; سنڌي شخصيتون: شاهه لطف الله قادري- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

شاهه لطف الله قادري- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


شاهه لطف الله قادري رح [ 1611ع – 1680ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شاه لطف الله ولد سيد حبيب الله قادري، ارغونن جي دور جو سيد عبدالڪريم رح کان پوءِ، بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت خيرپور ميرس جي ڳوٺ ”پريالو“ 1020 هه مطابق 1611ع ۾ ٿي. ڪجهه وقت بعد باقبائل لڏي ”اڳهم“ ڳوٺ ۾ باقاعدگيءَ سان رهڻ لڳو. نهايت نيڪ نيت، باعمل، عارف، ڪامل ۽ عالم هستي ٿي گذريو آهي. ظاهري علم ديني درسگاهن مان حاصل ڪندي، ”قادري طريقي“ جي بزرگن وٽان فيض ورتائين.
 
پاڻ وقت جي جيد عالم هجڻ سان گڏوگڏ ظاهري خواه باطني علوم ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. سندس شهرت سنڌ جون حدون اورانگهي، ڏور ولايتن تائين پهتل هئي؛ جنهن ڪري ڪيترائي سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. زندگيءَ جو ڳچ حصو درس و تدريس ۾ صرف ڪندي، سوين سالڪن کي علم جي درياه مان سيراب ڪيائين، جيڪي وڏا عالم، فيض ۽ مجدد بڻيا. اسلام جي تبليغ ۾ حق گو مجاهد هو. اگرچ سندس طبيعت ۾ عجز ۽ نياز زياده هو، مگر جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي به قرآن ۽ حديث موجب حق سچ چئي ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو هو.
عربي ۽ فارسيءَ ۾ کيس وڏي دسترس حاصل هئي. فارسي زبان ۾ ٻه ڪتاب ”تحفه السالڪين“ ۽ ”منهاج المعرفة“ سندس علمي ڏات جي ساک ڀرين ٿا. ازانسواءِ سنڌي شاعريءَ ۾ سندس ڪافي ڪلام چيل آهي، جيڪو زماني جي ستم ظريفيءَ ۽ بي قدريءَ سبب ضايع ٿي ويو آهي. باقي بچيل ڪلام ( 357 بيت)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان، ”شاه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ نالي سان 1928ع ۾ شايع ڪرايو آهي.
شاه لطف الله سنڌي شاعريءَ ۾ اعليٰ پايي جو شاعر آهي. سنڌ جا نيم تاريخي داستان توڙي نيون تمثيلون ۽ تشبيهون، تصوف جي رنگ ۾ سندس بيتن جو موضوع رهيا آهن. فني نقطه- نگاه کان سيد صاحب بنيادي شاعر آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان سندس بيتن ۾ قافيو، بيت جي آخري مصرع جي وچ تي ڏنل ملي ٿو. ستر ورهين جي عمر ۾ 1090هه مطابق 1680ع ۾ راه رباني ورتائين. نمونه - ڪلام هيٺ ملاحظه فرمايو:-
ڪي نڱيا ناسوت ڏي، ڪي ملڪوت مڙن،
ڪي جنبيا جبروت ڏي، ڪي لاهوتا لڙن،
ڪي وه پئا وتري، هليو هاهوت وڃن،
آءٌ ٿو پڇان پيڙا، سڌيون سالڪن
اوءِ ڪيهي جال هلن، سيڪڙو سبحان جا.“

(1) – ”قادري طريقو“، تصوف جو قديم طريقو آهي؛ جنهن جو باني، سلطان المشائخ ۽ اَهل - طريقت جو سردار، حضرت غوث اعظم محي الدين محبوب سبحاني، قطب رباني، غوث حمداني سيد عبدالقادري جيلاني رح (1078ع – 1166ع) آهي. باقي طريقت (سهروردي چشتي ۽ نقشبندي) جا باني به سڌيءَ طرح خواه اڻ سڌيءَ طرح وٽانئس ئي فيضيات ٿيا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا