; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري، ڊاڪٽر رفيق بلوچ،. Show all posts

08 October, 2026

ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري

ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري

دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر تعليمدان

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري ۱۴ جون ۱۹۷۱ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع ڊرگهه بالا شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ صابر ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان ستين درجي تائين پرائمري ۽ مڊل اسڪول ڊرگهه بالا ۾ پڙهيو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽرميڊئيٽ سائنس استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽرميڊئيٽ ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سان الحاق ٿيل استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان گريجوئيشن ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ شاگرد طور ايم اي سوشالاجي ۾ ڪيائين. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بيچلر آف ايجوڪيشن (بي. ايڊ) ڪئي، جنهن کانپوءِ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور آف ڪئمپس پروگرام ۾ ايم ايڊ ڪئي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار، ڪراچي يونيورسٽي جي ايڊيوڪيشن واري شعبي ۾M.Phil Leading to Ph.D  پروگرام ۾ داخلا ورتي. ڪورس ورڪ جي تڪميل تي هنApplications of Bloom’s Taxonomy of Education objectives in writing instructional objectives in science subjects at secondary schools in Sindh. (سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۾ سائنس جي مضمونن ۾ تدريسي مقصد لکڻ لاءِ بلوم جي درجابندي جو استعمال) عنوان سان ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتي.