; سنڌي شخصيتون: شاهه مردان شاهه ثاني - پير پاڳارو

11 December, 2012

شاهه مردان شاهه ثاني - پير پاڳارو

پير شاهه مردان شاهه پاڳارو

 ۱۹۲۸_ ۲۰۱۲

اسحاق مڱريو



انهيءَ ڳالهه جو پڻ پير صاحب پاڳاري ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو ته پير صاحب ملڪ جي سياست ۾ پهريون دفعو مفاهمت جو بنياد وڌو هو. جنهن جي بنياد تي حر جماعت جي ٻيهر بحالي ٿي. ڪنهن کي معاف ڪرڻ يا جنهن سان دشمني هجي ان سان ٺهي وڃڻ سڀ کان ڏکيو ڪم هجي ٿو. جيڪو پير صاحب ان وقت ڪيو هو جڏهن سندن ڄمار ٽيويهه سالن جي ڦوهه جواني واري هئي. ان وقت جي سياسي ۽ سماجي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي: پاڪستان هڪ نئون ملڪ وجود ۾ اچي چڪو هو. پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) شهيد ٿي چڪا هئا، انگريز واپس وڃي چڪا هئا. جڏهن ته ان وقت حر جماعت جا هزارين ماڻهو عورتن ، مردن ۽ ٻارن سميت جيلن ۽ حر ڪئمپن ۾ قيد هئا. سوين حر شهيد ٿي ٿي چڪا هئا. اهڙي طرح سوين مزاحمتڪار حر جيڪي ان وقت جي انگريز حڪومت سان گوريلا ويڙه سبب جهنگ منهن ڪيل۽ ڀاڳيلا بنيل هئا. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي حڪمرانن کان پير پاڳارو ۽ حر جماعت وسري ويا هئا. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان ست سال پوءِ به حر مرد توڙي عورتون جيلن ۾ قيد هيون. شهيد ٿيل پير پاڳاري (سورهيه بادشاهه) جا نوجوان پٽ انگريزن جي ڪنٽرول ۾ انگلينڊ جي هڪ ڳوٺاڻي پنر واري علائقي ۾ زير تعليم هئا. جتي ڪو وڏو تعليمي ادارو نه هو پر انگريز سرڪار جي ٻين ملڪن جي باغي اڳواڻن جا ٻارنهن نوجوان پڻ اتي پڙهندڙ هئا. ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان ۱۹۴۹ ۾ انگلنڊ ۾ نوجوان پيرن سان ملاقت ڪري سندن گادي بحال ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي هئي. ايڏي وڏي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين جي باوجود ٽن سالن کان پوءِ سورهيه بادشاهه جي ٻنهي صاحب زادن پير شاهه مردان شاهه ۽ پير نادر شاهه کي وطن واپس آندو ويو.


هنن ئي سياري وارن ڏينهن ۾ جڏهن شاهه مردان شاهه ٽيويهه سال ٻه مهينا چوويهه ڏينهن جي ڄمار ۾ هئا ته سندن دستاربندي ڪئي وئي. اهو چوٿين فبروري اڻويهه سئو ٻاونجاهه وارو ڏينهن هو. حر جماعت ۽ ان جي گهڻگهرن جي حوالي سان اهو انتهائي اهم ڏينهن هو. ڇو ته سندن والد صاحب، پير صبغت الله شاهه (سورهه بادشاهه) جي شهادت، جيڪا ويهين مارچ ۱۹۴۳ تي حيدر آباد جي سينٽرل جيل ۾ انگريزن پاران ڦاسي ڏيڻ جي نتيجي ۾ ٿئي هئي. جنهن جي ڪري نو سال ٻارنهن ڏينهن، پير پاڳاري جي گادي انگريز سرڪار پاران معطل ڪيل هئي. ان سڄي صورتحال ۾ پير صاحب در پدر ٿيل حر جماعت جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حر جماعت وڏي عرصي کان انگريز سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ هئڻ ڪري سندن ملڪيتون ۽ زمينون ضبط ڪيون ويون هيون. هو ڪنهن به ڪاروبار ۾ شامل نه هئا. سندن اولاد تعليم کان ڏور ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ انگريز ملڪ ڇڏي ويا هئا، پر حر گوريلا پير صاحب تي ڪيس ڪندڙ ۽ ڪيسن ۾ سرڪار جي مدد ڪندڙن جي خلاف جنگ ۾ مصروف هئا، ته اهڙي ماحول ۾ پير پاڳاري جي دستار بندي ٿي. جڏهن پير جي ڳوٺ ۾ دستاربندي واري تقريب ٿي رهي هئي ته ان وقت پير صاحب جو بنگلو، بمباريءَ سبب مسمار ٿيل هو. جنهن جي ڪري هڪ ٽينٽ لڳائي تقريب ڪئي وئي هئي. انگريزن هڪ سازش تحت، پير صاحب جي راشدي خاندان ۾ وڏو ٽڪراءُ پيدا ڪرايو هو. اهو ٽڪراءُ انهيءَ سطح تي پهتل هو جو سورهيه بادشاهه تي، ڪئين ڪيسن ۾ انگريزن جي چوڻ تي، مخالفت ڪندي راشدي خاندان وارا به ڪئين شاهد بڻيل هئا. پر پير صاحب، پنهنجي سڄي راشدي خاندان کي، پاڻ سان شامل ڪيو. اهو ئي سبب هو جو پير صاحب پاڳاري جي دستاربندي واري تقريب ۾، حر تحريڪ دوران، سندن سخت مخالف پير علي محمد راشدي ۽ ان جو ڀاءُ پير حسام الدين راشدي پڻ موجود هئا.

اهڙيءَ ريت حر تحريڪ دوران حرن ۽ پير صاحب جي خلاف شاهديون ڏيندڙ ۽ ٻين مخالفت ڪندڙن سمورن ماڻهن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو هو ۽ سندن خصوصي دعوتن ۾ شريڪ ٿيو. مفاهمت جي حوالي سان اهو هڪ وڏو اهم ورتاءُ هو. حر جماعت جنهن جي وڏي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهڻ واري آهي. انهن جي لاءِ پير صاحب پاران اهڙي ورتاءَ جي نتيجي ۾ سڪتي ۾ اچي ويا. هو في الحال ته ڪجهه به سمجهڻ کان قاصر هئا. ايڏي شديد مخالفت ڪندڙن ۽ دشمني جي سطح تائين پهتل ماڻهن سان اچانڪ گڏجي هلڻ واري ڳالهه مزاحمت ڪندڙ حرن به مرشد جو حڪم سمجهي ڪڙي گوري ڳهي ورتي هئي. پر هو اهڙن سمورن ماڻهن کي، وڏي عرصي تائين وساري نه سگهيا هئا.

نيلسن منڊيلا کان وٺي صدر زرداري تائين، پنهنجن مخالفن سان ٺهي وڃڻ انهن سمورين پارٽين جي ورڪرن لاءِ ايڏو سولو ڪم نه رهيو آهي. ان ڪري اهڙي صورتحال حر جماعت سان پڻ رهي. ان ڪري اهڙن سمورن ماڻهن جي دعوتن دوران، حر جماعت جا ماڻهو سندن کاڌو نه کائيندا هئا. پر پير پاڳاري جي دور انديشيءَ جي ڪري اهڙا سمورا تڪراري معاملا، اڳتي هلي بهتر ٿي ويا. ان ڪري پير صاحب پاڳاري پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ پڻ، ڪڏهن تڪراري سياست کي ترجيح نه ڏني. ۽ پنهنجي حر جماعت کي هميشه اهڙي ڪنهن به تڪراري سياست کان گريز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيتوڻيڪ پير صاحب جا نقاد، پير صاحب جي اهڙي سياست تي تنقيد ڪندا رهيا آهن. پر پير صاحب ڪڏهن به سياست ۾ ٻيائيءَ وارو ورتاءُ نه ڪيو. هميشه جيئن رهيو، اها ئي ڳالهه ڪئي. جيتوڻيڪ ملڪ جي سياسي اڳواڻن جو وڏو انگ، اندران ئي اندر، جي ايڇ ڪيو وارن سان مليل رهيو آهي. پر ڪنهن ۾ اهڙي اخلاقي جرئت نه هئڻ ڪري، سمورن سياستدانن مان فقط پير صاحب علي الاعلان چوندو هو ته؛ آئون جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهيان. پير صاحب چوندو هو ته؛ آئون پڙهيل نه پر ڪڙهيل آهيان. هو جڏهن پندرنهن سالن جي ڄمار جو هئو ته هن جي والد صاحب کي ڦاسي ڏني وئي ۽ پير صاحب کي پهرين علي ڳڙهه ۽ پوءِ لنڊن ۾ پڙهائڻ لاءِ رهايو ويو. هڪ باغيءَ جي ٻار کي ڪيترو پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويو هوندو؟ ان ڪري پير صاحب هميشه اها ڳالهه چوندو هو ته؛ مان پڙهيل نه پر ڪڙهيل آهيان. پير صاحب پنهنجي سڄي عمر ۾ پنهنجي جماعت سان ٻه دفعا انتهائي اهم نوعيت جون ڳالهيون ڪيون. پهريون دفعو جڏهن پير صاحب جي دستاربندي ٿي. ان وقت پنهنجي سمورن مزاحمت ڪندڙ حرن کي حڪم ڏنو ته هٿيار ڦٽا ڪري حڪومت وٽ پيش ٿيو ۽ ملڪ جي قانون تحت پنهنجو بچاءُ حاصل ڪيو. انهيءَ حڪم جي نتيجي ۾ سمورا مزاحمتڪار حر، هٿيارن سميت پيش پئجي ويا. اهڙيءَ ريت ٻيهر سماجي طور عورتن سان اڻ برابري واري ورتاءَ جي خلاف پير صاحب مريدن کي اهڙو حڪم ڏنو هو. ۲ فيبروري ۲۰۰۴ تي پير صاحب پنهنجي مريدن کي پير جي ڳوٺ ۾ روايتي زيارت دوران، حڪم ڏنو ته؛ پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ۽ سندن خواهش موجب شاديون ڪرايو. پير صاحب سياري جي مند ۾ زيارت دوران ڊگهي تقرير ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ دستاربندي دوران پڻ، اهڙي حڪم واري تقرير ۴ فيبروري تي ڪئي هئي.

پير صاحب ۲۰۰۴ واري پنهنجي جماعت کي حڪم ڏيڻ دوران، اهو چئي مخاطب ٿيو هو ته؛ ۱۹۵۲ ۾ ۴ فيبروري تي اوهان مون کي پڳ ٻڌائي، جڏهن ته هاڻ چوٿين فيبروري ۾ فقط ٻه ڏينهن بچيا آهن، تڏهن اهڙي قسم جي ڳالهه ڪيان ٿو. هن واضح طور چيو ته؛ ڪير به پنهنجي نياڻين جي شادي قرآن سان نه ڪرائي. بالغ ڇوڪريءَ جي بالغ مرد سان شادي ڪرايو. جڏهن ته ڪير به ننڍي عمر دوران، سڱابندي نه ڪري ۽ نياڻين کي ملڪي ۽ مذهبي قانون موجب پنهنجي ملڪيت ۾ حصو ڏيو. پير صاحب جو اهڙو حڪم نه رڳو حر جماعت لاءِ پر اڄ جي هن جديد دور ۾ داخل ٿيندڙ سنڌين لاءِ پڻ هڪ وڏو پيغام هو. ايڏي وڏي حر جماعت تي اثر رکندڙ پير صاحب جو اهڙو حڪم، سماجي طور ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هو.

اهڙي ريت لبرل سوچ رکندڙ پير صاحب سگار پيئڻ، گهوڙن جي ريس ڪرائڻ واري ڳالهه پڻ ڪڏهن نه لڪائي. پير صاحب مذهبي فرقيواريت جي پڻ سخت خلاف رهيو. اهو ئي سبب هو جو پير ڳوٺ جي جامع راشديه ۽ ان سان لاڳاپيل مدرسن پاران پڻ پنهنجي ديني تعليم دوران ڪڏهن به فرقيواريت جي اجازت نه ڏني وئي. پير صاحب پنهنجي گهڻ پڙهيو هئڻ ڪري، سياسي ڳالهيون استعارن ۽ طنز مزاح واري انداز ۾ ڪنهن به قسم جي وڏي ڳالهه چئي وڃڻ جي وڏي مهارت رکندو هو. علم فلڪيات ۽ نجوم سان پڻ سندن وڏي دلچسپي هئي. اهو ئي سبب هو جو پير صاحب پنهجي سالگرهه دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو هو ته؛ آئون منهنجي عمر ۾ ته اليڪشن ٿيندي نه پيو ڏسان.

 

روزاني عبرت ۱۲.۰۱.۲۰۱۲ تان ٿورن سان کنيل.

 

 


 

پير سائين پاڳارو

(”پريم نگر“ ڏانهن پنڌ!)

ارباب عبدالمالڪ

مٺڻ ڪوٽ جي مڪين خواجي غلام فريد ڪوريجي فاني جهان مان ”انتقال“ واري ڪيفيت کي اوڏو ايندي ڏسي چيو هو ته: ”دل پريم نگر ڏانهن تانگهي.“ نيٺ سرزمينِ سنڌ جي همعصر زماني ۾ ”منفرد ترين“ رهندڙ راڻي پير سائين پاڳاري دارالفنا کي داغِ مفارقت ڏيئي، دار البقا جا وڻ وڃي وسايا! هنن سٽن جي قارئين جون اکيون جڏهن مطالعي ۾ محو هونديون تڏهن سيد بقا شاهه جي مرشد گهراڻي جو هاڻوڪو ٻهاريدار سيد سراج احمد شاهه گيلاني سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي جنازي نماز پڙهائي چڪو هوندو.... جهنگ سيال سرگوڌا ڏانهن ويندڙ رستي تي بادشاهه پير جي پوٽن جو اهو مئخانو آهي، جيڪو ”پير ڪوٽ سڌاڻي“ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن زماني ۾ (۱۱۹۸ هجري) شهيد بقا شاهه سنڌ مان روحاني رانجهي جي تلاش ۾ جهنگ ڏانهن عازمِ سفر ٿيا هئا، تنهن زماني ۾ سيد عبدالقادر گيلاني (آخرين) چنا شريف ۾ گرو بڻجي چيلن کي چاهه واريون چڪيون پياري رهيا هئا. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ”پير ڳوٺ“ جو پنجاب (قديم سنڌ) جي ”پير ڪوٽ سڌاڻي“ سان پختو پيوند جڙيل آهي. پير سائين پاڳارو به ستون سجاده نشين هو ته حُسنِ اتفاق سان سڌاڻي وارو سائين به ستون گادي نشين آهي. شهيد بقا سائين (پٽ ڌڻي) کانپوءِ سيد راشد شاهه (روضي ڌڻي) سيد صبغت الله شاهه (پڳ ڌڻي) سيد علي گوهر شاهه (بنگلي ڌڻي) سيد حزب الله شاهه (مسند ڌڻي) سيد علي گوهر شاهه ثاني (محافي ڌڻي) سيد شاهه مردان شاهه (پڳ ڌڻي) ۽ خلد آشياني اسانجو ممدوح سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي دور تائين اها روايت قائم رهندي پئي اچي ته عيدون پير ڪوٽ سڌاڻي جو سائين اچي پير ڳوٺ ۾ پڙهائيندو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان به پنج سال پوءِ جڏهن برطانيه مان نادر شاهه ۽ شاهه مردان شاهه ٻئي ڀائر سنڌ وطن تشريف فرما ٿيا هئا، تڏهن گاديءَ جي بحاليءَ ۾ چنا شريف جي گادي نشين سيد افضل شاهه گيلانيءَ جون مهنتون مڙن کان مٿڀريون رهيون... تڏهوڪي گورنر سنڌ، دين محمد شيخ جو روحاني رشتو چنا شريف وارن بزرگن سان جڙيل هو ۽ شيخ صاحب وزير اعظم لياقت علي خان سميت، حڪومتي ڪار پردازن کي قائل ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو هو. پير پاڳاري جي طرزِ زندگيءَ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته؛ پاڻ اسيءَ کان اُوپر بهارون ماڻيون، پر رهيا جواڻ جا جواڻ.... ڪنگري هائوس کي الوداعي سلام ڪندي به خوش طبعيءَ کان خالي نه رهيا.... اسان ”نرس لينڊ“ ڏانهن طبي موڪلون ملهائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون....“ هن ”جواڻ“ جي پٽ جائيڙي جون هزارين ادائون ۽ لکين رام ڪهاڻيون سنڌ ۾ پيون ڳائبيون پرهند-سنڌ کي الوداع چوندڙ مهراڻ ماٿريءَ جي انهيءَ ”موتيءَ“ جهڙي ماڻهوءَ جو نعم البدل ڏسڻ لاءِ نيڻ نهار ناڪام ئي رهندا... ڪنگري هائوس اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين پاڪستاني سياست جو ”پاور هائوس“ ته رهيو پر جنهن جهانديده جوڳيءَ زمامِ ڪار ۽ منفرد سياست جون واڳون پئي سنڀاليون، اهو ”حُدي خوان“ ڪرها ڪيچ ڏانهن ڪاهي چڪو آهي ۽ اهو ”ساقي“ سامين واريون سنکون سڃيون ڪري ويو آهي. ”سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا“. وڇوڙي جي انهيءَ وڍ کي ”حسيني حُر“ ۽ روضي ڌڻي جا مريد ته: ”سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئه“. وارين اذيتن کان به اوتر محسوس ڪن ٿا، پر تاريخ جا طالبِ علم متفق آهن ته سنڌ پنهنجي هن من موجي ۽ منفرد ڪردار لاءِ مدتِ مديد تائين ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي... اي اهليان سنڌ اوهان ئي کڻي ٻڌايو ته جنهن جوان کي ٻاروتڻ ۾ سورهيه بادشاهه جهڙي ببر شير جي تربيت ملي هجي، جنهن پنهنجين اکين سان الهي تلهي کي انگريزن جي بمن هٿان ڀسم ٿيندي ڏٺو هجي، جنهن نوجوان هزارين حسيني حُر پنهنجي مرشد جي حڪم تي غاصب انگريز جي گولين جو شڪار ٿيندي ڏٺو هجي، جنهن کي صغير سنيءَ ۾ جيجل جي جهوليءَ کان محروم ڪيو ويو هجي، تنهائيءَ واري تُرم ياترائيءَ کان هو بلوغت کان اڳ سرفراز ٿيو هجي ۽ کلڻ ڪڏڻ جي وهيءَ ۾ کيس جلاوطن ڪيو ويو هجي ته ڇا ان ”منفرد“ ماڻهوءَ ۾ ڪندن پڻو ۽ جهانديدگي نه ايندي؟ اي اهليانِ سنڌ! جگر جون سموريون دريون ۽ دماغ جا سمورا گوشا ”واگذار“ ڪريو، اوهان سان پير سائين پاڳارا جن مخاطب ٿا ٿين:

”نادر شاهه ۽ آئون ننڍڙا هئاسين تڏهن به وهي واپريءَ کان قدري واقف ٿي چڪا هئاسين. اسان کي لڳو ٿي ته ڪا اڻ ٿيڻي، ٿيڻ ڏانهن وڃي رهي آهي. ان زماني ۾ ٻارڙا عام طرح سان وڏڙن جي مجلس ۾ ويهڻ معيوب سمجهندا هئا. جي شفقتِ پدريءَ سان وڏا گڏ ويهاريندا هئا، تڏهن به خاموشيءَ سان کين پيو ٻڌبو هو. کانئن سوال پڇڻ کي به سٺو سنئوڻ ڪو نه سمجهبو هو. ان ڪري ”اڻ ٿيڻيءَ“ بابت صحيح ڄاڻ ته ڪا نه هوندي هئي، تنهن هوندي به تڏهوڪين مشاهداتي يادگيرين ڏانهن ڌيان ڌرجي ٿو ته ڪي هٿيارن جي سکيا وٺندڙ سرفروش اکين اڳيان اچيو وڃن. بابا اڃا شروعاتي ۽ ابتدائي مرحلن واري هلچل شروع ڪئي هئي. تيستائين گڙنگ بنگلي وارو نڪو هيڊ ڪوارٽر طئي ٿيو هو، نڪي وري ڪمانڊ سرڪل وجود ۾ آيو هو. بهرحال اسان ٻنهي ڀائرن ۽ امڙ سڳوري کي گهر ڀاتين سوڌو حراست ۾ ورتو ويو ۽ اسان کي پير ڳوٺ مان ڪراچي آندو ويو. بندر روڊ جي هڪڙي بنگلي ۾ اسانجي ”قيدِ تنهائي“ شروع ٿي. ماما پارسي اسڪول سڏ پنڌ تي هو. ٽنڊي باگي واري مير خدا بخش ٽالپر جو اهو بنگلو اڳتي هلي مس صديقيءَ جي هاسپيٽل طور ڪتب آيو. اسان کي نه ته طبي سهوليتون ٿي ڏنائون، نڪو وري ڪنهن سان ڳالهائي ٿي سگهياسين. سنترين مان هڪ اڌ کي اسان سان محبت هئي. ان جي واتان ٻڌوسين ته بابا سائينءَ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ تختهءِ دار کي چميو آهي. ذهني طرح سان اهڙي خبر لاءِ اسان اڳ ۾ ئي ذهن ٺاهي چڪا هئاسين... انگريزن سان مهاڏي اٽڪائڻ جي جيڪا سزا ٿي سگهي پئي، ان کان دل مانوس ٿي چڪي هئي. ترقي يافته ۽ سڌريل جو ٽائيٽل به انگريزن پنهنجي لاءِ الاٽ ڪرائي ڇڏيو هو، پر هنن اسان کي نه ته والد صاحب جو آخري ديدار ڪرايو ۽ نه وري سندس جسدِ خاڪي اسان جي حوالي ڪيائون. ڪجهه مهينا انهيءَ غم ۾ گذريا ته اسان کي علي ڳڙهه ڪاليج ڏانهن هلڻ لاءِ تياري ڪرايائون. ٻنهي ڀائرن کي برقعن ۾ ويڙهي سٽي اسٽيشن وٺي آيا. اسان سنڌ ڇڏي موڻاٻهه کان ٿيندا ٻاهڙ مير، جوڌپور تائين راجا جي ريل ۾ بند اکيون هوندي به دل دماغ ۾ اهي ساروڻيون ساريندا وياسين پئي، جڏهن اسان کي بابا سائينءَ سان گڏ مڪنن هاٿين تي چڙهي ٿر جي ريگستانن ۽ جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجسٿانن ڀيٽڻ جو بچپن ۾ موقعو مليو هو. جوڌپور کان دهليءَ تائين براڊ گيج ريلوي ۾ کنيائون. ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين ريل جون دريون دروازا بند هئا. اکين تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ اسان دهليءَ پهچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سج ڏٺو هو... بندر روڊ واري ڪال ڪوٺڙيءَ کان ويندي علي ڳڙهه تائين اسان تي مسٽر محمود حسين، جيڪو اڳتي هلي آئي جي بڻيو، نگران مقرر ٿيل هو. علي ڳڙهه ۾ به ماني ڳڀي لاءِ ڪو معقول انتظام ڪو نه هو. ۱۹۴۶ع ڌاري ٻنهي ڀائرن کي سامونڊي جهاز ۾ چاڙهي لور پول انگلينڊ وٺي ويا... ان وقت انگريز پنهنجي سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙ ليڊرن جا ٻار ”پنرهير“ لڳ هڪڙي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا هئا. اسڪول آباديءَ کان گهڻو پري هو. ڪو به مين روڊ ڪو نه هو. ميجر ڊيوس جي هن اسڪول ۾ اسان سوڌو ڪي ٻارهان تيرهان ٻار پڙهندا هئا. پرديسين ۾ رهوڊيشيا، عراق، ٿائلينڊ، ايران، حبشي ۽ آئس لينڊ ملڪن جا هونهارا اسانجا ڌوري هئا. هيل سلاسيءَ جو ڀائيٽو ”زوڊي“ اسانجي سنگت ۾ آيو، پر ڪنهن کي به غير متعلقه ۽ پنهنجن ملڪن بابت گفتگو ڪرڻ جي موڪل ڪا نه هئي. ”عيسائيت“ جي مذهبي ڪتابن کي جبري طور پڙهايو ويندو هو. مضمون چونڊڻ ۾ به اسان لاءِ ”جمهوري“ طريقو ڪتب ڪو نه آندائون. مون کي لاطيني ۽ نادر شاهه  کي فرانسيسي پڙهائي ويندي هئي...“

اي اهليانِ سنڌ! ميجر ڊيوس جي تڏهوڪي ”گوانٽانامو بيءَ“ کي پڪ سان پير سائين پاڳاري ۱۹۴۶ع کان ۲۰۱۲ع تائينءَ جي تناظر ۾، تازي سفر دوران به ساريو هوندو ۽ ڇاهٺ سالن جي انهيءَ طويل وقفي دوران پير پاڳارو لوڙهن ۾ واڙيل حرن کان ويندي ”وطن يا ڪفن“ جا نعرا هڻندڙ شهيدن کي ”قيدِ تنهائيءَ“ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ غاصب انگريز جي منهن تي سياهي ملڻ ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهي؟ هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي به ضرورت هوندي آهي ڇا....؟ پير پاڳاري جا تذڪرا، سندس جوڙيل خوبصورت جملا، سندس دلچسپيون ۽ ڪهاڻيون، پهاڪن، چئو-آکڙن ۽ تذڪرن جي صورت ۾ سُرهن گلن جيان، سدائين سنڌ وطن جي سينڌ ۾ سينڌور اوتينديون رهنديون ۽ سنڌ ڪڏهن به همعصر دور جي هن لاثاني ڪردار کي فراموش ڪري ڪو نه سگهندي.

 

 

روزاني ڪاوش ۱۲.۰۱.۲۰۱۲ تان ٿورن سان کنيل

 


 

پير سائين پاڳارو

هُو جي تارِ تڳائين، آءٌ نه جيئندي اُنِ ري

اُستاد نظاماڻي

اڄ پير سائين پاڳاري جا مريد ايترا ئي ڏکارا آهن، جيترو ستر سال اڳ ڏکارا ٿيا هئا، جڏهن شهيد سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو هو. اڄ به حر جماعت جا ماڻهو جڏهن سورهيه بادشاهه کي ياد ڪن ٿا، تڏهن سندن اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي. ان ۾ ڪا ليڊرشپ جي ڳالهه ناهي، ڪي سياسي مفاد نه آهن، نه ڪا غرض آهي، هيءَ سڄي عشق جي ڳالهه آهي. مريدن هميشه پنهنجي محبوب کي ليليٰ جي اک سان ڏٺو آهي. پاڳاره خاندان ۽ اُن جي مريدن جون پنهنجون روايتون آهن. انهيءَ عشق، انهن روايتن کي اسان جو ترقي پسند لڏو سمجهي نه سگهندو. هن عشق کي اُهو ئي سمجهي سگهندو جنهن اصغر سائينءَ کي پڙهيو هوندو يا جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سُر سهڻي پڙهيو هوندو.

پير سائين جڏهن به دعوتن جي سفر تي نڪرندو هو ته لکين مريد، جن ۾ عام اڻ پڙهئي مريد کان وٺي بيوروڪريٽ مريد تائين، پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ پير اُگهاڙا ڪيو راهه ۾ بيٺا هوندا هئا. جڏهن مرشد سامهون ايندو هو ته مريدن جي لبن مان بي اختيار بسم الله جا لفظ نڪري ويندا هئا، زيارت کانپوءِ حر فقير هڪ ٻئي کي ڳل لڳي ديدار جون مبارڪون ڏيندا، ڪو به مريد جڏهن درگاه شريف تان موٽندو آهي ته ٻيا گهر جا ڀاتي اُن سان ملي زيارت جون خبرون پڇندا. مريدن ۽ مرشد جي عشق جو لازوال مثال سورهيه بادشاهه جي دور ۾ ملي ٿو، جڏهن مريد پتنگن جيئان پچي پنهنجي محبوب جي لاءِ جانين جا نذرانه ڏنا، پنهنجو مال ملڪيت قربان ڪيا. اها موٽ مرشدن طرفان پڻ ملي. پير سورهيه بادشاهه پنهنجو سِر ڏيئي ڇڏيو پر پنهنجا حر فقير سرڪار جي حوالي نه ڪيائين. اهڙو مثال موجوده پير صاحب جي دور ۾ به ملي ٿو، جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور ۾ پير صاحب صرف هڪ رات لاءِ نظربند ٿيو هو ته سانگهڙ جو شهر ٻري پيو هو. مريد سِر سان ڪفن ٻڌي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري سان وڙهيا هئا. سانگهڙ جو شهر پوري ملڪ کان ڪٽجي ويو هو.

موجوده پير سائينءَ جي لاڏاڻي، مريدن لاءِ دل ۾ ايترو ئي درد پيدا ڪيو آهي جيڪو درد، مريدن حضرت محمد راشد روضي ڌڻي، ۽ شهيد سورهيه بادشاهه جي وڇوڙي تي محسوس ڪيو هو. ڪي اهڙا فقير به هئا، جن پير سائينءَ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏياچ جيان، پنهنجو سر قلم ڪري ڇڏيو هو. اڄ به لکين حر جماعت جا فقير جن جي گهرن ۾ ماتم واري صورتحال آهي. جن جي گهر جي اڱڻن اڳيان چُلهين ۾ دونهي به نه دُکي آهي، انهيءَ ڏُک، انهيءَ عشق جي منزل کي اُهو ئي سمجهي سگهندو جنهن بلي شاهه پڙهيو هوندو.

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳاره جي شخصيت تي قلم کڻڻ ڪو سولو ڪم ناهي. پير سائين پاڳارو ۲۷ صفر ۱۳۴۷هه، ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع ۾ پيرڳوٺ درگاه شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو سيد سڪندر علي شاهه لقب ڇٽ ڌڻي هو. هي اهو دور هو جو انگريزن جي چالبازين جو ڄار پير صاحب سورهيه بادشاه جي خلاف وڇايل هو. ۱۹۳۰ع ۾ سورهيه بادشاهه جي گرفتاري ۽ وري ۱۹۳۶ع ۾ آزادي، وري ۱۹۴۱ع ۾ گرفتاري دوران سندس صاحبزادي سيد سڪندر علي شاهه موجوده پاڳاري تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون. پاڻ جڏهن پنهنجي والد سان پهريون دفعو گرفتار ٿيا ته سندن عمر اڍائي سال هئي.

سورهيه بادشاهه جي ٻيو دفعو گرفتاري وقت هي ٻئي صاحبزاده (سيد سڪندر علي شاهه موجوده پاڳارو ۽ سيد نادر علي شاهه) کي به ڪراچي جي شهر ۾ مير خدابخش ٽالپر جي بنگلي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. بقول پير سائينءَ جي ته؛ “هي اهو دور هو جو اڃا تحريڪ جي مڪمل منصوبه بندي نه ٿي هُئي.” جڏهن سورهيه بادشاهه رح کي شهيد ڪيو ويو ته، سندن عمر ۱۵ سال هئي. سورهيه بادشاهه جي شهادت جي صدمي سان گڏ، انهن ٻنهي صاحبزادن کي پنهنجي ڏيهه سنڌ مان جلاوطن ڪري، پهريائين هڪ آفيسر محمود حسين جي نگراني ۾ ۱۹۴۳ع ۾ عليڳڙهه موڪليو ويو. جتي ٽي سال رهيا. ان کانپوءِ جُون ۱۹۴۶ع ۾ سمنڊ جي رستي لِورپول انگلينڊ جي نامناسب ماحول ڏانهن موڪليو ويو. جتي گرم علائقي جي ماڻهن لاءِ، سرد علائقي ۾ ڪا به مناسب سهولت ڪا نه هئي. جنهن جو احوال پير سائين هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر بلوچ سان ڪيو، جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ پڙهي رهيو هو. جنهن ۾ پير صاحب لکيو ته؛ سرد علائقي ۾ اسان وٽ نه هيٽر آهي نه سگري، سرد موسم ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. مسٽر ڊيوس جي انهي اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد پندرهن کان وڌيڪ نه هو. جنهن ۾ سڀ جا سڀ شاگرد، باغي اڳواڻن جو اولاد هئا. جن ۾ سنڌ، روڊيشيا، ٿائلينڊ، ايران، عراق، آئرلينڊ، حبشه، جهڙا ملڪ شامل هئا.

حر جماعت جا ماڻهو نه صرف اوڀر سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ راجستان ۾ وڏي تعداد ۾ آهن، پر دنيا جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل آهن. جڏهن موجوده پير صاحب ۴ فيبروري ۱۹۵۲ع ۾ پڳدار ٿيو هو ته حر جماعت سنڌ ۽ هند جي ويهه حر ڪئمپن ۾ قيد هئي. ڪي حر جماعت جا ماڻهو جيلن ۾ قيد هئا، ڪي حر فقير روپوش هئا، جن تي سرڪار طرفان گوليءَ جو آرڊر هو. ڪي بي گهر هئا ۽ مختلف جاين تي پناهه ورتل هئا. موجوده پير صاحب جي اچڻ بعد، پهرين اپريل ۱۹۵۲ع ۾ حر ڪئمپون ختم ٿيون. روپوش حر پيش پيا، انهن تان پير صاحب وڪيل ڪري ڪيس ختم ڪرايا. حر جماعت جا ماڻهو پنهنجي ماڳ مڪانن تي پهتا.

پير صاحب جي سياست ۾ اچڻ جو مقصد به اهو هو ته هن ملڪ جو وفادار رهندي، حر جماعت کي سياسي فائدو پُهچائجي. پير صاحب جا حمايتي، اسيمبلين ۾ پُهتا ۽ اڄ تائين موجود آهن. پير صاحب سياست ۾ اچڻ سان حر جماعت جي ماڻهن کي نوڪريون مليون. جيڪو حرن لاءِ انگريز سرڪار جي دور ۾ تصور قائم ڪرايو ويو هو، دهشت گرد، خوني، وحشي، جاهل، اُهو تصور موجوده پير صاحب جي دور ۾ مڪمل طرح ختم ٿيو. اُهي جيڪي انگريز سرڪار دور ۾ هٿيار کڻي وڙهيا، اهي ساڳيا حر جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن سنه ۱۹۶۵ ۽ سنه ۱۹۷۱ع جي جنگ دوران، هن ملڪ جي حفاظت ڪيائون.

موجوده پير صاحب جي زندگي کي جيڪڏهن پرکيو وڃي ته هن عظيم شخصيت، ڪڏهن ڪنهن کي نقصان نه پُهچايو، بلڪ ڪيترن ئي ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪئي. ڪيترا ئي اهڙا خاندان هئا جن جو خرچ پير صاحب پاڻ ڀريندو هو. هن پنهنجي مريدن کي جديد دور جي تقاضائن مطابق شعور ڏنو. ايتريقدر جو بي جوڙ شادين جي مخالفت ڪيائين. شاديءَ لاءِ نياڻين جي رضامندي کي لازمي شرط قرار ڏنو. نياڻين جي تعليم لاءِ پير صاحب زور ڀريندو رهيو.

تاريخي طور ڏٺو وڃي ته پاڳاره خاندان، وڏو علمي ادبي گهراڻو رهيو آهي. پير صاحبان جي وڏن مان حضرت محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، جنهن جي صوفياڻه تبليغ ڪري ڪيترا ئي ماڻهو مسلمان ٿيا. روضي ڌڻي جي ملفوضات، جيڪو هڪ تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ اُن دور جي شهرن، ماڳ مڪانن ذاتين، قومن، شاعرن جو احوال ملي ٿو. خليفو نبي بخش قاسم، جنهن سُر ڪيڏارو لکيو، جنهن لاءِ شيخ اياز چيو هو؛ سُر ڪيڏاري ۾ خليفو نبي بخش، شاهه لطيف کان به وڏو شاعر آهي. هي خليفو به روضي ڌڻي جي درگاه جو هو. خليفو گُل محمد هالائي، پڻ هن درگاه شريف جي جماعت سان وابسته هو. پاڳاره سائين جي خاندان مان پير حزب الله شاهه عرف تخت ڌڻي جيڪو شاعري ۾ پنهنجو تخلص مسڪين استعمال ڪندو هو، فارسي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر هو، جنهن ديوان مسڪين جهڙو ڪتاب ڏنو. پير علي گوهر شاهه اصغر سائين ميرن جي دور ۾ تمام وڏو شاعر هو، سندس ڪتاب اصغر سائين جو ڪلام سنڌي ڪافين جي حوالي سان ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو. اسان جڏهن پاڳاره خاندان جي هر هڪ پڳدار تي ويهي روشني وجهون ته هڪ الڳ مضمون ٿي ويندو. موجوده پير صاحب جي شاندار لائبريري ئي گواهي ڏئي ٿي ته پير صاحب جو ڪتابن سان ڪيڏو نه چاهه هو. موجوده پير صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام سُٺا تعلقات هئا. سنڌ جي علم ادب، سياست ۾ اهميت رکندڙ پير علي محمد راشدي جيڪو پير صاحب جو ويجهو عزيز هو، راشدي صاحب جنهن جو سورهيه بادشاهه جي مخالفت ۾ اهم ڪردار هو، تنهن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو هو، هُن کي سياست ۾ پنهنجو اُستاد سڏيندو هو. پير صاحب ڪنهن جي خلاف به ڪاوڙ نه رکندو هو. تاريخ شاهد آهي پير صاحب جو ڪير ڪيترو به دشمن ڇو نه رهيو هجي، جڏهن پير صاحب وٽ هلي آيو، اُن کي پير صاحب معاف ڪري ڇڏيو.

پير صاحب جي روحاني شخصيت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته درگاه شريف، پير جو ڳوٺ، هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ آهي. جامعيه راشديه جي نالي سان، پوري سنڌ ۾ سوين مدرسه آهن، جن جو مرڪز پير جو ڳوٺ درگاه شريف آهي. هتان جي فارغ التحصيل عالمن کي سڪندري جو خطاب ملندو آهي. پير صاحب جي جماعت جي انتظام جي ورهاست، موجوده سورنهن خليفه هلائيندا آهن. هر علائقي جو الڳ خليفو آهي. هندستان جي مريدن جي خليفي جي چونڪي جيسلمير سڏبي آهي. يعني جيسلمير جو خليفو. اهڙيءَ طرح، لاڙ، ٿر، پار، شهدادپور، وغيره جي علائقن جي نالي سان چونڪيون ۽ خليفه آهن. جماعت جا جيڪي مسئلا هوندا آهن، اُهي خليفه حل ڪندا آهن.

هيءَ هڪ منظم جماعت آهي، جيڪا هن وقت هڪ طاقت به آهي ته رياست ۾ سياسي اهميت رکندڙ جماعت به آهي. ان ڪري ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پير صاحب جي جماعت جي توڙي پير صاحب جي چونڊيل نمائندن جي ضرورت پوندي آهي. هن وقت به پير صاحب جي فنڪشنل مسلم ليگ جا نمائنده، موجوده حڪومت سان اقتدار ۾ گڏ آهن.

ووٽ بينڪ هئڻ، منظم جماعت جي ڪري، پاڳاره خاندان توڙي حر جماعت، سڀني جي توجهه جو مرڪز رهي آهي.

موجوده پير سائين پاڳاره، جيڪو هڪ جينئس هو، جنهن نموني سان هن جماعت کي سنڀاليو هو، جنهن جي ڪري مختلف ذاتين، قبيلن جا ماڻهو هڪڙي لفظ حر ۾ منظم هئا. پير سائينءَ جي وفات يقينن وڏو خال پيدا ڪيو آهي.

 

روزاني عبرت ۱۲.۰۱.۲۰۱۲ تان ٿورن سان کنيل.


 

پير سائين پاڳارو

(سندس وڇوڙو)

حافظ مهراڻ/ واوڙي اولڊ

پير پاڳارو لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پير سائين پاڳاري جي پيدائش ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع ۾ پير جي ڳوٺ ۾ ٿي، پاڻ ٻن سالن جو ٿيو ته سندس والد پير صبغة الله شاهه ثاني گرفتار ٿي ويو ۽ هي ست سال والد جي شفقت کان محروم رهيو. سورهيه بادشاهه ۱۹۳۷ع ۾ آزاد ٿيو ۽ حرمين شريفين جي سفر ڏي روانو ٿيو. ۱۹۴۲ع کان سنڌ ۾ ارڙهن مهينن جو ڪرفيو لاڳو رهيو ۽ سورهيه بادشاهه کي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي تختهء دار تي چاڙهيو ويو. هي سڀ ڀوڳنائون پير سائين پاڳاري ۱۳ سالن جي عمر ۾ سٺيون.

انهن ئي ڏينهن پير سائين پاڳاري ۽ سندس ننڍي ڀاءُ نادر علي شاهه کي علي ڳڙهه ڪاليج موڪليو ويو. اتي غريب الوطني ۾ سندن خدمت ۽ رفاقت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. بعد ۾کيس انگلينڊ موڪليو ويو ۽ ۱۹۵۲ع ۾ گادي بحال ڪري، پير سائين پاڳاري کي ستين سجاده نشين جي پڳ پارائي وئي. ان کان پوءِ پير صاحب باقائده باوقار نموني سان زندگي گذاري. 

ڏٺو وڃي ته گذريل صديءَ  جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي اقتداري سياست جي حوالي سان پير سائين پاڳاري ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو گهرو اثر رهيو آهي. هنن ٻنهي سنڌي سياستدانن جي سياست، گذريل صدي جي پهرين اڌ وارن سياستدانن کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. جن ۾ بنهه وڏا ۽ محترم نالا جهڙوڪ: پير علي محمد راشدي، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله ۽ ميران محمد شاهه خاص طور تي شامل آهن.

پير سائين پاڳاري سياست جو آغاز عوامي ليگ جي ذريعي ڪيو هو. شيخ مجيب الرحمٰن جڏهن ڪنگري هائوس پهتو، پير صاحب شيخ صاحب جي ڇهن نڪتن تي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ عوامي ليگ کي خدا حافظ چئي، قيوم گروپ ۾ شامل ٿيو. پر جيڪڏهن پير صاحب عوامي ليگ ۾ هجي ها ته پاڪستان کي نقصان رسائيندڙن جا ارادا خاڪ ۾ملي وڃن ها. اوڀر پاڪستان جي عليحدگي ۽ اولهه پاڪستان ۾ ڀٽي صاحب جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ پير صاحب جي سامهون نوان چيلينج آيا.

صغير سنيءَ ۾ پنهنجي والد، سموري خاندان ۽ سموري حر جماعت تي آيل مصائب کي پنهنجن اکين سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. پنهنجي والد جي شهادت جو صدمو برداشت ڪيو ۽ ان بعد پنهنجي گهر کي پنهنجي اکين سان اجڙندي ڏٺو ۽ پوءِ جلاوطني جو دور شروع ٿيو. انهن سڀني شين گڏجي پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪئي هئي. گذريل سيپٽمبر ۲۰۱۱ع ۾ آئون جڏهن سندس تقريرن وارو ڪتاب کڻي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس ته ڪتاب جي ورق ورق کي اٿلائي پُٿلائي ڏسي ۽ مون ڏانهن نهاري چيائين ته؛ ”حافظ صاحب! هن ۾ ڪيترو سچ پوکيو آهي؟“ مون جيستائين جواب ڏيڻ جي تياري ڪئي ته حر جماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱرئي جواب ڏنو ته؛ ”قبلا! هن ۾ سورهن آنا سچ آهي.“ ته پاڻ مرڪي ڀٽائيءَ جون هي سٽون اچاريائين ته:

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،

وسايم وڏڦرا، مٿي ماڙين مينهن،

نيئر منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو.

پاڪستان جا حڪمران جن سخت ترين حالتن مان گذرندا هئا/آهن، پير صاحب پاڳاري لاءِ اهي حالتون نيون نه هيون. ڇو ته سندس والد تي جيڪي مصائب آيا، تن جو پير صاحب نه رڳو اکين ڏٺو گواهه رهيو، پر سورهيه بادشاهه شهيد جي وڏي فرزند هجڻ جي ناتي سان هن ڀوڳيو به هو.

زندگيءَ جي سنگين مصائب جي معاملي ۾ پير صاحب عملي تجربو رکندڙ سياستدان به هو. ان ڪري جيڪو به سياستدان يا حڪمران مصائب جي گرداب ۾ ڦاسندو هو ته ڪنگري هائوس جي حاضري ڀري، دعائون وٺڻ ضروري سمجهندو هو. پير جو ڳوٺ ۾ روضي ڌڻي جي مقبري ۾ اڄ جڏهن هڪ نئين قبر جو اضافو ٿيو آهي ته سڄي سنڌ سميت راجسٿان، جيسلمير ۽ ڪڇ سميت سڀئي پروفيسر يعقوب آريسر جون هي سٽون جهونگاريندا ته:

ڇڏي ويو شاهه مردان شاهه

سنڌ ڇوري ٿي ويئي.

