; سنڌي شخصيتون: استاد فيروز گل - روشن جي

28 October, 2011

استاد فيروز گل - روشن جي


استاد فيروز گل
سنڌ جو موسيقارِ اعظم
 روشن جي

صدارتي ايوارڊ يافته موسيقار ۽ گلوڪار استاد مرحوم فيروز گل صاحب جو تعلق راجستان جي جيسلمير گهراڻي سان هو. جيسلمير جي گهراڻي جي فني ۽ موسيقي جي علمي صلاحيت جي متعلق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جي هڪ مشهور سٽ آهي ته:“جُتي جيسلميران آندي استادن”.

انهيءَ شعر جي فلسفي ۾ گهرائي کان ڏسبو ته جيسلمير جي استاد گهراڻي جي جُتي به مانائتي آهي. بلاشبه جيسلمير گهراڻي جيڪي عظيم فنڪار ڏنا آهن انهن ۾ استاد فيروز گل، موسيقار غلام نبي عبداللطيف، موسيقار غلام علي، موسيقار امانت گل، موسيقار ببر علي، موسيقار امداد حسين، ماسٽر غلام حسين، مرحوم رجب رضا، موسيقار روشن جي، گلوڪار استاد خانصاحب عارب خان مرحوم، استاد خانصاحب خير محمد خان، استاد خانصاحب رحيم بخش راڻو خان، امير علي حيدر علي، تعمير حسين، راشد جان، شفيع فقير، صادق فقير، وارث علي، سهراب فقير، شوڪت گل، بابر علي ۽ تازو سنڌ سپر اسٽار گلوڪار شوڪت علي سڌير پڻ جيسلمير گهراڻي سان تعلق رکن ٿا.
جيسلمير گهراڻي جا جيڪي مشهور سازندا ٿيا، انهن ۾ خانصاحب غلام محمد عرف غلامون خان، علي نواز عرف شيرِ سنڌ هارمونيم نواز، نامور طبله پليئر مرحوم منور حسين وغيره وغيره. سنڌ جي سريلي سرزمين تي ڪيترن ئي فنڪارن ۽ موسيقارن پنهنجون خدمتون وقف ڪيون آهن پر انهن سڀني خدمتن کي سلام ۽ ساراهه، پر استاد مرحوم فيروز گل جون ڪيل خدمتون سنڌ جي تاريخ لاءِ صدائين سنهري حرفن ۾ لکيون وينديون. استاد فيروز گل جي جيڪا تاريخي خدمت آهي ان ۾ حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي رسالي جي سڀني سُرن کي عابده پروين ۽ محمد يوسف مرحوم جي لاءِ انهن سُرن جي اصل صورت ۾ طرزون ٺاهي ڳارائڻ آهي. انهيءَ خدمت تي پاڻ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ 2010ع ۾ عطا ڪيو ويو. استاد فيروز گل جي هميشه سنڌي ثقافت جي سفير طور سڃاڻپ رهندي. سابق وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، مرحوم استاد فيروز گل جي فني خدمتن جي عيوض سنڌ جي سفير جو خطاب، 11 جنوري 1994ع تي هالا شريف ۾ مخدوم طالب الموليٰ سائين جي پهرئين ورسي جي موقعي تي طالب الموليٰ سائين جي شاعري کي ڪمپوز ڪرڻ تي طالب الموليٰ ايوارڊ ڏيڻ جي دوران ڏنو.استاد فيروز گل کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ساراهه جو سرٽيفڪيٽ پڻ عطا ٿيو. سندن سنڌي فلمن لاءِ ميوزڪ ڪمپوز ڪرڻ تي پاڻ کي نگار ايوارڊ ۽ بولان ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. استاد جي جن مشهور فلمن کي فلمي ايوارڊ مليا ان ۾ دريا خان، رت جي راند، غيرت جو سوال، رنگ محل، حيدر خان، پرو چانڊيو ۽ پڪار شامل آهن.استاد مرحوم فيروز گل کي جمهوريت جي لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض 95-1994ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايوارڊ عطا ڪيو ويو. پاڻ مارشل لا جي دور ۾ بي بي صاحبه جي 1986ع ۾ لاهور آمد تي پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ ڪيئي آڊيو ميوزيڪل ڪيسٽ ڪمپوز ڪيون. استاد فيروز گل کي انٽرنيشنل موسيقار طور تي بي بي سي ريڊيو ۽ آل انڊيا ريڊيو آڪاش واڻي پاران به ايوارڊ ملي چڪا آهن. استاد فيروز گل جي سڃاڻپ سنڌ آهي ۽ سنڌ جي موسيقي ۾ سڃاڻ فيروز گل آهي. استاد کي سنڌ جي عظيم صوفي بزرگن جي شاعري جي پرچار ۽ خدمتن جي عيوض لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. استاد مرحوم فيروز گل هڪ گلوڪار هارمونيم پليئر ۽ موسيقار هجڻ جي ناتي پاڪستان ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جي گهراڻن جا به ايوارڊ ملي چڪا آهن.انهن  ايوارڊن ۾ گوليمار گهراڻي پاران منطور علي خان ايوارڊ، شام چوراسي گهراڻي پاران نزاڪت سلامت ايوارڊ، جيسلمير گهراڻي جو خير محمد خان ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو. استاد فيروز گل سنڌي موسيقي جو واحد موسيقار آهي جنهن پنهنجي موسيقي ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ صف جي گلوڪارن کي ڳارايو ۽ مڃرايو. انهن ۾ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، فتح علي خان، مهناز، عابده پروين، ناهيد اختر، حميره چنا، بلقيس خانم، اسد امانت علي خان، عذره جهان، سائره نسيم.
پاڪستان جي جن عظيم موسيقارن فيروز گل جي خدمتن کي ساراهيو اُنهن ۾ نثار بزمي، سهيل رانا، موسيقار طافو، وجاهت عطري، ظفر علي خان، نياز احمد  آف ڪراچي، مجاهد حسين نذر حسين آف لاهور ۽ نياز حسين آف حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي موسيقارن استاد جي فني خدمتن جي تعريف ڪئي. استاد فيروز گل مشهور گلوڪارن کي متعارف ڪرايو انهن ۾ ترنم ناز، ارشد محمود، رحيم شاهه، شازيه خشڪ، مهناز، ڪوثر ماروي، غلام نبي شاهه، سجاد يوسف، رونا ليليٰ، شمن ميرالي، جلال چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي گلوڪار شامل آهن.استاد فيروز گل هميشه سنڌ جي ثقافت لاءِ پاڻ پتوڙيو انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ جيجي زرينه بلوچ، جلال چانڊيو، شازيه خشڪ، تاج مستاني، فوزيه سومرو، مائي الهوسائي، علڻ فقير، سهراب فقير،  محمد يوسف، شمن علي، مائي ڀاڳي ۽ ٻين فنڪارن کي نج سنڌي شاعرن  جي شاعري ۾ ڪيئي يادگار گيت ۽ ڪلام ڪمپوز ڪري ڏنا. استاد فيروز گل هڪ اندازي جي مطابق ڏهه کان 15 هزار گيت ڪمپوز ڪيا ۽ ڪيترين ئي آڊيو ڪيسٽن ۾ پنهنجي موسيقي ترتيب ڏني.پاڻ جڏهن جيجي زرينه بلوچ، شيخ اياز سان گڏجي هندستان جي دوري تي ويا اتي سندن آجياڻي ۾ برصغير جي نامور گلوڪار لتامنگيشڪر منجهند جي ماني ڪئي ۽ استاد کي پنهنجي خواهش ڏيکاري ته مون کي به سنڌي موسيقي ۾ ڳارايو وڃي ڇاڪاڻ جو برصغير جي نامور گلوڪار رونا ليليٰ صاحبه به دوري هندستان جي موقعي تي پنهنجي پسند جي موسيقار طور استاد فيروز گل جو آل انڊيا ريڊيو تي نالو ورتو ۽ بيشڪ استاد رونا ليليٰ کي جيڪي گيت ڳارايا اُهي اڄ به امر ۽ يادگار آهن.استاد فيروز گل مرحوم جي موسيقيءَ ۾ ڪمپوز ڪيل آڊيو ڪيسٽون، رونا ليليٰ، عابده پروين، محمد يوسف، جلال چانديو، سجاد يوسف، ثمينه ڪنول، عابده خانم، ثريا مستاني، فوزيه سومرو، تاج مستاني، شمن ميرالي، وحيد علي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون اڄ به سنڌ جي هر ماڻهو جي گهرن ۾ ٻڌيون وينديون آهن. انهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته استاد جي خدمتن تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.استاد هڪ گلوڪار جي حيثيت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ملهايو پاڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندن آواز ۾ رڪارڊ ٿيل گيت اڄ به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، سنڌ ثقافت کاتي، پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ميوزڪ لائبريرين ۾ اڄ به محفوظ آهن. خاص ڪري پاڻ سچل سائين، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال،  شيخ اياز، مرتضيٰ ڏاڏاهي، افضل سولنگي جي شاعري ۾ جيڪي گيت ڳايا آهن، اُهي اڄ به  امر آهن. استاد فيروز گل، سنڌ جي سفير موسيقار جي حيثيت ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نمائندگي ڪئي. انهن ملڪن ۾ امريڪا، جرمني، فرانس، ڪينياڊا، انگلينڊ، اٽلي، انڊيا ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ شامل آهن.

استاد فيروز گل جي انهن عظيم ڪارنامن جي سلسلي ۾ 14 آگسٽ 2011ع تي حڪومت پاڪستان پاران سندس خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس بعد از وفات عطا ڪيو ويو. موسيقيءَ جي انهيءَ سفر ۾ هلندي آخرڪار کيس، 14 آڪٽوبر 1996ع تي نيويارڪ امريڪا ۾ عابده پروين سان گڏجي پرفارمنس ڏيندي، اوچتو هارٽ اٽيڪ پيو. جنھن سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. پر سندن، موسيقيءَ ۾ ٿيل خال، ڪڏهن به پورو نه ٿيندو ۽ استاد جا ڪمپوز ڪيل امر گيت، اڄ به سنڌي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا.





استاد مرحوم فيروز گل جو تعلق موسيقيءَ جي جيسلمير جي ڪلاسيڪل گهراڻي سان هو. سندس ڏاڏو خانصاحب عارب خان هڪ مستند ڪلاسيڪل گويو هو. مرحوم استاد فيروز گل پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي ڏنل ڪلاسيڪل تعليم ذريعي پنهنجي موسيقيءَ جي سفر کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي مڃرايو. استاد فيروز گل پنهنجي فن کي هميشه سنڌ جي شان ۽ مان لاءِ وقف ڪيو ۽ سندن هميشه عزم رهيو ته ملڪي ۽ بين الاقوامي گلوڪارن کي، پنهنجي موسيقيءَ ۾ ڪمپوز ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳارايو وڃي ۽ انهيءَ مقصد ۾ استاد فيروز گل تمام گهڻو ڪامياب ٿيو. جن عظيم گلوڪارن کي استاد فيروز گل پنهنجي موسيقيءَ ۽ نگراني هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳارايو، انهن ۾ برصغير جي نامور گلوڪاره نورجهان، غزل جو بادشاهه مهدي حسن، بنگلاديش جي نامور گلوڪاره رونا ليليٰ، پاپ سنگر عالمگير، هندستان جي نامور گلوڪاره ڪويتا ڪرشنا مورتي، عابده پروين، رحيم شاهه، ارشد محمود، اسد امانت علي خان، مهناز، شوڪت علي، ترنم ناز، سائره نسيم، عذره جهان ۽ بلقيس خانم شامل آهن. انهن فنڪارن سان گڏوگڏ استاد فيروز گل سنڌ جي فنڪارن کي به ڳارايو، جن ۾ محمد يوسف، وحيد علي، محمد جمن، علڻ فقير، سجاد يوسف، شمن علي ميرالي، تعمير حسين، ذوالفقار علي، مظهر حسين، تاج مستاني ۽ فوزيه سومرو شامل آهن. استاد فيروز گل هڪ عظيم موسيقار سان گڏوگڏ هڪ سريلو ۽ مڃيل گلوڪار پڻ رهيو. سندن آواز ۾ رڪارڊ ٿيل گيت، ڪلام، غزل اڄ به ميوزڪ لائبريرين ۾ محفوظ آهن.

استاد فيروز گل کي هڪ گلوڪار جي حيثيت ۾ جن نامور ڪلاڪارن ساراهيو، انهن ۾ فتح علي خان، ميڊم نورجهان، عابده پروين، موسيقار رويندر جين، موسيقار نذر حسين، نثار بزمي ۽ ٻيا شامل آهن. استاد فيروز گل پنهنجي موسيقيءَ ۾ اردو، پنجابي، سرائيڪي، بلوچي ۽ مارواڙيءَ زبان ۾ به ڪئين يادگار آئٽمز رڪارڊ ڪرايا. استاد فيروز گل کي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل ايوارڊ، شهباز ايوارڊ، آل انڊيا ريڊيو ايوارڊ، بي بي سي ايوارڊ، وائيس آف امريڪا ايوارڊ، مخدوم زمان طالب الموليٰ ايوارڊ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. استاد فيروز گل جو عظيم ڪارنامو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي نج سُرن ۾ ڪمپوز ڪري عابده پروين ۽ محمد يوسف کان ڳارائڻ هو. استاد فيروز گل کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن 40 کان وڌيڪ سنڌي فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني، 15 هزارن کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي جا ڪئين پروگرام ان کان علاوه آهن. استاد فيروز گل سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ آمريڪا، جرمني، فرانس، اٽلي، انڊيا، ڪئناڊا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪيو. پنهنجي موسيقي جي سفر هلندي استاد فيروز گل جي وفات 14 آڪٽوبر 1996ع تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ٿي ۽ اهڙي طرح سنڌي موسيقي پنهنجي سفير ۽ سرواڻ کان محروم ٿي ويئي

No comments:

راءِ ڏيندا