حافظ حيات شاهه ”حافظ“ [1875ع – 1955ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
حسيني ساداتن جي پري مان، حافظ حيات شاه ”حافظ“ عرف سيد
غلام حيات النبي شاه ولد سيد مير عالم شاه، پنهنجي ناناڻي وطن ۾ 18 ذوالحج 1292 هه
مطابق 7 سيپٽمبر 1875ع تي صوبي پنجاب جهنگ ضلعي ۾ تولد ٿيو. سندس والده سرداران بيبي،
نهايت نيڪ نفس، نيڪ سيرت ۽ هڪ دورانديش عورت هئي. پوءِ ته کيس ڏاڏاڻي ڏيهه ”سعيد
پور“ ڏانهن نيو ويو، جتي سندس پرورش ٿيندي رهي.
سيد صاحب ننڍپڻ کان ئي نهايت سلڇڻو ۽ سمجهدار هو؛ جنهن
ڪري ڳوٺ وارا سڀ سندس وڏي تعظيم ڪندا هئا. جوانيءَ ۾ پنهنجي ماسات ”سلطانه بيگم“
سان مجازي عشق لڳس؛ جنهن ۾ ناڪامي ٿيس. پوءِ ته قسمت جو ماريل ۽ تقدير جو ڳاريل هي
سيد سڳورو وطن کان بي وطن ٿي ڪاٺياواڙ؛ ملبار؛ مار واڙ، دکن، دهلي؛ يو- پي؛ بنگال،
مدراس ۽ ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو واس وٺندو رهيو. غالباً 1903ع ڌاري ”بالوترا“
(مار واڙ) ڳوٺ ۾ ڳڻتين جي ڳاراڻي وگهي، تيز بخار جي تپش کان نيڻن جو نور وڃائي
ويٺو. هيئنر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ستن سالن جي سيلاني سفر بعد، 1910ع ڌاري سنڌ ۾
پير پاتائين.
سنڌ جي مهمان نوازي، دنيا ۾ مشهور آهي. حافظ صاحب کي به
سنڌين جي انهيءَ خوبيءَ، هتي ئي رهڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ته باقي حياتيءَ جا دمڙا
سنڌ ۾ ئي گذارڻ جو پرن ڪيائين. سنڌ جو چپو چپو گهمي، آخر ڪوٽڙيءَ جي مين وٽ جامع
مسجد ۾ اچي آستانو ڪيائين. پاڻ روزانو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وڃي، وڏي پيار ۽
پاٻوه وچان ڪنڌيءَ تي پير لٽڪائي ويهي چناب نديءَ جي سڪ پوري ڪندو هو ۽ اڳوڻي اوج
کي ساريندي ڦٽ چڪائيندو رهندو هو.
مين وٽ مولودن جون محفليون عام هونديون هيون، جن کان سيد
صاحب جي روح کي راحت ايندي هئي. هو انهن محفلين کي پنجاب جي ڳوٺاڻن گيتن سان تشبيح
ڏيندو هو. انهن سخنور سگهڙن ۽ سالڪن جي صحبت مان کيس به شعر چوڻ جو شوق ٿيو.
انهيءَ سلسلي ۾ ميان علي بخش حيدر آباديءَ وٽ سندس اچڻ وڃڻ به ٿيو. ڀانئجي ٿو، ته
سيد صاحب کي انهي ئي شوق حيدر آباد ۾ رهائڻ تي آماده ڪيو هو.
هينئر سيد صاحب کي وطن ورڻ جو وجهه به مليو. پوءِ اها آس
رکي؛ جيئن ئي اباڻي ڀونءِ پهتو، ته سندس محبوبه به وفات ڪري چڪي هئي. پوءِ ته
روزانو مقام ڏانهن وڃي، اندر جي آڳ ۽ دل جي بخار کي ڍري ڪرڻ خاطر زارو قطار نيڻن
مان نير وهائي ۽ اکين مان آب اوتي، واپس ورندو هو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ مٿس مجاز
مان حقيقت جو رنگ چڙهڻ لڳو ؛ جنهن ڪري ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت به ڪيائين.
کيس ڪافي ڪتابن جو مطالعو هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون
ٻڌائين ٿيون، ته کيس گهرو مشاهدو؛ اونهو اڀياس ۽ ڪافي تجربو حاصل هو. نابين هوندي
به پاڻ ٻين کان ڪتاب پڙهائي، پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندو هو. سندس حافظو تيز هو.
سنڌ سان کيس وڏو پيار هو. بقول سندس: ”اباڻو وطن پنجاب آهي، ته منهنجو وطن سنڌ
آهي!“
حافظ صاحب جي تصنيفات ۾: ”داستان غم“، ”وڇڙيلن جو ميلو“،
”ديوان حافظ“ ۽ ”گلستان حيات“ جي فهرست شامل آهي. ازانسواءِ نظم جي سلسلي ۾ غزلن
کان علاوه قصيدا، مولود ۽ قومي گيت به سندس جهجها چيل آهن. قومي نظمن ۾ وڏي ۾ وڏي
ماڻهو جي به ڪاڻ نه ڪڍيائين. اسي ورهين جي عمر ۾ 14 ربيع الاخر 1375 هه مطابق 26
ڊسمبر 1955ع تي حيدر آباد شهر ۾ ئي پساهه پورا ٿيس.
(1)– ”سيد پور“ ، ضلعي گجرات ۾،
رانجهي واري تخت هزارا ۾ واقع آهي، جيڪو ضلعي جهنگ کان 64 ڪلو ميٽرن (40 ميلن) جي
وڇوٽيءَ تي ٿيندو.
(1)– سلطانه بيگم بنت عظيما بيبيءَ
سان سندس مڱڻو ٿيل هو. هو پاڻ ۾ گڏ جي رانديون رونديون ڪندا هئا. مڄاڻ ڪو سلطانه
بيگم جو پلئه، لکئي جي ليک ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اڙايو. هوڏانهن سلطانه بيگم به بي وس
هئي، جنهن پڻ سيد صاحب جي عشق ۾، وڇوڙي سببان جلد ئي موت کي قابو ڪري ورتو.
حافظ حيات شاهه جو پنجاب
کان سنڌ ڏانهن سفر ۽ سلطانه بيگم
عبدالرشيد لغاري/ سانگهڙ
ڪاوش ۾ ڪجهه وقت کان حافظ حيات شاهه
بابت بحث هلي رهيو آهي، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ غلام قادر مرڙاڻي، عبدالواحد آريسر،
هڪ اخبار جي ايڊيٽر (نالو ياد ناهي) ۽ ٻين دوستن جا خط ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيا
هئا. ان حوالي سان ڪجهه جھاڻ آئون به شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. حافظ حيات شاهه 1877ع
ڌاري موجوده پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. حافظ پنهنجي ڳوٺ جي نالي کي مخفي رکيو
آهي، محض انهيءَ ڪري ته جيئن سلطانه بيگم (سندس محبوبا) جي خاندان جي رسوائي نه
ٿئي. هن پنهنجي پيار ڪهاڻيءَ ۾ فقط ايترو لکيو آهي ته، “اسان جو ڳوٺ پنجاب جي
انهيءَ ضلعي ۾ آهي، جنهن ۾ هڪ مشهور پنجابي عاشق جو ڳوٺ آهي.” يقيناً سندس اشارو”رانجهي”
ڏانهن آهي. حافظ حيات شاهه اڃا ڇهن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪري
ويئي، ۽ پاڻ ماسيءَ جي شفقت هيٺ وڌي وڏو ٿيو. سندس ماسيءَ جي نياڻي (ماسات) سلطانه
بيگم کانئس پنج سال وڏي هئي. گهر ۾ گڏ رهڻ ڪري سندن پاڻ ۾ پيار ٿي ويو، اهو ٻاراڻو
پيار عمر جي ارتقا سان عشق جو آغاز بڻجي ويو. سندن پيار کان متاثر ٿي مائٽن ٻنهي
جو پاڻ ۾ مڱڻو ڪري ڇڏيو. سلطانه بيگم جڏهن بلوغت جي عمر تي پهتي ته سندس والد پئسن
جي لالچ ۾ حافظ حيات جي ننڍي عمر جو سبب ڄاڻائي سلطانه بيگم جو سڱ ڳوٺ جي وڏيري جي
اوباش پٽ کي ڏيئي ڇڏيو. آخرڪار سلطانه بيگم پاڻ کي اوباش وڏيري کان بچائڻ لاءِ
ونواهه ۾ ويهڻ واري رات کان هڪڙو ڏينهن اڳ گهران نڪري ويئي، وڃي سئوٽاڻي سئوٽ شادي
شده نوجوان وٽ پناهه ورتائين. نه رڳو پناهه ورتي پر ساڻس نڪاح به ڪري ڇڏيو. حافظ
حيات هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گمنام زندگي گذاري، سانده ڇهه مهينا پيادل پنڌ ڪري
ماسيءَ جو گهر ڇڏي اچي اباڻي ڳوٺ پهتو. کيس معلوم ٿيو ته سندس والد، حويلي ۽
هندورا، پلنگ ۽ پٿراڻيون ڇڏي، فقير بڻجي، قبرستان جي ڪڙ ۾، واريءَ جي وڇاڻي تي
ويراڳ وٺيو ويٺو آهي. حافظ صاحب وڃي والد جي قدمن تي ڪريو، انهيءَ اميد تي ته والد
صاحب کيس وطن وسائڻ جي تلقين ڪندو، پر والد صاحب ماضيءَ جون معذرتون ڪندي، دعائون ڏيندي، قيامت ۾ ملڻ جي اميد
ڏيکاريندي ٻه سئو رپيا ڏيئي في امان الله چئي، حافظ صاحب کي رخصت ڪري ڇڏيو. حافظ
صاحب سلطانه بيگم سان ملڻ بغير ٽن ڏينهن جو پيادل پنڌ ڪري ناناڻي ڳوٺ پهتو، سلطانه
بيگم جي سهيلين خاص ماڻهو موڪلي کيس ناناڻي ڳوٺ اچڻ لاءِ مدعو ڪيو. حافظ صاحب
موڪلائيندي سلطانه بيگم کي چيو ته، “مان سمجهان ٿو ته منهنجو داڻو پاڻي وطن مان
بلڪل ختم ٿي ويو آهي، جلدي وڇوڙي جو واءُ ورندو، ۽ مونکي هميشه لاءِ نهوڙي نيندو،
تنهنڪري مونکي ٻڌاءِ ته مان تنهنجي جدائيءَ ۾ حياتيءَ جا ڏينهن ڪيئن گذاريندس؟”
سلطانه بيگم جي چهري تي خاص قسم جي لهر ڊوڙي ويئي، ڪاوڙ مان چيائين ته، “مان زهر
کائي مرنديس، ۽ تون رُلي مرجانءَ!” ۽ ٿيو به ائين! حافظ صاحب رات جي اونداهيءَ ۾
هليو ويو. سلطانه بيگم صبح جو سجاڳ ٿي پرينءَ جو پلنگ خالي ڏٺو ته کيس پڪ ٿي ويئي
ته، “پوربيا پوري ويا، آسڻ آڌيءَ رات”. رُني، رڙي، ڦٿڪي، پاڻ کي پلنگ تي اڇليائين،
بيهوش ٿي ويئي، ۽ سانجهيءَ کان اڳي “سر صدقي” ڪري ڇڏيائين. سلطانه بيگم جي موت جو
اظهار حافظ صاحب هن طرح ڪيو آهي؛
مِٺِي سلطانه بيگم کي، ڏيئي دعوت
سهيلين جي،
مرڻ لئه ڳوٺ ناناڻي،گهرايو ڪيئن؟ ازل
جي انگ.
(حافظ حيات)
منهنجو مامون استاد گل حسن “گل” لغاري
(سانگهڙ) 1948-49 ڌاري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ تربيت حاصل ڪندو هو. شاعراڻو،
عاشقاڻو مزاج هئڻ ڪري حافظ حيات شاهه سان محبت ۽ مجاز واريون ڪچهريون ڪندو رهندو
هو. مامون اسان کي حافظ حيات شاهه جو دل سوز داستان اهڙي رقت آميز انداز ۾
ٻڌائيندو هو، جو نه رڳو پاڻ آبديده ٿي ويندو هو، پر اسان ٻڌندڙ به ڳوڙها ڳاڙي
ويهندا هئاسين. حافظ صاحب هميشه لاءِ پنهنجي وطن کي خيرباد چئي، ديوانگيءَ واري
حالت ۾ برصغير جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قدم رکندو، جهر جهنگ جهاڳيندو، رڻن پٽن ۾
راتيون گذاريندو، بيقراري ۽ اشڪباريءَ واري حالت ۾ 1913ع ڌاري اچي صوفين جي سرزمين
سنڌ ۾ قدم رکيو، ۽ هميشه لاءِ حيدرآباد سنڌ جو ٿي ويو.
نڌڻڪو هو نه “حافظ”، ڪونه هئي ماني
کُٽي گهر ۾.
مگر تنهن کي تڙي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن؟
ازل جي انگ.
(حافظ حيات)
حافظ حيات شاهه مجازي منزل کان قدم
اڳتي وڌائي، حقيقي منزل تي پهتو. هن محبت سان ماڻهن جو من موهيو، دعائن سان
دردمندن جو درمان ڪيو ۽ علم ۽ ادب جي افڪار سان شعر و ادب جي آبياري ڪئي. حافظ
حيات شاهه 26 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ جي معطر مٽيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ هميشه لاءِ آرامي
ٿي ويو.
مديني سوا ٿئي تا ٿئي،
ڪفن ۽ دفن حيدرآباد سنڌ (حافظ حيات)
No comments:
راءِ ڏيندا