 

 

روزاني ڪاوش ۱۲.۰۱.۲۰۱۲ جي ھائيڊ پارڪ تان ٿورن سان کنيل

پير صاحب پاڳارو

(عظيم قوم جو عظيم فرزند)

دين محمد ڪلھوڙو

سنڌ جي ڌرتيءَ ھر دور ۽ ھر وقت ۾، انمول ۽ عظيم ھستين کي جنم ڏنو آھي. انهن ھستين، بي داغ ۽ بي خوف رھي، پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ مٿان تن، من ۽ ڌن قربان ڪيو. پنج ھزار سال جي قديم تھذيب جي وارث سنڌ آھي ۽ ھر وقت سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب سرزمين ھڪ سون ورنيءَ جو ڏيک ڏيندي رھي آھي. انهن ۾ حرن جو روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جو سربراھ، پير صاحب پاڳارو شامل ھو.

پير صاحب پاڳارو ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ تي خيرپورضلعي جي مشھور شھر، پير جو ڳوٺ ۾ امام انقلاب پير سيد صبغت اللھ شاھ (سورھيه بادشاھ) جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پير صاحب پاڳاري جو اصل نالو شاھ مردان شاھ ثاني ھيو. ھن سھڻي ڌرتيءَ تي جنهن پنهنجي پيدائش جو شرف بخشيو، پير صاحب پاڳاري شروعاتي تعليم پير جي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ڪجهه وقت ڪراچي ۽ ان کان پوءِ علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي والد سورھيه بادشاھ جي گرفتاري کان پوءِ، سندس تعليم متاثر ٿي. عظيم پيءُ سورھيه بادشاھ جي شھادت کان پوءِ، انگريز حڪمرانن پير صاحب پاڳاري کي پھريان پنهنجي گھر ۾ نظر بند ڪيو. بعد ۾ ۱۹۴۳ کان ۱۹۴۶ تائين، تعليم لاءِ علي ڳڙھ اماڻيو ويو ۽ ۱۹۴۶ ۾ کيس ھڪ خاص جهاز ذريعي لورپول انگلينڊ (لنڊن)، گورا کڻي ويا. جتي پير صاحب پاڳارو ھڪ پرائيويٽ اسڪول ميجر رڊيوس ۾ تعليم حاصل ڪئي. اتي پاڻ انگريزن جي گرفتاريءَ ھيٺ رھيا ۽ پير صاحب پاڳاري کي اتي ايڊمنسٽريشن جي تعليم ڏني وئي. جڏھن ته پير صاحب پاڳاري کي زبردستي عيسائيت، فرينچ ۽ ليٽن جي تعليم پڻ ڏني وئي. پيرصاحب پاڳاري بعد ۾، برطانيه ۾ رھي گريجوئيشن ڪئي.  پاڪستان جي وزيراعظم لياقت علي خان ۱۹۴۹ ۾ لنڊن ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس وطن واپس آندو. پاڪستان حڪومت پير صاحب پاڳاري جي گادي کي تسليم ڪيو.

پير صاحب پاڳارو کي ۴ فيبروري ۱۹۵۲ تي کي پڳ ٻڌرائي وئي. دستاربنديءَ وقت، روايتي طور پير پاڳاري جو خطاب مليو. پير صاحب پاڳاري، پنهنجو روايتي لباس ۽ پڳ پائي پنهنجي مريدن کي زيارت ڪرائي. ھو ھر ۲۷ رجب، عيدالفطر، عيدالاضحيٰ تي روايتي لباس ۽ پڳ پائي، مريدن کي زيارت ڪرائيندو ھيو ۽ ھميشه پنهنجي خطاب ۾ مريدن کي چوندو ھو ته؛ پاڙيسرين جي عزت ڪيو. پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو ۽ قانون جو احترام ڪيو.

پير صاحب پاڳارو، ٽائيم جو تمام گھڻو پابند ھيو. ملاقات لاءِ ٽائيم ڏيندو ھيو ۽ فون پاڻ کڻندو ھيو. جيڪو ٽائيم ڏيندو ھيو، ان تي ملندو ھيو. جيڪو به پير صاحب پاڳاري سان ملڻ ايندو هو، ان سان ٽائيم تي ملندو ھيو. ان جو ٽائيم ختم ٿيڻ تي، کيس چوندو ھيو ته؛ تنهنجو ٽائيم ختم ٿي ويو ۽ اوھان وڃو. پير صاحب پاڳارو ھر ماڻهو سان اٿي بيھي اچي پاڻ آڌرڀاءُ ڪري ملندو ھيو.

پير صاحب پاڳاري جي وفات کي قومي سانحو قرار ڏنو ويو آھي. ڇو ته پير صاحب پاڳارو ملڪ جو وڏو اثاثو ھيو. پير صاحب پاڳاري جا ۱۲ خليفه آھن ۽ ھڪ چيف خليفو آھي. پير صاحب پاڳارو جي درگاھ جي سار سنڀال ۽ خرچ پکو ھر مهيني ھڪ ھڪ خليفو ھلائيندو آھي ۽ پير صاحب پاڳارو سڀ کان ويجهو حر جماعت جو ھيو.

پير صاحب پاڳارو پاڪستان جو وڏو حامي ھو ۽ جي ايڇ ڪيو سان ويجهو رھندو ھو. پير صاحب پاڳاري ۱۹۶۵ ۽ ۱۹۷۳ ۾ پنهنجي فوج حر مجاھد فورس پاڪستان آرمي سان گڏ ڪري ھندستان سان لڙائي ڪئي ۽ حرن وڏا وڏا قلعا فتح ڪيا. جنهن بعد پير صاحب پاڳاري پنهنجي ڏاھپ سان پنهنجي حر مجاھد فورس کي آرمي جو حصو بڻائي ڇڏيو ۽ حر مجاھد فورس کي پاڪستان آرمي مان پگھار ملندو آھي. ھينئر به تمام گھڻا حر مجاھد پاڪستان آرمي سان گڏ سرحدن تي پاڪستان جي حفاظت لاءِ ويٺل آھن.

پير صاحب پاڳارو پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن سياستدان يا حڪمران وٽ ھلي نه ويندو ھو پر ھر حڪمران ھن وٽ ھلي ايندو ھو ۽ سياست بابت سندس رھنمائي وٺندا ھئا.

پير صاحب پاڳارو پنهنجي خطاب ۾ پھريان حر جماعت کي اوليت ڏيندو ھو ۽ چوندو ھيو ته؛ سڀ کان پھريان منهنجا حر آھن بعد ۾ ٻيا. پير صاحب پاڳارو سياست جو ھڪ کليل ڪتاب ھيو، جيڪو ھميشه سچ ڳالھائيندو ھيو. پير صاحب پاڳارو پنهنجي لينڊ ڪروزر گاڏي پاڻ ھلائيندو ھو. پير صاحب پاڳارو لکين مريدن کي نيون راھون ڏنيون. پير صاحب پاڳارو پنهنجي سياست ۾ نواڻ آڻن لاءِ، پنهنجي ٽئين پٽ پير سيد صدرالدين شاھ عرف يونس سائين کي سياسي اختيار ڏنا.

پير صاحب پاڳاري جي پيءُ سورھيه بادشاھ جي ڪوششن سان پاڪستان ۱۹۴۷ ۾ آزاد ٿيو. پير صاحب پاڳاري پھرين پنهنجي سياسي شروعات مسلم ليگ قيوم گروپ کان ڪئي. ساڻس سڀني مسلم ليگن جا سربراھ ملاقات ڪندا ھئا ۽ ڪنگري ھائوس ھميشه سياست جو ڳڙھ ھوندو هو.

پير صاحب پاڳاري ٻه شاديون ڪيون. جن مان پھرين شادي ملتان جي مخدوم خاندان مان ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ پير سيد صبغت اللھ شاھ راشدي عرف راجه سائين، پير سيد علي گوھر شاھ راشدي، پير سيد صدر الدين شاھ راشدي عرف يونس سائين ۽ ڌيءَ ڪوثر دراني ۽ ھڪ ٻي ڌيءَ جو اولاد هو. جڏھن ته ٻي شادي پنهنجي خاندان پير جي ڳوٺ مان سيد محمود شاھ راشدي جي ڌيءَ سان ڪئي. جنهن مان ھڪ پٽ سيد حزب الله شاھ راشدي، بيبي آمنه ۽ بيبي عائشه جي اولاد آھي.

پير صاحب پاڳاري کي ۲۴ نومبر ۲۰۱۱ تي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتي ڦڦڙن جو آپريشن ٿيو ۽ ۴۵ ڏينهن آغا خان اسپتال ۾ رھڻ کان پوءِ، ھڪ ھفتو اڳ لنڊن منتقل ڪيو، جتي ۱۱ جنوري جي رات، ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پير صاحب پاڳاري جو شفقت ڀريو ھٿ ھميشه لاءِ پاڪستان تان کڄي ويو ۽ ھينئر ھر اک آلي آھي.


 

پير پاڳارو شاهه مردان شاهه ثاني

راز ناٿن شاهي

سنڌ ڌرتيءَ جي جهول ۾ اهڙا اهڙا ماڻڪ، موتي، هيرا ۽ لعل جواهر وڌي وڻ ٿيا جن جي ڇانو مسڪين ماروئڙن لاءِ هڪ تسڪين ڀريل ڇپر جيان هئي. جن جون پاڙون پاتالن تائين پهتل هيون. جن جي گلن جو واس سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي هڪ نئون نياپو ڏيندو هيو. هنن جون ٽاريون، سنڌوءَ جي سرهاڻ ۾ جهومنديون هيون. جن جي هر هڪ ادا ۾ ڪو نه ڪو مقصد سمويل هوندو هيو ۽ ان مقصد ۾ ڌرتيءَ لاءِ امن ۽ وطن لاءِ پيار جي جهلڪ، نروار ٿيندي هئي. اهڙن ڇانورن ڏيندڙ سنڌ ڌرتيءَ جي جڳ مشهور انسانن منجهان هڪ ٻيو شفيق، همدرد ۽ کرو انسان، سائين سيد شاهه مردان شاهه جنهن کي دنيا پير پاڳاري جي اسم سان سڃاڻيندي هئي اهو به سنڌ مٽيءَ جو شان مٿانهون ڪري آخر ڏهين جنوريءَ تي هن جڙتو جڳ کان تمام گهڻو پري هليو ويو.

مهراڻ جي موجن منجهان نروار ٿيندڙ جڳ موتين ۾ سياسي ۽ سماجي آسمان تي سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ سائين پير پاڳارو اهي قد آور شخصيتون هيون جن سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو، سنڌ جي سڃاڻ ۽ سنڌ جو وقار هڪ نئين انداز سان روشناس ڪرايو. سياست جي خطرناڪ واٽن تي سوچي سمجهي وکون کنيون جن ۾ اخلاقي ۽ همدرديءَ جو لاڙو نمايان ڏسڻ ۾ آيو.

سنڌ جي جوڌن جو جڏهن به ذڪر ڪنهن تاريخ ۾ اچي ٿو ته سورهيه بادشاهه جي گوريلا ويڙهه واري ذڪر کانسواءِ اها تاريخ اڻ پوري سمجهي ويندي آهي. انگريزن خلاف ويڙهه کي سورهيه بادشاهه هڪ نئون رنگ ڏئي ڇڏيو.

سورهه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍارِ،

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

لطيف سائينءَ جاڪيترا ئي سرُ ڪيڏاري وارا بيت سنڌ جي هنن گوريلن ويڙهاڪن سان ٺهڪي اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڄاوا هي سڀ سسي نيزي پاند کڻڻ وارا سورهيه بادشاهه جا جان نثار حر هئا جن پنهنجي ڌرتيءَ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ پنهنجي رهنما جي حڪم تي ويرين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هيو، پر هي سنڌ ڌرتيءَ جا بهادر پنهنجي آخري ساهن تائين ويڙهاند جاري رکندا آيا ۽ اهڙن ئي سپوتن جي ڪارنامن کي ڏسندي لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت به ذهن تي تري اچي ٿو ته:

ڀَڳو آئون نه چوان، ماريو ته وِسهان،

ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هُوَ نِس پُٺِ ۾.

وطن جي ويري گورن انگريزن چئني پاسي پنهنجا جاسوسي ڄار وڇائي آخر سنڌ جي شينهن بادشاهه کي پنجوڙ ۾ وڌو ۽ مختلف ڏوهن ۽ انگريز فوجين جي اٺن ڪيسن ۾ ڦاسائي قيد ۾وڌو، سورهيه بادشاهه جو وڪيل محمد علي جناح ٿيو پر انگريزن جي نيت ۾ کوٽ ڏسي، انصاف نه ملڻ وارو رويو ڏسي هن ڪيس کان ڌار ٿي ويو ڇاڪاڻ ته جيئن هن پياري پاڪستان تي ٻارنهن سال جبري حڪومت ڪندڙ آمر جنرل ضياءَ سنڌ ڄائي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ تي چاڙهائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو اهڙيءَ ريت ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي سورهيه بادشاهه کي سوريءَ جو سينگار ڪيو ويو، ان وقت موجودهه سائين پير پاڳارو صرف تيرنهن سالن جو هيو ۽ سندن ٻيو ڀاءُ سائين نادر شاهه يارنهن سالن جي عمر جو هيو. انگريزن جون خوف کان وايون بتال ٿي ويون ۽ هنن هڪ وڏي خونريزيءَ کان بچڻ لاءِ پير جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سورهيه بادشاهه جي سڀني گهر وارن کي ڪراچيءَ ۾ ماما پارسي اسڪول ويجهو هڪ بنگلي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هي سنڌ جي حر دليرن جي دهشت نه سهي سگهيا ۽ هنن ٻنهي سنڌي ڇوڪرڙن کي ۱۹۴۴ع جي شروعات ۾ تعليم ڏيارڻ جي بهاني سان گڏيل ڀارت جي شهر علي ڳڙهه پهچايو، پر پوءِ به هنن جي ذهن تان سنڌي حر گوريلن جو خوف نه مٽجي سگهيو جنهن جي نتيجي ۾ وري هنن ننڍڙن کي جون ۱۹۴۶ع ۾ سامونڊي جهاز رستي ليور پول انگلينڊ پهچائي پنهنجي هڪ بااعتماد اڳوڻي فوجي آفيسر ميجر سي ڊيوس جي ذاتي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ هي اسڪول هڪ شهر هيرو جي نزديڪ هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي پِنَر منجهه هيو، هن اسڪول جي هاسٽل ۾ به هنن کي ٻين کان ڌار نظر بند رکيو ويو. هنن سنڌ ڄاون سان انگريز سرڪار جي ناانصافين جي موٽ ۾ ڪنهن به سنڌ جي وڏيري، زميندار احتجاج نه ڪيو پر جن جي وڏڙن ۱۹۲۷ع واري عرصي ۾ انگريز سامراج سان ويڙهاند ڪرڻ لاءِ پنهنجن مريدن تي مشتمل فوج ٺاهي جنهن کي حر فورس به سڏيو ويندو هيو. تن جي قربانين تي هنن جا ڳاٽ اوچا هئا ۽ سڀني تڪليفن کي جوان مرديءَ سان منهن ڏنو ۽ آخر ۾ سوڀارا ٿيا ۽ سچ جا سورج اڀاري، پنهنجا حق ماڻي ۽ وطن جي جوت جيءَ ۾ جلائي سنڌ ديس ۾ پير پاتائون ۽ اهو وقت ڀارت جي ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۵۰ع وارو هيو.

سنڌ واپس ورڻ کانپوءِ سائين پير پاڳارو گادي نشين ٿي پنهنجن مريدن لاءِ هڪ ڇپر ڇانو بڻيو. جڏهن ته ۱۹۶۵ع ۾ ڀارت سان جنگ شروع ٿي ته سنڌ جي بارڊر کي ڪمزور ڏسندي ملڪ جي صدر جنرل ايوب خان رينجرس جي سربراهه برگيڊيئر خداداد خان کي سائين پير پاڳاري وٽ مدد لاءِ موڪليو. جنهن جي موٽ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ ويهه هزار حُر ويڙهاڪ راجستاني صحرائن کي لتاڙيندا وڃي ڪشن ڳڙهه تي قبضو ڪري ويٺا ۽ سائين پاڳارو صاحب، ٿر پارڪر ۾ پنهنجي ڪئمپ ٺاهي، پاڻ ڪمانڊ ڪندو رهيو. اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون تاريخ جي صفحن تي سدائين لاءِ جرڪنديون رهنديون، جن منجهان احترام واري سياست، اخلاق وارا رابطا، همدرديءَ واريون ڳالهڙيون وسارڻ جهڙيون ناهن.

ٻارهين جنوري، خميس ڏهاڙي سنڌي ۽ اردو ٽي وي چئنلز تان ڪراچيءَ کان پير جو ڳوٺ تائين ڏک ڀريا منظر براهه راست ڏيکاريا ويا. جن کي ڏسندي سنڌ جي هن بادشاهه جي دلين تي حڪمراني ظاهر ٿي رهي هئي. سنڌ سرڪار هن دلير جوڌي کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي موڪل ڪري ڇڏي، جيڪو هڪ سٺو قدم هيو. ماڻهن جي دلين تي حڪومت ڪرڻ وارا انسان، هوريان ڏور ٿيندا پيا وڃن. جن منجهان سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترا ئي وينجهار شامل آهن جن جي وڃڻ سان سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو خال رهندو. جنهن کي ڀرڻ ناممڪن ته نه، پر مشڪل ضرور آهي.

ويا سي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي،

تَنين سندا پويان، سيهي لهن نه سارَ،

ڪُٽين ڪُٽ لُهارَ، هاڻي اُنين ڀيڻِيين.

 


 

پير صاحب پاڳارو

علي ڳڙهه کان انگلستان اسيري کان آزادي تائين - ۱۱ جنوري ورسي

سليمان مھر

 تنز و مزاح، طرز نگارش جي ترڪيب سان سدابهار سٻاجهي صاف گو ۽ سلڇڻي ۽ سڀاوڪ شخصيت جي افق تي صبح جي آفتاب جيان اڀري جنهن کي قرب جي ڪهڪشان ۽ ڪنگري جي قدآور سخصيت سيد مرحوم شاهه مردان شاهه پاڳارو سڏيو وڃي ٿو. جيڪو سيبتو سلو سيد صبغت الله شاهه بادشاهه شهيد سورهيا بادشاهه جي گهر ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ ۾ نسري نروار ٿيو ته سندس والد جڙتو ۽ بلاجوز ڪوڙن ڪيسن ۾ ۸سالن جي سزا سبب ڏيساور مدناپور ۽ راجشاهي جيلن ڏانهن روانو ٿيو مذڪوره ڪيسن ۾ قائداعظم محمد علي جناح وڪيل ٿيو پر سندس ڪوششون ڪارآمد ثابت ٿي نه سگهيون پير صاحب جي آزادي يا سنڌ جي جيلن ڏانهن منتقلي لاءِ بمبئي جي گورنر آڏو سرشاهه نواز ڀٽو، نبي بخش ڀٽو، مير شير محمد بجاراڻي ۽ مير جعفر خان جمالي سميت ڇهه ڄڻن بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن هڪ پٽيشن داخل ڪئي جيڪا رد ڪئي ويئي پنهنجي پيارن کان وڇڙڻ جي پاراش ۾ راجشاهي جيل ۾ هن راڻي جو ٻاويهه ڪلو وزن گهٽجي ويو جيڪا حقيقت سورهيه بادشاهه پاران سر شاهه نواز خان ڀٽو کي لکيل هڪ خط مان عيان ٿئي ٿي سن ۱۹۳۶ع ۾ آزادي بعد پير صاحب باضابطه انقلابي پروگرام جي آغاز طور حر هلچل لاءِ پير ڳوٺ ڪي ڪيٽي ۽ سانگهڙ ۾ نئين تعمير ٿيل گڙنگ بنگلي ۾ غازين جي ڀرتي جو آغاز ڪري ڀون تان بيٺڪي راج جي بيدخلي جو بندوبست ڪرڻ لڳو ته کيس ٻيهر آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ پير صاحب کي گرفتار ڪري سينٽرل پروانس (سي پي) جي سيوني جيل اماڻيو ته حرن هلچل جو آغاز ڪري گوريلا ڪاررواين جو آغاز ڪيو ته سندن سورش کي دٻائڻ لاءِ سنڌ جي نام نهاد ڪٺ پتلي حڪومت جي ڪارندن ۽ اسيمبلي ميمبرن جن جو تعداد ۴۴ هو گڏيل راءِ سان ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع ۾ حر ايڪٽ پاس ڪيو جيڪو ان وقت جي وڏي وزير خان بهادر الله بخش سومري بڪ جي صورت ۾ پيش ڪيو حر ايڪٽ

suppression of Hur criminal tripe act

پاس ٿيڻ بعد ڪجهه ڏينهن اندر حر ايراضي ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ ڦڙتيلي انداز ۾ فوجي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ حيرت ناڪ حدتائين اپر سنڌ زون جي ذميواري ميجر جنرل رچرڊسن پوليس ڪمشنر ايف ينگ ۽ مارشل لا سول ڪمشنر ايڇ ٽي ليمبرڪ جي سپرد ڪري مسڪين ۽ بي بهچ ماڻهن تي پيدل فوج جي ۶۰ هزار سپاهين هوائي فوج جي ۲۴ جهازن ۽ اٺ گهوڙي تي ۲۴۰۰ سئو سوارن ذريعي سفاڪيت تي مشتمل سنگين ڪارروايون ڪري حرن جي ڳوٺن کي باهه ڏيئي ڀسم ڪري بربريت جو نشانو بڻايو ويو ۽ پير ڳوٺ ۽ سانگهڙ جي گڙنگ بنگلي کي بمباري ذريعي تباهه ڪيو ۽ سورهيه بادشاهه کي سي پي جي سيوني جيل مان خفيه نموني حيدرآباد منتقل ڪري فوجي ٽربيونل ذريعي سرسري سماعت ڪئي ويئي جنهن ذريعي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ ع تي پير صاحب کي ڦاسي ڏيئي درگاهه جي گادي ختم ڪئي وئي ۽ لکين حرن کي ٻارن ٻچن سميت لوڙهن ۾ لهو ڳارڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ پير صاحب جي صاحب زادن کي اهل خانه سميت ڪراچي جي بندر روڊ تي ٽنڊي باگي واري ٽالپر مير خدا بخش رانبٽ جي بنگلي تي لاڳيتو ريڊ ڪراس جي مسز ڪينٽ جي نگراني ۾ قيد رکيو ويو، جتان پير صاحب جي صاحب زادن شاهه مردان شاهه ۽ نادر شاهه جن جون عمريون ترتيب وار ۱۳ ۽ ۹ سال هيون ته کين اکين تي ڪپڙو ٻڌي علي ڳڙهه منتقل ڪيو ويو، جتان پوءِ برطانيه ميجر پين ميري جي اڪيڊمي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي کين مسلسل ۹ ورهين تائين رکيو ويو. ان دوران ورهاڱو ٿي ويو. هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويا مگر پاڪستان سرڪار چند منظور نظر امراءَ جي عرضداشت سبب پير صاحب جي گادي بحال ڪرڻ ۽ صاحبزادن کي واپس گهرائڻ ۽ حرن جي لوڙهن جي خاتمي مان ڪني ڪترائڻ لڳي. ان وقت جو وزيراعظم لياقت علي خان جيتوڻيڪ لنڊن پهچي صاحبزادن سان ملي کين جلاوطني ختم ڪري واپس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي مگر ملٽري اسٽيبلشمينٽ جنهن جي سربراهي انگريز جنرلز سر فرينڪ ميسروي ۽ جنرل سر ڊگلس ڊيو ڊگريسي، ريئر ايڊمرلجيس وولفرڊ جئفرڊ ۽ ايئر وائيس مارشل اي ايل پيري ۽ ڪابينا ميمبر ڪني ڪترائڻ لڳا. جنرل فرينڪ ميسروي ته هڪ موقعي تي قائداعظم جي حڪمن کي ٿڏي ڪشمير ۾ ۱۹۴۸ع ۾ انڊين آرمي جي مقابلي ۾ فوج موڪلڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان وقت سيد علي محمد راشدي سڀ کان

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شاهه مردان شاهه

پير پاڳارو ستون

مير نادر علي ابڙو

آئون وڏو خوشنصيب آهيان جو جنهن ضلعي ۾ به منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پوسٽنگ ٿي، اتي پاڻ سان مون کي به گڏ وٺي ويندو هو ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان، درگاهون سندس جي چيچ جهلي گهمڻ جو موقعو مليو. جڏهن ۱۹۷۸ع ۾ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي بدلي بطور ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي ته اتي مون کي ڪوٽ ڏيجي جو قلعو سچل سائين جي درگاهه ۽ پير ڳوٺ ۾ سوني ڪلنگي پير صاحب جي درگاهه گهمڻ لاءِ پير ڳوٺ وٺي هليو ۽ مون کي پير صاحبن ۽ سورهيه بادشاهه جي تاريخ ٻڌائڻ لڳو ۽ موجوده پير صاحب پاڳاري جي باري ۾ معلومات ڏني. هن کان پوءِ جڏهن مان سورهيه بادشاهه جون ٻه ورسيون، هڪ ٺري ميرواهه ۽ بوزدار وڏا ۾ ملهائي، جتي جنهن محبت جو اديبن ۽ ليکڪن پير صاحب پاڳاري سان اظهار ڪيو تنهن کي ڀلا ڪهڙن لفظن سان ياد ڪري ڪهڙي معنيٰ ڏجي. اڄ موجوده پير صاحب پاڳارو خيرن سان پنهنجي ڄمار جا ۸۱ سال پورا ڪري چڪو آهي ۽ سموري ملڪ ۾ سندن ۸۱ هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. مختلف ماڳن تي سندس عقيدتمند ۽ مريد ڪيڪ ڪاٽي سالگرهه جون خوشيون پيا ميڙن ۽ پنهنجي محبت جو اظهار پير صاحب پاڳاري سان پيا ڪن. پير صاحب پاڳاري جي شخصيت جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون مخلتف وقتن تي بحث هيٺ رهيون آهن. پاڻ هڪ روحاني رهبر کان ويندي سياسي ميدان تائين هر هنڌ ۽ جاءِ ڇانيل نظر ٿو اچي، سندن مريد سندن حڪم تي هر وقت لبيڪ ڪري ڦاهي تي به چڙهڻ لاءِ هر وقت تيار ٿا رهن، سندن ڪوششن سان حر مجاهد، حر فورس اڄ ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۾ لڳل آهي. پير پاڳاري جي شخصيت کي جيڪر ڏٺو وڃي ته پاڻ هر وقت چاڪ چوبند نظر اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڪنهن موڙ تي پاڻ حالتن سان سمجهوتو ڪندي ناهن ڏٺا ويا، هر دؤر جي حاڪمن اڳيان ڳالهيون صاف ۽ چٽيون رکيون آهن. تنهن کي هر ڪو سمجهي ۽ مڃي ٿو. پير صاحب پاڳاري پاران ڪيل پيشنگويون اڪثر هن ملڪ ۾ هڪ ڪڙو سچ ثابت ٿيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي ڪيل پيشن گوين کي معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندا آهن ۽ هنن اڳڪٿين جي پويان هو اهو سمجهن ٿا ته هاڻ ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي. پير صاحب پاڳاري ۾ جتي روحاني رهبر جون خاصيتون آهن ته اتي پاڻ سياسي بصيرت جا به مالڪ آهن. سندس سياسي قد ڪاٺ تمام اونچو رهيو آهي. ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان سندن محتاج رهيا آهن ۽ ڪنگري هائوس جا چڪر ڪاٽيندي ڏٺا ٿا وڃن. ملڪي توڙي غير ملڪي اڳواڻ پير صاحب پاڳاري کان ملڪي سياست تي ڳالهيون ڪرڻ اهم سمجهندا رهيا آهن.

پاڻ واحد روحاني پيشوا آهن، جيڪي هر دفعي ديدار ڪرائڻ وقت پنهنجي حر جماعت کي اهو چوندا رهيا آهن ته پاڻ ۾ اتحاد رکو پاڙي وارن جو خاص خيال ڪريو، نماز پڙهو، روزا رکو، خيرات ڪريو. مقصد ته پير صاحب پاڳارو پنهنجي جماعت کي صبر جي نصيحت ڪندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيراڻين گادين ۾ سندن گادي وڌيڪ سگهاري سمجهي ٿي وڃي.

هر سال جڏهن عيد ايندي آهي ته پير صاحب پاڳارو پير ڳوٺ تشريف فرما ٿيندا آهن. جتي پنهنجي مريدن کي ديدار ڪرائيندا آهن جيڪي وڏيون منزلون مسافريءَ ڪري ٻارئين ٻچين اتي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ هو پير صاحب پاڳاري جي ديدار ۾ عيد جون خوشيون پير ڳوٺ ۾ هڪ ٻئي سان ڀيڄ پاڳاري جي نعرن سان ملي سموريون غميون وساري چهرن تي مرڪون سجائي محبت وچان ڀاڪر پائي هڪ ٻئي سان عيد ملندي خوشي محسوس ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي پاڻ کي وڏا خوشنصيب سمجهندا آهن جو انهن جي عيد پير ڳوٺ ۾ پير صاحب پاڳاري جي ديدار سان ٿي آهي. اها خوشي ۽ اتي پاتل ڀاڪر انهن لاءِ امر بڻجي ويندا آهن جن ڀاڪرن ۾ مرشد پير صاحب پاڳاري جي ديدار جون خوشيون سمايل هونديون آهن ۽ فضا ڀيڄ پارڳاري جي نعرن سان گونجي اٿندي آهي ۽ سمورا مريد پنهنجي مرشد حضرت پير صاحب پاڳاري جي وڏي ڄمار لاءِ ڌڻي در دعائون گهرندا آهن.

اڄ به جڏهن برسات پوندي آهي ۽ سانوڻ جون مستيون عروج تي هونديون آهن ته هر طرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا گونجي اٿندا آهن ۽ هڪ پل لاءِ نه وسرڻ جوڳيون يادون ذهن جي چائنٺ تي چٽجي وينديون آهن.

هن روحاني رهبر ۽ لازوال انسان پير صاحب پاڳاري جن پنهنجي جيون جا ۸۱ سال پورا ڪيا آهن. انهيءَ زندگي جي سفر ۾ هن ڪڏهن لاها چاڙها ڏٺا هوندا پر پاڻ ڪڏهن مايوس ناهي ٿيو. هزارين چئلينجن کي منهن ڏيڻ باوجود هر وقت مطمئن ۽ پرسڪون نظر ايندڙ شخصيت آهي.

 پير صاحب پاڳارو سنڌ جي انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي جنهن تي اسان جي سنڌ ناز ٿي ڪري، پير صاحب پاڳارو جي حوالي سان اڪثر طور اها به ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته پاڻ سياست تي پي ايڇ ڊي ڪري ويٺو آهي.

 اڄ سنڌ ڄائي هن امر انسان جي ۸۱ هين سالگره سموري سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي تقريبون ۽ پروگرام پيا ٿين ۽ سندن وڏي ڄمار لاءِ دعائون پيون گهريون وڃن اسان جي به خدا در اها دعا آهي ته الله پاڪ شل هن سنڌ ڄائي پير صاحب پاڳارو کي وڏي عمر عطا فرمائي ته جيئن هو اسان سنڌ واسين ۽ سموري ملڪ جي خدمت ڪندو رهي.

 

(سُڪار، مهراڻ، خبرون، سنڌ، سوڀ، تعمير سنڌ، سنڌو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مقدمو، هلچل)

 


 

حضرت شاھ مردان شاهه

سندن بي مثال شخصيت

سانوڻ راڄڙ

سنڌ هميشه درويشن، جوڌن، جوانن جي ڌرتي رهي آھي، سنڌ ۾ اهڙيون انيڪ هستيون پيدا ٿيون آھن جنهن هردور ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيو آهي،  انهن مان هڪ خاندان علم جو گهراڻو جنهن جون ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بيشمار قربانيون آھن جيڪي وسارڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهن، جنهن خاندان هميشه ملڪ سان وفاداري ڪئي آهي، انگريزن جو دور هجي يا ۱۹۶۵ع جي پاڪ ڀارت جنگ هجي، وطن جي سرحدن جي حفاظت کي سڀ کان اول ترجيح ڏيندڙ راشدي خاندان جون بي مثال قربانيون آھن، انهن هيرن جي کاڻ مان هڪ هيرو اعليٰ حضرت پيرسائين شاهه مردان شاهه ديده دلير مدبر ڪامل بزرگ انسان ذات جو همدرد پير سائين شاهه مردان شاهه هميشه قانون جي پاسداري، سرحدن جي حفاظت، روزي نماز ۽ ذڪر خداوندي جي تلقين فرمائي، نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو ۽ ھميشه حضرت امام حسين رضيه جي صبرتي قائم رهڻ جي هدايت ڪئي، پاڻ اعليٰ قسم جا روحاني رهبر هئا، ۱۹۶۵ع جي جنگ دوران پنهنجي مريدن سان گڏجوش ۽ ولولي سان ميدان کٽي ڏيکاريو، سندن رهبري هميشه ياد ايندي رهندي، حضرت پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳارو ستون، حضرت پير سائين سيد شاهه مردان شاهه ۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع مطابق ۷ جمادي الاخر ۱۳۴۷ هجري تي حضرت پير سائين سورهيه بادشاهه جي گهر پيرجو ڳوٺ درگاهه شريف تي پيدا ٿيا. نالو ۽ نسب حضرت سيد شاهه مردان شاهه جيڪو سندن ڏاڏي شمس العلماءَ حضرت پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي نسبت سان رکيو ويو، ۽ سيد سڪندر علي شاهه جي نالي سان پڻ مشھور هئا. پاڻ حضرت پير سائين روضي ڌڻي ۽ حضرت نبي ڪريم صلعم جن سان سلسله نسب ۾ ملن ٿا. پاڻ اٺن سالن جي عمر ۾ سندن خانداني مرشد گهراڻي جي سجادهه نشين سيد محمد شاهه ثاني گيلاني جي هٿ ٿي بعيت ڪئي ۽ سلسلي قادري ۾ شامل ٿيا. ٻين پاڳارا بزرگن کي جيئن جماعت لقب ڏنا هئا، ايئن پير سائين جن کي به جماعت ”ڇٽ ڌڻي“ جي لقب سان سڏيندي آهي، پاڻ پنهنجي بزرگن جي مزار مٿان روضو تعمير ڪرائي مٿس سونو ڇٽ لڳرايو هو، پاڻ اڇڙي ٿر جو سفر به خوشي سان ڪندا هئا. اڇڙي ٿر ۾ گاڏي هلائڻ ۾تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي پر پيرسائين جن گاڏي وڏي آرام سان ۽ بهتر طريقي سان هلائيندا هئا، کين ڪڏھن ڪا به پريشاني نه ٿيندي هئي، اڇڙو ٿر جيڪوحرجمائت جي مهمان نوازي جي ڪري مشھور به آھي، صادق فقير ڀنڀري جنهن لاءِ چيو آ ته اڇڙي ٿر کي لال لڪياري رانجهن ياررچايو آ، سيد شاهه مردان شاهه مسڪينن جوهمدرد يارن جو يار جرئتمند ۽ ھرڪنهن کي منهن تي چوڻ وارو، هو شڪار جو شوقين، ڪتابن سان دل لڳاءَ ھو، جنهن جو مثال پير ڳوٺ جي عاليشان لائبريري آھي جيڪاپوري پاڪستان ۾ ھڪ بهترين لائبريرين مان هڪ آهي، ديني تعليم جو سھڻو بدوبست به سندن دور جو ڪيل آھي، هي ”راشديا خانقاهه“ خلق خدا جي هر وقت خدمت ڪندي رهي ٿي ۲۲ نومبر اسان جي مرشد مربي جي ڄمڻ جو ڏينهن آھي سيد شاهه مردان شاهه جيڪو هميشه دلين جو بادشاهه رهيو آھي، دلين تي حڪومت ڪئي، پاڻ هڪ عظيم سياستدان هوندي به ڪرسي حاصل نه ڪئي، پيرسائين هميشه مريدن کي هدايت ڪندا هئا ته ”اوهان سڀني کي گهرجي ته پنهنجيون زندگيون چڱن ڪمن ۾ بسر ڪيون يعني الله پاڪ جي عبادت، درگاھ ۽ جماعتي خدمتن ۽ ملڪ جي وفاداري ۽ ملڪ جي قانون جي عزت ڪرڻ ۽ غيرقانوني، غير شرعي ڪمن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي“ جڏھن به دعا لاءِ ھٿ کڻندا هئا، ته سڀ کان پهرين چوندا هئا ”او منهنجي محمد ﷺ جا الله“ هي لفظ ايترو ته عاجزاڻي انداز ۾ چوندا هئا، جو سندن گهريل دعا ڪڏھن به رد نه ٿيندي هئي، ”باري تعاليٰ هميشه ظالم جو خاتمو ڪندو آھي، پرظلم پنهنجي جاءِ تي هوندو آھي، توهان جو پاڙو هميشه توهان جو گهڻگهرو هوندو. ۽ ذات الاهي جي عبادت ۽ پاڙي سان سلوڪ بهتر ضروري آھي خدا توهان کي آباد رکي ۽ ھن مهانگائي ۾ رزق ڪشادو ڪري. توهان جي قوت هي جماعت ۽ ھي خانقاهه آھي. توهان جي ديني تربيت ۽ رهبري هن مدرسي جامعه راشديه مان آھي، ان جو خيال ڪريو توهان سڌريل هوندئو ۽ برن ڪمن کان بچيل هوندئو۽ جيڪا عالمن نصيحت ڪئي ۽ جيڪومون توهان کي مشورو ڏنو، اهو پنهنجي دوستن ۾ به ڦھلائجو ۽ ان تي عمل ڪجو، باري تعاليٰ توهان کي آباد رکي، رزق ڪشادو ڪري“ امام العارفين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه مسلمانن جي ديني ۽ روحاني تربيت لاءِ دور دراز علائقا طئي ڪري الله جو ذڪر جهر جهنگ ۾ پهچايو، سندن ذڪر جي برڪت ۽ دين جي خدمت جي ڪري حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جي درگاهه تي اڄ به ذڪر جاري و ساري آهي. جيڪو به شخص الله جو ذڪر ڪندو انهي ذڪر کي عام ڪندو ته الله تعاليٰ ان جي لاءِ هميشه پنهنجيون خاص مهربانيون فرمائيندو رهندو آهي. تنهن ڪري انهيءَ طريقي کي ڳوٺن ۾ عام ڪن. حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي رحمة الله عليه به عالمن کي زمين تان کڻي آسمان جي بلندين تي پهچايو، عالمن کي وڏي عزت بخشي خانقاهه پير پاڳارا واحد خانقاهه آهي جتي قال الله وقال رسول الله ﷺ جو ذڪر اڄ به جاري و ساري آهي. هن خانقاهه راشدي تان اسان کي هميشه نماز ۽ ذڪر جو حڪم ملندو آهي ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جون دليون هميشه زندهه هونديون آھن... جيهي جا تيهي ته به ٻانهين ٻاروچل جي، هجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي، وساري ويهي تن ڪيچين کي ڪيئن رهان.



وقت جو پير صاحب پاڳارو ۽ جديد سنڌ جي تاريخ؟

عبداش پنھور

مائي ڄيٺي، ننڊ کنڊ جي وڏي مزاحمتي آزادي پسند تحريڪ حر هلچل، جو هڪ اهڙو انمول ڪردار آهي جنهن جو حوالو حر تحريڪ جي انهن گوريلن جي جذبن جي گونجار آهي، جيڪي حر آپريشن دوران ۱۹۴۲ع کان قيد ڪيا ويا هئا، ڪي لوڙهن ۾، ڪي جيلن ۾، ته ڪي ٿاڻن ۾ بند هئا، سنڌ جي هن گوريلا ڪهاڻيءَ جا اڻ ڳڻيا باب انهن قيدين جي ڪهاڻيءَ ۾ شامل آهن، جيڪي مائي ڄيٺي سينٽرل جيل حيدرآباد جي يادگيرين دوران انهن حر فقيرن کي ٻڌائيندي هئي، جيڪي پنهنجي مرشد ۽ رهبر سورهيه بادشاهه جي سڏ تي “وطن يا ڪفن، آزادي يا موت” جي نعري تي سر گهورڻ لاءِ تيار هئا، سينٽرل جيل حيدرآباد جون اڻ ڳڻيون يادگيريون پنهنجي سيني ۾ سانڍيندڙ اها مائي اٽڪل ۱۱۸ سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه سال اڳ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

حر گوريلي ميوو ڪارڙو جي وفات ته سال ۲۰۱۸ع ۾ ٿي آهي پر هن جي ڪل ڄمار ڪجهه ماڻهن ۱۳۵ سال ته ڪجهه ماڻهن ۱۵۲ سال ٻڌائي آهي، حر گوريلو ميوو ڪارڙو سنڌ جي جديد تاريخ جو اهو مزاحمتي ڪردار آهي جنهن پنهنجي مرشد ۽ رهبر سورهيه بادشاهه جي دشمن کي للڪاري چيو هو ته تون انگريز سامراج جو ساٿ ٿو ڏين مان تنهنجي لاش جو ڳڀا ڳڀا ڪندس، ڀلي تون برطانيا مان پنهنجي پهري لاءِ ڪيترائي سامراجي فوج گهرائي پر تون منهنجي حملي کان بچي نه سگهندي، سنڌ جي محقق ۽ صحافي علي محمد شاهه لڪياريءَ کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ مزاحتمي سنڌ جي گوريلي ميوو ڪارڙو اهو واقعو شاندار طريقي سان بيان ڪيو آهي ته دشمن کي ڪئين محل مان کنيو ۽ ڳڀا ڳڀا ڪيو، جڏهن سنڌ جو برطانيا سامراج خلاف مٿيون ڄاڻايل مزاحمتي ماحول هو تنهن زماني ۾ اسان جي ٽهئي جي وقت جي پير سائين پاڳاري شاهه سڪندر شاهه مردان علي شاهه جي ڄمار چون ٿا ته اٽڪل ۱۲ کان ۱۴ سال کن هئي جو هنن ڀائرن کي انگريز کنڀي کڻي ويا، سنڌجي اها جديد تاريخ رڳو ٽن پاسن کان اسان کي ملي سگهي ٿي هڪ ته سنڌ جي دشمن انگريز سامراج جي نوڪرشاهي جي ڏيهي پرڏيهي يادگيرين بابت لکيل ڪتاب، ٻيو غازي حُرگوريلا بابت لکيل“سانگهڙ” ناول جو احوال پڙهي سگهجي ٿو، سنڌ جي نامياري عبرت اخبار جو باني محمد عثمان ڏيپلائي شاهڪار ناول “سانگهڙ” نه لکي ها ته هيءَ سڄي تحريڪ سنڌ جي جديد تاريخ ۾ وکريل هجي ها ۽ عالمي سامراجي برطانوي طاقت پاران چٿيل حر تحريڪ کي جيڪڏهن وقت جو پيرسائين پاڳارو شاهه مردان شاهه “عرف ڇٽ ڌڻي” نه سهيڙي ها ته لوڙهن ۾ پيدا ٿيندڙ باندي مرحوم جادم مڱريو جهڙا اڻ ڳڻيا ڪردار وفاقي ۽ صوبائي وزير به نه ٿين ها.

۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي پاڪستان ٺهيو، نهرو لياقت معاهدي مطابق ۱۹۵۰ع ۾ حر لوڙهن مان آزاد ڪيا ويا ۽ حر جماعت اتفاق راءِ سان شاهه مردان شاهه کي وقت جو پير صاحب پاڳارو ڊڪليئر ڪيو، سنڌ جي هيءَ مزاحمتي تحريڪ عالمي ڪردار طور دنيا جي مشهور ڪميونسٽ گوريلي چي گويرا کان پهريان جو دور رکي ٿي پر سنڌ ۾ خبر ناهي ڇو ۽ ڪهڙا سبب آهن جو ماڻهو هن مزاحمتي تاريخ کان هڪ ته بي خبر آهن ٻيو ته خبر هوندي به چي گويرا کي رول ماڊل قرار ڏين ٿا سو سمجهندي به نا سمجهي ڪرڻ کي لاکيڻي لطيف شايد اهو ڏوراپو ڏنو آهي ته “ ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي.” شاهه مردان شاهه نهرو لياقت معاهدي ۾ نئين ملڪ پاڪستان آيو، اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ته انگريز سامراج ۱۸۴۳ع مارچ ۾ سنڌوطن تي قبضو ڪيو هو سال ۲۰۰۰ع تائين هي باضابطا طور تي ان عهدي نامي جو پابند رهيو، تاريخ جا پارکو ڄاڻين ٿا ته جنگ مڊ ويڪ کي سال ۲۰۰۰ع ۾ ڏنل وقت جي پيرسائين پاڳاري انٽرويو ۾ ان لياقت نهرو عهد نامي کي الوداع چوڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هيءَ سنڌ جي جيڪا جديد تاريخ آهي، تنهن تاريخ ۾ ڪي اڀاڳا احوال پڻ ملن ٿا. مثال طور، انگريزن سنڌين جي ملڪ سنڌ تي جڏهن قبضو ڪيو ته ان کان اڳ سنڌ ۾ جاگيردايت جو وجود نه هو، انگريز سامراج دلالي ڪندڙ ڪردارن کي سنڌ جي سرزمين جاگير ڪري ڏني، اها سنڌجي تاريخ آهي، ته سنڌ ۾ بگٽي ۽ مري قبيلن کي سنڌ ۾ زمينون انگريز جو ساٿ ڏيڻ جي اعزاز ۾ مليون آهن، نه ته ۱۸۴۳ع کان اڳ انهن قبيلن جو سنڌ۾ ٻنيون ۽ تاريخ ڪٿي به ڪنهن کي به نه ملندي تنهن ڪري هن وقت تائين سنڌ جي حر تحريڪ تي تحقيق واري پاسي کان تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، پر سنڌ جا اهي حر گوريلا جڏهن فقير وزير لاکو جي صورت ۾ ڪيترائي واقعا بيان ڪندا هئا ته تاريخ جا باب اٿلي پوندا هئا، انگريز برطانيا سامراج، نوابن، سردارن، چوڌرين، جاگيردارن هن تحريڪ جي ڪيترن ئي مزاحمتي ڪردارن کي ڌاڙيل ڪري پيش ڪيو آهي پر هن تحريڪ کي ڇٿيندڙ انگريز سامراج جي برطانوي فوج ۾ شامل پنجاب ريجمينٽ ۽ بلوچ ريجمينٽ ۾ انگريز جي فوج ۾ نوڪر شاهي پنهنجا واقعا ۽ قصا تاريخ جي پسمنظر ۾ بيان به ڪندا رهيا آهن، اهڙي طرح بلوچ ريجمينٽ سان واڳيل سانگهڙ ضلعي جي مزاحتمي ماڳ مکي ٻيلي وارو واقعو به تاريخ ساز آهي ته اتي موجود انگريز سامراج جي فوجي ڇانوڻي تي حر گوريلن جديد ڏاهپ سان حملو ڪيو، حملي جو وقت رات جي چونڊ ڪئي وئي ۽ فوجي ڇانوڻيءَ ۾ موجود فوجين کي وائڙو ڪرڻ لاءِ گڏهه جو استعمال ڪيو ويو، هڪڙي پاسي نامعلوم حر ان گڏهه جانور کي فوجي ڇانوڻيءَ جي ويجهو چر پر اهڙي طريقي سان ڪرائي جو فوجي وائڙا ٿي ويا، فوجين گڏهه طرف ڀاڄ ڪئي ان کي ڪو نامعلوم ماڻهو سمجهي ان ڏانهن فائر ڪيا ڇو ته اتي سرن جا گهاٽا ٻوڙا هئا ياد رهي ته مکي ٻيلي جو جهنگ تمام وڏو هو، حر گوريلن گڏهه جو رخ به گهاٽي جهنگ ڏانهن ڪيو، هڪ انگريز فوجي پنهنجي تاريخ جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، اهو مقابلو صبح فجر تائين جاري رهيو، حرن ان اٽڪل جو اهڙي انداز سان استعمال ڪيو جو سڄي ڇانوڻي ۾ موجود فوجي ان گڏهه جي پويان لڳي ويا ۽ سڄي رات فائرنگ ڪندا رهيا، صبح جو فجر وقت سوجهرو ٿيو ته فوجي ڏسن ته سرن جي ٻوڙن ڀرسان زخمي گڏهه پيو آهي، مطلب ته سڄي رات اهي فوجي ان گڏهه سان وڙهندا رهيا، جڏهن اهي واپس مکي ٻيلي واري فوجي ڇانوڻي تي پهتا ته حر گوريلا اها فوجي ڇانوڻي لٽي چُڪا هئا ۽ سمورا سرڪاري هٿيار کڻي تمام آسانيءَ سان پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويا، اها جديد تاريخ اسان تائين جن ڪردارن پهچائي آهي تنهن پسمنظر۾ رڳو شاهه مردان شاهه عرف ڇٽ ڌڻي جو ڪردار ملي ٿو.

سنڌ جي دشمنن حر هلچل کي سنڌ جي ڌاڙيلن جون ڪاروايون ڪري به لکيو آهي ۽ حُر هلچل کي ڌاڙيل قرار ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي اها ڳالهه ڪا عجيب ڳالهه ناهي ڇو ته انگريزن حُرمخالف فوجي آپريشن دوران پڻ ساڳيو اعلان ڪيو هو ته “ سنڌ ۾ امن امان کي بحال رکڻ لاءِ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي” هڪڙو پاسو اهو آهي ٻيو ته انگريز سامراج جعلي ڌاڙيل پاڻمرادو پيدا ڪري هندو سيٺ واپارين خلاف سازش ڪري ڌاڙالڳرائيندا هئا ۽ نالو حرگوريلن جو استعمال ڪري سنڌي هندو مسلم تضاد عرف ويڇا وڌائڻ جي حرڪت ڪنداهئا، جڏهن سورهيه بادشاهه جاسنڌ جي هندو ڌرمي لوڪ سان تمام بهتر لاڳاپا هئا، سنڌ جا سمورا هندوڌرمي لوڪ هن گاديءَ کي تمام ادب احترام جي اک سان ڏسندا آهن، ڌاڙيلن بابت وقت جي پيرصاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه عرف ڇٽ ڌڻيءَ جو موقف تمام صاف رهيو، هڪڙي ڀيري جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ريتي کان ڪراچي تائين پيادل امن لانگ مارچ ڪيو هو ته تن ڏينهن ۾ ڄام ساقي جي حمايت ۾ بيان ڏيندي پير صاحب چيو هو ته، اصل ڌاڙيل اهي آهن جن کي اين ايل سي ٽينڪرن تان هٿيار پهچن ٿا انهن خلاف آپريشن ٿيڻ کپي. ساڳئي سال جڏهن مير ٿيٻو شاگرد اڳواڻ سجادظهير حفيظ دايو، حمزه نونداڻي سميت ۱۱ساٿي ڌاڙيل لُطوچانڊيو جي ٽولي ٻورڙي مان اغوا ڪري ويوهو ته تڏهن به وقت جي پيرصاحب پاڳاري ڪامريڊ ڄام ساقي جي ساٿين کي اغوا ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي بنا رقم جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو هو. ڇٽ ڌڻي سنڌ جي تنهن حرهلچل کي بحال ڪيو جنهن کي انگريز سامراج چٿي ڇڏيو هو، انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ حر هلچل کي تمام بهترين طريقي سان مستقبل جي حوالي سان ويلفئرورڪ ۾ آڻي ڇڏيو هو. انگريزسامراج جڏهن سنڌين جي سنڌ وطن تي قبضو ڪيو هو، تنهن دور ۾ ئي شهيد سنڌ سالار هوش محمد شيدي جي امر شهادت کان پوءِ روپلوڪولهي به سامراج خلاف ويڙهه شروع ڪئي، جڏهن ننڊي کنڊ ۾ ننڍيون ننڍيون بغاوتون ٻيهر ڀڙڪڻ لڳيون ته سنڌ ۾ روضي ڌڻي محمد راشد راشدي جي سرواڻيءَ ۾ ۱۸۴۵ع کان ۱۸۷۵ع تائين ويڙهه جا سلسلا شروع ٿي ويا، سنڌين بطور قوم هڪ ڏينهن به انگريزن جي غلاميءَ کي قبول نه ڪيو، پهرين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين انگريز سامراجي قبضاگيري خلاف وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد کي جاري رکيو ۽ نيٺ انگريز کي هتان ڀڄائي ڪڍيو، تنهن سموري تاريخ کي پرکڻ لاءِ ڇٽ ڌڻي جو انمول ڪردار ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، ڇو ته سانگهڙ ناول سان گڏ اهو تمام وڏو ارڏو ڪردار آهي، جنهن جون اکيون آتيون رهيون ته سندس ڌرتي لوڪ ضرورسُک ماڻيندو. هڪڙي ڀيري جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشيرخان قريشي (شهيد) جڏهن سيد جلال محمودشاهه، سيد شاهه محمد شاهه، علي حسن چانڊيو سميت ٻٽي نظام خلاف هلچل جي سلسلي ۾ ڪنگري هائوس ۾ وقت جي پيرصاحب پاڳاري سان ملڻ ويا ته بشيرخان قريشي ۽ پيرصاحب جون اکيون هڪٻئي ۾ ائين کُپي ويون جيئين شاعر چيو ته آهي“ اڄ سڄڻ مون عيد ڪئي جڏهن يار جا ديدار ٿيا” ديد ملي ديد سان، اک لڳي اک سان، اهي بس آجپي لاءِ لوڪ جا خواب هئا، تنهن ماحول دوران ساڳئي سال ڇٽي ڌڻي جڏهن وڇڙيو ته لکين حُر حامين وچ ۾ بشيرخان قريشي سوڳوار اهڙوئي لوڪ ڏٺو جهڙو سن ۾ جي ايم سيد جي وفات تي گل محمد خان جکراڻي جون سوڳ هو، سپنا سپنا ٿي ويا هئا، سنڌجا اهي سپنا جيڪي سورهيه بادشاهه ۽ سندس حُر هلچل جي حامين لوڪ پچاريا هئا اها سنڌ جي جديد مزاحمتي ادب جي به هڪ شاهڪار تاريخ آهي. سيد شاهه مردان شاهه “وقت جو پير صاحب پاڳارو ثاني” عرف ڇٽ ڌڻي پيدائش ۲۰نومبر۱۹۲۸ع کان ۱۰جنوري ۲۰۱۲ع سنڌ جي جديد تاريخ آهي، جيڪا هن وقت اڻ پوري آهي، جهڙي ريت سورهيه بادشاهه شهيد جا سپنا اڻ پورا تاريخ جو حصو آهن، جڏهن ۲۰۰۴ع ڌاري هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي پُٽ قاضي جاويد سنڌ ۾ ڏيئاٻارڻ ڀيٽا پيش ڪرڻ جي جاڳرتا مهم شروع ڪئي، تڏهن سنيٽرل جيل حيدرآباد آڏو به اهي ڏيئا ٻريا هئا تنهان اڳ مون قاضي جاويد کان پڇيو ته ڀلا پير سائين ڪٿي رنج ته نه ٿيندو؟ جواب مليو ته پير سائين جي مرضيءَ کان سواءِ ڪک به چُري نه ٿو سگهي، هڪڙو ڏيئو به ٻري نه ٿو سگهي. يار سڀ راضي آهن. ڏيئا ته ضرور ٻرندا. سجاڳي جاڳرتا جي اها جوت سنڌ ۾ سدائين روشني جي علامت فڪري طور زنده سلامت رهندي، ڇو ته ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا آهن ۽ پاڻ به تاريخ ٿي ويندا آهن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


پير پاڳارو شاهه مردان شاهه

مدبر سياستدان، روحاني رهبر

تحرير: عبدالقدوس خلجي

ستون پير پاڳارو حضرت شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه جي ولادت۲۲ نومبر ۱۹۲۸ع ۾ ٿي ۽ هن فاني جهان مان وصال ۱۰ جنوري ۲۰۱۲ع ۾ ٿيو.

حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه پنهنجي ۸۳ ورهين جي زندگيءَ ۾ پنهنجي والد حضرت پير سيد محمد صبغت الله شاهه (ثاني) شهيد سورهيه بادشاهه انگريزن سان جيڪو مهاڏو اٽڪايو وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي جهاد في سبيل الله شروع ڪرايو. انگريزن خلاف جهاد جو سلسلو ۽ انگريزن پاران ٿيندڙ زيادتين جو سلسلو پڻ ستين پير پاڳاري شاهه مردان شاهه (ثاني) ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه ننڍپڻ ۾ ڏٺو ۽ پاڻ ۽ سندن ڀاءُ ميان سيد نادر علي شاهه کي جلا وطن ڪيو ويو. پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه انگريزن خلاف ٿيندڙ جهاد کان ۽ انگريزن پاران ٿيندڙ زيادتين کان بخوبي واقف هئا. شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حر جماعت جي قربانين جي نتيجي ۾ هند سنڌ کي انگريز سامراج کان آزادي ملي.

پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد اٽڪل ۵ سالن کان پوءِ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان خانقاهه پير پاڳاران کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو. پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه خانقاهه جي ٻيهر بحال ٿيڻ ۽ پنهنجي وطن واپسي متعلق ٻڌائيندا هئا ته لياقت علي خان مون سان لنڊن ۾ ملاقات لاءِ آيو جتي هن اهو ٻڌايو ته اسان گادي بحال ڪرايون پيا ۽ گاديءَ جو گادي نشين سيد نادر علي شاهه ( يعني منهنجي ننڍي ڀاءُ) کي بڻايو ويندو. ۱۹۵۲ع ۾ جڏهن مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي وطن واپس آندو ويو پوءِ حر جماعت جي خليفن مون کي گادي نشين بنائڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ۴ فيبروري ۱۹۵۲ع ۾ مون کي گادي نشين بڻايو ويو. گادي نشيني کان پوءِ ساڳئي سال ۾ سياسي ماڻهن جي هڪ گروپ سان گڏجي مسلم ليگ قائم ڪئي. تڏهن پاڪستان جي گادي جو هنڌ ڪراچي هو. اهڙيءَ طرح مون ساڳئي ئي سال ۾ مسند نشينيءَ جو سلسلو شروع ڪرڻ سان گڏ سياسي سفر شروع ڪيو. پير سائين جن فرمائيندا هئا ته مون جيڪو ڪجهه پڙهيو آهي ان متعلق مون کي ڪابه ڊگري يا سرٽيفڪيٽ نه آهي پر آءٌ جيڪو پڙهيو آهيان ان کان وڌيڪ ڳِڙهيو آهيان تنهنڪري الله تعالي مون کي گهڻو ڪجهه عطا ڪيو آهي. پير پاڳاري ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه مسند نشيني کان پوءِ سياسي سلسلن دوران جڏهن ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ سان سياسي سفر تي ڪاميابين حاصل ڪرڻ جو عملي قدم قائم ڪيو ته فيلڊ مارشل محمد ايوب خان (مرحوم) جيڪو پاڪستان جو پهريون فوجي صدر هيو اهو پڻ پير سائين پاڳاري جو وڌ ۾ وڌ خيال رکڻ سان گڏ احترام ڪندو هيو.

فيلڊ مارشل ايوب خان جي صدارتي ڏينهن ۾ پير سائين پاڳاري جي سفارش سان مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي موڪليل هڪ وفد ۾ شامل ڪري روانو ڪيو. جتان ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي سفر جو آغاز ٿيو. اهڙيءَ طرح پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه ملڪي معاملن ۾ نمايان حيثيت رکندا هئا. ۱۹۶۵ع ۾ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ سرحدي جنگ لڳي ته ان جنگ ۾ پير پاڳاري ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه جي حڪم تي سرهدن جي حفاظت ڪئي ۽ ان سرحدي حفاظت ۾ حر محافظن کي ڪاميابي نصيب ٿي. اهڙيءَ طرح پردي جي پويان ملڪ کي ٽوڙڻ لاءِ ٿيل سازشي جنگ ۾ به حر جماعت پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪئي. جڏهن سرهدي لڙائيءَ کان پوءِ ملڪ ٻ ٽڪرا ٿيو. هڪڙو ملڪ مشرقي پاڪستان وارو حصو بنگلاديش بڻيو ته ٻيو مغربي پاڪستان وارو حصو پاڪستان جي صورت ۾ قائم رهيو. ملڪ خلاف ٿيندڙ ان سازش جي ڄاڻ ڪنهن کي به ڪانه هئي پير سائين پاڳاري پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

ان جنگ بندي کان پوءِ ادهر تم ادهر هم جي بنياد تي بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان چونڊيو ويو ۽ پاڪستان ۾ فوجي جنرل يحيي خان کي هٽائي ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشل ايڊمنسٽريٽر ۽ ملڪ جو صدر بڻايو ويو. جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽو قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان ووٽ وٺي وزيراعظم بڻجي ويو. ۱۹۷۱ع ۾ قائم ٿيل پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه سان سياسي تڪرار شروع ٿيو. پير سائين پاڳاري ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه جي حر جماعت سان ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪمراني واري دور ۾ طرحين طرحين زيادتيون ۽ نا انصافيون ٿينديون رهيون. انهيءَ دور ۾ حر جماعت جي ۶ معززن جن ۾ فقير محمد امين مڱريو به شامل هيو کي پوليس هٿان شهيد ڪرايو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو وزير اعلي ڄام صادق علي مرحوم، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ امداد الله انڙ ۽ ايس ايس پي غلام شبير ڪاتيار جن اهو ۶ حرن کي قتل ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪمراني خلاف جڏهن ملڪ ۾ مختلف سياسي جماعتن احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ته کين ڪٿان به ڪاميابي ٿيندي نظر نه آئي جنهن بعد سياسي پارٽين شاهه مرداد شاهه (ثاني) پير پاڳاري ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه کي قومي اتحاد جو سربراهه بڻايو ۽ پوءِ قومي اتحاد جي جدوجهد جي نتيجي ۾ذوالفقار علي ڀٽو کان حڪمراني کي کسيندي ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءُ الحق اقتدار تي قبضو ڪيو.

حر جماعت جو ستون روحاني پيشوا شاهه مردان شاهه (ثاني) پير پاڳارو پنهنجي سياسي بصيرت سان ضياءُ الحق جي فوجي دور ۾ ۱۹۸۵ع وارين عام چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم چونڊرايو ۽ ان کان پوءِ جڏهن به ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ سنڌ صوبي جو وزيراعلي پير سائين جي رضامندي سان مقرر ٿيندا رهيا. اهڙي طرح پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه روحاني ۽ سياسي بصيرت سان حرجماعت جي چڱ ڀلائي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. انگريزن سان جنگ جوٽڻ وقت، حر جماعت کي انگريزن جاني نقصان پهچائڻ سان گڏ معاشي طور به بدحال ڪري ڇڏيو هو. حرجماعت کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ لاءِ پير سائين جي ڪامياب حڪمت عملي هاڻي حرجماعت عام چوڻيءَ مطابق مڇي ماني کائڻ جي لائق آهي.

پير سائين ڇٽ ڌڻي رحمت الله عليه ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتن سان غير ضروري اختلاف ڪرڻ کان پرهيز ڪندا رهيا ۽ ضروري اختلافن کي پنهنجي زباني ڪلامي مخصوص انداز ۾ ظاهر ڪندا رهيا جيڪو سلسلو سندن حياتيءَ جي ۲۲ نومبر ۲۰۱۱ع تائين هلندو رهيو. ۲۲ نومبر ۲۰۱۱ع واري ڏينهن شام جي وقت آغا خان اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ٿيا. رب جي رضا ائين هئي جو پير سائين جو وصال ۱۰ جنوري ۲۰۱۲ع ۾ لنڊن جي ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ظاهر ڪيو. جنهن بعد سندن جسد خاڪي ۱۲ جنوري ۲۰۱۲ع تي پيرجوڳوٺ پهتو ۽ ساڳئي ڏينهن جسد خاڪي کي سندن هم نام ڏاڏي شاهه مردان شاهه (اول) ڪوٽ ڌڻي رحمت الله عليه جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جسد خاڪي جي تدفين واري موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حر جماعت ۽ عقيدتمندن سياسي سماجي ۽ زندگي جي مختلف افڪار سان تعلق رکندڙ لکين ماڻهن پيرجوڳوٺ پهچي آلين اکين سام مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرايو. ان ڏينهن پيرجوڳوٺ شهر ۾ درگاهه شريف جي پيجهڙائيءَ وارن رستن ۽ گهٽين کان علاوه شهر جي سمورن رستن ۽ گهٽين کان علاوه شهر جي سمورن رستن ۽ گهٽين تي جتي به جنهن کي ڄاڻ ملي ته پير سائين جي جسد خاڪي جي جنازي نماز پڙهي پئي وڃي ته انهن اتي ئي جنازي نماز پڙهڻ جي نيت ڪئي. لکين انسانن جي زبانن مان سينا بسينا پهچندڙ ڳالهين ۾ هيءَ جملو نمايان هو ته غريبن ۽ مسڪينن جو همدرد پير سائين وصال ڪري ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

پير شاھ مردان شاھ

هڪ تاريخ ساز شخصيت

عبدالوھاب منشي

هُن جڏهن ۱۴ ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد جي گادي سنڀالي ته حر جماعت مسئلن جي ور چڙهيل هئي، ڪير حرن کي سماجي طور تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو، پر اهو ڪريڊٽ جيڪڏهن پير سائين پاڳاري جي حوالي سان ڏسجي ته هن پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي پاليسين سان حرن کي ملڪ جي سياست ۽ سماج ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو، جيڪڏهن مان اهو لکان ته هو هڪ بادشاھ گر انسان هو، ته اهو سچ هوندو، اسان کيس ڪڏهن نٿا وساري سگهون، هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. سندس مدبر شخصيت کي ڏسي هر وقت ائين لڳندو هو، جيئن هو نوجوانن سان نوجوان، بزرگن سان بزرگ ۽ جنرلن سان هڪ ڏاهي جنرل جهڙو هجي، هو ڪنگري هائوس جي هڪ ڪمري ۾ پنهنجي آفيس مان ويهي سڄي سنڌ، پاڪستان توڙي انٽرنيشنل سياست تي گهري نظر رکندو هو. سندس عادت ۾ شامل هو ته وڏي خاموشي ۽ عاجزي سامهون واري جي ڳالھ کي غور سان ٻڌڻ بعد پنهنجو جواب ڏيندو هو، کيس تاريخ، ادب توڙي جديد علم تي پڻ گهرو مطالعو هو، جيڪڏهن کيس ”تاريخ”لکان ته اهو سچ هوندو، هو هن صدي جو هڪ باڪمال انسان هو، جنهن کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي.

منهنجو اڄوڪو ڪالم سنڌ ڌرتي لاءِ ويڙھ ڪندڙ شهيد سورهيه بادشاھ جي عظيم فرزند شاھ مردان شاھ ”ثاني”مرحوم جي نانءُ آهي، مان پنهنجي اها خوشنصيبي سمجهان ٿو ته منهنجي ساڻس زندگي جي آخري ڪجھ سالن ۾ تمام گهرو تعلق ۽ ويجهڙائپ رهي، هن جو مون کي تمام گهڻو پيار، قرب ۽ ڏنل شفقت کي ڪڏهن نٿو وساري سگهان، منهنجو پير صاحب پاڳاري سان هڪ روحاني رشتو آهي، اهو رشتو اڄ به سندس قابل فرزند موجوده پير پاڳاري پير صبغت الله شاھ سان ساڳيو آهي، جهڙو سندس والد پير سائين شاھ مردان شاھ سان هو، پير صاحب شاھ مردان شاھ جي شخصيت جا ٻه رخ هئا، هڪ ته هو تمام وڏي گادي جو روحاني پيشوا هو، ٻيو سندس شمار هن ملڪ جي وڏي اعليٰ پايي جي سياستدانن ۾ ٿيندو هو. ضرور سندس سياسي شخصيت کان ڪير سياسي ۽ نظرياتي اختلافات رکي سگهي ٿو، پر سندس قد آور شخصيت هجڻ کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي، ساڻس هميشه ملاقات ۾ ٻهڪندڙ چهري تي عجيب جلالي سرخي، هٿ ۾ سگريٽ ۽ صبح جي ناشتي مهل چانھ جي ڪپ تي جيڪي يادگار ڪچهريون آهن، اهو منظر اڄ به اکين آڏو ڦري ٿو، ته دل اعتبار ئي نٿي ڪري ته، ڪو هو هن دنيا مان هليو ويو آهي، پير صاحب پاڳاري جي ڏاهپ، علم، جديد مطالعي، فلسفي، درس ۽ سياسي پيشن گوئين جي پختگي کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي. سندس شخصيت جو اهو ڪمال هو ته هو ملڪ جي ماڻهن کي وقت کان اڳي امڪاني حالتن کان ئي آگاھ ڪندو هو.

هو سگار ۽ ڪافي پيئڻ جو تمام گهڻو شوقين هو، پر زندگي جي آخري ٻن سالن ۾ هن سگار پيئڻ مڪمل طور ڇڏي ڏني هئي. هو هميشه الله تعاليٰ شڪر ادا ڪندي نظر ايندو هو، هو هميشه چوندو هو ته هاڻي منهنجي طبيعت پهرين کان بهتر آهي، “پر ڪمزوري تمام گهڻي اٿم. ڪچهري دوران هن مٺي کان حيدرآباد جون حالتون پڇيون، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن تي ڳالهايو ته سنڌي ماڻهن جي حالتن تي گهري نظر رکندي سنڌ جي اشوز تي گهري سوچ ۾ پڻ نظر آيو. هڪ ڀيرو، مونکي ياد آهي ته پير صاحب سان ملاقات هلي رهي هئي، همت ڪندي کيس عرض ڪندي پڇيم ته، جيڪڏهن توهان، سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جون ٽيئي قوتون جيڪڏهن گڏجي پئو ها، ته اڄ اسان سنڌي ماڻهن جو اهو حشر نه ٿئي ها، هُن وراڻتو ته ڀٽو پنهنجي طبيعت جو مالڪ هو، مان جي ايم سيد جي تمام گهڻي عزت ڪندو هئس، هو منهنجو چاچو هو، مزاج ۽ طبيعت جي ڪري اسان مان ڪو ڪونه گڏجي سگهيو. اها هڪ حقيقت آهي، ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد ۽ سائين پير صاحب پاڳارو گڏجي پون ها، ته اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي جا ڌڻي سائين هجن ها، هڪ ڀيرو ٽيليفون تي ڪمشنري نظام جي بحالي بابت سندس ڄمي بيهڻ تي هو چوڻ لڳو ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ ڇا ٿا سوچين؟ مون عرض ڪيو ته پير صاحب سنڌ جي ماڻهن کي هاڻ پنهنجي ڌڻي سائين جي ڳولا آهي، جيڪڏهن ڪو سندن ڌڻي سائين ٿئي ته سنڌ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. يقينن سنڌ جو هر با ضمير ماڻهو توهان جي ورتل موقف کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿو.

مان پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته رمضان جي مهيني ۾ متحده جي هڪ وفد بابر غوري، رضا هارون ۽ وسيم اختر جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ ڪنگري هائوس تي افطار پارٽي جي دعوت ڏيڻ پهتا ته پير صاحب هڪ تاريخي موقف اختيار ڪندي متحده وفد کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ سنڌ جي ضلعن جي ساڳي تاريخي حالت ۾ بحالي لاءِ پنهنجو موقف واضح ڪن ۽ سندن قيادت سنڌ جي اشوز تي کلي ڳالهائي ته پوءِ هو نائين زيرو تي افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪندو. نيٺ ڪمشنري نظام تي متحده آخري ڏينهن تائين پنهنجو ڪو موقف واضح نه ڪيو، تنهن سبب پير صاحب هن دعوت افطار ۾ شرڪت ڪونه ڪئي. ساڳي طرح ئي ڪمشنري نظام جي بحالي لاءِ مون سنڌ جي قومپرست سيد شاھ محمد شاھ کي صلاح ڏيندي، عرض ڪيم ته توهان سڀئي قومپرست گڏجي پير صاحب وٽ وڃو ۽ سنڌ جي اشوز تي ڳالھ ٻولھ ڪريو، . شاھ محمد شاھ مون کي چيو ته توهان پير صاحب سان ڳالھ ٻولھ ڪري ٻڌايو، پير صاحب ڇا ٿو سوچي؟ هن وراڻي ۾ جواب ڏنو ته آئون سنڌ جي هن اشو تي قومپرستن جي راءِ سان سهمت ڪريان ٿو. پوءِ سيد جلال محمود شاھ بشير خان قريشي ۽ شاھ محمد شاھ پير صاحب سان ملاقات ڪئي، هن ملاقات ۾ پير صاحب نه رڳو قومپرستن جي موقف جي حمايت ڪئي، بلڪ قومپرستن پاران ڏنل هڙتال جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ پاڻ ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۱ع شٽر بند هڙتال جي اعلان ۾ مڪمل ساٿ ڏنو. پير صاحب جي اهڙن گهڻن عملن مان واضح ٿي چڪو هو ته هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سنڌ جي ريجنل اشوز تي سنڌ واسين جي پوري طرح پرگهور لهڻ جو ارادو ڪري ورتو هو. مان پير صاحب سان جڏهن مليس ته هو پنهنجي شخصيت ۾ هڪ مقناطيسي شخصيت جو مالڪ هو. هو جنهن سان هڪ ڀيرو ملي وٺندو هو، ته کيس پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. آئون دعاڳو آهيان ته خدا تعاليٰ سندس موڀي وڏي فرزند موجوده پير پاڳاري پير صبغت الله شاھ جي سندس والد پير شاھ مردان شاھ جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا