; سنڌي شخصيتون: سر غلام حسين هدايت الله - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

01 October, 2011

سر غلام حسين هدايت الله - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


سر غلام حسين هدايت الله [ 1879ع – 1948ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

الله تعاليٰ وڏو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي؛ جنهن انسان کي اعليٰ صلاحيتن ۽ لياقتن جو مالڪ بڻايو آهي. سنڌ صوبي ۾ ڪيترا ئي اهڙا با صلاحيت، لائق ۽ نيڪ مرد ٿي گذريا آهن، جن هڙان توڙي وڙان، ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ مدد پئي ڪئي آهي. سر غلام حسين ولد هدايت الله شيخ جو شمار به انهن نيڪ سيرت ماڻهن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾، جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون آهن.
 
سر غلام حسين، سنڌ جو ناميارو سياستدان، قانون دان ۽ هڪ بهترين منتظم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 24 شوال 1297هه مطابق 11 جنوري 1879ع تي شڪارپور ۾ ٿي آهي. سندس جد- امجد اصل هندو ڪشميري نسل جا هئا. سندس والد بزرگوار واپار سانگي لڏو لاهي اچي شڪارپور ۾ رهيو؛ جتي 1873ع ۾ مسلمان ئي پاڻ کي ”شيخ هدايت الله“ نالي سان سڏائڻ لڳو. غالباً 1880ع ڌاري وفات ڪيائين.
ننڍڙي غلام حسين کي ننڍپڻ کان ئي يتيمي زندگي بسر ڪرڻي پئي. انهيءَ ڪسمپرسيءَ واري ڪيفيت ۾ به علم کي هٿان نه ڇڏيو. هڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف سرپرستي نه هئڻ ڪري، سندس هنيانءُ هيڻو ٿي پيو، پر جيئن ته پاڻ هڪ باهمت، اورچ ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو؛ انهيءَ ڪري پنهنجي تعليم کي ترڪ ڪرڻ بدران، جاري رکيو. ان زماني ۾ شڪارپور شهر ۾ اڃا بجلي به ڪانه آئي هئي . چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ مفلسيءَ جي حالت ۾، رات جو گهر کان ٻاهر ميونسپالٽيءَ طرفان لڳايل فانوسن هيٺان پڙهندو هو. اهڙيءَ طرح روز مره جي انهيءَ مستق، آخر سندس ڪاميابيءَ لاءِ راهون روشن ڪيون .
پاڻ ابتدائي تعليم کان ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. آخر ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، بمبئيءَ ويو. جتان بي – اي ۽ ايل ايل – بي جون ڊگريون وٺي، 1905ع ۾ واپس وطن پهتو. پوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. آهستي آهستي پنهنجي اورچائيءَ ۽ جانفشانيءَ سان ناماچار ڪڍي ، 1918ع ۾ حيدرآباد ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊجي ويو. اهڙيءَ طرح جنوري 1921ع ۾ کيس بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ گورنمينٽ جو وزير مقرر ڪيو ويو. انهي عهدي تي هوشياري ۽ قابليت سان ڳچ عرصو فائز رهيو – 1925ع ۾ کيس ”خانبهادر“ جو لقب ۽ 1926ع ۾ ”سر“ جو خطاب به مليو. جون 1928ع کان جون 1934ع تائين ايگزيڪيوٽو ڪائونسل بمبئيءَ ۾ رڪنيت به ورتائين.
1930ع ۾ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي،  سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. نتيجي طور ”1935ع واري انڊيا ائڪٽ“ تحت 1936ع ۾ سنڌ، بمبئيءَ کان علهده ٿي؛ سر صاحب کي هڪ سال لاءِ سنڌ جو ايڊ منسٽريٽو ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. فيبروري 1937ع واري عام انتخابات ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو؛ ۽ اپريل 1937ع کان سنڌ صوبي جي پهرين وزارت جو وزيراعليٰ بڻيو. آگسٽ 14، 1947ع بعد ورهاڱي دوران، پاڻ سنڌ جو وڏو وزير ۽ آخر ۾ گورنر ٿيو.
افسوس! حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري 69 ورهين جي ڄمار ۾ 13 ذوالقعد 1368 هه مطابق 4 آڪٽوبر 1948ع تي، گورنر جي عهدي تي رهندي، ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. کيس اتي ئي پراڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پٺيان ٻه فرزند ڇڏيائين، جن مان وڏو انور غلام حسين هدايت الله (ولادت 7– 12– 1919ع)، پاڪستان طرفان برازيل ۽ پئرا ۾ نمائيندو به ٿي رهيو آهي.
سر غلام حسين، پنهنجي وقت جو اعليٰ منتظم، محب وطن، همدرد، سياسي سمجهه ٻوڄهه ۽ فهم فراست وارو ڪامياب سياستدان هو. سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سندس ڏنل قربانيون، سنڌ جو عوام ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندو. خدا کيس جنت نصيب ڪندو.
(2)– هي عهدو، ان زماني ۾ اهم سمجهيو ويندو هو، جيڪو عموماً سياسي بصيرت واري کي سونپيو ويندو هو. سر صاحب، قيام- پاڪستان بعد به ڪافي وقت ان عهدي تي فائز رهيو.
(1)– شڪارپور جو شهر 1026 هه مطابق 1617ع ۾ قائم ٿيو هو.
] "A visit to the Court of Sind" – Alexander Burnes, Edinburgh, 1913, P. P 336 [
(2)– جناب قاضي عبدالحي ”قائل“ رتيديرائي جي چوڻ مطابق سر غلام حسين کي سندس والد بزرگوار قاضي عبدالحق ولد مولوي قاضي خوش محمد (1850ع – 1930ع)، پنهنجي طرفان ذاتي مدد ڏيئي پڙهائڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. ان وقت جي دستور موجب موروثي ”قضا“ ڪندڙ کي ”سب رجسٽرار“ مقرر ڪيو پئي ويو. قاضي عبدالحق به انگريزن جي اچڻ سان انهيءَ عهدي تي فائز ٿيو. پهريائين کين پگهار نه ملندو هو ۽ صرف داخلا جو حصو ملڻ لڳو. هي عهدو 1922ع کان پوءِ مستقل ملازمت هيٺ آڻي، باقاعده پگهاردار بنايو ويو.
(1)– ” هي پهريون سنڌي مسلمان هو، جيڪو ايڏي اعليٰ منصب تي وڃي رسيو هو.“
]"North India, Who`s Who" (sind & Baluchistan), The Mehta Publicity Corporation Lahore, ILLUSTRATED 1942: P.P 12[.

No comments:

راءِ ڏيندا