; سنڌي شخصيتون: ديوان هريرام درياني ”دلگير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 October, 2011

ديوان هريرام درياني ”دلگير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ديوان هريرام درياني ”دلگير“ [جنم 1916ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ديوان هريرام ”دلگير“ پٽ گرڏنو مل دريانيءَ جو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾، 15 جون 1916ع تي ٿيو آهي. سندس پتا نهايت ئي ديانتدار ۽ لائق انسان هو؛ جنهن مختيار ڪاريءَ جو عهدو به ماڻيو هو. هن پنهنجي پٽ هريءَ کي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي – اي (B.e) تائين پڙهايو پوءِ ملازمت جي ارادي سان پهريائين اوور سيئر، ايس – ڊي – او ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بڻيو، جتان 1958ع جي آخر ۾ هندستان هليو ويو .
 
”دلگير“ صاحب نهايت ئي اَوِرچ ۽ هوشيار انسان آهي – 1958ع کان ”تولاڻي پاليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ“ آدي پور (ڪڇ) ۾ فائوندڙ پرنسيپال جي عهدي تي فائز آهي؛ ۽ ساڳئي وقت گانڌيڌام ڪاليجيٽ بورڊ جو بنيادي سيڪريٽري پڻ آهي. ساهتيه اڪيڊمي بمبئي يونيورسٽي ۽ گجرات يونيورسٽيءَ جي سنڌي وڀاڳه سان گهرو ڳانڍاپو آهي.
ديوان درياني صاحب، جديد شاعرن ۾ اهم حيثيت جو مالڪ مالڪ آهي، سادگي ۽ سلاست سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. ان کان سواءِ سندس ڪلام ۾ بي پناه رواني ۽ لفظن ۾ هڪ قسم جو ترنم آهي. عمدة الشعراءُ نواز علي ”نياز“ جعفري (1892 – 1959ع) کي انهيءَ سلسلي ۾ ”استاد“ ڪري مڃيندو هو؛ ۽ ساڻس خوب روح رهاڻيون ڪيائين. لاڙڪاڻي جي مشاعرن توڙي عام ادبي محفلين ۾ به گهري دلچسپي ورتائين. سندس شعر سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ساڳئي وقت سندس ڪلام جا مجموعا به ميدان تي آيل آهن . بيت ، وايون پنجڪڙا گيت غزل، ترائيل، نظم، ٽيڙو، قطعا، رباعيون، للت پد ۽ نظاماڻو نثر وغيره تي خوب طبع آزمائي ٿيل اٿس.
پاڻ نهايت ئي حساس طبع آهي. ماحول جي اوڻاين ۽ سماج جي سڌارن بابت هر وقت سندس اندر ۾ هورا کورا رهي آهي. هو ستايلن جي سار لهي ٿو ۽ بي اختيار ان جي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿو ڇڏي ويدانيت ۽ تصوف کان به خوب متاثر نظر اچي ٿو. سندس نظر ۾ ”سڀ ۾ ان سائينءَ جو پرتوو آهي“ نموني طور سندس ڪلام مان مثال هيٺ ڏجي ٿو :
”تنهنجي پيرن هيٺان هماليه، جهڪي ڪري پرنام!
آسمان جو چنڊ نه نوڙي، توکي ڪري سلام،
نيلي اڀ ۾ ڊوڙون پائين،
جهنڊي پنهنجي کي جهولائين،
شاهي تنهنجو شان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!“
ديوان ”دلگير“ صاحب، فرض شناس، ديرينيو، شريف، اندر ٻاهر هڪ جهڙو ۽ ٿور ڳالهائو آهي. مطلب ته ٻيا گڻ، جيڪي بالا عملدارن جا ڳهڻا آهن، سي منجهس موجود آهن اهڙا لائق تعليم ڏيندڙ ڪي دنيا ۾ ڇڊا آهن. ڌڻي کيس وڏي حياتي بخشي ۽ هو شال پنهنجو وقت سڦلو ڪري؛ ۽ هند ۾ رهي به، سنڌ جو نام اوچو ڪندو رهي.
(2)– سنڌ مان ڇپيل سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”هرشچندر جي ڪوتا“ (1941) ، ٻيو ”ڪوڏ“ (1942ع) ۽ ٽيون ”ماڪ ڦڙا“ (1953ع) آهي. هندستان مان وري ”موج ڪئي مهراڻ“ (1966ع) ۽ ”پل پل جو پڙلاءُ (1977ع) پڻ پڌرا ٿيا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا