; سنڌي شخصيتون: سوامي ڌرمداس ”ڌرمون“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سوامي ڌرمداس ”ڌرمون“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سوامي ڌرمداس ”ڌرمون“ [ 1804ع – 1916ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ديوان ڌرمداس، ولد موٽو مل، 18 جولاءِ 1804ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ”ٺوڙهي“ ۾ ڄائو هو. سندس پڌرنامي سان پتا موڪلائي ويس، جنهن ڪري ڄمڻ سان ئي پاڻ کي اڪيلو ڀانئڻ لڳو. سندس پالنا ڪاڪي نرملداس جي هٿ هيٺ رهي. جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻ قابل ٿيو، تڏهن ڳوٺ مان لڏي اچي ڳوٺ ”منهن جي کاهيءَ“ ۾ رهيو. پورا ڇهه ورهيه اتي به رهي، وري ميروخان پنهنجي ناناڻن ۾ رهڻ لڳو. چار درجا سنڌي پڙهي، دوڪان تي ڏوڪڙ روز جي حساب سان نوڪري ڪيائين.
 
چوندا آهن، ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي“ جي مصداق ڌرمداس کي جيڪڏهن پتا زنده هجي ها، ته هو شايد هي تنگيءَ جا ڏينهن نه ڏسي ها؛ ۽ پنهنجو علم به وڌائي ها. اڃا جوان مس ٿيو ته سندس ايمانداريءَ جي واکاڻ وڌڻ لڳي، جنهن ڪري 1827ع سيٺ بسنترام کيس تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ”ميڻن“ ۾ وٺي اچي پاڻ سان هڪ دوڪان تي ڀائيوار ڪري رکيو. اتي کيس ساڌن جي صحبت حاصل ٿي. پوءِ ته روز ”رانوتيءَ“ روح ريجهائڻ ويندو هو.
1847ع ۾ سندس وڏو ڀاءُ ڪرمداس، ماتا وگهي مري ويو. انهيءَ واقعي سندس دل تي گهرو اثر ڪيو. پوءِ ته پاڻ دنياوي ڪاروبار ڦٽو ڪري، دوڪان جون ڪنجيون ڀائيوار کي اڇلائي وڃي؛ بن وسايائين؛ ماتا جي منتن به ڪو اثر نه ڏيکاريو؛ جنهن ڪري پورا تيرنهن ورهيه هڪ وڻ هيٺيان اڪيلو رهيو؛ جتان ديوان نيڀو رام کيس وٺي وڃي، سيد وسڻ شاه ڏي ويو؛ جنهن کيس ڇهه مهينا پاڻ وٽ ترسائي ، ميڻن ڏانهن موڪل ڏنائينس. پوءِ ديوان نيڀورام کي پنهنجو رهبر ڪري ورتائين.
ڌرمداس ، ”ميڻين“ موٽي اچي ”ست سنگت“ جي پرچار ڪرڻ لڳو؛ ۽ اتي درٻار به کوليائين. درٻار ۾ اٽل رام سندس خوب خدمت ڪئي، جيڪو پڻ سندس جيان غير شادي شده رهيو. ساڌن جي سنگت ۾ رهي ”سنڌي شبد“ به چيائين. نموني طور هڪ شبد هيٺ ڏجي ٿو:-
حق چون ٿا هيڪڙو، سڀيئي ساڌ فقير،
ڪر ستيا ٻڌ سندرو، ڏي دل کي دلبر ڌير،
پس تون پنهنجو پاڻ کي، سوڌي منجهه سرير،
سي پڙهيا پيڊت پير، جيڪي ”ڌرمون“ سڄاڻن دم کي،
سوامي ڌرمداس شعر ۾ ”ڌرمون“ تخلص استعمال ڪيو آهي. سندس مڪمل ڪلام ”ويدانيت جي ويچارن سان ٽٻيو پيو آهي. سنڌيءَ کانسواءِ هٽ واڻڪا اکر به لکي پڙهي ويندو هو. آخري عمر ۾ کيس سير سفر جو شوق جاڳيو؛ جنهن ڪري ڪوئيٽا ۽ بمبئيءَ کان به وڃي نڪتو. آخر لاڙڪاڻي جي صوفي کيراج مل جي صلاح سان، لاڙڪاڻي شهر ۾ ئي رهڻ جو پڪو پرن ڪيائين. گانڌي باغ جي ڀرسان هڪ اوتارو ٺاهي رهڻ لڳو، سندس ٽڪاڻو اڄ به ڏسڻ لاءِ پڌرو آهي – 4 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد ۾ سندس ديهانت ٿيو. سندس چيلن کيس کڻائي، لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مٿان سنسڪار ڪيو. سڄيءَ عمر ۾ شادي ڪانه ڪيائين.
کيس ڪافي شش هئا، جيڪي ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويا. ستگر جي ياد ۾، اتي انهن ”سوامي ڌرمداس ٽرسٽ“ نالي قائم ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ وري سندس ڪلام کي پڌري ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ جي شيوا منڊليءَ طرفان، جنوري 1916ع کان ”ست سنگ واس“ نالي هڪ ماهوار پتر (پرچو) به شايع ٿيو، جيڪو بنا ناغي ڊسمر 1917ع تائين مفت شايع ٿيندو رهيو. سموري پستڪ ۾ سوامي صاحب جا چيل شبد نهايت سهڻي سمجهاڻيءَ سان ڏنل آهن. ازانسواءِ هر شبد، مسلمان صوفي شاعرن جي ”ويدانيت واري واٽ“ (تصوف) واري راه) سان ڀيٽا طور پڻ ڏيکاريو ويو آهي.
سوامي صاحب جي شبدن مان معلوم ٿئي ٿو، ته کيس صوفين جي وڏي سڌ هئي. ازانسواءِ عربي زبان جي ڄاڻ به سٺي هيس. سندس هڪ شبد اهڙي قسم جو ڏجي ٿو، جيڪا سٽاءَ جي لحاظ کان ”ڪافيءَ“ جي روپ ۾ آهي؛ ملاحظ فرمايو:-
ٻڌو سخن سچن جا – ٿا ويد ڪرن وکيان،
”توهي موهي انتر ڪئسا – هئن گروگرنٿ جو گيان.
”سڀوئي سنڪلپ تنهنجو رامچندر“ – ائين وششٽ ڪيو نر ٻاڻ
گيتا ٻڌي ڪرشن کان – ڇڏيو ارجن ديهه اڀمان،
”الله آدمي پڻ آيا“ – آهه شاهه بلي جو بيان،
”آدم سر الله جو“ – صوفي چون سبحان،
”الانسان سري وانا سره“ – فرمايو فرقان،
”انا احمد بلا ميم“ – آهه نبيءَ جو نيشان،
سچ چئي سوريءَ چڙهيو – ڏس عينل جو ايمان،
پڙهن پرجهن ڪين ڪي – ٿيا گرنٿن ۾ غلطان،
”ڌرمون“ ڌريو ڌيان – اصلي انهيءَ ڳالهه تي.

(1) – ”ميڻن“ کان ”رانوتي“، هڪ ميل جي مفصلي تي واقع آهي؛ جتي رات صوفين جي سماع ۽ سرود جي محفل مچندي آهي؛ جنهن جو سرواڻ ديوان نيڀو مل هو

No comments:

راءِ ڏيندا