ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري
دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي
اسڪالر تعليمدان
ڊاڪٽر رفيق بلوچ
ڊاڪٽر
عبدالجبار ڏاهري ۱۴ جون ۱۹۷۱ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع ڊرگهه بالا
شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ صابر ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان ستين
درجي تائين پرائمري ۽ مڊل اسڪول ڊرگهه بالا ۾ پڙهيو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
جوهيءَ مان ڪيائين. انٽرميڊئيٽ سائنس استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان
انٽرميڊئيٽ ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سان الحاق ٿيل استاد بخاري گورنمينٽ
ڊگري ڪاليج دادو مان گريجوئيشن ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ شاگرد طور ايم اي
سوشالاجي ۾ ڪيائين. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بيچلر آف ايجوڪيشن (بي. ايڊ)
ڪئي، جنهن کانپوءِ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور آف ڪئمپس پروگرام ۾ ايم ايڊ
ڪئي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار، ڪراچي يونيورسٽي جي ايڊيوڪيشن واري شعبي ۾M.Phil
Leading to Ph.D پروگرام ۾ داخلا ورتي. ڪورس ورڪ جي تڪميل تي هنApplications
of Bloom’s Taxonomy of Education objectives in writing instructional objectives
in science subjects at secondary schools in Sindh. (سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۾ سائنس جي مضمونن ۾ تدريسي مقصد لکڻ لاءِ
بلوم جي درجابندي جو استعمال) عنوان سان ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتي.
ڊاڪٽر
عبدالجبار جامعه مليه گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ملير، ايليمينٽري ڪاليج حسن آباد
ڪراچيءَ سميت ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ ايجوڪيشن مضمون جي ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽
ايسوسيئيٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف
ايجوڪيشن درساڻو ڇنو ۾ علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏ ڪراچيءَ ۾
قائم ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ فئڪلٽي ميمبر ۽ سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾
ماسٽر ٽرينر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾
پرائمري استادن ۽ جونئير اسڪول ٽيچرز جو ماسٽر ٽرينر رهيو. اسڪيل ۱۷ ۽ ۱۸ جي آفيسرن / استادن جي مسلسل
پيشيوراڻي ترقي (CDP) لاءِ ۲ دفعا ماسٽر ٽرينر رهيو. آغا خان يونيورسٽي جي امتحاني بورڊ جي امتحاني
سڌارن واري شعبي ۾ نصاب جي نظرثاني واري پئنل جو ميمبر رهيو. قومي ۽ صوبائي
اسيمبليءَ لاءِ ۲۰۱۳ع ۾ منعقد ٿيندڙ عام چونڊن ۾
چونڊ عملي جو ماسٽر ٽرينر رهيو. ڪراچي يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسثي
لياري ڪراچيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو پڻ ميمبر آهي.
جوهي ۾
ڪم ڪرڻ دوران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن يونٽ جوهي جو ۲ دفعا انفارميشن سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. جوهي شهر ۾
واقع اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبريري جي انتظامي سٿ ۾ شامل رهيو. انگريزيءَ ۾ لکيل
سندس ۱۵ کن تحقيقي مقالا قومي ۽ بين الاقوامي
ريسرچ جرنلز ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس اڪيلي سر ۽ ٻين محققن سان گڏ شريڪ محقق طور
شايع ٿيل انهن مقالن ۾ (۱)
ثانوي اسڪولن جي استادن جي جذباتي ذهانت جو ٻارن جي نشونما ۾ ڪردار (۲) ڪراچيءَ جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن
/شاگردن جي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ/اسڪول ڇڏي وڃڻ جي ذميوار عنصرن جي جاچ (۳) استادن جي تعليم واري پروگرام جي تدريسي عملي واري شعبي جو تنقيدي تجزيو،
بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچيءَ جي حوالي سان هڪ ڪيس اسٽڊي (تحقيقي
مطالعو) (۴) پرائمري سطح جي شاگردن ۾ سکيا
جي مشڪلاتن جو سبب بڻجندڙ عنصرن جو جائزو (۵) ثانوي سطح جي شاگردن جي واڌ ويجهه ۽ نشونما تي اثرانداز ٿيندڙ عنصرن جو
جائزو ۽ (۶) سرڪاري ثانوي اسڪولن جي استادن ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي
صورتحال جو تحقيقي جائزو وغيره شامل آهن.
ان کان
علاوه تعليم ۽ ٻين سماجي موضوعن تي لکيل سندس سوين آرٽيڪلز ۽ ڪالم سنڌي اخبارن
جيئن روزاني عبرت، عوامي آواز، ڪوشش ۽ ٻين اخبارن، بندرهن وار ۽ ماهوار
رسالن/مئگزينن جي زينت بڻجي چڪا آهن جن ۾ “۵ آڪٽوبر، استادن جو عالمي ڏينهن” ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل(

No comments:
راءِ ڏيندا