪجهه به ڳجهو نه هئو ۽ هن جو به مون کان ڪجهه به ڳجهو نه هئو. هو هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو ته دور جي روپوشيءَ ۾ راتين جون راتيون اچي منهنجي ڳوٺ ۾ گذاريندو هئو.

خادم زندگيءَ جون ڪيتريون به تڪليفون ڏٺيون پر هن جي شخص جو عالم اهو هئو ته ڪڏهن به گهر کان ٻاهر چپل پائي نه نڪتو، پالش ٿيل بوٽ يا سينڊل کان سواءِ، ڪڏهن به تازي ٿيل شيو کان سواءِ نه هوندو هئو، هن دوستن جو لشڪر نه ٺاهيو پر جيڪي سندس دوست هئا يا آهن انهن مان پهريون ۽ آخري نالو غلام نبي ڏاهريءَ جو آهي ۽ باقي سڀ پوءِ.

هن جڏهن به لکيو ته پارڪر پين سان لکيو ۽ ان ۾ ڪاري مَسُ استعمال ڪئي، سندس اکر سنڌيءَ چوڻي جيان موتين جا داڻا، ۽ هو پاڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ھئو! جنهن ۾ سڀ مرداڻي سونهن جون وصفون هڪ ئي وقت موجود هيون.

هن ۾ جيڪا ادبي وصف اهم هوندي هئي. اها هئي پنهنجي حسين اکرن ۾ ڊگها خط لکڻ، جيڪي هو رات جو لکندو هئو ۽ صبح جو موري ۾ اچي مون کي هٿو هٿ ڏيندو هئو، جن مان هڪ طويل ناول جو تاثر اڀرندو هئو. جيڪو ناول سندس زندگيءَ جي بنهه ويجهو هوندو هئو. اڄ اهو ناول ته رهجي ويو آهي پر سندس زندگي نه رهي آهي.

هن چڱو وقت شادي روزگار نه هجڻ سبب ڪا نه ڪئي. جڏهن کيس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ملي ته هن ميمڻ خاندان مان شادي ڪئي. کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. هو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو وائيس پرنسيپل ٿيو. سندس ڪيڊٽ ڪاليج جي استاد دوستن جو چوڻ آهي ته ارباب حسين ”خادم ٻگھيو“ ڪاليج جي آئيڊيل استادن مان هئو.

ان کان اڳ هو سنڌيءَ جو آئيڊيل ڪهاڻيڪار بڻجي چڪو هئو جڏهن هن کي وڌيڪ آئيڊيل بڻجڻو هئو ته هن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ٻه ننڍڙيون نياڻيون، نوجوان زال، سڀ اڻپوريون ڪهاڻيون، پاڻ تان گهور ويندڙ دوست ۽ انهن ڏانهن لکڻ کان رهجي ويل خط، مون هٿان گهرايل قرت العين جو ناول ”آخري شپ ڪي همسفر“ ۽ هيءُ سمورو بيحد وڻندڙ جهان.

جنهن ڏينهن هن هيءُ جهان ڇڏيو هئو، اهو اڀاڳو ڏينهن ٻارنهن اپريل ٻه هزار چار جو هئو، هنڌ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو هئو. اسپتال شايد گهڻو پري هئي، جنهن تائين هو نه پهچي سگهيو يا پهچايو نه ويو. اهو رهجي ويل سوال آهي، جواب ملڻ گهرجي.؟

اڄ سندس وفات جو ڏينهن آهي، جڏهن تاريخ جي گهرج محسوس ٿي ته اسان جي دوست ۽ خادم جي جگري يار غلام نبي ڏاهريءَ تاريخ موڪلڻ بجاءِ سندس قبر تي لڳل ڪتبي جي تصوير ڪڍي موڪلي ڏني جنهن کي ڏسندي دل ڀرجي، اٿلي اکين تائين آئي آهي جنهن ڪتبي تي لکيل آهي ته ”ارباب ٻگهيو ولد عبدالرئوف ٻگهيو، وصال ۱۲ اپريل ۲۰۰۴ع مطابق ۱۳ صفر ۱۴۰۵هه بروز ڇنڇر جي رات ۳ وڳي عمر ۳۹ سال.

ايتري ننڍي عمر ۾، هُو وڏو ڪهاڻيڪار اسان سڀني وٽان هليو ويو. اڄ جڏهن تهجد جو وقت آهي ۽ هيءُ لفظ لکي پورا ڪيا اٿم ته مسجدن مان فجر جي آذان جو آواز اچڻ لڳو آهي ۽ مان سندس دوستيءَ جي حضور ۾ مٿس ڪجهه به نه لکي سگهڻ جي شرمندگي کڻي پيرين ۽ مٿي اگهاڙو حاضر ٿيو آهيان، تڏهن مٿس ئي لکيل سائين راشد مورائيءَ جون هيءُ سٽون ذهن تي تري آيون آهن جيڪي منهنجي دل جو آواز بڻجي پيون آهن:

البم ۾ تنهنجو فوٽو، اهڙيءَ طرح لڳايم،

سهڻن سڀن جي وچ تي، سهڻو کڻي سجايم،

تصوير تنهنجي ٿي پئي، ڄڻ آهي راڄ راڻي،

۽ ھن وقت منھنجي ڪيفيت ھيءَ آھي تھ:

دل درد سان ڀريل آ، اکڙين ۾ آهي پاڻي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد آنلائن سنڊي ميگزين ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا