ذوالفقار علي ڪمبوھ
المعروف ”صوفي ذلف علي“
منظور ڪوھيار
(۱)
چوندا
آھن ته ڳولهڻ سان خدا به ملي ٿو وڃي. پر ھم خيال، هم راز ۽ حال محرم ماڻهو ملڻ
ڏاڍا مشڪل ھوندا آهن. نه ته اھڙا ڀتر ۽ ٺڪر به مٿي ۾ لڳي ويندا آھن، جو دل چوندي
آھي ته انهن سان ملڻ کان بهتر هيو ته جھنگ منهن ڪجي ھا. ڪڏهن ڪڏهن وري اھڙا اتفاق
ٿيندا آهن، جو بنان ڳولها ڦولها جي دل گھريا دوست ملي ويندا آھن.
سال ۲۰۰۹ع ۾ اوچتو منهنجي کاتي جي وڏن صاحبن کي خيال ٿيو ته مان لاڙڪاڻي جي ٽائون
پلاننگ آفيس ۾ ونواھ ٿو کاوان ته انهن هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا. مون کي هڪدم
حيدرآباد جي ھيڊ آفيس ۾ گھرائي، منهنجي جاءِ تي ھڪ نام نهاد شهري ڀاءُ کي رکيائون.
مان بغير چون چران جي هيڊ آفيس ۾ اچي حاضري ڏني، نه سياسي پٺ، نه زر نه زمين. خبر
هئي ته ”بنان لشڪر خزاني جي سلطان ٿيڻ مشڪل آ“. ان ڪري شاھ صاحب جي ان فرمان تي
هلڻ مجبوري هئي،
نمي، کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏک،
منجھان صبر سک، جي سنواريا سمجھين.
مون کي
ته ڪا خاص تڪليف نه پهتي. ڇو جو زن سميت ٻار ٻچا ٻه سال اڳ پڙهائي جي لحاظ کان
گلشن حديد ڪراچي ننڍي ڀاءُ درجان جي گھر منتقل ٿي چڪا هيا. جيڪو ان وقت پي آءِ اي
۾ ايئر ڪرافٽ انجنيئر هيو. ھونئن مهيني اڌ ۾ گھر ٻار ڏسڻ جي تانگھ ٿيندي هئي، ان
ڪري ڪراچي لاءِ بس تي اٺ نَوَ ڪلاڪ سفر ڪرڻو پوندو هيو. هاڻي هر هفتي ڀڳو بيٺو
هوندو ھيس. شھري ڀاءُ لاڙڪاڻي جو هڪ اڌ چڪر هنيو ته ناني ياد اچي ويس. نيٺ رائج
الوقت سسٽم جي اصول تحت واڪ ڏئي الحمدلله ڪامياب ٿي موٽيو. مون کي پوئتي موٽائڻ
بجاءِ صاحبِ اختيار آفيسر هڪ ڀڙڀانگ آفيس ”هائوسنگ سيل (ريسرچ) حيدرآباد“ ۾ رکيو ته
جيئن راھ راست وٺي سسٽم جي سونهري اصول تحت صدقِ دل سان عمل ڪري سرخرو ٿيان.
هائوسنگ سيل جي آفيس راڻي باغ جي ڀر ۾”تپيداري بلڊنگ“ ۾ واقع هئي. جيڪا سن ۱۸۵۱ يا ۱۸۵۲ عيسوي سن جي تعمير ٿيل هئي.
ڀتين ڇتين سميت ڇڻندي رهندي هئي ڄڻ پنهنجي حالتِ نزع بيان ڪندي هجي. ھر روز شهباز
بلڊنگ ۾ واقع هيڊ آفيس جو ڪو ڪارندو اچي، اشارن ڪناين ۾ گھڻو ڪجھ چئي ويندو هيو.
پر مان گھٻرو، ”ھا نه هون۔۔!“
ڀڙڀانگ
آفيس ۾ اچڻ کان پوءِ مون کي ڪجھ فائدا به ٿيا. هڪ ته ڪم ڪار نه هئڻ ڪري لکڻ پڙهڻ
گھڻو ٿيڻ لڳو، ٻيو ته اسپورٽس آفيسر ارشاد مخدوم جي ٿورن سان اسپورٽس هاسٽل ۾ رهڻ
ڪري نياز اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿيندڙ راندين جي پروگرامن مان لطف اندوز ٿيندو هيس. ٽيون
اھڙن ماڻهن سان ملاقات ٿي وئي، جن لاءِ ڪو اير ڀير به نه هيو. مثلن ھڪ دفعو جڳ
مشهور دانشور جامي چانڊئي جي ڪچهري مان فيض ياب ٿيڻ، جڳ مشھور ٽرائلاجسٽ ناول نگار
منير چانڊيي جي حسن صحبت حاصل ٿيڻ، جڳ مشهور مهربان قدردان پبلشر سعيد سومري سان
ڪتابن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ، جڳ مشھور سياسي سپورنج محترم رسول بخش
پليجي صاحب جو پنهنجي گھر شرف ملاقات بخشڻ ۽ آخر ۾ حفيظ قريشي جھڙي جفاڪش ۽ محنتي
محقق سان ڪچهرين ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيڻ۔ پر ڇا ڪجي بي چئي دل کي، لاڙڪاڻي جي
ديرينه دوستن کي ياد ڪندي سڏڪندي رھندي هئي، شامون اداس لڳنديون هيون. علي شير جي
اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريون، سهيل مڪاني جا الجھيل سوال، عزت ماب عنايت ميمڻ جون لن
ترانيون، استاد خالد جا نظرياتي بحث، ساغر ابڙي جي صوفياڻي سنگت ۽ عبدالوهاب سهتي
جون ضربِ شمشير جھڙيون ڪهاوتون، آکاڻ، پهاڪا ۽ ورجيسون (جيڪي اڄ تائين نه مان
سمجھي سگھيو آھيان، نه هو سمجھائي سگھيو آھي) ۽ اھڙي قسم جا پهاڪا جيڪي حضور شرمي
جي ڪري اڃا تائين ڇپائڻ جي جرئت نه ڪري سگھيو آھي، البته ٻڌائڻ ۾ ڪو شرم محسوس
ناهي ڪندو، مثلن، ”بنڊ پرائي ڦوڪيءَ ۾، ڪپھ کان ڪونئرو....آئي سُود ڪاڻ، ڪٽائي وئي
بُود وغيره“
جنهن
وقت جي مان ڳالھ ٿو ڪيان، ان وقت گلشن حديد ڪراچي اڃا ڪنهن منهن مانَ سان هيو.
ناجائز تجاوزات يا گندگي وارو مسئلو ڪو نه هيو، جيڪو هاڻي آهي. ڪشاديون گھٽيون،
روڊ ويڪرا، پارڪ، ميدان، وڻ عام جام. ڪنهن نه ڪنهن وڻ تان ڪوئل جي ڪوڪ، بلبل جي
ٽڻون! ٽڻون يا پاريھرن جو بگبگوتو ٻڌڻ ۾ ايندو ھيو. گلشن حديد فيز پهرين ۽ ٻي تي
طائرانه نظر وجھجي ته لوڪيشن جي لحاظ کان لاجواب. اولھ ۾ صاف سٿري اسٽيل ٽائون وڻن
سان جنجھيل. انٽرنيشنل ليول جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي، فوٽ بال جا ميدان موجود. ڏکڻ
۾ دلپذير پهاڙيون، ملير ندي، سر سبز ٻنيون. ڏکڻ ۾ پپري، پپري ۾ اوچي ڳاٽ ٿوهر.
اوڀر ۾ ڪاٺوڙ وارو کليل علائقو. ڪجھ عرصو ته گلشن حديد جي آسپاس واري علائقي جي
کوجنا ۾ گذري ويو. پر پوءِ به ھينئڙو بي چين اٻاڻڪو رهڻ لڳو. لطيف سرڪار اھڙي
ڪيفيت کي پنهنجي بيت ۾ اھڙي نموني سان بيان ڪيو آهي، ڄڻ ماھرِ نفسيات هجي.
ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا، نه ٿو وڻين مون،
جي تو سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون،
ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين.
عمومن
گھمڻ ڦرڻ کان پوءِ سج لٿي ڌارا ديار حبيب مسجد جي اولھ ۾ واقع پٺاڻ جي هوٽل تي
ويهي چانھ جي ڍڪ هڻڻ کان پوءِ ٿڪ ڀڃي گھر موٽ ڪندو هيس. هڪ ڏهاڙي، هڪ خوش پوشاڪ ۽
خوش وضع خضاب لڳل ڏاڙهي وارو همراه ڪجھ وٿيرڪي ڪرسيءَ تي ويٺي چانھ پئي پيتي، تنهن
جو مون کي فون تي سهيل مڪاني جي هڪ سوال جو جواب پئي ٻڌو ته پنهنجي چانھ جو ڪوپ
کڻي، ڪرسي سوري اچي ڀرسان ويٺو. هڪ ٻئي سان تعارف ٿيو (جنهن جو ذڪر سندس خاڪي ۾
ڪري چڪو آهيان). عليڪ سليڪ وڌي ته هوٽل تي گڏ ويهڻ لڳاسي. ٻي ڏينهن تي هڪ گورو
چٽو، لٽي ڪپڙي صاف سٿرو همراھ به ساڻ هيس. تعارف ڪرايائين ته ”سائين ذوالفقار علي
ڪمبوھ المعروف صوفي ذلف علي ٽنڊي باگي ۾ سول جج آھي. اڄڪلھ جون مهيني ڪري موڪلن تي
آھي.“ پوءِ منهنجو به تعارف ڪرايائين. کوڙو ئي نه پئي لڳو ته ”عشق شرع ڪيا لڳي
لڳي...!“ ڪاڏي منهن صوفي جو، ڪاڏي ٽنڊي باگي جو قاضي (جج). سوچيم، ”اڄ ڪلھ صوفي
سڏائڻ به فيشن ٿي پيو آھي. رڳو گيڙو پٽو ڳچيءَ ۾ وجھڻو آهي، ٻيو ڇا..! هي به ائين
فيشني هوندو. صوفي ذلف علي جو ڳالھ ٻولھ دؤران جائزو وٺڻ لڳس، نه همراه ۾ آڪڙ، نه
گھمنڊ، نه معتبرائپ. هر موضوع خاص ڪري سماجي ۽ سياسي مسئلن تي کليو پئي ڳالهيائين.
نه صرف ڳالهيائين پئي، پر ٻي جو مؤقف به ڪن ڏئي پئي ٻڌائين. جون مهيني ۾ هڪ نه ٻي
ڏينهن چانھ جي ڪپ تي ڪچهري ٿيڻ لڳي. پر پوءِ به شڪ جي گنجائش رهي ته هي جج صاحب،
محمد امين مگسي پي آءِ اي جو ملازم، مان سنڌ گورنمينٽ جو سرونٽ. ڌنڌا ڌاڙي،
علائقا، سماجي پس منظر الڳ. صرف چانھ جي پيالي تي ”هم جنس با هم جنس کند
پرواز،کبوتر با کبوتر، باز با باز“ ته ٿي نه ٿو سگھي....
ڪجھ
ڏهاڙن جي ڪچهريءَ کانپوءِ رومي جي مثنوي جي هڪ حڪايت ياد آئي ته ”هڪ دانا بينا ڏٺو
ته ڪانءُ ۽ ڳيرو گڏ اڏي رهيا آھن. ان کي حيرت ٿي ته ٻه الڳ نسل جا پکي گڏ ڪيئن
اڏرن ٿا!. جڏهن ڀرسان وڃي ڏٺائين ته معلوم ٿيس ته ٻئي منڊا هيا. يعني ٻنهي جو
مسئلو مشترڪ ھيو. جيئن شاھ سائين جو بيت آھي ته
اچو سورن واريون! ڪجن سور پچار،
ڪن ٿورا ڪن گھڻا، ڪا ناهي سورن ڌار،
جنهن ڏنيون ڏاتار، سوئي سور سندام تون.
ائين
اسان ٻنهي ٽنهي وچ ۾ ھر شام تي سماج جي ڏنل سورن جي پچار ٿيڻ لڳي. جنهن ۾ ذات پات،
رنگ نسل، مذهب مسلڪ، جنس ۽ طبقاتي حوالي سان وڌندڙ ويڇن جھڙن مسئلن تي روئڻ پٽڻ ۽
تجزيا شامل هوندا هيا.
(۲)
آهستي
آهستي شام جو پٺاڻ جي هوٽل تي ڪچهري ڪرڻ وارن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. ڪي سنڌي
ادبي سنگت جا ته ڪي سياسي سماجي تنظيمن جا ميمبر. ڪي ڪج بحث ته ڪي وري اھڙا جو
”سوال گندم، جواب چنه“ پر صوفي ذلف علي ۽ محمد امين مگسي اهڙن سان به منهن ڏئي پئي
ويا. ڪي ھمراه دليلن يا حوالن ڏيڻ بدران چڙي ڍيڪ ڇڏيندا هيا. مون کي ان وقت مولانا
روم جي ملفوظات جو ڪتاب ”فيه ما فيه“ جي اها حڪايت ياد ايندي هئي ته مولانا روم جي
ڪچهري ۾ هر مذهب ۽ مسلڪ جا ماڻهو ويٺل هوندا هيا. هڪ همراه جيڪو طنز و تشنيع جو
ماهر هيو، تنهن ڀري ڪچهري ۾ رومي کي زچ ڪرڻ خاطر ڍؤنگل اڇليو ته ”مولانا! تون
يهودن، عيسائين، سنين، شيعن سڀن کي برابر ٿو سمجھين، اهو نه ٿو ٻڌائين ته صحيح ڪير
آھي. ان مان لڳي ٿو ته منافق آهين!“ ڪچهري ۾ سڪتو طاري ٿي ويو ته ڏسئون مرشد رومي
ڪهڙو جواب ٿو ڏي؟ رومي ڪجھ دير جي وقفي کان پوءِ مشڪي جواب ڏنس ته ”تون صحيح ٿو
چوين!ائين هر روز اچي سمجھائيندو ڪر!“ اهو ٻڌي همراه ڏاڍو شڪي ٿيو. صوفين کي ڪير
ڪيترو به گھٽ وڌ چوي، انهن جي اها خوبي آهي ته هو هر انسان کي برابر سمجھي align ري پاڻ گڏائيندا آهن، ڪنهن تي
بهتان ٻڌي malign ڪري دائري مان ڌڪي
ڌار ناهن ڪندا.
توڙي
جو اها به صوفياڻي چوڻي آهي ته ”هڪ عالم، سؤ عالمن کي ته دليلن ۽ حوالن سان مڃائي
سگھي ٿو، پر سؤ عالم هڪ جاهل کي مڃائي نه ٿا سگھن.“ ان حوالي سان عربي جي هڪ ضرب
الامثل آهي ته جواب الاحمق السکوت (احمق جو جواب خاموشي آھي)
نون
دوستن ذوالفقار علي ڪمبوھ ۽ محمد امين مگسي جي نشست و برخواست مان اندازو ڪري ورتو
ھيم ته ٻئي ملنسار شخصيت يعني Extrovert
type of personality جا مالڪ آھن. اھو ئي سبب هيو ته
شريڪِ محفل منصور حلاج اڪيڊمي جو سر موڙ، اردو ۽انگريزي جو تيز طرار رائٽر ۽ جلالي
طبيعت رکندڙ نذير چنا، جڏهن جوشِ خطابت ڏيکاريندي چڙي پوندو هيو ته ٻئي کيس پرچائي
وٺندا هيا. جڏهن ته مان وچٿري طبعي Ambivert type of personality
جو مالڪ هيس. ڪڏهن ڪهڙي حال ته ڪڏهن ڪهڙي خيال ۾، هڪ دل سؤ
ارمان...
مان
ذاتي طور تي سمجھندو آھيان ته ھڪ انتها پسند جاهل سان بحث ڪرڻ ڄڻ ڀت سان مٿو هڻڻ
آھي. اُن کي ڪجھ نه ٿيندو، البته پنهنجو مٿو ڏري پوندو. البته عالم سان بحث ڪندي
گھڻو ڪجھ پرائي سگھجي ٿو، باوجود ان جي ته اوهان ان سان اتفاق نه به ڪيو. بحث جو
اهو انداز مون لاڙڪاڻي ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ سوڀي گيان چنداڻي ۽ ڪٽر جماعت اسلامي جي
ٿنڪ ٽئنڪ قربان علي بگٽي جي درميان ٿيندي ڏٺو. سندن واتان ڪو به غلط يا گٿو لفظ
نڪرندي ۽ نه وري نڙيءَ تي زور ڏئي ڳالهائيندي ٻڌو. صرف هڪ ٻئي کي ڪتابن جا حوالا
يا دليل ڏيندي يا ڪتابن جي ڏي وٺ ڪندي پسيو. جنهن جو اثر مون تي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ
طرح اهو ٿيو جو اهل حديث جي عالم مولانا درمحمد خاراني ۽ منهنجي وچ ۾ مذهبي حوالي
سان ٻه سال بحث هليو. مون تي ان زماني ۾ علامه نياز فتحپوري جي ڪتاب ”من ويزدان“،
”مذاهب عالم کا تقابلي مطالعه“، ”خدا اور تصورِ خدا“ جو گھڻو اثر هيو. هڪ ٻئي کي
پنهنجي پنهنجي نقطه نظر جا ڪتاب خوب پڙهاياسي. بحث ڪياسي، پر ڪڏهن به ڪو گٿو لفظ
نه ڳالهيوسي. مولانا جو بحث ۾ تکي ۾ تکو خاراني بلوچي واري لهجو اهو ھوندو هيو،
”مني چماني نور! سرپد ببيت، ما چه گشگان (منهنجي اکين جا نور! سمجهڻ جي ڪر ته مان
ڇا ٿو چوان) توڙي جو اسان جا نقطه نظر الڳ الڳ رهيا، پر نه دل ۾ ڪدورت رکي ۽ نه
ڏندن جي پريت وڃائي....
ذوالفقار
علي ڪمبوه ۽ محمد امين مگسي جو چوڻ تي، مان گلشنِ حديد جي سنڌي ادبي سنگت شاخ جون
گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ميمبر به ٿيس. ڪن اديبن ۽ ليکڪن سان سڌيءَ يا اڻ
سڌيءَ طرح اڳ ۾ ئي واقفيت هئي. خاص ڪري پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر فيض
جوڻيجو، شاعر اياز جاني، ھر فن مؤلا غوث پيرزادي ۽ صحافي زرار پيرزادي سان. پھريان
ڪنهن حد تائين ماحول بهتر محسوس ٿيو. پر پوءِ ”پس مڙيو ئي پڳ، اندر مڙيو ئي
اڳڙيون“ لڳو. ان جو اندازو ”سنگت“ طرفان ڊاڪٽر فيض جوڻيجي جي ٿيل پي ايڇ ڊي جي ٿيسز
بعنوان ”طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر“ تي هڪ اڀياسي ويهڪ ۾ ٿيو. ائين لڳو ڄڻ
گھڻن کي پيٽ ۾ ڇريون هجن. جيڪي پڙهي آيا هيا، انهن ته محقق تي تنقيد ڪئي، پر جيڪي
نه پڙهي آيا هيا، تن ڏاڍي ڪيس. مان ۽ محمد امين مگسي کي ائين لڳو ڄڻ محقق ويچاري
کان گناھ سرزد ٿي ويو هجي. جيڪو ٿي سگھيو، اسان محقق جي ٿيسز جي حق ۾ ڳالهايو، ڪک
رکيا. پوءِ اڳتي هلي (۲۸ ڊسمبر
۲۰۱۹ع تي) انهيءَ ٿيسز جي محترم
الهورائي ٻگھيي جي ڪيل انگريزي الٿي”the Impacts of class conception on Sindhi
literature“ تي اسٽيل ٽائون جي
گيسٽ هائوس ۾ شاندار پروگرام ٿيو، جنهن جي صدارت تاريخ جي وڏي محقق ڊاڪٽر مبارڪ
علي ڪئي، ائين ڊاڪٽر فيض جوڻيجي جي محنت صاب پئي. ان پروگرام ۾ مون کي به مان ڏئي
اعزازي مهمان ڪري ويهاريو ويو هيو. اهي يادون به تازيون ٿيون جڏهن سنڌ يونيورسٽي
۾شاگرد جي حيثيت سان پنهنجي دؤر جي مهان استادن ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، ڊاڪٽر مبارڪ
علي ۽ حمايت علي شاعر کي ٻڌو هيوسي.
ڪجھ
عرصي کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اھو لقاءُ به ڏسڻ ۾ آيو ته ڪي لٻاڙي
ليکڪ، ادب کي سياست جي طابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. جي موضوع ڇند وديا يا علمِ عروض
جو هجي، پر ڳڻتي کين سياسي صورت حال جي هوندي هئي. توڙي جو مون کي ڪوفت محسوس
ٿيندي هئي، پر پوءِ به صوفي ذلف علي ۽ محمد امين مگسي جي سِرَ کي ڏسي حاضري ڀريندو
هيس. جيئن نيم طبيب خطره جان ۽ نيم ملان خطره ايمان، تيئن نيم اديب يا دانشور به
وقت جو زيان هوندا آهن. نه حوالو نه دليل، رڳو جھڳي. ان ڪري بيزار هوندو هيس ته
اھڙي هنڌ ئي نه ويهجي جتي ڏکندو ڏاڍو ٿئي. منهنجي بيزاري جي گواهي صوفي ذلف علي
پاڻ به ڏيندو. پر سندس ۽ محمد امين مگسي جا مثبت رويا نڪ ۾ ناڪيلي وجھي محفل ۾ اھو
چئي ويهاريندا هيا ته هڪ نه هڪ ڏينهن ساڃاھوندن جي صحبت جي زيرِ اثر اھي اڻ گھڙيا
ڪاٺ گھڙجي ويندا. آخرڪار هڪ ڏينهن غني ڪانڌڙي (سنڌي ادبي سنگت گلشنِ حديد شاخ جي
سيڪريٽري) جي اوطاق تي شاهي گند ٿيو. پاڻ هرتڙي هڪ ڄٽ ملوڪ منهنجي ڳالهائڻ دؤران
بار بار ٽنبڪو پئي هنيو. باوجود منهنجي ۽ ٻين جي جھلڻ تي نه مڙيو. نيٺ اتامرو ٿي
وڙهڻ به آيو. پوءِ پاڻ کي ائين ئي ٿيڻو پيو، جيئن ”بدلجي بهرام ته بادل وسي رڪ جو....!“
(۳)
ائين
به نه هيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ اھل علم ۽ صاحب ادب موجود نه هيا. بس رڳو ڪجھ پاڻ-هرتڙا
ڀت ۾ ڪٻر بڻجي اهڙو ٽيڪو ڪندا هيا، جو محفل بي مزي ٿي ويندي هئي. بهرحال جيڪا
مخصوص علمي ڪچهري اسان ٽن ذوالفقار علي ڪمبوھ، محمد امين مگسي ۽ منهنجي وچ ۾، شام
جو بختاور روڊ واري هوٽل تي هفتيوار ٿيندي هئي، سا علمي حوالي سان پر لطف ۽ ڄاڻ
واري هوندي هئي. هڪ دفعي جو ذڪر آھي ته ٽنهي وچ ۾ اهو موضوع زير بحث آيو ته ڪهڙي
شاعري جي وڌيڪ حيثيت يا اھميت آهي. ان تي مگسي صاحب وراڻيو ته مذهبي شاعري جي وڌيڪ
حيثيت آھي. جنهن کي دنيا جا گھڻا ماڻهو مندرن، مسجدن، ڪليسائن ۽ ڪنيسائن ۾، منترن،
حمد، نعت، قصيدن ۽ مناجاتن ذريعي ورجائن ٿا. هن شرف الدين البوصيري جي قصيده برده،
امام شافعي جي مناجات، سعدي شيرازي جي نعت جا مثال ڏنا. آخر ۾ شاھ سائين جي ان بيت
جو حوالو به ڏنائين، جنهن کي لطيف جا فقير عمومن آلاپيندا رهندا آهن؛
”وحده لا شريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجھان نينهن،
پوءِ وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي.“
جڏهن
ته ذلف علي جو چوڻ هيو ته قومي شاعري کي وڌيڪ حيثيت ان ڪري مليل آهي. جو دنيا جي
قومن ۽ سندن حڪومتن جي ان کي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي. قومي گيت يا نغمه هميشه
فضائن ۾ گونجندا رهندا آهن. مثال هنگري جي شاعر ”شندور پتوفي” جو اھو امر قومي
گيت، جنهن کي هنگري جي ماڻهن ڪڏهن به وساريو ناهي.
”اٿو
مگيار (هنگري جا لوڪو) اوهان کي وطن صدا ٿو ڏي.
هاڻي
اهو وقت اچي ويو آهي.. جي هاڻي نه، ته پوءِ ڪڏهن به نه !۔۔۔ ڇا غلام بڻجي زندگي
گذارڻي آهي يا آزاد رهڻو آھي.“
تنهن
کان سواءِ ڏهين صدي عيسوي جو فردوسي، جنهن جي سٺ هزارن تي مشتمل قومي شعرن جي
مجموعي ”شاهنامه“ کي اھل فارس ”قرآن العجم“ ڪري سڏيو، جنهن جو هڪ شعر وطن جي حب جي
حوالي سان مشهور آهي، جنهن کي ايران جي ھر حڪومت پنهنجي قومي تفخر جي حوالي سان
پيش ڪندي رهندي آھي ته؛
”چو ايران نباشد تن من مباد،
بر اين بوم و بر زنده يک تن مباد.“
(جي ايران نه رهي، ته ڀل منهنجو جسم به نه رهي
۽ ڌرتي تي ڀل
ڪو هڪ شخص به باقي نه بچي.)
منهنجو
نقطه نظر وري اھو هيو ته برابر مذهبي يا قومي شاعري جي وڏي حيثيت يا اهميت آهي. پر
فردوسي جي سٺ هزارن تي مشتمل ”شاهنامه“ مٿان، تيرهين صديءَ جي صوفي شاعر سعدي
شيرازي جي مجموعي ”گلستان“ جو اهو هڪ شعر حاوي آهي:
”بني آدم اعضاي يک ديگرند،
که در آفرينش ز يک گوهرند،
چو عضوي به درد آورد روزگار،
دگر عضوها را نماند قرار،
تو کز محنتِ ديگران بي غمي،
نشايد که نامت نهند آدمي.“
(آدم
جي اولاد هڪ ٻئي جي عضون جيان آهن. ڇو ته تخليقي حوالي سان سڀئي اصلي گوهر (جوهر)
جا ٺهيل آهن۔ جڏهن هڪ عضوي کي درد محسوس ٿئي ٿو ته سڀني عضون ۾ بيقراري محسوس ٿئي
ٿي. جي تو کي ٻين جي تڪليف ۽ دک درد محسوس نه ٿو ٿئي، ته پوءِ تون انسان سڏائڻ جي
ئي لائق ناهين.)
اهو
شعر هڪ قوم تائين محدود ناهي، پر ان ۾ بين الاقوامي اپيل آهي. ان ڪري سندس اهو شعر
اقوام متحده جي هائوس آف ڪامن ۾ ٽنگيو ويو. اقوام متحده ۾ امن جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرامن
۾ “دنيا جي طاقتور ملڪن جي سربراهن مثلن، بان ڪي مون (سيڪريٽري جنرل اقوام متحده)،
جسٽن ٽروڊو (وزير اعظم ڪينيڊا)، جمي ڪارٽر (آمريڪي صدر)، پوپ فرانسس، بل ڪلنٽن ۽
بارڪ اوبامه کي به پنهنجن تقريرن ۾ ان شعر جو حوالو ڏيڻو پيو. سعدي جي ان شعر کي
انساني حقن جي تقريبن، ورلڊ ايڪنامڪ فورمن، بين الاقوامي امن ڪانفرنسن ۾Universal
Declaration of human rights جي حوالي طور پيش ڪيو
ويندو آهي. ٻيو ته ڇڏيو اسرائيلي مشهور ڳائڻي ”ريتا جھان فروز“ ۲۰۱۳ع اقوام متحده جي جنرل اسمبلي ۾ ان شعر جو حوالو ڏئي پوءِ پنهنجو پروگرام
شروع ڪيو هيو. جنهن جي رڪارڊنگ يو ٽيوب تي موجود آھي.
ان
ڏينهن اسان جي بحث جو دنگ، آخرڪار شاھ لطيف جي ان بيت تي وڃي ٿيو، جنهن جي ٻن سٽن
۾ دعائيه شاعري (حمد و ثنا، مناجات)، وطن پرستي، بين الاقواميت يعني عالمي ڀلائي
جھڙا موضوع يا نظريه شامل آهن۔ اهڙو حسين امتزاج پنهنجي شاعري ۾ شايد دنيا جي ڪنهن
ٻي شاعر ڪيو هجي.
”سائينم!سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار!عالم سڀ آباد ڪرين.“
(۴)
ذوالفقار
علي ڪمبوھ جي شخصيت تي لکيل خاڪي جي قسط ۲ ۾، محترم هدن جيسر پنهنجا ڪمينٽس ڏنا آھن ته ”سائين زلف علي جي شخصيت تي
لکيل اوهان جي هنن قسط وار مضمونن ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد، اڻ گھڙيل ڪاٺ جھڙن
اديبن جو ذڪر يادگيرن جو هڪڙو جھان آھي، جنهن کي بند نه ٿيڻ گھرجي!“
ان جي
جواب ۾ ڀڳت ڪبير جو اھو دوهو آھي ته؛
برا جو ديکهن مين چلا، برا نه مليا کوئي،
جو من کهوجا آپنا، تو مجھ سي برا نه کوئي.
ھر
انسان ۾ ذاتي حوالي سان ڪميون ڪوتاھيون ٿين ٿيون. پر ڪي ڪميون ڪوتاھيون اھڙيون
هونديون آهن، جيڪي اجتماعي سوچ جي حوالي سان نهايت نقصانڪار هونديون آھن. انهن جي
نشاندهي ضرور ٿيڻ گھرجي. جيئن استاد سقراط ڪيئي صديون اڳ نشاندهي ڪري ويو هيو،
جڏهن سقراط کي نوجوانن کي بگاڙڻ ۽ رياستي ديوتائن جي انڪار تي سزائي موت جو فيصلو
ٻڌائي جيل موڪليو ويو ته سندس شاگردن (افلاطون، فيڊو، ڪريٽو ۽ ٻين) کيس جيل مان
فرار ڪرائڻ جو منصوبو ٻڌايو ته سقراط ٻڌي وراڻيو، ”منصوبو ته ڀلو آهي، پر مون کي
فرار ڪرائي ڪھڙي ملڪ موڪليندئو؟“
سڀن
ٻڌايس؛ ”مصر ڏانهن !“
سقراط
پڇين؛ ”ڇا مصر ۾ موت ناھي ايندو؟“
شاگردن
وراڻيو؛ ”اي مھان استاد! موت ته هر جڳھ تي ايندو آهي!“
سقراط
وراڻيو؛ ”جي موت هر جاءِ تي ايندو آھي، ته پنهنجي وطن اٿينس ۾ ڇو نه مران!“
جنهن
ڏينهن تي کيس هيملاڪ (زهر جو هڪ قسم) جو پيالو پيئڻ لاءِ ڏنو ويو ته هن جيل جي
داروغي کان پڇيو، ” تو مشاهدو ماڻيو هوندو ته ان زهر جا اثرات ڪيئن ٿيندا آھن؟“
جيل جي
داروغي وراڻيو؛ ”پهريان پير سُن ٿيندا آهن، پوءِ ڄنگھون، چيلھ ۽ آخر ۾ جڏهن ڇاتي
ٿيندي آھي ته ماڻهوءَ جو موت واقع ٿي ويندو آھي“.
سقراط
جڏهن بي ڌڙڪ ٿي زهر جو پيالو پيتو ته سندس شاگرد روئڻ لڳا. سقراط کين روئڻ کان منع
ڪيو ۽ شاگردن کي ڪجھ وصيتون ڪري هلڻ لڳو. ڪجھ جھٽن کان پوءِ چيائين، ”منهنجا پير
سُن ٿيڻ لڳا آهن....هاڻي ڄنگھون !“ پوءِ سقراط هڪدم ويهي رهيو ته سندس هڪ شاگرد
”ڪريٽو“ پڇيس؛ ”استاد! ڪا آخري نصيحت!“
سقراط
ليٽڻ کان اڳ ڪريٽو ڏانهن منهن ڪندي چيو؛ ”ڪريٽو! ڪريٽو! لفظن جو غلط استعمال دنيا
جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي!“
انساني
تاريخ ۾ ڦڏن فسادن، ويڙھ جيڙھ ۽ نفرتن جو بنياد ۾ لفظن جي غلط استعمال جو اهم
ڪردار آھي.“
تڏهن
ته ڀگت ڪبير پنهنجي دوهي ۾ خبردار ڪندي چوي ٿو ته؛
شبد سنڀالي بوليئي، شبد ڪي ھاٿ نه پائون،
ايڪ شبد اؤشد ڪري، ايڪ شبد ڪري گھاؤ.
ان
حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي هڪ رٿيل پروگرام جو ذڪر ضرور ڪبو، جنهن ۾ سنگت جي ڪن
اڻ گھڙيل اديبن ٻوڙ هاريو هيو. (اڳتي ھلي انهن پروگرامن جو به ذڪر ضرور ٿيندو،
جيڪي علمي ادبي حوالي سان تعريف ۽ تحسين جي لائق هيا.)
ڳالھ
اتان کان شروع ڪجي ٿي ته قومي سياست جو پس منظر رکندڙ قابلِ قدر شخصيت اقبال ترين
صاحب آمريڪا کان آيل هيو. هن سياسي پارٽي ٺاھڻ جي حوالي سان اھل علم و قلم ۽ سياسي
ڪارڪنن سان رابطو ڪرڻ شروع ڪيو. ان سلسلي ۾ هن گلشن حديد ادبي سنگت وارن سان ميل
ملاقات ڪئي. پنهنجي پارٽي جي منشور بابت انگريزي ۾ لکيل پمفليٽ ڏئي، پوءِ راءِ به
گھريائين. جن کي انگريزي ايندي هئي تن ته مناسب راءِ ڏنس. پر جن کي نه ايندي هئي،
تن پنهنجي قيمتي راءِ سان گھڻو نوازيس. ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن
سندس سياسي جدوجھد جو تاريخي ڪردار کي نظر ۾ رکندي ساڻس ملير پريس ڪلب ۾ سنڌ جي
مسئلن ۽ انهن جي حل تي هڪ پروگرام جوڙيو. اقبال ترين جي صدارت هئي، مون کي به
اعزازي مهمان ڪري ويهاريو ويو. اڻ گھڙيل اديبن جي رڳو سنڌ سنڌ پي پئي. نه انگ اکر،
نه مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ نه وري ڪو حل ٻڌائڻ. اَنتُ ته تانَ اتي ٽٽي ته ”پٺاڻ سنڌ
کائي ويا! پٺاڻ ههڙا تهڙا، پٺاڻن مان ڪائي چڱائي ناهي ٿيڻي. جن جو بد بڻياد تن جو
ميوو مٺو نه ٿئي. ان زماني ۾ شڪارپور جي به پڙهيل ڳڙهيل سنڌي پٺاڻ دوستن به اها
شڪايت پئي ڪئي ته کين نجي ڪچهرين ۾ طعنن ۽ تنڪن جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. جڏهن ته
اصلي مسئلو ڪراچي ۾ افغان مهاجرن جي مجرمانه سرگرمين جو هيو. ايستائين جو ان زماني
۾اردو ڳالهائندڙ به پٺاڻن لاءِ اھا طنز آميز ڪهاوت جو استعمال ڪندا هيا ته ”پٺهان
کا پوت، کبهي ولي کبهي بھوت!“
منهنجو
وارو آيو ته مان صرف ايترو عرض ڪيو ته دوستن جون جذباتي تقريرون پنهنجي جاءِ تي،
پر اسان جيڪي گڏي گار ڏيون ٿا. ڪڏهن اهو به سوچيون ٿا ته انهيءَ سان انهن سنڌي
پٺاڻن جي به تضحيڪ ٿئي ٿي، جن سنڌ جي سياست، ادب، ۽ ثقافت کي وڌائڻ ويجھائڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو يا ڪري رهيا آھن. مان سلطان ڪوٽ واري آغا غلام نبي پٺاڻ جو مثال
ڏنو، جيڪو ائنٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ جي ايم سيد، شِيخ عبدالمجيد ۽ ٻين سياسي اڪابرين
سان گڏ شامل ھيو. ايوب جي مارشل لا ۾”ايبڊو“ جي تحت سندس سياسي سرگرمين تي پابندي
لڳي. اھڙي طرح آغا بدرالدين دراني نه صرف سياسي شخصيت هيو، بلڪه علم ۽ ادب دوست ۽
سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رھيو. جنهن ڳڙهي ياسين ۾ ”آشيانه ادب“ نالي خوبصورت
لائبرئري قائم ڪئي. جنهن ۾ ناياب قلمي ڪتاب به موجود آهن. ان لائبرئري مان ڪيترن
محققن جن ۾ اينمري شمل ۽ پير حسام الدين راشدي جھڙن عالمن استفاده ڪيو. مان بذات
خود اها خوبصورت لائبرئري ٻه دفعا ڳڙھي جي رهائشي دوست نظام الدين ڀٽي جي توسط سان
گھمي ڏٺي. جيڪا ڪلاسيڪل ڪتابن جي حوالي سان سندس حسن انتخاب جو اعلا مثال آھي. آغا
بدرالدين جو چوڻ هوندو هيو ته ڪهڙو به محقق سندس لائبرئري مان استفاده ڪري سگھي ٿو،
سندن طعام ۽ قيام جو بندوبست سندس ذمي هوندو اهڙي طرح ڳوٺ قاضي واهڻ، تعلقو لکي
غلام شاه ضلعي شڪارپور جي پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر افغان (عبدالقدير قادرداد خان) جي اڻٿڪ
ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ ڪاليج کي مهراڻ يونيورسٽي جو درجو مليو.
سندس دؤر جا شاگرد ٻڌائيندا آھن ته هو رات جو شاگردن جي هاسٽل جا چڪر هڻي ڏسندو
هيو ته ڪير پڙهي ٿو يا اجاين ڪچهرين ۾ وقت وڃائي ٿو. سنڌ جي هوشيار شاگردن کي
اسڪالرشپس يا نوڪرين ڏيارڻ ۾ هن ڪا ڪسر نه ڇڏي (جي ان زماني جا شاگرد زنده هوندا
ته خدا ڪارڻ گواهي ڏيندا.) اھڙي طرح حيدرآباد جو پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ
قابلِ ذڪر تاريخدان ۽ محقق آهي جنهن جا سنڌ بابت، سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيئي ڪتاب شايع
ٿيل آھن. سنڌي ادب جي حوالي سان آغا سليم، آغا رفيق، آغا پير محمد ”ڪيلاش“،
محمدعلي پٺاڻ قابلِ ذڪر آھن. تحقيق جي حوالي سان درمحمد پٺاڻ، بشير شاد ۽ ٻيا
ڪيترا ئي اديب ۽ اسڪالر موجود آهن. ان ڪري مسئلي جي نشاندهي سان ڳالھ ڇنڊي ڇاڻي
ائين پيش ڪجي جو لال به لڀي پريت به رهجي اچي. علمي ۽ ادبي پروگرامن يا محفلن
۾نسلي بنياد تي ڇڙيو پڇڙيو ڳالهائڻ يا ڦدوليون ڇڏڻ ڪنهن به سنجيده اديب يا محقق کي
زيب نه ٿو ڏي..
اقبال
ترين جو آخر ۾ وارو آيو ته ان به چيو ته ”ادا، مان سنڌي پٺاڻ آهيان. اها منهنجي
خانداني شناخت آھي، منهنجو ڏاڏو به پشتو ڳالهائيندڙ هيو. پر پنهنجو مرڻ جيئڻ سنڌ
سان آهي ۽ رهندو. اسان کي ڪنهن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ڪونهي!“ پوءِ پنهنجي گھر
جي ائڊريس ڏيندي چيائين، ”باقي ڪن دوستن کي ڪا خاص صلاح سباب ڏيڻي هجي ته منهنجي
ڪراچي واري رهائش گاھ تي اچي ملن.“ ٻڌوسي ته سياست ۾ دلچسپي رکندڙ ڪجھ اديب سندس
رهائش گاھ تائين پهتا. زماني جا ڌڪ کاڌل هيس، اقبال ترين سمجھي ويو ته انهن مان
غذا نه ٿيندي. شايد ان ڪري سندس سياسي پارٽي منظرِ عام تائين اچي نه سگھي. مان ته
نه ويس، جو مون کي عملي طور تي سياست سان دلچسپي ناھي رهي. حالانڪه سياست ڪا بري
شئي ناهي. ڪن کي پٽ تان کڻي کٽ تي، ته ڪن کي کٽ کان کڻي پٽ تي ويهاري. پر مون
ميدان سياست ۾ ڪيترن سچن ڪارڪنن سان ھر پارٽي ۾ جٺيون ٿيندي ڏسي، ڪنهن سادڙي ڇوڪري
وانگر سبق حاصل ڪيو، جنهن پنهنجي ساھيڙي کي ٻڌايو پئي، ”ادي! ناني ويچاري جي سڪرات
ڏسي، منهنجو ته مرڻ تان ارواح کڄي ويو آھي.“
ھاڻ ته
اھڙن اڻ گھڙيل ڪاٺن کي سوشل ميڊيا جو ميدان ملي ويو آھي، جنهن ۾ اخلاقيات جي ضابطه (Code of Ethics) جي ڪا ضرورت ڪونهي. رنگ،
نسل، ذات پات، مذهب، مسلڪ بابت، جنهن کي جيئن اچي سو لکي يا ڳالهائي ٿو. جيترو
وڌيڪ گند، اوترا وڌيڪ لائيڪس....
خدا
خير ڪري! ائين نه ٿئي ته پوءِ ائين نه چوڻو پئي، ”تيلي تي مين ڏتي، ڀڀڙ ڪنهن
ڪيتا...؟“
(۵)
ڪلاسيڪل
يوناني قصه گو ايسپ (۶۲۰ کان ۵۶۴
قبل مسيح) جي مشهور تمثيلي ڪهاڻي آھي ته؛
”هڪ جھرڪي
عدالت جي ڇت جي ڪنڊ ۾ اهو سوچي آکيرو ٺاهيو ته اها محفوظ جڳھ آھي. ڪجھ ڏينهن کان
پوءِ هن آنا لاٿا. ان مان ٻچا نڪتا. هڪ ڏينهن سندس غير موجودگيءَ ۾ هڪ نانگ آيو ۽
سندس سڀ ٻچا کائي ويو. جھرڪي جڏهن موٽڻ کان پوءِ سنڀاليو ته سمجھي وئي، ته ساڻس
ظلم ٿيو آھي. مسلسل چين! چين! ڪرڻ لڳي. ٻين پکين کيس صبر جي تلقين ڪئي ۽
سمجھائيندي چيس؛ ”اهو صرف تو سان ناهي ٿيو، ٻين پکين جا به ٻچا نانگ کائي ويندا
آهن. اھي ته ايڏو پِٽڪو ناهن ڪندا!“
جھرڪي
وراڻيو؛ ”گھڻو پِٽڪو ان تي ٿي ڪيان ته جتي انصاف ۽ تحفظ ملڻ گھرجي، ان جاءِ تي ظلم
ٿيو آھي.“
پهريان
اھا عام ڪهاڻي لڳندي هئي، پر جڏهن هڪ ڏينهن کاتي جي ڊائريڪٽر گھرائي چيو ته؛ ”ڊپارٽمينٽ
مٿان ڪيس وڌي ويا آھن. ڪيسن کي ڊيل ڪرڻ وارو آفيسر ميڊيڪل ليو تي هليو ويو آھي.
ڪراچي کان سواءِ باقي سنڌ جي ننڍين وڏين ڪورٽن ۾ هلندڙ يا ٿيندڙ ڪيسن ۾ کاتي جي
نمائنده طور توکي منهن ڏيڻو پوندو!“
بهانا
۽ عذر گھڻا ڏنم ته؛ ”مون کي قانوني معاملن کي نپٽائڻ جو ڪو تجربو ڪونهي... گھر جي
مرمت به ڪرائڻي آھي.. ڊگھي موڪل به کپي!“ پر هڪ به نه ٻڌئين. رهندو سهندو اھا
قانوني چوڻي ياد ڏياري تنبيھ ڪيائين ته ”Ignorance
of law is no excuse (قانون کان لاعلمي ڪو
بهانو ڪونهي)“ پوءِ جُوھ وجھندي چيائين؛ ”تون پورا ٻه سال راڻي باغ جي ڀرسان واري
آفيس (هائوسنگ سيل) ۾ آرام فرمايو آھي. جڏهن مرضي پوئي ٿي ڪراچي فيملي سان ملڻ
هليو ٿو وڃين.!“ حال في الحال ڇھ مهينا کن ڪورٽن سان منهن ڏي، پوءِ ان ڳالھ کي
ڏسنداسين.“ ائين لڳو ڄڻ چوندو هجي پوليس کي سڀ خبر آهي.... وڌيڪ بحث نه ڪيومانس جو
معلوم هيو ته سسٽم تحت هلندڙ اوتيل پوتيل آفيسر آھي. سندس ڪجھ بگاڙي نه ٿو سگھجي.
مون کي صرف ھڪ ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي آئي ته ڊائريڪٽر کي ڪيئن خبر پئي ته منهنجي
فيملي ڪراچي ۾ آھي...! پڪڙ پڇاڙ ڪندي ڳوٽ ڀڄي پئي ته پنهنجي ھٿ جي وڍي جو نه ڪو
ويڄ، نه ڪو طبيب. مان جڏهن به گھر ڀاتين لاءِ ڪو سامان سرڙو وٺي نائب قاصد وڪيي
چانڊيي کي حسين آباد مان ويندڙ گلشن حديد جي بس تائين سامان کڻائي وٺي ويندو هيس،
۽ رازدان سمجھي اھا تاڪيد ڪندو هيس ته ٻي ڪنهن کي منهنجي وڃڻ جو طرف نه ٻڌائي! باز
پُرس کان پوءِ خبر پئي ته وڪيو چانڊيو ڦاٽوڙو دهل آھي. جنهن سڀن کي ٻڌائي، ٻين کي
نه ٻڌائڻ جي تاڪيد ڪري ڇڏي هئي. هونئن به هر هيڊ آفيس ۾ وڏن صاحبن جو جاسوسي نظام
موجود هوندو آهي، جنهن ۾ ڪجھ بي ڪار ماڻهن کانسواءِ عمومن نائب قاصد کان وٺي هر
ننڍو وڏو ملازم اهو ڪم احسن طريقي سان ادا ڪندو آھي.
سپرنٽنڊنٽ
ھٿاران ٻن ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي اٿارٽيز ۽ فائل ڏنا ويا. هڪڙو ڪيس هاءِ ڪورٽ
حيدرآباد ۾ آئيني درخواست جي حوالي سان هلندڙ هيو. ٻيو دادو جي سول ڪورٽ ۾ نئون
لڳل ڪيس هيو، جنهن جي پهرين سمن سوڌي پلينٽ (دعوي) فائل ۾ موجود هئي. ٽن ڏينهن کان
پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري هئي. فائل پڙهي رٽي ڇڏيو هيم. شيخ چلي وارا پھ پچائڻ شروع
ڪيم. ھاءِ ڪورٽ جي جج صاحبان هيئن پڇيو ته هيئن چوندومان!... هيئن چيائين ته هينئن
ٻڌائيندومانِ. ائين سمجھيو هيم ته وڃڻ سان جج صاحبان منهنجي لاءِ سيڙيا ويٺا
هوندا، ڪيس ٻڌي هڪدم فيصلو ڏئي ڇڏيندا. اھو ته ٻڌل هيو justice
delayed is justice denied انصاف ۾ دير ڪرڻ نا
انصافي هوندي آھي. ھاءِ ڪورٽ ۾ صبوح جو اٺين وڳي جو ويٺل شام جا چار ٿي ويا.
اوٻاسيون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيس. وارو ئي نه آيو. خبر پئي ته ڪيس ملتوي ٿي ويو. وري
ھفتي کان پوءِ اسر جو اٿي تياري ڪري سرڪاري گاڏي تي ڊرائيور سان گڏ دادو جي سول
ڪورٽ ۾ پهتم. هيڊ آفيس جي گھاگھ سپرنٽنڊنٽ جي هدايت مطابق پهريائين سرڪاري وڪيل
سان مليم. ان پڇيو، ”جوابِ دعوي جي حوالي سان پئراوائز ڪمينٽس ٺاھي آيا آھيو؟“
ڇيومانس،
”اھي ته اوهان کي ٺاھڻا آھن، نه !“
چيائين،
”اھو ڪم اوهان جو آھي. مون کي رڳو وٺي ڪري جمع ڪرائڻا آھن.“ پوءِ پنهنجي طبيعت جي
حوالي سان معلومات ڏيندي ٻڌايائين، ”مان ذيابيطس جي ٽائپ ون جو مريض آھيان. صرف
تنهنجي سِرَ جي ڪري آيو آھيان!“ دل ۾ سوچيم ته ”دادو جو سرڪاري وڪيل ڄاڻ سڃاڻ نه
هوندي به، لاڙڪاڻي جي شيخ صاحبان کان وڌيڪ مهربان آھي.“ حيرت ٿي....!آخر ۾ دلداري
ڏنائين، ”جج صاحب کان ٽائيم وٺئون ٿا، گھٻرائڻ جي ڪا ڳالھ ڪونهي...“
ڪيس جو
وارو آيو، سرڪاري وڪيل، جج صاحب آڏو ٻي حاضري تي جواب دعوي جمع ڪرائڻ جو واعدو
ڪرائي، مون کي ٻاھر ڪڍي آيو، ۽ موڪلائڻ وقت تاڪيد ڪيائين ته ”ٻيهر اچين ته لکت ۾
جوابِ دعوي سان گڏ حيدرآباد جو بامبي بئڪري جو ڪيڪ کنيون اچجانءِ، پر شرط انهيءَ
سان ته پئسا ضرور وٺندين!“ سوچيم، ”بامبي بئڪري جو ڪيڪ ته مسئلو ڪونهي، اھڙي دلبر
کان پئسا ڪير وٺندو، پر اصل مسئلو ته جوابِ دعوي جي لکڻ يا ٺاھڻ جو آهي....!“
ان وقت
ذوالفقار علي ڪمبوھ صاحب نئون نئون ٽنڊي باگي مان جيڪب آباد بدلي ٿي چڪو هيو.
مهيني ماسي گلشن حديد واري گھر اچڻ ٿيندو هيس. ان وقت سندس صلاح مشوري جي سخت
ضرورت هئي. پاڻ به سول جج هيو. يقين هيو ته کيس ڪا اهڙي گدڙ-سنگھي ضرور هوندي،
جنهن سان انهن ڪيسن مان جلدي جان ڇٽي ويندي. انتظاري، بيقراري ۾ ٽيليفون تي رابطو
ٿيو ته ٻڌايائين ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ گلشن حديد پهچڻ وارو آھي. جڏهن پهتو ته هميشه
وانگر پٺاڻ جي هوٽل تي ڪچهري شروع ٿي. پر هن ڀيري زيرِ بحث انصاف ۽ قانون هيو.
پنهنجي پريشاني ٻڌائيندي کانئس مشورو ورتم، ته جان ڪيئن ڇڏايان؟.. ٽهڪ ڏئي چيائين،
”اسان جون ڪورٽون ان بنياد تي ڪم ڪنديون آھن ته جنهن ۾ دير تنهن ۾ خير. شايد تو
اهو ناھي ٻڌو ته
The wheels of justice turn slowly, but they grind exceedingly fine
(انصاف جا پڙ
هوريان هلندا آھن، پر پيهندا سنهو آھن.)
وراڻيومانس،
”سائين، انهيءَ پيسائيءَ ۾ ته مان اَٽو ٿي ويندس! ڀڳت ڪبير جي ان دوهي وانگر ته
چلتي چڪي ديک ڪر، ديا ڪبيرا روئي،
دو پاٽن ڪي بيچ مين، ثابت بچا نه ڪوئي.
جواب ۾
ڀڳت ڪبير جي شاگرد ”ڪمال“ جو دوهو ٻڌايائين؛
چڪي چلي تو چلن دو، ڪلا سون چت لائي،
ڪلا بتي جو رهي، تا ڪو ڪال نه کائي.
پوءِ
سمجھايائين؛ ”صبر ساري، عدالتن جو مشاهدو ماڻ ته توکي نه صرف قانوني موشگافين جي،
پر معاشري جي بنيادي مسئلن جي ڄاڻ پڻ حاصل ٿيندي. اهڙن مثبت ۽ منفي ڪردارن سان
واقفيت ٿيندي جن کي ڏسي تون ڪي ئي زبردست ڪهاڻيون ۽ ناول لکي سگھين ٿو.“. پوءِ هن
انصاف ۽ عدالتن جي حوالي سان ڪيئي سهڻا سخن ۽ تشريح ڪندي ٻڌايا ۽ همت ڏياري. مثلن،
قانون
جو احترام، مهذب سماج جي پهرين نشاني آهي.....
حق کي
دليل جي ضرورت هوندي آهي..
صاف
ضمير واري ماڻهوءَ کي الزام کان نه ڪو ڀؤ نه ڪي ڀولو....
قانون
جي اکين تي پٽي ان لاءِ ٻڌل هوندي آھي ته هو چهرا نه، ثبوت ڏسي....
ذوالفقار
علي ڪمبوھ صاحب جوابِ دعوي داخل ڪرڻ جي حوالي سان بنيادي صلاحون ڏئي همت جو سندرو
ٻڌايو، ته پوءِ نواب شاه، سانگھڙ، سکر جون ڪورٽون بنان ڪنهن پريشاني جي اٽينڊ ڪرڻ
لڳس. قانون ۽ انصاف جي حوالي سان اها به خبر پئي ته ٻيا به تلخ حقيقتون بيان ڪندڙ
سورائتا سخن آهن. جيڪي اسان جي قانون ۽ انصاف جي صورت حال جو عڪس آهن. جيئن مثلن،
Laws catches flies but let hornets go free
قانون
مکيون پڪڙي ٿو، پر ڏينڀن کي ڇڏي ڏي ٿو
The court of fowls, the cockroach can win no case
پکين
جي عدالت ۾، ڪاڪروچ ڪيس نه ٿا کٽي سگھن
One law for the rich, and another for the poor
غريبن
لاءِ هڪڙو قانون ته اميرن لاءِ ٻيو آھي.
مٿين
چوڻي جي حوالي سان مشاھدو ماڻيم ته ڪارل مارڪس جو ڏنل مثال معروضي لڳو ته؛ ”جيڪڏهن
ڪو غريب بک جي ڪري امير جي دڪان مان چوري ڪري ته قانون ان کي مجرم قرار ڏي ٿو.
ليڪن اهو ئي امير پنهنجي مزدورن جي اجرت جو استحصال ڪري ته قانون ان کي ”ڪاروبار
جو اصول“ چئي تحفظ فراهم ڪري ٿو... هڪ ارب پتي ۽ سڙڪ تي ويٺل غريب لاءِ هڪ ئي
قانون جو هجڻ ظاهر ۾ برابر لڳي ٿو، پر عملي طور ٻئي برابر ناهن.“
(۶)
کاتي
جي نمائنده طور جيئن جيئن ننڍين وڏين ڪورٽن جا چڪر هنيم، خبر پئي ته پنهنجي تڪليف
ته ٻين جي مقابلي ۾ تڇ آ. مون کي سعدي شيرازي جي اها حڪايت ياد اچڻ لڳي. جنهن ۾
ٻڌايو اٿئين ته هڪ دفعي دمشق جي بازار ۾ پيرين اگھاڙي هلندي ۽ ٻين عام ماڻهن جا
پاپوش ڏسي رنجيده ٿيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته خدا جي عجيب قدرت آ جو عام وٽ ته پيرن ۾
جوتا آهن، پر مان عالم فاضل هئڻ جي باوجود به پيرين اگھاڙو آھيان. پر اڳتي هلندي
هڪ بنان پيرن واري همراھ کي گھوڙين تي هلندي ڏٺائين ته خدا جو شڪر ادا ڪيائين ته
کيس هلڻ لاءِ پير ته ڏنا اٿئين.
ائين
مان به پهريان دلگير ٿيندو هيس. دل ۾ چوندو هيس، ”ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿو آھيان!“ پر
جڏهن مختلف ڪورٽن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ساڄي يا کاٻي ڌر جي معتبرن خلاف، ڀينرن ۽ بيوه
ڀاڄاين کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏيڻ تي رلندي ڏٺم. سالن جا سال شريف ماڻهن کي زمينن يا
ملڪيتن تي قبضي گيرن کان ڇڏائڻ لاءِ ڪورٽن ۾ ڌڪا کائيندي ڏٺم. سول عدالتن ۾ ته
زاري جو جھان هيو، پر فوجداري عدالتن ۾ ته ڳئيءَ گيس هئي. ”ڪري ڪير، ڀري ڪير...!“
ان وقت
”ڊسمنڊ ٽُوٽُو“ (ڏکڻ آفريقه جو بشپ ۽ انساني حقن جو علمبردار) جو اهو چوڻ چهنڊڙيون
پائيندو هيو ته ”جيڪڏهن اوهان ناانصافي جي صورتحال ۾ غيرجانبدار رهو ٿا، ته اوهان
ظالم جي چونڊ ڪيو ٿا. جيڪڏهن هاٿي، ڪوئي جي پڇ تي لت رکي ۽ توهان غير جانبدار ٿي
تماشو ڏسو، ته ڪوئو ڪڏهن به توهان جي غير جانبداري جي تعريف نه ڪندو!“
سچي
ڳالھ اها آھي ته جي چهنڊڙيون اسان تي اثر ڪن ها، ته حالتون ائين نه هجن ها. پر
اسان کي ننڍي لاءِ کان وٺي وڏڙن جي اھا ستي پياريل هئي، ته پرائي باھ ۾ اصل نه
پئجي. جڏهن پنهنجي گھر کي باھ لڳي ته پوءِ ڌاڙ گھوڙا ڪجي. تيستائين پري کان بيٺي
پيو تماشو ڏسجي. ڀلا هرڪو حبيب جالب ته نه ٿو ٿي سگھي، جيڪو برملا چئي ڏي.
ديپ جس کے محلات ميں هے جلے
چند لوگوں کی خوشيوں کو لے کر چلے
وه جو سائے ميں هر مصلحت کے پلے
ايسے دستور کو، صبح بے نور کو
ميں نهيں مانتا، ميں
نهيں جانتا
سرڪاري
نوڪر ته نوڪر ئي هوندو آھي. جي منجهس ٿوم هجي ته نيچ نوڪري ڇو ڪري...؟ جنهن کي
سرڪاري گاڏي، ٽي اي، ڊي اي، هوٽل جو ڪرايو ملندو هجي. ان کي ڪهڙي سِيرَ ايندي..!
انهن ڪيسن جي ڪري مون کي ته دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پبلڪ لائبرئري جي لائبرئرن
دوست محترم نزاڪت فاضلاڻي يا مشھور آثار قديمه جي ماھر حاڪم علي شاھ بخاري سان
ڪچهري ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو هيو. خيرپور ميرس ۾ عبدالمجيد چانڊيي سان بين
الاقوامي عدالتن جي ناانصافين تي دانشوراڻه ڪچهري ٿيندي هئي. سکر ۾ ننڍپڻ جي دوست
ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومري سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيندو هيو. جنهن جا گفتا ٻڌي دل
باغ بهار ٿي ويندي هئي ۽ پارسيءَ جو اهو پهاڪو ياد ايندو هيو، زمين جنبد، آسمان
جنبد، نه جنبد گل محمد (زمين لُڏي، آسمان لڏي، گل محمد نه لُڏي) ائين لڳندو هيو،
دنيا بدلجي وئي، پر هي نه بدليو آ، ڄڻ پرائمري اسڪول جي بئنچ تي گڏ ويٺو کڇٽ
ڪري.... پر پوءِ به دادو ۾ ٿيل ڪيس جي ريڙھ پيڙھ ڪَڪِ ڪري ڇڏيو هيو. هڪڙي غير قانوني
هلندڙ هائوسنگ اسڪيم جي مالڪ کي کاتي طرفان نوٽيس ڇا مليو، ان جي جواب ۾ هن پنهنجي
شهرت ۽ عزت جي داغدار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڪيس ٻڌڻ جھڙو ئي نه هيو. حاضري
مهيني مهيني ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سرڪاري وڪيل ٻڌائيندو هيو ته ڪيس هڪ ٻن حاضرين جي
مار آھي. پر هر حاضري تي ڪيس ملتوي ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ شريف ريڊر به اھا ڳالھ ڪندو
هيو، جنهن کي به هر حاضري تي بامبي بئڪري جو ڪيڪ کپندو هيو، پر انهيءَ شرط سان ته
مان کانئس پئسا ضرور وٺندس. پر اھڙن همدرد ۽ هڏ-ڏوکين کان پئسا وٺڻ حرام هيا. نيٺ
ذوالفقار علي ڪمبوھ کان صلاح ورتم، تنهن ٻڌايو ته ”ڪو چڱڙو پرائيويٽ وڪيل ڪري
ڇڏيو. ھڪ ته سرڪاري وڪيل ۽ ريڊر جي توهان سان بامبي بئڪري جي ڪري محبت سبيل ٿي وئي
آهي. توهان ته ان مشھور فلمي گاني جيان چئو ٿا ته ’ايسي محبت سي هم باز آئي، جو دل
ڪو جلائي ستائي دُکهائي!‘، پر اڳلا ان بيزاري کي معشوقاڻي ادا ٿا سمجھن. ٻيو ته
جنهن شخص توهان جي کاتي مٿان ڪيس ڪيو آهي، اھو ”ڪورٽ برڊ“ آهي. جنهن جو ڪم ئي ڳجھ
وانگر لامارا ڏئي جھٽ هڻڻ آھي. پهريون دفعو ذوالفقار علي ڪمبوھ جي توسط سان ڪورٽ
برڊ جي اصطلاح جي خبر پئي، جنهن جو مطلب هوندو آهي ته جيڪو شخص خوامخواه ڪو اُڏو
ڏئي عدالت جو در کڙڪائي ۽ مدعي پنهنجو، ٻئي (مدعه عليه) جو ۽ عدالت جو وقت ضايع
ڪري. اھا ڳالھ جڏهن بالا آفيسر کي سمجھايم ته سندس اجازت ۽ اڪائونٽنٽ جي مهرباني
سان، پڇا ڳاڇا ڪري پنجاھ هزار في سان، برهماڻي ذات (نالو ياد ڪونهي) وارو برجستو
وڪيل ڪيم. هڪ ٻن ٽن حاضرين ۾ جان ڇٽي وئي. ڪجھ عرصو نه گذريو ته مدعي ڊسٽرڪٽ جج جي
عدالت ۾ اپيل ڪري ڇڏي. ساڳي وڪيل اڌ في ۾ ڪيس سان منهن ڏئي، ڊپارٽمينٽ جي جند آجي
ڪرائي. پر اھڙا ڪورٽ برڊ مون سکر جي عدالتن ۾ ڪيئي ڏٺا ڄڻ گھران تڙيل هجن ۽ سرڪاري
وڪيل پڻ، جن کي عام زندگي ۾ ڪو رڍون چارڻ لاءِ به نه ڏي....!
جيئن
چوندا آهن، هيرو هيري کي ڪٽي. ائين پُر پيچ قانوني سنگلاخ پهاڙن مان ذوالفقار علي
ڪمبوھ صاحب جون صلاحون مون لاءِ تيشه فرهاد ثابت ٿينديون هيون. جن تي عمل ڪرڻ سان
قانوني لڪن لنگھڻ ۾ آساني ٿيندي هئي... بر محل آھي يا نه، پر فرهاد جي تيشي جي
حوالي سان اردو جو هڪ شعر ڪمبوه صاحب کي ارپڻ ڪجي ٿو. اميد آهي ته قبول پوندو...
دل غافل تجھے فرهاد سے نسبت کيا هے
وه تو تيشے سے بھی شيريں کی صدا سنتا تھا
(۷)
اسان ٽنهي
ذوالفقار علي ڪمبوھ، محمد امين مگسي ۽ منهنجو، جڏهن به ملڻ ٿيندو هيو ته ٻين
موضوعن سان گڏ قانون ۽ انصاف جو موضوع ضرور زيرِ بحث ايندو هيو. بابل جي بادشاه
حمورابي جي قانون کان وٺي، يوناني سولن قانون، رومن قانون، جسٽينين ڪوڊ، منوسمرتي،
موسوي شريعت، اسلامي شريعت جا نڪته نروار ٿيندا ھيا. بادشاھن، قاضين، مفتين ۽
منصفن جي ڪردار بابت ڪچهريون ٿينديون هيون. جن ۾ بادشاهن بابت اهڙي قسم جو ذڪر اذڪار
ٿيندو هيو ته پهريان بادشاھن جو ھر لفظ قانون سمجھيو ويندو هيو. اونڌي ڪن يا سنئين
ڪن. جيئن انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته بادشاھ ڪا غلطي نه ٿو ڪري سگھي (The
king can do no wrong) بادشاه جي مرضي تي منحصر هيو،
ٻڪري ٺڪري چور کي سزا ڏي يا قاتل کي معاف ڪري. هر صورت ۾سندس فيصلو انصاف وارو
ليکبو ھو. بادشاهن جي انصاف جي حوالي سان ڪيئي قصه مشھور آھن. هڪ مثال ايران جي
شهنشاھ نوشيروان عادل (۵۳۱ع _ ۵۷۹) جو به آھي جڏهن سندس نئون محل تيار ٿي رهيو هيو ته ان آڏو هڪ ٻڍڙيءَ جي
جھوپڙي رنڊڪ پئي وڌي. شاھي ڪارندن جھوپڙي هٽائڻ لاءِ ٻڍڙيءَ کي پئسن جي بدلي جھوپڙي
مان نڪرڻ لاءِ چيو. ٻڍڙي ٺپ انڪار ڪيو. ڪارندن شهنشاه کي ٻڌايو ۽ چيو حڪم ٿئي ته
جھوپڙيءَ کي ڪيرايون . ان تي نوشيروان وراڻيو، ”هرگز نه! منهنجو محل جھوپڙيءَ
هوندي به خوبصورت ٿي سگھي ٿو پر منهنجو عدل جھوپڙي ھٽائڻ کان پوءِ بدصورت ٿي
ويندو!“
اھو
نوشيروان عادل جي انصاف جو هڪ پاسو ھيو. پر سندس ظلم جو ٻيو پاسو به آھي. زردشتي
دين جي هڪ باغي مؤبد (مفتي يا قاضي) ”زردشت خورگان“ درست ديني جي نالي سان ساساني
بادشاھ ”پيروز“ جي دؤر ۾ هڪ تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ جو مذهبي رسمن رواجن تي هلڻ
بجاءِ عقلي بنيادن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنل هيو. انهيءَ تسلسل جو هڪ وڏو ڪردار ”مزدڪ“
هيو. جنهن ساساني دؤر جي شھنشاھ ”قباد“ (۴۷۳_۵۲۱ع) جي دؤر ۾ قحط جي دؤران مراعت
يافته طبقن جن ۾ شهزادگان، مؤبد موبدان (قاضي القضات)، مرزبان (فوجي سربراه)
وزرگان (جاگيردارن) جي خلاف هڪ انقلابي تحريڪ هلائي. ان وقت جي پوري اشرافيه ساڻس
استدلال ۾ نه پڄي سگھي. ايران جو عوام تيزي سان مزدڪي ٿيندو پئي ويو. ايستائين جو
بادشاھ قباد پڻ مزدڪي ٿيڻ جو اعلان ڪيو. مراعات يافته طبقي، ولي عهد شهزادي
نوشيروان سان گڏجي سازش سٽي. انهن مزدڪ ۽ انهن جي چونڊ پوئلڳن لاءِ شاهي ضيافت جو
اھتمام ڪيو. جڏهن اھي ضيافت ۾ آيا ته سڀن کي گرفتار ڪري اونڌو دفن ڪرائي،
نوشيروان، مزدڪ کي ڏيکاريندي چيو، ”ڏس! مان تنهنجي نظريي مطابق زمين تي ڪهڙو نه
نئون فصل پوکيو آھي.“ پوءِ سلطنت ۾ رهندڙ مزدڪين مٿان اها تهمت مڙهي وئي هئي ته هو
زن، زر، زمين (عورت، ملڪيت ۽ زمين) ورهائڻ جي تبليغ ڪن ٿا ۽ عورتن جي حوالي سان
جنسي بي راه روي کي عام ڪرڻ گھرن ٿا. اھڙي پروپيگنڊه تحت مزدڪ سميت هزارين مزدڪي
قتل ٿيا. سندس اھڙي بي انصافي کي به ان زماني جي نام نهاد مذهبي پيشوائن نوشيروان
جو عدل و انصاف جو نالو ڏنو. ائين جيئن ۲۰ صدي عيسوي ۾ ڪميونسٽن کي اشتراڪي سڏڻ بجاءِ ”دهريي“ جي معنا ڏئي بدنام ڪري
عقوبت خانن ۾ وڌو يا ماريو ويو.
جڏهن
ته مزدڪ پنهنجي ڪتاب ”ديسنا“ ۾ صرف اھو ڄاڻايو هيو ته ”عدم مساوات، رشڪ، حسد، خشم،
غضب ۽ حرص اھرمني (شيطاني) خصلتون آهن.. انهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اميرن کي حرمسراءِ
نه رکڻ گھرجي. هڪ مرد لاءِ هڪ عورت ڪافي آھي. مذهبي پيشوائن کي ملڪيتون نه ٺاھڻ
گھرجن، جو خدا جي پيامبر ”زرتشت“، ڪا به ملڪيت نه ٺاهي هئي. شاھي فرمانن تحت زمين
جاگير ڪري ڏيڻ بجاءِ بي زمين هارين ۾ ورهائڻ گھرجي ته جيئن قحط جي صورتحال پيدا نه
ٿئي. ان حوالي سان محمد رضا شفيعي ڪدڪني جو پارسي ۾ ۱۹۶۸ع ۾ لکيل ڪتاب ”قلندريه در تاريخ“ پڙهڻ گھرجي.
ذوالفقارعلي
ڪمبوھ، محمد امين مگسي ۽ منهنجو ان ڳالھ تي اتفاق هوندو هيو ته مختلف دؤرن ۾ مختلف
بادشاھن، حاڪمن ۽ مذهبي پيشوائن اھڙا قانون به ٺھرايا، جيڪي سندن معاشري ۾ امن
امان قائم رکڻ سان گڏ، سندن مفادن جو به تحفظ ڪندا هيا ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرائڻ
لاءِ عدليه جو نظام پڻ جوڙيو، جنهن جي تحت جزا ۽ سزا جا معيار مقرر ٿيا. مختلف
نالن سان منصف يعني مفتي، قاضي ۽ قاضي الاقضات مقرر ٿيا. جيڪي مروجه قانونن يا
شريعتن مطابق فتوائون ڏئي فيصلا ڦاڙي ڪندا هيا. ڪي مفتي يا قاضي مکڻ مان وار ڪڍندا
ھيا ۽ ڪي مکڻ ۾ وار وجھندا هيا. ڪن اھڙا ڪارنامه ڪيا، جن جي ڏنل فتوائن ۽ فيصلن
انساني تاريخ ۾ ظلم جا باب رقم ڪري ڇڏيا. مثلن، نائين ڏهين صديءَ جي عظيم صوفي
حسين بن منصور حلاج جي خلاف ڏنل فتوا ۽ دردناڪ سزا، جو ٻڌي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.
بظاهر ته سزا ڏيڻ جا سبب اناالحق جو نعره ۽ ظاھري عبادت تي تنقيد ڄاڻائي وئي هئي.
پر حقيقت ۾ ته عباسي حڪومت جا منصف سندس علمي لياقت کان خائف هيا. سندس اھي
ستيتاليھ ڪتاب جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل هيا، تن کين پريشان ڪري ڇڏيو هيو. خاص ڪري
”ڪتاب السياست والخلفاء والامراء“، جيڪو هن عباسي دور ۾ آفريقي غلامن جي بغاوت جي
سببن تي لکيو هيو، جنهن کي ”بغاوت زنج“ به سڏيو ويو. عباسي دور ۾ انهن غلامن کان
سم ۽ ڪلر وارين زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ناقابل برداشت مشقت ڪرائي ويندي هئي. کين
کائڻ پيئڻ لاءِ نالي ماتر ڏنو ويندو هيو. حڪم عدولي جي صورت ۾ کين سخت سزائون ڏنيون
وينديون هيون. نتيجي ۾ ۱۴ سال
بغاوت جو سلسلو هليو، جنهن ۾ انهن بصره تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي ”المختاره“ نالي
رياست قائم ڪئي. آخرڪار عباسي خليفه المعتمد جي دور يعني ۸۸۱ع ۾ بغاوت کي سختيءَ سان ڪچليو ويو. انهن باغين جي اولاد اڄ به هرمزگان،
ايراني ۽ پاڪستاني بلوچستان، جي ساحل تي ملي ٿي. جن جي ڪلچر ۾ آفريقي آزاد پسندي
وارو عنصر موجود آهي. جن پنهنجي دور جي سپر پاور سان ٽڪر کاڌو هيو. تصوف جي حوالي
سان حسين بن منصور حلاج جو ”ڪتاب الطواسين“ متنازع ترين پڻ بڻيو. جنهن ۾ ابليس جو
تذڪره ڪندي کيس سچو موحد قرار ڏنو اٿائين، جنهن خدا جي محبت ۾ غير (آدم) کي سجدي ڪرڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو. متاثر ٿي، شاه لطيف به ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيت ۾ فرمايو
عاشق ته عزازيل، ٻيا مڙيوئي سڌڙيا،
منجھان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو.
حسين
بن منصور حلاج جي شاعري به وڏو ممڻ مچايو، جنهن ۾ جدت پسندي ۽ روشن خيالي به قدامت
پسندن کي پريشان ڪيو هيو. خاص ڪري هي شعر ”تفکرت في الاديان جد تحقق“ ڄڻ سيڪيولرزم
جو واشگاف لفظن جو اعلان هيو.
پوري شعر
جي معنا يا مطلب ڪجھ هن ريت آهي ته
”مان مختلف
مذهبن جي باري ۾ تحقيق ڪئي
انهن
کي ڪيترين شاخن وارين پاڙن جيان محسوس ڪيو
ڪنهن
کان ڪنهن جي دين جي باري ۾ جرح نه ڪيو
ايئن ڪرڻ
سان ڄڻ ماڻهوءَ کي پنهنجي پاڙ کان پري ٿو ڪجي
اصل ان
کي پاڻهي ڳولهي لهندو۔ جيئن جيئن مطلب آشڪار ٿيندو، ماڻهو (حق سچ) خود سمجھي ويندو.
تعصبي
ماحول ۾ اھڙي قسم جي شاعري کي قبول ڪرڻ ارباب اختيار کي ڀانءِ نه پي پئي. نتيجي ۾
حسين بن منصور حلاج کي ۹ سال
بغداد جي جيل ۾ رکي وزير حامد بن عباس جي چوڻ تي قاضي ابو عمر حمادي دردناڪ قسم جي
قتل جي فتوا جاري ڪئي. جنهن ۾ حسين بن منصور حلاج کي هڪ هزار ڪوڙا هنيا ويا. پوءِ
سندس ھٿ ۽ پير ڪٽيا ويا. تنهن کانپوءِ ڦاهي چاڙهيو ويو. سر ڪٽي خليفي ”المقتدر باالله“
کي پيش ڪيو ويو. آخر ۾ ڌڙ ساڙي، خاڪ درياه دجله ۾ اڇلي وئي...
فرد
واحد جي حوالي سان ته اھا وڏي سزا هئي، پر ڪربلا جو واقعو بي مثل ۽ بي نظير آهي.
باطل جي خلاف مزاحمت جو اھڙو نظرياتي مثال دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، جنهن ۾ ۷۲ جان-نثارن (خاندان سميت) جي صبر استقامت سان قرباني ڏئي، اھڙو مثال قائم ڪيو،
جنهن جو اعتراف دنيا جو هر ذي شعور انسان ڪيو آهي. جڏهن ته قاضي شريح بن الحارث الڪندي
جي حضرت امام حسين جي خلاف ڏنل فتوا کيس ۽ حاڪم وقت يزيد کي قيامت تائين لعنتن جو
طوق پارائي ڇڏيو.
شاه عبداللطيف ڀٽائي تڏهن ته ان قضيي جي فلاسافي
بابت چيو آھي ته
قضيو ڪربلا جو، نسورو ئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو.
(۹)
مون
لاءِ سال ۲۰۱۱ع ڏاڍو ڳؤرو ثابت ٿيو. حڪومت
وقت جي حڪم سان رائج الوقت سسٽم تحت هڪڙا بالا آفيسر اچن ته ٻيا وڃن. اهي اچڻ سان
ئي نادري حڪم هلائيندا هيا. حڪم جا بندا ته اهو ڪم ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا هيا. البته
جيڪي اڙا گوڙي ڪندا هيا، تن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري ويندي هئي. ڪجھ مٿي ڦريا لٺ ۽ چٺ
تحت به نه ڪندا هيا. تن کي ساھ پٽڻ نه ڏنو ويندو هيو. ان دؤر ۾ اسان جي کاتي (ٽائون
پلاننگ) کي نئين اٿارٽي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان سلهاڙيو ويو. ۱۸ مئي ۲۰۱۱ع تي ٽن ڊپٽي ڊائريڪٽرس کي
ريجنل ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو آرڊر ڏئي ميرپور خاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي
ڏانهن اماڻيو ويو. لاڙڪاڻي پهچڻ تي، مون کي سنگت مبارڪ ڏني، پر مون کي خبر هئي ته
اھو ڪو مون تي ٿڌو ٿورو نه هيو. پر بالا آفيسرن کي اٿارٽي جي ڊويزنل ليول تي نيون
آفيسون قائم ڪرڻيون هيون. ان ڪري کين ڪجھ برجسته ماتحت کپندا ھيا۔ ٽي چار مهينا ته
ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪاميٽيز مان بلڊنگ پلانس جو رڪارڊ وٺڻ ۾ گذري ويو.
چوٿين مهيني اٿارٽي جو ڪم هلڻ شروع ٿيو ته هڪ قابل سيد سڳوري (رٽائرڊ چيف جسٽس) جي
شڪايت آئي ته رتيديري ۾ سندس حويلي تي ڪنهن گمنام شخص قبضو ڪيو آھي، سا ڇڏائي ڏني
وڃي. ان کان پوءِ ڄڻ وارو وارو ٿي وئي. ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪڏهن سيڪريٽري، ڪڏهن
ڊپٽي سيڪريٽري جي فون اچي ته ڇا ٿيو؟ جاچ جوچ ڪندي خبر پئي ته اھو گمنام شخص ٻيو ڪو
نه, سندس سڳو سؤٽ ھيو. ذاتي سببن ڪري ٻنهي وچ ۾ اڻبڻت ٿي پئي هئي. جيئن مشھور آھي
ته وڙهن واڍا، اڙيا آھتي يا وڙهن سيد، اڙجن اُمتي... سمجھي ويم ته اهو ککر ۾ کڙو
هڻڻ ٿيندو. اهڙن نادري حڪمن جي پوئيواري ڪندي ڪيترن ننڍن وڏن آفيسرن لوڙيو ۽
چوڙيو. منهنجي آڏو ڪمشنر لاڙڪاڻو انوار حيدر ۽ ٻين ڪيترن ئي آفيسرن جا مثال هيا،
جن نادري حڪمن جي پوئيواري ڪندي ڏاڍو ڀوڳيو. سوچيم، وڌ ۾ وڌ سسپينڊ ٿيندس ٻيو ڇا
ٿيندو،،،؟ پگھار ته ملندي. هونئن به پنهنجو گذر سفر پگھار تي هيو.
کاتي
جي ڊائريڪٽر کي ڏنڊو اچي ويو۔ چئي؛ ”هي ته هڪڙو خسيس ڪم آھي. مان جڏهن ”ايڇ ڊي اي“
۾ هيس ته الائي ڪيترا قبضه ڇڏايا.“ چيومانس؛ ”وارو ڪر، رتيديري ۾ اهو ڪارنامو ڪري
ڏيکار! آگي گرو پيڇي چيلا!“
ٺهي
سنڀري ٻن ڏينهن کانپوءِ آيو. سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ ڪمرو نه مليو ته سھيل مڪانيءَ جي
ٿورن سان اسپورٽس هاسٽل ۾ رهايومانس. پروگرام مطابق سڀاڻي تي ڏهين وڳي پوليس
ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان ڪاروائي ڪرڻي هئي. جيئن ئي اٺين وڳي هاسٽل ۾ پهتم؛ خبر پئي
ته صاحب موصوف صبوح جوسوير ستين وڳي ٽپڙ گول ڪري چٺي ڇڏي ويو آهي ته: مان ضروري ڪم
سان حيدرآباد ٿو وڃان، اهو ڪم اڄ ئي ڪري ڇڏجانءِ!. . . . مان ته فيصلو ڪري چڪو هيس
ته ان ڪم ۾ ھٿ وجھڻو ئي ناهي. جڏهن گھڻي گيھ ٿي ته اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن
زيد الواسطي گھرايو. کڙپيل قسم جو ايڪسٽنشن تي رکيل ناگرنٽ هيو، تنهن ڌمڪي آميز
انداز ۾ سمجھائيندي چيو، ”اھو ڪم ڪري نالو ڪڍاءِ!“ مان ننهن کي نَوَ ڪوٽ ڏئي ڇڏيا.
بهرحال ان دؤران سيد به ٺهي ويا. مون سمجھيو جان ڇٽي. پر حڪم عدولي جي سزا ته ملڻي
هئي. مون کي بدلي ڪري حيدرآباد رکيائون. نه صرف ايترو پر ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪو به ٿينڪ
ليس جاب هجي، منهنجي ڳچيءَ ۾، ان سبب بالا آفيسرن سان منهن ماري ٿيڻ لڳي. خبر ئي
نه پئي ته بلڊ پريشر ويو وڌندو. نتيجي ۾ نومبر ۲۰۱۱ع ۾ اڌ رنگي جي سٽ اچي وئي. بهرحال ڊگھي موڪل وٺي گلشن حديد واري گھر ڀيڙو
ٿيس. ڊاڪٽرن جي ور چڙهيس لڳو ته دوائن ۽ ٽيسٽن ۾ خرچ ٿي ويندس. ان بيماري کي منهن
ڏيڻ لاءِ ڌن کپندو هيو. ”جي پي فنڊ“ ڪڍرائڻ جو سوچيم. پر پنهنجن پئسن ڪڍرائڻ ۾
تڪليف، سنڌ سيڪريٽريٽ جي متعلق سيڪشن آفيسر کي پئي ٿي. ائين جيئن چئبو آهي؛ بار
گڏھ تي، چنگھي کوتي. ان ڪري سيڪريٽريٽ ۾ پڪي پنڊي (ٻروچ ذات) واري هڪ دوست جيڪو
ٻئي کاتي ۾ سيڪريٽري هيو، تنهن کي فون ڪيم ته سيڪشن آفيسر کي ڪا هدايت ڪر!“ شايد
سيڪشن آفيسر کي چوڻ شايان شان نه سمجھيائين. ڪافي دير انتظار ڪرڻ کانپوءِ به سيڪشن
آفيسر گوش نه ڏنو ته شاھ سائين جو اهو بيت ياد سمجھ ۾ اچي ويو، ”دوست سڏائي سڀ ڪو
جاني زباني، آهي آساني، ڪم پوي ته ڪَل پوي.“ نيٺ اھلِ علم پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر خليل
الرحمان شيخ کي فون ڪيم. ننڍي ڀاءُ درجان جو ڪلاس مئٽ هيو ان وقت فنانس ڊپارٽمينٽ
۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيو. تنهن چيو، ”جي پي فنڊ سلپ سميت ڪاغذ ڏئي وڃو، مان ڄاڻان ۽
سيڪشن آفيسر ڄاڻي. اوهان ٻه ڏينهن ڇڏي، ٽين ڏينهن تي آرڊر کڻي وڃجو!“ ٿيو به ائين.
لاڙڪاڻي جي ڪچي پنڊي ڪم آئي، پڪي پنڊيء واري ٻوٽو نه ٻاريو. پوءِ خزاني آفيس مان
”ڏنو پٽ، ڇٽي جو“ تي عمل ڪندي سڀ پئسا ڪڍرائي دوا درمل تي لڳايم. نانءُ مردان، ڌن
آوي جاوي....
ڊاڪٽرن
جي علاج سان گڏ جسم کي حرڪت ۾ رکڻ به ضروري هيو. صبوح جو گھر جي ڀرسان خالي ميدان
تي ڪلاڪ سوا ايڪسرسائيز سان گڏ، آخر ۾ يوگا جون مشقون ڪندو هيس. شام جو ۵ وڳي کان ۷ وڳي تائين گلشن حديد جي اترين
پهاڙين ڏانهن هليو ويندو هيس. پهاڙين تي لھ چڙھ سان ڄنگھن ۾ ساھ پيو، توازن قائم
ڪرڻ ۾ مدد ملي. پر وڏو ڪردار ذوالفقار علي ڪمبوھ ۽ محمد امين مگسي جي صحبت ادا
ڪيو. ھر ھفتي ٻئي ڄڻا پهاڙين ۾ ووڙي لهندا هيا ۽ هڪ مخصوص پهاڙي جنهن کي علامتي
طور تي ”طور سينا“ سڏيو سي. ان تي ويهي علمي ڪچهريون ٿينديون ھيون. خاص ڪري صوفي
ازم جي حوالي سان ڪلاسيڪل ڪتاب زيربحث ايندا هيا. محمد امين مگسي سيد عبدالقادر
جيلاني جي مشھور ڪتاب ”جلاءِ الخواطر (دلين جي صفائي) جا حوالا ڏيندو هيو. مان
عمومن خواجه عبدالله انصاري جي ڪتاب ”قلندر نامه“ جو ذڪر ڪندو هيس. جڏهن ته ڪمبوھ
صاحب ابن عربي جي ڪتاب ”فصوص الحڪم“ سان گڏ موجوده دؤر جي دانشور يوول نوح هراري
جي ڪتاب ”سيپينز“ جا حوالا ڏيندو هيو.
سچ پڇو
ته منهنجي لاءِ ٻئي دوست ٽي چار سال (۲۰۱۱ع کان ۲۰۱۴ع تائين) ڄڻ ته حافظ شيرازي جي ان شعر مثل هيا
دو يار زيرک و از باده کهن دو مني؛
فراغتي و کتابي و گوشئي چمني.
(ٻه داناءَ
دوست هجن ۽ ٻه مڻ شراب هجي؛
واندڪائي
سان گڏ ڪتاب گوشئه چمن هجي (ڪافي آهن)
ائين
مون کي ٻن داناءُ دوستن سان گڏ، اھو شراب، جيڪو صوفين جي نزديڪ عشق الاهي، معرفت،
عرفان، بي خودي ۽ فنا سان لبريز هوندو آھي ملڻ لڳو. اھڙي طرح گوشئه چمن جي جاءِ تي
طورسينا جھڙي علامتي پهاڙي ۾ گوشه عافيت نصيب ٿي. جنهن کي ڀٽائي رمزي تمثيل ۾ بيان
ڪيو آهي ته سڀ مقدس مقام انساني وجود ۾ سمايل آهن
مونا طور سينا، سندا سنياسن،
طالب المولي مذڪور، ايءُ ڪلام ڪيائون ڪن،
سکن کي سڀين پرين، ڀڄي ڏنائون ٻن،
الف آديسين، چوري رکيو چت ۾.
۽ وڏي ڳالھ
ته ٻنهي مٿانگرن ۽ معتبر دوستن جي صحبت سان زماني جي چڙهيل قلب جي ڪس لهندي وئي،
تن تندرست ٿيڻ ۽ من شانت رهڻ لڳو. ڌيري ڌيري تخليق جي ديوي به مهربان ٿيڻ لڳي.
تڏهن ته سنت ڪبير چيو آھي ته؛
ڌيري ڌيري ري منا، ڌيري سڀ ڪجھ ھوئي،
مالي سينچي سو گھڙا، رت آوي ڦل هوئي.
سن ۲۰۱۲ع ۾ مختصر مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“، ۲۰۱۳ع ۾ اسٽيج ڊرامن جو ڪتاب ”راج ڪرتھ“ ۽ ۲۰۱۴ع ۾ ”ماھتاب“ لکي ورتم، جيڪي ڪنول پبليڪيشن قنبر جي توسط سان شايع به ٿيا.
پر خاص ڳالھ جيڪا ڪرڻ جھڙي آهي ته ذوالفقار علي ڪمبوھ ۲۰۱۴ع ۾ ”ڪليدي تصوف“ نالي سان ڪتاب لکڻ شروع ڪيو، جيڪا سنگت جي نظر ۾ ھڪ وڏي
پيش رفت ھئي.
(۱۰)
ذوالفقار
علي ڪمبوھ، ڪتاب ”کليد تصوف“ لکي مڪمل ڪيو ته ائين لڳو ڄڻ ساگر کي گھاگھر ۾ پيٽيو
هجئين. اھو ڦل هيو انهن ڪچهرين جو، جيڪي گلشن حديد جي علامتي پهاڙي ”طور سينا“ تي
ٿينديون هيون. ائين لڳندو هيو ڄڻ فطرتي هم آهنگي اسان کي ڪنهن مثبت سوچ لاءِ
اتساھي رهي آهي. پهاڙي تي هلندڙ دلڌير ۽ ساھ سڌير هير، آڏو اکين ٺار سر سبز ٻنيون،
اڏندڙ پرند، ڦرندڙ چرند، جيت جڻيا وغيره پنهنجي فطرتي ماحول ۾ ڄڻ ڪو الستي آواز
سڻائيندا هيا. انهيءَ دؤران اسان وچ ۾ تصوف جا ڪلاسيڪل ڪتاب زيرِ بحث ايندا هيا.
مثلن منصور الحلاج جو ڪتاب ”ڪتاب الطواسين“، شيخ عبدالقادر جيلاني جو ”فتوح
الغيب“، شيخ شهاب الدين سھروردي جو”عوارف المعارف“، شيخ فريدالدين عطار جو ”منطق
الطير“، مولانا جلال الدين رومي جي ”مثنوي و معنوي“، حضرت داتا گنج بخش علي ھجويري
جو ”ڪشف المحجوب“، سعدي شيرازي جو ”گلستان ۽ بوستان“، حڪيم السنائي جو ڪتاب
”حديقته الحقيقته“ ۽ آخر ۾ شاھ جو رسالو۔۔۔۔
يوناني
فلسفي ديوجانس (۴۱۲ ق- م) جيڪو ڏينهن جو بتي کڻي
اٿينس جي ڳلين ۽ بازارن ۾ ڦرندو هيو. جڏهن ماڻهو ان جو ڪارڻ پڇندا هيس ته وراڻيندو
هيو ته ”مان انسانيت واري درد دل رکندڙ انسان جي تلاش ۾ آھيان.“ ان کان متاثر ٿي
جلال الدين رومي پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو هيو ته،
دي شيخ با چراغ همے گشت گرد شهر
کاز ديو و دد ملولم و انسانم آرزو است
(هڪ دانشور
چراغ کڻي شهر ۾ پئي ڦريو ته وحشين مان تنگ ٿي چڪو آھيان. مون کي هڪ سچي انسان جي
تلاش آھي.)
سچ پچ
ته ماڻهپي يا انسانيت کان سواء انسان عام جانور کان به بدتر آهي۔ هن ڌرتي تي جيڏو انسان
فساد ڦهلايو يا گند ڪيو آهي، ايڏو ڪنهن سهدار ناهي ڪيو۔ انسان اشرف المخلوقات تڏهن
سڏبو جڏهن منجهس فطرت سان هم آهنگي، تزڪيه نفس, انڪساري، امن، عدم تشدد، رواداري، خدمت
خلق، صلح ڪل، محبت ۽ همدردي تي ٻڌل گڻ هوندا۔
بنيادي
طور دنيا جي اڪثر مذهبن ۾ حق سچ ۽ انسانيت جي تلاش ۾ ڪيترن ئي تحريڪن پنهنجو ڪردار
ادا ڪيو ۽ ڪري رهيون آهن۔ اسلام جي صوفي طريقت هجي يا مسيحيت ۾ سينٽ فرانسس آف
اسيسي جو فڪر۔ هندو مت ۾ ڀڳتي تحريڪ هجي يا ٻڌمت ۾ زين ٻوڌي فڪرائتا خيال۔ يهوديت
جو امن پسند ڪباله فرقو هجي يا سک مت ۾ نرنڪاري پنٿ۔ سڀن جو مرڪزي خيال انسانيت
سان جڙيل آهي۔
اسان
وٽ ته عام ماڻهو صوفي بزرگن جي علمي ڪاوشن کان بي خبر آهي۔ خاص ڪري ڌنڌوڙي گادي
نشينن ۽ مجاورن ته بزرگن جي اصلي تعليم ڏيڻ بجاءِ کين شعبده باز يا جادوگر بڻائي،
ڪن کي هوا ۾ اڏاريو ته ڪن کي زمين ۾ گھتون هڻائي مڪي مديني پهچايو۔ ڪن کان ٻڏل
ٻيڙا تارايا، ته ڪن کي ڦنڊين کي ڦر ڏيڻ جو پير بڻايو۔ اوهان اهو ته ضرور ٻڌو
هوندو: ”آ قلندر نر، ڏي ڦنڊين کي ڦر!“
ڀلا
ڪيترن کي خبر هوندي ته ”انا الحق“ چوڻ کان سواء حسين بن منصور حلاج ۴۴ ڪتابن جو خالق هيو. ڪيترن کي ڄاڻ آھي ته قلندر شهباز ماهر لسانيات هيو،
جنهن جا چار ڪتاب مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هيا...؟ وري تصوف جي حوالي سان انتها پسند
مذهبي ۽ نسل پرست ڌريون (جن ۾ ڄڻ ته ماڻهپي واري ڌپ ئي ڪونهي) انهن کي ته وري امن
پسند صوفين لاء پيٽ ۾ ڇريون آهن۔ تصوف جي طريقت سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو. پر تصوف
جي آفاقي ۽ عالمي خصوصيتن يا قدرن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي۔ صوفي ازم جو اهم نڪته
جيڪو سڀ کان وڌيڪ اپيل ڪندڙ آھي ته ڪجھ به ٿيو، پر پهريان ”انسانيت“ کي اوليت ڏئي
پنهجو ڪيو۔ ان حوالي سان ذوالفقار علي ڪمبوھ جي ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”کليد تصوف“ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏنل آهن، جيڪي اڪثر
عام و خاص جي زبانن تي هوندا آهن۔ ڪتاب ۾ يارنهن مضمون آھن. هر مضمون ڄڻ ته تصوف
جي بنيادي نڪتن کي سمجھڻ لاءِ لکيو اٿائين. جنهن ۾ ۱. تصوف ۽ ان جو مفهوم ۲. صوفي
ازم ۳. تعليمات صوفي ازم ۴. راه نجات ۵. وحدت
الوجود ۶. تلاش حق ۷. روحاني شغل ۸. ڪلمه
يا صوت ڪن فيڪون ۹. گرو، مرشد يا مھدي ۱۰. علم ۽ روحانيت ۱۱.
شريعت ۽ روحانيت وغيره شامل آھن۔ هر مضمون طالب جي سوالن ۽ صوفي جي جوابن تي مشتمل
آهي. ڪتاب ۾ ڪوئي ۱۴۵ اھم
سوالن جا جواب ڏنل آھن. جن سان صوفي ازم کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ڪتاب پهريان
سنڌي ۾ لکيل هيو، پر پوءِ ڪجھ دوستن ۽ احبابن جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪري، صوفي
ازم فائونڊيشن ڪراچي“ طرفان شايع ڪرايائين. ڪتاب ۱۱۱ صفحن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪجھ بنيادي سوالن جي جوابن کي مثال طور پيش ڪجي
ٿو ته جيئن سندس اهميت جو اندازو ٿي سگھي۔
طالب:
اوهان صوفي ازم کي ڪهڙي طرح بيان ڪندئو؟
صوفي:
صوفي ازم چئن ابدي صداقتن تي ٻڌل آهي؛
•خدا، ڪائنات ۽ انسان هڪ آهن.
•محبت، عالمي مذهب آهي.
•فطرت الهامي ڪتاب آهي.
•نفس کي سڃاڻڻ عرفان حق آهي.
طالب:
ڇا تصوف هڪ مذهب آهي؟
صوفي:
تصوف ڪڏهن به مذهب ناهي رهيو. بلڪه عالمي مذهبن جي قوت حيات آھي. جھڙي طرح ڪنهن وڻ
جي ٻج ۾ ايمبريو قوت حيات سان گڏ شامل هوندو آهي ۽ جڏهن ان کي فطرتي ماحول ميسر
ٿيندو آهي ته اهو ٻج سلو ٿي نڪرندو آهي ۽ بعد ۾ شاهي وڻ ٿي هزارين لکين ٻج پيدا
ڪندو آهي. اهڙي طرح تصوف کي عالمي مذهبن جي قوت حيات سمجھيو وڃي. ۽ عالمي مذهبن کي
هڪ وڻ جون پاڙون، شاخون، پن ۽ گل ڦل چيو وڃي ته بهتر آھي.
طالب:
صوفي ڪير هوندو آھي؟
صوفي:
ان کي بيان ڪرڻ مشڪل آھي. ڇو ته صوفي جي تشريح ”صوفي“ ۾ سمايل آھي. ٻين لفظن ۾ اهو
ماڻهو جيڪو سفلي جذبن کي قابو ۾ رکي ٿو ۽ علوي جذبن سان هم آهنگ ٿي مڪمل انسان
بڻجي وڃي ٿو ته دراصل اهو فطرتي حق سان هم آهنگ ٿي ٿو. پوءِ صوفي ۽ حق ۾ ڪو فرق نه
ٿو رهي. بالڪل ائين جيئن پاڻي ڦڙو سمنڊ ۾ هجي۔
جيئن
ته مان اڳواٽ چئي چڪو آهيان ته ”ذوالفقار علي ڪمبوھ عرف صوفي ذلف علي“ هن ڪتاب ۾
ڄڻ ته ساگر کي گھاگھر ۾ پيٽيو آهي۔ ڪتاب ۾ واڌ ويجھ جي وڏي گنجائش آهي۔ جيڪڏهن
فاضل مصنف ڪتاب ۾ تصوف جي موضوعن کي حوالن ۽ مثالن سان سينگاري، گھٽ ۾ گھٽ پنج سؤ
صفحن تي سؤلي سنڌي ۾ آڻيندو ته عام و خاص کي جيڪي مونجھارا يا تشنگي رهي ٿي سا دور
ٿي ويندي۔ اميد آهي ته اڳتي هلي اهميت ۽ افاديت جي لحاظ کان اهو ڪتاب ڪلاسڪ جو
درجو ضرور ماڻيندو.
(۱۱)
سفر
انسان جي وڏي پرک آھي. ان حوالي سان ايسپ جي اھا آکاڻي”friend in
need is a friend indeed“ گھڻن ماڻهن پڙهي
هوندي ته ٻه دوست جھنگ جو پيچرو وٺيون پئي ويا. اوچتو هڪ هيبت ناڪ رڇ سندن سامهون
اچي ويو. هڪڙو ته تڪڙ ۾ وڻ تي چڙهي ويو. ٻيو چاڙهو نه هيو ته مئل ماڻهو جو ڇهند
ڪري ڌرتي تي ليٽي پيو. رڇ کيس سنگھيو ۽ مئل سمجھي ڇڏي ويو. وڻ تي چڙهيل دوست هيٺ
لهي آيو، تنهن پڇيس؛ ”رڇ تو کي ڇا ڇيو؟“
هن
ڪپڙا ڇنڊيندي وراڻيو، ”رڇ سمجھاڻي ڏني ته: اصلي دوست اهو آھي، جيڪو مصيبت ۾ ڪم اچي!“
عربي
مقوله آھي ته
”الرفيق قبل الطريق“
(سفر
تي نڪرڻ کان اڳ، همسفر جو انتخاب ڪيو.)
فارسي
مقوله آھي ته
”دوست آن باشد که گيرد دست دوست،
در پريشان حالي و مانده گري
(دوست اهو
آهي جيڪو پريشاني ۾ دوست جو هٿ پڪڙي) سچ پچ ته هاڻي اهو زمانو اچي ويو آهي جو دوست
مصيبت جي وقت ملان واري همدردي به نه ٿا ڏيکارين۔ مشهور ٽوٽڪو آهي ته ڪو همراه
درياه جي ڪپر تي بيٺو هيو، پير ترڪي ويس ته ڌُو وڃي پاڻي ۾ ڪيائين. ڪپر تي ملان به
بيٺو هيو، تنهن کي رڙ ڪري چيائين، ”ملان! ھٿ ڏي!“ ملان ھث ڏيڻ بجاءِ کڻي بغل ۾
وڌو. همراھ سمجھي ويو، ته ملان اڃا تائين ڏيڻ سکيو ئي ناھي ته هڪدم چيائينس،
”ملان! ھٿ وٺ!“ ملان هڪدم هٿ وٺي ٻاھر ڪڍيس. جيئن ته ذوالفقار علي صوفي آهي. ان
ڪري سنگت سان ليکو چوکو ناهي ڪندو۔ ”هَٿَ دان سان، پيرَ پنڌ سان ۽ ڪَنَ ڪٿا سان
سُونهن“ جو قائل آهي۔ ان ڪري اديب، ادب دوست هجڻ سان گڏ، ادب پرور به رهيو آھي.
وقت وٿي ڏيندس ته سنگت جيڏانهن ڇڪيس، عذر يا انڪار نه۔ مثلن ملير جي ڊملوٽي کوهن
کان وٺي موکيءَ جي ماڳ تائين يا ڪراچي لٽريچر فيسٽوئل جي پروگرامن کان وٺي ڀنڀور
جي مطالعاتي دوري تائين، سيوهاڻي سرڪار جي سلامي ڏيڻ کان وٺي، ٽنڊو باگو گھمائڻ
تائين پنهنجي ڪار ڪڍي هليو. پر اھو سفر اڻ وسرندڙ آهي جنهن ۾ ڪيٽي بندر کي ڏسڻ ۽
سمجھڻ جو موقعو مليو. سندس صحافي دوست ”علي رضا وڻجارو“ جيڪو ڪيٽي بندر جي زندھ
تاريخ آھي. تنهن جي ڏنل معلومات اکيون کولي ڇڏيون ته جيڪو سنڌو درياه سمونڊ اندر
لٽ اڇلي ملڪ جي سرحدون وڌائي رهيو آهي۔ تنهن وهندڙ درياه کي بند ڪرڻ جي واويلا ٿي
رهي آهي۔ ياد رهي ته اهو بين الاقوامي قانون آهي ته سمونڊ اندر جيتري درياهي لٽ
موجود هوندي ,اوتري ان ملڪ جي سرحد تسليم ڪئي ويندي آهي۔ ان لحاظ کان پؤڻا ٻه لک
چورس ڪلوميٽر درياهي لٽ سمونڊ اندر موجود آهي۔ جيڪا سنڌ صوبي جي ٽوٽل ايراضي (۱۴۰۹۱۴
چورس ڪلوميٽر) کان به سوائي آهي۔
اهڙي
طرح ذوالفقار علي ڪمبوه سان گڏ بدين ياترا به يادگار رهي۔ جتي لاڙ ميوزم ۽ مولوي
حاجي احمد ملاح لائبريري جو درشن ڪرايائين. اھو لاڙ ميوزم جنهن کي ٺاهڻ لاءِ
جاکوڙي محقق محمد سومار شيخ پنهنجو رت ست ڏنو هو. انهيءَ جدوجھد ۾ ساڻس ڪيترن ٻين
اديبن، ادب دوستن جي پگھر جو پورهيو به شامل آهي. ميوزم ۾ گھڙياسين ته محترم شفيق
حيدري جيڪو صوفي ذلف علي جي دوستيءَ جو دم ڀريندڙ ۽ لاڙ ميوزم ۽ لائبريري جو
انچارج ٿي رهيو هيو، تنهن وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان ائين آڌرڀاءُ ڪيو, ڄڻ ته مولوي
حاجي احمد ملاح جو اهو سراپا شعر هجي، ته:
مرحبا محبوب منهنجا تو مٿان سر گھوريان،
گس گھٽيون ڇانيان گلن سان، گنج گوهر گھوريان.
ميوزم
جو گائيڊ نماڻو نوجوان محمد علي ملاح به مون جھڙي اڻڄاڻ کي ٻڌائڻ لاءِ آتو بيٺو
هيو. تنهن به پنهنجي وت ۽ وس آهر چڱڙي معلومات ڏني. پر مون کي ميوزم الائي ڇو کٽل
کٽل پئي لڳو. منجھس سڌاري ۽ واڌري جي گھڻي گنجائش نظر پئي آئي. ڇو جو لاڙ سنڌ جي
ٻن تاريخي دؤرن خاص ڪري سومرا ۽ سما دؤر جي ثقافت ۽ تهذيب جو تاريخي مرڪز رهيو
آهي. وري جڏهن مولوي حاجي احمد ملاح لائبريري ۾ گھڙياسين ته ڪتابن جي اڻاٺ محسوس
ٿي. لاڙ واري سنگت اها هام هڻندي آهي، ته حاجي احمد ملاح، شيخ اياز کان وڏو شاعر
آهي، جنهن کي سنڌي ادب جي وچولي ۽ اتراڌي نقادن نظر انداز ڪيو آهي. خير اهو ته
علمي بحث آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ادب جا نقاد يا شاعر ئي ڪري سگھن ٿا... پر اها
حقيقت آهي، ته مولوي احمد ملاح سنڌي شاعري جي حوالي سان پنهنجي منفرد حيثيت ضرور
رکي ٿو. جنهن ڳالھ جو افسوس پئي ٿيو، ته سڄي لائبريري ۾ صرف ٻه پڙهندڙ نوجوان ڪن
ڪڍيون ويٺا هيا. جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي پيو، هڪ ته انتظاميه جي بي ڌياني ۽
ٻيو ته اتان جي ماڻهن جي عدم دلچسپي ۽ لاغرضي. ان ڪري ثقافت کاتي کي نماڻو عرض ته
لاڙ وارن کي لاڙ جو ڍڳو سمجھي نظر انداز نه ڪن. ڪجھ نظر ڪرم ڪن ته جيئن هيءَ
لائبريري به سنڌ جي ٻين لائبررين جيان سهولتن سان آراسته ٿئي. ڪجھ علم پرورن کي به
گذارش آهي، ته ڪتابن جي حوالي سان لائبريري جي سهائتا ڪن. لاڙ جي سرنديءَ وارن کي
به وينتي ته پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي سار سنڀار لهن ۽ مولوي احمد ملاح جي ان شعر
کي گھرائي ۽ گيرائي سان سمجھي ورنائين:
تون وسارين، مر وسارين،
آئون وساريان، ڪنهن طرح؟
تون نه سارين، ور نه سارين،
آئون نه ساريان، ڪنهن طرح؟
ميوزم
۽ لائبرئري ڏسڻ کان پوء شفيق حيدري جي اوطاق تي مانجھاندو ٿيو. شفيق حيدري جو
فرزند منهنجي پٽ بالاچ حسين جي هم نام هيو. خوش شڪل ۽ آواز هجڻ ڪري هن پنهنجي مٺڙي
آواز ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ ڪلام پئي ٻڌايا. انهيءَ دوران مون شفيق حيدري جي مک تي سجايل
سونهاري ۾ ان شفيق خواجه کي پئي ڳولهيو، جيڪو پڻ بدين جو رهائشي هيو۔
۱۹۷۸ع ۾ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان کان هڪ سال هيٺتي هيو. پر
ماڻهو ماڻهن جھڙا۔ پڪ سان ڪيئن چوان ته ساڳيو آهي!۔۔۔خواجه ته بي ريش هيو, هي ته
با ريش مولائي آهي۔ هو سنهڙو سمارٽ ۽ چنچل هيو, هي ڪجھ ڳؤرو ۽ سنجيده پئي لڳو ۔
شفيق خواجه جنهن جو جنم ڏينهن ڊپارٽمينٽ جي هر ڇوڪري کي ياد هوندو هيو, حيدرآباد
جي بارونق چائنيز هوٽل ۾ وڏي چاه سان سندس سالگرھ جو اهتمام ڪنديون هيون ۽ اسان کي
زير بار ڪنديون هيون ته کيس سٺن تحفن سان نوازيون۔ ان تي منهنجو ڪلاس مئٽ جان محمد
۽ سندس ڀاء صاحب خان رند احتجاج ڪندي چوندا هيا ته: ”يار، اسان جو جنم ڏينهن ته
ڪنهن کي ياد ئي ڪونهي. اسان ته جھڙوڪر ڄميا ئي ناهيون.“
وراڻيندو
هيومان؛ ”چوندا آهن ته سونهن سڪي ڀاڳ کائي۔ پر شفيق خواجه هڪ ته سهڻو من مهڻو ۽
ٻيو ته سريلو آهي، ان جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس، جڏهن ته اسان ۾ اهي ٻئي خوبيون ڪونهن!“
شفيق
خواجه محفل کي گانا ٻڌائي جھومائي ڇڏيندو هيو، خاص ڪري ۱۹۶۷ع جي هندوستاني فلم ”همراز“ جو اهو گانو جنهن جي خوبصورت تشبيهن سان مزين
شاعري ساحر لڌيانوي جي ٿيل، موسيقار ۽ گلوڪار مهندر ڪپور هيو۔ ان سدا بهار گيت کي
اڄ تائين ڪيترن ئي ڳائڻن ۽ ڳائڻين ڳايو آهي۔ پر ٻڌندڙن جو اڃا ڪن رس نه گھٽيو آهي۔
جڏهن
گلشن حديد واپسي ٿي ته ٽي ڏينهن شش پنج ۾ رهيس۔ نيٺ هرکر مارڻ لاء ذوالفقار علي
ڪمبوه کان شفيق حيدري جو فون نمبر وٺي ڳالهايم ته: ”خدا نه ڀلائي، توهان شفيق
خواجه ته ناهيو؟
چوڻ
لڳو ”ها سائين، آ به نه ڀلجان ته اوهين سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جا اهي منظور نظر
هونهار آهيو جنهن جو نالو استاد ۽ شاگرد ادب ۽ احترام سان وٺندا هيا۔“
بس پوء
ته يادون اٿلي پيون۔ ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون ڇٽل ڦٽ ڇڙي پيا۔ اهو گانو ڪنن ۾ گونجڻ
لڳو:
هے
نيلے گگن کے تلے
دھرتی
کا پیار پلے
ایسے
هی جگ میں
آتی
هیں صبحیں
ایسے
هی شام ڈھلے۔۔۔
شبنم
کے موتی
پھولوں
پے بکھرے
دونوں
کی آس پلے۔۔۔
بل
کھاتیں بیلیں
مستی
میں کھیلیں
پیڑوں
سے مل کے گلے۔۔۔
ندیا
کا پانی
دریا
سے مل کے
ساگر
کی اور چلے
(۱۲)
ذوالفقار
علي ڪمبوه کي بحيثيت سول جج ۲۰۱۸ع جون ۾
گرمين جي موڪل ملي ته پڇيائين: شھر کان ٻاهر ڪهڙي پاسي چڪر ڏجي؟”
وراڻيم,
”ٿر ۽ پارڪر کي ڏٺي ڏينهن ٿيا آهن اوڏانهن هلجي.“
کلي
چيائين؛ ”لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي. ٿر گھمبو آ، وسڪاري ۾. وسي ته ٿر، نه ته بَرُ!“
وراڻيم،
ته: ”بر به گھمي ڏسجي ته خبر پئي ته ٿر ۽ بر ۾ ڪهڙو فرق آهي. ٻيو نه سهي پارڪر جي
ڪارونجهرو جبل جو درشن ته نصيب ٿيندو۔“
چيائين: ”اهو به مشهور
آهي ته:
پارڪر
جا پھاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ،
رڳو
آهي بـُـک ۽ اُگهاڙ،
رڻ ۽
رائو، لنگهڻ ۽ لاهو،
مال بہ
رکن ماهو،
تہ بہ
ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي۔“
بهرحال
منهنجي انگل جو مان رکندي ٻي ڏينهن تي هلڻ جو پروگرام ٺاهيائين۔ پر ان پروگرام ۾
هڪ ٽيون همراه به شامل ٿيو۔ اهو هيو ڪمبوه صاحب جو هندڪو ڳالهائيندڙ دوست صداقت
تنولي۔ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ماڻهو مڻيادار پئي لڳو۔ هندڪو ٻولي به سنڌي ٻولي جي
ڀينرن ۾ شمار ٿئي ٿي۔ ٻنهي ٻولين ۾ قريبي رشتن جي حوالي سان به نالا ساڳيا آهن۔
مثلن: پيو: پيء، پت: پٽ، مان: ماء، ڌي: ڌيء، ماما: مامو، مامي: مامي، ماسي: ماسي،
ماسر: ماسڙ وغيره۔ ھندڪو لوڪ گيتن ۾ ماهيا جي صنف مشهور آهي۔ ۱۹۷۷ع سنڌ يونيورسٽي جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ، مون کان هڪ سال سينئر
ڇوڪري ”انجم“ جنهن جي ناني هندڪو ڳالهائيندڙ هئي، موڊ ۾ هوندي هئي ته سر سان ماهيا
ٻڌائيندي هئي۔ عمومن ماهيي جي پهرين سٽ ۾ منظر نگاري ۽ باقي ٻن ۾ ڪردار نگاري
سمايل هوندي آهي۔ مثلن:
تاري
ٽم ٽم ڪردي ني
جهڙي پيار
ڪرن
او مر
ڪي وي جيندي ني۔۔!
ان
حوالي سان صداقت تنولي سان ڪچهري ٿيندي پئي هلي۔ ڪمبوه صاحب مزي مزي ۽ خبرداري سان
ڊرائيونگ پئي ڪئي۔ گلشن حديد ڪراچي کان صبوح جو سوير ڪار تي نڪتل ڪچڙي منجھند
دؤران ننگر پارڪر پهتاسي۔ اتي اڳواٽ ئي ذوالفقار علي ڪمبوه جي هڪ دوست ذات جو دل
هيو، جي بنگلي تي رهڻ جو انتظام ٿيل هيو۔ جنهن مان سندس رهائي رسائي جو اندازو
ٿيو۔ اتي سامان رکي پيٽ پوڄا ڪري ساڙڌڙو ڌام ۽ مرگھ ڪنڊ ڏسڻ لاء نڪري پياسي۔
ساڙڌڙو ڌام، ڪارونجھر جبل جو هڪ مشهور تاريخي ۽ ڌرمي اسٿان آهي، جتي هڪ مقدس
پاڻيءَ جو ڪُن مرگھ ڪنڊ ۽ شِوَ جو مندر پڻ موجود آهي۔ اهي ماڳ ننگرپارڪر شهر کان
اولهه طرف ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي جبل اندر واقع آهن. هن ماڳن سان ڪي ئي ڏند ڪٿائون
۽ روايتون ملن ٿيون۔ مرگھ ڪنڊ هڪ هرڻ ۽ هرڻيءَ جي محبت جو افسانوي قصو آهي، جنهن
موجب هرڻ جو ڪُن ۾ ڪرڻ ۽ هرڻيءَ جو وڻ سان ٽڪرجي جان ڏيڻ جو دکدائڪ انجام آهي. پر
سڀ کان وڌيڪ رشي پاراسر جي جنسي ڏند ڪٿا آهي جنهن ڏه هزار سال ڪارونجهر ۾ تپسيا
ڪري جڏهن گھر موٽ ڪئي ته ٻيڙي تي ندي پار ڪندي ککي هاڻي چنچل مهاڻي ”مڇندرا” تي
موهت ٿي پيو۔ پوء ٽڪساٽ ڪندي پنهنجي اڻ-جھل ڪام واسنا پوري ڪيائين۔ پريڻام اهو
نڪتو ته سندس سڄي تپسيا ڀنگ ٿي وئي۔ هن ڏند ڪٿا جو ارٿ اهو نڪري ٿو ٿه جنسي جذبو
تپسيا کان وڌيڪ شڪتيوان آهي۔ اهڙي قسم جا ڪي ئي قصا سناتن ڌرم جي ڪتابن خاص ڪري
پراڻن ۾ شامل آهن۔ تڏهن ته سعادت حسن منٽو پنهنجي ڪتاب ”لذت سنگ“ ۾ لکيو آهي ته:
مرد جي نظر کي جيڪڏهن عورت جي ديدار کان بکيو رکيو وڃي ته هو پنهنجن هم جنسن ۽
حيوانن ۾ ان جي عڪس ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔“ ان حوالي سان منهنجي به هڪ ڪهاڻي ”ٽيون
سبب” آهي۔
خير،
شو مندر جي شيواڌاري سان گڏ ساڙڌڙو ڌام جا اوسا پاسا گهمياسي۔ واريء جا واچوڙا به
ڏٺاسي۔ پوء ڪاسبي ڏسڻ لاء موٽ ڪئي۔ ان وسندي لاء مشهور آهي ته جنهن ڪاسبو نه ڏٺو
تنهن پارڪر نه ڏٺو۔ ننگرپارڪر کان يارنهن ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ۾ واقع آهي۔ توڙي
جو هرڏسا سڃ لڳي پئي هئي۔ پر ڪاسبي ۾ وسنئن لڳي پئي هئي۔ پر آسپاس کان وڌيڪ راما
پير جي مندر جي پاسي ۾ وسنئن هئي۔ سڄي ڳوٺ جا ٻار ٻڍا جوان تڏن تي مچيون ڪيون ويٺا
هيا۔ مڌر آوازن ۾ جهانجهن، باجي ۽ ڍولڪي سان ڀڄن ڀاء هلي رهيو هيو۔ اسان کي ڏسي
سڀني اٿي آدرڀاء ڪيو۔ هندو مسلم سڀ رليا مليا ويٺا هيا۔ وڻن تي مورن جي ٽهوڪن سان
گڏ ڀڳت ڪبير ۽ ڀٽائي ڳائجي رهيو هيو۔ انهي دؤران راما پير جي شيوا ڌاري گيان چند
ميگھواڙ پريم پياليون چانھ سان ڀري اچي آڏو رکيون۔ اسان جون سرڪيون ۽ واه واه
سريلن فقيرن ۽ ڀڳتن کي خراج تحسين ڏيڻ لڳيون۔
آلاپن
۽ تانن مان ڀٽائي جي بيتن مان عشق جي اپٽار پئي ٿي:
”ڪنول پاڙون
پاتل ۾ ڀنور ڀري آڪاس
ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا۔“
ڪبير
جي دوهن مان وري عشق جي اڏام جي خبر پي پئي:
”اٺا بگولا عشق کا، تنڪا اڙا اڪاس،
تنڪا تنڪي سي ملا، تن ڪا تن ڪي پاس.“
اهو
هيو سنڌ جو ڪاسبو
هيڪڙائي
هيڪ جو درس ڏيندڙ ڪاسبو !!
دل ڌتاريندڙڪاسبو!!
منٺار
ڪاسبو۔۔۔۔!
اڻ
وسرندڙ ڪاسبو۔
(۱۳)
ڪاسبي
جي سمانن ساڌڪن جي ڪچهريءَ مان حظ حاصل ڪري، شام ڌارا محد هاشم دل جي بنگلي تي موٽ
ڪئيسي۔ بنگلي ڌڻي پاڻ ته موجود نه هيو۔ ٿر کان ٻاهر ويل هيو۔ البته بنگلي جي چاڪر
چوڪرن کي پارت ڪيل هيس ته مهمانن جو خوب خيال رکن۔ بنگلي جي رکپال (مئنيجر) رات جي
ماني بابت پڇيو۔ ساڳيو سوال ڪمبوه صاحب اسان آڏو رکيو۔ مون چيو؛ ”گوشت مرغي ته
هرگز نه کائبي۔ ٿر جي ڪا تازي ڀاڄي هجي ته بهترآ۔۔“ رکپال وراڻيو؛ ”سائين، تازي
ڀاڄي ۾ سڱريون ئي ٿي سگهن ٿيون۔ بنگلي جي آڳڙ تي ڪنڊين ۾ جام بيٺيون آهن۔ “
مون کي
هڪدم شيخ اياز جو اهو گيت ياد اچي ويو جنهن تي اسان جھمريون هڻندا آهيون:
ڪنڊيءَ
نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سَائو
نه سَلڙو،
ڇانگون
نه ڇيلڙا!
مارو
اڪيلڙا!
حقيقت
اها آهي ته اهو گيت ملڪ ۾ ڏڪر جي صورت حال بابت آهي، پر اسان نچندا ڇو آهيون اها
ڳاله سمجھ کان ٻاهر آهي۔۔؟ شايد ته ڌن طربيه ۽ مستي ڏياريندڙ آهي۔ موسيقي جا ماهر
چون ٿا ته جڏهن سر تال دل جي ڌڙڪڻ سان ميل جول کائي ته ماڻهو ازخود نچڻ لڳي ٿو۔
قصور ڌن جو آهي يا اسان ذهني طور فاقه مست آهيون۔۔؟ ڪو راڳ ويراڳ جو ڄاڻو يا
ساڃاهوند سمجھائي ته بهتر آهي۔
بهرحال
مان ساڻس ڪنڊين ۾ سڱرين ڏسڻ لاء ٻاهر نڪري ڏٺو ته ٻن ٽن ڪنڊين جي وڻن ۾ سايون
سڱريون جھومي رهيون هيون۔ پر هي ڪنڊيون اتر سنڌ جي ڪنڊين کان الڳ پئي لڳيون۔ ڪنهن
زماني ۾ قنبر تعلقي ۾ وڏي ڪنڊ هئي۔ ان ڪري قنبر واري علائقي کي قنبر ڪنڊي به چيو
ويندو هيو۔ پر انهن جون سڱريون ننڍيون ۽ سنهيون هونديون هيون۔ پر هاڻي ته اهي
ڪنڊيون به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿيون اچن۔ ملڪ ئي ميدان ٿي ويو آ۔
رات جو
بنگلي ۾ وشرام ڪرڻ کانپوء وهنجي سهنجي صبوح صادق جو ناشتو ڪري ڀوڏيسر ڏانهن نڪرڻ
جي ڪئي سي۔ ڀوڏيسر,ننگر پارڪرکان ڪوئي ڇھ ست ڪلوميٽر پرتي اتر اولھ ۾ واقع آهي۔
جتي لڳولڳ ٽي تاريخي ماڳ آهن۔ هلڻ کان اڳ ڪمبوه صاحب پڇيو، ته: ”ڪوهيار سائين گاڏي
هلائيندا آهيو؟“ مون اهو سوچي کانئس اسٽيرنگ ورتو ته ”سائين, گلشن حديد کان ننگر
پارڪر تائين گاڏي هلائي آهي، ڇو نه کيس ساهي ڏجي!“ مان ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي
ايڪسيليٽر تي زور ڏنو۔ گاڏي فرڙاٽ ڪندي ننگر پارڪر کان ڀوڏيسر طرف هلڻ لڳي. ڀوڏيسر
تلاء ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تان گذرندي.اوچتو هڪ سوڙهو لنگھ سامهون اچي ويو، جنهن
جي ٻنهي پاسن کان ٿوڻيون لڳل هيون. پاڻ کي ته اهڙين سوڙهين جاين مان گذرڻ جو تجربو
هيو. بس ته پوءِ اتان ائين گاڏي گذاريم جيئن سئي جي پاکڙي مان اُٺ لنگهي وڃي،
البته ”ڊڙام!“ جو آواز ضرور آيو. سائين ذوالفقار علي ڪمبوه سواليه نگاهن سان ڏٺو،
ته مون کيس چيو؛ ”سائين ڳوٺ ڏانهن جيپ تي ويندي به ائين اجايا ٺڪاء ٿيندا
آهن۔۔" شريف ماڻهو ڪجھ نه ڪڇيو. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته پوئين سيٽ تي ويٺل
صداقت تنولي جي تاثرات مان لڳو، ڄڻ چوندو هجي، ته ”گاڏي هلائڻ نه ٿي اچئي ته
هلائين ڇو ٿو!“
پهريان
ڀوڏي سوڍي جو ۱۳۷۵ع ڌاري جڙيل تلاءُ جو درشن ورتو
سي۔ چيو ٿو وڃي ته جتي ڇڙڪ بدن، چهبڪ چيلھ، آهو چشم اوسواڙيون پنهنجا سرمي ڀريل
نيڻ ڌوئينديون هيون ته تلاء به سرمائي ٿي ويندو هيو۔ هوٿل پري ۽ اڍي ڪيهر جي عشق
جو ساکي به اهو تلاء آهي۔اسان تصوراتي اک سان تلاء ۾ اوسواڙين ۽ هوٿل پري جا
”ارسونگا، نهه سپيان، ڏند ته ٻٽيهه ڄاڻ“ ڏسندي، گڏوگڏ ”لا حول ولا قوۃ إلا باللہ“ پڙهندي ڀرسان سفيد سنگ
مرمر جي ٺهيل ننڍڙي خوبصورت مسجد ۾ گھري ايمان جي سلامتي برقرار رکي سي۔ اها مسجد
شريف گجرات جي حاڪم سلطان محمود شاهه بيگڙي بن مظفر ۱۵۰۵ع ۾ ٺهرائي هئي. محمود شاهه بيگڙي جي حق ۾ دل سان دعا گھري سي ته: ”الله
سائين کيس جنت نصيب ڪري,شال حورن جي هنج ۽ غلمانن جي گھيري ۾ هجي... !“
تنھن
کانپوء جين ڌرم جي ڏهرن (مندرن) ڏانهن وڌياسي. اهو جين ڌرم جنهن ڌرتي جي هر جيء کي
جيئدان ڏيڻ يعني صلح ڪل جو بين الاقوامي نظريو ڏنو۔ جنهن جو پهريون تيرٿنڪر
(روحاني مهندار) ”رشڀ ناٿ“ لاء چيل آهي ته پهريان هن ڪامل پرٿوي تي انسانن کي
زندگي گذارڻ جو صحيح طريقو ٻڌايو ۔ هي اهو مها پرش هيو جنهن پهريان ماڻهن کي
زراعت,تجارت ۽ ڪپڙي اڻڻ جو ڏانء ڏنو۔ لکڻ پڙهڻ ۽ رياضي جو علم سيکاريو۔ رشڀ ناٿ جو
ذڪر ويدن ۽ پراڻن ۾ به ڏنل آهي۔ ذڪر اذڪار شروع ڪبو ته وڏي ڊيگھ ٿي ويندي۔ سندس
علامتي نشان ڍڳو آهي(جنهن کان سنڌي ادبي بورڊ وارا ڏورڻي آهن) ان ڪري ڪافي محققن
جو چوڻ آهي ته جين ڌرم, سنڌو مت جي ئي هڪ شاخ آهي۔ جين ڌرم جا چوويھ تيرٿنڪر
(روحاني سرواڻ) ٿيا آهن۔ آخري تيرٿنڪر مهاوير هيو۔ اهڙي قسم جون ڪتابي ڳالهيون
ڪندي ”پوڻي“ جي ڏهري يا مندر واري ماڳ تي رسياسين۔ اهو ڏهرو جنهن لاء چيو ٿو وڃي
ته جين ڌرم جي هڪ سڳڻي مائي سٽ جون پوڻيون ڪتي ان جي اپت مان وڏي شرڌا سان ٺهرايو
هيو۔ جنهن جي اڏاوت ٻين ڏهرن کان بالڪل منفرد ۽ ممتاز آهي۔ اتفاق اهڙو ٿيو جو اتي
سول انجنيئر موهن لال سان ملاقات ٿي وئي. منهنجي ته وهم گمان ۾ به نه هيو ته ۱۹۸۷ يا ۱۹۸۸ ۾ موهن جي دڙي تي ملاقات ٿيندڙ
نوجوان سول انجنير موهن لال سان ان عمر ۾ ملاقات ٿيندي، جڏهن ڏند کائي چپن سان لڳو
هوندو۔ پنهنجي هر جمعي يا موڪل واري ڏينهن تي موهن جي دڙي تي ساڻس ڪچهري لڳندي
هئي. موضوع هوندو هيو، موهن جو دڙي جي آثارن کي ڪيئن بچائجي؟.. پنهنجي علم ۽ عقل
آهر صلاح سباب ڏيندو هيومانس۔ هاڻي وري پنهنجي ملاقات ”پوڻي ڏهري“ ۾ اندازن ٽيهن
سالن کانپوءِ ٿي۔ جتي ”انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ“ جي
تعاون سان جين ڌرم جي ڏهرن جي بحالي لاء ڪم ڪري رهيو هيو.
”پوڻي ڏهري“
تي ملڻ سمئه موهن لال جي سراپانگاري ڪجي ته ڪجھ هن ريت هئي ته مٿي تي موڱي هيٽ،
پٽاپٽي نيري شرٽ، ۽ اڇو چڍو، ڏاڙهي وڌيل، پيرن ۾ چپل، افعال ساڳيا, پر اعمال به
ساڳيا. اهو ئي جوش جذبو، جيڪو موهن جي دڙي تي ڪم ڪندي ڏٺو هيومانس۔ جھلڻ جي باوجود
به زوري چانھ پاڻي جي خاطر تواضع ڪيائين۔ تنهن کان پوء جين ڏهرن جي ڪامپليڪس گھمڻ
لاء قصد ڪندي موهن لال کي اهو چئي اجازت ورتي سي ته: ”حيات باقي,ته يار اوطاقي۔“ ضرور
ٿيندا۔
پري
کان ڏهرن جون چار پنج قبيون نظر پئي آيون۔ ڳپل کن پنڌ جو هيو۔ ڪار هلائڻ کان اڳ
مونکي احساس ٿيو ته جي ائين اڳتي ٻيا سوڙها لنگھ آيا، ته ڪار جا ڪم لهي ويندا۔ سو
مون ڪمبوه صاحب کي چاٻي ڏيندي گذارش ڪئي ته ”سائين! بهتر آ ته ڪار پاڻ هلايو!“
اهو
ٻڌي صداقت تنولي چيو، ” مين چلاليسان!“
سائين
کڻي چاٻي هٿ ۾ ڏنس ته ڀلي هي به هرکر ماري . صداقت کڻي کاٻي پاسي وارو ڪچو رستو
ورتو. جيتوڻيڪ ساڄي پاسي کان سڌو رستو هيو. گاڏي ائين پئي هلايائين ڄڻ ڪراچي جي
روڊن تي موٽر سائيڪل هلائيندو هجي. رستو ڏهرن جي ڪامپليڪس کان وڃي پرتي ٿيندو.
واريءَ جو کوڙا وڃن وڌندا. چئن فرلانگن کانپوءِ ڪار اهڙي ڦاٿي، جو نه اڳتي ڇري, نه
پٺتي. مونکي دل ۾ آيو، ته هندڪو جي هڪ پهاڪي ”ذات دي ڪرڪولي، تي ٿما نال ايڙڪي“ (ذات
جي ڪرڙي ۽ ٿنڀن کي ڀاڪر) ۾ ڪجھ ترميم ڪري ٻڌايانس، ته ”ذات دا تنولي، تي ريتان نال
ايڙڪي“. پر سوچيم دل ۾ نه ڪري۔۔.پوء لهي ڪري ڪار کي گھڻا ڌڪا ڌوما ڏناسي۔ پر ڪار
چوي، ته: چرانوَ ڇو ٿي؟.... نيٺ ڪمبوه صاحب گاڏي جو جائزو وٺندي اهو نتيجو ڪڍيو،
ته: ”ڪار جو چيسس واريءَ ۾ ڦاٿل آهي. جيستائين اتان واري نه نڪرندي ، ڪار نه
چرندي!“ اهو ٻڌي تڪڙي وک سان ”پوڻي“ ڏهري ڏانهن وريم۔ موهن لال کي چئي ڪري هڪ
مزدور گرڌاري لال ساڻ ڪري موٽيم. ان ويچاري اڌ ڪلاڪ بيلچو هلايو، چيسس واري کان
آزاد ٿيو، ته ڪار هلي پئي۔
صداقت
تنولي چيو، ته: ”پٺتي موٽئون!“ مان اڻموٽ ٿي وراڻيو؛ ”پٺتي نه موٽبو, جين ڏهرن جو
ڪامپليڪس ضرور ڏسبو!“ اڳيان گرڌاري لال کي سونهون ڪري ويهاريوسي، ڪمبوه صاحب
احتياط سان پاڻ گاڏي هلائي. اتي پهچي چار پنج ڦٽل ڏهرن ڏسڻ سان گڏ هر هڪ پنهنجي
تصور جي اک سان امن آشتي سان رهندڙ جيني نر نارين ٻڍن ٻارن کي پوڄا پاٺ ڪندي
گھمندي ڦرندي ڏٺو۔ پوءِ انومان ڪڍندي تبصرا به ڪيائون۔ مان صداقت تنولي کان پڇيو؛ ”ڪيوين
مزا آيا؟"
وراڻيائين؛
”رل تي گئين آ، پر چس بڙي آئي هئي!“
جڏهن
ڦٽل ڏهرن کي الوداعي نظرن سان ڏسندي ٻاهر نڪتاسين ته ان ويل مون کي از خود ڀٽائي
جو اهو جيء جھوريندڙ بيت ياد اچي ويو:
جھِڄان پسيو جھوڪ، آيل! سنگھارن جي،
جن ٿي پَهِي پِياريا، منجھان مٽن موڪ،
لڏي وچان لوڪ، اٺي وئڙا اڪري.
(۱۴)
ڀوڏيسر
کان ڀالوا جو مفاصلو لڳ ڀڳ ۳۰ کان ۳۲ ڪلوميٽر آهي۔ ڪمبوه صاحب مني ڪلاڪ اندر ”ڀالوا“ جي ان ماڳ تي پهچايو۔ جتان
مارئي کي کنڀيو ويو هيو۔ ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف شاعرن جي سرتاج شاه عبداللطيف ڀٽائي،
مارئي کي پنهنجي شاعري ۾ مزاحمت جي حوالي سان عورتازاد اڳواڻ ڪري پيش ڪيو آهي۔
جنهن ۾ مارئي پنهنجي باڪردار هجڻ جو معيار ڏنو آهي۔
ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مـَـٽــائــن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪـُـريت،
پـَـکـن جي پريت، ماڙين مـُـور نه مـَــٽـيـان.
نه صرف
ايترو پر وطن پرستي جي حوالي سان به بين الاقومي معيار مقرر ڪيو اٿئين۔
سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
ڀٽائي
پنهنجن ڪيترن ئي بيتن ۾ مارئي کي وطن ۽ مارن سان محبت جو اڻ ميو اظهار ڪندي
ڏيکاريو آهي۔ پر پنهنجي وطن جي مٽي ۾ دفن ٿيڻ جي وصيت کي پيش ڪري ڄڻ ته ڌرتي سان
غير معمولي اڪنڍ ۽ اڪير بيان ڪئي آهي۔
”واجھائي وطن
کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.“
ايڪويهين
صدي ۾ اهڙي قسم جي وصيت جو هڪ وڏو مثال ڏکڻ آفريقه جي عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو
پڻ آهي۔ جنهن جي وصيت هئي ته تدفين سندس ننڍي ڳوٺ ”قونو“(Qunu) ۾ ٿي۔ جتي سندس ننڍپڻ گذريو آهي۔ وصيت مطابق سندس تدفين ان غير
معروف ڳوٺ ۾ ٿي۔ اهو به جھڙوڪر ٿر جو ڀالوا آهي۔
شاه
سائين، سر مارئي ۾ هڪ باڪردار سنڌي عورت جو معيار مقرر ڪري سنڌي سماج کي جاڳرتا
وارو سنيهو ڏنو آهي ته سنڌ واسي پنهنجين عورتن جي عزت ڪن ۽ عمر سومري واري ڏاڍ ۽
جبر وارو انداز اختيار نه ڪن۔ پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته عمر سومري وري به مارئي
کي عزت ڏئي ويڙهيچن ۾ واپس ڪيو هيو پر اسان ته پنهنجن اخلاقي قدرن جا ليڪا لنگهي
ويا آهيون۔ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم کان وٺي، عورتن سان ٻيون اره زورايون ۽ بد
اخلاقيون روز جو معمول آهن۔
تڏهن
ته اسان جي هڪ مانائتي شاعر پنهنجي بيوسي جو ڄڻ ته برملا اظهار ڪندي چيو ته:
جاڳ ڀٽائي گھوٽ، توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري،
ماندي آهي مارئي، قابو آھي ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
ان جو
مطلب ته پوء اهو ٿيو ته اسان جو جاڳڻ مشڪل آ، جو وري به ڀٽائي کي چئون ٿا ته تون
اک پٽ ته ڪو ڪلياڻ ٿئي۔۔!
ڀالوا
کان مٺي شهر تائين سوا ڪلاڪ لڳو، صداقت تنولي ننڊ ڪندو هليو۔ جاڳڻ يا جاڳرتا جي
حوالي سان ذوالفقار علي ڪمبوه سان منهنجي ڪچهري هلندي رهي۔ ڀڳت ڪبير جي دوهن ۽
ڀٽائي جي بيتن کي ورجائيندي جاڳرتا جي مفهوم کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سي۔
سُکھیا سب سنسار ہے، کھاوے اور سووے۔
دُکھیا داس کبیر ہے، جاگے اور رووے۔
اهڙي
طرح ڀٽائي جي ان شعر کي به
زير
بحث آندوسي ته جيئن جاڳڻ يا جاڳرتا جو مطلب ۽ مفهوم چڱي ريت سمجھي سگھجي :
ستــا اٿـي جاڳ، ننـڊ نه ڪجي ايتــري،
سلطاني سھـاڳ، ننڊون ڪنـدي نه ملــي.
آخر ۾
اختمام مھاتما ٻڌ جي ان معني خيز حڪايت تي ٿيو:
ٻڌ کان
ڪنهن سوال ڪيو,” تون ديوتا آهين؟“
”نه!“
”ته پوء ڪوئي ديودوت (فرشتو)؟“
”نه!“
"ڪوئي رشي (درويش)؟“
”نه!“
"پوء تون ڇا آهين؟“
ٻڌ
جواب ڏنو؛ ”مان جاڳي پيو آهيان!“
ڪاش!
اسان به ائين جاڳي پئون.
(۱۵)
”ڀالوا“
کان ”مٺيءَ“ جو مفاصلو اندازن ۹۳
ڪلوميٽرن جو آھي. ذوالفقار علي ڪمبوھ ڪار کي ڇڪي رکيو. مني ڪلاڪ اندر ”گڊي ڀٽ“
گھمڻ سان گڏ اسان جو ”مٺي“ نالي تي به تبصرو پئي هليو. حقيقت ۾ ته اڳي سنڌي سليمي
نالا ڄڻ ته اسان جي ثقافت جا اهڃاڻ هيا. مثلن عورتن جا نالا ”مٺان“، ”مٺڻ“، ”مٺي“،
مردن جا نالا به ائين رکيل هوندا هيا، مثلن، ”مٺو“، مٺل“، ايستائين جو ”نالي مٺو“
به نانءُ رکيو ويندو هيو. انهن نالن جي ابتڙ مردن جو ”ڪؤڙو“ يا عورتن جو ”ڪؤڙي“ به
هوندو هيو. ان حوالي سان هڪ معني خيز پهاڪو به ٻڌوسين ته؛ ”مٺو ايترو به نه ٿجي،
جو ڪو ڳهي ڇڏي، ڪؤڙو ايترو به نه ٿجي جو ڪو ٿوڪاري ڇڏي!“
”گڊي
ڀٽ“ تي شري ڪانت نالي همراھ اسان جو انتظار ڪري رهيو. هو ريڊر جي حيثيت سان ڪمبوھ
صاحب جو زيردست ٿي رهيو هيو، تنهن اتي چانھ پاڻي جو اڳواٽ انتظام ڪري ڇڏيو هيو. بس
اسان جي پهچڻ جي دير هئي۔ گڊي ڀٽ تي زراعت کاتي جو به ميلو متل هيو، جن پنهنجي
کاتي جي حوالي سان پمفليٽ پئي ورهايا ته جيئن ماڻهن کي پوکي راھي جي حوالي سان
معلومات ملي.
”گڊي ڀٽ“
لاءِ ڄاڻ ملي ته لڳ ڀڳ پوڻا ٻه سو فوٽ شهر جي سطح کان مٿي آھي. جتان مٺي شھر جو
طائرانه جائزو ورتوسي. ڏاڍو خوبصورت نظارو هيو. چيو وڃي ٿو ته ميرن (ٽالپرن) جي
حڪمراني دوران ان واريءَ جي ڀٽ تي ننڍڙو ڪوٽ اڏيل هيو، جنهن ڪري مٿانئس نالو ”گڊي
ڀٽ“ پيو. گڊي، ڳڙهي لفظ جو متبادل آھي. جيئن اتر سنڌ ۾ ڳڙهي ياسين يا ڳڙهي خدا بخش
وغيره. ميرن جو سپاھ آئي وئي تي نظر رکڻ سان گڏ محصول به اڳاڙيندو هيو. منو ڪلاڪ
ترسڻ کانپوءِ مٺي شهر جو درشن وٺڻ لاءِ هيٺ لٿاسي. شري ڪانت کان پڇا ڪرڻ تي ان
ٻڌايو ته مٺي شھر جي آبادي منو لک کن آهي. بقول سندس ته ۸۰ في صد آبادي جو تعلق هندو ڌرم سان، بقايا جو مذهب اسلام سان آهي. ٻئي
ڌريون ميٺ محبت سان رهن ٿيون. مٺي شهر جي نالي جي حوالي سان اهو به ٻڌايائين ته ڪو
سترهين يا ارڙهين صدي عيسوي ۾ مالوند مٺي بجيراڻي اتي رهندي هئي، جنهن جي کوٽايل
کوھ جو پاڻي مٺو نڪتو. هن گذرندڙ قافلن يا عام مسافرن لاءِ اتي ”سبيل“ قائم ڪئي.
نتيجي ۾ آس پاس جا ماڻهو به سري اتي رهڻ لڳا. ائين اها وسندي اڳتي هلي ننڍڙو شهر
ٿي وئي.
بهرحال
هاڻي ته عربي، پارسي ۽ ترڪي ٻولي جي نالن رکڻ جو رواج آهي، جو اچارڻ ۾ به ڏکيا، ته
ٺهڪن به ڪو نه. مثلن ”دم لڀي ڪو نه، نالو زور آور خان“ يا ”نالو شاھبانو، مانيءَ
کان محتاج!“
بهرحال
مٺي شھر سان اسان لاڙڪاڻي وارن جي به علم و ادب جي حوالي سان نسبت آھي. لاڙڪاڻي
سان تعلق رکندڙ علم و ادب دوست بيوروڪريٽ ”عبدالقادر منگي“ جڏهن ۱۹۹۲ع ۾ ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو ته هن ٿر ۽ مٺي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”ٿر سيمينار“
جو شاندار اھتمام ڪيو هيو. جنهن سان نه صرف ٿر جي علمي ادبي سهيڙ ٿي، بلڪه ٿر جي
مسئلن ۽ ان جي حل بابت عملي طور تي ڪم ٿيو. عبدالقادر منگي جي علم ۽ ادب دوستيءَ
جي حوالي سان عاشق منگي جي ڪتاب ”اکئين ڏٺم جو“ ۾ لکيل تفصيلي مضمون ”عبدالقادر
منگي (محبتن ۽ خدمتن جو سنگم“ پڙهڻ وٽان آھي.
مٺي
سان پنهنجي هڪ ٻي به نسبت آهي. اها آهي لاڙڪاڻي جي حساس شاعر ”واجد ناز“ جي. جنهن
جي شاعري ۾ انتها درجي جو درد ۽ پيڙا سمايل آهي. سندس هيٺين شعر مان اندازو ڪري
سگھجي ٿو.
ٿو
سئين هڻي ميخاني ۾
ڇا
ملندئي، چئه نذراني ۾
سو
ماڻهو لا محدود ٿيو
جو فٽ
نه ٿيو ڪنهن خاني ۾
سا مون
ته شمع ۾ ڪو نه ڏٺي
جا پيڙ
هئي پرواني ۾
بي
روزگاري ۽ سندس ڪسمپرسي واري حالت جي جڏهن عبدالقادر منگي کي خبر پئي ته هن عارضي
طور تي کيس مٺيءَ ۾ لائبرئري انچارج طور مقرر ڪيو. جيئن ئي منگي صاحب جي ۱۹۹۳ع ۾ بدلي ٿي ته ڪنهن به خاني ۾ فٽ نه ٿيندڙ ”واجد“ به نوڪري ڇڏي اچي
لاڙڪاڻي پهتو ۽ اسان سان مٺيءَ جي مٺن ماڻهن جا حال احوال اوريندو هيو.
گھمندي
ڦرندي مٺي جي حوالي سان خبر پئي ته جيئن سهولتون وڌن ٿيون، تيئن شهر ۾ ٻاهريان
ايندڙن جي نقل مڪاني وڌي رهي آهي. نتيجي ۾ شهر ۾ سوڙھ ٿيندي ٿي وڃي. هاڻي کان ئي
جيڪڏهن جامع ترقياتي منصوبو نه جوڙيو ويو ته اڳتي هلي هن شهر جي سونهن سوڀيا ختم
ٿي ويندي.
جيئن
ته مٺي خوبصورت مندرن جو شهر آهي، سو ارادو ڪيوسي ته هڪ اڌ مندر ضرور گھمجي. سو
شري ڪانت جي صلاح سان ”شيوا مندر“ ڏانهن راھي ٿياسين. شيوا مندر عمارت سازي جي
حوالي سان خوبصورت مندر آهي. جتي شيوا، پارورتي ۽ ٻين ديوين ديوتائن جا بت به رکيل
هيا. مندر جي رکوال پنڊت انروڌ ڪندي زوري ريفريشمينٽ ڪرائي. ”ستيم شوم سندرم چئي، شيوا
ڌاري کان موڪلائڻ کان پوءِ شريڪانت مانجھاندي لاءِ زور ڀريو. پر ڪمبوھ صاحب کيس
معذرت ڪندي ٻڌايو، ”هڪ ته گنجائش ڪونهي ۽ ٻيو ته ’ڇاڇري‘ ۾ ڪجھ پراڻن دوستن سان به
ملڻو آهي جيڪي ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيندا..“
بهرحال
مٺيءَ جي رواداري ۽ ميٺاڄ کان متاثر ٿي اسان به ائين موڪلايوسي، جيئن وڏڙيون يا
وڏڙا موڪلائڻ وقت ڳٽن تي مِٺيون (چميون) ڏئي موڪلائيندا هيا. اسان به مٺي شهر کي
”فلائنگ ڪسز“ ڏئي الوداع چيوسي.
(۱۶)
مٺي
مان نڪرڻ وقت ”بوند بره جي بهار“ لڳڻ شروع ٿي چڪي هئي۔ موسم ۽ محبوبه جو ڪو اعتبار
ناهي هوندو۔ ان ڪري ڪمبوه صاحب گاڏي کي پيلڪ ڏني۔ مٺي کان ڇاڇري جو مفاصلو لڳ ڀڳ ۸۰ ڪلوميٽر آهي۔ سوا ڪلاڪ اندر پهچائي ڇڏيائين۔ سندس سنگت (نالا ياد نه ٿا
اچن) ماني جھليون انتظار ۾ بيقرار لڳي ويٺي هئي۔ شام جا چار ٿي رهيا هيا۔ ماني
کائيندي حال احوال ٿيندا رهيا۔ ڇاڇري متعلق ايتري ته خبر هئي ته تعلقي جو هيڊ
ڪوارٽر ۽ سنڌ جي سرحدي علائقي ۾ آهي۔ آبادي ڪوئي ٽيھ چاليھ هزار جي وچ تي اٿس۔
ڇاڇري تي ڇاڇرو نالو ڪيئن پيو؟ ان متعلق محققن ۽ تاريخدانن جا مختلف رايا آهن۔ ڪن
جو چوڻ آهي ته؛ ”جڏهن سوڍن امرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حد اڳتي مٺيءَ
تائين وڌائي۔ انهيءَ پاسي جيڪي راجپوت سينا جا سوروير پهتا، انهن اُتي هڪ ڳوٺ ٻڌايو،
جنهن کي اول ڇڇر پوءِ ڇڇرو سڏڻ لڳا، جيڪو اڳتي هلي ”ڇاڇرو“ ٿي ويو.“ ڪن جو چوڻ آهي
ته؛ ان علائقي ۾ برسات وسڻ کان پوء پاڻي جي ڇر ٿيڻ ڪري ان کي ڇڇرو سڏيو ويندو هيو۔
”ڇڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ“ جو اصطلاح به سنڌي ۾ مستعمل آهي۔ جنهن جو مطلب آهي ٿه تانگھي پاڻيء
۾ ڇيرون ٻڌي نچڻ ڪڏڻ يعني اجائي خوشي جو اظهار ڪرڻ۔ ڀٽائي جو بيت به ان ڏس ۾ رهنمائي
ڪري ٿو:
ڇاڇر ٿي ڇَنن ۾، مينهون چَرَن موڪَ،
سَرَھيون ٿيون سنگهاريون، پُويو پائن طوقَ،
لاهي مٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
بهرحال
ڇاڇري لفظ تي محقق مٿا ڪٽ ڪن ۽ تاريخ دان ڇاڇولن ته بهتر آهي. ٻه ڏکوئيندڙ واقعا
ڇاڇري جي تاريخ سان منسلڪ آهن, جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو۔ هڪ, جڏهن هن شهر کي
۱۷۸۱ع ۾ مدد خان پٺاڻ ڦريو ۽ لٽيو۔
ايستائين جو ماروئڙن جي گھرن جي تڏي به نه ڇڏيائين۔ ٻيو، جڏهن ۱۹۷۱ جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران ۱۱ مهينن
تائين هي علائقو ڀارتي فوج جي قبضي ۾ رهيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته قابض فوجين مالوند
ماڻهن جي ٻڪري ٺڪري به نه ڇڏي هئي۔ (ڇاڇرو ۲۲ ڊسمبر ۱۹۷۲ تي شملہ معاهدي کان پوءِ واپس
ٿيو.) هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوئلي جو ذخيرو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي
ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي حدن ۾ مليو آهي۔ خدا ڇاڇري کي قبضه گيرن جي بد نظر کان
بچائي۔۔!
ميزبانن
ٻڌايو پئي ته هن وقت ڇاڇرو واپار جو سٺو مرڪز آهي. هن علائقي جا کٿا ۽ لويون مشهور
آهن۔ ثبوت طور ميزبانن اسان کي ڀليون لويون اوڍائي مان بخشيو۔ مينهن بند ٿي چڪو
هيو۔ ڪمبوه صاحب مناسب سمجھيو ته نڪرڻ جي ڪجي۔ موڪلائڻ مهل ميزبانن رات رهڻ لاء
زور ڀريو۔ پر ڪمبوه صاحب معذرت ڪندي ٻڌاين ته سج لهڻ کان اڳ، عمرڪوٽ پهچڻو آهي۔
سوا پنجين جا نڪتل شام جو ساڍي ڇهين وڳي عمرڪوٽ پهتاسي۔ سج اڃا بيٺو هيو۔
عمر
ڪوٽ تي به تاريخدانن جو وواد آهي۔ ڪي کيس عمر ڪوٽ ته ڪي امر ڪوٽ سڏين ٿا۔ بهرحال
عمر ڪوٽ کي سر مارئي ۾ ڀٽائي ظلم ۽ جبر جي علامت ڪري ڄاڻايو آهي:
جـيها سي تـيها، مــون مارو مڃيا،
مـون جـيـڏيـون مليـر ۾، چـونـڊن مــوڪ مهــا،
منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي۔
ذوالفقار
علي ڪمبوه صاحب پيٽرول پمپ تي گاڏيء ۾ تيل ڀرائيندي پڇيو؛ ”عمر ڪوٽ “ ۾ رات رهڻ جو
ارادو هجي ته بندوبست ڪجي!”
وراڻيم؛
”عمر ڪوٽ ۾ رات رهڻ جو مون کي تلخ تجربو آهي۔ بهتر آهي ته موٽ ڪجي!!“
”تلخ تجربو
ڪيئن؟“ ڪمبوه صاحب پڇيو۔
ٻڌايومانس
ته: ٽي سال اڳ منهنجو وڏو پٽ بالاچ حسين جرمني کان پنهنجي وطن (ڪراچي) آيو۔ ارادو
ڏيکاريائين ته جرمن وني کي ٿر گھمائجي جو ٿر ۾ سنڌ جي هزارن سالن جي ثقافت محفوظ
آهي۔ مون عمر ڪوٽ جي رهائشي پنهنجي هڪ آفيس ڪلارڪ جي صلاح سان عمر ڪوٽ ۾ ٻن راتين
رهڻ جو پروگرام رٿيو۔ کانئس خرچ پکي جو به پڇيو۔ هن جواب ۾ چيو؛ ”سائين! خرچ پکي
جو خير آهي!“ چيومانس ته جي اها ڳالھ آهي ته پوء عمر ڪوٽ ۾ نه رهبو!“
پوء هن رهڻ کائڻ پيئڻ جو
خرچ پندرنهن هزار روپيه ٻڌايو۔ مان کيس پنجويھ هزار ڏنا ته متان حضور شرمي ڪري گھٽ
ٻڌايو هجئين۔ بهرحال مقرر ڏينهن تي پٽ، ننهن ۽ ٻن ڌيئرن سميت عمرڪوٽ پهتم۔ ڪلارڪ
پنهنجي ويڙهي ۾ رهائش جي حوالي سان مناسب بندوبست ڪيو هيو۔ شام تائين ٿر جو اوسو
پاسو خاص ڪري گوڙي مندر ۽ ڀالوا تائين گھمي موٽ ڪئي۔ ڪلارڪ گذارش ڪئي ته هو
پنهنجين ويڙهي جي عورتن سان منهجين نياڻين کي ملائڻ چاهي ٿو۔ مون ڇوڪرين کي چيو ته
ٿري عورتن سان ملندئو ته توهان کي ٿر جي زنده ثقافت جي ڄاڻ ملندي۔ ٽئي ڄڻيون خوشي
خوشي ويون۔ ڏيڍ ڪلاڪ کان پوء موٽيون ته جرمن ننهن روئڻهارڪي هجي۔ پڇڻ تي خبر پئي
ته ٻارن ۽ عورتن گوريء جون ٻانهون پٽي ڇڏيون ڄڻ کين ڀولي هٿ اچي وئي هجي, ڏسڻ چاهن
پيون ته اصلي آهي يا نقلي۔۔!
منهنجي
ننڍي ڌيء زربانو به شديد احتجاج ڪندي چيو ته: ابو ڪٿي وٺي آيا آهيو۔ پڇڻ تي خبر
پئي ته مون واري ڪلارڪ ساڻن هڪ اردو ڳالهائيندڙ تبليغي ڇوڪري سان به ملايو هيو،
جيڪا ڪنهن تبليغي عالم جي جنوني ڌيء هئي۔ تنهن ملڻ سان ئي کانئن سوالن جي يلغار
شروع ڪري ڏني ته؛ توهان جو مذهب يا مسلڪ ڪهڙو آهي؟ اوهان نماز ڪيئن پڙهندا آهيو؟
ھن جرمن خاتون جو اسلامي نالو ڇا آهي؟ وڏي ڌيء ته ڪجھ نه چيس پر ننڍي ڌيء ڇلي رکيس
ته ”تم هوتی کون هو، هم سے پوچھنے والی.۔۔؟"
پوء
خبر پئي ته ٿري ڪلارڪ ماشآءَالله نئون نئون تبليغي ٿيو آهي۔ هن ماني جو بندوبست ته
سٺو ڪيو هيو، جيئن چيل هيس، صرف ٿري ڀاڄيون هيون پر بدمغزي جي ڪري هر ڪنهن ٻه ٽي
گره کڻي هٿ ڪڍيا۔ مون کي ته توائي ۾ اڌ رات تائين ننڊ نه آئي۔ صبوح جو ڪلارڪ کي
ٻڌايم ته ٻي رات رهڻ جو پروگرام ڪينسل آهي۔ هن ڪالھ واري غلطي تي شرمساري جو اظهار
ڪيو۔ پر مون کيس چيو: ”غلطي تنهنجي نه پر منهنجي آهي، جو توکي صحيح نه سڃاتو !“
بهرحال منهنجي وارتا ٻڌڻ کان پوء ذوالفقار علي ڪمبوه گاڏي کي ڇڪي رکيو۔ واٽ تي ڪٿي پيٽرول وجھرايائين يا چانه جو ڍڪ هنيون هجائين، ياد ناهي۔ البته رات جو ڏيڍ وڳي گلشن حديد پهچائي دم پٽيائين۔۔۔۔۔

No comments:
راءِ ڏيندا