; سنڌي شخصيتون: غلام مصطفيٰ جتوئي - ڪاشف گبول

22 November, 2014

غلام مصطفيٰ جتوئي - ڪاشف گبول

غلام مصطفيٰ جتوئي
ڪاشف گبول
اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان اين پي پي جي سرواڻ مرحوم غلام مصطفيَ خان جتوئي جي اڄ ۵ ورسي ملهائي پئي وڃي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد وجهڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ غلام مصطفيَ جتوئي جو وڏو ڪردار رهيو جتوئي صاحب ۱۹۵۶ع ۾ اولهه پاڪستان جو اسيمبلي ميمبر مقرر ٿيو ۱۹۶۲ع واري چونڊن ۾ نواب شاهه واري تڪ تان قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ انهيءَ سيٽ تي پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي ۾ گهڻا ووٽ حاصل ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ وري قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ٽيون ڀيرو ۱۹۷۰ ع ۾ وري قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۱۹۷۱ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو دور حڪومت  ۾مواصلات قدرتي وسيلن ريلوي ۽ سياسي معاملن جووفاقي وزير بڻيو ۽ ۱۹۷۳ع تائين انهن عهدن تي رهيو ان کانپوءِ کيس سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو پاڻ ۱۹۷۷ ع تائين سنڌ جي وڏي وزير طور سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. آگسٽ ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي جو منظر ۽ تنهن وقت جي وزير اعلي سنڌ غلام مصطفي جتوئي جو ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ گذاريل وقت اڄ به عوام کي ياد آهي.


تاريخ شاهد آهي ته ۱۹۸۳ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شامل پارٽين ۾ مک ڪردار پاڪستان پيپلز پارٽي ادا ڪري رهي هئي تنهن جي اڳواڻي بيگم نصرت ڀٽو صاحبه، غلام مصطفيَ جتوئي ۽ محترم بينظير ڀٽو صاحبه ڪري رهيا هيا جتوئي صاحب ضياءَ الحق ڏاڍ ۽ ۽ جبر خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو ۽ هڪ مضبوط پهاڙ جيان ۽ سگهاري جدوجهد جيان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۱۴ آگسٽ ۱۹۸۳ع تي ڪراچي ۾ مزار قائد آڏو هڪ وڏي جلسي کي خطاب کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس وڏي فرزند غلام مرتضيَ خان جتوئي کي گرفتار ڪرڻ ۽ گولين جا آرڊر جاري ٿيا جنهن دوران هو روپوش رهي جمهوري جدوجهد کي فعال ڪندو رهيو جتوئي صاحب جي ننڍي ڀا غلام مجتبيَ خان جتوئي کي گرفتار ڪري بلوچستان جي مچ جيل ۾ ۶ مهينا قيد ڪيو ويو. جتوئي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ اڳتي هلي جمهوريت بحال  ٿي ۽ اها برصغير جي وڏي ۾ وڏي جمهوري تحريڪ هئي.

۱۹۹۶ع ۾ پ پ سان اختلاف ٿيڻ کان پوءِ نينشل پيپلز پارٽي جي نالي سان نئين پارٽي جو بنياد وڌو ان وقت پاڻ اين پي پي چيئرمين ٿيو جتوئي صاحب ۱۹۸۸ع ۾ نوشهروفيروز مان چونڊ هارائڻ کانپوءِ ۱۹۸۹ع ۾ غلام مصطفيَ کر جي خال ڪيل سيٽ ڪوٽ ادو مان قومي اسمبلي جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر چونڊرايو ويو ۱۶ آگسٽ ۱۹۹۰ ع تي جتوئي صاحب کي ملڪ جو پهريون نگران وزيراعظم پاڪستان مقرر ڪيو ويو نگران حڪومت ۾ پڻ جتوئي صاحب سنڌ جي عوام جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۲۰۰۰ع ۾ جتوئي صاحب سياست کي الوداع ڪيو ۲۰ نومبر ۲۰۰۹ع ۾ جمعي جي ڏينهن لنڊن ۾ وفات ڪري ويا جتان سنس مڙهه ملڪ آندو ويو ۽ ۲۳ نومبر تي سومر جي ڏينهن اباڻي قبرستان سائين سيد صابر شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا