; سنڌي شخصيتون: رشيد احمد لاشاري

01 October, 2011

رشيد احمد لاشاري



رشيد احمد رشيد لاشاري
راحت ملي ٿي درد ۾
نصير مرزا
ڪيڏانهن ويو نظرياتي ادب ۽ ترقي پسندي؟ هونئن ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ واري اها ويڙهاند ۽ ”ڏي سوال، وٺ جواب“ واري ڪهاڻي ايتري ڪا پراڻي ڪانهي. ڪو وقت هو، جيڪي اديب اسٽيبلشمينٽ جا ساٿي بنبا هئا ته اهي سڏبا هئا ساڄي ڌُر ۽ جيڪي حڪومت جا مخالف، اهي کاٻي ڌر....اتفاق سان جيڪڏهن کاٻي ڌر واري ڪنهن قلمڪار جو جهُڪاءَ وقت جي حاڪم ڏانهن ته اهو وري علي الاعلان ٻولڙيو، غدار يا وڪاڻل سڏبو. هي اجهو تقريبن ڏهن ويهن سالن کان واءُ ئي الائي ڪهڙو وريو آهي، هي نوانوي سيڪڙو ترقي پسند، روشن خيال، ماڊرنسٽ ۽ ويندي ڪميونسٽ سنڌي اديب به قطار در قطار ساڄي ڌر وانگر حڪومت جو حصو ۽ اقتدار ڌڻين جا ساٿي، هر اداري ۾ ساڻن سنمک... ڪنهن وقت ۾ ترقي پسند ۽ مزاحمت پسندن وٽ سنڌ جو آواز هو شيخ اياز، ۽ شيخ اياز جي دفاع واري مورچي تي هڪ طرف رشيد ڀٽي جو طاقتور قلم ته ٻئي طرف کان ”انڌا اونڌا ويڄ“ جو مصنف جناب رسول بخش پليجو بطور وڪيل. انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جيڪا نومئنز لينڊ اتي موجود عالم ۽ فاضل هستي جناب مولانا غلام محمد گرامي- حيرت هيءَ ته گرامي صاحب ٻنهي ڌرين ۾ يڪسان مقبول ۽ قابل قبول! هيءُ جيڪو باباءِ سنڌي ادب مرزا قليچ بيگ، اهو وري ائين سمجهو ته ساڄي کاٻي، ٻنهي ڌرين وٽ اگهاڻل روشن خيال- جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني نادر بيگ ۽ روايت پسند ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل پاڻ ۾ اهڙا ته گهاٽا ۽ گهرا دوست هُئا، جو روز صدر حيدرآباد واري ”مهربان ايراني“ هوٽل ۾ چانهن به پيئندا هُئا ته شطرنج راند به ويٺا کيڏندا هُئا. ٻئي پاسي مون ته پنهنجي اکين سان ڏٺو ته مارڪسسٽ دانشور جويو صاحب، انهيءَ قليچ ڪتب خاني ۾ قليچ صاحب جي فرزندن مان اسد بيگ ۽ اجمل بيگ سان علمي ادبي ڪچهريون ڪندو نظر ايندو هو.


ادب ۾ منهنجي ڪا به وڏي حيثيت ڪونهي، پر وري به چوڻ جي جسارت پيو ڪريان ته ۱۹۷۰ع کان سنڌي ادب پڙهڻ جي چُوس ۾ هڪ ئي رات اندر نثر جا مون ٻه اهم ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. کاٻي ڌُر جي عظيم شاعر شيخ اياز جي خطن جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۽ ساڄي ڌر جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ڪهاڻين جو مجموعو ”عبرت ڪده“...ياالله هي ٻئي ڪتاب ڇا ته شاندار، شاهڪار ۽ ايترا وزندار جو اهي ساهميءَ جي ڌار ڌار پلڙن (پُڙن) ۾ وجهي توربا ته ڪاڻ ئي ٽٽي پوندي. تڏهن ان ئي رات جي صبح جو مون فيصلو ڪيو ته ادب ۾ ڇا جي کاٻي ڌر ۽ ڇا جي ساڄي ڌر، بس جنهن جنهن به قلمڪار جو لکيل ادب اُتساهي، روشني ڏي ۽ وڻي آئون ته ان جي ئي آڌار...پر ان زماني ۾ آئون ته اردو سنڌي فلمون به دل کولي ڏسڻ لڳو هوس. عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنهون، چانڊوڪي، محبوب مٺا، شهرو فيروز، پنوعاقل ۽ اهڙين سڀني فلمن ۾ هي ڇا ته نج نبار سنڌيءَ ۾ ڊائلاگ ۽ سُريلا رسيلا گيت ”منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي“، ”سج  اڀريو سکن جو“، ”جيڪا ڪڻڪ رنگي منهنجي دل کي وڻي“، ”راحت ملي ٿي درد ۾“، ”منهنجا سائين سنڌي ٽوپيءَ وارا“، ۽ ”سهڻي سنڌڙيءَ تان صدقي“ وغيره. تڏهن پُڇا ڪيم ته نيئن طرز جي اهڙن انوکن گيتن جو هي شاعر الائي ڪير!؟ خبر پئي ته ساڄي ڌُر جو قلمڪار ليکجندڙ ، ۽ کاٻي ڌر جي کنا کيڙ ڪندڙ انهي شاعر جو نالو آهي رشيد احمد لاشاري...اهو ئي انهن فلمن جو ڊائلاگ رائيٽر پڻ. تڏهن ان ڏينهن دل ئي دل ۾ مون هُن کي لقب ڏنو هو سنڌي فلمن جو شڪيل بدايوني شاعر رشيد احمد لاشاري.
خير اها مٿين ڳالهه ته ٿي لاشاري صاحب جي فلمي ڪئيرير تي، پر سنڌي علم، ادب ۽ نثر شعر ۾ هُن جي حيثيت ڇا؟ ۽ هو پاڻ ڪٿان جو!؟ خبر پئي ته جيڪب آباد جي مٽي، انهيءَ ڪري مزاجن گرم گرم، سندن ماءُ ٻولي سهڻي مٺي سرائيڪي- اردو سنڌي، پنجابي، فارسي ۽ بلوچي ٻولين تي خوب خوب کيس دسترس...بقول ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جي ته هو انتهائي بااخلاق، من کي وڻندڙ ۽ سيمابي سڀاءُ....پرائمري سيڪنڊري ٽيچر ۽ عبدالله هارون ڪاليج ۾ ليڪچرار پڻ ٿيو. پر پير ۾ ڪا ڦرموٽي هئس، ان ڪري ڪٿي به ٽڪاءُ نه ڪندڙ هو. افسوس جو دم جو دائمي مريض هو ۽ مشين گن رفتار سان لکڻ وقت هڪ هٿ ۾ قلم ته ٻئي هٿ ۾ انهيلر هوندو هئس. جنهن سان هو پنهنجي سهڪ جو علاج ڪندو رهندو هو. بقول تنوير عباسي صاحب جي ته علاج جي پئسن لاءِ لاچار رهندو هو. انڪري ساڄي ڌُر وارا هن جي لکڻ واري ٽئلنٽ کي ”مِس يوز“ ڪندي هن کان ترقي پسندن ۽ شيخ اياز بابت تواتر سان طنزيه ۽ تنقيدي مضمون لکرائيندا رهندا هُئا. ان دوران سخت علالت ۾ هُو ٽنڊي ولي محمد مان نڪرندڙ هڪ اخبار ۾ فري لانسنگ به ڪندو رهيو. لاشاري صاحب جي اهڙن ڏينهن کي ياد ڪندي پنهنجي دور جي ياد حافظ نفيس احمد شيخ ناشاد ٻڌايم ته ٽه ماهي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب سان ڀائپي هوندي هُئس، وٽس گهر پيو ايندو ويندو هو. سخت تنگ دست رهندو هو، ان ڪري گرامي صاحب حال ساروُ سندس مددڙي به پيو ڪندو هو. پوئين دور ۾ واڍن جي پڙ حيدرآباد ۾ رهائش هئس، جتي سنڌي فلمن جو ٻيو ليکڪ هدايتڪار اسماعيل بن واصف اڳي ئي خير شاهه جي پڙ ۾ رهندو هو ۽ هي ٻيئي گڏجي پيا گهمندا پسار ڪندا هُئا. اتي رمون ڪوريءَ جي منڍي پاون ۽ چاپن واري هٽ تي ساڻس دعا سلام پئي ٿيندي هُئي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ جنهن وقت کاٻي ڌر جو سرواڻ محمد ابراهيم جويو صاحب سيڪريٽري هو ته لاشاري صاحب اتي ”سنڌيڪار“ يعني ٽرانسليشن بيورو ۾ ننڍڙو ملازم هو. باوجود ديوان گدا شاهه مرتب ڪري ڏيڻ ۽ دنيا جي شاهڪار ڊرامن ”شڪنتلا“ ۽ ”نل دمينتي“ ترجمو ڪري ڏيڻ جي انهيءَ نوڪري مان کيس ڪڍيو ويو ته هن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن لاءِ ٻارن بابت شاندار سبق ۽ نظم لکڻ شروع ڪيا: ”اچو ڙي ڀينر راند رچايون، ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون“ ۽ ”وهه واهه پيارو پوپٽ“ وغيره. تنگ دستيءَ ۾ هو جڏهن بيماري جي بستري تي اچي ويو ۽ ساڄي ڌر وارن جي ڪم جو نه رهيو ته بقول شمشيرالحيدري هن جا سڀ سڄڻ لاپتا ٿي ويا ۽ هو اسپتال جي بستري تي بيگانن وانگر اڪيلو نظر ايندو هو. پڪ سان سوچيندو به هوندو ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ڪو نه ٿيا.“ علالت ۽ ضرورت جي اهڙن شديد ڏينهن ۾ هُن ڊائري ۾ لکيو، ”جويي صاحب اوچتو مونکي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، جويائي حاسدن منهنجي مقابلي ۾ ڪيترائي ادبي بُت کڙا ڪيا، پر ڪو به منهنجي ڏات جي ڏيئي کي وسائي نه سگهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ نامي گرامي رجسٽرار جيڪو پاڻ کي وائيس چانسلر کان گهٽ نه سمجهندو ۽ جنهن جي نالي ۾ شعر ۽ مضمون آئون لکندو هوس، علالت ۾ ان شخص به اکيون مون کان ڦيري ڇڏيون.“ اڳتي هلي لاشاري صاحب اهڙيءَ حالت ۾ ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ڪراچيءَ جي مالڪ سعيد هارون کي هڪ خط ۾ دانهن ڏيندي لکيو ”سائين هدايتڪار شيخ حسن فلم ”نوري ڄام تماچي“ جي گيتن ۽ ڪهاڻين جي معاوضي ڏيڻ ۾ گوٿناٿ پيو ڪري، بلڪه معاوضي گهرڻ تي هن مون کي يونٽ کان به ڌار ڪري ڇڏيو آهي. اجورو به غضب ڪيو ويٺو آهي. منهنجي ڪا واهر ڪريو.“ اجهو اهڙن ٻن ٽن خطن مان هڪ خط ۾ وفات کان اڳ پنهنجي حسب حال هُن کي شعر به لکيو آهي:
رشيد آهه هاڻي، ٻڏل پنهنجو ٻيڙو
لُڙهي ويا ڪُنن ۾ ڪنارا اسان جا
جڏهن مهر وارن کڻي منهن مٽايو
ويا ختم ٿي سڀ، سهارا اسان جا



رشيد احمد لاشاري
۱۹۲۲ع – ۱۹۷۰ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ زبان جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن کي ”علم عروض“ جي قواعد و ضوابط توڙي ”ڪلاسيڪل شاعريءَ“ جي فن تي مڪمل دسترس حاصل آهي. اهڙن پختن شاعرن ۾، رشيد احمد ولد مير زرڪ خان جو به شمار ٿئي ٿو. سندس ولادت ڳوٺ ”ملغذار“ تحصيل نصيرآباد، ضلعي سبي (بلوچستان) ۾ ۱۹ شعبان ۱۳۴۱هه مطابق ۸ اپريل ۱۹۲۲ع تي ٿي آهي.
مير زرڪ خان ولد مير ڌڻي بخش خان جي ولادت جيڪب آباد ۾ ٿي. پاڻ پي جيان فورٽ سنڊيمن ۾ ”ليويز پوليس“ جو دفعدا (صوبيدار) هو. سال ۱۸۰۰ع ۾ رٽاير ڪري، بلوچستان واري زمين وڪڻي ، ديهه بجاراڻي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ گذر سفر لاءِ زمين خريد ڪري، منجهس ڪچو قلعو جوڙائي رهڻ لڳو. سال ۱۹۲۵ع ڌاري تنگدستيءَ سببان زمين گروي رکي واپس ويو. آخر ۱۹۳۱ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ آيو، جتي ۱۹۳۲ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ پنجابي زبانن جو بهترين شاعر هو. پهريائين پنهنجي پٽ جو نالو، پيءُ جي نسبت سان ”ڌڻي بخش“ رکيائين، پر پوءِ پنهنجي هڪ وفادار دوست جي ياد ۾ ”رشيد احمد“ سڏڻ لڳو.

No comments:

راءِ ڏيندا