حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي [1823ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ٽکڙ، علم ادب جي دائري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن
شهر جي عالمن جيڪو علم ادب ۾ چاه ورتو ؛ تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهڙن املهه
ماڻڪ موتين ۾، حافظ حاجي حامد ولد محمد هاشم ميمڻ جو نالو به ورتو وڃي ٿو. سندس
ولادت 22 ربيع الاول 1239ع هه مطابق 15 آڪٽوبر 1823ع تي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ اڃان ٽن
ورهين جو مس ٿيو، ته ماتا جي بيماريءَ سندس اکين ۾ اوندهه آڻي ڇڏي. بس ، پوءِ ته
سمجهه ڀري ٿيڻ سان ئي نور جهڙي نرمل نعمت جو احساس وٺندي، راتيان ڏينهان روڄ ۽
راڙو ڪندو رهيو. انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ آخوند امام الدين ڀنڀري وٽان اٺ سيپارا حفظ
ڪري، باقي ٻاويهه سيپارا مديني شريف وڃي پورا ڪيائين.
ٻن ورهين جي سعودي سفر بعد، واپسيءَ تي ڳوٺ ملا ڪاتيار ۾
آخوند محمد درس وٽان ڪجهه عربي ڪتاب به پڙهيو. ڪن مسئلن تي استاد سان اڻبڻت ٿيس ،
جنهن ڪري اڌوري تعليم ۾ ئي کانئس علحده ٿيو. جوانيءَ ۾ شادي به ٿيس ، پوءِ ته ٻچڙن
جي ڪهول ۾ قابو ٿي، معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنڻ ۽ ونڊ وٺڻ کي مورڳو عيب
سمجهي، ڳوٺ ۾ هڪ ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. الله تعاليٰ کيس ايتري ته ساڃاه ڏني هئي،
جو کري ۽ کوٽي ڏوڪڙ جو به ٺهه پهه پتو پئجي ويندو هوس.
اڪثر سندس صحبت نيڪن؛ صالحن، عالمن، شاعرن ۽ سگهڙن سان
هوندي هئي. کانئن شعر و شاعريءَ ۾ چڱو اڀياس حاصل ٿيس. پوءِ ته پاڻ ”حامد“ تخلص
سان شعر چوڻ لڳو. فارسي زبان ۾ سندس مڪمل ديوان آهي، جيڪو ”ارمغان حامد“ جي نالي
سان 1936ع ۾ ڇپيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ وري غزلن کان علاوه مداحون،
ماجاتون ۽ مولود وغيره به چيا اٿس. زندگيءَ جي آخري حصو حيدرآباد جي نورائي ڳوٺ ۾
گذاريندي، آخر جوڌ پور جي مارواڙي علائقي ۾؛ ”ڄاريلي مڪان“ ۾، 64 ورهين جي ڄمار ۾؛
7- جمادي الثاني 1315 هه مطابق 28 جون 1896ع تي وفات ڪيائين.
No comments:
راءِ ڏيندا