; سنڌي شخصيتون: عبدالخالق جوڻيجو - هاشم کوسو

04 November, 2014

عبدالخالق جوڻيجو - هاشم کوسو

عبدالخالق جوڻيجو
نظرياتي سياست جو اهم ڪردار
هاشم کوسو
جيئي سنڌ محاذ کي ٺهي ۴۲ سالن کان مٿي عرصو ٿيو آهي. ان جي ٺهڻ واري ڏينهن کان وٺي عبدالخالق جوڻيجي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ جي نظرياتي بنيادن، پاليسين، حڪمت عملين جوڙڻ ۾ مکيه رول هن شخصيت جو پئي رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ مذاڪرن، اجلاسن، اتحادن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نمائندگي پئي ڪئي آهي. سندس جدوجهد معروضي ۽ موضوعي حالتن، تاريخي حقيقتن، عقل، دليل، نظرياتي ۽ اصولي بنياد تي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو غير نظرياتي اصولن ۽ آدرشن کان ڀڄندڙ ۽ سياست کي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪندڙ فرد ۽ جماعتون کيس پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهنديون رهيون آهن.


سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ سائين جي پوئلڳي جي وڏن دعويدارن سندس اصولن آدرشن ۽ ڪردار کي خيرآباد ڪيو نه صرف ايترو پر انهن پارٽي جي آئين ۽ طئه ٿيل پاليسين تي هلڻ کان انڪار ڪيو (اخبارن ۾ اعلان ڪيائون ته جنرل آئين نه ڏسندا آهن) ان وقت جيئي سنڌ محاذ جي هن ڪارڪن ۱۹ هين گريڊ جي نوڪري کي ڇڏيو پارٽيءَ جي آئين ۽ تنظيمي اصولن تي بيهي جدوجهد ڪرڻ تي زور ڏنو، جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن کي ان تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي قيادت ڪارڪنن کي ڇڏي وئي ان وقت عبدالخالق جوڻيجي قيادت جون ذميواريون کڻي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو.
اڄ سنڌ ۾ جيڪا وڌندڙ مذهبي جنونيت آهي ان ۾ پاڪستاني رياست جو ته بنيادي ڪردار آهي پر ان ۾ قومپرستي ۽ ترقي پسنديءَ جي دعوا ڪندڙ جماعتن ۽ فردن جي مصلحت پسندي، مفاد پرستي ۽ نظرياتي سياست کان پوئتي هٽڻ جو دخل پڻ آهي.
سنڌ ۾ ترقي پسندي ۽ ڏاهپ جي هڪ وڏي دعويدار جڏهن ڪشمور کان ڪراچي لانگ مارچ شروع ڪيو ته ان جي سڄي پاسي پنجاپ جو اين جي اوزده سرورباري هوته کٻي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جو صدر مولانا اسدالله ڀٽو هو. ٻئي پاسي قومپرستي جي دعويدارن جي اها حالت وڃي ٿي جو جي ايم سيد جنهن سڄي ڄمار نسل پرستي جي مقابلي ۾ قومپرستي جي ۽ مذهبي بنياد پرستي جي ڀيٽ ۾ سيڪيولرزم جي ڳالهه ڪئي ان جي ۱۹۹۸ع ۾ سن ۾ ٿيل گڏيل سالگره جي جلسي ۾ سنڌي نسل پرست جماعت سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسئشن (سچوا) جي اڳواڻن خطاب ڪيو.
ان سڄي صورتحال ۾ عبدالخالق جوڻيجو قومي تحريڪ جي بنيادي اصولن ۽ نظرياتي سياست تي نه صرف ڄمي بيٺو پر سنڌ اندر اهڙو ڪو به عمل جيڪو نظرياتي بنيادن کي ڇيهو رسائيندڙ هو ان جي خلاف آواز بلند ڪندو رهيو. اصولن ۽ آدرشن کان پوئتي هٽڻ واري سياست جو عروج اسان کي ۲۰۱۳ع ۾ ٿيل عام چونڊن دوران انتهائي پهتل نظر آيو ۽ماڻهن ڏٺو ته قومپرستي ۽ ترقي پسندي جي دعوا ڪندڙ فردن ۽ جماعتن سنڌ جي هڪ وڏي پير جي قيادت ۾ گڏ ٿيا ۽ پئن اسلام ازم لاءِ جدوجهد ڪندڙ جماعت اسلامي ۽ فرقي پسند جماعت سني تحريڪ سان به گڏ ٿيا. جڏهن ننڍڙن خسيس مفادن خاطر ايڏي وڏي قلابازي کاڌي وئي تڏهن به عبدالخالق جوڻيجي ان لاڙي ۽ عمل خلاف مضمون لکي سنڌي ماڻهن کي خبردار ڪيو سندس ڪوششن سان قومن جي آزادي، سوشلزم جمهوريت سيڪيولرزم ۾ ايمان رکندڙ جماعتن (عوامي ورڪرز پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، وطن دوست انقلابي پارٽي، جيئي سنڌ محاذ) جو گڏيل اتحاد ”سنڌ پروگريسو ڪميٽي“ جي نالي ٺاهي ۽ انهن اعليٰ آدرشن ۽ سياست جي قومپرست ۽ ترقي پسند معيارن کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.
اڄ سنڌ ۾ مذهبي جنونيت جڏهن وڌي آهي ۽ ان پنهنجا رنگ ظاهر ڪيا آهن ته اهي سڀ همراهه چون ٿا ته هاڻ سڀ ڪم ڇڏيو ۽ مذهبي جنونيت جي نانگ کي ماريو. ان مان اوهان عبدالخالق جوڻيجي جي ڊگهي نظر اجو اندزو لڳائي سگهو ٿا. هو بنياد پرستي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيولرزم کي انتهائي اهم سمجهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو هن جڏهن ”جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو ته ان جو انتساب ”سيڪيولرزم“ جي نالي ڪيائين ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ان جي سيڪولرزم سان ڪيتري ڪميٽمينٽ آهي. موجوده صورتحال ۾ جڏهن وڏا وڏا دانشور (اها الڳ ڳالهه آهي ته اهي دانشور آهن به يا نه) سيڪيولرزم جو نالو وٺڻ ۽ لکڻ لاءِ تيار ناهن ان دور ۾ سيڪيولرزم جي نالي ڪتاب منسوب ڪرڻ ننڍي ڳالهه ناهي.
سنڌ ۾ هڪ ٻيو انتهائي اهم مسئلو نسل پرستيءَ جو آهي. نسل پرستيءَ جي ان مسئلي تي جيئي سنڌ محاذ جو موقف مرتب ڪرڻ ۽ ان خلاف جدوجهد ۾ اسان جي هن اڳواڻ ساٿيءَ جو مکيه رول آهي. جنهن کان سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ سياستدان، اديب دانشو ۽ صحافي واقف آهن. هن جي ڪوششن ۽ ڪردار جو نتيجو آهي ته اڄ جڏهن نه رڳو سياست پر سماج به نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورهائجي ويو آهي. ان وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني ٻولين ۽ نسلن جي ترقي پسند، روشن خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن سان هن جا ويجها واسطا ۽ لاڳاپا آهن. انهن ۾ سياسي اڳواڻ، اديب، دانشور، صحافي، مزدور، اڳواڻ، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن. اهو ئي سبب آهي ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ جيئي سنڌ محاذ جي پروگرامن ۾ اهي سڀ ماڻهو هوندا آهن. ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته قومپرستيءَ کي نسل پرستي کان ڌار ڪري بيهارڻ ۾ عبدالخالق جوڻيجي جي ڪوشش ۽ ڪردار جو اهم رول آهي.
ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ان جي اهميت آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ کي کڻي وڃي ڪراچيءَ ۾ ڦهلائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ وارو عبدالخاق جوڻيجو آهي. قومپرست جماعتن مان جيئي سنڌ محاذ هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي ٻيا سڀ بعد ۾ آيا مرڪزي آفيس هلائڻ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ تنظيم ڪاري ڪرڻ ۾ علي نواز ٻٽ، انور ميمڻ، ڪريم چانڊيو، اياز هڪڙو، علي محمد مستوئي، هاشم کوسي جو عبدالخالق جوڻيجي سان ڀرپور ساٿ رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ جيڪي سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا ان ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن سنڌي ماڻهن سان گڏ ڪا جماعت بيٺي ته اها جيئي سنڌ محاذ هئي.
۱۹۹۰ع جي جهيڙن ۾ به سنڌ قومي محاذ جي پليٽ فارم تان جيئي سنڌ محاذ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ان ۾ به عبدالخالق جوڻيجو، عثمان بلوچ، علي نواز ٻٽ، سيد غلام شاهه، انور ميمڻ، اياز هڪڙو، حافظ صديق ميمڻ، هاشم کوسو اڳيان اڳيان هئا.

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جو سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي قومپرست، ترقي پسند جمهوريت پسند انسان دوست ماڻهن، جماعتن سان جيترو واسطو ۽ رابطو آهي ايترو شايد ئي ٻي ڪنهن قومپرست جماعت جو هجي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جو انهن سان تعلق پارٽي پاليسين ۽ نظرياتي اصولن جي بنياد تي آهي ۽ انهن اصولن تي هو ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پوءِ اهو اتفاق اتحاد ۽ تعلق ڪيترو هلي ٿو ان جي هو پرواهه نه ڪندو آهي. مون شروع ۾ لکيو آهي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ اصولن ۽ آدرشن جي سياست وقتي طور پوئتي ڌڪجي وئي آهي ان ڪري جيئي سنڌ محاذ ۽ ان جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي کي ڏکايون درپيش ضرور آهن پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ سنڌي قوم ۽ سنڌ جو سماج جن مسئلن جو شڪار آهي ان جو حل نظرياتي ۽ اصولن تي ٻڌل سياست ڪرڻ ۾ آهي. عبدالخالق جوڻيجو نظرياتي ۽ اصولن تي ٻڌل سياست جو مهندار آهي اڄ (۲۰۱۳-۱۱-۹) سندس جنم ڏينهن آهي سندس ان شاندار ڪردار ادا ڪرڻ تي کي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ سنڌ اندر ۽ دنيا اندر نظرياتي اصولن تي ٻڌ جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا