; سنڌي شخصيتون: 2014

24 December, 2014

نظير سمون - ناصر قاضي

نظير سمون
سرن جو ساکي، رنگن جو رانديگر ۽ شاعريءَ جو شائق
ناصر قاضي
ڪنهن شاعر پنهنجي هيءَ خوبصورت سٽ سرجي ڏات کي ڪيڏي نه ڊگھي حيات بخشي ڇڏي آهي ته ’ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ... ..‘ بيشڪ اها ڏات ئي آهي، جيڪا ڏيهن جي ڏاتر طرفان عطا ٿيندي آهي. ڏات هڪ اهڙي شڪتي آهي، جيڪا ڪنهن به رنگ توڙي ڍنگ ۾ پنهنجو پيام عام تائين پهچائيندي آئي آهي ۽ اها ئي ڏات يقيناً نصيبن واري جي ئي حصي ۾ ايندي آهي.

اياز عالم ابڙو - هاشم شورو

اياز عالم ابڙو
هاشم شورو
اياز سان پهرين ملاقات چٽي ياد اٿم. اياز، علي بابا سان ڊاڪٽر نواز قمر عباسيءَ جي ڪلينڪ تي آيو. مون کي زوار نقوي ڪجهه ڪتاب ڏنا ته وڪڻي ڏي، سو ڪجهه وڪيا ڪجهه مون وٽ پيا هئا جيڪو هڪ ڪتاب علي بابا کي پيش ڪيو ۽ هڪ اياز کي، ”سائين نالو ڇا لکان؟“ مون اياز کان سوال ڪيو. ”اياز عالم ابڙو“. ”ڇا؟“ اياز سمجهو ته مون نالو صحيح طرح نه ٻڌو آهي سو ڏاڍيان چيائين؛ ”اياز عالم ابڙو“. مون اياز لاءِ پنهنجي ذهن ۾ جيڪا تصوير جوڙي هئي سا هرگز هن اياز جهڙي نه هئي. منهنجي ذهن ۾ اياز جي شبيهه مرحوم نسيم کرل جهڙي ڳري ليکڪ جهڙي هئي، پر هيءُ ته سنهڙو سيپڪڙو ۽ جيتامڙو اياز اهڙيون دئوس ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ٿو لکي، عجب آهي.

مير علي بخش ٽالپر - روچي رام

مير علي بخش ٽالپر
جنھن جهڙو اڄ ڳوٺن ۾ به ڪونهي!
روچي رام
اڄ اسانجي اوسر ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن. پاڪستان بند گلي ۾ اچي جامد ٿي ويو آهي. ان وقت مونکي پنهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي مير علي بخش ٽالپر گهڻو ياد ٿو اچي. جيتوڻيڪ هو سنڌ جي اڳوڻي ميرپورخاص جي خطي جي حڪمران ۽ بهادر شخص مير شير محمد خان ٽالپر جي خاندان جو فرد هو پوءِ به هن دور  ۾ مير علي بخش وڏو انقلابي هو. هن جو ايوب دور ۾ بلوچستان جي تحريڪ ۾ وڏو هٿ هو. هو سنڌ جي عوامي تحريڪ جي بانين محترم رسول بخش پليجو ۽ محترم فاضل راهو سان گڏ بنياد رکڻ ۾ شامل هو.

مير علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير” قانع“ ٺٽوي

سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ

مختيار احمد ملاح



ڪلهوڙن جي دور کي سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ جي لحاظ کان ”سونهري دور“ چيو ويندو آهي. هن دور ۾ سنڌ ۾ اهڙا نامور شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن جي شهرت، ديس پرديس عام هئي. هن ئي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي، عربي، فارسي، هندي ۽ اردو علم ۽ ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ ۾ لکت جو رواج عام ٿيو ۽ باقاعدي نصاب جوڙي اسڪولن ۾ نظام تحت رائج ڪيو ويو. علم جي اڪثر شاخن تي بيشمار ڪتاب عربي، فارسي، ۽ سنڌي ۾ لکيا ويا ۽ ترجمو ٿيا. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. ان سلسلي ۾ وڏو نالو عظيم مورخ علي شير قانع جو اچي ٿو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي بيشمار ۽ لازوال ڪتاب لکي ان کي اسان تائين پهچايو.

ڄام خان سندراڻي - شازيه حسن

ڄام خان سندراڻي
سنڌ ۾ تعليم جو رابن هڊ
شازيه حسن
جڏهن ڪچي جي علائقي جي ڪنهن گهر يا ٻوڏ واري پاڻيءَ جي سرحدن تي گهوٽڪيءَ جو ڪو ٻار اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪندو هجي يا بيماريءَ جو بهانو ڪندو هُجي ته اُن کي پيءُ ماءُ اهوئي چوندا آهن ته ”اسڪول وڃ پُٽڙا نه ته ڌاڙيل ڄام خان سندراڻي ايندو ۽ توکي پاڻ وٺي ويندو.“
جيڪڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ ڪو مسئلو آهي ته ڄام خان اُن جي حل کي يقيني بڻائيندو آهي. جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو مسئلو هوندو ته ڄام خان ٻارن جي گهرن ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل بيهاري اُنهن جو انتظار ڪندو آهي ته جيئن اُنهن کي اسڪول پهچائي سگهي ۽ هو پاڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته جيئن ڪو به ٻار اسڪول کان محروم نه ٿي سگهي.

الله بچايو کوسو - ناصر قاضي


الله بچايو کوسو
چارڻ پنهنجي چنگ کي چوري ڪاڏي گم ٿي ويو
ناصر قاضي
خالق جون اڻکٽ عطائون جيڪڏهن بارانِ رحمت جو روپ وٺي، ڪنهن به بشر مٿان برسي پون ٿيون ته نتيجي ۾ ڪريم پنهنجي ڪريميءَ جا ڪروڙين قربائتا ڪرشما ڏيکاري ٿو ۽ امالڪَ ائين به ٿئي ٿو، جو ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ٻالڪ پنهنجي گڏ ڪيل خرچيءَ مان ٻاراڻيون بينون خريد ڪري، پنهنجي منهن سان ڦوڪون ڏيڻ کان پنهنجي عشق جو آغاز ڪري ٿو، اڳتي هلي اهو ٻالڪ ڌرتيءَ جو اهو سريلو الغوزي جو وڄتڪار بڻجي وڃي ٿو، جو ان مٿان شهرت جي ديوي به ديواني ٿي پوي ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو وقت به اچي ٿو، جو اهو ئي الغوزي ڌڻي پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه کان پرڏيهه، واهڻ کان واشنگٽن توڙي ڳوٺاڻين چؤيارين کان چين تائين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سونهاريءَ سنڌ جو سفير بڻجي، فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ جي خاص ثقافتي ساز الغوزي کي روشناس ڪرائي، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ واهه واهه کان وٺي، عالمي شهرت ماڻي ڏيکاري ٿو.

منير احمد ماڻڪ

ماڻڪ

جيڪو تخليق جو ٻرندڙ جبل هو!

منور سراج



ماڻڪ بابت ڪجھه ڳالهائڻ منهن جي لاءِ ائين مشڪل ڪم آهي جيئن ڪنهن ٻار لاءِ لهرن سان ڀريل درياهه ۾ لهڻ.

ماڻڪ، جنهن خودڪشيءَ کي ڪنهن خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هو منهنجي لاءِ هن مهل تائين هڪڙو پراسرار خواب بڻيل آهي. اهڙو خواب، جيڪو ڪنهن به تعبير جو محتاج ناهي.

هو پنهنجو خواب به پاڻ هو ۽ تعبير به پاڻ هو!

22 November, 2014

نسيم کرل - نصير اعجاز

نسيم کرل
سنڌ جي وڏيري ڪلاس جو پھريون ليکڪ
نصير اعجاز
مرحوم طارق اشرف اُڻويھه سئو چوھتر ۾ جڏھن سُھڻي رسالي جو خاص نسيم کرل نمبر ڇاپيو ته اُن ۾ مٿس لکندڙ اڪثر اديبن کيس وڏيري جي لفظ سان ياد ڪيو. عبدالقادر جوڻيجي کيس “وڏيرو نسيم کرل” ڪوٺيو، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ليک جو عنوان ھو “وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾”، پير حسام الدين راشدي، جنھن جي پنھنجي زمينداري به ھئي، تنھن نسيم کرل جي والد ۽ چاچي سان ويجھن دوستاڻن لاڳاپن جي حوالي سان لکيو. جڏھن ته مرحوم تنوير عباسيءَ نسيم کرل کي “وڏيري ڪلاس جوپھريون ليکڪ” ھئڻ جو خطاب ڏنو. نسيم کرل وڏيرو ھو، کيس زمينداري ته ورثي ۾ مليل ھئي پر ادب به سندس ميراث ھو جو سندس والد حاجي عبدالڪريم کرل به شاعر ھو ته چاچو عبدالرحيم ادب ۽ صحافت سان واڳيل رھڻ کانپوءِ خيرپور رياست جو سرڪاري وڪيل ۽ پوءِ اُتان جي ھاءِڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو. بس فرق رُڳو اھو ھيو ته نسيم کرل بي اي، ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ ڪا نوڪري يا وڪالت ڪرڻ بدران زمينداري سنڀالي جو کيس  نوڪريءَ جي گھرج به ڪانه ھئي ۽ ٻيو ته پيءُ جي وڏي پُٽ ھئڻ سبب اُن جي وفات تي زمينداري سنڀالڻ جي ذميداري به مٿس ھئي.

ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه- سيد ظفر علي شاهه

ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه
بي لوث ۽ پرخلوص انسان
سيد ظفر علي شاهه
هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ ته هرڪو جتن ڪري ٿو، پر ٻين ڪاڻ جيئڻ اصل انسانيت آهي، جيڪا خوبي ڊاڪٽر سيد منور علي شاهه مرحوم ۾ تمام گهڻي هئي. سائين جن اسان کان تاريخ ۰۳ آڪٽوبر ۲۰۱۴ع کان وڇڙي ويو، ويندي ويندي پنهنجي دوستن، عزيزن، ڀائرن، ساٿين، مريدن ۽ خاص طور تي اولاد کي ڏکارو ڪري ويو. سائين ڊاڪٽر منور علي شاهه سبزواري سال ۱۹۵۸ع ۾ قلندر پاڪ جينگري سيوهڻ شريف ۾ جنم وٺندڙ هر دلعزيز شخصيت تحت سيوهڻ جي سبزواري خاندان مان هو. سندس والد مرحوم سيد حاجي موٽيل شاهه سبزواري پنهنجي دور جو پرهيزگار، متقي، نيڪ صفت ۽ سخي انسان هو. سيوهڻ ۾ قديم دؤر کان وٺي هر مهيني جي ۲۱هين جي رات سائين جي خيرات مشهور هئي، جيڪا سندس پونيئر اڄ تائين اها رسم باقائدگيءَ سان هلائيندا اچن. ڊاڪٽر مرحوم جو وڏو ڀاءُ سيد عزت علي شاهه مرحوم جو شمار سيوهڻ جي اهڙن ڀلارن انسانن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هڪ سحر انگيز شخصيت جا مالڪ هئا، سيد عزت علي شاهه هڪ اعليٰ شعور ۽ ذهين سماج سڌارڪ انسان هو. پنهنجي اخلاقي ۽ سياسي بسيرت جي طفيل سندس فرزند محترم سيد آصف علي شاهه سڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، جيڪو هاڻي به علائقي جي سياسي ميدان ۾ مشهور آهي. ڊاڪٽر منور علي شاهه مرحوم پنهنجي شروعاتي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي، ميٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ نمايان نمبر منجهان حاصل ڪئي ۽ ائين نمايان پوزيشنون ماڻيندو ڊاڪٽر بڻيو. سندس تعليم جي دوران سندس استاد ساڻس ڏاڍو پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا، جن ۾ خاص طور تي استاد مشتاق احمد سومرو نمايان هو. ڊاڪٽر صاحب تمام عزت ۽ محنت سان تمام مرحلا ماڻيندو، آخر ۾ اِي ڊي او هيلٿ ڊسٽرڪٽ ڄامشورو بڻيو. اِي ڊي او هيلٿ ڄامشورو جي دوران پاڻ سخت محنت ڪيائون، ڄامشوري کان سيوهڻ تائين غريب ماڻهن ۽ مريضن جي لاءِ ڪافي ڪم ڪيائون، جن ۾ هيلٿ يونٽ، ڊسپينسريون ۽ هاسپيٽلس کي پروموٽ ڪيائون ۽ تمام بيروزگارن کي ميرٽ تي روزگار ڏنائون ۽ ضلعي ڄامشوري جي ڪافي نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنائون.

غلام مصطفيٰ جتوئي - ڪاشف گبول

غلام مصطفيٰ جتوئي
ڪاشف گبول
اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان اين پي پي جي سرواڻ مرحوم غلام مصطفيَ خان جتوئي جي اڄ ۵ ورسي ملهائي پئي وڃي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد وجهڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ غلام مصطفيَ جتوئي جو وڏو ڪردار رهيو جتوئي صاحب ۱۹۵۶ع ۾ اولهه پاڪستان جو اسيمبلي ميمبر مقرر ٿيو ۱۹۶۲ع واري چونڊن ۾ نواب شاهه واري تڪ تان قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ انهيءَ سيٽ تي پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي ۾ گهڻا ووٽ حاصل ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ وري قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ٽيون ڀيرو ۱۹۷۰ ع ۾ وري قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۱۹۷۱ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو دور حڪومت  ۾مواصلات قدرتي وسيلن ريلوي ۽ سياسي معاملن جووفاقي وزير بڻيو ۽ ۱۹۷۳ع تائين انهن عهدن تي رهيو ان کانپوءِ کيس سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو پاڻ ۱۹۷۷ ع تائين سنڌ جي وڏي وزير طور سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. آگسٽ ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي جو منظر ۽ تنهن وقت جي وزير اعلي سنڌ غلام مصطفي جتوئي جو ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ گذاريل وقت اڄ به عوام کي ياد آهي.

21 November, 2014

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي - تاج جويو

ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
سنڌ جو سفير!
تاج جويو
ڀارت جو نوجوان سنڌي اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، ۴ اپريل ۲۰۱۴ع تي لاهور-واگها رستي کان، سفر ڪري، پنهنجن پُرکن/وڏن جي جنم ڀوميءَ پني عاقل پهتو آهي. کيس اي-ميل ذريعي اطلاع ڪيو ويو هو ته ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ اسان جو خيال آهي ته هُو جڏهن سنڌ اچي ته مهرباني ڪري سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي آفيس ۾ ڪنهن ادبي موضوع تي ليڪچر اچي ڏئي. هن اهڙو واعدو ڪيو ۽ اي-ميل ذريعي ڪجهه موضوع پڻ ڏياري موڪليا، جن مان اسان شاهه لطيف کان اڳ جي شاعر سوامي پراڻ ناٿ بابت سندس موڪليل موضوع: ”سوامي پراڻ ناٿ جي گرنٿ ڪُلجم سُروپ جو جائزو“ کي پسند ڪيو ۽ اهڙو پروگرام به رٿي ڇڏيو. جڏهن ڊاڪٽر روي پرڪاش، سنت چانڊو رام پني عاقل واري جي قافلي ۾ واگها سرحد پار ڪري لاهور پهتو ته هن مون سان فون تي رابطو ڪيو. ۽ مون کيس گذارش ڪئي ته ۷ اپريل ۲۰۱۴ع تي سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آڊيٽوريم ۾ ڄاڻايل موضوع تي ليڪچر اچي ڏي. ۵ اپريل تي سندس ميزبان ڊاڪٽر هري لال ۽ خود رويءَ پروگرام ۾ پهچڻ جي پڪ ڏني ۽ چيو ته هو ۷ اپريل جي صبح جو ۷ بجي پني عاقل مان نڪرندو ۽ ۱۲، ساڍي ۱۲ وڳي منجهند جو حيدرآباد پهچندو، ۲۰، ۲۵ دوستن/ اديبن جي گڏجاڻي رکي وڃي، جتي هو موضوع بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پر جيئن ته کيس حيدرآباد جي ويزا نه هئي، ان ڪري هُن دوستن جي مشوري تي حيدرآباد نه اچڻ جو فيصلو ڪيو. نتيجي طور اسان سندس خيالن کان واقف نه ٿي سگهياسون، هاڻي ڪوشش ڪبي ته سندس تحقيقي مقالو، اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻوليءَ‘ جي ايندڙ ڪنهن پرچي ۾ شايع ڪيو وڃي.

19 November, 2014

مامو عارب - محمد قاسم ميرجت وڪيل

مامو عارب
جدوجهدن جو گمنام ڪردار
محمد قاسم ميرجت وڪيل
اڄ جي دور ۾ ڪيترا ئي آدرشي، با همت بهادر ۽ جاکوڙي انسان، پنهنجي پنهنجي وقت جي يزيد، مطلق العنان ڊڪٽيٽر جي ٺاهيل، عوام دشمن ڪاري قانون کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن ۽ عام انسانن جا حق غضب ڪندڙ ظالم ڦورو، بدڪار حاڪمن آڏو جهڪڻ کي ڏوه سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي ان گناھ کان بچائڻ ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جي طرفدار هجڻ جو ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ هر خطري سان، ڄڻ ته ڳيرا عقابن سان اٽڪي ٿا پون. زندگي جو سمورو سک، آرام، وسيلا، قربان ڪريو ڇڏين. اهڙن ڪردارن ۾ هڪ انوکو ۽ آدرشي ڪردار گل حسن ڪيڙانو عرف عام ”مامو عارب“ ميرپور بٺورو جي بي باڪ ۽ بهادر سياسي ڪارڪنن، قاسم پٿر، رسول بخش ڏيٿو، شير خان لنڊ، اعجاز علي خواجه، اسماعيل سوهو، پنهون زنئور، زٽو زنگيجو، قاسم زنگيجو، رجب ميمڻ، اڪبر شاھ، سائين يوسف ڪيڙانو ۽ ٻين انيڪ ڪارڪنن جي سٿ جو ساٿي آهي. انوکو انداز ۽ ڪردار ادا ڪندڙ، ڪڏهن به نه ٿڪجندڙ، جاکوڙي مامو عارب.

17 November, 2014

قادن قيدي نوحاڻي - ناصر قاضي


قادن قيدي نوحاڻي
عوامي شاعر
ناصر قاضي
سهڻي سنڌ جي تاريخي شهر رتيديري جي پهلوءَ ۾ آباد سرڳواسي سام جئسنگھاڻي ۽ سندس پتني سرلا ديويءَ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاپجندڙ سندن وسندي ڳوٺ طيب لورڙ مان هڪ اهڙي يگاني سدا، پنهنجي اندر جي اڌمن سان گونجار ڪئي، جيڪا گونجار پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. ڇاڪاڻ ته هن ئي ڀونءِ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو هڪ منفرد ۽ لوڪ رنگ وارو يگانو شاعر، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، جنهنکي سندس محدود ڪتابي تعليم باوجود، قدرت واري طرفان لکڻ جو اهڙو ته اسلوب عطا ٿيل هو، جو هن پنهنجي لکڻ جي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ هاڪاري مقبوليت ماڻي ورتي هئي. هن پنهنجي ٻالجتيءَ ۾ ڪڏهن اهو تصور به نه ڪيو هوندو ته سندس اندر جا اڌمان اهڙو ته رنگ لائيندا، جو سندس سرجيل ڪلامن جو پڙلاءُ جھر جهنگ توڙي وستي واهڻ ۾ گوجندو رهندو.

اروڻ ٻاٻاڻي - موهن همٿاڻي

اروڻ ٻاٻاڻي
سنڌي ڪوتا جو هڪ اڀرندڙ آواز
موهن همٿاڻي
ڪويءَ سان ائين ڇو ٿيندو آهي جو هن کي دنيا جي هر شيءِ ۾ ڪوتا نظر ايندي آهي، هر ڪنهن لنگهندڙ ماڻهوءَ جي چهري ۾ ڪوتا پئي ڳالهائيندي آهي، ڊڪندڙ ڀيڙ به هن کي ڪوتا جو سٽون لڳنديون آهن ۽ ڪڏهن ڀريءَ ڀيڙ ۾ ڪو سانت سوميه چهرو نظر اچي وڃي اُهو ته هڪ ٺهيل ٺڪيل ڪوتا ڀاسندو آهي سو عنوان  رکڻ جي دير هوندي آهي. شايد اهو انڪري جو هر ڪو انسان هڪ ساز مثل آهي. جيئن ساز سرن سان ڀريل هوندو آهي ۽ ان کي ڇيڙيندي ئي ڪيترائي سر وڄي اُٿندا آهن. بلڪل تيئن انسان به ڀاون جي سرن سان ڀريل آهي. هر ڪنهن انسان ۾ ڀاون جي سرگرم پيئي هلورا هڻندي آهي ۽ اهڙي ڪنهن ڀاوميه شخص سان جڏهن ڪنهن ڪويءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته اُهي پل، اُهي گهڙيون ڪوتا لاءِ سڀاڳيون هونديون آهن. خاص ڪري سامهون وارو شخص هڪ انسان هئڻ سان گڏ هڪ ڪوي به هجي ته.
تازو ئي جڏهن ممبئي جي فائيو اسٽار (عاليشان) هوٽل جي ڊبليو مئريٽ  JW Marriot جي پول سائيڊ لان ۾ اروڻ ٻاٻاڻي سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ته ڪي اهڙا ئي احساس ۽ ڀاو پول ۾ هوا سان لڳندڙ لهرن ۾ تري آيا. اروڻ ٻاٻاڻي، جڏهن مونسان ڀاڪر پائي مليو ۽ کليو نه ائين لڳو ڄڻ هڪ ڪوتا جيڪا ممبئيءَ جي هل هلان واري شهر ۾ ڪيتري وقت کان خاموش هئي ان کي اظهار ملي ويو آهي. سوميه، سانت، سنجيده چهري تي هلڪي هلڪي تري ايندڙ مسڪراهٽ سان هن چيو ”توهانجون ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ توهان سان ملڻ پئي چاهيو. رئيلي يو آر ائڪزيٽلي ديٽ واهٽ يو آر ان پوئمس... ڪوتائون پڙهڻ کان پوءِ جيڪا منهنجي من ۾ توهانجي ساڃهه اُڀري هئي، بلڪل ساڳي آهي....

اسرار شام - امداد جسڪاڻي

اسرار شام
ٻارن جو عاشق
امداد جسڪاڻي
پنهنجي فيلڊ ۾ مخلص هئڻ وارا ٿورا ماڻهو هوندا آهن. هو ايمانداريءَ سان پنهنجهي اداري لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکندا آهن. جيڪڏهن اسان جي فيلڊ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻي آهي ته به ايمانداري سان عملي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان جي ادبي دنيا ۾ ڪيترائي عملي ڪردار آهن ۽ هئا جيڪي پنهنجي شعور جون مشعلون ٻار جهالت جي ٻاٽ کي ماري ويا، ٻي معني ۾ اهي محترم شخصيتون آهن، جن کي ياد ڪرڻ گهرجي، اهڙا ماڻهو (ڪردار) طبيعت ۾ خاموش اٿڻ، ويهڻ، ملڻ، گهڻو مقصد سان ڪنهن سان ڪچهري ڪرڻي آهي ته ٽائيم مقرر ڪري مقصد ۽ نصيحت تي مبني هئڻ گهرجي ۽ اهڙيون خوبيون صرف اسرار شام ئي مون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون. اسرار شام رسالي ”سنڌي ٻارڙا“ جو سهيڙيندڙ پنهنجي پر ۾ اداري جي حيثيت رکندو هو. هن پنهنجي سموري زندگي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو پنهنجي ڪم ۾ خاموش ورڪر جيان رڌل رهيو. اسرار شام ڪنهن به قسم جي مدد (خيرات) لاءِ سرڪاري ادارن ڏي نه واجهايو.هو اصولن تي هماليه جيان ڄمي بيٺو رهيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي محنت ۽ ٻارن جي محبت جي بنياد تي علمي، ادبي پورهيو ڪندو رهيو.

04 November, 2014

عبدالخالق جوڻيجو - هاشم کوسو

عبدالخالق جوڻيجو
نظرياتي سياست جو اهم ڪردار
هاشم کوسو
جيئي سنڌ محاذ کي ٺهي ۴۲ سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي. ان جي ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي عبدالخالق جوڻيجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ جي نظرياتي بنيادن، پاليسين، حڪمت عملين جوڙڻ ۾ مکيه رول هن شخصيت جو پئي رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ مذاڪرن، اجلاسن، اتحادن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي. سندس جدوجهد معروضي ۽ موضوعي حالتن، تاريخي حقيقتن، عقل، دليل، نظرياتي ۽ اصولي بنياد تي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو غير نظرياتي اصولن ۽ آدرشن کان ڀڄندڙ ۽ سياست کي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪندڙ فرد ۽ جماعتون کيس پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهنديون رهيون آهن.

03 November, 2014

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءِ هڪڙو

اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۱۴ اپريل ۱۹۶۳ع تي شڪارپور ڀرسان، ڳوٺ هڪڙا ۾، قادر بخش هڪڙو جي گهر ۾، پيدا ٿي. ھن ميٽرڪ ۽ انٽر ڪراچي مان ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شوبز ۾ اچڻ کان اڳ اداڪاره قمرالنساءَ هڪڙو ۵ سال پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي رهي. ان دوران هڪ ڏينهن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي معرفت ٻارڙن جي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو. پوءِ ۱۹۸۷ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تي ڪمپئرنگ ڪرڻ کان فني سفر جي شروعات ڪيائين. ان کانپوءِ ريڊيو تان هن انائونسر، صداڪاري ۽ خبرون به پڙهيون ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان تان هن کي مڃتا طور بهترين صداڪاري جو ايوارڊ ڏنو ويو.

مولوي عبدالحميد چانڊيو - ناصر قاضي

مولوي عبدالحميد چانڊيو
منفرد ۽ مڃيل عالمِ دين
ناصر قاضي
مولا علي
عليه السلام جو فرمانِ آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي.“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان يا ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي جڏهن هيءُ جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوري دنيا کي سوڳوار ۽ روئڻهارڪو ڇڏي ويندو آهي. مولا علي عليه السلام جي ان قول مان پروڙ پوي ٿي ته ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ هوندو آهي، هڪ عالم جو موت! جنهن سان علم جا روشن بابت هميشه لاءِ بند ٿي ويندا آهن. انهن عالمن مان وري ذاڪرين اهلبيت ۽ خطيبِ محمد و آل محمد عليهم السلام جي عظمت ۽ توقير جو ڇا بيان ڪجي، انهن جي ذمي محسنِ انسانيت حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندن آلِ اطهر جن جي فضائل و مصائب جو اهڙو املهه ڪم سونپيل هوندو آهي، جنهن ڪم جو خدا وند عالم وٽ به وڏو شان، مان ۽ مرتبو آهي. اصحابي سڳورن حضرت حسان بن ثابت ۽ حضرت فرذدق جن جي ڪهڙي تعريف بيان ڪجي، جن لاءِ روايتن ۾ آيو آهي ته انهن ئي حضرات محمد و آل محمد عليهم السلام جن جي مدح و ثنا ۾ شاعري ڪئي، حضرت فرذدق ته حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي حڪم تي عربيءَ ۾ مرثيه ۽ نوحه تخليق ڪري مجلسن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو مصائب پڙهندو هو.

حافظ محمد بخش خاصخيلي


حافظ محمد بخش خاصخيلي
سنڌ جو انقلابي استاد
غلام نبي بهراڻي
انسان جڏهن ارتقا جا مرحلا طئه ڪري، شعور جي آخري سطح تي پهچندو آهي ته شاهه عنايت شهيد، لينن، ڪارل مارڪس ٿي پوندو آهي.
هن شعوري سطح تي انسان ٻين لاءِ جيئڻ جي سگهه رکندڙ هجي ٿو. ”حافظ محمد بخش خاصخيلي وڏو صاحب“ جي سڃاڻپ رکندڙ تعليم کاتي ۾ Beat Officers جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ، شاهه جي رسالي جو حافظ ۽ پارکو هو. منهنجي ٻاروتڻ واري دور ۾، جڏهن شعور ۽ عقل جي سطح تي مون کي نه ڇهيو هو. پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“ کي مان ”وڏو صاحب“ جي حيثيت سان سڃاڻندو هوس. قد آور شخصيت، وار ڪلهن تائين، هڪ جادوئي Personality رکندڙ هو. ڳوٺ جي بزرگن کي تعليم جي واڌ ويجهه جون ترغيبون ڏيندڙ، هي رعبدار شخصيت، سڀني جي وچ ۾ الڳ ٿلڳ حيثيت رکندڙ هو. منهنجي هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾، مڊل تعليم دوران مان کيس شاعر جي حيثيت سان سڃاڻڻ لڳو هوس.

02 November, 2014

عرفان علي چنا - ساجد چانڊيو

عرفان علي چنا
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
ساجد چانڊيو
هو آرٽسٽ آهي، تڏهن ئي هن جي دل ۾ سنڌوءَ جون چلولايون ۽ شڪارپور جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو سمايل آهي. جيتوڻيڪ هن جي عمر اڃا ايتري به ناهي جو هو برش کي پنهنجي پتڪڙين آڱرين ۾ جهلي ڪمالگيريءَ سان هلائڻ جا گـُر ڄاڻندو هجي. پر هُن جي هٿن ۾ تصويرن ۾ جان وجهڻ جو عجيب جادو سمايل آهي. هن جي عمر پنهنجي هڪ جيڏن سان راند روند ڪرڻ جي آهي پر هو پنهنجي هڪ جيڏن سان راند رچڻ بجاءِ رنگن سان راند ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍڙي عمر ۽ مختصر عرصي ۾ فطرت جي منظرن کي خوبصورت نموني چٽي سگهڻ جي مهارت رکي ٿو.

28 October, 2014

قرة العين حيدر - زاهده حنا

قرة العين حيدر
جيڪس يادِ ڪَياسِ
زاهده حنا
ڏکڻ ايشيا مان غربت جي خاتمي تي سيفما سائوٿ فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۷ع تي ختم ٿي ۽ اسان ۱۹ آگسٽ جو صبح سويري ڪولمبو کان ۵۰-۵۵ ميل پري ڪالوتارا پهتا آهيون. هڪ ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي سينڌ ۾ ريل جي پٽڙي سندور وانگر نڪتل هئي. رائل پام بيچ ريزورٽ جي پهرين منزل تان مان سج کي هندي سمنڊ جي غضبناڪ لهرن ۾ ٻُڏندي ڏسي رهي هئس. هو اولهه طرف جهڪندي جهڪندي اوچتو نگاهن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو ۽ اونداهي ڇانئجي وڃي ٿي. اونداهي ۽ لهرن جي شور ۾ يادن جو ڪُن آهي، جيڪو مون کي ڳهي رهيو آهي. عيني آپا ياد اچي رهي آهي. ڪيترا سال پهريان ڪولمبو جو سفر مون ”سيتا هرڻ“ جي صفحن تي ڪيو هو. ان وقت به مون کي ”سيتا هرڻ“ جا منظر ياد اچي رهيا هئا. ۱۹۷۶ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو ڪولمبو پهتي هئس ته ايئرپورٽ تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نيول اتاشي ڪمانڊر خورشيد زيدي ۽ ان جي زال گيتي آرا منهنجا منتظر هئا. اسان ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي هئاسين پر تعلق جي ان ڌاڳي سان ٻڌل هئاسين، جيڪو عيني آپا ۽ منهنجي وچ ۾ هو. خورشيد زيدي کي ڪراچي مان مخدومي عثمان حيدر ۽ ان جي زال محموده عثمان حيدر فون ڪيو هو؛ ”زاهده بي بي، بمبئي عيني وٽ وڃي رهي آهي. ان کي هندستان جو ويزا ڪولمبو مان ملندو. تنهنجي گهر ترسندي.“ محموده ڀاڀي جنهن ڪيترا سال اڳ ”مشاھداتِ بلادِ اسلاميه“ لکيو هو ۽ ان جي هڪ ڪاپي مون کي عنايت ڪئي هئي، ان کي جڏهن مون چيو ته؛ ”ڀاڀي هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته: مڃ نه مڃ مان تنهنجو مهمان“ ته محموده ڀاڀي مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته؛ ”بس هاڻي اڳيان هڪ لفظ نه ڳالهائجانءِ.“ مان چپ ٿي ويس ۽ جڏهن مان ايئرپورٽ تي لٿي آهيان ته اُهي ٻئي موجود هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوش هئا ته ماسي عيني ۽ پڦي عيني جي دوست جي ميزباني ڪندا.

27 October, 2014

لعل پشپ - اخلاق انصاري

لعل پشپ
هڪ جديد ڪهاڻيڪار
اخلاق انصاري
ڪهاڻي ڇا آهي؟
هڪ سوال، جيڪو مان سمجھان ٿو ته اڃا سوال ئي آهي.
مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن، مختلف ڪهاڻيڪارن، نقادن، مختلف انداز سان جواب ڏنو آهي.
پر اڃا تائين ان جو مڪمل جواب يا مڪمل وصف نه آئي آهي. ها باقي، سگھارا جواب آهن، سگھاري وصف آهي، پر مڪمل ناهي.
لعل پشپ چوي ٿو؛ ”ڪهاڻي ٽٽل جذبن جو اظهار آهي“. ها بالڪل ڪهاڻي اندر جو اظهار آهي جو مڪمل نه ٿو ڪري سگھجي. پور-وڇوٽ به ڪجھه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو.

26 October, 2014

فاطمہ زهره قاضي

فاطمہ زهره قاضي

ٿر جي اَڏول عورت

مهتاب اڪبر راشدي



توهان سن ۱۹۲۷ جي ان وقت جو تصور ڪيو. جڏهين ۴- اپريل تي جمع جي ڏهاڙي ڏيپلي جي زميندار گهراڻي، وڏيري گل محمد مُکيءَ جي گهر ۾ هڪ نياڻي پيدا ٿي ٿئي. جنهن جي ماءُ سندس والد جي ٻي گهرواري هئي. جنهن جو نالو، سندس والد صاحب فاطمہ زهره رکيو ۽ ڏاڏي کيس پيار مان ”پَنِلَ“ ڪوٺيو، جو اُهو سندس اُن ڀيڻ جو نالو هو، جيڪا گذاري وئي هئي. اُن ڏاڏي، هن لاءِ سندس ننڍپڻ ۾ اها پيشنگوئي ڪئي هئي ته؛ ”ننڍڙي پَنِلَ وڏا سفر ڪندي، هن جي پير ۾ پدم آهي، وڏي ڀاڳ واري آهي.“ ڀاڳ واري ته فاطمہ زهره يقيناً آهي. ڇو ته هن جيڪو زندگيءَ ۾ حاصل ڪيو، اُهو خوشقمست عورتن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. پر اِهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن عورت جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، جيڪي ڪشالا ڪڍيا اٿس. اهڙي جدوجهد وري ڪا عورت ورلي ئي ڪري سگهي ٿي.

غفور گل - ناصر قاضي


غفور گل
سنڌ جو سريلو فنڪار
ناصر قاضي
صدين جي سفر تي محيط تاريخي پسمنظر کي جاچڻ سان يقيناً اهو اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سونهاري سنڌ جهڙي نموني هتان جي اصلوڪن ڄاين جي ماتر ڀومي آهي، اهڙي ئي طرح هيءَ ڌرتي پرانهن پارن کان آيلن جي لاءِ به مٿي ڇانوَ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ پالڻهار پاران، درويشن جي دعائن سان اهڙي ڪا ڪشش، اهڙي ڪا ڇڪ رکيل آهي، جو جنهن به بشر هن ڌرتيءَ جو رخ ڪيو آهي، سو وري ڪنهن ٻيءَ جوءِ ۾ سک سان ساهه ناهي کڻي سگھيو، اهوئي ڪارڻ آهي جو تاريخ جي ظالم ڪردارن کان وٺي مٺڙن ماروئڙن تائين جن به هن ڌرتي تي پير رکيو ۽ ان پاڻي چکيو آهي، سو هتان جو ئي ٿي رهجي ويو آهي. اُهو ته ڪو بي ضمير يا بي لڄو ماڻهو ئي هوندو جنهن هن ڌرتي تي رهندي به هن ڌرتيءَ سان نينهن نه نڀايو هجي.

25 October, 2014

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ - نثار مڱريو

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ
نثار مڱريو
دنيا جي گولي تي ڪجهه اهڙا انسان به آباد آهن، جن جي نظر ۾ دنيا صرف ٽن ڏينهن جو کيل آهي، هڪ ڏينهن ڄمڻ، ٻيو ڏينهن دنيا ۾ رهڻ ۽ ٽيون ڏينهن  مرڻ، خفو ۽ خفت، لالچ، ڪروڌ، وڏائي، تڪبر، انسانن کي ايذائڻ، پرايو حق کائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ظلم ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ، دل ڏکائڻ، نفرت ڪرڻ، ڪنهن جا عيب ڳولڻ اهي ظاهر ڪرڻ، اهي انسان انهن سڀني ڪمن کان نه صرف آجا هوندا آهن پر اهو ڪم ڪندڙن کان پڻ پناهه گهرندا آهن. اهي انسان مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي، ٻُڌَ، پارسي سميت تمام مذهبن، فرقن، لسانيت ڇڏي پنهنجي ئي رمز ۾ مگن هوندا آهن، اهي چوندا آهن مذهبن منجهايو ماڻهن کي نه ته مهربان ٻاجهاري خلقڻهار ته آدم مان انسان ٺاهيو هو، هي ماڻهو صوفي آهن، جهوڪ واري سائينءَ تي صوفي راڳي.

جيجي زرينه بلوچ

جيجي زرينا بلوچ

مادرِ سنڌ

ارشاد ڪاغذي



جيجي زرينا بلوچ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بي لوث خدمتگار هئي، مسڪين، غريب ۽ محتاجن جي مددگار هئي. جيجي سنڌ جي ام ڪلثوم هئي جنهن جي مڌر گيتن تي سنڌ جو عوام ظالم ۽ آمر حڪمرانن سان مقابلو ڪندو هو. ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار! جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“ ۽ ”تون ڪهڙو فاضل ماريندي، اڄ هاري ناري فاضل آ، اڄ سنڌڙي ساري فاضل آ“ ۽ ٻيا سوين ۽ هزارين انقلابي، قومي، لوڪ گيت، سهرا ۽ لاڏا وغيره ڳائي پنهنجي فن کي جلا بخشي. جيجي زرينا بلوچ هڪ پورو زمانو جنهن ۾ هو زنده هئي، هن جيڪي ڪم ڪار ڪيا، اهي سياسي، سماجي هجن يا وري هڪ استاد جي حيثيت سان هن جيڪا تعليم ۽ شاگردن سان محنت ڪئي، فنڪار جي حيثيت سان ٽي وي، ريڊيو يا اسٽيج تي هن جيڪا پرفارمنس ڏني، اها ڪنهن کان وسرڻ جهڙي ناهي. جيجي زرينا بلوچ گھڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي ۽ سندس هر هڪ پاسو۽ پهلو مڪمل، منفرد نرالو ۽ نمايان هو ۽ آهي. جهڙو نالو هيس اهڙي ٻاجهاري ۽ همدرد هئي. جيجي جي مان، شان، مرتبي ۽ ماڻ مريادا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ان گڻن ۽ خصلتن جي ڪري سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن بنجي وئي.