سيد
غلام محمد شاه ”گدا“ [ 1826ع – 1900ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي غزل جو روشن آفتاب، رضوي سادات سيد حاجي غلام محمد
شاه ”گدا“ ولد سيد حسن علي شاه، ميراڻي دور ۾، 1242 هه = 1826ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو.
سندس جد- امجد، سيد بچل شاه وڏو عابد؛ زاهد، عالم، فاضل ۽ هڪ ڪامل انسان هو. قادري
طريقت ۾ رهندي، ڪيترن ئي عقيدتمندن کي فيض الاهيءَ جي ابدي شرف کان روحاني فيض طرف
مائل ڪيائين.
سيد حسن علي شاه کي بجاراڻي ٽالپرن وٽ چڱو عهدو مليل هو؛
جنهن پنهنجي لاڏلي فرزند؛ سيد غلام محمد شاه کي چڱي تعليم سان مزين ڪيو. اهو ئي
سبب آهي، جو ”گدا“ ، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي چڱي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. خاص
ڪري پارسي زبان تي عبور حاصل هوس. سندس ابتدائي استادن ۾: قرآن پاڪ گهر ۾ پنهنجي
ڏاڏي وٽان، فارسي شراڻي آخوندن وٽان ۽ عربيءَ جي جوت، حيدرآباد ۾ گدو بندر کان
ڏاکڻي طرف ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي، ٽنڊي مير محمد ڳوٺ ۾ گذاريائين. مير صاحبان سندس
شيدائي هئا. کيس درٻار مان وظيفو مقرر ڪري ڏنائونس. پوءِ ته پاڻ خاص موقعن تي
قصيدار ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مسرت خيز ڳالهيون (قصا) قلمبند ڪندو رهيو. انهن
تي شاهاڻيون خلعتون ۽ وقت بوقت انعام اڪرام به ملندا رهيس.
انهن ڏينهن ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ (1851ع – 1924ع)
سان به ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪو پوءِ سخن جي سلسلي ۾ سندس شاگرد ٿي رهيو. ”گدا“ سنڌ جو
چپو چپو چڱيءَ طرح گهمندي، عربستان، ايران، عراق ۽ هندستان به ويو آهي. ڪربلا
معليٰ، مشهد مقدس، شاهه نجف، بغداد ۽ ڪاظيمن مان زيارتون ڪندو، لس ٻيلي (بلوچستان)
به ڄامن سان رهاڻيون ڪيون اٿس. ڪن روايتن موجب ڄام کيس گهر ريٺي گذر سفر لاءِ ڪجهه
نه ڪجهه ڏيندا به رهندا هئا. ٻه حج به نصيب ٿيس.
زندگيءَ جون اٺهٺ بهارون ڏسي، 9 ذوالقعد 1322 هه = 11
جنوري 1905ع تي ”گدا“ حيدرآباد ۾ ئي راه رباني ورتي. کيس ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان
۾ آرامي ڪيو ويو. پٺيان نرينه الاد ۾ ٻه پٽ ڇڏيائين. پاڻ هڪ حق گو سني مسلمان ۽
سچو عاشق - رسول هو. صحابه ڪرام ۽ بغدادي بادشاه سيد عبدالقادر جيلاني رح جو مداحي
هو. صوم صلواة جو پابند ۽ هر وقت حلال روزيءَ جو خواهان ۽ مهمانواز هو. سندس خاص
صحبتي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، آخوند لطف الله ”لطف“ ، آخوند محمد قاسم
هالائي، سيد غلام مرتضيٰ شاه ”مرتضائي“ ۽ ميمڻ محمد هاشم ”مخلص“ کي وساري نه ٿو
سگهجي.
”گدا“ ، شاعريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ امتيازي حيثيت
رکي ٿو. سندس شمار سنڌ جي انهن همه دان قادر الڪلام شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي پرگوئي
۽ وسعت نظريءَ سنڌي شاعريءَ کي وقعت بخشي آهي. پاڻ جيئن ته منڪسر المزاج ۽ گوشه -
نشين بزرگ هو. وقت جا شاعر کيس ”استاد الشعراءُ“ سڏيندا هئا. سندس مڪمل ڪلام آهي،
جيڪو ”ڪليات گدا“ جي نالي سان، 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي.
ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”گدا“ ٻين صنفن سان
”غزل“ جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي آهي. ساڳئي وقت قصيدا، مثنويون، قطعا، مستزاد
۽ نعتيه نظم به سندس ڪلام جو روح آهن. مذڪوره ڪليات ۾ فارسي ۽ اردو ڪلام به جهجهو
آيل آهي.
(2)– سندس نسبي سلسلو اٺين پيڙهيءَ ۾
امام موسيٰ رضا رضه سان ملي ٿو؛ انهيءَ ڪري ”رضوي سيد“ سڏجن ٿا. سيد شاه عنايت
رضوي رح (1624ع – 1712ع) ۽ مشهور ڪافي گو شاعر سيد مصري شاهه رح (1828ع – 1906ع)
سان سندس قريبي لڇ لڳي ٿي. سندس وڏا ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ خراسان (ايران) کان ڪوچ
ڪري سنڌ ۾ گاديءَ واري شهر؛ خدا آباد ۾ اچي آباد ٿيا. ”گدا“ جو پڙ ڏاڏو سيد بچل
شاه؛ مير بجار خان ولد مير بهرام خان وٽ ملازمت ورتي هئي. اڃا تائين سندس پويان
حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن جي صحبت ۾ رهندا اچن ٿا.
(1)– ”ڪليات گدا“ ۾ سندس مڪمل ”ديوان“
به آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا