; سنڌي شخصيتون: January 2022

28 January, 2022

امان الله ’مفلح‘ مهر- حسيب ناياب منگي

امان الله ’مفلح‘ مهر

شخصيت ۽ شاعري

حسيب ناياب منگي



امان الله ’مفلح‘ مهر جو شمار سنڌ جي انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سنڌ اندر مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ واري روايت کي قائم رکندا آيا. هنن غزل ۽ نظم پڙهي خوب داد حاصل ڪيو. ڪڏهن مولودن جي محفل سجائي، ڪڏهن عيد مشاعرن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي سپرين جي تعريف ڪندا ته ڪڏهن وري پرينءَ کي ڏوراپا ڏيڻ وارا ڪلام لکي ايندا. ڪافين ۽ واين جي محفل الڳ لڳندي هئي، تنهن جو ته ماحول ئي نرالو هوندو هو. ڪڏهن ’شاهه سائين‘ ته ڪڏهن ’سچل سائين‘ ۽ ’بيدل سائين‘ توڙي ٻين شاعرن جي تتبع ڪندي لکندا، پڙهندا ۽ مقامي راڳي سندن ڪلام کي ڳائي کين خوش ڪندا هئا. محرم جي مهيني ۾ محفل مسالمه جو انتظام ڪري ان ۾ حصو وٺندا هئا. هندستاني گيتن جي طرز تي به ڪلام لکي وٺندا هئا. پنهنجي بياض جي صفحن مان ڪن ڪلامن جي چونڊ ڪري ننڍڙيون چوپڙيون ڇپائي سرها ٿيندا هئا. انهن چوپڙين جو اڄ جي دور ۾ هڪ خاص مقام آهي. ماضيءَ جي محنت اڄ جي دور ۾ اهميت حاصل ڪري ورتي آهي.

26 January, 2022

پارومل پريمي

پارومل پريمي

علمي، ادبي ۽ سماجي دنيا جو سنگم

رياض عمراڻي



پارومل پريمي ميرپورخاص شهر جو ناليوارو اديب، سماج سڌارڪ ۽ احساس رکندڙ، دوستن جو دوست آهي. ميرپورخاص جي علمي، ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ سندس ڪيترو قدر ٿيو آهي، اُها ته کيس خبر هوندي. اڄ جي سماج ۾ غريب گهراڻي جي ڏات ڌڻيءَ کي ڪيتري قدر ياد رکيو ٿو وڃي، اهو هر هڪ سمجهي سگهي ٿو.

نواز محمد انصاري

نواز محمد انصاري

لاڙ جي مشهور ڍولڪ جو وڇوڙو

عبدالمجيد ملاح



لاڙ جو مشهور ڍولڪ نواز استاد محمد انصاري هن فاني جهان مان ۱۹ جنوري ۲۰۲۲ اربع جي ڏينهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم کي اباڻي قبرستان شاهه قادري ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو. مرحوم استاد محمد انصاري موجوده وقت جو نالي واري موسيقار استاد فنڪار غلام قادر راهيءَ جو والد هو. مرحوم استاد محمد انصاري نالي وارن فنڪارن عابده پروين، استاد محمد جمن، استاد مٺو ڪڇيءَ، سميت وڏن فنڪارن سان ڍولڪ تي سنگت ڪري چڪو هو. مرحوم پنهنجي زندگي غربت ۾ گذاريندي فن کي ارپي ڇڏي، هن ڪيترائي ڍولڪ جا شاگرد پيدا ڪيا جن پڻ ڪافي نالو ڪمايو، استاد محمد انصاري لاڙ ۾ وڏو نالو هو.

حاجي امام بخش خادم بدوي

حاجي امام بخش خادم بدوي

حسيب نقش ناياب منگي



سنڌي ادب جي واڌاري ۽ بهتري لاءِ جن املهه شخصيتن پاڻ ملهايو تن ۾ حاجي امام بخش “خادم” بدوي جو شمار به ٿئي ٿو. انگريزن جي دور ۾ گهڻا ئي ادبي ڪردار هيرن جيان چمڪيا ۽ پنهنجي جوت سان ساهت کي اهڙي ته روشني ڏئي ويا جو اڄ تائين سندن پورهيو عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. امام بخش “خادم” بدوي سنڌي ادب اندر ڊرامي، قصي ۽ شاعري ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

ابن علي راھمون

ابن علي راھمون

جيسي جي پار جو وڏيرو - جنھن جا ڪيل راجوڻي فيصلا ڪنھن کان ڪو نه وسرندا

ڀارو مل امراڻي



وڏيرو ابن علي راهمون ڌرتي جي انهن سپوٽن منجهان هو، جيڪي ڌرتي جي گولي تي امن جي لاءِ اٻاڻڪا ٿي سوال ڪندا آهن ته تلوارن ۽ خنجرن جي رڪ کي لوهار کان ٺپرائي انهن مان هر ڪڏهن ٺهرايا ويندا؟ نيزن کي موڙائي انهن مان ڏاٽا ڪڏهن جوڙايا ويندا؟ توبن جي نالين ۾ ڳيرا آکيرا ڪڏهن اڏيندا؟ امن انسانيت جي فتح ۽ جنگ هار آهي، ڌرتي کي رت جي ريٽي ريج کان وڌيڪ دريائن، واهن ۽ پلر جي پاڻي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه دنيا کي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي؟ 

عبدالغني عرف گل فقير ٻرڙو

عبدالغني عرف گل فقير ٻرڙو

درگاھ فتح پور جو ديوانو

مھدي شاھ



لکيدر انڊس ھوٽل جي دروازي ٻاھران سوڙھي ڪيبن ۾ ڪشادي دل رکندڙ گل فقير جڏھن کان لکيدر تان ڪتابن جو ڪاروبار بند ڪيو سچ ته ھو پاڻ به ڏاڍو اُٻاڻڪو ٿيو ۽ مون جهڙن واندن کي به رولي ويو ھو. مان ساڻس اھڙي شڪايت بار بار ڪندو رھندو ھيس. ھو پنھنجي مخصوص انداز ۾ کلي وري ڪو وٿاڻ ٺاھڻ جو واعدو ڪندو ھو. نيٺ ھڪ ڀيري ٽيليڪام بلڊنگ کان شھر ڏي ايندڙ خميساڻين واري پاڙي ۾ ٺھيل شاپنگ سينٽر ۾ ٺڪاڻو ٺاھي ويٺو. پر گهڻو وقت ڄمي ويھي نه سگهيو. بعد ۾ شاھي بازار ۾ پنھنجي والد جي ڪپڙي واري دوڪان تي وڃي ڀاءُ جو ٻانھن ٻيلي ٿيو. ڪڏھن مس ڪال ته ڪڏھن ڪال ڪري مونکان منھنجو حال پڇندو رھندو ھو. 

17 January, 2022

سيد امير حيدر شاھ

سيد امير حيدر شاھ

مشھور سياسي سماجي شخصيت جو وڇوڙو

نور سنڌي



مشھور سياسي سماجي شخصيت سيد امير حيدر شاھ ڪجھ وقت بيمار رھڻ بعد ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري اسان کان وڇڙي ان دنيا ۾ ھليو ويو، جتان ڪوبه واپس ناهي وريو. سيد امير حيدر شاھ ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ ابدي آرامي وڃي ٿيو. پاڻ پنھنجي ڪردار، خلقِ خدا جي خدمت ڪرڻ ڪري علائقي جي عوام جي دلين تي راڄ ڪندو ھو. سندس آخري سفر ۾ ۽ سن ۾ سندس وڇايل تعزيتي تڏي تي ايندڙ ماڻھن جون اکيون آليون ھيون، ھر ماڻھو سندس ڳڻ ڳائي رھيو آھي.

02 January, 2022

سائين غلام نبي سومرو - هوش محمد ڀٽي

سائين غلام نبي سومرو

باڊهه جو مثالي استاد

هوش محمد ڀٽي



جيئن هر خطي جي مٽيءَ جي جدا سڳنڌ هوندي آهي. ائين اسان جي باڊهه جي آس پاس جي ماڙهن جي پنهنجي الڳ خوشبو آهي. باڊهه جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي. ان جو الائي ڪيترو قرض آهي مون تي... جو آئون الائي ڪڏهن لاهيان، تيستائين آئون باڊهه جي مثالي استادن جي باري منجهه لکڻ جو ارادو ڪيو آهي.

علي حسن چانڊيو

علي حسن چانڊيو

سنڌ جو يگانو عاشق

مخدوم شمس



اڄ سنڌ جي ان يگاني عاشق جو ۵۵ هون جنم ڏينهن آهي، جيڪو موهن جي دڙي واري ڌرتي جي ان خمير مان ڄميو آهي، جنهن خمير مان شاهه ڀٽائي، سائين جي ايم سيد، شهيد مخدوم بلاول، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سچل سرمست ۽ سوين اهڙا هيرا موتي پيدا ٿيا، جن پنهنجي علم، تخليقي صلاحيتن، سياسي بصيرت، شاعري ۽ جدوجهد وسيلي نه صرف زندگي جي اسرارن کي نئين معنيٰ ڏني پر پنهنجي عملي جدوجهد وسيلي هن ڌرتي جو ڳاٽ هميشه اوچو رکيو.

غفار سومرو

غفار سومرو

(جنم مبارڪ جي نسبت سان)

امداد ڪانهيو



ڀلو ٿئي سائل مهراڻ جو! جنهن سنڌي ڪهاڻي جي جمود واري دُنيا ۾ ”ڪهاڻي ويھڪ“ جا سلسلا قائم ڪندي، ڪجھ حرڪت ۽ سرگرمي جهڙا پٿر اڇلائي، ڪهاڻي کي آرس ڀڃڻ لاءِ اُتساهيو ۽ سوشل مئڊيا جهڙي گهڻ رُخي پليٽ فارم کي مثبت پاسن طور استعمال ۾ آڻيندي اِهو پڌرو ڪيو ته تخليقي ڪم هِن طرح به ڪري سگهجي ٿو!

ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي - اعظم ڀٽي

ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي

مسرتن جهڙي ميراث - ۲ جنوري / جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي



هو ورهاڱي جي پندرهين سال پيدا ٿيو هو. سندس والد هند مان ورهاڱي جا وڍ کڻي اچي، سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيو هو. سندس والدين جي هجرت جي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب ۽ ددناڪ  آهي. جيڪا ڪهاڻي سندس زباني ٻڌڻ سان لڙڪ لارون بڻجي وهي ٿا پون. ان عجيب ڪهاڻي جي باوجود هن پنهنجي وجود کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ پيوست ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ڳوهيل مٽيءَ وري سندس وجود کي باوجود ٻالڪپڻي جي تڪليفن جي هڪ محنتي، خوددار، جاکوڙي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ ڪردار بڻائي ڇڏيو. اهو ئي ڪڏهن به نه وسري سگهندڙ ڪردار منهنجي محسن، شفقت، پيار ۽ محبت جي جذبي سان سرشار ڊاڪٽر شڪيل احمد قريشي جو آهي.

موسيٰ احمد مھر

موسيٰ احمد مھر

عبدالحسين موسوي



موسي احمد ولد احمد خان مھر سال ۱۹۰۵ع ۾ لوڪو شيڊ روهڙي ۾ تولد ٿيو. سندس وڏڙا ڪچي جي ڳوٺ ڳڙھي آدو شاھ واسي هئا. وڏي ٻوڏ، اهو ڳوٺ پائي ڇڏيو. انھيءَ سبب اهي هيڏانھن لڏي آيا۔