; سنڌي شخصيتون: سيد الهندو شاهه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سيد الهندو شاهه - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سيد الهندو شاهه [ 1867ع – 1919ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي سر زمين تي ڀانت ڀانت جي انسانن جنم ورتو آهي، جيڪي مختلف قسمن ۽ حيثتن جا مالڪ ٿي گذريا آهن؛ انهن مان ڪن جي زندگي نيڪيءَ ۾ گذري آهي، ته ڪن وري پنهنجي خداداد لياقتن سببان قوم جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڳنڍي آهي. اهڙن نيڪو ڪارن جو نالو  سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.
 
تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاه جي ڳوٺ ”ڊڀريءَ“ جو مشهور زميندار، سيد الهندو شاه ولد سيد يوسف شاه به هڪ زنده دل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي گذريو آهي، سندس ولادت 24 شعبان 1284 هه مطابق 17 آڪٽومبر 1867ع تي ٿي آهي ٻهراڙيءَ جي رواج موجب، ڊڀريءَ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿيو. سندس طبيعت ۾ سنجيدگي، سادگي ۽ نرمائي زياده کان زياده هئي، خداوند سندس ذهن تيز ڪيو هو؛ جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي به خاص ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين.
سيد صاحب کي، قوم لاءِ هر وقت اونو هوندو هو. ننڍي خواه وڏي ۽ امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳئي ئي ڪرسي هئي. ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ نه گهريائين. اهوئي سبب هو، جو 24 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. موقعي ملڻ سان، ويتر قومي خدمت کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتائين، ان زماني ۾، سنڌ جي ماڻهن تي، غيرآباد پيل زمين تي زوريءَ ڍل وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن کي ”نوبت“ چوندا هئا. نوبت نه ڏيڻ جي صورت ۾، زمين ضبط ٿيندي هئي. سيد صاحب هن ڏس ۾ ذاتي دلچسپي وٺي، نوبت کي هميشہ هميشہ لاءِ معاف ڪرائي ڇڏيو.
سيد صاحب، قومي خدمتن سان گڏوگڏ سخاوت ۾ به مشهور هو. وس ورندي ضرورت مند خواه محتاج در تان واپس نه موٽائيندو هو. قومي خدمتن عيوض، سرڪار طرفان کيس ”فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ“ به مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ ڪافي وقت رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ گهڻو ڪري سفيد هوندي هئي. اڪثر پهرياڻ تي پٽڪو ٻڌندو هو. انگريزي رواج موجب ٽاءِ (Tie) به ڳچيءَ ۾ وجهندو هو. پيرن ۾ سنڌي جتي ۽ موسم مطابق ڪوٽ پائيندو هو.
پاڻ عوام جي سک ۽ سهنج لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيائين. خاص ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ 1903ع ۾ نوشهري فيروز ۾ مدرسو قائم ڪري، مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين. مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رهائشگاه (هاسٽل) پڻ تعمير ڪرايائين. اڄ هي مدرسو هاءِ اسڪول جي صورت ۾ سندس ياد تازي ڪري رهيو آحي. اهڙيءَ طرح لوڪل بورڊ جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ ڪافي مڪتب کولرايائين .
افسوس! سنڌ جي هن مثال انسان کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو؛ جنهن ڪري 53 ورهين جي ڄمار ۾، 1338 هه مطابق 1919ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ صوم صلوات جو پابند ۽ هر روز صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو. مسجدون جوڙائڻ، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوه کوٽائڻ ۽ آئي وئي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ – سندس خاص مشغلو هو. ازانسواءِ سرڪاري ڪمن سان وڏو سهڪار ڪيائين سندس خدمتن عيوض سرڪار کيس آفرين نامن سان گڏ ”آنربل“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به ڏنا. پٺيان ٻه فرزند: قرارو شاه ۽ محمد علي شاه ڇڏيائين.
(1)– پاڻ متعلوي سيدن جي شاخن مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏيءَ پڄنديءَ وارو شخص هو. [”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، 15 جون 1936ع، ص -163].
(1) – سيد صاحب، درٻيلي ۾ عيد گاه جي تعمير لاءِ هندن سان سخت جدوجهد ڪئي. نوبت آخر فساد جي صورت اختيار ڪئي؛ جنهن کي پاڻ ڏاهپ سان، مقدمي جي وسيلي نهايت ئي مدبرانه انداز ۾ ڪاميابيءَ سان نبيريو.

No comments:

راءِ ڏيندا