; سنڌي شخصيتون: اسرار شام - امداد جسڪاڻي

17 November, 2014

اسرار شام - امداد جسڪاڻي

اسرار شام
ٻارن جو عاشق
امداد جسڪاڻي
پنهنجي فيلڊ ۾ مخلص هئڻ وارا ٿورا ماڻهو هوندا آهن. هو ايمانداريءَ سان پنهنجهي اداري لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکندا آهن. جيڪڏهن اسان جي فيلڊ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻي آهي ته به ايمانداري سان عملي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اسان جي ادبي دنيا ۾ ڪيترائي عملي ڪردار آهن ۽ هئا جيڪي پنهنجي شعور جون مشعلون ٻار جهالت جي ٻاٽ کي ماري ويا، ٻي معني ۾ اهي محترم شخصيتون آهن، جن کي ياد ڪرڻ گهرجي، اهڙا ماڻهو (ڪردار) طبيعت ۾ خاموش اٿڻ، ويهڻ، ملڻ، گهڻو مقصد سان ڪنهن سان ڪچهري ڪرڻي آهي ته ٽائيم مقرر ڪري مقصد ۽ نصيحت تي مبني هئڻ گهرجي ۽ اهڙيون خوبيون صرف اسرار شام ئي مون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون. اسرار شام رسالي ”سنڌي ٻارڙا“ جو سهيڙيندڙ پنهنجي پر ۾ اداري جي حيثيت رکندو هو. هن پنهنجي سموري زندگي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو پنهنجي ڪم ۾ خاموش ورڪر جيان رڌل رهيو. اسرار شام ڪنهن به قسم جي مدد (خيرات) لاءِ سرڪاري ادارن ڏي نه واجهايو.هو اصولن تي هماليه جيان ڄمي بيٺو رهيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي محنت ۽ ٻارن جي محبت جي بنياد تي علمي، ادبي پورهيو ڪندو رهيو.


اسرار جو هر رنگ، نسل جي ٻار سان محبت جو اهو ئي ثبوت آهي جو مرڻ کانپوءِ به ٻارن سان ٻارن جي قبرستان ۾ آرامي آهي.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙ يا جن،
تن جو صرافن، اڻتوريو تي اگهائيو.
ٻارن جو عاشق اسرار شام وڏي عمر جو هوندي به پاڻ کي ٻار سمجهندو هو، مونکي هڪ خط ۾ لکيائين ته ”آءُ“ اڌ صديءَ جو کڳو نه پر 50 سالن  جو ٻار آهيان.“ هن جو هر خط مقصد ۽ معنيٰ ڀرين ڳالهين سان ڀرپور هوندو هو. جنهن به نيئن اڀرندڙ توڻي سينيئر اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ڏي خط لکندو هيو ته ان کي پنهنجي ادبي ٻولي ۾ لاجواب ڪري ڇڏيندو هو، ڇو ته اسرار عمل جو قائل هو. اسرار شام  جي موڪلاڻي کانپوءِ ٻراڻو ننڌڻڪو ٿي ويو آهي. اسرار خاموشيءَ سان ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائي ٻاراڻي ادب کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اسان ان جو ڪيترو ساٿ ڏنو اهو سوال به آهي ته خال به جيڪو ڀرجڻ هاڻي ممڪن ناهي.
اسرار شام سنڌي ٻارڙا جي ايڊيٽوريل پيج جي آخر ۾ اهو ضرور لکندو هيو ته اوهانجو ساڳيو، پر ڪنهن به نه ڄاتو اڪيلو اڪيلو اسرار شام.
اسرار شام جا ايڊيٽوريل ايترا ته زبردست ۽ اسان جي جيءَ کي ڇهندڙ، جنجهوريندڙ آهن جن کي اڄ به پڙهنداسين ته سکڻ واري عمل مان گذرنداسين ۽ ڪنهن به علمي، ادبي پليٽ فارم تان عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿينداسين. اسرار ”سنڌي ٻارڙا“ جي اشاعت 1987ع  کان شروع  ڪئي ۽ هاڻ 2014ع ۾ ان جي ظاهري موڪلاڻيءَ تي پڄاڻي تي پهتي آهي. هاڻي شايد ئي ڪو ان جي پونيئرن مان اسرار ۽ سنڌي ٻارڙا کي زنده رکڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن ڪو اسرار جو محسن اسرار جي انهيءَ عمل (ڪم) کي جاري رکي ٿو ته اسرار ۽ سنڌي ٻارڙا  مور نه مرڻي آهي، هونءَ به آنءُ اسرار کي مرحوم نه لکندس ڇو ته سنڌي ٻارڙا جا سبق پڙهندڙ ٻارڙا اسرار جو روحاني اولاد آهن.
اسرار شام سنڌي ادب کي ڪجهه ڪتاب به ارپيا تازو ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران ٻاراڻي ادب جي حوالي سان مزاحيه، ڊرامن، ناٽڪن جو ڪتاب “ وڌي جڏهن آءُ وڏو ٿيندس“ شايع ٿيو ته  مون کي سنڌي ٻارڙا جي حيدرآباد واري آفيس ۾ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي پڻ ڏنائين جيڪا مون ساھ ۾ ساڍي رکي آهي.

اسرار شام جي لکڻين کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ سنڌي ادب لاءِ ضروري آهي، ڇو ته ان سان اسرار جو املهه قلمي پورهيو محفوظ رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا