; سنڌي شخصيتون: خليق الرحمان ڪيريو

12 April, 2026

خليق الرحمان ڪيريو

خليق الرحمان ڪيريو

۽ لطيفي ببليوگرافي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



خليق الرحمان ڪيريي ڳوٺ جيئندو ڪيريو تعلقي ڀريا ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۷ تي جنم ورتو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ۲۰۰۳ ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول دالي مان، ۲۰۰۵ ۾ انٽر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڀريا مان، ۲۰۱۰ ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ۲۰۱۷ ۾ گورنمينٽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي جي ڊگري فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. هن لطيفي فن تي لکڻ پڙهڻ جي شروعات سن ۲۰۰۰ عيسوي کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام صبح مهراڻ جي سلسلي لطيفي لات ۾ خطن سان ڪئي. ۲۰۰۹ ۾ شاھ لطيف جي رسالي کي پڙهڻ شروع ڪيائين. ۲۰۱۳ کان وٺي پنهنجي ڏاڏا سائين (استاد الھورايو) جي نالي سان گهر ۾ لائبريري قائم ڪيائين، جنهن ۾ هن مختلف موضوعن تي ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. جن ۾ تاريخ، فلسفو، مذهب، سياست، ناول شاعري وغيره جا ڪتاب آهن. انهن سان گڏ لائبريري ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاھ جي رسالن جا مختلف ڇاپا آهن. جن جو تعداد ۱۳۰ تائين ٿيندو سي موجود آهن. ۵۸۰ لطيفي ڪتاب موجود آهن. ڪجھ رسالي جا قلمي نسخا ۽ ۴۰ جي لڳ ڀڳ لطيفي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۽ ايم فل ٿيسز موجود آهن.



خليق الرحمان ڪيريي لطيفي ڪم جي سهيڙ ۲۰۱۵ کان ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سن ۲۰۲۳ جي آگسٽ ۾ “لطيفي ببليوگرافي” جي نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيائين. هن وقت ڪتاب لطيفي ببليوگرافي جي ٻئين ڇاپي بابت مواد گڏ ڪري رهيو آهي. خليق الرحمان جو لطيفي فن سان ايترو عشق آهي جو اهي ڇپيل سڀئي مضمون ۽ مقالا ڪمپيوٽر تان پرنٽ وٺي پنهنجي لائبريري ۾ هن فائل ٺاهي رکيا آهن. لائبريري ۾ ۱۵۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪتاب آهن، جن ۾ سڀني کان گهڻي ۾ گهڻو مواد لطيفي فن جو آهي.

هِنَ ڏس ۾ جيڪو اڳ ٿيل ڪم آهي انهيءَ ۾ پهرين ببليو گرافي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۱۹۷۷ع ۾ لکي، جنهن ۾ سنڌيءَ سان گڏ ٻين ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو تفصيل هو ۽ ان ئي ڪتاب جو سڌاريل ڇاپو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو ”ببليو گرافي شاهه تي لکيل ڪتابن جي“ انهيءَ وچ ۾ ڊاڪٽر در شهوار سيد ۱۹۹۶ع ۾ ”شاهه لطيف تي ببليو گرافي“ عنوان سان ۴۸۸ صفحن جو ڪتاب شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ مان شايع ڪرائي ظاهر ڪيو. ڍول فقير فائونڊيشن ۲۰۱۱ع ۾ شاهه لطيف نمبر آندو، جنهن ۾ پڻ شاهه تي ڇپيل ڪتابن جي ببليو گرافي آيل آهي، هِن ڏِسَ ۾ منهنجو هڪ مقالو ڪتاب اٿي رائو ريل ۾ آيل آهي، جنهن ۾ لطيفيات تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ٿيل ڪم جو تفصيل آهي، ببليو گرافين ۾ علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپجڻ جي سن وار داخلا، ليکڪ ۽ ادارا ڄاڻايل هجن ٿا جيڪي موضوع تي لکڻ لاءِ گهڻو مددگار آهن ۽ جو هر محقق پنهنجي وَس آهر دِلي شوق ۽ ذوق سان ڪري ٿو، وقت جي وڇوٽيءَ سان هر نئين ببليو گرافي ۾ پراڻي معلومات سان گڏ ڪتابن جو نئون اندراج ضرور شامل ٿيئي ٿو، جنهن سان انهيءَ جي افاديت وڌي ٿي، هيءَ ببليو گرافي انهيءَ حوالي سان ڪارائتي شمار ٿيندي جو انهيءَ ۾ اڳ آيل معلومات سان گڏ وڌيڪ تفصيل پڻ آهي ته ۲۰۲۳ع تائين جي ڄاڻ پڻ شامل آهي.

ڪل اٺ باب ۽ مددي ڪتابن جي فهرست شامل آهي، بابن جا عنوان هنِ ريت آهن، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جا قلمي نسخا (سن وار) باب ٻيو ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جا ڇاپي رسالا (سن وار) باب ٽيون ”شاهه عبداللطيف جا منتخب رسالا ۽ چونڊ ڪلام (سن وار) باب چوٿون ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ٿيل پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا مقالا (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل) (سن وار)، باب پنجون شاهه عبداللطيف تي لکيل ڪتاب (سن وار) باب ڇهون ” شاهه عبداللطيف تي لکيل ڪتاب (الف، بي ليکڪ وار) باب ستون ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جون لغتون ۽ شرحون“ (سن وار) باب اٺون ”شاهه جي رسالي جي سرن تي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب“ (سروار) باب پهرين ۾ تمر فقير واري نسخن کان استاد لغاريءَ جي لکيل قلمي نسخي ۲۰۱۱ع تائين ڪل ۷۱ قلمي نسخن جو تعارف آهي ته ٻئي باب ۾ ۱۸۶۶ع ۾ ڇپيل ڊاڪٽر ٽرمپ جي مرتب ڪيل رسالي کان مهربان علي ۲۰۲۱ع تائين ۶۱ رسالن جو مختصر تعارف ڏنل آهي، باب ٽئين ۾ چونڊ ڪلام ۽ منتخب رسالا سن وار آهن، جن جو ڳاڻيٽو ۴۹ آهي، چوٿون باب شاهه لطيف بابت پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جي بابت آهي جي جنهن ۾ ۳۴ پي ايڇ ڊي ۽ ۹ ايم فل ٿيسز جي معلومات آهي، اهو فقط تعارف آهي باقي انهن مقالن بابت تفصيل ڪانهي، پنجون بابت شاهه لطيف بابت لکيل ڪتابن تي آڌاريل آهي، جي ۷۹۳ ڪتاب آهن جن سڀني جا ليکڪ ڪتابن جا عنوان، ۽ ڇپائي جا سال ڄاڻايل آهن. جن ڪتابن جا ڇپائيءَ جا سال نه ملي سگهيا آهن، ڇهون باب ساڳين ئي ڪتابن جي ليکڪن جي سن وار ڇپيل لطيفي ڪتابن بابت آهي جو طويل آهي هر ڪتاب جا صفحا ڇپائيءَ جو ادارو ۽ سال ڄاڻايل آهن، باب ستون شاهه جي رسالي جي لغتن ۽ شرحن بابت ۾ غريب الغات ۱۹۰۷ع کان ۲۰۲۲ع تائين لغتن جو اندراج آهي ته ست شرحون ذڪر ڪيل آهن، باب اٺون ۾ شاهه جي سرن بابت ترتيب ڏنل ۳۱ سرن جي ڪتابن جو وچور شامل آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا