; سنڌي شخصيتون: مخدوم طالب الموليٰ

13 December, 2012

مخدوم طالب الموليٰ

مخدوم طالب الموليٰ

۲۴هين ورسيءَ جي مناسبت سان - سندس ياد ۾

نسرين الطاف قريشي



شاعريءَ جي دنيا ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کانپوءِ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ منهنجو آئيڊيل شاعر رهيو آهي. مان جڏهن ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئس ته منهنجي گهر ۾ بابا وٽ پيل مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي هئس. اهي شاعريءَ جا ڪتاب پڙهي مون کي شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ اڄ منهنجي شاعريءَ  جا ٻه ڪتاب “درد جي ڇانوَ ۾” ۽ “رڻ رڙيون ٿو ڪري” مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن.


مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ مان سنڌ جا پراڻا توڙي اڀرندڙ  نوان شاعر به متاثر آهن. اڄ به مخدوم صاحب جا غزل ۽ گيت ماڻهن جي دلين ۾ آهن. جيڪي مختلف فنڪارن ڳايا، عابده پروين، فقير حسين بخش خادم ۽ رونا ليليٰ، مصري فقير، فقير امير بخش، سڄڻ فقير ۽ ٻين فنڪارن سندن ڪلام ڳايا. جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا ۽ انهن جي ان زماني ۾ ڌوم متل هئي. لطيف سائينءَ کانپوءِ سنڌ جي عوام ۾ وڌ کان وڌ مڃتا ماڻيندڙ چند شاعرن ۾ مخدوم طالب الموليٰ به شامل آهي. مخدوم صاحب لکين مريدن جا روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقيراڻي طبيعت رکندڙ فقير منش هئا ۽ فقير سڏائي فخر محسوس ڪندا هئا.

مخدوم طالب الموليٰ ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۱۹ع بمطابق ۹ محرم الحرام تي حضرت مخدوم سرور نوح رحه جي ۱۶هين سجاده نشين مخدوم غلام محمد عرف گلڻ سائين جي گهر ۾ جنم ورتو. قرآن شريف جي تعليم ان زمان جي مشهور عالم حافظ ولي محمد مجاور درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح کان ورتي. پرائمري تعليم مشهور استاد حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي کان ورتي. فارسي پنهنجي چاچا مولوي مخدوم غلام حيدر صديقي جن وٽ پڙهي. انگريزي جي شروعاتي تعليم استاد غلام رضا، هيڊ ماستر مخدوم غلام حيدر مدرسه هاءِ اسڪول هالا مان حاصل ڪئي. پاڻ جڏهن ۲۵ سالن جا هئا ته سندن والد هن فانيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندن والد جي وفات کانپوءِ حضرت مخدوم طالب الموليٰ دستاربنديءَ جو تاج پائي مخدوم سرور نوح رحه جو ۱۷هون سجاده نشين ٿيو.

مخدوم طالب الموليٰ ڪمال جو شاعر هو. شاعريءَ جي هر صنف تي ڀرپور شاعري ڪيائون. ڪافي، غزل، نظم، وائي، ربائي، مرثيه، نوحه، چار سٽا، حمد ثنا شامل آهن. پاڻ جيترا سٺا شاعر هئا ايترا بهترين نثر نويس به هئا. ان زماني ۾ تقريباً هر اخبار ۽ ماهوار نڪرندڙ رسالن ۾ سندن مضمون ڇپبا هئا. کين سنڌي ٻوليءَ سان بيحد لڳاءُ هو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي صحيح تلفظ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سنوار ڏانهن به ڌيان ڏنائون. پاڻ شاعري سنڌيءَ کانسواءِ سرائيڪي، فارسي، اردو ۾ به ڪئي اٿن. پاڻ ادب، فن، ثقافت جي واڌاري لاءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪيائون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڄام ڏاتار، محمد فقير کٽياڻ جي عرس مبارڪن ۾ پاڻ سنڌ ليول جا مشاعره، ادبي ڪانفرنسون، موسيقيءَ جون وڏيون يادگار محفلون ڪرايون. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي قيام ۽  ان جي توسيع ۾ به سندن اهم ڪردار رهيو. سندن ادارت ۾ ماهوار ادبي رسالو فردوس، روح ادب ۽ ٻه اخبارون پاسبان ۽ الزمان شايع ٿيون. جن ادب جي واڌاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ بزم طالب الموليٰ جو باني، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، پاڪستان ڪلچر سينٽر ڪراچي، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي بورڊ جا ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جا ۲ ڀيرا چيئرمين به رهيا. هالا سميت مختلف شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪچهريون، مزاحيه محفلون، ملاکڙا به منعقد ڪرايا. پاڻ بيباڪ سياستدان به هئا، پاڻ مسلم ليگ ۾ به رهيا، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان بغاوت ڪري پ پ جو قيام آندو، مخدوم امين فهيم جي معرفت مخدوم طالب الموليٰ کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي ته پاڻ پ پ ۾ شامل ٿيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سڄي ملڪ جو دورو ڪيو ۽ سروري جماعت کانسواءِ، دوستن، عقيدتمندن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو. پاڻ پ پ جا مرڪزي وائيس چيئرمين آخري گهڙي تائين رهيا. پ پ ۾ مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جون خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن. مختلف پ پ  مخالف دورن ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي پ پ ڇڏڻ لاءِ پرڪشش آفرون مليون، سندس فرزند مخدوم خليق الزمان کي جيل ۾ وڌو ويو پر پاڻ هميشه ثابت قدم رهيا. سندن ڪوششن سان هزارين بي روزگارن کي تعليم آهر روزگار مليو. جڏهن ايوب خان ون يونٽ مڙهيو ته مخدوم طالب الموليٰ سندرو ٻڌي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي سڄي سنڌ ۾ ان خلاف مزاحمتي، احتجاجي تحريڪ هلائي ايوب خان کي ون يونٽ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ۱۹۸۸-۱۹۸۹ع ۾ جڏهن حيدرآباد ڪراچي ۾ لساني تنظيم سنڌي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا، سنڌين جي گهرن ۾ ڦرلٽ، سنڌين کي بي گهر ڪيو ته پاڻ نه صرف انهن مظلوم سنڌين جي مدد ڪئي پر طبعيت ناساز هئڻ جي باوجود اسلام آباد جي ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري ان سامهون احتجاج ڪيو. ان جي نتيجي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿيو.

سندن حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي واري جاءِ “امين منزل”، مخدوم هائوس هالا، ادب جا مرڪز رهيا، جتي وقت بوقت ادبي پروگرام ٿيندا هئا. پاڻ غريب ماڻهن کانسواءِ غريب اديبن، شاعرن، فنڪارن، صحافين جي مدد ڪندا هئا. سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ  مشاعرن ۾ ويندا هئا. زندگيءَ ۾ سوين مشاعرن، ادبي ڪانفرنسن جون صدارتون ڪيون ۽ مک مهمان طور شريڪ ٿيا. پاڻ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، ساڻن زندگيءَ ۾ ملڻ جو بي انتها شوق رهيو پر چاهيندي به ساڻن ملاقات نه ٿي سگهي. سندن ڇپيل ڪتابن ۾ بهارِ طالب الموليٰ و شاعري، رباعيات طالب (شاعري)، خود شناسي، اسلامي تصوف، امام غزاليءَ جا خط، دري نياب عرف ياد رفتگان، ڪشڪول، سنڌي، اردو، سرائيڪي شاعري، شاهه سروري، نعت، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري)، سنڌ جو سرواڻ (شاعري) ديوان طالب الموليٰ (شاعري)، اي ڪانگا ڪر ڳالهه (شاعري)، هالا جا مخدوم ۽ شاهه لطيف، شام و صبح (شاعري)، مثنوي عقل ۽ عشق (شاعري)، بي پير اکيون (شاعري)، انگريزي ۽ سنڌي ۾ نصيحت ڀريا نڪتا مصرين تڙيون، سدا وسي سنڌ (شاعري)، لغات سنڌ، آب حيات (شاعري)، چهنڊيون (شاعري)، انتخابي ڪلام (شاعري)، منهنجو ننڍپڻ آٽو باءِ گرافي، بهار سان (شاعري)، مضامين طالب الموليٰ وغيره شامل آهن.

اڄ سندن ۲۴ ورسي ملهائي پئي وڃي. مخدوم طالب الموليٰ جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن، جن جي وصال بعد وڏو خال پيدا ٿي ويندو آهي، اها به خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سندن پونئرن ۾ پوٽو درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح جو ۱۹ سجاده نشين مخدوم جميل الزمان سندن نقش قدم تي هلي رهيو آهي ۽ ڊگهي عرصي بعد بزم طالب الموليٰ کي سرگرم ڪيو آهي. مخدوم طالب الموليٰ جا سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل ڪافي ڪتاب اڄ ناياب آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي ڪتاب فوري طور ڇپايا وڃن.


 

مخدوم طالب الموليٰ

پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونھي ڪو!

رضا محمد ميمڻ

ڀلا ڪيئن وسري سگهنديون اهڙيون شخصيتون، جيڪي سدائين ماڻهن منجهه رهيون هجن ۽ محبتن جو درس ڏنو هجي. مخدوم طالب الموليٰ به اهڙين علمي ۽ ادبي شخصيتن مان آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸هه مطابق ۲۴ سيپٽمبر ۱۹۱۹ع ۾ آچر جي ڏهاڙي ڄائو. هو درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جو سترهون گادي نشين هو. سندس ٻيو نالو محمد علي ۽ ڪوڏاڻي وارو نالو پيرل سائين هو. مخدوم صاحب بهترين شاعر ۽ اديب هو. سندن ڪتابن ۾ ڪچڪول، طالب، شان سروري، آب حيات، ڇپر ۾ ڇڙيون، مصري جون تڙون، سدا ويس سنڌڙين، بي پير اکيون، مثنوي، عقل و عشق، امام غزالي جا خط ۽ ٻيا شامل آهن. مخدوم صاحب جو ڪتاب مصريءَ جون تڙون انگريزيءَ ۾Pieces of Sugar Candy جي نالي سان ترجمو ٿيل آهي، جيڪو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ترجمو ڪيو. مخدوم صاحب جا ڪلام ۽ غزل استاد فيروز گل جي موسيقي سان سجايل ۽ رونا ليليٰ جي سريلي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهن، جن ۾ جڳ مشهور ڪلامن مان هڪ ڪلام “اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان” ڪنهن کان ٿو وسري سگهي.

“هالا” سان مخدوم کي بيحد پيار هو، بقول سندس

عشق جو اعليٰ اثر اسرار هالن ۾ ڏٺم،

عاشق اڪمل عجب اظهار هالن ۾ ڏٺم

عارف باالله بيشڪ برهه وارن جو بلو

محبت مالڪ مهلما مهند ارهالن ۾ ڏٺم-

پاڻ سراپا سچ ۽ سونهن جو شاعر هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هڪ شخصيت نه پر اداري جو نالو هو. سائين جي ايم سيد، طالب الموليٰ جي علمي ادبي خدمتن بابت لکيو آهي ته، هن ۱۹۳۶ع ۾ هالن ۾ “انجمن علم و ادب” جو پايو وڌو ۽ جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون سڏايو ويون. ادبي ڪمن ۽ دلچسپي وٺڻ ڪري هالا ۾ هڪ پريس “الزمان” نالي کولرائيائين ۽ اُتان هفتيوار اخبار “پاسبان” نڪرندي هئي. ۱۹۵۰ع ۾ سندن سرپرستيءَ ۾ ماهوار رسالو فردوس پڻ جاري ٿيو. ۱۹۵۲ع ۾ ماستر جمع خان “غريب” سيتا شهر مان ماهوار رسالو طالب الموليٰ پڻ سندن سرپرستي ۾ ڪڍندو هو. ۱۹۵۶ع ۾ حيدرآباد مان “شاعر” رسالو پڻ مخدوم صاحب جي نگراني ۾ نڪتو. ۱۹۴۶ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت “جمعيت الشعرا سنڌ” جي نالي سان قائم ٿي، جنهن جو ۱۹۵۲ع ۾ جيڪب آباد ۾ اجلاس ٿيو ۽ مخدوم صاحب کي ان جو سرپرست چونڊيو ويو. ۱۹۵۴ع ۾ اداره روح ادب سنڌ جو بنياد رکيائون ۽ پوءِ هالا ۾ ۱۹۵۵ع ۾ راڳ ڪانفرنس ڪرايائون ۽ ماهوار رسالو روح ادب جاري ٿيو. جنوري ۱۹۶۵ع ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندن صدارت هيٺ ٿي گذري. هالا کي علم و ادب جي ڳڙهه طور مڃتا ڏيارڻ ۾ مخدوم صاحب جو وڏو ڪردار هو. مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد هالا مان تعليم حاصل ڪندا هئا، انهن جي نه رڳو مالي مدد ڪئي ويندي هئي پر سندن رهائش جو انتظام به ڪيل هو. مخدوم طالب الموليٰ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اعتماد وارو دوست ۽ ساٿي هو ۽ پ پ جي بانيڪارن ۾ شامل هو. پارٽي جو وائيس چيئرمين پڻ رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو ۽ ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران هالا تحريڪ جو مرڪز هوندو هو. اڄ ۱۱ جنوري جو ڏهاڙو آهي، جنهن تاريخ تي طالب الموليٰ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هو اسان لاءِ زندگي جو ڄڻ ته منشور مختصر لفظن ۾ لکي ويو.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

 ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو


 

مخدوم طالب الموليٰ

تاريخ ساز شخصيت

علي اڪبر هنڱورجو

جيتوڻيڪ ڪتابن جي حد تائين ته دنيا جي مشهور ماڻهن بابت گهڻو ڪجهه پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو پر پنهنجي اکين سان روبرو ڪنهن عظيم شخصيت کي ڏسڻ جو تجربو نصيبن جي ڳالهه آهي. آئون ان حوالي سان پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان جو شعوري لحاظ کان ننڍي عمر ۾ ئي سهي مون کي قبله مخدوم طالب الموليٰ کي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ منهنجي ذهن ۾ وڏي ماڻهوءَ جو جيڪو تصور جڙيو اهو سندن غير معمولي وضعدار شخصيت جو هو. ٿيندو ائين هو جو منهنجو ڏاڏو حاجي فتح علي هنڱورجو هر سائي سومار تي هالا ويندو هو ۽ آئون تقريباً هر ڀيري اهو ضد ڪندو هئس ته مون کي به هالا وٺي هلو. پوءِ مڙئي ڪڏهن ڪڏهن ان ضد ۾ ڪاميابي ملندي هئي ۽ ائين جيڪو شهر مون ننڍپڻ ۾ چڱي نموني گهمي ڏٺو اهو هالا جو شهر هو.

آچر جي ڏينهن اچبو هو ۽ سومر يا اڱاري تي واپسي ٿيندي هئي. درگاهه جي حاضري ذڪر ۽ سماءَ جي محفل ۾ ويهڻ جو به عجيب تجربو ٿيندو هو. حاضرين دوران ٻن موقعن تي مون کي اها سعادت نصيب ٿي جو مون پنهنجي ڏاڏي جو چيل ڏهر سندن خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ ٻاراڻي انداز ۾ پيش ڪيل شعر پسند ڪيائون ۽ الاهي ساريون دعائون ڏنائون. سندن دعائن جو هونئن به منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل رهيو آهي.

مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت سان ذاتي عقيدت کان هٽي ڪري به مون کي علم و ادب کان وٺي تعليم ۽ سياست تائين سندن ڪردار هميشه اتساهيندڙ لڳندو آهي جو پاڻ جنهن نموني سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ انجمنن جي سرپرستي ڪيائون انجو مثال ورلي ڪو ملندو. سنڌي ادبي بورڊ کان ريڊيو پاڪستان تائين الائي ڪيترا ثقافتي ۽ علمي ادبي ادارا آهن جن سان سندن سڄي عمر ويجهو تعلق رهيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي منعقد ٿيل پهرين مشاعري کان ۱۹۸۹ ۾ منعقد ٿيل آل سنڌ اردو سنڌي مشاعري تائين مخدوم صاحب باقائدگي سان هن اداري جي براڊڪاسٽرن ۽ فنڪارن سان رابطو رکيائون ۽ وقت بوقت انهن جي رهنمائي ڪندا رهيا. نون فنڪارن جي آڊيشن جي پروگرامن توڙِي نوجوانن جي پروگرامن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪري انهن جي همٿ افزائي ڪندا هئا. مخدوم صاحب ريڊيو پاڪستان جي مشاورتي ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا ۽ سندن ئي ڪوششن سان هن اداري ۾ ڪيترا ئي ناليوارا فنڪار متعارف ٿيا.

۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو منعقد ٿيندڙ ڪافي مشاعري جي نه صرف صدارت ڪيائون پر پاڻ ان مشاعري ۾ ترنم سان هيءَ ڪافي جھونگاري “سهڻل جا سينگار واهه واهه، دل کي وڻن ٿا، ڏاڍو ٺهن ٿا”. ريڊيو پاڪستان سان مخدوم صاحب پنهنجو تعلق سڄي ڄمار نڀايو. ايتري قدر جو طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان ۹ مارچ ۱۹۸۹ تي منعقد ڪرايل طويل دورانيي واري اردو سنڌي مشاعري جي صدارت ڪيائون.

هيءَ هڪڙي اداري جي ڳالهه هئي پر هيءُ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي جو قصو آهي، جنهن دوران سنڌ جي علمي ادبي تاريخ کي اٺاس بنگلي جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه ٿو ڪري سگهجي. ان سڄي عرصي جي سنڌ جي تاريخ تي مخدوم صاحب جي علمي ادبي ۽ سياسي خدمتن جي ڇاپ آهي، جنهن کي مستقبل جو ڪوبه مورخ نظر انداز نه ڪري سگهندو. سچ پڇو ته مون کي ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ اهڙن ئي ڪجھ عظيم نالن جي چوڌاري گھمندي نظر اچي ٿي. مون وٽ انهن شخصيتن جو تصور هميشه ڪامل رهنمائن وارو رهيو آهي، جو هنن سياست کان وٺي ادب ۽ آرٽ تائين قومن جي زندگيءَ ۾ اهميت رکندڙ هر فيلڊ ۾ رهنمائي ۽ آبياري ڪرڻ وارو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جا قادرالڪلام شاعر هئا. سندن شاعري تخيل ٻوليءَ جي استعمال، موضوعن جي انتخاب جي حوالي سان نهايت منفرد حيثيت رکي ٿي. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا شاعري ۽ نثر تي مشتمل ۲۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ سندن ادبي ڪم تي تحقيق به ٿي آهي، پر مخدوم صاحب جي شخصيت، علمي ڪارنامن ۽ ادبي خدمتن تي وڌيڪ ڪم جي اشد ضرورت موجود آهي. تازو ان حوالي سان سنڌ جي بزرگ اديب ۽ شاعر محبوب سروري جي هڪ ڪاوش سامهون آئي آهي، جنهن سان سنڌي ادب جي پڙهندڙن کي مخدوم صاحب جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. محبوب سروري صاحب جو هي ڪتاب سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاحيات وائس چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مصنف جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت تي مشتمل آهي.

ڪتاب ۾ شامل خط ۽ ڪتابت جي شروعات مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ طرفان ڳوٺ جاڙي پنهور جي هڪ غريب هاري جي پٽ محمد بچل کي لکيل هڪ جوابي خط سان ٿئي ٿي، جيڪو اڳتي هلي محبوب سروري بڻجي ٿو. محمد بچل جي محبوب سروري بڻجڻ جي سموري ڪهاڻي مصنف ۽ مخدوم صاحب جي وچ ۾ سالن تائين جاري رهندڙ خط و ڪتابت مان چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي پر منهنجي لاءِ ڪتاب ۾ شامل پهريون خط ۽ ان جو پس منظر سدائين اتساهه جو ذريعو بڻيل رهندو.

ان خط جو پس منظر بيان ڪندي هن ڪتاب جي مصنف محبوب سروري جو چوڻ هو ته هن جڏهن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو ته هن جي مائٽن غربت سبب کيس وڌيڪ پڙهائڻ کان لاچاري ڏيکاريندي محمد بچل المعروف محبوب سروري کي چيو ته هاڻي هو ٻني ٻاري جو ڪم ڪري پر محمد بچل کي جيئن ته اڳتي پڙهڻ جو شوق هو ۽ کيس ڪٿان اها به کڙڪ پئي هئي ته هالا ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن طرفان غريب شاگردن جي پڙهائي ۽ رهائش جو بندوبست ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان الائي ڪيترا شاگرد مخدوم صاحب جي مدد سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سو ان ٻُڌل ڳالهه جي بنياد تي محمد بچل ڪٿان ڪا مَس ڪُپڙي هٿ ڪري سادي ڪاغذ تي مخدوم صاحب ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ کين هالا ۾ مخدوم خاندان طرفان قائم ڪيل ڪاليج ۾ داخلا ۽ اتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد جي درخواست ڪيل هئي. اهو خط پوسٽ ڪرڻ جي ٺيڪ ٽئين ڏينهن هڪ پٺتي پيل ڳوٺ جي غريب شاگرد محمد بچل پنهور کي سنڌ جي اهم سياسي، سماجي ۽ روحاني شخصيت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جو جوابي خط موصول ٿيو، مخدوم صاحب جي ذاتي پيڊ تي سندن ئي هٿ اکرن سان لکيل، ان خط ۾ محمد بچل پنهور کي هر طرح جي مدد جي خاطري ڪرايل هئي. محبوب سروري صاحب مطابق اهو خط ملڻ کانپوءِ هو ڪرائي ڀاڙي لاءِ هڪ هنڌان ۱۰ رپيا اڌارا وٺي هالا پهتو ۽ مخدوم صاحب جي مدد سان تعليم حاصل ڪري سنڌ جي ناليواري تعليمي ماهر ۽ شاعر جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻيائين.

ڪيڏا نه عظيم ماڻهو هئا ۽ ڪيڏي نه عظيم پوک پوکي ويا. سندن هي شعر مخدوم صاحب جي زندگيءَ بابت فلسفي جي ڀرپور وضاحت ڪري ٿو.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولا

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!


مخدوم طالب الموليٰ

سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ آهن

غلام مصطفيٰ جمالي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن ۹ محرم ۱۳۳۸ هجري بمطابق ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ تي  هالا ۾ پيدا ٿيا. خانداني دستور مطابق سندس تعليم خانگي طرح ٿي. پاڻ ۲۵ سالن جي ورهين ۾ ۱۸ ڊسمبر، ۱۹۴۴ تي حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي روحاني سلسلي جا سترهون سجاده نشين ٿيا.هن صاحب سنڌ جي تهذيبي، علمي ۽ ادبي واڌ ويجھه، سوڌ سنوار ۽ نکار ۾ جيڪو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، تنهن کي ڪجھه علمي ۽ ادبي حلقن خاص ڪري ترقي پسند چوائيندڙ ڌرين ۾ اها مڃتا نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي. مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سن ۱۹۴۶ کان ۱۹۹۳ تائين سندس ۲۵ ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ڪجھه مسودا اڃا اڻ ڇپيل صورت ۾  موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون.“ ڪجھه سال اڳ تائين سندس ۱۰ نثري ڪتاب ۽ ۲۴ شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا آهن.مخدوم صاحب رڳو شاعر ۽ اديب ڪونه هو، پر هڪ زيرڪ سياستدان، ماهر لسانيات، موسيقي ۽ لوڪ ادب جو پارکو پڻ هو. آئون پنهنجي هن مختصر ليک ۾ سندس علم ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو مختصر ورنن ڪرڻ ٿو گهران ته جيئن اڄوڪو نسل سائين جي حقيقي ڪردار کان واقف ٿئي ۽ سندن عظمت جو منجھن احساس پيدا ٿئي.”تذڪره مخدومان هالا“ جناب مخدوم جميل الزمان جو لکيل هن موضوع تي وڏو علمي ڪارنامو آهي. هن مضمون ۾ اسان سروري درگاهه جي ۱۷ هين گادي نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جي خدمتن جي هڪڙي رُخَ يعني سندن ”تصنيفات“ بابت مختصر لفظن ۾ روشني وجهون ٿا. سندن والد صاحب حضرت مخدوم غلام محمد ”مغموم“ ۱۹۴۴ع – ۱۸۸۶ عرف ”گل سائين“ سروري گادي جا سورهون نمبر سجاده نشين هئا.پاڻ ۾ هڪ سٺا شاعر هئا سندن تخلص ”مغموم“ هو.

هن عشق جي اسلام ۾ آباد آئون آهيان.

دلشاد آئون، دلشاد آئون، دلشاد آئون آهيان.

حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ رح، آڪٽوبر ۱۹۱۹ع – ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع پاڻ ۱۹۳۴ع کان پنهنجي شاعري جو آغاز ڪيائون. سندن لازوال ۽ پربهار شاعري ۾ سلاست ۽ سادگي، سچائي محبت ۽ دعائن جا عمدا عمدا لفظ نظر اچن ٿا.

منهنجو ته وار وار ٿو دمدم دعا ڪري،

ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي، خدا ڪري،

هڪ سِرَ هو، سو ته يار جي قدمن تي مون رکيو،

هن کان وڌيڪ بنده ناچيز، ڇا ڪري؟

هن مقالي ۾ ان حضرت طالب الموليٰ جي تصنيفات جو ذڪر ڪنداسين.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکن ٿا. ”مخدوم صاحب جن لڳاتار سٺ سال سنڌي ادب جي جهولي ڀري، سنه ۱۹۶۷ع کان ۱۹۹۳ع تايئن يعني ۴۷ سالن ۾ سندن ۳۴ ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ڪجهه مسودا اڃا به اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ هڪ ڪتاب تخليق ڪيائون. سندن ڪتابن ۾ شعر، نثر، تصوف ۽ تحقيق ۽ تنقيد جا ڪتاب شامل آهن. ڏسو صفحو۷

سندن هڪ ڪتاب ”مصري جو تڙون جيڪو ۱۹۴۵ع ۾ شايع ٿيو ان جو انگريزي ۾ ترجمو سن ۱۹۹۸ع ۾ ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو.مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ ديوان طالب الموليٰ به شامل آهي. جيڪو سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ ۳۵ نمبر ديوان آهي.

ناليوارو اسڪالر محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکن ٿا ته:

حضرت مخدوم غلام محمد ”گل سائين“ جن جا فرزند مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ويهين صدي جي عظيم شاعر طور ڄاتا وڃن ٿا.پاڻ شعر سان گڏ نثر ۾ به صاحب طرز رهيا، ان کان سواءِ نو لکي گودڙي جا رهبر توڙي سياسي رهنما رهيا. سائين طالب الموليٰ جن بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ تصنيف ۽ تاليف ۽ شاعري جو سلسلو اڄ به رڪارڊ تي آهي. رسالي روح ادب، رسالي شاعر ۽ رسالي فردوس جي اشاعت سندن مرهون منت رهي. پاڻ ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين رهيا. بزم طالب الموليٰ جي تنظيم کان سواءِ به هن شمع ادب تي پروانا نڇاور ٿيڻ لڳا. متبدي ۽ نوجوان شاعر ته خير پر مولانا گرامي غلام محمد، سرشار عقيلي ۽ احسن الهاشميءَ جهڙا بلند معيار ۽ قادر الڪلام شاعر به سائين جي محفل جا سينگار هئا. بيت ته بيت پر غزل ۽ ڪافي جا به پاڻ بهترين شاعر هئا. ”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ ” ڇپر ۾ ڇڙيون، اهڙي شاعري جي ثابتي لاءِ موجود آهن. پاڻ ڪافي جي نئين سر ترويج لاءِ ڪوشان رهيا ۽ اهواثر به گرامي، سرشار، غني، اسدالله بيخود ۽ ٻين تي رهيو. ادبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرايائيون، مطلب ته بهترين ادبي ماحول قائم ٿي ويو. برابر سندن رهنما واري دور ۾ ٻيا به استاد شاعر هئا پر طالب الموليٰ سائين جن جو ڌاڪو چؤطرف هو. حقيقت ۾ مجاز جا ترجمان هئا. حقيقت ته تصوف مان ڄاتي وڃي ٿي ۽ مجاز جو رنگ به چوکو آهي. هن مجازي ميدان تي ڪونتل ڪُڏائڻ ۾ سندن مٽ ڪونه ڏٺو ويو.

ڪافين جا هي ٿل ئي اهڙي ساک ڀرين ٿا.

سهڻل جا سينگار واهه واهه دل کي وڻن ٿا.

تو دلڙي يار ڌُتاري، پوءِ ير ڪان ڪيئي پوئواري.

ڪافين جي تال ۽ موسيقي سان واقفيت سبب ان جي مڙني لوازمات کي مڪمل طور ورتائون ۽ سندن حلقي توڙي ٻين ڪافي جي شاعرن سندن پيروي ڪئي. عزل جا به سائين طالب الموليٰ قادر الڪلام شاعر هئا.”ديوان طالب الموليٰ“ جو مطالعو ڪبو ته سندن عزل گوئي جو داد ڏئي سگهبو. غزل جا موضوع هجر و فراق توڙي مڪمل معامله بندي سمجهه ۾ ايندي. مقتل ۽ محفل جو موازنو هيئن ڪن ٿا.

”هو محفل ۾ ئي ماري ٿو ته مقتل مان اسان جو ڇا؟

شهيد ناز آهيون تيغ، قاتل سان اسان جو ڇا؟

غزل جي موضوعن ۾ مئخانن جو استعارو عام آهي. سائين طالب الموليٰ وٽ به اهڙا ڪئين مثال آهن، فرمائين ٿا ته:

”ڪياسون وِرَهه وارن جا، وري آباد مئخانا،

پياسن کي پياريِ پرت جا پُر ڪيف پئمانا،

چکي جن سوز جي سرڪي ڇڏيو تن مئي پرستي کي،

شراب شوق مان هڪدم، ٿيا مهمير مستانا.

سندن سمورو ڪلام معنوي خوبين ۽ صنعتن سان مزين آهي.

”خدا جو قسم آ، رڳو درد و غم آ،

رڳو درد و غم آ، خدا جو قسم آ.

نثر ۾ به طالب الموليٰ رح جون تحريرون داد تحسين حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ تحقيق ۾ به سائين طالب الموليٰ جا ڪتاب”ڪافي، ياد رفتگان ۽ مقالا بلند معيار جا آهن. نو لکي گودڙي جا مالڪ ۽ عوامي سياست جا شهسوار هجڻ سان گڏ مخدوم طالب الموليٰ سائين ادب جي دنيا ۾ به صف اول ۾ هئا ۽ رهندا.

سندن سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن تي اڃا به گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو.

سندن باري ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪجن ۽ مقالا لکائجن تڏهن مس هن ضروري خدمت کان عهده برا ٿي سگهبو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) طالب الموليٰ رح جي ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي:

نثر

اسلامي تصوف: ۱۹۵۱ع ۾ ڇپيو

شيطان، ۱۹۵۱ع ۾ ڇپيو

خود شناسي ۱۹۵۲ع ۾ ڇپيو

امام غزالي جا خط ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيو

ڪافي ۱۹۵۸ع ۾ ڇپيو

لغات سنڌي مخففات ۱۹۹۱ع ۾ ڇپيو

چهنڊڙيون ۱۹۹۲ع ۾ ڇپيو

مضامين طالب الموليٰ ۱۹۹۸ع ۾ ڇپيو

ڪچڪول ۱۹۵۵ع ۾ ڇپيو، مرتب پروفيسر محبوب علي چنا

ياد رفتگان ۲ حصا ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيو

نظم

بهار طالب ۱۹۴۶ ۾ ڇپيو

رباعيات طالب ۱۹۴۹ع ۾ ڇپيو

مثنوي عقل و عشق ۱۹۵۵ع ۾ ڇپيو

ڇپر ۾ ڇڙيون ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو

ديوان طالب الموليٰ ۱۹۸۲ع ۾ ڇپيو

بي پير اکيون ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو

شان سروري ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو: مرتب محبوب سروري

مصري جون تڙون ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو،

انگريزي ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۱۹۹۸ع

انتخاب طالب ۱۹۹۳ع: مرتب مخدوم جميل الزمان

دلربا دلربا ۱۹۸۵ع، مرتب مخدوم جميل الزمان

آب حيات ۱۹۹۱ع ۾ ڇپيو

سنڌ جو شڪار اڻ ڇپيل

بياض طالب الموليٰ اڻ ڇپيل

سماع العاشقين اڻ ڇپيل

بهارستان ۱۹۹۴ع ۾ ڇپيو

سنڌي ادبي بورڊ هڪ اهم ترين ادارو آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڦهلاءَ ۾ لازوال رول ادا ڪيو آهي. مخدوم صاحب وڏي عرصي تائين ان اداري سان منسلڪ رهيا. پهريان پاڻ ان جي گورنگ باڊي جا رڪن هئا، پوءِ اڳتي هلي ان اداري جا سرواڻ بنيا. سندن سرواڻي وارو دور بورڊ جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. محترم غلام رباني آگري پنهنجي نامور ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ مخدوم صاحب جي حوالي سان هڪ پروفائيل لکيو آهي. تنهن مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:

”مون مخدوم صاحبن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏهه پندرهن ورهيه ويجھڙو ڏٺو. سندس شوق ۽ شغل ٻه هوندا هئا: هڪ ڪتاب ۽ ٻيو راڳ. جوانيءَ جي زماني ۾ به، جڏهن سنڌ جا ڪي پير اٺ ۽ گھوڙا ۽ ڪي وري ڪتا ۽ سوئر پاليندا آهن، اتي مخدوم صاحب اديبن ۽ شاعرن جي پرورش ڪندو هو. رسالا ۽ ڪتاب ڇپائيندو هو. اڳتي هلي، سنڌ جي ممتاز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو. بورڊ جي ميٽنگن ۾ ايندو هو ته ٽي اي بل نه وٺندو هو. مخدوم نوح رحه وارو قرآن ڪريم جو تاريخي نسخو بنا ڪنهن اجوري جي، بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين، پر ٻين چڱن ڀلن بيٺلن ماڻهن ۽ خود بورڊ جي ميمبرن وانگر بورڊ کان معاوضو ڪونه ورتائين. ورندو، پيڪيجز لميٽيڊ لاهور وارن کان بورڊ کي ان ڪم لاءِ ڪجھه مالي امداد وٺي ڏنائين. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ وٽن ٻه گهر هئا، هڪ گاڏي کاتي ۾ ۽ ٻيو سول لائينس ۾. بورڊ کي آفيس لاءِ جاءِ گهربل هئي. مخدوم صاحب سول لائينس وارو بنگلو بورڊ کي ڏنو. اڳتي هلي بورڊ کي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب کي اهو بنگلو وڪڻڻ جو ارادو آهي. بورڊ کيس عرض ڪيو ته بنگلو اسان کي ئي وڪڻو. جنهن قيمت تي پاڻ ٻه چار سال اڳ ورتو هئائين، ان قيمت تي بورڊ کي ڏنائين. اڳتي هلي سندن سياسي مخالفن انهيءَ ڳالهه تي به اعتراض واريو ۽ سندس احسان کي سندس ئي خلاف استعمال ڪيو. مخدوم صاحب ماٺ ڪري بورڊ کي پئسا موٽائي ڏنا ۽ گهر واپس ورتو. پنهنجي مخالفن کي ڪڏهن زبان سان به برو ڀلو ڪونه چيائين. ويهين صديءَ ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي صبر جي روايتن کي تازو ڪري ڇڏيائين.“ ڪجھه عرصو اڳ سائين سابق ڊين آف سوشل سائنسز ۽ ڪافي ڪتابن جي ليکڪ پروفيسر غلام حسين خاصخيلي صاحب سان ڳالهه ٻولهه ٿي. تنهن صاحب گفتگو دوران هڪ انوکو رايو ڏنو ته جڏهن ورهاڱي جي صورت ۾ علم و ادب ۾ هڪ خال پيدا ٿيو، تڏهن هالا جي اديبن، شاعرن ان خال کي پر ڪرڻ ۾ هڪ ڪردار ادا ڪيو. ان عرصي ۾ يقينن انهن هالا جي اديبن، شاعرن جو سرواڻ سائين طالب الموليٰ ئي هو. ان زماني ۾ سائين جي نگراني توڙي مالي سهائتا سان ڪافي ادبي رسالا شايع ٿيا، جن مان ”شاعر“ ۽ ”فردوس“ انتهائي معروف آهن. گڏو گڏ ڪيترائي ادبي ميڙاڪا، مشاعرا، سگھڙ ڪچهريون، راڳ رنگ جو محفلون منعقد ٿيون، جن جو روح روان مخدوم صاحب جن هوندا هئا.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڪافي سگهڙ ۽ ظرافت ڪانفرنسون منعقد ڪرايون آهن. ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جي ڪافي ليکن ۾ انهن جي  انعقاد ۾ مخدوم صاحب جيڪو ساڻن سهڪار ڪيو، تنهنجو هن برملا اظهار ڪيو آهي.مٿين مذڪور مان پڌرو آهي ته مخدوم صاحب سنڌ جي حقيقي تهذيبي تشخص کي نکارڻ ۾ ڀرپور ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته هن صاحب جي ڏسيل راهه تي رمندو رهجي.هي اعليٰ و ارفع شخص ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ تي هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندن تدفين ۱۲ جنوري ۱۹۹۳ تي هالا ۾ درگاه شريف ۾ ڪئي ويئي.


مخدوم طالب الموليٰ

جديد سنڌي شاعريءَ جو سگھارو نانءُ

سعيد چانڊيو

سنڌي ٻوليءَ لاءِ نئين لپي جڙندي ئي ادب ۾ روز بروز مختلف صنفن تي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا، اهو سلسلو تقريبن هڪ صدي مڪمل ڪرڻ وارو هو جو ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو، اهو ورهاڱو ڇا ٿيو ڄڻ سنڌي ادب کي ماٺار جو قلف اچي ويو. ڇو ته ورهاڱي سبب سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعرن، نثرنويسن، محققن ۽ تعليمدانن سنڌ ڇڏي وڃي هند وسائي، سندن سنڌ ڇڏي وڃڻ جون ڀوڳنائون سنڌي ادب ڀوڳيندو رهيو. ان ماٺار کي ٽوڙڻ ۾ ڪيترن ئي اديبن، محققن ۽ شاعرن پاڻ موکيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعري کي هڪ دفعو ٻيهر جيئاريندڙ شاعرن مان مخدوم طالب الموليٰ پڻ هڪ هو. مخدوم صاحب شاعر ابن شاعر هو.  مخدوم نوح سرور کان ويندي پکن ڌڻي تائين سندن وڏڙن ۾ شاعر جنم وٺندا رهيا، اهو خانداني اثر به مٿن رهيو. پاڻ جڏهن ڏهن سالن جي  عمر کي پهتا ته مريدن سان ملڻ سانگي ناري طرف سفر ڪيائون ، ان سفر دوران منٺار فقير راڄڙ سان ملاقات ٿي، جيڪو سندن سموري سفر ۾ گڏ رهيو ۽ پنهنجي روز سرجيل شاعري سريلي آواز ۾ ٻڌائيندو رهيو. منٺار فقير جي ٻڌايل شاعري (ڏهر) جو مٿن اثر پڻ ٿيو. انهن اثرن کي قبوليندي مخدوم صاحب ٻالجوتي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، پاڻ جڏهن ٻارهن سالن جا ٿيا ته ۱۹۴۶ع ۾ ٻه مجموعا “بهار طالب” ۽ “رباعيات طالب” شايع ٿيا. مخدوم صاحب ڪومل جذبن جا شاعر هئا، سندس شاعري ۾محبوب جو انتظار به ملندو ته جواب به، انڪار به ملندو ته اقرار به، ميلاپ به ملندو ته وصال به، اکين جي کيچل ته نظر ايندي ته اشڪباري به، اصلاح به ملندي ته تصوف جي اپٽار به.

مخدوم صاحب جي شاعري گھڻ پاسائي آهي. هن آرٽيڪل ۾ پاڻ هتي سندس ڪتاب “ڇپر ۾ ڇڙيون” جو ذڪر ڪنداسين. جيڪو اڄ سندس پنجويهين ورسي تي گھڻي عرصي کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر شايع ڪيو ويندو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ۱۹۷۱ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ۱۹۹۰ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. هي ڪتاب  بيتن ۽ ڪافين سان سينگاريل آهي. هي ڪتاب شاعري جي لحاظ کان هڪ الڳ مقام رکي ٿو ڇوته هن ڪتاب ۾ سرجيل شاعريءَ ۾ شاعر جون مختلف ڪيفيتون ۽ اڌما پويل آهن. جن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ تي عجيب ڪيفيتن (شاعر جون ساڳيون ڪيفيتون) جو سحر طاري ٿيو وڃي. پڙهندڙ کي  پنهنجا پور ياد پون، پرينءَ جو رسامو، پرينءَ جو وڇوڙو، پرينءَ جون يادگيريون،زماني جا سور ۽ درد وغيره.

هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب “تون تنين سان ٿي” جي عنوان سان اصلاحي شاعري سرجي آهي. ان عنوان سان ڪل ٽيٽيھ بيت سرجيل آهن. هنن بيتن جي ڪڙي ساڳئي تتبع تي آهي جيڪي مخدوم صاحب هڪ ڏينهن تي سرجيا هئا. هر بيت جي آخر ۾ تاريخ ۽ هنڌ، حيدرآباد ٥- ٥- ١٩٥٦ع ڄاڻايل آهي. مخدوم صاحب زماني جو اٿيو ويٺو ماڻهو هو، پاڻ پنهنجي وڏن جي طريقت سان تار هو، تصوف سان جي ڳوڙهن نقطن کان باخبر هو، روحاني رمزن کان آشنا هو. ڏيھ توڙي پرڏيھ کي گھمي ڪري مشاهدو ماڻيائين. تنهن ڪري سندس سوچ ويچار، غور فڪر ۽ مشاهدي ماڻڻ جي سگھ ڪي قدر سوائي هئي. هو آئيندي کان باخبر هو ۽ ماضي کي سامهون رکي حال کي هلائيندڙ هو. سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي بدولت شاعري ۾ انيڪ خوبيون ۽ هدايتون ڀانئجن ٿيون. تڏهن ئي ته نوجوانن کي درست ماڻهن سان دوستي ۽ انهن سان گھمڻ جي تلقين ڪيائين. جيڪي لالچ کان پاڪ هجن ، انسانيت جو درد رکندڙ هجن، اوکي سوکي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.

گُهم تنين سان گُهم، گُهمي جي ڄاڻن،

متان ساڻ ٻين، گُهمي گهور پرائيين.

مخدوم صاحب روحانيت جو مالڪ هو، تنهنڪري سندس مطالعو نه صرف دنيوي علومن تائين هو مگر مذهبي علومن ۾ پڻ اڳڀرو هو. تنهڪري سندس نصيحتن ۾ اسلامي پيشوائن جا قول اڻڳڻا ملندا. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب (ڇپر ۾ ڇڙيون) ۾ قرآني آيتون، حديث شريفون ۽ عربي قول جھجھي تعداد ۾ ملندا. جڏهن اميرالمومنين حضرت عليؓ جي نهج البلاغه جو مطالعو ڪجي ٿو ۽ وري مخدوم صاحب جي شاعريءَ تي نظر ڪجي ٿي ته ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻ مخدوم صاحب نهج البلاغه جو مطالعو تمام غور سان ۽ باربار پئي ڪيو آهي ، جو سندس شاعريءَ ۾ حضرت عليؓ جا قول ظاهر ّظهور نروار ٿي ٿا بيهن. حضرت عليؓ جن فرمايو ته: “جيڪڏهن تون پنهنجي دوست تي ڀروسو ڪرين ٿو ته، پوءِ به پنهنجي معاملن جي اظهار ۾ احتياط ڪر، ۽ ان کي پنهنجا راز نه ٻڌاءِ، شايد ڪنهن ڏينهن تو کي  ندامت کڻڻي پوي.” مخدوم صاحب ساڳيا ئي لفظ وري منظوم انداز ۾ هيئن ٿو فرمائي:

سَلِ تنين سَــلِ، سلــي جــي ڄاڻـــن،

متان ساڻ ٻين، سلي سُک ڦٽائين.

رب پاڪ انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو، غور فڪر لاءِ عقل ڏنائينس ته جيئن هو بُري ڀلي جي تميز ڪري سگھي. دنيا ۾ ٻه رستا جوڙيائين نفعي جو ته نقصان جو به، پوءِ اهو انسان تي ڇڏيائين ته هو ڪهڙي رستي جي ٿو چونڊ ڪري، نفعي جي يا نقصان جي. انسانيت جي رهنمائيءَ لاءِ دنيا ۾ ڪيترائي پيغمبر، وليءَ ۽ پير فقير آيا، جن انسانذات جي رهنمائي جو بهرو پنهنجي سر تي کنيو. پوءِ ڪن عملي طور انسانيت جي رهنمائي ڪئي ته ڪن وري پنهنجي علم و دانائيءَ جي سهاري، ڪن پنهنجي ڪلام ذريعي سنئون دڳ ڏسيو ته ڪن وري واعظ خطبا ڏئي ڪري. مخدوم صاحب به پنهنجي مريدن جي پرگھور لهڻ سان گڏوگڏ انيڪ هدايتون پڻ ڪيون، سندس شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ به انيڪ نصيحتون ملن ٿيون. ان ڳالھ جو تاڪيد ڪيو اٿائون ته ان ماڻهو وٽ وڃجي جنهن وٽ مهمان (ويندڙ) جو قدر هجي، نه ڪي انهن ڏانهن وڃجي جن وٽ وڃي پاڻ لڄي ڪجي:

وڃ تنيـن وٽ وڃ ، وڃي جـــي ڄــاڻن ،

متان ساڻ ٻين ، وڃي واٽ  وڃائين.

ڪنهن ڏاهي انسان جو قول آهي ته جي اگر توهان ڪنهن کي پرکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ٻه عمل ڪريو، هڪ ته ان سان سفر ڪريو، ۽ ٻيو ته ان سان مسافري دوران رات گذاريو ، پوءِ توهان کي ان جي طبيعت ۽ خصلتن جي خبر پئجي /ڏسو صفحو ۳ بقايا نمبر ۰۱

ويندي تو هو ڪهڙي مزاج رکندڙ آهي. مخدوم صاحب اها ڳالھ ڪجھ هن ريت ڪئي آهي ته :

رھ تنين سـان رھ ، رهـي جــي ڄاڻـن .

متان ساڻ ٻين رهي روح رنجائيين.

هن ساڳئي مجموعي ۾ “گونگيون گوءِ کٽي ويون” جي عنوان سان سرجيل شاعري وري اکين جي انتظار ، اکين جي اداسيءَ ، اکين جي اشڪباريءَ واري تمام حساس ذڪر سان ملي ٿي. لالڻ جي ياد ۽ اکين کي سندس انتظار ۽ ان اوسيئڙي ۾ اکين جو پرڀات تائين ڳوڙها ڳاڙڻ جو ذڪر مخدوم صاحب هيئن ڪيو آهي :

طالب موليٰ کي هئي ، طلب تنهين جي تات ،

اچي ٿي پرڀات ، ته به اکيون آليون ئي رهيون.

جڏهن ڪنهن وارياسي علائقي يا صحرا ۾ بارش پوندي آهي ته اتان جي اڃايل زمين ان پلر سان سرسبز آباد ٿي ويندي آهي، اتان جا راهڪ خوشين جا شادمانا ڳائيندا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي نينهن جي ريگستان کي وري اکين جي مينهوڳيءَ سان ٿو آباد ڪري.

وســــي وســـي مينهن، سڀئــي پٽ پــسائيا

سُڪا سڀ ساوا ڪيئين، رهي راتو ڏينهن،

اينهين منهنجي نينهن، اندر کي آباد ڪيو.

نينهن جي مهميز ترار جي گھاو کان به تيز هوندي  آهي ، ان جو ڦٽيل روز پيو سور برداشت ڪندو آهي ، ڪڏهن وصال جا   ته ، ڪڏهن انتظار جا، ڪڏهن انڪار جا ته ڪڏهن اظهار جا. مطلب طالب هميشه ڏکجندو رهندو آهي. مخدوم طالب موليٰ وٽ نينهن جي ايذائن جو فلسفو ئي نرالو آهي، هو پنهنجي اشڪبار اکين کي مينهن کان به اڳتي ٿوکڻي وڃي. سندس بقول ته :

ڇو ٿو ڪرين مينهن ، مون سان ريس رئڻ جي !

طالب مــولا سان ته ڪــيا ، ناحــــــق وڏا نينــــهن

تنهنجــا ٻٽـــي ڏينهن ، منهنجـــي موسم سڀڪــا.

طالب جڏهن مطلوب کي ڏسندو آهي ته ، سندس ديدار ۾ هر دفعي سان نواڻ نظر ايندي آهي. ان جون خاميون به خوبيون ٿي نطر اينديون آهن ، ان جا ناز به وڻندڙ ليکيندو آهي ته ماڻا به سڀاءُ وارا ليکيندو آهي. هر شاعر انهن ادائن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪنهن شوخ طبيعت کي به خوبي ليکي آهي ته ڪنهن وري رسڻ جو به ذڪر فخر سان ڪيو آهي، ڪنهن وري پنهنجي پرينءَ کي سج کان به وڌيڪ جوت وارو ڄاڻايو آهي ته ڪنهن وري چنڊ سان پئي ڀيٽ ڪئي آهي. مخدوم طالب الموليٰ به ان گس سان هليو آهي ۽ پرينءَ لاءِ شاھ لطيف وانگر مٺايان مٺو گھڻو وارو استعارو ٿو استعمال ڪري.

مـــٺايان مــٺو گھــڻو ، منهنجو مــحب مـــٺو،

ڏاڍو اٿم ڏٺو ، ته به نئين سج نئون ٿو ڏسان.

شاعر وٽ دل جي ڳالھ جو مقام دماغ جي سوچ ويچارکان وڌيڪ اهميت وارو هوندو آهي ، هو هر شيءِ جي صلاح دل سان ڪندو آهي . تنهنڪري ئي سندس شاعريءَ ۾ دل جو ذڪر مڙوئي ڪجھ سوايو  ملندو آهي. مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ به ساڳئي ڳالھ نظر ايندي، هو سر کي دل جي تابع ٿو ڪري ڇڏي ۽ دل جي چوڻ تي ئي وڍجڻ لاءِ تيار ٿو ڪري.

سر ويــچارو ســدائيــن ، آهــــي دل جــي وس

دل چويس ته وڍجي ، نه ته بلڪل ڪري بس،

اُونهين ٿئي اوس ، جئن طالب مولا دل چوي.

مخدوم صاحب هڪ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، هو نه صرف هڪ سٺو شاعر ۽ پير هو ،بلڪ هڪ سٺو سياستدان ، سماجي اڳواڻ ۽ اديب هو. مخدوم صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ خانداني ذميواريون نه صرف فرض سمجھي ادا ڪيون بلڪ ٻين لاءِ مثال قائم ڪيون ويو . سندس خاندان اوائل کان هلندڙ شاعريءَ واري ڏات هلندي ٿي اچي ۽ هلندي رهندي، اميد ته ائين ئي هي خاندان سنڌي ادب جي خدمت ۾ اڳڀرونظر ايندو رهندو.


مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليه جا ۱۷ سجاده نشين هئا.

درگاهه سروري، سنڌ جي برگزيده هستين جي آماجگاهه رهي آهي. هن درگاهه جي سجاده نشين هن ڌرتيءَ جي ديني توڙي دنيوي جيڪا خدمت ڪئي آهي، اها قابلِ تعريف آهي.

حضرت غوث الحق مخدوم نوح ﷥ سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اها سنهري لفظن ۾ لکڻ جوڳي آهي. انهن ڪارنامن جو تفصيل مخدوم نوح ﷥ جي قديم تصنيفن مثلاً: ”حديقة الاولياءَ“، ”ارشاد الطالبين“، ”دليل الذاڪرين“، ”رساله فتوحاتِ سنڌي“ عرف ”رساله فتحى“ ۾ ملي ٿو.

طالب المولى جي اوائلي زندگي:

سندس جنم جي تاريخ ۹ محرم ۱۳۳۸ هجريءَ بمطابق ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع آهي. هن کان اڳ سڀني سوانح نگارن غلط عيسوي تاريخ لکي آهي. ڄمڻ کان پوءِ سندن نالو محمد زمان رکيو ويو. واضح هجي ته کانئن ۳ سال اڳ پهريون فرزند ڄائو هو، جنهن جو نالو به محمد زمان هو ۽ ڄمڻ جي ساڳئي ڏينهن وفات ڪري ويو هو.

پهريائين قرآن شريف درگاهه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيا. پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان ”انجم“ وٽ پڙهيا. ان بعد سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيا. سندن تربيت تي سندن والد ميان غلام محمد صاحب خاص توجه ڏني.

سندن والد ميان غلام محمد صاحب ۳۰ ذوالحج ۱۳۶۳ هجري مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي وفات ڪئي. ان وقت مخدوم محمد زمان جي عمر ۲۵ سال هئي. پيءُ جي وفات بعد پاڻ  ۱۹۴۵ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيا.

مخدومن جو خاندان صدين کان علم ۽ ادب ۽ شعر و شاعري سان وابسته رهيو آهي. مخدوم نوح رحمة الله عليه جا لکيل ڪتاب هڪ علمي خزاني جي حيثيت رکن ٿا. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ فتح محمد صاحب جو لکيل رسالو ”فتحي“ به وڏي شهرت حاصل ڪئي. فتح محمد صاحب شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙي طرح غلام رسول صديقي صاحب به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. ”طالب المولى“ جو پڙ ڏاڏو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ به شاعر هئا. سندن ڏاڏو شاعر ڪونه هو، ليڪن سندن والد محترم شاعر هو، چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب بلند پايه اديب ۽ مصنف هو، ”سفينه النوح“ سندس مشهور ڪتابن مان هڪ آهي. پاڻ ديوبند جو فارغ التحصيل هو. اهو خانداني اثر آهي جو مخدوم طالب المولى کان وٺي مخدوم جميل زمان تائين علم و ادب ۽ شعر ۽ شاعريءَ جو سلسلو هلندو اچي.

مخدوم صاحب کي ننڍپڻ کان ئي شاعري ۽ راڳ جو شوق هو. پاڻ پهريائين ”بيوس“ جو تخلص استعمال ڪندا هئا. پوءِ ”فراقي“ ان بعد وري ”زمان شاد“ ۽ آخر ۾ سنه ۱۹۴۹ع کان ”طالب المولى“ جو تخلص اختيار ڪيائون جيڪو پوءِ نالي جو حصو بنجي ويو.

مخدوم صاحب جو شاعريءَ ۾ وڏو مقام آهي. ۽ پنهنجي فياضي ۽ علم پروري ڪري عوام توڙي خواص ۾ قابلِ احترام ۽ هر دلعزيز هئا.

پاڻ ۱۹۳۶ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن طرفان ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌي خان گويي جي اثر ڪري پاڻ راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. پاڻ هالن ۾ هڪ پريس ”الزمان“ نالي سان کولارايائين. ڪجھ عرصي لاءِ هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽  ”الزام“ نڪرنديون رهيون. ۱۹۵۰ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ”فردوس“ سندن سرپرستيءَ ۾ نڪتو. ۱۹۵۲ع ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ سيستان شهر مان ماهوار رسالو ”طالب المولى“ ڪڍيو، جنهن جي سرپرستي مخدوم صاحب جن ڪئي. اهڙيءَ سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو.

۱۹۴۶ع ۾ سنڌي شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ ”جميعت الشعرا“ قائم ڪئي وئي. ۱۹۵۲ع ۾ جميعت الشعرا جو اجلاس جيڪب آباد ۾ ڪوٺايو ويو. هن اجلاس ۾ مخدوم صاحب کي سرپرست چونڊيو ويو. ۱۹۵۷ع ۾ گهوٽڪي ڪانفرنس ۾ کين جميعت الشعرا جي سرپرست سان گڏ صدر به چونڊيو ويو.

سائين ”طالب المولى“ جو راڳ سان شغف هو. ۱۹۵۴ع ۾ هالا ۾ ”روح ادب سنڌ“ جي اداري جو بنياد وڌائون. هن اداري تحت ۱۹۵۵ع ۾ راڳ ڪانفرنس سڏايائين. ۽ گڏوگڏ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين. نومبر ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ ”بزم طالب المولى“ جو پايو وڌائين. ۽ جنهن جا پاڻ سرپرست ٿيا. هن بزم جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ويون. هن بزم تحت ۱۹۵۶ع ۾ خواجه محمد عيسى ”مست“ جي اهتمام سان سندن صدارت هيٺ ”لاڙ جي ادبي ڪانفرنس“ ميرپور بٺوري ۾ سڏائي وئي. الغرض سائين طالب المولى ادب شعر و شاعري ۽ راڳ جي محفلن جو اڪثر اهتمام ڪندا هئا. انهيءَ سان گڏگڏ صوفيانه ڪلام جون محفلون به منعقد ٿينديون هيون، جن ۾ وڏي چاهه سان سائين طالب المولى جا پرستار شرڪت ڪندا هئا.

مخدوم صاحب ”طالب المولى“ وٽ سچائي ۽ صاف گوئي مثالي هئي. سندس چاهيندڙ به عشق جي حد تائين عقيدت رکندا هئا. سندن شخصيت سنڌي ڪلچر جو هڪ مثالي نمونو هئي. انهيءَ چوڻ ۾ قطعاً وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته مخدوم ”طالب المولى“ جو سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان والهانه پيار عشق هو.

غلام رباني آگرو مخدوم ”طالب المولى“ هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”سنڌ جو هڪ برک ماڻهو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين. مخدوم صاحب منهنجي روبرو ٺهه پهه جواب ڏنس ته ”سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري، مان ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس.“

دراصل مخدوم ”طالب المولى“ جو رجهان ادب، شعر و شاعري ۽ راڳ ڏانهن وڌيڪ هو، تنهن هوندي به حالتن جي تحت سياست ۾ به حصو ورتائون. ۱۹۵۳ع ۾ پهريون ڀيرو بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. مسلم ليگ وزارتي پارٽي جا ميمبر به رهيا. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ مغربي پاڪستان جي اسيمبلي جي چونڊ ۾ حصو نه ورتائون. مارشل لا ختم ٿيڻ کان پوءِ آئين تحت جيڪي چونڊون ٿيون، انهن ۾ مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. ٻيهر به مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. پاڻ پيپلز پارٽي جا سينئر وائيس پريزيڊنٽ به رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان ٿيڻ کان پهرئين ۽ پوءِ مخدوم صاحب جي دعوت تي هالا آيا هئا. مخدوم ”طالب المولى“ جي وفات کان پوءِ به سائين مخدوم امين فهيم ڏکئي وقت ۾ به پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ وزارت عظمى جي آڇ کي ٺڪرائي پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ آخري وقت تائين شهيد بي نظير ڀٽو جا دست راست رهيا. مخدوم ”طالب المولى“ پاڻ شاعر، اديب ۽ عالم هئا. انهيءَ ڪري اهل علم جا به قدردان هئا. مونکي اهو لکندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته آئون ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۶ع تائين ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو هئس، ان دوران سائين مخدوم صاحب سان تعلق قائم ٿيو. ۽ سندس محفلن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. اهو تعلق سندس خاندان سان اڄ سوڌي قائم آهي.

مخدوم صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ٻه دفعا رهيا. جنرل ايوب خان جڏهين فوجي حڪومت جو سربراهه ٿيو، ته سنڌي ادبي بورڊ جا جيڪي سياستدان صدر ۽ ميمبر هئا، اهي هٽائي ڇڏيا ۽ بورڊ جو چيئرمين حيدرآباد جي ڪمشنر نياز احمد کي مقرر ڪيو ويو. اها نامزدگي سنڌ جي اديبن ۽ عالمن کي نه وڻي ۽ انهيءَ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. سندن خيال هو ته سنڌي ادبي بورڊ جو صدر ڪو عالم، اديب يا ناميارو شاعر ٿيڻ گهرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت ايوب خان جو وزير هو، جنهن جي مشوري تي جنرل محمد ايوب خان نومبر ۱۹۶۱ع ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. مخدوم صاحب بورڊ جو چيئرمين جولائي ۱۹۷۷ع تائين رهيو. جنرل ضياءالحق جڏهين پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳايو ته ان بعد مخدوم صاحب جن چيئرمين شپ تان استعفى ڏيئي ڇڏي. وري ۱۹۸۹ع ۾ مخدوم صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ اپريل ۱۹۹۲ع تائين بورڊ جا چيئرمين رهيا. مخدوم صاحب جون بورڊ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن. ٻي دور ۾ بورڊ کي مالي خساري مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جي خصوصي گرانٽ منظور ڪرائي ته جيئن بورڊ ۾ پيل مسوده ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجن ۽ ملازمن کي باقائدگيءَ سان پگهار ڏئي سگهجن. مخدوم صاحب بي حد مخلص ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان والهانه محبت ڪندڙ هُئا. مخدوم ”طالب المولى“ جي ٻئي دور (۱۹۹۲_ ۱۹۸۹) ۾ مونکي نيازمندي جو وڌيڪ موقعو مليو. ان وقت آءٌ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊائريڪٽر هوس. اڪثر مخدوم صاحب جڏهين بورڊ جي ميٽنگ لاءِ ايندا هئا ته وڃي ملاقات ڪندو هئس. يا وري ڪڏهين سائين مخدوم ”طالب المولى“ سان ملڻ لاءِ هالا به هليو ويندو هئس. اتي سائين مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان به موجود هوندا هئا. ۽ انهن سان به ملاقات ٿي ويندي هئي. پاڻ ڏاڍي قرب ۽ محبت سان ملندا هئا ۽ تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا. مخدوم صاحب جي اعلى اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڀني سان محبت ۽ شفقت سان ملندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيندا هئا. مخدوم صاحب جي تعليمي ڪمن ۾ ڪيل خدمتن ۾ ٻن ادارن جو ذڪر بي حد ضروري آهي. هالا ۾ سندس ٺهرايل هاسٽل ۽ دادو ۾ ”طالب المولى هاءِ اسڪول“ سندس علمي خدمتن جو ثبوت آهن.

سائين مخدوم ”طالب المولى“ دنياوي هوس کان بچيل هئا.

مخدوم صاحب جن هڪ دفعي ذڪر ڪيو ته ۱۹۷۱ع ۾ جڏهن پاڪستان ٽُٽو ۽ مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻيو ۽ باقي پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بڻيو، کانئس پڇيائين ته ”مخدوم صاحب، توهان کي ڇا گهرجي؟“ مخدوم صاحب جواب ڏنس ته ”ڪجھ به نه. الله سائين اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“

سائين مخدوم ”طالب الموليٰ“ ۱۱، جنوري ۱۹۹۳ع تي لاڏاڻو ڪري ويا. انا لله و انا اليه راجعون.

سچ پڇو ته مخدوم صاحب هڪ ڇانو ڏيندڙ وڻ هئا ۽ هر هڪ وٽن اچي دل جي راحت ماڻي خوش ٿي موٽي هليو ويندو هو.

دراصل زندگيءَ جو نالو ئي آهي مسلسل جدوجهد آءٌ پنهنجو مقالو سائين ”طالب المولى“ جي هن فلسفانه قول تي ختم ڪندس ته:

”ٿڪجي ٿو ماڻهو جو خيال،

جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه نه آهي.“


 

حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه

سنڌ جو دُعاڳو - ورسيءَ جي مناسبت سان:

استاد لغاري

حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، سنڌ جي مشهور شهر هالا ۾ تولد ٿيا. ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي، هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويا. اهڙيءَ ريت، پاڻ ۷۳ سال هن عالمِ ناسُوت ۾ قيام ڪرڻ فرمايائون. سندن وصال جو ڏينهن، مون کي ان ڪري به چٽيءَ طرح سان ياد آهي، جو آئون ان وقت گورنمنٽ هاءِ اسڪول لوڻ کاڻ ۾ پڙهائيندو هوس. منهنجن نونهال پيارن شاگردن ۾، ڪجھ شاگرد اهڙا به شامل هوندا هئا، جيڪي سروريءَ جماعت سان تعلق رکندڙ هئا ۽ اهي ان ڏينهن، سوڳ سببان اسڪول ڪو نه آيا هئا. انهيءَ ڏينهن مون کي حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جن جو هي ڪلام ڏاڍو ياد آيو هو، ته “پڳھ ڇوڙي پنڌ پيا، مون ويٺي وڻجارا، وي ميان! آئون روئندي وَئي رهجي، کِيئڻ پِيئڻ ٿيم کارا. آئون اڀري ٿي آهيان، سامونڊرين کي ساري، مون خاطر يا موليٰ! وڻجارن کي واري، اي ميان! اُن آئي سڀ سُونهن، اڱڻ وهڻ سڀ اوتارا، پڳھ ڇوڙي پنڌ پيا، مون ويٺي وڻجارا”.

جڏهن وڻجارا ۽ جيءَ جيارا، اکين اڳيان پنڌ پون ٿا ۽ آخري سفر تي اُسهن ٿا، ته اهو منظر بيان ڪرڻ کان بلڪل بعيد هوندو آهي. اهڙي سفر جو المناڪ احوال قلمبند ڪري نه سگھبو آهي، فقط محسوس ڪري سگھبو آهي. منهنجو هڪ نونهال شاگرد هوندو هيو، جيڪو ڳوٺ سيد ويڌل شاھ جو رهواسي هيو. مون کي استاد سائين کان سواءِ، بابا سائين ڪري به سڏيندو هيو. رسيس ۾ منهنجن پيارن پُٽڙن سان گڏجي، منهنجي گھر ايندو هيو ۽ اچي راند روند ڪندو هيو. اهو پنهنجي ڦوھ جوانيءَ ۾، جڏهن اوچتو ئي اوچتو، آخري سفر تي اُسهيو، ته اسان جا ڪليجا ڪورجي پيا هئا، اسان جا جگر جلي پيا هئا ۽ اسان جا هينئڙا ڦارون ڦارون ٿي پيا هئا. امر جليل هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “ماتم فقط جلوسن ۾ ڪو نه ڪبو آهي، ماتم دلين ۾ به ڪبو آهي. اسين سڀيئي هڪ هڪ ماتمڪدو، پنهنجي پنهنجي روح ۾ کڻي جيئندا آهيون”.

اڄ حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه جن جي ورسيءَ جي مناسبت سان، مون پنهنجي ڪمزور قلم کي، ڪوري ڪاغذ تي، ڪجھ لکڻ جي لاءِ زحمت ضرور ڏني آهي، پر مون کي حقيقت ۾ جيڪو لکڻ کپندو هيو، اهو اڄ آئون لکي نه سگھيو آهيان. ڪيترا سارا سال اڳ، شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۾ هڪ هنڌ لکيو هيو: “گھڻو ئي چاهيان ٿو ته لکان، پر لکي نه ٿو سگھان. شايد ڏات بيوفا آهي؟ مون کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ويئي آهي. ايئن محسوس ٿو ڪريان، ته پکيئڙن وانگر شعر چَوڌاري پرڙا ڦڙڪائي، ڳُٽ ڳُٽ ڪري رهيا آهن ۽ لفظن جِي ڪوڙڪيءَ ۾ نه ٿا ڦاسن”. حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه جن، پنهنجي سجاده نشينيءَ واري عرصي ۾، سڀ کان اول، “سروري تنظيم” کي سگھارو بنائڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون. پنهنجي جماعت کي، علم و ادب ڏانهن راغب ڪرڻ واسطي، ۱۹۵۵ع ۾ “بزمِ طالب الموليٰ” جو ادارو ۽ تنظيم پڻ قائم ڪئي. اهڙيءَ ريت ماڻهن ۾ علم و دانش جو شعور پيدا ٿيو. جنهن مان وحدانيت، رسالت ۽ انسانيت جا سَرچشما ڦُٽيءَ نڪتا. ساري حياتي علم، ادب ۽ اخلاق جي اصلاح لاءِ، تمام وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪندا رهيا.

حضرت جن جو ڪلام، جڏهن مصري فقير، پنهنجي مٺڙي ۽ مڌر آواز ۾ ڳائيندو هو، ته ان کي امر ڪري ڇڏيندو هو. “ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ، اها رسم رکڻ، اختيار نه ڪر. هڪ ڀيرو ملڻ، ڇِني ناتو ڇڏڻ، مهڻا منهن تي ڏيڻ، اختيار نه ڪر”. سندن ڪلام کي حسين بخش “خادم” جنهن انداز ۽ اُصلوب سان ڳايو، اهو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. “تو دلڙي يار! ڌُتاري، پو ير! ڪا نه ڪيئي پوئواري”. “آيو يار ڏنئين دلداريون، اهڙو گھوٽ وجھي ڪيئن گھاريون؟”. “رھ ڪا سڄڻ! رات، سانولڙا! وڃ نه پري تون پرديس پيارا!” “سُهڻل جا سينگار، وهوا! دل کي وڻن ٿا، دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا”. رونا ليليٰ هالانڪه هڪ پرڏيهي ڳائڻي هئي، پر پاڻ جنهن انداز سان، مخدوم صاحب جن جي ڪلام کي ڳايائين، ته ڪير چوندو ته هو پرڏيهي گلوڪاره هوندي! “اڱڻ ٻهاريان، تنهنجيون واٽون نهاريان، يار سڄڻ!”. “عجب عشق آهي اسان جو الستي، ڪڏهن بت پرستي، ڪڏهن خود پرستي”. “سڪندي سال ٿيا، ٿينديس نيٺ چري، ٿينديس نيٺ چري، وينديس مفت مري”. “خبر هاڻِ پوندي، ته ڇاهي جدائي؟ چڱو هو ڪرين ها تون وعدي وفائي”. “منهنجو هاڻي ڀنڀور ۾ ڇاهي؟ آئون ڪيچين کي رسنديس ڪاهي”. “عُمر! بند رکبيون نه ڪنهن جيون نياڻيون، مڙئي منهنجيون شاهد، اٿئي گھر ڌياڻيون”. “تنهنجو دنيا ۾ محبوب! نه مٽ، ڀلي پائي اچي ڪو ڪلنگي ڇٽ”. “ڪندي ياد توکي، هي راتيون وهاڻيون، اچن ياد هر هر، سندءِ رس رهاڻيون”.

ڪتاب “ڇپر ۾ ڇڙيون” جي مقدمي ۾، محترم بيخود حسيني صاحب لکن ٿا، ته “موچارا مُهانڊرا، موزون قد، سُريلو آواز، مٺا ٻول، يار ويسي، دوستن تي مهرباني، دشمنن تي نوازش، سچائي، وفاداري، نهٺائي، نماڻائي، اميرن ۽ غريبن سان هڪجهڙائي، اگر هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ ڳولڻي هجي، ته هلي وڃي حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” جن سان ملجي”.

حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه جن جا، ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جن ۾ بهارِ طالب، رُباعياتِ طالب، خود شناسي، يادِ رفتگان، ڪچڪول، شانِ سروري، مصريءَ جون تڙون، ڇپر ۾ ڇڙيون، ديوانِ طالب الموليٰ، دلربا دلربا، بي پير اکيون، سدا وسين سنڌڙي، لغات سنڌي مخففات، آبِ حيات، چُهنڊڙيون، انتخابِ طالبي وغيره تمام گھڻو مشهور آهن. ان کان علاوه ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ تاثر وغيره به لکيل ۽ شايع ٿيل آهن. اسان کي حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه جن جون علمي، ادبي ۽ اخلاقي رس رهاڻيون سدائين ياد اينديون رهنديون. ڪڏهن ڪتابن ۾، ڪڏهن ڪچهرين ۾، ته ڪڏهن وري تاريخ جي ورقن ۾. سندن تصنيفات، جيڪي هماليه پهاڙ وانگر بلند و بالا ۽ کير ٿر وانگر ويڪر ۾ وڌيڪ وڏيون آهن، اهي آئيني وانگر، اسان جي رهنمائي ۽ رهبري ڪنديون رهنديون.

اسين علم و ادب جي پيڪر، عظمت ۽ استقامت جي علمبردار، حضرت مخدوم محمد زمان “طالب الموليٰ” رحه جن جي وڇوڙي کي ياد ڪري، پنهنجي پنهنجي روح ۾، بي اختياري ۽ بي وسي محسوس ڪندا رهنداسين. شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو هو: “موت هڪ موڙ آهي، جتان راهي نظر مان گم ٿي ويندو آهي. موت هڪ موڙ آهي، رستي جي پُڄاڻي نه آهي. رستو جو اَکُٽ آهي، اڳتي آهي ۽ اڳتي کان اڳتي آهي. تون جو موڙ کان مُڙي ويو آهين، مان تنهنجن پيرن جو پڙلاءُ ٻُڌان ٿو. پير جي وڃي رهيا آهن، اڳتي وڃي رهيا آهن ۽ اڳتي کان اڳتي وڃي رهيا آهن. ڪوئي راهي گُم نه ٿو ٿئي، رستو ڪٿي به نه ٿو کُٽي، رستو به سچ آهي، راهي به سچ آهي”

ڊيلي سوڀ جي ٿورن سان. جمعو ۱۱ جنوري ۲۰۱۹ ع.


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

عبدالڪريم ميمڻ

عظيم شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن ۽ سنڌ ڌرتي جي اها خصوصيت آهي ته سنڌ قديم زماني کان تهذيب ثقافت، علم ۽ ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي. سنڌ ۾ جڏهن به ادب ۽ فڪر ايندو آهي ته سڀ کان اول اسان جي چپن تان ڀٽائي گهوٽ جو نالو چري ايندو آهي پر لطيف کان اڳ به هي ڌرتي هالا بزرگن ۽ شاعرن جو مسڪن رهي آهي. اهڙن بزرگن مان مخدوم نوح سرور به هڪ آهي. پاڻ برصغير ۾ روحانيت ۽ تصوف کي ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مخدوم نوح ننڍي کنڊ جو اهڙو پهريون عالم هو جنهن قرآن مجيد جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ انهي عظمي هستي جي خاندان سان تعلق رکندڙ ۱۷ هون سجاده نشين هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جو جنم ۹ محرم ۱۳۳۸هجري بمطابق ۴ آڪٽربر ۱۹۱۹ع آچر ڏينهن هالا ۾ ٿيو. سندن والد بزرگوار جو اسم گرامي مخدوم غلام محمد هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي تعليم ۽ تربيت سندن بزرگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي تعليم ۽ تربيت سندس بزرگوار مخدوم غلام محمد ۽ چاچو مخدوم غلام حيدر جي خدمت ۾ ٿي. قرآن شريف جي تعليم انهي وقت عالم ۽ درگاهه شريف جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي سنڌي جي تعليم استاد حاجي عبدالغفور وڪيلائي ۽ استاد عبدالرحمان هالائي کان ورتائون. فارسي عبدالحئي ٺيڙهي واري پڙهائي ۽ انگريزي ۾ سندن استاد غلام رضا ڀٽو هو.

شخصيت ۽ خدمتون:

مخدوم طالب الموليٰ گهڻ رخي شخصيت ۽ اعليٰ درجي جو ڏاهو انسان هو. سندس شهرت جا ڪيئي حوالا آهن. سندن روحاني حيثيت کان سواءِ سنڌ جي ادبي ۽ثقافتي حلقن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جو هڪ بلند مقام شاعر، نثر، نويس، اديب، محقق ۽ راڳ جو ڄاڻو جي حيثيت سان معتبر مقام حاصل هو. سندس شاعري ۽ ادب جي مشرقي رنگن سان گڏ نج سنڌي رنگ به رچيل آهن، پاڻ نه صرف اعليٰ درجي جا تخليقار هئا پر ان سان ادبي تنطيم ۽ سلسلن جا سرپرست هئا. مخدوم صاحب علم ۽ ادب جو وڏو پارکو، فهم، فيض، فڪر جو سرچشمو هو، سنڌي شاعري جي رنگ برنگي، فڪرن، خيالن، تشبيهن ۽ عام فهم واري انداز کي مخدوم صاحب جن پنهنجي اصلوب سان سنواري جڏهن اظهار ڪيو ته سندن شاعري جي دلڪشي جو سحر ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ تي اثر ڇڏڻ لڳو، سندن اظهار ۾ تُزبياني، محبوبي، جلوت جي خمال، ماهه لقا جي ڪاڪلن، زلفن جي پيچ و خمن، حسن جي سپني، حُسنا ڪين جا دل آويز عڪس پرين جي وفائن ۽ بي وفائن جو انداز بنان سندن همعصرن کان نهايت منفرد ۽ اعليٰ هو. سندن شعري سونهن جو هڪ مثال:

جو چاڪ نه ٿيو، سو گريبان ڪهڙو،

ليڙون نه ٿي سگهيو ته پوءِ دامن ڪهڙو.

جنهن ۾ نه ٿيو عشق جو جنون خيز بپا

سچ پڇ ته سو انسان به انسان ڪهڙو.

مخدوم صاحب جي ان فڪر اسلوب مروج گهاڙيٽن جي جي پهريل لباس ۾ سنڌي بيت، ڪافي ۽ غزل کي هن ڌرتي سان سلهاڙيل نج ڪلاسيڪي شاعري کي هڪ نئون جنم ڏنو ۽ سندن شعري جي زينت جو ڪيف و سرور منجهس سمايل نغمگي ۽ موسيقيت واري ڀرپور جڙاوت مخدوم صاحب جن جي اڳ ۾ ئي پاتل مان مرتبي کي سنڌ جي سماجي، سياسي، روحاني ۽ ادبي حلقن ۾ وڌائي ويتر وڏو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مٿئين سڀني حلقن ۾ مخدوم صاحب جن نه صرف هڪ پيراڻي گادي ڪري عزتون ۽ محبتون ماڻيون پر سندن اعليٰ قدرن واري شاعري کيس ماڻهن جي دلين ۾ ورسائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو مخدوم صاحب جن جو روحاني سلسلو ته پنهنجن پوئلڳن سان ئي رهيو پر سندن شاعري واري مان مرتبي کين ساري سنڌ سان سلهاڙي رکيو ۽ اڃا به اڻ ٽٽندڙ شاعري وارن خمارن ۾ هي ساري سنڌ سرشار رهندي پئي اچي. مخدوميت ماڻيندي به خادمي واري اظهار عام ماڻهو جي راءِ ۾ کين وڏو عزت ماب بنايو جيئن سندن مشهور شعر آهي:

اگر خدمت ڪرڻ جي نه آهي طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

مخدوم صاحب نه صرف ادبي سنڌي سماج کي متعارف ڪيو ته هن ڌرتي جي موسيقي مزاج رکندڙ جي به نهايت سٺي طرح پرداخت ڪئي. نغمگي ۽ موسيقيت سان ڀرپور شاعري مخدوم صاحب جن کي پنهنجي تعيمر ۾ نهايت منفرد ۽ اعلي مقام تي آڻي بيهاريو، خاص طرح ته جڏهن استاد فيروز گل جي موسيقي سان سجايل رونا ليليٰ جي پُر ترنم:

آواز ۾ جڏهن

اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان

هوائن جي آڌار سماعتن تائين پڳو ته جهر جهنگ ۾ سندس شاعري جي پهچ ٿيندي رهي.

مخدوم طالب الموليٰ جي سياست ۾ ۱۹۵۰ع کان حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندن رهنمائي سندن چاچي مخدوم غلام حيدر ڪئي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبري تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. پاڻ ان بعد پاڪستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ نه بيٺا مارشلا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ پاڻ مرڪزي اسيمبلي جي ميمبر طور چونڊجي آيا. بقول سائين جي ايم سيد صاحب جي:

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي طبيعت جو اصل لاڙو ادب، ثقافت طرف ڌيڪ رهيو پر مڪاني ضرورتن ۽ وقت تي مصلحتن جي بنا پاڻ مجبورن سياست ۾ حصو وٺندا رهيا. مخدوم صاحب پهريائين مسلم ليگ ۾ هئا پر ۱۹۶۷ع کان شهيد ذوالفقار علي جي قائم ڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي جا باني ميمبر ۽ سينيئر وائيس چيئرمين رهيا. پاڻ ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا. سنڌ هن سڄاڻ سخنور ۽ گهڻ رخي جامع صفات قلندرانه شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ علم و ادب جي مشعل روشن رکندي انتقال ٿيو. ۹ لکي گودڙي رکندڙ سرواڻ جون خدمتون، محنتون، ڏاهپ ۽ ڏات منجهيل دلين لاءِ روشني جو مثال آهي. سنڌي ادب جي بي بها ماڻڪ ۽ سنڌي راڳ ۽ سڀيتا جا  مان واري مهندار جون خدمتون ۽ ڪاوشون ان وسندڙ آهن.

دل فراحي پاڻ کان ساري حياتي ڪانه ٿي.

دل فروشي ٿا ڪيون جت ڳالهه ٿا اهڙي ڏسون

 


 

مخدوم طالب الموليٰ

قابل احترام شخصيت

محمد ايوب ڪورائي

سنڌ جي سٻاجهڙي سرزمين ڪيترن ئي قابل احترام شخصيتن کي جنم ڏنو اهي. جن ۾ ڪيترا الله پاڪ جا درويش، غوث، قطبي، مست قلندر مجروهه شامل آهن. انهن ۾ سنڌ جي هڪ برگزيده شخصيت ۽ درويش صفت انسان حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ رحمة به شامل آهن، جيڪي سهروردي طريقت جا صاحب هئا. سندن ۱۷ هين پيڙهي ۾ مرشد و هادي حضرت مخدوم محمد زمان سائين طالب الموليٰ سندن مسند تي ويٺو. طالب الموليٰ جن جي شخصيت اعليٰ خوبين جي مالڪ هئي. هر انسان ۾ ڪا نه ڪا هڪ خوبي هوندي آهي. ڪنهن سياست ۾ نالو ڪڍرايو آهي، ڪو قادر الڪلام شاعر آهي، ڪو ادب ۾ ۽ شاعري ۾ مشهور آهي. پر سائين طالب الموليٰ هر خوبي جو ملڪ هو. پاڻ هڪ روحاني پيشوا به هو ته سنڌ جو قادر الڪلام  شاعر به هو، ته ادب م سندن اعليٰ مقام رهيو آهي. سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ وارو به هو. سندن هر هڪ خوبي تي لکجي ته وڏو داستان ٿي پوندو. پر اخبارن ۾ ڇپجڻ لاءِ سندن زندگيءَ جو مختصر خاڪو پيش ڪري رهيو آهيان. سائين طالب الموليٰ هڪ روحاني پيشوا جي حيثيت ۾ سروري مسند جا مالڪ ٿيا. مجلس جا آداب، ڳالهائڻ جا آداب، کاڌي خوراڪ جا آداب، سڀ مون سندن وٽان سکيو. مون کين هڪ مڪمل درويش ۽ روحاني پيشوا ڏٺو.

ادب ۽ سنڌي شاعري ۽ ثقافت کي سائين طالب موليٰ ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي تائين جيڪو سهارو ڏنو. اهڙو ڪنهن به اڄ تائين نه ڏنو آهي. سنڌ جي جهر جهنگ ۾ شاعرن جون محفلون ٿينديون هيون جنهن ۾ سنڌ جي هر سوچ رکندڙ شاعر پنهنجي شاعري پڙهندا هئا. اهو سنڌي ٻولي ادب، شاعري لاءِ ڏکيو دؤر هو. صوفيانه راڳ جون محفلون مچائيندا هئا، جنهن م سنڌ جا ڪلاسيڪل راڳي، شريڪ ٿيندا هئا. مجرن وارين محفلن جي جاءِ تي مخدوم سائين وٽ ادب، شاعري، علم، راڳ ويراڳ جون محفلون سجنديون هيون. مخدوم طالب الموليٰ جن جي ننڍ پڻ کان، الله وارن درويشن، فقيرن سان صحبت رهي. محمد فقير کٽياڻ، مهدي سائين، بابا عبدالستار جهوڪ وارو ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا درويش هئا جيڪي قبله سائين جا هم خيال هئا. پاڻ قبله حضرت غلام محمد  جن جا اڪيلا فرزند هئا ۽ غلام محمد سائين ننڍپڻ کان سندن صحبت صوفي درويشن سان ڪئي. پاڻ ڪلاسيڪل راڳ  جا وڏا ڄاڻو  ۽ پارکو هئا. سندن جو سنڌ جي اصلي راڳي خاندان سان وڏو لڳاءٌ رهيو آهي. اڄ به گواليه خاندان ۾ هنن لاءِ الڳ جاءِ مخصوص ٿيل آهي.

استاد منظور علي خان ۽ مخدوم طالب الموليٰ گڏ راڳ جي سکيا ورتي هئي. سندن استاد استاد سيڌو خان هيو، جيڪو محمد فقير کٽياڻ جو طالب به هيو. پاڻ هٿ جا تمام گهڻا سخي هئا. سنڌ ۾ غريب جي ٻار کي تعليم ڏيارڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. حضرت مخدوم غلام حيدر جن جيڪا علم جي لاٽ هالا شريف ۾ ٻاري تنهن سان مخدوم طالب الموليٰ خوب نڀايو ۽ ۱۹۵۶ع کان وٺي مخدوم غلام محمد پرائمري اسڪول، مخدوم غلام حيدر هئا ۽ اسڪول ۽ سروري اسلاميه ڪاليج پنهنجيحد ۾ ٿي هلايائون جنهن ۾ ڪيترن  غريب ٻارن سستي تعليم پرائي، روزگار سان لڳا. طالب الموليٰ هاسٽل ۾ ۴۰۰ شاگرد رهندا هئا جن جي مهيني جي فيس هڪ ڇوڪري جي هڪ رپيه هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سروري جماعت ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي. پاڻ مال  جا وڏا وڏا وٿاڻ رکندا هئا، سندن وٿاڻن تان جيڪو کير ايندو هو اهو سڄي هالا شهر ۾ ورهايو ويندو هو، ٽي حصا هالا شهر جا ماڻهو سندن ننگر کائيندا هئا. پاڻ غريبن، يتيمن، اديبن، شاعرن ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻن جي مالي سهائتا به ڪندو هو. پاڻ ڏيڻ وارو پير هو وٺڻ وارو پير نه.

سياست ۾ ٿورو وقت حصو ورتائين. پاڻ ڪنهن به عهدي جي لالچ ڪا نه ڪيائين. جنهن سان رهيو، ثابت قدم رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان سندن پيار ٿيو ۽ ڏک سک ۾ ساڻس ۽ سندن خاندان سان گڏ رهيو ۽ اڄ سندن باڪردار نه وڪامجڻ وارو سڄو خاندان ڀٽو خاندان جي اولاد سان گڏ آهي. طالب الموليٰ اها انسان دوست شخصيت هئي جيڪا سنڌي ماڻهن لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هئي، سنڌي ادب جو رهبر هو جيڪو هڪ اعليٰ پائي جي شخصيت به هو جنهن سنڌي عريب ٻارن کي مفت تعليم جي زوير سان سرشار ڪيو، جنهن جي شاعري اڄ تائين ڳائي وڃي ٿي. اليڪٽرانڪ ۽ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي خاص ڪري سنڌي چئنلن ۽ اخبارن کي منهنجي معيار آهي جيڪي اهڙي شخصيت کي وساري ويٺا آهن ۽ سندن ورسي تي بلڪل خاموش هوندا آهن. اها سنڌي ماڻهن سان وڏي زيادتي آهي.

عشق عشق سڀ ڪو ڪري،

پر عشق ته ڪن ٿا ڪي،

هتي اڏي ۽ ڪات جي بازي ٿي سجهي

العشق نارالله ۾ ڪو سڙيو ساکم ٿئي،

پر طالب الموليٰ سي، يجيڪ ڪڏهن ڪرڪيا ڪين ڪي.


هوُ چَمن ۾ اچي...گُل جُهڪيو ٿا پوَن!

سومر ۱۱ جنوري ۲۰۱۶ع

هالا جي ڌرتيءَ تي پير رکبو آهي ته پري کان ئي مخدوم نوح سرور سائينءَ جو مقبرو اکين آڏو ايئن عيان ٿيندو آهي... جهڙو سنڌ جي ثقافت جو سورج سامهون ئي سامهون جلوه نُما! تڏهن هوائن ۽ ساهن ۾، جنهن محترم هستيءَ جي خوشبو، روح کي واسي ڇڏيندي آهي ته اُها صرف ۽ صرف مخدوم سائين طالب المولى صاحب جي خوشبو. شڪر رب جو... هن حَسيِن هستيءَ جي روبرو زيارت مون کي نصيب ٿي ۽ اُها به هڪ ڀيرو نه، ٻه ڀيرا. پهريون ڀيرو ۹ مارچ ۱۹۸۹ع تي جڏهن پاڻ ”ڪل سنڌ اردو سنڌي مشاعري“ لاءِ اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب جي آفيس ۾ اچي ويٺا ته مشاعري جي پروڊيوسر واري حيثيت ۾ کانئن مون فارمل ڪانٽريڪٽ تي دستخط ورتي (جنهن فائونٽين پين سان اها صحيح ورتي، اُها پين مون وٽ اڄ به محفوظ آهي) محفل جي مور ۽ صدر-مشاعره طور انهيءَ ڏينهن پاڻ جيڪو غزل پڙهيائون، انهيءَ جي هن شعر تي ته بي پناهه داد مليو هو کين.

سمورو وقت سهڻو گذرندو اي طالب المولى،

جڏهن هر ڪنهن سان هلبو يار ننڍڙو ٿي وڏائيءَ ۾.

ساڻن ٻي ۽ جيڪا باقاعده ملاقات اٺاس (وڏي بنگلي ۾) ٿي، ان جو سن ۱۹۹۲ع هو، پاڻ پنهنجي پلنگ تي پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ آئون ۽ منهنجو سئوٽ محمد حبيب مرزا سندن پلنگ جي پيرانديءَ کان ٻن ڪرسين تي ويهاريا وياسين، اجهو ساڻن انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ ڄاتم ته مخدوم صاحب جن، مثالي ۽ ڪرشماتي شخصيت جا مالڪ آهن، ڳالهائڻ وقت سندن ميٺاج ڀري گفتگو ۽ گفتار ۾ ايڏي ته چاشني، پنهنجائپ ۽ ڪشش هئي، جو دل چاهيو ته ريشمي ڪپڙي يا بخمل جو ٿانءُ بڻجي، سندن قدمن ۾ هوند وڇائجي وڃجي. خير مخدوم صاحب جيستائين حيات الدنيا رهيا، پنهنجي اهڙي محبوب گفتار، شخصيت ۽ دلفريب شاعريءَ سميت هند-سنڌ جي آسمان تي ڇانيل ئي رهيا، خاص ڪري ويهين صديءَ ۾ نيوڪلاسيڪل ”ڪافي“ شاعريءَ جا ته جهڙوڪر پاڻ ئي پاڻ سرواڻ هئا ۽ سدائين رهندا به. ”ڇپر ۾ ڇڙيون...“ ”بي پير اکيون“ ۽ ”آب حيات“ سندن اهڙا شعري مجموعا آهن، جن ۾ سندن ڪيئي شاهڪار ڪافيون، پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. سندن اهڙيون سڀ ڪافيون، سچ پُڇو ته تاج محل جي ديوارن تي اڪريل، گل ٻوٽن وانگر ئي بي حد دلنشين ۽ دلفريب آهن. بي شڪ پاڻ غزل ۽ رباعي جا به وڏا ۽ اهم شاعر هئا، پر شاعريءَ ۾ سندن خاص پسند جي صنف هئي ”ڪافي“! انهيءَ صنف سان ته سندن ايڏو والهانه لڳاءُ...۽ عشق هو، جو باريڪ بينيءَ سان تحقيق ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو ان صنف تي ريسرچ جا دروازا کولي ڇڏيائون، علاوه ازين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ بزمِ طالب المولى پاران ساري سنڌ ۾ ڪافيءَ جا  شاندار مشاعره منعقد ڪرايائون، گڏوگڏ ڪافي گائيڪيءَ جون جا بجا روح پرور موسيقيءَ جون محفلون سڏرايائون ۽ همعصر سنڌي ڪافي گو شاعرن کي سڏي پنهنجي ڀر ۾ گڏ ويهاري سندن همٿ افزائي ڪيائون. ڪافي صنف ۾ خواجه فريد کي پنهنجو پسنديده شاعر سڏيندا هئا ۽ اسان جي دوست محمد قاسم ماڪا کي پنهنجي مترنم آواز ۾...بلاهه شاهه جي هڪڙي ڪافي، سارنگيءَ جي آنس سان رڪارڊ به ڪرايائون، ”اڄ زيور پئه ٺهندي ني“، جيڪا هاڻي سندن ڏينهن وار تي، ريڊيو حيدرآباد تان اسين تبرڪن نشر به ڪندا رهندا آهيون.

چوندا آهن ”ڪافي گو“ شاعرن ۾ هي ٻه گڻ ته لازمي هجڻ  گهرجن يعني هڪڙو ته شاعر جي مزاج ۾ موسيقي ڀريل هجي ۽ دل ۾ وري عاشقي! ان لحاظ کان ڏسبو ته موسيقي ته مخدوم صاحب جي روح ۾ رچيل وسيل هوندي ئي هئي، باقي عاشقي!؟ ۽ ان بابت غلام رباني آگري صاحب کانئن ڪنهن وقت دريافت ڪيو، ته پاڻ مُرڪي وراڻيو هئائون: ”ڪهڙو انسان آهي، جنهن عشق نه ڪيو هوندو؟ سو اسان به پنهنجو پهريون ۽ آخري بي وصال عشق ڪيو هو.“ هاڻي هتي سوال آهي ته سندن اُهو محبوب ڪهڙو هوندو...ته اجهو ان جي هڪڙي ننڍڙي جهلڪ خود سندن ئي هن شعر ۾ ڏسو...

ڏٺم جو هن کي ته ماهتاب وسري ويو،

نه ماهتاب، مگر آفتاب وسري ويو.

سندن اوائلي ڪافيءَ جو هي مکڙو به محبوب جي حُسن بابت، ڇا ته لاجواب؟

سهڻل جا سينگار وه واه، دل کي وڻن ٿا،

دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا.

”ڪافي“ شاعريءَ ۾ نغمگي، رس رچاءُ ۽ موسيقيءَ جي ڪهاڻي، مخدوم صاحب جي ڪافيءَ تي ته ختم ئي سمجهو. پاڻ ڇاڪاڻ ته”ڪافي“ جهونگاري لکڻ جا قائل هئا، ان ڪري سازن جي سنگم ۽ آواز جي اُتار چڙهاءَ سان ڳائڻ وارو، اهڙي طرح لکيل ڪافيءَ ۾، جهٽ جادو اثر پيدا ڪري ڏيکاريندو هو. ان ڏس ۾ حسين بخش خادم جي آواز ۾ سندن هيءَ ڪافي ته، شاهڪار آهي.

تو دلڙي يار ڌتاري...

پوءِ يَر...ڪا نه ڪيئه پوئيواري!

ايئن سندن شاعريءَ ۾ هڪڙو حيرت انگيز گڻ هي به ته، سندن شاعراڻيون اڪثر تُڪون ۽ سٽون ڄڻ جهڙا سنڌي ٻوليءَ ۾ محاورن جا نت نوان اضافا. مثال طور، وڃ ته قاصد سهي، پوءِ يار اچي يا نه اچي، ”تنهنجا گوهر کان وڌ ٿيا گفتا...“، اڱڻ ٻهاريا تنهنجون واٽون نهارايان...تنهنجون وات گلاب، گهڻو آهن گهٽ...تو کان...سڀ گل ڦل...دل کي وڻن ٿا...ڏاڍا ٺهن ٿا، يا جيڪي به ساقيءَ وٽ ويا  اِهي مئه نوش ٿي نڪتا! بهر صورت، هتي حاصل مطلب هي ته مخدوم سائين جن، خاص طرح سان ويهين صديءَ ۾ جديد ڪافي صنف جا بادشاهه ئي نه...”سورج شاعر“ به هئا، ان ڪري سندن دور جي ڪنهن به ٻئي ڪافي گو شاعر سان کين برميچي ئي نه ٿو سگهجي، سو ان ڏس ۾ امداد حسينيءَ صاحب جي هن شعر سان منهنجو آواز به هم آواز سمجهو:

قبله مخدوم طالب المولى!

بس رڳو ايترو ئي عرض آهي

باک جي ساک سان چوان ٿو مان،

تو پرينءَ کي ڏٺو، اسان تو کي،

مان مڃان ٿو، اِهو مڃان ٿو مان.


 

مخدوم طالب الموليٰ

سنڌي شعر ۽ ادب جو يگانو ڪردار

ڊاڪٽر مخمور بخاري

سنڌي ادب ۾ به خطن شايع ڪرائڻ جو گهٽ رجحان رهيو آهي. خط ذاتي زندگي سان گهرو تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري ان ۾ نجي ڳالهيون، ڪيفيتون اظهاريل هونديون آهن، ان لاءِ اهي خط نجي هوندي به پنهنجي دور جي تاريخ جي ماخذ جي حيثيت رکندا آهن. ويجهي ماضي ۾ سنڌي ادب ۾ خطن جا ڪي نهايت اهم مجموعا به شايع ٿيل آهن، جن جي علمي، سياسي، سماجي ۽ ادبي سطح تي هڪ خاص اهميت آهي. انهن ۾ سائين جي ايم سيد جا؛ رهاڻ، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جو (ٻه ڀاڱا)، آيو تڙ تماچي، ڪجهه خط، خط ۽ مضمون، سڏ پڙاڏو، ابراهيم جويي جا، خط ٻن اديبن جا، نج نبار اٿاهه، جويو جي (انگريزي)، شيخ اياز جو جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، راشد مورائي جو خط خوشين مان کول، تاجل بيوس جو آريجن کان الهاس نگر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا؛ پيارن جا پيغام، سڄڻ ساريندي، سانگين سنڀارون ۽ ڪجهه ٻين خطن جا مجموعا شايع ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ سنڌ جي نامور تاريخدان، محقق ۽ دانشور سيد حسام الدين شاهه راشدي جا لاهور جي هڪ ٻئي اديب محمد باقر ڏانهن لکيل خط ڊاڪٽر خضر نوشاهي ترتيب ڏئي اردو ۾ ڇپرايا. خطن جا هي سمورا مجموعا عالمي سطح تي به اهميت رکن ٿا.

تازو سنڌ جي نامور شاعر، دانشور، ٻولي جي پارکو، موسيقي شناس ۽ درگاهه حضرت مخدوم نوح رحه جي سجاده نشين مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جا سنڌ جي هڪ ٻئي اديب ۽ شاعر پروفيسر محبوب سروري ڏانهن لکيل خط، خود محبوب سروري ترتيب ڏئي ”مخدوم طالب المولى جا خط بنام محبوب سروري“ جي سري هيٺ شايع ڪيا آهن. هي خط لڳ ڀڳ ٻائيتاليهه سالن جي وچ واري عرصي دوران مخدوم صاحب لکيا آهن. يقينن هن سموري عرصي اندر مخدوم صاحب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ موجود اديبن، شاعرن، سياستدانن کي به خط لکيا هوندا پر اهي سمورا خط اڃا تائين ڪنهن ڪتابي صورت ۾ اسان تائين نه پهتا آهن. محبوب صاحب ان ذخيري کي وڏي شوق سان سانڍيو ۽ نهايت عقيدت ۽ محبت سان ان کي اڌ صدي کان پوءِ شايع ڪرايو. خطن جي هن ذخيري کي اسڪين (Scan) ڪرائي اصل صورت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان مخدوم صاحب جي هٿ اکرين خط اصل صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهتا آهن.

پروفيسر محبوب سروري سالن جا سال مخدوم طالب المولى جي ساٿ ۾ وڏي عقيدت ۽ اعتماد سان رهيو، سندن وچ ۾ بي تڪلفا نه تعلقات موجود رهيا. ٻنهي صاحبن جو هڪ وقت شاعر، نثر نويس ۽ تنظيم ڪار هجڻ واري حيثيت ٻنهي جي ذهني يڪسوئي جو سبب بڻي. هن خطن مان ان ڳالهه جي چٽائي بخوبي ٿئي ٿي. هي خط گهڻي ڀاڱي ذاتي واسطن کي ظاهر ڪن ٿا، پر باوجود ان جي ان ۾ ادبي ڪمن ڪارين ۽ شاعراڻي ڏي وٺ موجود آهي. ۴ مارچ ۱۹۵۶ع تي لکيل خط ۾ مخدوم صاحب پنهنجو غزل محبوب سروري ڏانهن لکيو آهي ۽ هيٺان لکيو آهي: ”دل چيو ته مٿيون في البديهه غزل توڏي لکان“. ان خط ۾ لکيل ان غزل جا ڪجهه بند هن طرح لکيل آهن:

محبوب! زندگاني وڙهندي به ويندي گذري،

کلندي به ويندي گذري، روئندي به ويندي گذري.

دلدار وصل کي وٺ جلوه نمائي ڪرڪا،

لڪندي به ويندي گذري، ڇپندي به ويندي گذري.

’طالب‘ جو هي آ نقطو دل تي رکڻ جي لائق،

ملندي به ويندي گذري، ڇندي به ويندي گذري.

مخدوم طالب المولى جو خط بنام محبوب سروري ص-۲۴۵)

۹ فيبروري ۱۹۵۹ع تي لکيل مخدوم صاحب جو خط، سندس اندر جي دنيا جي اڪيلائي ۽ دٻيل خواهشن جي ترجماني ڪري ٿو ته هو هڪ پير، گادي نشين جي حيثيت ۾ پنهنجي خانداني روايتن جنهن موجب هو اڪثر ٻين ماڻهن کان ممتاز رهي ٿو، اها روايت هڪ حساس شاعر کي ڪنهن به ريت پسند ناهي، پر پوءِ به ڪن سببن جي ڪري هو ان تي ڪاربند ضروري آهي. هن خط مان مخدوم صاحب جي اندر ۾ ويٺل هڪ حساس ۽ معصوم انسان جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. سڀ ڪجهه هوندي، هر وقت چوڌاري ماڻهن جي هوندي به

مخدوم صاحب پاڻ ان هجوم ۾ اڪيلو اڪيلو محسوس ڪري ٿو. اها هن جي معصوم خواهش آهي ته سندس پٽ کيس ‘بابا’ سڏي ۽ ڀاءُ کيس ‘ادا’ سڏي! پر ائين ٿئي نه ٿو. هو ماڻهن سان، هڪ جيڏن سان رلي ملي کلڻ چاهي ٿو، ڳالهائڻ چاهي ٿو، اها سڌ فطري آهي. مخدوم صاحب پنهنجي ان خط ۾ لکي ٿو:

“معلوم هجي ته آءُ انسان آهيان، انساني فطرت موجب مون ۾ سڀ ڳالهيون موجود آهن، گناهه، ثواب، عيب ۽ صواب کي ڇڏي صرف هڪ پهلوء تي لکان ٿو. ان پهلؤ جو عنوان آهي ‘خواهشون’. انسان ۾ هزارين لکين، ڪروڙين، بلڪ ڳڻڻ کان به زياده خواهشون هونديون آهن، تن مان صرف هڪ خواهش جو يعني پنهنجي خواهشن جو ذڪر ڪريان ٿو. آئون جنهن مقام تي آهيان، اتي دنيائي رسومات موجب اڪيلو آهيان، نه پٽ بابا چئي سگهي ٿو، نه ڀاءُ ‘ادا’ سڏي سگهي ٿو، نه ڪو گڏ کائي پئي ٿو ۽ نه ڪو هڪ جهڙو ٿي اٿي وهي ٿو، جماعت، مريدين، متعلقين ۽ گرد نواح جي جملي ماڻهن مان ڪو به شخص اهڙو ڪونه آهي جو همدوش ٿي هلي”.

مون ۾ نه پيري آهي نه مخدومي،

مخدومي ۽ پيري کي ترڪ ڪيو تهدل،

هي عشق و محبت ۾ ٻئي بار نظر آيا.

(ساڳيو ڪتاب ص ۶۲)

مخدوم طالب المولى جو هي خط سندس محبوب سروري جن سان دوستانه تعلقات کي به ظاهر ڪري ٿو. مخدوم صاحب طبيعتن مخدومي، پيري کي ماڻهن جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل منصب سمجهندا هئا.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولى،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

سنڌي ٻولي جي ٻهڳڻي ليکڪ مرحوم طارق اشرف کي انٽرويو ڏيندي مخدوم صاحب چيو هو ته ”هو ماڻهن کان پري ناهي روزانه عام ماڻهن سان ملان ٿو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌان ٿو ۽ حل ڪرائيان ٿو“. هن ڳالهه کان ته سندس حريف به اختلاف نه ڪري سگهندو ته جيترو مَانُ ماڻهن جو مخدوم طالب المولى وٽ هو اوترو شايد ڪنهن ٻئي وٽ هجي. پاڻ باقاعده هر روز ماڻهن سان ملندا هئا ۽ هر ممڪن ڪوشش هوندي هئن ته وڌ کان وڌ عام ماڻهن جي ويجهو رهجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هنن چڱي ريت محسوس ڪئي ٿي ته جيترو ماڻهن جي قريب رهندا اوتروئي هو سندس ڏکن، دردن کي سمجهي سگهندا. اها ڳالهه بحيثيت اعلى مرتبي واري گادي نشين، اديب ۽ شاعر جي سندن منصب ۾ شامل هئي.

مخدوم صاحب شاعر، اديب هجن سان گڏوگڏ ٻولي جو پارکو ۽ لطيفيات ڏانهن ذميواراڻو رويو رکندڙ هو. لطيف سائين جي ڪلام جي اوک ڊوک هر شخص پنهنجي پنهنجي علمي سطح موجب ڪئي آهي پر افسوس اهو آهي ته اسان مان ڪنهن به پاڻ کي ڀٽائي جي قابل نه بڻايو، الٽو ڀٽائي کي پنهنجي قابل بڻائيندي سندس خيالن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جو زرو لڳايو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪا ڪويلي وهي اُڀ ڪَڇي!!

مخدوم صاحب ۴ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي لکيل پنهنجي خط ۾ شاهه سائين جي ڪلام سان ٿيندڙ اهلِ علم پاران هاڃن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لکيو آهي:

“شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح کي ٻه سؤ سال وفات ڪئي کان وڌيڪ گذري ويا آهن. ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن ماڻهن شاهه جي رسالي شريف جو پنهنجي مرضي ۽ سمجهه سارو آپريشن ڪيو آهي ۽ اڃان آپريشن ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي”.

مخدوم طالب المولى ۱۹۹۱ع ۾ ڀٽائي صاحب جي ڪلام بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ اڄ اسين ٽيويهه سال کان پوءِ به اهڙن ئي مونجهارن ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون. هن صفحن ۾ آئون پنهنجي مختصر علمي ڄاڻ کان انتهائي وڏي ڳالهه لکي رهيو آهيان ته ڀٽائي، سچل، بيڪس، حمل، شاهه عنات، خليفي نبي بخش نظاماڻي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام گهڻو تڻو اهڙن دانشورن ترتيب ڏنو آهي، جيڪي عروض، ڇند ۽ موسيقي/ گائيڪي کان پري رهيا آهن. هو ڪنهن حد تائين انهن علمن کان واقف ضرور رهيا آهن پر انهن علمن جا مستند عالم نٿا ڳڻي سگهجن. تنهن ڪري رسالن جي ترتيب کان ويندي شاعر جي اصلوڪي ڪلام تائين ڪيترا ئي اختلاف پيدا ٿيندا رهيا آهن. انهن شاعرن جو ڪلام انهن ٽن بنياد موسيقي، ڇند ۽ عروض تي بيٺل آهي تنهن ڪري ان ڪلام جي ترتيب وقت انهن علمن جي فنن تي مڪمل عبور حاصل هجڻ جي صورت ۾ اسان پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي جي فني ۽ فڪري ڇنڊ ڇاڻ درست معنى ۾ ئي ڪري سگهنداسين. هي هڪ اهم نقطو آهي ان بابت اسان سمورن کي ويچارڻ گهرجي.

مخدوم طالب المولى بنيادي طرح شاعر هو ۽ اها ڳالهه اڳ ۾ لکي آيو آهيان ۽ هت وري دهرائجي ٿي ته شاعر ٿيڻ ۽ شاعر هجڻ ۾ فرق آهي. ۽ جيڪو شخص شاعر آهي ان جو منصب هر حوالي سان اعلى آهي. هو قومن جي تقدير مٽائڻ وارو هڪ اهڙو فرد آهي جيڪو ٻاٽ اونداهه ۾ به روشني جو ڪرڻو هوندو آهي. هو پاڻ سڙي به پاڻ مان روشني پئدا ڪندو آهي. اهڙو فرد پنهنجي ٻولي، ڌرتي واسين ڏانهن هر وقت ذميوار رهندو آهي. اهو ان جو پهريون فرض آهي. مخدوم صاحب شاعر هو ۽ هن پنهنجو اهو فرض بخوبي ڄاتو ٿي، ان ڪري ان حيثيت ۾ هن جو پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتي واسين ڏانهن رويو ذميواراڻو رهيو. جهڙي ريت ڪلاسيڪي صنفن سان مخدوم صاحب نباهه ڪندي بيت ۽ ڪافي ۾ فني ۽ فڪري رنگيني ڀريندي ان کي ڪلاسيڪل روايتن سان گنڍيل هجڻ باوجود جديد رنگ ۾ رنڱي آيو آهي، اهو ڪمال يقينن هنن ٻنهي صنفن جو حوالي سان قابل تعريف آهي.

سڄڻ سارو ڏينهن رئندي رئندي گذريو،

اکن منجهان مينهن وسندي وسندي رات ٿي.

علمي ادبي ۽ شاعراڻي سطح تي ڪيتريون خوبيون ۽ خوبصورتيون رکندڙ مخدوم طالب المولى بيت ۽ ڪافي کان سواءِ غزل، رباعي، چؤسٽي، مثنوي، سي حرفي ۽ قطعي جو به شاعر هو. هن انهن صنفن ۾ به خوب نباهيو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي سموري شاعري ۾ سچ ۽ سونهن جو اظهار ڪيو آهي ۽ هي ٻئي موضوع ئي لازوال موضوع آهن ۽ سندن خطن مان به اهڙو ئي ساءُ اچي ٿو، هو يقينن پنهنجي دور جو فن، فڪر جي حوالي سان ڇاپ ڇڏيندڙ شاعر هو ،جنهن جا اثرات وقت جي گذرڻ سان جهڪا نه ٿيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي سموري شاعري ۽ نثر سميت اڄ به سنڌي ادب ۾ هڪ اهم جاءِ والاري بيٺل آهي.

(۴ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع، ۹۶هين سالگرهه جي مناسبت سان)


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

”بزم طالب الموليٰ“ جا پونئير مشهور معروف عوامي شخصيت، قومي ادبي، تعليمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي خدمتن جا سرواڻ جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نوح سروري سلسلي جا سجاده نشين سندن جنم ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي هالا نوان ۾ ٿيو، سندن والد جو نالو غلام محمد صديق هو. سندن چند ڪتاب سنڌي نثر ۾ آهن، جيڪي خاص اهميت جا حامل آهن. ڪل شخصيات تقريبن ٻاويهه لک آهن، جن ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جو انگ وڌيڪ آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي سماجي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ ”تمغه پاڪستان“، ”لطيف ايوارڊ“ ۽ ”هلال امتياز“ اهم آهن. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ٿيا ۽ ٽي دفعا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا. سندن خاندان سياسي طور سنڌ ۾ سرگرم عمل آهي. طالب الموليٰ صاحب سنڌ جي علمي ترقيءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون عمل ۾ آنديون. هالا ۾ پريس قائم ڪيائون، جنهن مان ڪيترو ئي اشاعتي ڪم عمل ۾ آيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا پهرين ميمبر پوءِ چيئرمين چونڊيا ويا، انهيءَ حيثيت سان خاص سنڌي ادب جي خدمت ڪيائون، ڪيترائي مشاعره منعقد ڪرائڻ شاعرن ۽ اديبن جي مدد ڪرڻ سندن ادبي خدمتن ۾ اهميت رکي ٿو. کين سنڌي شاعري ۽ راڳ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي، پنهنجو تخلص ”طالب“ اختيار ڪيائون.

طالب الموليٰ جي تصنيفات ۾ ”مصريءَ جون تڙون“، ”ڪافي“ قسماع العاشقين في سرور الطالبين، ”يادِ رفبگان“، ”مثنوي عقل و عشق“، ”خود شناسي“، ”بهارِ طالب“، ”امام غزاليءَ جا خط“، ”سنڌ جو شڪار“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ آئون ڪانگا ڪر ڳالهه“، ”اسلامي تصوف“، ”مضامين طالب الموليٰ“، ”ڪوڙ ۽ سچ“، ”تفڪرات“، ”عجيب لغت سنڌي“، ”سنڌ جو سانوڻ“، ”بي پير اکيون“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. طالب الموليٰ جي گهڻي شاعري نيڪيءَ ڏي راغب ڪندڙ آهي. بيت جي صنف ۾ ٻن سٽن کان ۱۶ سٽن تائين جا ڊگها بيت به چيا اٿن، جن جا موضوع رب ڏي راغب ڪندڙ آهن، جتي الاهي حجت ۾ سرشار شاعريءَ ۾ قرآني آيتون پڻ شامل آهن. فرمائين ٿا ته:

ٿو چمان پنهنجا پير، جو وٺي تو وٽ آيا،

’طالب مولا‘ تي ڪيئون، ڀلائيءَ جا ڀير،

اوير ۽ سويرَ، قدمن تان قربان ٿيان.

شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جي صنف کي هُن گهڻو اڳيان آندو، بلڪه ويهين صديءَ جو وڏو ڪافي گو شاعر شمار ٿئي ٿو. سنڌ جي شاعريءَ جي هن نج صنف کي هن ٻيهر جياريو. مخدوم صاحب جون لکيل ڪافيون پنهنجي ٻولي، گهاڙ کيٽي ۽ عام فهم هئڻ سبب تمام گهڻيون مقبول ٿيون.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:

مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ خوبصورت بيتن ۽ سوز جو اڻ کٽ خزانو آهي. سندس ڪلام محبت ۽ مجاز جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي. غزل ۾ محبت جي مام کي پنهنجي مخصوص انداز ۽ نرم لب و لهجي ۾ لڪائين ٿا، اهڙيءَ طرح سندن رباعين ۽ ٻين صنفن ۾ به فڪري گهرائي ملي ٿي.

سندن لکيل رباعين مان سهڻي مئگزين ۾ ۱۹۷۴ع ۾ ڇپيل هڪ رباعي جو نمونو هن ريت آهي.

گرگن کي زماني ۾ نگهبان ٿا چون،

چورن کي ڏسي واسئي مهمان ٿا چون،

ڪم جن جو شب و روز ٿيو آدم خوري،

هن دور ۾ سڀ تن کي ئي ٿا چون.

هن دور جي ڏيکاءُ ۽ مطلب واري سياست کان هيءُ دور انديش سياستدان شاعر هن ريت پَلي ٿو.

اڄ ڪنهن ۾ نه ڪا ئي فراست آهي،

ذهنن ۾ نزاڪت نه نفاست آهي،

هن دور جي بيڪار سياست آهي،

طاقت جي مقدر ۾ حراست آهي.

مخدوم صاحب اهلِ علم، اهلِ ادب، موسيقيءَ جو پارکو ۽ اعليٰ درجي جو شاعر هو. هن لوڪ ادب کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو، ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائين، نثر جي ميدان ۾ سندن تحريرون وڏي ڄاڻ مهيا ڪن ٿيون. موسيقيءَ ۽ راڳ کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ ”راڳ ڪانفرنس“ ۽ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ منعقد ڪرايائين.

خادم حسين چانڊيو سندن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي خدمتن جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”ادبي دنيا ۾ مخدوم صاحب علم ۽ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا. هو عوامي شاعر هو، پنهنجي وسيع ذات ۾ هڪ ادارو هو. سندن سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾ سرانجام ڏنل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. لاکيڻي لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي محفلون هجن يا ون يونٽ تحريڪ هجي، سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ لاءِ هلايل مهم هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ هجي، مخدوم صاحب جن هڙان توڙي وڙان هر سطح تي هر هنڌ ڀرپور شرڪت ڪئي آهي“.

هو پاڻ هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي.

مخدوم صاحب جي محفلن مان ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن فيض حاصل ڪيو. سندس ادب پروري ۽ ادب نوازي جو ڪو مثال نٿو ملي. کين سنڌي ادب جو قادر الڪلام شاعر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿن.

ميان مير موجب ته:

مخدوم صاحب جا غزل منفرد ته ڪافيون ۽ بيت جدت آميز آهن. سندس شاعريءَ ۾ جمال جلوو پوري آب تاب سان نظر اچي ٿو، سندس شاعريءَ جي خاص خوبي هيءَ آهي ته ان ۾ داخليت جو عنصر وڌيڪ آهي.“

مخدوم صاحب جو لکيل نثر روان علمي ۽ ادبي آهي، جن ۾ ”دُر ناياب عرف ياد رفتگان“ ڪتاب جي خاص اهميت آهي، ان کانسواءِ ”لغات سنڌي“ پڻ تمام ڪمائتو ڪتاب آهي. لسانيات ۽ گرامر جي لحاظ کان سندن نثر توڙي نظم ۾ انيڪ خوبيون آهن ۽ سندن ڪتاب سنڌي ادب جو اهم اثاثو آهن.

۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي سندن وفات دل جي تڪليف سبب ٿي، کين هالن ۾ پنهنجي مرشد مخدوم نوح فقير جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. جناب طالب الموليٰ هڪ پرعزم، وضعدار، مهربان ۽ سٻاجهي شخصيت جا مالڪ هئا، اهو ئي سبب آهي ته سندن ڪلام سندن خيالن ۽ سوچن جي ترجماني آهي.

رڳو ڪعبي جي اڳيان، جي سکڻا سِرَ جهُڪن،

۽ هلي احرام اُجرا، ٻيڻا کڻي ٻڌجن،

نيت ٺيڪ نه آهي جي ۽ نمازون پڙهجن،

چمجي چانئٺ رسول جي، روزا پڻ رکجن،

ته به مولا محبوب ٻيئي، دائم دليون ڏسن،

قلب جڏهن ٿو قلب ٿئي، ته دهرا داز ملن،

”طالب مولا“ طلب سان، محبت رکجي من،

حَجَّ هزار ڪجن، ته به درجا آهن دلين تي.


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

سوانح حيات ۽ خدمتون

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

اڄ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه کي اسان کان جدا ٿئي ۲۲ سال ٿي چڪا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه ۹ محرم ۱۳۳۸هه مطابق ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۱۹ع تي تولد ٿيا. سندن اذان جو نالو نالو ”محمد زمان“ رکيو ويو. پاڻ ٻيو نمبر فرزند هئا. سندن وڏي ڀاءُ جو نالو به ”محمد زمان“ هو جو کانئن ٽي سال اڳ تولد ٿيو ۽ ساڳئي ڏينهن الله کي پيارو ٿي ويو. پاڻ جڏهن هن سالن جي عمر جا هئا ته الله تعاليٰ کيس هڪ ڀاءُ عطا ڪيو جنهن جو نالو ”امين محمد“ رکيو ويو پر ننڍو ”امين محمد“ به جڏهن هو چئن سالن جو هو ته گذاري ويو، تنهن ڪري پاڻ پنهنجي خاندان ۾ هڪڙو ئي ٻار هئا، جيڪي سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻيا.

حافظ ولي محمد صاحب مجاور درگاهه حضرت غوث الحق سرور نوح عليه رحمت مخدوم صاحب جن جا پهريان استاد مقرر ڪيا ويا. پاڻ وٽانئن قرآن شريف پڙهيائون. پاڻ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي وٽ پڙهيا ۽ ان بعد آخوند عبدالرحمان انجم به کين سنڌي پڙهائي، فارسي ۾ سندن استاد مولوي عبدالحي ٺيڙهي وارو ۽ مولوي محمد عالم رهيو. سنڌي خان ”ميد“ جي زير نگراني خوش خطي ۾ ڪمال حاصل ڪيائون. انهيءَ کان علاوه پاڻ پنهنجي والد محترم مخدوم غلام محمد رح جي زير تربيت رهي تعليم و تربيت حاصل ڪيائون.

درگاهه سروري، سڌ جي برگزيده هستين جي آماجگاهه رهي آهي. هن درگاهه جا سجاده نشين صاحب روحانيت سان گڏوگڏ علم و ادب سان به وابسته رهيا آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد سان گڏوگڏ جيڪو ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، سو سندس قرآن شريف جو فارسي ترجمو آهي. اهو ترجمو دراصل هڪ علمي شاهڪار آهي.

مخدوم طالب الموليٰ رح جي هڪ ٻئي بزرگ مخدوم فتح محمد صاحب جو لکيل رسالو ”فتحي“ ڏاڍو مشهور ٿيو. اهڙي طرح سندن والد محترم به شادي جو شغف رکندا هئا ۽ سندن چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب جن به ناميارا اديب ۽ مصنف هئا. سندن لکيل ڪتاب ”سفينته النوح“ ڪافي شهرت حاصل ڪئي. انهيءَ ڪري مخدوم طالب الموليٰ عليه رحمت جنهن علمي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪئي، ان سندن شخصيت تي گهرو اثر ڪيو ۽ پاڻ علم ۽ ادب ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيا ۽ اڳتي هلي علمي ماحول ۾ اهڙو ته رنگجي ويا جو اهو ماحول سندن زندگي جو حصو بڻجي ويو.

مخدوم صاحب جن جي زندگي شروعات کان ئي جستجو واري زندگي رهي آهي. ننڍپڻ کان ئي سندن رجحان شاعري ڏانهن هو ۽ کين راڳ سان دلچسپي هئي. پاڻ اڃا يارنهن سالن جا مس هئا ته کين سروري درگاهه جي مشهور شيدائي منٺار فقير راڄڙ سان رهاڻ ڪرڻ جو موقعو مليو. منٺار فقير روز صبح جو کين هڪ نئون ”ڏهر“ ٺاهي ٻڌائيندو هو. اتان مخدوم صاحب جن جو لاڙو شاعري ڏانهن ٿيو ۽ پوءِ اهو شوق وڌندو ويو. مخدوم صاحب جن مختلف تخلص استعمال ڪندا رهيا آهن مثلن ”بيوس“، ”فراقي“، ”زمان شاهه“، ”طالب“ ۽ آخر ۾ ۱۹۴۹ع کان پاڻ ”طالب الموليٰ“ جو تخلص استعمال ڪيائون ۽ ان بعد آخر وقت تائين پاڻ اهو تخلص استعمال ڪندا رهيا.

مخدوم صاحب جن پنهنجي والد بزرگوار مخدوم ظهير الدين پريل ڄام جي ۱۹۲۷ع ۾ وفات بعد سجاده نشين ٿيا. ان وقت مخدوم طالب الموليٰ جي عمر اڃا اٺ سال هئي. مخدوم طالب الموليٰ جي والد حضرت غلام محمد رح جي وفات ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع ۾ ٿي. ان بعد مخدوم طالب الموليٰ رح درگاهه سروري جا سجاده نشين ٿيا. پاڻ اعليٰ اخلاق جو هڪ نمونو هئا. ننڍي وڏي، پنهنجي پرائي سان ڏاڍي خوش اخلاقي سان ملندا هئا. ايستائين جو پنهنجن مخالفن کان به ڪڏهن انتقام نه ورتائين ۽ نه وري پنهنجن مخالفن کي ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهايائين. اهو ئي سبب هو پنهنجو پرايو مخدوم صاحب جن جي حسن اخلاق جي واکاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور هو.

۱۹۳۶ع ۾ جڏهن مخدوم صاحب جن جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون.

”طالب الموليٰ“ کي شروع کان وٺي علم و ادب جي فروغ جو شوق هو. جنهن ڪري هالا ۾ ”الزمان“ نالي هڪ پريس کولرايائين، جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ سندن سرپرستي هيٺ ڪڍيون ويون. ان بعد ۱۹۵۰ع  هالا مان هڪ رسالو ”فردوس“ سندن سرپرستي ۾ جاري ٿيو. سنڌي شاعرن جي جماعت ”جميعت الشعريٰ“ جيڪا ۱۹۴۶ع ۾ قائم ٿي هئي، انهيءَ طرفان ۱۹۵۰ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي موقعي تي مخدوم صاحب جن کي ”محبوب الشعريٰ“ جو لقب ڏنو ويو ۽ ٻه سال پوءِ ۱۹۵۲ع  ”جميعت الشعريٰ“ جي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ کين سرپرست چونڊيو ويو. ۱۹۵۲ع ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ سندن سرپرستي هٺ سيستان شهر مان هڪ ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ ڪڍيو. ۱۹۵۴ع ۾ پاڻ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائون ۽ هڪ سال پوءِ انهيءَ اداري جي زير اهتام هالا ۾ راڳ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪيو ويو. وري ۱۹۵۶ع ۾ مخدوم صاحب جن جي سرپرستي هيٺ حيدرآباد مان ماهوار ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو. هن کان ۱۹۵۵ع ۾ پاڻ ”بزم طالب الموليٰ“ جو پايو وڌائون. هن بزم تحت ڪيتريون ئي ادبي محفلون ڪوٺايون ويون. مخدوم صاحب علم و ادب جي جيڪا عظيم خدمت سرانجام ڏني سا تعريف جوڳي آهي.

مخدوم صاحب جن ادبي خدمت سان گڏوگڏ تحرير ۽ تصنيف به ڪندا رهيا. پاڻ مختلف موضوعن تي ۱۷-۱۸ ڪتاب لکيا اٿن، جن هيٺيان شايع ٿي چڪا آهن. ۱ امام غزالي جا خط (ترجمو)، ۲. اسلامي تصوف (تاليف)، ۳. خود شناسي (ترجمو) ۴. شيطان، ۵. بهار (۱۹۴۲۶. رباعيات طالب (۱۹۴۹۷. ياد رفتگان (۱۹۵۳۸. مثنوي عقل و عشق (۱۹۵۵)، ڪچڪول (۱۹۵۵)، غير مطبوعه تصنيفات: ۱. ڪافي بابت تحيق، ۲. بياض طالب الموليٰ، ۳. سنڌ جو شڪار، ۴. يار خاطر، ۵. مصري جون تڙون، ۶. مضامين طالب الموليٰ، ۷. سماع العاشقين في سرور الطالبين ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب.

مخدوم طالب الموليٰ رح کي ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو. پاڻ حيدرآباد ريڊيو  اسٽيشن جي مشاورتي ڪاميٽي جا ميمبر به رهيا. ۱۹۵۵ع کان کين شاهه لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ انهن ڪاميٽين تي تاحيات ميمبر رهيا. جنرل ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ ۱۹۶۱ع ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. وري ۱۹۸۹ع ۾ ٻيهر پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين نامزد ٿيا پر بعد ۾ ۱۹۹۲ع ۾ انهيءَ جي ذميداري تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائون. مخدوم صاحب جن علم سياست ۾ ون يونٽ ٿيڻ کان اڳ قدم رکيو ۽ پاڻ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر به رهيا.

مخدوم صاحب جن جون خوبيون اڻ ڳڻيون آهن پاڻ ”پدرم سلطان بود“ ۾ يقين رکڻ جي بجاءِ ذاتي محنت ۽ عمل جا قائل هئا. سندن خدمتن جي اعتراف ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب جن جا جيڪي دوست ۽ احباب آهن، اهي بخوبي ڄاڻن ٿا ته پاڻ هڪ ادارو هئا ۽ سندن خدمتون وسارڻ جوڳيون ڪونهن. مون کي سندن قربت جو گهڻو موقعو نه مليو، فقط ملاقاتن جو شرف حاصل ٿيو پر آئون سندن پرستار ضرور آهيان.

عمل سان ئي ملي هر دم اي همدرد عزت ۽ عظمت

نه هن تي ڀروسو ڪج ته فلان ابن فلان آهيان. (طالب الموليٰ رحه)


 

مخدوم طالب الموليٰ

سڄڻن جا ساريو سانگ

غلام سرور خاصخيلي

هر ماڻهو پنهنجي الڳ تاريخ ۽ سڃاڻپ رکندو آهي. ڪي ماڻهو رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ جيئندا آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ٻين لاءِ جيئندا آهن، تن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي آهي ۽ جيڪي پنهنجو پاڻ لاءِ جيئندا آهن، سي ماڻهو ڪڏهن به تاريخ جو حصو ناهن بڻبا.

سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به انهن انسانن مان هڪ آهي، جن سدائين ٻين لاءِ جاکوڙيو هو. سائين جن جو نالو ڪنهن به تعريف جو محتاج نه آهي، جڏهن به تاريخ جي ورقن کي اٿلائبو ته سائين جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ وڏي مان ۽ شان سان لکيل نظر ايندو.

هي سنڌ ڌرتي جو اهو صدورو پٽ هو، جنهن هميشه پنهنجي ڌرتي ماءُ ۽ ماروئڙن جي خدمت ڪئي. انهيءَ سان گڏوگڏ هي سياسي، سماجي، ادبي خدمت ۽ سخاوت جو اهو مٿانهون نالو آهي، جيڪو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي.

سائين مخدوم طالب الموليٰ جن جي طبيعت ۾ هميشه اها سادگي سٻاجهائپ ۽ فقرائي رنگ نظر آيو. سندن مزاج تي ڪنهن به منصب جو قبضو ڪڏهن به نظر نه آيو، بلڪه پاڻ هميشه عاجزي جي واٽ تي هلي اعليٰ انسان ٿيڻ جا راز ٻڌايا.

قبلا مخدوم طالب الموليٰ هميشه هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙائي هوندا هئا، سندن سڀاءُ و سادگي، عاجزي، سوچ، محبت، عقل ۽ فڪر ۾ ڪو به فرق نه ايندو بقول سائين ته:

”زماني جي هوا بدلي، شفيق و مهربان بدليا،

نه بدليو طالب الموليٰ، زمين و آسمان بدليا.“

البته قبلا سائين کي جيڪڏهن ڪنهن کي بدليل محسوس ڪيو هوندو ته اهو ان جو پنهنجو وهم ۽ گمان ۽ سوچ هوندي، ڇو ته پاڻ اها مستقبل مزاج هستي هئا، جو شايد وقت جي رفتار بدلجي سگهي پئي پر سائين جن عاجزاڻو انداز بدلي نه ٿي سگهيو، ڇو ته اهو سڀ کين مليل پرورش جو نتيجو هو، باقي پاڻ هميشه هڪ جهڙي نظر ايندڙ ناياب هستي هئا بقول سندن ته:

جو اول اهو ئي اڄ به آهي طالب المولي.ٰ

ڏسڻ وارئو فقط آهن اوهان جا ئي گمان بدليا.“

پاڻ طالب الموليٰ هجڻ سان گڏوگڏ هر فن مولا پڻ هئا. موسيقيءَ ۾ سُر يا ساز هجن، سياست جي فهم و فراست هجي، پيراڻي گادي جي پختگي هجي، فقيري جو فڪر يا مخدومي جو منصب هجي، مذهب، ٻولي علم عروض جي مهارت هجي يا شاعري جو شعور پاڻ هرجاءِ تي پاڻ ملهائيندڙ ماڻهو جي حيثيت رکندا هئا، اها هالا جي خوش نصيبي هئي. جو اهڙي هستي اتي جنم ورتو، جنهن پوري سنڌ ۾ سڃاڻپ ٺاهي ۽ جيڪڏهن اڄ هالا کي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو ته دستڪاري سان گڏ ان جو اهم سبب قبلا سائين جن جي شانائتي شخصيت پڻ آهي.

طالب الموليٰ سنڌ ۽ سنڌين جا سچا عاشق هئا، جن پنهنجي حياتي ۾ ڪيترائي تبر پنهنجي طرف ايندي ڏٺا پر ڪڏهن انهيءَ سنڌ واري عشق تان پانهون نه ڪيائون، اصل سينو سپر ڪري بيٺا جو سڄڻن جيڪو ڏنو سو سهيو ۽ ان تي حريف نه ڪڍيو، جي سنڌ سان عشق ڪرڻو آهي ته سنڌين جا ماڻا ته سهڻا پوندا، ماڻائي محبوب جي عشق جو اصل شيوو آهن، ان کان پير پوئتي پائڻ نامناسب آهي طالب الموليٰ جن به ان رمز کي پنهنجي ڪيو ۽ زندگي جي ڊگهي عرصي تائين ان انداز تي پابند رهيا.

سائين طالب الموليٰ جن پنهنجي مصروف پيراڻي زندگي گذارڻ باوجود سنڌي علم و ادب سان لنئون لاتي پر علمي طور وڏا ڪارناما پڻ ڪري ڏيکاريا، جن ۾ هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪري پاسبان ۽ الزمان اخبارون جاري ڪيائون. ان کانسواءِ انجمن علم و ادب هالا جي سرپرستي ڪندي ۱ نومبر  ۱۹۵۲ع تي سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت الحڪمت هالا ۾ هڪ عظيم و شان ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرايائون. ۱۹۵۰ع ۾ فردوس پبليڪيشن طرفان نڪرندڙ رسالي ”ماهوار فردوس“ جي به هر لحاظ کان رهنمائي ڪندا رهندا هئا.

۱۹۵۲ع ۾ سندن ئي نگراني ۾ مسٽر جمع خان غريب ”طالب الموليٰ“ جي نالي سان ماهواري سنڌي رسالو سيتا شهر مان جاري ڪيو. ۱۹۵۴ع ۾ ”انجمن علم و ادب“ جي نالي سان سنڌي رسالو شايع ڪيو ويو. ۱۹۵۶ع ۾ سندن ئي سرپرستي هيٺ حيدرآباد مان ”جمعيت شعراءَ سنڌ“ جن جا صدر چونڊيا ويا. ان کانسواءِ سندن علمي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر ۱۹۵۵ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جوڙي ويئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٻه ڀيرا چيئرمين به رهي چڪا هئا. مخدوم صاحب جن مٿي ڄاڻايل ادبي سرگرمين جي باوجود تمام گهڻي ادبي پورهيو ڪيو آهي سندن ترجمو، ترتيب ۽ طبع زاد ڪتابن جو تعداد ۲۲ کن آهي. طالب الموليٰ پنهنجي ڦوهه جواني کان ئي فقيري رنگ کي نهايت ڳوڙهائي ۽ گهرائي سان ڏٺو. پاڻ الفيون به پاتائون ته ڪڙا ڪنٺا به راڳ ۽ساز سان سندن سٻنڌ تڏهن ٿيو، جڏهن سندن پهرين شادي جي موقعي تي گواليار جي گوني گويو، خوش نويس ۽ ستار جو ماهر وڄائڻو استاد سيڌي خان هالن ۾ حاضري ڀرڻ آيو هو، شاعر به هو ۽ ”صيد“ تخلص ڪندو هو، مخدوم صاحب جو ساڻس پريت جو ڪو اهڙو پيچ پئجي ويو جو سالن جا سال، هالن ۾ رهي مخدوم صاحبن جو روح رازي ڪيائين ۽ پوءِ جڏهن اتان ويو ته محمد فقير کٽياڻ جي محبت ۾ ٽنڊي ڄام لڳ ڳوٺ سليمان کٽياڻ کي وڃي پنهنجو ماڳ بڻايائين۽ پوءِ اتي ئي سدائين لاءِ آرامي ٿيو. استاد سيڌي خان کي به محمد فقير کٽياڻ ئي هالا وٺي ويو. مخدوم صاحب جي من ۾ ڪافين ڪلام جي رمز شروع کان ئي سمايل هئي. ان ڪري سندس دل ۾ محمد فقير سان پيار واري راهه موجود هئي، هيڏانهن ڪافيون، هوڏانهن سر سواد اهي ٻئي ڳالهيون طالب الموليٰ جي دل ۾ گهري ويون، سُتي ۾ پيل شاعري واري رمز لاءِ ته کيس ڪنهن دڳ ڏسڻ جي ڳالهه ڪين هئي، پر راڳ واري رنگ کي سمهڻ لاءِ سيڌي خان پريت جو پيچ پئجي ويو ۽ پاڻ پنهنجي سر ڳوٺ سليمان کٽياڻ ۾ ايندا ويندا رهيا ۽ راڳ جون رمزون سکندا ويا، صوفي محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه سان سندن سدائين محبت واري نسبت رهي جو ان کي پاڻ ئي چيائون ”منصوري مئخانو“ ۽ انهيءَ  منصور مئخاني سان سدائين دل جو پيچ رهيو جو اتي پهريون ڀيرو پنهنجي سربراهي ۾ محمد فقير کٽياڻ جي فن ۽ فڪر تي، هڪ عاليشان ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر اسد الله حسيني، شبير هاتف، محمد اسماعيل شيخ، سرشار عقيلي ۽ ٻيا ڪيترائي ادب ۽ شاعر گڏ ٿيا.

مخدوم طالب الموليٰ جيستائين حيات هئا، صوفي محمد فقير کٽياڻ جي ساليانه عرس تي ۷ صفر تي ضرور ڳوٺ سليمان کٽياڻ ايندا هئا. سندن خاص خليفي ۽ ان وقت جي درگاهه جا سجاده نشين رئيس دوست علي خان کٽياڻ وٽ رسندا هئا. سندس خدمت چاڪري لاءِ ٻه خاص ماڻهو مقرر ٿيل هئا، جن ۾ مون مسڪين جو والد مرحوم غلام حسين خاصخيلي ۽ موجوده درگاهه صوفي فقير کٽيان جو سجاده نشين رئيس احمد خان کٽياڻ جن هئا.

مخدوم طالب الموليٰ هڪ ادارو هو. اهڙا ماڻهو وري جنم نه وٺندا آهن جيڪي گهڻ پاساوان هجن، جيڪي ڇپر ۽ ڇانو هجن.


 

مخدوم طالب المولى

هڪ تاريخ ساز شخصيت

ڊاڪٽر مخمور بخاري

سنڌي ادب ۾ به خطن شايع ڪرائڻ جو گهٽ رجحان رهيو آهي. خط ذاتي زندگي سان گهرو تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري ان ۾ نجي ڳالهيون، ڪيفيتون اظهاريل هونديون آهن، ان لاءِ اهي خط نجي هوندي به پنهنجي دور جي تاريخ جي ماخذ جي حيثيت رکندا آهن. ويجهي ماضي ۾ سنڌي ادب ۾ خطن جا ڪي نهايت اهم مجموعا به شايع ٿيل آهن، جن جي علمي، سياسي، سماجي ۽ ادبي سطح تي هڪ خاص اهميت آهي. انهن ۾ ساءِ جي ايم سيد جا رهاڻ، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ساهڙجا سينگار، واڄٽ ويراڳين جو(ٻه ڀاڱا)، آيو تڙ تماچي، ڪجهه خط، خط ۽ مضمون، سڏ پڙاڏو، ابراهيم جويي جا، خط ٻن اديبن جا، نج نبار اٿاهه،جويو جي )انگريزي(، شيخ اياز جو جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، راشد مورائي جو خط خوشين مان کول، تاجل بيوس جو آريجن کان الهاس نگر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا پيارن جا پيغام، سڄڻ ساريندي، سانگين سنڀارون ۽ ڪجهه ٻين خطن جا مجموعا شايع ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ سنڌ جي نامور تاريخدان، محقق ۽ دانشور سيد حسام الدين شاهه راشدي جا لاهور جي هڪ ٻئي اديب محمد باقر ڏانهن لکيل خط ڊاڪٽر خضر نوشاهي ترتيب ڏئي اردو ۾ ڇپرايا. خطن جا هي سمورا مجموعا عالمي سطح تي به اهميت رکن ٿا.

تازو سنڌ جي نامور شاعر، دانشور، ٻولي جي پارکو، موسيقي شناس ۽ درگاهه حضرت مخدوم نوح رحه جي سجاده نشين مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جا سنڌ جي هڪ ٻئي اديب ۽ شاعر پروفيسر محبوب سروري ڏانهن لکيل خط، خود محبوب سروري ترتيب ڏئي ”مخدوم طالب المولى جا خط بنام محبوب سروري“ جي سري هيٺ شايع ڪيا آهن. هي خط لڳ ڀڳ ٻائيتاليهه سالن جي وچ واري عرصي دوران مخدوم صاحب لکيا آهن. يقينن هن سموري عرصي اندر مخدوم صاحب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ موجود اديبن، شاعرن، سياستدانن کي به خط لکيا هوندا پر اهي سمورا خط اڃا تائين ڪنهن ڪتابي صورت ۾ اسان تائين نه پهتا آهن. محبوب صاحب ان ذخيري کي وڏي شوق سان سانڍيو ۽ نهايت عقيدت ۽ محبت سان ان کي اڌ صدي کان پوءِ شايع ڪرايو. خطن جي هن ذخيري کي اسڪين (Scan) ڪرائي ۰۶اصل صورت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان مخدوم صاحب جي هٿ اکرين خط اصل صورت ۾ پڙهندڙن تائين پهتا آهن.

پروفيسر محبوب سروري سالن جا سال مخدوم طالب المولى جي ساٿ ۾ وڏي عقيدت ۽ اعتماد سان رهيو، سندن وچ ۾ بي تڪلفا نه تعلقات موجود رهيا. ٻنهي صاحبن جو هڪ وقت شاعر، نثر نويس ۽ تنظيم ڪار هجڻ واري حيثيت ٻنهي جي ذهني يڪسوئي جو سبب بڻي. هن خطن مان ان ڳالهه جي چٽائي بخوبي ٿئي ٿي. هي خط گهڻي ڀاڱي ذاتي واسطن کي ظاهر ڪن ٿا، پر باوجود ان جي ان ۾ ادبي ڪمن ڪارين ۽ شاعراڻي ڏي وٺ موجود آهي. ۴ مارچ ۱۹۵۶ع تي لکيل خط ۾ مخدوم صاحب پنهنجو غزل محبوب سروري ڏانهن لکيو آهي ۽ هيٺان لکيو آهي: ”دل چيو ته مٿيون في البديهه غزل توڏي لکان“. ان خط ۾ لکيل ان غزل جا ڪجهه بند هن طرح لکيل آهن:

محبوب! زندگاني وڙهندي به ويندي گذري،

کلندي به ويندي گذري، روئندي به ويندي گذري.

 

دلدار وصل کي وٺ جلوه نمائي ڪرڪا،

لڪندي به ويندي گذري، ڇپندي به ويندي گذري.

’طالب‘ جو هي آ نقطو دل تي رکڻ جي لائق،

ملندي به ويندي گذري، ڇندي به ويندي گذري.

(مخدوم طالب المولى جو خط بنام محبوب سروري ص-۲۴۵)

۹ فيبروري ۱۹۵۹ع تي لکيل مخدوم صاحب جو خط سندس اندر جي دنيا جي اڪيلائي ۽ دٻيل خواهشن جي ترجماني ڪري ٿو ته هو هڪ پير، گادي نشين جي حيثيت ۾ پنهنجي خانداني روايتن جنهن موجب هو اڪثر ٻين ماڻهن کان ممتاز رهي ٿو، اها روايت هڪ حساس شاعر کي ڪنهن به ريت پسند ناهي، پر پوءِ به ڪن سببن جي ڪري هو ان تي ڪاربند ضروري آهي. هن خط مان مخدوم صاحب جي اندر ۾ ويٺل هڪ حساس ۽ معصوم انسان جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. سڀ ڪجهه هوندي، هر وقت چوڌاري ماڻهن جي هوندي به مخدوم صاحب پاڻ ان هجوم ۾ اڪيلو اڪيلو محسوس ڪري ٿو. اها هن جي معصوم خواهش آهي ته سندس پٽ کيس ‘بابا’ سڏي ۽ ڀاءُ کيس ‘ادا’ سڏي! پر ائين ٿئي نه ٿو. هو ماڻهن سان، هڪ جيڏن سان رلي ملي کلڻ چاهي ٿو، ڳالهائڻ چاهي ٿو، اها سڌ فطري آهي. مخدوم صاحب پنهنجي ان خط ۾ لکي ٿو:

“معلوم هجي ته آءُ انسان آهيان، انساني فطرت موجب مون ۾ سڀ ڳالهيون موجود آهن، گناهه، ثواب، عيب ۽ صواب کي ڇڏي صرف هڪ پهلوء تي لکان ٿو. ان پهلؤ جو عنوان آهي ‘خواهشون’. انسان ۾ هزارين لکين، ڪروڙين، بلڪ ڳڻڻ کان به زياده خواهشون هونديون آهن، تن مان صرف هڪ خواهش جو يعني پنهنجي خواهشن جو ذڪر ڪريان ٿو. آئون جنهن مقام تي آهيان، اتي دنيائي رسومات موجب اڪيلو آهيان، نه پٽ بابا چئي سگهي ٿو، نه ڀاءُ ‘ادا’ سڏي سگهي ٿو، نه ڪو گڏ کائي پئي ٿو ۽ نه ڪو هڪ جهڙو ٿي اٿي وهي ٿو، جماعت، مريدين، متعلقين ۽ گرد نواح جي جملي ماڻهن مان ڪو به شخص اهڙو ڪونه آهي جو همدوش ٿي هلي”.

مون ۾ نه پيري آهي نه مخدومي،

مخدومي ۽ پيري کي ترڪ ڪيو تهدل،

هي عشق و محبت ۾ ٻئي بار نظر آيا.

(ساڳيو ڪتاب ص ۶۲)

مخدوم طالب المولى جو هي خط سندس محبوب سروري جن سان دوستانه تعلقات کي به ظاهر ڪري ٿو. مخدوم صاحب طبيعتن مخدومي، پيري کي ماڻهن جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل منصب سمجهندا هئا.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولى،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

سنڌي ٻولي جي ٻهڳڻي ليکڪ مرحوم طارق اشرف کي انٽرويو ڏيندي مخدوم صاحب چيو هو ته ”هو ماڻهن کان پري ناهي روزانه عام ماڻهن سان ملان ٿو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌان ٿو ۽ حل ڪرائيان ٿو“. هن ڳالهه کان ته سندس حريف به اختلاف نه ڪري سگهندو ته جيترو مَانُ ماڻهن جو مخدوم طالب المولى وٽ هو اوترو شايد ڪنهن ٻئي وٽ هجي. پاڻ باقاعده هر روز ماڻهن سان ملندا هئا ۽ هر ممڪن ڪوشش هوندي هئن ته وڌ کان وڌ عام ماڻهن جي ويجهو رهجي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هنن چڱي ريت محسوس ڪئي ٿي ته جيترو ماڻهن جي قريب رهندا اوتروئي هو سندس ڏکن، دردن کي سمجهي سگهندا. اها ڳالهه بحيثيت اعلى مرتبي واري گادي نشين، اديب ۽ شاعر جي سندن منصب ۾ شامل هئي.

مخدوم صاحب شاعر، اديب هجن سان گڏوگڏ ٻولي جو پارکو ۽ لطيفيات ڏانهن ذميواراڻو رويو رکندڙ  هو. لطيف سائين جي ڪلام جي اوک ڊوک هر شخص پنهنجي پنهنجي علمي سطح موجب ڪئي آهي پر افسوس اهو آهي ته اسان مان ڪنهن به پاڻ کي ڀٽائي جي قابل نه بڻايو، الٽو ڀٽائي کي پنهنجي قابل بڻائيندي سندس خيالن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جو زرو لڳايو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪا ڪويلي وهي اُڀ ڪَڇي!!

مخدوم صاحب ۴ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي لکيل پنهنجي خط ۾ شاهه سائين جي ڪلام سان ٿيندڙ اهلِ علم پاران هاڃن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لکيو آهي:

“شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح کي ٻه سؤ سال وفات ڪئي کان وڌيڪ گذري ويا آهن. ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترن ماڻهن شاهه جي رسالي شريف جو پنهنجي مرضي ۽ سمجهه سارو آپريشن ڪيو آهي ۽ اڃان آپريشن ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي”.

مخدوم طالب المولى ۱۹۹۱ع ۾ ڀٽائي صاحب جي ڪلام بابت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ اڄ اسين ٽيويهه سال کان پوءِ به اهڙن ئي مونجهارن ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون. هن صفحن ۾ آئون پنهنجي مختصر علمي ڄاڻ کان انتهائي وڏي ڳالهه لکي رهيو آهيان ته ڀٽائي، سچل، بيڪس، حمل، شاهه عنات، خليفي نبي بخش نظاماڻي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام گهڻو تڻو اهڙن دانشورن ترتيب ڏنو آهي، جيڪي عروض، ڇند ۽ موسيقي/ گائيڪي کان پري رهيا آهن. هو ڪنهن حد تائين انهن علمن کان واقف ضرور رهيا آهن پر انهن علمن جا مستند عالم نٿا ڳڻي سگهجن. تنهن ڪري رسالن جي ترتيب کان ويندي شاعر جي اصلوڪي ڪلام تائين ڪيترائي اختلاف پيدا ٿيندا رهيا آهن. انهن شاعرن جو ڪلام انهن ٽن بنياد موسيقي، ڇند ۽ عروض تي بيٺل آهي تنهن ڪري ان ڪلام جي ترتيب وقت انهن علمن جي فنن تي مڪمل عبور حاصل هجڻ جي صورت ۾ اسان پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي جي فني ۽ فڪري ڇنڊ ڇاڻ درست معنى ۾ ئي ڪري سگهنداسين. هي هڪ اهم نقطو آهي ان بابت اسان سمورن کي ويچارڻ گهرجي.

مخدوم طالب المولى بنيادي طرح شاعر هو ۽ اها ڳالهه اڳ ۾ لکي آيو آهيان ۽ هت وري دهرائجي ٿي ته شاعر ٿيڻ ۽ شاعر هجڻ ۾ فرق آهي. ۽ جيڪو شخص شاعر آهي ان جو منصب هر حوالي سان اعلى آهي. هو قومن جي تقدير مٽائڻ وارو هڪ اهڙو فرد آهي جيڪو ٻاٽ اونداهه ۾ به روشني جو ڪرڻو هوندو آهي. هو پاڻ سڙي به پاڻ مان روشني پئدا ڪندو آهي. اهڙو فرد پنهنجي ٻولي، ڌرتي واسين ڏانهن هر وقت ذميوار رهندو آهي. اهو ان جو پهريون فرض آهي. مخدوم صاحب شاعر هو ۽ هن پنهنجو اهو فرض بخوبي ڄاتو ٿي، ان ڪري ان حيثيت ۾ هن جو پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتي واسين ڏانهن رويو ذميواراڻو رهيو. جهڙي ريت ڪلاسيڪي صنفن سان مخدوم صاحب نباهه ڪندي بيت ۽ ڪافي ۾ فني ۽ فڪري رنگيني ڀريندي ان کي ڪلاسيڪل روايتن سان گنڍيل هجڻ باوجود جديد رنگ ۾ رنڱي آيو آهي، اهو ڪمال يقينن هنن ٻنهي صنفن جو حوالي سان قابل تعريف آهي.

سڄڻ سارو ڏينهن رئندي رئندي گذريو،

اکن منجهان مينهن وسندي وسندي رات ٿي.

علمي ادبي ۽ شاعراڻي سطح تي ڪيتريون خوبيون ۽ خوبصورتيون رکندڙ مخدوم طالب المولى بيت ۽ ڪافي کان سواءِ غزل، رباعي، چؤسٽي، مثنوي، سي حرفي ۽ قطعي جو به شاعر هو. هن انهن صنفن ۾ به خوب نباهيو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي سموري شاعري ۾ سچ ۽ سونهن جو اظهار ڪيو آهي ۽ هي ٻئي موضوع ئي لازوال موضوع آهن ۽ سندن خطن مان به اهڙو ئي ساءُ اچي ٿو، هو يقينن پنهنجي دور جو فن، فڪر جي حوالي سان ڇاپ ڇڏيندڙ شاعر هو، جنهن جا اثرات وقت جي گذرڻ سان جهڪا نه ٿيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي سموري شاعري ۽ نثر سميت اڄ به سنڌي ادب ۾ هڪ اهم جاءِ والاري بيٺل آهي.

(۴ آڪٽوبر ۹۵ هين سالگرهه جي مناسبت سان)


 

مخدوم طالب الموليٰ

ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن

آزاد انور ڪانڌڙو

هالا جي سرزمين علم ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ هڪ زرخيرز خطي طور ڄاتي سُڃاتي وڃي ٿي.  سنڌ جي سياست ۾ پڻ هالا جي شخصيتن مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي محسن مخدوم طالب الموليٰ جو شمار اهڙين هستين ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي ادب، شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بي مثال خدمتون سر انجام ڏنيون، سياست ۾ به سندس خدمتون سدا ياد رهنديون.

مخدوم طالب الموليٰ جو جنم ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع ۾ هالا نوان ۾ پنهنجي دور جي مشهور شاعر ۽ اديب  مخدوم غلام محمد جي گهر ۾ ٿيو. مخدوم صاحب جو اصل نالو محمد زمان هو. مخدوم صاحب ابتدائي ديني تعليم آخوند ولي محمد وٽ حاصل ڪئي. پيراڻي گاديءَ جي ذميواريءَ سان گڏ ادب ۽ سياست ۾  به پنهنجو رهبرانه ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ۱۹۵۲ع ۾ هالا ميونسپالٽي جو صدر ۽ ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۱ع تائين چيئرمين رهيو. جڏهن ته ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر ٿيو. صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. مخدوم صاحب جو شمار پ  پ پ جي بانين مان هو، مخدوم صاحب جي ئي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن سان ۱ جون ۱۹۷۰ع  تي هالا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پهريون وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. مخدوم صاحب کي شاعريءَ جو شوق ۱۹۳۰ع ۾  ناري جي سفر تي وڃڻ دوران يارنهن سالن جي عمر ۾ ٿيو. پهريان پاڻ بيوس پوءِ فراقي، زمان شاهه، طالب ۽ ۱۹۴۹ع ۾ طالب الموليٰ جي تخلص سان لکڻ شروع ڪيائون. مخدوم صاحب سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيترائي مثالي ڪم ڪيا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو، ورهاڱي بعد سنڌي هندو اديبن جي لڏپلاڻ ۽ ڪيترا ئي رسالا، اخبارون بند ٿيڻ کانپوءِ ان دور ۾ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ ۽ لڏپلاڻ سبب پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرڻ ۾ مخدوم طالب الموليٰ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترائي رسالا جاري ڪرايا.  مخدوم طالب الموليٰ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ٿيو، پاڻ ٻه ڀيرا ۱۹۶۱ع کان ۱۹۷۱ع تائين ۽ ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو. جڏهن ته پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، لطيف يادگار ڪائونسل، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي (هاڻوڪي سنڌالاجي) جي مشاورت ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو. مخدوم صاحب کي سندس ادبي ۽ علمي خدمتن تي ڪيترائي ايوارڊ مليا، جڏهن ته ملڪي سطح تي کيس علمي ادبي خدمتن تي حڪومت پاڪستان پاران ۱۹۶۵ع ۾ تمغه پاڪستان، ۱۹۹۲ع ۾ هلال امتياز ۽ ۱۹۹۱ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏنا ويا. تعليمي حوالي سان مخدوم صاحب وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون، اسڪول قائم ڪرائڻ کان وٺي شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون ٺهرائڻ ۽ شاگردن کي اسڪالر شپ ۽ انعامن سان پڻ نوازيندو هو. سندس اهڙين علمي ۽ تعليمي خدمتن تي کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا ۽ ڪيترا ئي تعليمي ادارا سندس نالي سان سندس حياتيءَ ۾ ٺهيا، جيڪو ڪنهن شخصيت لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ نه آهي. سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ شاعري ۽ نثر جا اٽڪل ۲۶ کان مٿي ڪتاب شامل آهن.

مخدوم طالب الموليٰ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي اسان کان وڇڙي ويا.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ”طالب الموليٰ“،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.


 

مخدوم طالب الموليٰ

سنڌ جو مخدوم

رکيل مورائي

شاعري، موسيقي، بزرگي، سادگي، فقيري ۽ مخدومي، جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص کي قدرت طرفان عطا ڪئي وڃي ته اهو شخص فقط قبله سائين طالب الموليٰ ٿي سگهي ٿو. جنهن جدِ امجد سنڌ جي هڪ بها روحاني علمي ۽ ادبي شخصيت مخدوم سرور نوح رحه هجي، ان لاءِ باقي ٻيون سڀ نسبتون ثانوي آهن. مخدوم سرور نوح جنهن سنڌي شاعريءَ جي سفر جي شروعاتي شاعرن اهميت ماڻي ۽ جنهن چيو هو ته:

پئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهئا،

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

مخدوم سرور نوح، سنڌي شاعريءَ جي اساسي شاعرن ۾ شامل آهي. جنهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙي وارو، ميون شاهه عنايت ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جنهن جو معراج شاهه سائين جي شاعري آهي. مخدوم صاحب جو اهو بزرگي ۽ شاعريءَ جو سلسلو، قبله مخدوم طالب الموليٰ کان ٿيندو، جميل سائينءَ وٽ اچي پهچي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي روح جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي گهڻي نماءَ جي گهرج نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جو صوفياڻو ۽ عاشقاڻو روح سمايل آهي. هُن وٽ لفظن جي سادگيءَ جي اها سونهن آهي، جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته؛ سنڌي شاعريءَ جو هڪ فڪري اسڪول، قبله سائين جي شاعراڻي اظهار سان سڃاتو ويندو آهي.

مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ شاعريءَ جا سڀ رستا اچي، پنهنجي پڄاڻيءَ تي رسن ٿا. پوءِ اهو رستو هندي شاعريءَ جي گيت وٽان ايندو هجي، غزل جو رستو ايران کان ايندو هجي يا سنڌي ڪافيءَ جو رستو سنڌ جي روح جي سينڌ مان ايندو هجي. هو انهن سڀني رستن جي ميلاپ جو شاعر آهي. اهو ميلاپ هن جي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني اظهاريل آهي. شاعريءَ جي لاءِ جنهن فڪري اسڪول وٽ موسيقي اهم ترين اهميت رکي ٿي، اهو فڪري اسڪول مخدوم صاحب جي شاعريءَ وارو آهي. اسان فقط موسيقي لفظ ٻڌو آهي ۽ موسيقي به ٻڌي آهي، پر ان جي باريڪين جي ڄاڻ جيڪا مخدوم صاحب جن کي هئي، ان جو اعتراف سنڌ جي موسيقيءَ جا اُهي ڄاڻو ڪندا آهن، جيڪي خود وڏا موسيقار ۽ راڳي به آهن. مثال طور استاد منظور علي خان جو نالو کڻي سگهجي ٿو. قبله مخدوم صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهن. هڪ اهڙي سڃاڻپ، جنهن لاءِ ڪو به مثال نه آهي. سندن فڪري اسڪول جو ڪوبه شاعر شعر پڙهندو ته محسوس ٿيندو اهو لهجو، اها ٻولي، اهو احساس ڪهڙي اسڪول مان ظاهر ٿيو آهي. سنڌي غزل جي هڪ انفراديت مخدوم صاحب جي نالي سان سنڌي ادب ۾ ياد رکي ويندي آهي، جنهن جي سڃاڻپ آهي:

تنهنجي جلون سان ڀرپور اکيون،

ٿيون منهنجون سراپا نور اکيون.

ان غزل جو تسلسل مخدوم امين فهيم سائينءَ جو هيءُ غزل آهي:

ڪڏهن ايئن ڪو نه ٿيو آهي ته گل دامن ۾ اٽڪي پئي

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان

۽ ان غزل جو تسلسل جميل سائين جو هيءُ غزل آهي:

سرِ غيور جميل الزمان ڪٽائي ڇڏ،

وطن ۾ رسم شهادت رهي آهي نه رهي.

ايئن قبله سائين طالب الموليٰ جي فڪري اسڪول جو مثال اسان جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سنڌي غزل ۽ ڪافيءَ ۾ جيڪو حصو مخدوم صاحب جو آهي، اهو شايد ٻئي ڪنهن سنڌي شاعر جو هجي. شاعراڻي ۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ مخدوم صاحب، پنهنجي عمل ۾ فقط شاعر ئي نه پر شاعر پرور شخص به رهيو. هن وٽان نه فقط سنڌ کي شاعري ملي، نه رڳو موسيقي ملي، نه رڳو بزرگي ۽ فقيري ملي، پر هُن وٽان سنڌ کي غريب پروري به ملي. جنهن جي اعتراف ۾ ادبي تاريخ ۽ ادبي شخصيتن جي لکت ۾ ڪيئي صفحا محفوظ آهن. شاعريءَ جي تاريخ جوڙيندڙ هن شخص جي صحبت مان سنڌ جي ڪيترن اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ عالمن فيض پرايو. ڇاڪاڻ ته هُو فيض ڏيندڙ ئي هُئو. پوءِ اهو ادبي هجي، سياسي هجي، سماجي هجي يا مالي هجي. هُن جي مالي سهائتا سان، سنڌي علم ادب جي ڪيترن ئي گهرن ۾ روشني ٿيندي هئي. سنڌ جي راڳين جي وڏي حصي جي چلهه جي باهه مخدوم صاحبن جي مالي سهائتا سان ٻرندي هئي. ان ڪري مونکي سندن باري ۾ سدائين شاهه سائينءَ جو هڪ شعر ذهن تي تري ايندو آهي:

پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي

۽ ايئن هيءُ ڏاتار شخص، شاعر، اديب، عالم ۽ درويش سنڌ کي سمورن حوالن ۾ سدائين ڏيندو ئي رهيو. موٽ ۾ هن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي. هُن سدائين طلبن کان بي نياز ٿي سنڌي علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ کي ڏنو. شايد سندن جدِ امجد ۽ قدرت کان کين اهو ئي ڏنو ويو هُئو، جنهن کي هن سيني ۾ سانڍي رکيو ۽ پنهنجي پونئرن ۽ پوئلڳن لاءِ اهو ئي پيغام ڇڏيو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

ايئن علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين خدمت ڪندڙ هيءُ سنڌ جو مخدوم، يارهن جنوريءَ اوڻيهه سؤ ٽيانوي تي، سنڌ مٿان پنهنجي ڇانوَ هٽائي ھليو ويو. کانئس پوءِ وري اهڙي ڇانءَ، سنڌ کي محسوس نه ٿي آهي.


 

مخدوم طالب المولى

شاعرن ۽ اديبن جو قدردان

پرويز شمس ڪلوڙ/روهڙي

پنهنجي ذات لاءِ جيئڻ ڪو وڏو ڪم ڪونهي پر ٻين ڪاڻ جيئڻ تمام وڏو ڪم آهي. سنڌ ڌرتيءَ اهڙيون ڪيتريون ئي هستيون پيدا ڪيون آهن، جن پنهنجي سموري زندگي خدمتِ خلق لاءِ اَرپي ڇڏي. اهڙن ئي عظيم انسانن مان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هڪ آهي. مخدوم طالب الموليٰ ۹ محرم ۱۳۳۸ هجري تي غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي سورهين سجاده نشين، مخدوم غلام محمد قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. درگاهه سروريءَ جي دستور مطابق، علم جي ابتدا قرآن پاڪ جي تعليم سان ڪيائون. درگاهه جي مجاور کان ديني تعليم وٺڻ بعد، سنڌيءَ جي تعليم حاجي عبدالغفور ڪلاڻي ۽ آخوند حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ورتائين.

پنهنجي والد مخدوم غلام محمد قريشي گل سائين جن جي ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي وفات بعد ۱۹۴۵ع کان درگاهه نوح سرور رحه جو سترهون ۱۷ سجاده نشين بڻيو. کين ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪرڻ ۽ ڳائڻ جو شوق هو. ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائون.

پاڻ مختلف وقتن تي مختلف تخلص اختيار ڪيائون. جن ۾ فراقي، بيوس، زمان شاهه ۽ طالب الموليٰ نمايان آهن. پر ۱۹۴۹ع کان آخر تائين، طالب الموليٰ تخلص استعمال ڪندا رهيا.

هو شاعرن ۽ اديبن جو قدردان هو. انهيءَ ڪري سندن وٽان سنڌ جي ڪيترن ئي تنگ دست، بيمار ۽ ضعيف شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ فنڪارن کي باقاعده وظيفو ملندو هو.

پاڻ پهرين شادي ۱۹۴۲ع ۾ ڪيائون. ٽن سالن بعد، سندن اهليه وفات ڪري وئي. جنهن مان کين هڪ فرزند، موجوده سجاد نشين، شاعر ۽ سٻاجهي طبيعت جو مالڪ مخدوم محمد امين فهيم پيدا ٿيو. بعد ۾ ٻي شادي مشهور عالمِ دين مولوي فضل احمد غزنويءَ جي صاحبزاديءَ سان ڪيائون. جنهن مان کين مخدوم خليق الزمان خليق، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، مخدوم مرحوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان عاطف ۽ مخدوم نويد الزمان پيدا ٿيا.

مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو هئا، جن ۾ پِير، زميندار، سياستدان، عالم، اديب ۽ شاعر نمايان آهن. مخدوم طالب الموليٰ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. جن ۾ خاص طور، رباعياتِ طالب، ڪچڪول، ياد رفتگان، مصريءَ جون تڙون، شانِ سروي، امام غزالي جا خط، خود شناسي، سنڌ جا شڪار، شيطان، مضامينِ طالب، ڪافي، ڇپر ۾ ڇڙيون، چُهنڊڙيون، آبِ حيات، منهنجو ننڍپڻ، شام و صبح، بي پِير اکيون، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه ۽ ديوان طالب الموليٰ شايع ٿي چڪا آهن. مخدوم طالب الموليٰ اُهي انسان هئا، جن جي صحبت ۾ ويهڻ سان روح کي راحت ايندي هئي، روح ۽ اندر جا مُرجهايل گُل به ٽڙي پوندا هئا. ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع جو ڏينهن يقيناً سنڌ واسين کان نه وسرندو. ڇاڪاڻ زنده قومون پنهنجي مُحسنن کي ياد رکنديون آهن. سندن شاعري، سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن فنڪارن، اُستاد منظور علي خان، عابده پروين، شازيه خشڪ، محمد يوسف، وحيد علي ۽ رونا ليليٰ سميت ٻين ڪيترن ئي فنڪارن به ڳائي آهي.

اگر جي خدمت ڪرڻ جي، ناههِ طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾، وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

 


 

مخدوم طالب الموليٰ

سنڌي شاعريءَ جي روايتن جو امين شاعر

اهي سال نوي جي ڏهاڪي جا شروعاتي سال هُئا ۽ مان جناح اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ سنڌ جي شاعراڻين روايتن جي امين شاعر فبلا مخدوم طالب الموليٰ جو ديدار ڪرڻ جي اميد کڻي ويو هوس. جيتوڻيڪ هڪ ڪمري کي ڇڏي ٻئي ڪمري ۾ شيخ اياز صاحب به داخل هُئو جنهن وٽ وڃڻ ٿيندو هُئو. جتي ئي خبر پئي ته قبلا مخدوم صاحب جن به ساڳي فلور تي آهن. خوشي ته ٿي هئي ته شايد هاڻ سندن ديدار ٿي وڃي جيتوڻيڪ ان ۾ هڪ ٻه ڏينهن ضرور لڳو پر هڪ ڏينهن مون کي اهڙي سعادت نصيب ٿي وئي. ڪو شفيق خدمتگار اسپتال ۾ موجود هُئو ۽ هُن منهنجو ڪم آسان ڪيو هئو.

ديدار نصيب ڇا ٿيو! سنڌي شاعريءَ جون سموريون روايتون هڪ عظيم خاندان، سياستدان، هڪ وڏي غريب پرور ۽ هڪ شاعراڻي خاندان جي واليءَ اڳيان آئون حاضر هوس. سندن ديدار ڇا هُئو!

هُن کي ڏسندي ايئن لڳو؛ ديد پئي ڄڻ گلدستي تي.

آئون حاضر ته مخدوم صاحب جن جي آڏو هوس پر زبان تي ۽ دل تي ان وقت کين جوئي غزل هُئو جيڪو منهنجي ان ڏينهن به دلي ڪيفيت جي ترجماني ڪري رهيو هُئو ۽ اڄ به ايئن ئي آهي ته:

تنهنجي جلدن سان ڀرپور اکيون،

ٿيون منهنجون سراپا نور اکيون.

۽ سچ ٿو چوان ته منهنجون اکيون ان ڏينهن کان اڄ تائين جلون سان ڀرپور آهن جيتوڻيڪ منهنجو هيءَ اکيون ان ڏينهن کان ئي ان شاعر کي ڏسڻ ۽ چاهڻ لڳيون هيون. جڏهن کان مان رونا ليليٰ کي ريڊيو تي ٻڌڻ لڳو هوس. تڏهن آئون شاعر نه هوس شاعريءَ جو ٻڌندڙ رهوس ۽ جڏهن شاعر بڻيس تڏهن منهنجي آڏو ديوان طالب الموليٰ هُئو، جيڪو اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڇپيو هُئو. ديوان ڇا هُئو! سنڌي غزل جي روايت جو امين ڪتاب هُئو.

اسانجو نسل، جنهن شعوري طور هڪ اهڙي دور ۾ جنم ورتو جيڪو ويڙهه جو دُور هُئو ۽ شاعري به ان قسم جي وڻندي هُئي. پر هيءُ ڪتاب اهڙو هُئو جيڪو منهنجي من جي پاتال ۾ اڄ به ايئن پنهنجي سمورن غزلن سميت تازو توانو آهي.

شاعريءَ جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته اسان نظرين جي ڪري گهڻو ڪجهه ”نج سنڌ جو اثاثو“ وڃايو ۽ ان ۾ شاعري به آهي. بهرحال تڏهن به هن ديوان جي ان شعر منهنجي رهبري ڪئي هئي ۽ اڄ به اهو شعر رهبري ڪري رهيو آهي ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ!

ته پو مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

ها! ڳالهه جناح اسپتال جي ان روم جي هُئي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جن هُئا. مخدوم صاحب جن ڇا سڄي سنڌ هُئي، سڄي سنڌ جي شاعراڻي روايت هئي، سنڌ جي موسيقي هئي، سنڌ جي فقيري هئي ۽ سنڌ جي مخدوميءَ سان گڏ سنڌ جي بزرگي هئي معصوميت هئي، ٻاجهه هُئي ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه!

ٻئي ڏينهن تي اياز صاحب جي ڪمري ۾ انهن گلن جو هڳاءُ هُئو، جيڪي مخدوم صاحبن اياز صاحب ڏانهن نيڪ خواهشن طور موڪليا هُئا، گل ڇا هُئا ۽ انهن جي خوشبوءِ ڇا هُئي اڄ به مون کي ياد آهي ته اياز صاحب جو چهرو گلن کان وڌيڪ ٽڙيل ۽ مهڪيل هُئو ڇاڪاڻ ته اهي گل فقط گل نه هُئا. انهن گلن پويان مخدوم صاحب جن جي اٿاهه ٻاجهه ۽ قرب هُئو. اهي هڪ سنڌ جا ٻيءَ سنڌ ڏانهن پيار محبت ۽ پنهنجائي جا امين هُئا. انهن گلن جي پويان صدين جي شفقت ۽ تهذيب جو اولڙو هُئو ۽ ساڳئي وقت هڪ شاعر جو هڪ شاعر ڏينهن احترام وارو ورتاءُ هُئو ۽ سچ اهو آهي ته انهن گلن جي رنگ ۽ خوشبو جيڪو اثر پيدا ڪيو هئو اهو اثر اياز صاحب تي آخري گهڙي تائين رهيو.

رسمي طور سنڌ جي ثقافت، سنڌي شاعريءَ ۽ راڳ جي پاسدار ۽ امين فبلا  مخدوم طالب الموليٰ جن جو جنم ۱۶ سيپٽمبر۱۹۱۹ع ۾ ٿيو. سندن خانداني نالو محمد زمان رکيو ويو، پاڻ شاعر طور. پهريون تخلص، بيوس ۽ ان کان پوءِ فراق، زمان شاهه ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ جي تخلص سان تخليقي ڪم ڪيائون. سندن تخليقي ڪم جو وچور ڏيڻ لاءِ ته ڪيترائي ڪتاب لکڻ گهرجن. پاڻ سنڌ جي ادبي ۽ فنڪار لڏي جي هڪ وڏي حصي تي سموري زندگي ڇپر ڇانوَن ٿي رهيا. ٻيا به ڪيئي عشق ڪيا هوندائون پر شاعري سندن پهريون ۽ آخري عشق هئو. پاڻ ۱۹۵۲ع ۾ جمعيت الشعراءُ سنڌ جا سرپرست ٿيا، ۱۹۵۵ع ۾ بزم طالب الموليٰ جو بنياد رکيائون ۽ ۱۹۵۵ع سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر بڻيا. اڳتي هلي ان جا چيئرمين به رهيا ۽ سندن وڃڻ کان پوءِ بورڊ اڄ تائين سلامت ناهي هيو. شايد اڄ سندن ٻاجهه جو هٿ ان مٿان نه رهيو آهي ان ڪري. سنڌ جي علم ۽ ادب تي ڇانوَ ڪندڙ هي اداري نما شخص سنڌ ڪيئن وساريندي. جنهن پنهنجي سموري ڄمار الڳ الڳ مورچن تان سنڌ کي سدائين ڏنو. خانداني طور هيءُ خاندان جنهن تي نهايت سٺي انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ لکيو ويندو، سنڌ جو محسن خاندان آهي. پر شاعراڻي ۽ ادبي دنيا جنهن ۾ هڪ مڪتب فڪر هن خاندان جي نالي سان سڃاپي ٿو ۽ ايستائين اهو سڃاتو ويندو جيستائين سنڌ آهي سنڌي ادب آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ سنڌ کي شاعريءَ جي نالي ۾ ايترو ڏئي ويا آهن جو اها سدائين مالا مال رهندي ۽ کين ياد رکندي. ٻيءَ طرح سندن سنڌ سان تعلق امين سائين جن جي لفظن ايئن به آهي ته:

تعلق آهي اهڙو ئي، نظر جو ناز وارن سان.

رهي ٿو ربط جهڙيءَ طرح، لهرن جو ڪنارن سان.

ڪڏهن ايئن ڪونه ٿيو آهي، ته گل دامن اٽڪي پئي،

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان،

۽ سچ ته اهو آهي هن خاندان جو سنڌ جي علم ادب ۾ جيڪو حصو آهي. اهو ايترو گهڻو آهي جو هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ان تي لکي سگهجن ٿا.

سنڌي موسيقيءَ، شاعريءَ ۽ علم تان جنهن ڏينهن هيءُ مهربان ڇانون هٽي وئي ان ڏينهن کي يارهين جنوريءَ جو ڏينهن ٿو چئجي. اڄ هُو پاڻ جسماني طور اسان سان گڏ نه آهن پر سندن ٻاجهه سندن شاعريءَ جي ڪتابن ۾ نثر جي ڪتابن ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ۽ سنڌ جي اڻ ڳڻين ادارن سان گڏ جميل سائينءَ جي اکين ۾ موجود آهي ۽ رهندي، ڇو ته اهو سندن ڇڏيل ورثو آهي، جيڪو اسان کي سنڌ جيان محبوب آهي ۽ محبوب سدائين اکين ۽ دل ۾ رهندو آهي، جيستائين دل سلامت هوندي آهي ۽ جيستائين اکيون سلامت هونديون آهن ۽ منهنجي اکين ۾ اڄ به اهو چهرو سلامت آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ جي روايتن جي امين شاعر جو آهي. ان ڪري مان پنهنجي اکين جي سلامتيءَ جي سدائين دُعا گهرندس جن ۾ اهو محبوب چهرو محفوظ آهي ۽ بس.

(يارهين جنوري مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي ورسي آهي)


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

عظيم شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن ۽ سنڌ ڌرتي جي اها خصوصيت آهي ته سنڌ قديم زماني کان تهذيب ثقافت، علم ۽ ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي. سنڌ ۾ جڏهن به ادب ۽ فڪر ايندو آهي ته سڀ کان اول اسان جي چپن تان ڀٽائي گهوٽ جو نالو چري ايندو آهي پر لطيف کان اڳ به هي ڌرتي هالا بزرگن ۽ شاعرن جو مسڪن رهي آهي. اهڙن بزرگن مان مخدوم نوح سرور به هڪ آهي. پاڻ برصغير ۾ روحانيت ۽ تصوف کي ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مخدوم نوح ننڍي کنڊ جو اهڙو پهريون عالم هو جنهن قرآن مجيد جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ انهي عظمي هستي جي خاندان سان تعلق رکندڙ ۱۷ هون سجاده نشين هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جو جنم ۹ محرم ۱۳۳۸هجري بمطابق ۴ آڪٽربر ۱۹۱۹ع آچر ڏينهن هالا ۾ ٿيو. سندن والد بزرگوار جو اسم گرامي مخدوم غلام محمد هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي تعليم ۽ تربيت سندن بزرگوار مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي تعليم ۽ تربيت سندس بزرگوار مخدوم غلام محمد ۽ چاچو مخدوم غلام حيدر جي خدمت ۾ ٿي. قرآن شريف جي تعليم انهي وقت عالم ۽ درگاهه شريف جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي سنڌي جي تعليم استاد حاجي عبدالغفور وڪيلائي ۽ استاد عبدالرحمان هالائي کان ورتائون. فارسي عبدالحئي ٺيڙهي واري پڙهائي ۽ انگريزي ۾ سندن استاد غلام رضا ڀٽو هو.

شخصيت ۽ خدمتون:

مخدوم طالب الموليٰ گهڻ رخي شخصيت ۽ اعليٰ درجي جو ڏاهو انسان هو. سندس شهرت جا ڪيئي حوالا آهن. سندن روحاني حيثيت کان سواءِ سنڌ جي ادبي ۽ثقافتي حلقن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جو هڪ بلند مقام شاعر، نثر، نويس، اديب، محقق ۽ راڳ جو ڄاڻو جي حيثيت سان معتبر مقام حاصل هو. سندس شاعري ۽ ادب جي مشرقي رنگن سان گڏ نج سنڌي رنگ به رچيل آهن، پاڻ نه صرف اعليٰ درجي جا تخليقار هئا پر ان سان ادبي تنطيم ۽ سلسلن جا سرپرست هئا. مخدوم صاحب علم ۽ ادب جو وڏو پارکو، فهم، فيض، فڪر جو سرچشمو هو، سنڌي شاعري جي رنگ برنگي، فڪرن، خيالن، تشبيهن ۽ عام فهم واري انداز کي مخدوم صاحب جن پنهنجي اصلوب سان سنواري جڏهن اظهار ڪيو ته سندن شاعري جي دلڪشي جو سحر ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ تي اثر ڇڏڻ لڳو، سندن اظهار ۾ تُزبياني، محبوبي، جلوت جي خمال، ماهه لقا جي ڪاڪلن، زلفن جي پيچ و خمن، حسن جي سپني، حُسنا ڪين جا دل آويز عڪس پرين جي وفائن ۽ بي وفائن جو انداز بنان سندن همعصرن کان نهايت منفرد ۽ اعليٰ هو. سندن شعري سونهن جو هڪ مثال:

جو چاڪ نه ٿيو، سو گريبان ڪهڙو،

ليڙون نه ٿي سگهيو ته پوءِ دامن ڪهڙو.

جنهن ۾ نه ٿيو عشق جو جنون خيز بپا

سچ پڇ ته سو انسان به انسان ڪهڙو.

مخدوم صاحب جي ان فڪر اسلوب مروج گهاڙيٽن جي جي پهريل لباس ۾ سنڌي بيت، ڪافي ۽ غزل کي هن ڌرتي سان سلهاڙيل نج ڪلاسيڪي شاعري کي هڪ نئون جنم ڏنو ۽ سندن شعري جي زينت جو ڪيف و سرور منجهس سمايل نغمگي ۽ موسيقيت واري ڀرپور جڙاوت مخدوم صاحب جن جي اڳ ۾ ئي پاتل مان مرتبي کي سنڌ جي سماجي، سياسي، روحاني ۽ ادبي حلقن ۾ وڌائي ويتر وڏو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مٿئين سڀني حلقن ۾ مخدوم صاحب جن نه صرف هڪ پيراڻي گادي ڪري عزتون ۽ محبتون ماڻيون پر سندن اعليٰ قدرن واري شاعري کيس ماڻهن جي دلين ۾ ورسائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو مخدوم صاحب جن جو روحاني سلسلو ته پنهنجن پوئلڳن سان ئي رهيو پر سندن شاعري واري مان مرتبي کين ساري سنڌ سان سلهاڙي رکيو ۽ اڃا به اڻ ٽٽندڙ شاعري وارن خمارن ۾ هي ساري سنڌ سرشار رهندي پئي اچي. مخدوميت ماڻيندي به خادمي واري اظهار عام ماڻهو جي راءِ ۾ کين وڏو عزت ماب بنايو جيئن سندن مشهور شعر آهي:

اگر خدمت ڪرڻ جي نه آهي طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

مخدوم صاحب نه صرف ادبي سنڌي سماج کي متعارف ڪيو ته هن ڌرتي جي موسيقي مزاج رکندڙ جي به نهايت سٺي طرح پرداخت ڪئي. نغمگي ۽ موسيقيت سان ڀرپور شاعري مخدوم صاحب جن کي پنهنجي تعيمر ۾ نهايت منفرد ۽ اعلي مقام تي آڻي بيهاريو، خاص طرح ته جڏهن استاد فيروز گل جي موسيقي سان سجايل رونا ليليٰ جي پُر ترنم آواز ۾ جڏهن،

اڱڻ ٻهاريان تنهنجون واٽون نهاريان

هوائن جي آڌار سماعتن تائين پڳو ته جهر جهنگ ۾ سندس شاعري جي پهچ ٿيندي رهي.

مخدوم طالب الموليٰ جي سياست ۾ ۱۹۵۰ع کان حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندن رهنمائي سندن چاچي مخدوم غلام حيدر ڪئي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبري تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. پاڻ ان بعد پاڪستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ نه بيٺا مارشلا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ پاڻ مرڪزي اسيمبلي جي ميمبر طور چونڊجي آيا. بقول سائين جي ايم سيد صاحب جي:

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي طبيعت جو اصل لاڙو ادب، ثقافت طرف ڌيڪ رهيو پر مڪاني ضرورتن ۽ وقت تي مصلحتن جي بنا پاڻ مجبورن سياست ۾ حصو وٺندا رهيا. مخدوم صاحب پهريائين مسلم ليگ ۾ هئا پر ۱۹۶۷ع کان شهيد ذوالفقار علي جي قائم ڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي جا باني ميمبر ۽ سينيئر وائيس چيئرمين رهيا. پاڻ ۱۹۷۰ع ۽ ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا. سنڌ هن سڄاڻ سخنور ۽ گهڻ رخي جامع صفات قلندرانه شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ علم و ادب جي مشعل روشن رکندي انتقال ٿيو. ۹ لکي گودڙي رکندڙ سرواڻ جون خدمتون، محنتون، ڏاهپ ۽ ڏات منجهيل دلين لاءِ روشني جو مثال آهي. سنڌي ادب جي بي بها ماڻڪ ۽ سنڌي راڳ ۽ سڀيتا جا مان واري مهندار جون خدمتون ۽ ڪاوشون ان وسندڙ آهن.

دل فراحي پاڻ کان ساري حياتي ڪانه ٿي.

دل فروشي ٿا ڪيون جت ڳالهه ٿا اهڙي ڏسون


 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

[ ولادت ۱۳۳۸هه = ۱۹۱۹ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

درگاه مخدوم نوح هالائيءَ جو سورهون سجاده نشين، سنڌي زبان جو ممتاز شاعر، اديب ۽ سياستدان، مخدوم محمد زمان”طالب الموليٰ“ ولد مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي، آچر ڏينهن ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸هه مطابق ۶ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي هالا نوان (حيدرآباد) ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله- نسب حضرت اَبوبڪر صديق رضه جن سان ملي ٿو. مخدوم نوح رح وقت جو غوث، مجدد، طريقت جي تبليغ جو پيش رو ۽ صاحب - تصنيف شخص ٿي گذريو آهي. لکين سندس معتقد هئا؛ جنهن ڪري عام طرح ”نو لکي گودڙي وارو بزرگ“ سڏبو هو.

مخدوم طالب الموليٰ جو والد بزرگوار مخدوم محمد سعيد المعروف غلام حيدر ولد مخدوم ظهير الدين عرف پروڄار صديقي - ۱۲ ذوالحج (۱۳۱۶هه = ۱۹۹۸ع) تي تولد ٿيو؛ ۽ ۳۰ ذوالحج ۱۳۶۳هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي اڱاري ڏينهن دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. وڏو مخلص، غريبن جو غمخوار، همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. زماني جي مصروفيتن سان گڏ نيڪين طرف سندس ڌيان هو؛ جنهن ڪري خلق- خدمت لاءِ ڪافي ڪم سرانجام ڏنائين. خاص ڪري درسگاهن ڪتابن سان مزين ڪيائين. شريعت جو پابندي ۽ اڪثر ذڪر اذڪار ۾ رڌل رهيو. سندس اولاد ۾ مخدوم محمد زمان نالي نينگر پيدا ٿيو آهي؛ جنهن جي سر تي ۱۹۴۵ع کان ”سروري درگاه هالا“ جي سجاده نشينيءَ جو سهرو پيو آهي.

”درگاه سروري هالا“ جي هن روحاني پيشوار، مخدوم محمد زمان ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتي. اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾ به ڪافي ڪتاب وٽانئس پڙهي ڀڙ ٿيو. ننڍپڻ کان سگهڙن ۽ شاعرن جي صحبت ۾ شعر و شاعريءَ جو سوق جاڳيس؛ ۽ ۱۹۳۰ع ۾ پايهءِ تڪميل تي پهتو. انهيءَ سلسلي ۾ ”بيوس“، ”فراقي“، ”زمان شاه“ ۽ ”طالب“ تخلص اختيار ڪيائين. آخر ۱۹۴۹ع ۾ باقاعده ”طالب الموليٰ“ کي پنهنجي نالي جو حصو بڻايائين؛ جنهن نالي سان اڄ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

مخدوم صاحب ادبي شوق کي جاري رکندي، ”الزمان“ نالي هالا ۾ پريس قائم ڪئي؛ جنهن ۾ ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“ هفتيوار اخبارون به ڪڍڻ لڳو – ۱۹۵۰ع ۾ سندس سرپرستيءَ هيٺ ماهوار ”فردوس“ ”طالب الموليٰ“، ”شاعر“ ۽ ”روح ادب“ رسالا به نڪتا – ۱۹۵۲ع کان ”جميعت الشعراءُ سنڌ“ جو صدر چونڊيو ويو – ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر، ۱۹۵۵ع ۾، ”لطيف يادگار ڪاميٽي“ جو ميمبر ۽ ۱۹۵۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو رڪن بڻيو آهي. ”ون يونٽ“ (one unit) کان اڳ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ان کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت به حاصل ڪيائين.

ايترين سارين علمي، ادبي، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ ثقافتي مصروفيتن جا باوجود به ڪتاب لکڻ ۽ شاعريءَ جو شوق برقرار رکڻ – غير معمولي ذهانت جو سبب آهي، تقريباً ٻاويهه ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيل آهن؛ جن مان: ”بهار طالب“ (۱۹۵۶ع)، ”شيطان ابوالجنان“ (۱۹۵۱ع)، ”اسلامي تصوف“ (۱۹۵۱ح)، ”يادِ رفتگان“ (۱۹۵۳ع)، ”امام غزاليءَ جا خط“ (۱۹۵۳ع)، ”ڪافي“ (۱۹۶۲ع) ۽ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ (۱۹۷۱ع) ۾ پڌرا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته: شان سروري، اشارات شاه، مثنوي عقل و عشق، منتخب غزليات، سماع العاشقين في سروس الطالبين، خود شناسي، ڪچڪول، ڪوڙ ۽ سچ، تفڪرات، عجيب لغت سنڌي، سنڌ جو شڪار، مصريءَ جون تڙونم بياض طالب الموليٰ، رباعيت طالب ۽ مضامين طالب الموليٰ اڃا قلمي صورت ۾ وٽس پيل آهن.

مخدوم صاحب جي شاعري، سنڌي زبان ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي - وي تان پڻ ڳايو پيو وڃي.سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس ”تمغئه پاڪستان“ جو اعزاز پڻ ڏنو آهي. خداوند سندس حياتي وڏي ڪندو.


 

طالب الموليٰ

هالا جو روح روان

ڊاڪٽر سليمان شيخ

منهنجي ننڍپڻ جو هالا، هنرمندن جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، ڪچا رستا ۽ گهٽيون، بجليءَ کانسواءِ ننڊاکرو شهر ڀاسندو هو. ۱۹۵۲ع ڌاري جڏهن ڪجهه هوش آيو ته هالن جي علمي ادبي دنيا جو واس پلئه پيو. ان زماني ۾ رفيق ڪمپني مشاعرا، سالياني سيرت ڪانفرنس وڏي اهتمام سان منعقد ڪندي هئي. ان ئي وقت ۾ هالا ۾ بزمِ گلستان جي شاخ قائم ڪئي وئي. گلستان سنڌي ۾ ٻارن جو رسالو نڪرندو هو، جيڪو مقبول ڀَٽي ۽ سندن وڏو ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽي هلائيندا هئا. ان وسيلي بزمِ گلستان جو اجراءُ ٿيو هو بزمِ گلستان رفيق ڪمپني جي ننڍڙن رضاڪارن جو جٿو هو. پهريون ڀيرو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن کي انهن محفلن ۾ خاص مهمان جي مسند تي جلوه افروز ٿيندي ڏٺو هئم. هڪ شبيهه سهڻو جوان ڪراڪولي ٽوپيءَ سان بيحد پرشڪوه لڳندو هو. هالا جي ڪا به محفل مخدوم صاحب جن جي ڏات کانسواءِ محفل نه سمجهي ويندي هئي. سندن اچڻ سان محفل ۾ ڳنڀيرتا ۽ تنظيم اچي ويندي هئي. انور هالائي ۽ ابڙو عبداللطيف ساقي هنن محفلن کي سجائيندڙ هئا. سائين عبدالرؤف منصور صاحب ۽ سندن ڀاءُ سائين عبدالرحيم بيدل رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندا هئا. محترم محمد عيسيٰ ابڙو رفيق ڪمپني جو روح روان هو. وضعدار همت وارو نوجوان هو ۵۹-۱۹۵۸ع ۾ انجمنِ فروغ ادب جو بنياد پيو. رفيق ڪمپنيءَ کانپوءِ هالا جي ادبي ثقافتي سرگرمين جو سهرو هن جماعت تي آهي. ۱۹۵۹ع  آڪٽوبر ڌاري مرحوم’ اختر هالائي جي پهرين ورسيءَ سان انجمن پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو. فيصلو اهو ٿيو ته خليفه محمد عمر اختر هالائيءَ جي پهرين ورسي انجمنِ فروغ ادب ملهائي ۽ وڏي پيماني تي ان جو بندوبست ڪجي. ان لاءِ مخدوم صاحب کي دعوت ڏيڻي هئي ۽ جلسي جو انتظام ڪرڻو هو. انور هالائي ۽ ابڙو عبداللطيف ساقي، پروفيسر احمد خان ميمڻ ۽ عبدالرحمان قريشي انجمنِ فروغ ادب جا معاون هئا ۽ اسان نوجوانن جي رهنمائي ڪندا هئا. سائين محبوب علي چنه جن سرپرست هئا. مخدوم صاحب وٽ اسان ميٽرڪ جا ڇوڪرا انور صاحب جن سان گڏجي حاضر ٿياسين تعارف ٿيو ۽ مدعا بيان ڪئي سين، اسان جي درخواست قبول ڪئي وئي. ساٿين مون کي حڪم ڪيو ته ان تاريخي جلسي جي ڪاروائي سيڪريٽري طور آئون هلايان. ان وقت ساقي صاحب جن جو ڌاڪو ڄميل هو يا وري انور صاحب ان ڪم ۾ مشاق هو. پر ان ڏکئي ڪم لاءِ مون کي چونڊيو ويو. اهو موقعو منهنجي لاءِ سعادت به ته آزمائش به هو. بهرحال مخدوم صاحب اسان جي ٻاراڻي محفل کي شرف بخشيو ۽ اسان پنهنجي ساٿي عبدالحميد شهيد جي والد محترم ۽ سنڌ جي ان وقت جي غزل جي باڪمال شاعر اختر هالائيءَ جي ورسي جو اهتمام ڪيو. محفل نهايت ڪامياب ٿي ۽ ساٿين منهنجي تمام گهڻي حوصلي افزائي ڪئي ۽ جناب انور ۽ ساقي صاحب جن دل کولي داد ڏنو. ان ريت هالا جي ادبي دنيا ۾ داخل ٿيس. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن سان ان کانپوءِ انيڪ ڀيرا ملاقاتون ٿيون. محفلن جي انتظام ڪاري ۾ ساڻن سلسلو جاري رهيو.

۱۹۶۶ع ۾ انجمنِ فروغ ادب جشنِ هالا جو اهتمام ڪيو. هالا جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو هالا جي تاريخ، تمدن، ادب علمي اتهاس ۽ فن و هنر جو اپٽار هن ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ ڪيو ويو. هي جشن سرڪار جي مدد کانسواءِ  هالا جي مخير ماڻهن ۽ اسان جي ساٿين جي ڀرپور سهڪار جو هڪ ڀرپور نماءُ هو. هالا جي اديبن ۽ عالمن جي لکيل علمي نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن جو نماءُ سروري ڪاليج ۾ منعقد ڪيو ويو. هالا جي تاريخ ۽ تمدن تي ادبي ڪانفرنس پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. جديد هالا جو معمار جناب حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي جن جي خدمتن تي سيمينار منعقد ڪيو ويو ۽ آخري نشست مشاعرو مخدوم صاحب جن جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. هن جشن جي هر هڪ نشست تي هڪ ننڍڙو ڪتابچو شايع ڪيو ويو. عبدالغفار ابڙو جن اهي ڪتاب ترتيب ڏنا. مخدوم صاحب جن هن جشن جي ”دامي درمي سخني“ مدد فرمائي ۽ ان محفل ۾ سندن شرڪت موقعي کي يادگار بنائي ڇڏيو.

۱۹۶۸ع ۾ مخدوم صاحب جن سان هڪ نجي گڏجاڻيءَ جو موقعو مليو. ان وقت پاڻ ڪنوينشن مسلم ليگ جي نائب صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڍاڪا کان لاهور پهتا هئا. هوٽل ايمبسيڊر ۾ سندن قيام هو. جناب سليم هالائي ان وقت مغربي پاڪستاب جي اطلاعات کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئا، اسان لاهور ۾ گڏ رهندا هئاسين. سليم صاحب مون سان مخدوم صاحب جي لاهور ۾ تشريف آوريءَ جو ذڪر ڪيو، ان وقت ون يونٽ خلاف مهم زورن تي هئي ۽ ايوب خان جي خلاف ملڪ ۾ هنگاما ٿي رهيا هئا. ذوالفقار علي ڀُٽو جيل ۾ هو. ايوب خان سياسي اڳواڻن جي گول ميز ڪانفرنس مريءَ ۾ڪوٺائي هئي. ان سلسلي ۾ لاهور ۾ مغربي پاڪستاب سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي آفيسرن جون به پاڻ ۾ غير رسمي گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. فضل الله قريشيءَ انهن گڏجاڻين جو اهم رڪن هو. مخدوم صاحب جن سان ملاقات لاءِ آئون ۽ سليم هالائي مقرر وقت تي هوٽل وياسين. اهو منهنجي لاءِ پهريون موقعو هو ته مخدوم صاحب جن سان بي حجابيءَ سان سياسي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪبي. مخدوم صاحب جن آڏو اهو سوال هو ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ پنهنجي وسيلن تي قائم رهي سگهندي؟ حقيقت ۾ ان وقت ملڪي اخبارن جي ڪوتاهه نظر دانشورن جو اهو غوغاءُ هو ته سنڌ هڪ رڻ پٽ آهي، ان کي ڪابه گهڻي اپت ڪانهي. اها صرف پنجاب جي ڀروسي تي قائم آهي. فضل الله ۽ سندس ساٿين هڪ دستاويز هٿ ڪيو هو. جيڪو ۱۹۵۵ع  ۾ ون يونٽ جي اسڪيم تيار ٿيڻ واري اقتصادي صورتحال تي منحصر هو ۽ ان مطابق سنڌ مغربي پاڪستان ۾ سڀ کان سکيو ستابو صوبو هئي ۽ ون يونٽ وقت سنڌ پنهنجا ۳۲ ڪروڙ روپيه مغربي پاڪستان کي ڏنا. اها رقم سنڌ يونيورسٽي، اعليٰ تعليمي ادارن ۽ ٻين ترقياتي رٿائن لاءِ رکيل هئي، جيڪي عمل هيٺ اچڻا هئا. مخدوم صاحب اهو دستاويز ڏٺو ته حيران ٿي ويا ۽ ون يونٽ کانپوءِ سنڌ جي رٿابنديءَ لاءِ سرگرم بنيا. اسان جي هن گڏجاڻيءَ کانپوءِ پاڻ شيزان اورينٽل ۾ هڪ ڊنر جو اهتمام ڪيائون جن ۾ شير محمد بلوچ،  جي ڊي ميمڻ (اهي ٻئي صاحب ون يونٽ سرڪار ۾ سيڪريٽري هئا) آخوند صاحب جيڪو ان وقت پبلڪ سروس ڪميشن ميمبر هو ۽ سليم صاحب جن کي مدعو ڪيائون ۽ مون کي پڻ هن دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. معزز اعليٰ عهديدارن پڻ ان دستاويز جي سچائيءَ جو اقرار ڪيو، ان ريت مخدوم صاحب جن سنڌ ۾ اينٽي ون يونٽ محاذ جوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ پاڻ هن مهم ۾ سرگرميءَ سان شامل رهيا. جي ايم سيد صاحب جن پڻ هن محاذ ۾ شامل هئا.

پيپلز پارٽيءَ جي شروعات ڏينهن ۱۹۶۸ع ۾ هالا ۾ پ پ جو ڪنوينشن محفل سينما ۾ ٿيو. ان جو سڄو بندوبست مخدوم صاحب جن پنهنجي ساٿين مريدن ۽ هالا جي رضاڪارن وسيلي ڪيو هو. اهو شاندار ڪنوينشن سياسي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. سال ۱۹۷۳ع ڌاري مخدوم خليق الزمان صاحب جن جي شادي جي وليمي ۾ وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو خصوصي دعوت تي هالا آيا. سندن آمد کي هالا لاءِ يادگار بنائڻ لاءِ مخدوم صاحب جن اسان جي نوجوان جٿي کي به ياد ڪيو، سندن رهنمائيءَ ۾ هالا شهر جي مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ هڪ يادداشت نامو تيار ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته مخدوم محمد امين فهيم جن جي سرواڻيءَ ۾ اهو يادداشت نامو هالا جي شهرين پاران ڊاڪٽر محمد اشرف ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ عبدالغفار ابڙو پيش ڪندا. ان يادداشت نامي ۾ هالا لاءِ واٽر سپلاءِ، سئي گيس، تعلقي اسپتال وغيره جا منصوبا شامل هئا. ڀُٽي صاحب ان يادگار دعوت ۾ بيحد خوبصورت انداز  ۾ سنڌيءَ  ۾ تقرير ڪئي هئي. مخدوم صاحب محترم جو آجياڻو بيحد اثرائتو هو. افسوس جو مون وٽ ان جو رڪارڊ موجود ڪونهي. اهو هڪ سماجي سياست جو يادگار موقعو هو.

مخدوم صاحب جن سان زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ملاقات جا سلسلا جاري رهيا. عيد جي ڏينهن ملاقات ۽ ٻئي ڏينهن تي مشاعري جي محفل هالا جي ثقافتي علمي ۽ سماجي زندگيءَ جا اهي زرين ڏهاڙا هئا جن کي وساري نٿو سگهجي.طالب الموليٰ فائونڊيشن مخدوم صحب جن سان انجمنِ فروغ ادب پاران طالب الموليٰ سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو. (افسوس جو تاريخ ذهن جي پتيءَ تان ميسارجي وئي آهي) ان ۾ منهنجي رٿ تي طالب الموليٰ فائونڊيشن جو بنياد رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جن اجازت ڏيڻ فرمائي. پاڻ ان جا پهريان چيئرمين ٿيا. مون کي هن فائونڊيشن جي مقصدن ۽ جوڙجڪ تي منحصر بنيادي دستاويز ٺاهڻ جو حڪم ٿيو. ان جو امانتدار بورڊ (Board of Trustees) نامزد ڪيو ويو ۽ پاڻ مون کي تاحيات سيڪريٽري جي عهدي تي سرفراز فرمايائون. (زندگيءَ وفا ڪئي ته اهي دستاويز هٿ ڪري شايع ڪبا) انهن وسيلي جناب مخدوم صاحب جن جي سماجي سوچ ۽ دور انديشيءَ جو ڏس ملي ٿو. سندن آڏو هالا کي علم و ادب ۽ سائنس وگيان جو مرڪز بنائڻ جو خواب هو.

اڄ جي هالا ۾ سندن ڪوششن ۽ دعائن جو ثمر سامهون آهن. پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هالائي سائنسدانن جي موجودگي ۽ اديبن ۽ عالمن جو انگ اوهان کي چڱيءَ ريت اها ڳالهه ٻڌائي سگهي ٿو. هالا جو مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۱۹۴۲ع ۾ قائم ٿيو ۽ سروري اسلاميه ڪاليج  ۱۹۵۲ع ۾ قائم ٿيو. انهن ٻن ادارن مان تعليم پرائي اعليٰ ادارن ۾ پهتل هزارين شخص جيڪڏهن گڏجي پون ته هالا کي سائنس، علم ادب جو هڪ اهڙو مرڪز بنائي سگهجي ٿو، جيڪو عالمِ انسانيت لاءِ هڪ امن ۽ سلامتيءَ جو اهڃاڻ بنجي پوي. مخدوم طالب الموليٰ جن جي وفات کانپوءِ مخدوم محمد امين فهيم سروري جماعت جي سرواڻيءَ سان گڏ طالب الموليٰ فائونڊيشن جا سرواڻ پڻ بنيا پاڻ اعلان ڪيائون ته طالب الموليٰ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، ان لاءِ ڪجهه گڏجاڻيون به ٿيون پر افسوس جو اڄ تائين اهو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو آهي.


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون

نور سنڌي

آئون جڏهن ستين درجي ۾ پڙهندو هئس ته ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هو، اُن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڳايل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس، ان شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادوئي آواز ۾ ڳايل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جي ان امر ۽ دلڪش شاعري کي رونا ليليٰ جي چپن وڌيڪ امر بنائي ڇڏيو.

گرام فونن بعد جڏهن ٽيپ رڪارڊر آيا ته بابا منهنجي ضد تي ٽيپ رڪارڊر وٺي ڏنو ۽ منهنجي ٽيپ رڪارڊر وٺڻ جو مقصد ئي مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ هو. ٽيپ رڪارڊر وٺڻ بعد وري خرچيون گڏ ڪري مخدوم طالب الموليٰ جا رونا ليليٰ، حسين بخش خادم، عابده پروين، ڦوٽو زرداري، مصري فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪيسٽون خريد ڪرڻ شروع ڪيون. اسڪول کان پوءِ ٻني ٻاري تي ويندي به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ هوندو هو. انهي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪتاب ياد رفتگان ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون پڙهڻ لاءِ ملي ويو، اهي پڙهڻ بعد ان وقت منهنجي ڪچي ذهن تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري ۽ لکڻين ايترو ته اثر ڪيو جو وٽن حاضري ڀرڻ لاءِ دل ۾ چاهت پيدا ٿي ۽ ان جو اظهار والد صاحب سان ڪيم، جنهن منهنجي چاچا حاجي محمود ملاح جيڪو مخدوم طالب الموليٰ جو خاص ماڻهو هو، خليفو نه هئڻ جي باوجود سندس مخدوم طالب الموليٰ وٽ خليفي يا خاص ماڻهو جيتري عزت هئي، ان سان گڏ زيارت لاءِ مخدوم هائوس تي پهتس پر بدقسمتي سان ان ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ ڪجهه مصروف هئا، ان ڪري حاضري نه ٿي سگهي. ان بعد حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ يعني سهائو سومار هو ۽ بابا، چاچا ۽ آئون گڏجي گهوڙن تي هالا پهتاسين. حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڏئي قل پڙهي دعا گهري، مخدوم هائوس تي پهتاسين، جتي به ميلو متل هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جي زيارت ۽ حاضري لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو انگ آيل هو، جن ۾ هزارين عورتون، ٻار ۽ پيرسن به شامل هئا ۽ مون اتي پهريون دفعو ڏهر ڳائيندي ٻڌو. ڊگهي انتظار بعد وڏي ڌڪ ڌڪان بعد ماڻهن جي وڏي پيهه ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي پري کان زيارت ٿي، ٻه منٽ به نه گذريا ته اسان سميت اتي موجود ماڻهن کي هاڻ ٻاهر اچڻ جو چيو ويو ته جيئن ٻيا ماڻهو حاضري لاءِ اچي سگهن. پهريون دفعو زيارت وقت جڏهن مون مخدوم طالب الموليٰ کي ڏٺو ته چهري ۾ نور نظر آيو، اتان کان اٺاس بنگلي تي قبله مخدوم امين فهيم، خانگاهه ۾ مخدوم خليق الزمان وٽ به حاضري ڀري واپس ڳوٺ آياسين، ٻاراڻي ذهن مطابق ان حاضري تي خوشي به هئي ته ڏک به، خوشي اها ته جنهن شخصيت جي شاعري ٻڌي ان کي آئيڊل بنايو هو، ان جي زيارت ٿي، پر ڏک ان ڳالهه جو ته آئون پنهنجي پر ۾ اهو ذهن ٺاهي ويو هئس ته سائين جن کي سندن شاعري بيحد وڻڻ ۽ سندس ڪلام چاهه سان ٻڌڻ بابت ٻڌائيندس ۽ اهو عرض ڪندس ته آئون به شاعري ڪرڻ چاهيان ٿو، اوهان رهنمائي ڪريو پر اهڙو موقعو ئي نه مليو جو دل ۾ سانڍيل ڳالهين جو اظهار ڪريان. ٻئي سال ۱۹۷۶ع ۾ سنڌو درياهه ۾ خطرناڪ چاڙهه آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو، مخدوم طالب الموليٰ جن سڄي سنڌ مان سروري جماعت جي ماڻهن کي بند جي حفاظت لاءِ حڪم ڏنو، جنهن تي هزارين مريد سعيد آباد کان مٽياري تائين بندن جي حفاظت لاءِ پهتا، منهنجو چاچو حاجي محمود ملاح به علائقي مان ۶۰ کن ماڻهو وٺي مخدوم هائوس تي پهتو، جتان کيس پنهنجا ماڻهو سالارو ٻيلي وٽ بند تي وٺي وڃڻ جو حڪم مليو، انهن ۾ آئون به شامل هئس، ننڍي عمر جو هئڻ ڪري چاچا نه ٿي وٺي ويو پر منهنجي ضد تي پاڻ وٺي هليو. آئون ان اميد سان آيس ته بند تي مخدوم طالب الموليٰ به ضرور ايندا ويندا ۽ اتي سندن زيارت به ٿي ويندي، اتي ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ويندو. اتي ۱۲ ڏينهن هئاسين ۽ مخدوم طالب الموليٰ ڪيترا ئي ڀيرا تشريف فرما ٿيا، پر سندن آمد تي اتي ماڻهن جا انبوهه ٿي ويا ۽ ماڻهو سندن گاڏي کي ڦري ٿي ويا، صرف پري کان زيارت ٿي سگهي. اتان واپس اچڻ بعد ٻه دفعا پاڻ مرادو مخدوم هائوس تي پهتس ۽ حاضري لاءِ ڪوشش ڪيم پر اتي حاضري ڪرائيندڙن ٻار ڏسي بهانا بنائي حاضري نه ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ هڪ دوست کان ٽه ماهي مهراڻ رسالو ۽ ماهوار نئين زندگي مليو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري به هئي. ان بعد مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري پڙهڻ لاءِ اهي ٻئي رسالا گهرائڻ شروع ڪيم. اٺين ڪلاس ۾ هئڻ دوران، سال ۷۸ع ۾ صحافت ۾ پير پاتم. هڪ نئين خواهش ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ جن جو انٽرويو ڪريان. پر مخدوم هائوس تي سائين جن جي حاضري ڀرائيندڙن ۽ ٻين ملازمن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي. تقريبن ۱۹۸۰ع ۾ آفتاب اخبار ۾ خبرون ڏيڻ لاءِ پهتس ته خبر پئي ته اڄ رات هالا پراڻا ۾ سوز هالائي جي شاعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت آهي، مهورت مخدوم طالب الموليٰ ڪرڻ فرمائيندا. اسان جو پيارو محسن سائين لائق سنڌي به تياريون ڪري رهيو هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جو ٻڌي مون سائين لائق سنڌي کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو مون کي به وٺي هلي. جتي عرفان مهدي مخدوم طالب الموليٰ سان منهنجو تعارف ڪرايو، مون آٽوگراف جو چيو ته پاڻ مختصر طور دعا وارا لفظ لکيائون. ان بعد ۱۹۸۲ع ڌاري سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان سان جڏهن نيازمندي ٿي ته سندن معرفت مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ سهڻي نموني حاضري ٿي. مخدوم طالب الموليٰ سان ملاقات ڪرڻ تي پاڻ فرمايائون ته ”سعيد سائين اوهان جي تعريف ڪندو آهي، اوهان جون سروري تنظيم بابت آرٽيڪل ۽ خبرون پڙهيون آهن.“ ان موقعي تي پاڻ مون کي هالا ۾ اچي صحافت ڪرڻ جو چيو ۽ سندس حڪم تي لبيڪ چئي هالا مان صحافت شروع ڪئي. هالا ۾ صحافت ڪرڻ دوران قبله سائين جي ويجهو رهيس ۽ کين سمجهڻ جو موقعو مليو، پاڻ ايترا ته حساس هئا جو ڪنهن جو به ڏک صحيح نه سگهندا هئا. ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. ۸۸ع ۾ شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌ جي عورتن سان زيادتين بابت اهي عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيا ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ طبيعت خراب ٿي پئي. ان جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو لڱ ڪانڊاريندڙ احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، ان بعد ئي دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن  ردار نمايان رهيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کين عبور حاصل هو. پاڻ سروري جماعت جا ۱۶ سجاده نشين هئا. پاڻ زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پوڻا ٻه لک کان وڌيڪ شعر لکيا، جن ۾ ڪافيون، غزل، گيت، نعتون، حمد، بيت، چار سٽا، ٽه سٽا به شامل آهن. کين علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سرڪار پاران ۽ ڪيترن ئي سماجي، علمي، ادبي ثقافتي ادارن پاران ايوارڊ مليا. جن ۾ صدر ايوب جي دور ۾ صدارتي تمغه پاڪستان، غلام اسحاق خان جي دور ۾ صدارتي هلال امتياز، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران شاهه لطيف ايوارڊ به شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽي ڀيرا چيئرمين رهيا. پاڻ بااصول سياستدان هئا. جنرل ضياءَ ۽ نواز شريف دور ۾ کين پ پ ڇڏڻ لاءِ وڏيون آڇون ڪيون ويون پر پاڻ انهن لالچن کي ٿڏي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙي انڪار تي سندس فرزند مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جڏهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن حڪم تي سندن خاندان ۽ سروري جماعت جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو. هزارين سروري جماعت وارن گرفتاريون ڏنيون.

مخدوم طالب الموليٰ جي طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کين شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن ۽ دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگي جا آخري سال ڊائيلسز تي هئا. ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏني، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

پاڻ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا. سندن آخري آرام گاهه حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار اندر واقع آهي.


مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

نديم مڱريو

حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جنهن ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸ هه بمطابق ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي غوث الحق مخدوم سرور نوح جي سورهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد صديقي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو، درگاهه سروري جي دستور موجب علم جي ابتدا قرآن پاڪ جي تعليم سان ڪيائون، سنڌيءَ جي تعليم حاجي عبدالغفور ڪلائي ۽ آخوند حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ورتائون، فارسي تعليم خيرپور ضلعي جي ٺيڙهي واري مولوي محمد عالم کان حاصل ڪيائون، ساڳئي وقت پنهنجي چاچي هالا جي مشهور مولوي مخدوم غلام حيدر کان پڻ فارسي جي تعليم ورتائون، پنهنجي والد مخدوم غلام محمد قريشي عرف گل سائين جن جي ۱۶ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي وفات بعد ۱۹۴۵ع کان درگاهه سرور نوح جو سترهون سجادهه نشين بڻيا، مخدوم طالب الموليٰ هالا جي افق تي چمڪي سنڌ جي ثقافتي، علمي ادبي محفلن کي روشن ڪندا رهيا. پاڻ هڪ فرد نه پر هڪ ادارو هئا، پاڻ جديد سنڌي ڪافيءَ جا شاعر هئا، شاعريءَ سان گڏ نثر نويس به هئا ۽ تاريخ جا وڏا ڄاڻو هئا، ان کان علاوه راڳ رنگ جا ماهر هڪ اعليٰ آدرشي انسان هئا. پاڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ڀرپور خدمت ڪيائون، کيس ننڍپڻ کان ئي شاعري جو شوق هو ۽ ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ پاڻ شاعري جي شروعات ڪيائون، پان مختلف وقتن تي مختلف تخلص اختيار ڪيائون، جن ۾ فراقي، بيوس، زمان ۽ طالب الموليٰ شامل آهن، پاڻ شاعرن ۽ اديبن جا قدردان هئا، ان ڪري سندن وٽان سنڌ جي ڪيترن ئي تنگ دست، بيمار ضعيف شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ فنڪارن کي باقائده وظيفو ملندو رهندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو هئا، جن ۾ پير، زميندار، سياستدان، عالم، اديب، شاعر، فقير نمايان آهن، مخدوم صاحب جيتوڻيڪ شاهاڻي حيثيت جا مالڪ هئا پر سندن رويو پيرن، جاگيردارن ۽ سياستدانن کان بلڪل مختلف هو، مخدوم طالب الموليٰ جاگيردارن وانگر به رهي پئي سگهيو پر ان ڏس ۾ پاڻ دنيا جو چيو نه مڃيائون ۽ دل جو حڪم بجا آڻيندي هڪ فقير وانگر رهڻ پسند ڪيائون، پنهنجي نمايان حيثيت کي نظر انداز ڪري فقيريءَ کي اختيار ڪيائون ۽ خدمت ۾ عظمت سمجهيائون.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ ڪو وڏو منصب ڪونهي ڪو.

مخدوم طالب الموليٰ جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن کان به لڪل ڪونه آهن، هو نه صرف سنڌي ٻولي جو پارکو هو پر جديد سنڌي جو ماهر به هو، ادبي ڪمن سان دلچسپي هئڻ ڪري هالا ۾ هڪ پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪيائون، پاڻ قومي اسيمبلي جا ڪيترا ئي ڀيرا ميمبر چونڊيا، تعليمي حوالي سان طالب الموليٰ هاسٽل کپرو، طالب الموليٰ هاسٽل هالا ۽ مختلف پرائمري اسڪول سندن تعليمي خدمتن جو زنده ثبوت آهن، پاڻ لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي، جنهن نموني تعليم ڏانهن راغب ڪيو ۽ انهن منجهه باقائده تعليم پکيڙيائون، اها سندن وڏي روشن خيالي ۽ حقيقت پسندي هئي جو بذات خود ڪيترن ئي مريدن ۽ عقيدتمندن جي ٻارن جي تعليم جو خرچ يونيفارم ۽ ڪتابن لاءِ وظيفا مقرر ڪيائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٻه دفعا چيئرمين رهيا. سال ۱۹۴۶ع کان وٺي ۱۹۹۳ع تائين، سندس ۲۵ ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾؛ شيطان، خودشناس، امام غزاليءَ جا خط، بهرستان (رباعيات طالب)، ڪڇڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون، مصريءَ جون تڙون، اسلامي تصوف، يادرفتگان، بهار طالب، مثنوي عقل و عشق، ڪافي، ديوان طالب الموليٰ، شان سروري، هالا جا مخدوم ۽ شاهه صاحب، سنڌ جي سرهاڻ، شام ۽ صبح، بي پير اکيون، سدا وسي سنڌڙي، آب حيات، چهنڊڙيون، مضامين طالب الموليٰ، منهنجو ننڍپڻ، لغات سنڌي مخففات، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه شامل آهن. جڏهن ته ڪافي مواد اڻ ڇپيل هو، جنهن کي پڻ ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ ڇپائي رهي آهي.

۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع جو ڏينهن يقينن سنڌ واسين کان نه وسرندو، ڇاڪاڻ ته زنده قومون پنهنجي محسنن کي ياد رکنديون آهن، سندن شاعري من موهيندڙ ڪافيون ۽ غزل سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن استاد منظور علي خان، عابده پروين، شازيه خشڪ، محمد يوسف، مصري فقير، وحيد علي، رونا ليلى، ڦوٽو زرداري ۽ ٻين ڳايا آهن، مخدوم طالب الموليٰ گهڻ رخي شخصيت هو، ان جهڙا املهه انسان ۽ فقير ماڻهو صدين کان پوءِ ئي پيدا ٿيندا آهن.

مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي وڇوڙي بعد سندس وڏي فرزند مخدوم محمد امين فهيم کي درگاهه سرور نوح ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا جي ارڙهين گادي نشين طور پڳ ٻڌرائي وئي. مخدوم محمد امين فهيم جن جي زندگيءَ جا مختلف پهلو هئا. هن زندگيءَ ۾ وڏا لاها چاڙها ڏٺا. سندن تربيت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي چاچي مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي ۽ سندن والد مخدوم محمد زمان طالب المولي جي هٿن ۾ ٿي. مخدوم محمد امين فهيم نه رڳو هڪ سٺو شاعر هو پر ان سان گڏ ملڪي سطح تي هڪ معتبر ۽ بي مثال سياستدان پڻ هو، جنهن جي سياست جو مثال شايد ئي ڪٿي ملي،۲۱  نومبر ۲۰۱۵ع سنڌ توڙي پاڪستان جي تاريخ جو منحوس ڏينهن هو جڏهن هالا جي مردم خير سرزمين جو خمير، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ سروري خاندان جو عظيم چشم و چراغ مخدوم محمد امين فهيم پڻ هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو، کين درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي گنبذ ۾ سندس والد گرامي مخدوم محمد الزمان طالب المولي جي ڀر ۾ لکين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ ٽيجھي جي موقعي تي سندن وڏي فرزند مخدوم جميل الزمان کي سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي ۱۹ هين گادي نشين طور دستاربندي ڪئي وئي، مخدوم جميل الزمان پڻ پنهنجي وڏڙن جي واٽ تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ هر وقت ڪوشان آهي.


مخدوم طالب الموليٰ

سنڌ جو مخدوم

رکيل مورائي

شاعري، موسيقي، بزرگي، سادگي، فقيري ۽ مخدومي، جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص کي قدرت طرفان عطا ڪئي وڃي ته اهو شخص فقط قبله سائين طالب الموليٰ ٿي سگهي ٿو. جنهن جو جدِ امجد سنڌ جي هڪ بي بها روحاني علمي ۽ ادبي شخصيت مخدوم سرور نوح رحه هجي، ان لاءِ باقي ٻيون سڀ نسبتون ثانوي آهن. مخدوم سرور نوح جنهن سنڌي شاعريءَ جي سفر جي شروعاتي شاعرن ۾ اهميت ماڻي ۽ جنهن چيو هو ته:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهئا،

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

مخدوم سرور نوح، سنڌي شاعريءَ جي اساسي شاعرن ۾ شامل آهي. جنهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم بلڙي وارو، ميون شاهه عنايت ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. جنهن جو معراج شاهه سائين جي شاعري آهي. مخدوم صاحب جو اهو بزرگي ۽ شاعريءَ جو سلسلو، قبله مخدوم طالب الموليٰ کان ٿيندو، جميل سائينءَ وٽ اچي پهچي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي روح جو اهڙو شاعر آهي، جنهن کي گهڻي نماءَ جي گهرج نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جو صوفياڻو ۽ عاشقاڻو روح سمايل آهي. هُن وٽ لفظن جي سادگيءَ جي اها سونهن آهي، جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته؛ سنڌي شاعريءَ جو هڪ فڪري اسڪول، قبله سائين جي شاعراڻي اظهار سان سڃاتو ويندو آهي.

مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ شاعريءَ جا سڀ رستا اچي، پنهنجي پڄاڻيءَ تي رسن ٿا. پوءِ اهو رستو هندي شاعريءَ جي گيت وٽان ايندو هجي، غزل جو رستو ايران کان ايندو هجي يا سنڌي ڪافيءَ جو رستو سنڌ جي روح جي سينڌ مان ايندو هجي. هو انهن سڀني رستن جي ميلاپ جو شاعر آهي. اهو ميلاپ هن جي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني اظهاريل آهي. شاعريءَ جي لاءِ جنهن فڪري اسڪول وٽ موسيقي اهم ترين اهميت رکي ٿي، اهو فڪري اسڪول مخدوم صاحب جي شاعريءَ وارو آهي.

اسان فقط موسيقي لفظ ٻڌو آهي ۽ موسيقي به ٻڌي آهي، پر ان جي باريڪين جي ڄاڻ جيڪا مخدوم صاحب جن کي هئي، ان جو اعتراف سنڌ جي موسيقيءَ جا اُهي ڄاڻو ڪندا آهن، جيڪي خود وڏا موسيقار ۽ راڳي به آهن. مثال طور استاد منظور علي خان جو نالو کڻي سگهجي ٿو. قبله مخدوم صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهن. هڪ اهڙي سڃاڻپ، جنهن لاءِ ڪو به مثال نه آهي. سندن فڪري اسڪول جو ڪوبه شاعر شعر پڙهندو ته محسوس ٿيندو اهو لهجو، اها ٻولي، اهو احساس ڪهڙي اسڪول مان ظاهر ٿيو آهي. سنڌي غزل جي هڪ انفراديت مخدوم صاحب جي نالي سان سنڌي ادب ۾ ياد رکي ويندي آهي، جنهن جي سڃاڻپ آهي:

تنهنجي جلون سان ڀرپور اکيون،

ٿيون منهنجون سراپا نور اکيون.

ان غزل جو تسلسل مخدوم امين فهيم سائينءَ جو هيءُ غزل آهي:

ڪڏهن ايئن ڪو نه ٿيو آهي ته گل دامن ۾ اٽڪي پئي

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان

۽ ان غزل جو تسلسل جميل سائين جو هيءُ غزل آهي:

سرِ غيور جميل الزمان ڪٽائي ڇڏ،

وطن ۾ رسم شهادت رهي رهي نه رهي.

ايئن قبله سائين طالب الموليٰ جي فڪري اسڪول جو مثال اسان جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سنڌي غزل، بيت ۽ ڪافيءَ ۾ جيڪو حصو مخدوم صاحب جو آهي، اهو شايد ٻئي ڪنهن سنڌي شاعر جو هجي. شاعراڻي ۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ مخدوم صاحب، پنهنجي عمل ۾ فقط شاعر ئي نه پر شاعر پرور شخص به رهيو. هن وٽان نه فقط سنڌ کي شاعري ملي، نه رڳو موسيقي ملي، نه رڳو بزرگي ۽ فقيري ملي، پر هُن وٽان سنڌ کي غريب پروري به ملي. جنهن جي اعتراف ۾ ادبي تاريخ ۽ ادبي شخصيتن جي لکتن ۾ ڪيئي صفحا محفوظ آهن.

شاعريءَ جي تاريخ جوڙيندڙ هن شخص جي صحبت مان سنڌ جي ڪيترن اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ عالمن فيض پرايو. ڇاڪاڻ ته هُو فيض ڏيندڙ ئي هُئو. پوءِ اهو ادبي هجي، سياسي هجي، سماجي هجي يا مالي هجي. هُن جي مالي سهائتا سان، سنڌي علم ادب جي ڪيترن ئي گهرن ۾ روشني ٿيندي هئي. سنڌ جي راڳين جي وڏي حصي جي چلهه جي باهه مخدوم صاحبن جي مالي سهائتا سان ٻرندي هئي. ان ڪري مونکي سندن باري ۾ سدائين شاهه سائينءَ جو هڪ شعر ذهن تي تري ايندو آهي:

پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي

۽ ايئن هيءُ ڏاتار شخص، شاعر، اديب، عالم ۽ درويش سنڌ کي سمورن حوالن ۾ سدائين ڏيندو ئي رهيو. موٽ ۾ هن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي. هُن سدائين طلبن کان بي نياز ٿي سنڌي علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ کي ڏنو. شايد سندن جدِ امجد ۽ قدرت کان کين اهو ئي ڏنو ويو هُئو، جنهن کي هن سيني ۾ سانڍي رکيو ۽ پنهنجي پونئرن ۽ پوئلڳن لاءِ اهو ئي پيغام ڇڏيو ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

ايئن علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين خدمت ڪندڙ هيءُ سنڌ جو مخدوم، يارهن جنوريءَ اوڻيهه سؤ ٽيانوي تي، سنڌ مٿان پنهنجي ڇانوَ هٽائي ھليو ويو. کانئس پوءِ وري اهڙي ڇانءَ، سنڌ کي محسوس نه ٿي آهي.


مخدوم طالب المولٰي

شخصيت ۽ ادبي خدمتون

علي اڪبر ھڱورجو

حضرت مخدوم طالب الموليٰ جو شمار انهن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي سحر انگيز شخصيت، صلاحيتن، علم، ادب، تهذيب ۽ ثقافت سان پنهنجي غير غير معمولي ڪمٽمينٽ سبب ويهين صدي جي سنڌي سماج جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ قادرالڪلام شاعر ۽ نثر نگار جي حيثيت ۾ سنڌي ادب کي لازوال تخليقون ارپڻ کان وٺي مختلف ادبي تنظيمن ۽ ادارن جا بنياد وجھڻ توڙي ذاتي حيثيت ۾ اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو علمي ۽ ادبي سرگرمين جو روح روان بڻيل رهي، مخدوم صاحب هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪئي، جنهن جو مثال ڪو ورلي ملي سگهندو. ساڳئي ريت، سياسي ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ سندس نقش قدم مستقبل جي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن لاءِ هميشه مشعل راهه بڻيل رهندا.

خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ اگر

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

مخدوم صاحب جي شخصيت جي درويش صفتي ۽ هن ڌرتي جي لازوال تهذيبي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسداري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان ادب دوست ۽ سڄاڻ ماڻهو سدائين ساڻس محبت ۽ عقيدت جي ڌاڳي ۾ ڳنڍيل رهيا. هالا ۾ سندس اٺاس بنگلي واري رهائش گاهه جو ذڪر اوهان کي سنڌ ۾ ٿيندڙ اهم علمي، ادبي سرگرمين حوالي سان توڙي اهل قلم جي لکڻين ۾ بار بار ملندو. ان حوالي سان وڌيڪ خوشي جهڙي ڳالهه اها آهي ته درگاهه حضرت مخدوم نوح جو موجوده سجاد نشين مخدوم جميل الزمان (جيڪو پاڻ به سنڌي زبان جو بهترين شاعر ۽ نثر نگار آهي) اٺاس بنگلي ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اهو سلسلو جاري رکيو اچي. هونئن ته هالا جي مخدوم خاندان جي روحانيت کان وٺي علم ۽ ادب تائين مختلف شعبن ۾ سنڌي سماج جي خدمتن جي هڪ منفرد تاريخ آهي، جنهن کي مخدوم جميل الزمان پنهنجي ڪتاب “تاريخ مخدومان هالا” ۾ قلمبند ڪيو آهي.

مختلف دورن ۾ سندن خاندان ۽ سلسلي سان وابسطه بزرگن جي شعر ۽ ادب سان وابستگي جو تسلسل نظر اچي ٿو. ان تسلسل ۾ مخدوم طالب الموليٰ اهو روشن ستارو آهي، جنهن جي روشني سان سنڌي ادب جو آسمان هميشه جڳمڳائيندو رهندو.

مخدوم صاحب ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شعر گھاڙيٽي، ٻولي جي استعمال، خيالن جي گھرائي، فلسفياڻن نقطن جي عام فهم انداز ۾ اپٽار، سماجي مسئلن جي ترجماني ۽ روحاني رمزن جي منفرد اظهار سبب پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. پنهنجي منفرد اسلوب سبب مخدوم صاحب جي ڪلام کي عام ٻڌندڙ يا پڙهندڙ نهايت آساني سان سڃاڻي وٺندو. مخدوم صاحب جي موسيقيت سان ٽمٽار ڪلام کي سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳايو ۽ سندس ڪلام کي سماج جي هر طبقي سان وابستگي رکندڙ ماڻهن ۾ بي پناهه مقبوليت ملي.

مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جي روايتن سان ڀرپور نموني نڀايو ۽ پاڻ ڪافيءَ جي صنف جو باڪمال شاعر هو. سندس هٿ اکرن سان لکيل ڪافين تي مشتمل ڪلام جي مجموعي “بي پير اکيون” کي پڙهندڙن ۾ زبردست مڃتا ملي. مخدوم صاحب ڪافيءَ جي گھاڙيٽي، ان جي هيئت، لکڻ جي طريقي، مضمون، زبان، ان صنف ۾ روايتي طور شامل لفظن، اچارن، ڪافي ڳائڻ جي طريقي، موسيقي ۽ راڳيندڙن بابت تحقيقي ڪم به ڪيو، جيڪو سندس تصنيف ڪافي ۾ شايع ٿي چڪو آهي. مخدوم صاحب جي ان ڪلاسيڪي صنف سان وابستگي جو هڪ مثال اهو به آهي ته پاڻ ڪافي مشاعرن جي روايت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سدائين ڪوششون ورتيون، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد منعقد ٿيل ڪافي مشاعري جي صدارت پڻ مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي.

ساڳئي طرح مخدوم صاحب جو غزل به نه صرف رنگ تغزل سان ڀرپور آهي پر ان ۾ سنڌ جي روايتي شاعرانه تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال به نهايت سهڻي نموني ٿيل آهي. غزل ۾ به مخدوم صاحب جو منفرد اسلوب نمايان نظر اچي ٿو.

مخدوم صاحب سنڌي ٻولي جو بهترين نثر نويس هو. سندس نثري تصنيفن ۾ يادرفتگان، لغات سنڌي مخففات، خود شناسي، اسلامي تصوف، انتخاب امام غزالي، مصريءَ جون تڙون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مخدوم صاحب سنڌي موسيقي جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ۱۹۵۵ع ۾ هالا ۾ راڳ ڪانفرنس منعقد ڪرائي ۽ سندن سرپرستي هيٺ ماهوار رسالي روح رهاڻ ۽ ادبي تنظيم بزم طالب الموليٰ جو بنياد پيو. اڄ ۱۱ جنوري تي پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ شخصيت جي ورسي ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مخدوم صاحب جي علمي، ادبي ڪمن ۽ خدمتن تي عملي تحقيق جي همٿ افزائي ڪجي، جيئن مخدوم صاحب جهڙين املهه شخصيتن جي پيغام کي ايندڙ نسلن تائين پهچائي سگھجي.


طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش

مختيار ملڪ

اُها شخصيت وڏي شانائتي هوندي آهي، جنهن جي ذات رڳو پنهنجو پاڻ تائين محدود نه هجي، پر انسانذات جي ڀلائي ۽ بهتري جهڙن اعليٰ مقصدن لاءِ ڪو ڪارائتو ڪردار به ادا ڪري، تاريخ انهن مانائتن ماڻهن کي سنهري لفظن سان پنهنجي ورقن ۾ ساريندي ۽ سنڀاريندي آهي.

سنڌ جي سرزمين اُنهن اَمُلهه انسانن سان ڀريل آهي، جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جهڙي دلربا شخصيت جو وڏي عزت ۽ احترام سان بيان ڪري سگهجي ٿو. هو پنهنجي طبيعت ۾ نهايت نماڻا، مزاج ۾ مُرڪندڙ ۽ ماٺيڻا رهيا، هو سُٺي گفتار جا صاحب ۽ سُهڻي ڪردار جا مالڪ هئا.

مان اهو پنهنجو اعزاز سمجهندو آهيان جو مون کي مخدوم صاحب سان ڪيترا ڀيرا ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. پهرين ملاقات ته هونئن به يادگار هوندي آهي پر مخدوم صاحب سان ته واقعي ئي اڻ-وسرندڙ ۽ ديرپا نقش ڇڏي ويندڙ ملاقات چئي سگهبي. اهو منهنجو ننڍي وهي ۽ منهنجي ادبي زندگيءَ جي اوسر يا شروعات جو زمانو هو، جڏهن مان پياري سوز هالائي جي ڪوٺ تي پراڻا هالا ۾ سندس شعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت واري تقريب ۾ ۲۰ نومبر ۱۹۸۱ع تي شريڪ ٿيو هئس. جنهن جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن ڪرڻ پئي فرمائي. مون سندن آڏو سوز هالائي جي ڪتاب جي حوالي سان ويچار ونڊيندي ڪجهه اهڙيون سٽون چيون، جن سان مخدوم صاحب جو ڌيان مون ڏانهن ڇڪجي آيو، مون چيو ته ”سنڌي شاعري کي هڪ گروه فارسي ۽ عربي جي ور چاڙهي اجنبي بڻائي ڇڏيو ۽ ٻي گروه هندي ۽ سنسڪرت جي لاڙي سان سندس حليو مٽائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي شاعري کي پڙهندڙن کان پري ڪري ڇڏيو آهي“. منهنجن انهن فڪرن تي مخدوم صاحب جي واه واهه.. جو پڙلاءُ منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو ته مون کي وڌيڪ حوصلو ۽ همت ملي.

مقالي جي پڄاڻي کان پوءِ مخدوم صاحب ڳراٽڙي پائي مليا ۽ ان کان پوءِ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ منهنجي مقالي جو حوالو ۽ منهنجو نالو کڻي منهنجي موقف جي تائيد ۾ خيال آرائي ڪيائون ۽ تقريب جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مهمانن واري ڪمري ۾ خاص طور ياد فرمايائون. سُڌ ملڻ تي اُتي پهتس ته پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيائون. جتي سندن ئي مهماني طور ڪيڪ ۽ بسڪيٽ رکيا ويا آهن، پاڻ ڪيڪ ڪاٽي پهريان مون کي ڏنائون ۽ منهنجي مقالي تي داد ڏيندي چيائون ته اوهان ننڍي ڄمار ۾ شاعريءَ تي سٺي ڇنڊڇاڻ ڪريو ٿا. مقالي جي اهڙي پذيرائيءَ تي سائين نثارحسيني پنهنجي رسالي ماهوار ”نئون نياپي“ لاءِ گهري ورتو پر سوز هالائي صاحب هڪ ڪاپي هئڻ جو چئي، ڪاپي پڄائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

ڪجهه سال اڳ جڏهن ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه تي اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿيس ته هالا جي دوستن سان ملاقاتن ۾ ان رهاڻ جون ساروڻيون ورجائبيون رهيون، خاص طور سوزهالائي، سهيل ميمڻ، مخمور بخاري، نيازميمڻ، ساجن فقير وغيره سان ماضي جا ورق ورائيندي مخدوم صاحب جن ذڪر هيٺ ضرور ايندا هئا.

ذڪر ڪيل ملاقات کانپوءِ ساڳي سال ۱۹۸۱ع ۾ سُتت ئي سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن پاران ”سنڌي ساهتي سال“ جي سلسلي ۾سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ڪوٺايل ”ڪُل سنڌ مشاعري“ جي موقعي تي مخدوم صاحب جيئن ئي پنڊال ۾ داخل ٿيا ته مُهڙ ۾ سائين ظفر حسن شاهه سان گڏ بيٺو هُئس ته آجيان وارن جي ميڙ مان مخدوم صاحب جي مون تي ديد پئي ته کيڪار Wish ڪيائون. مون تڪڙو اڳڀرو ٿي ساڻن مليس ته مون سان منهنجو نالو کڻي چاهه وچان مليا ۽ پوءِ اسٽيج ڏانهن وڌيا.

ان کان پوءِ مشاعري جي ميزبان اياز قادري صاحب مهمان شاعرن کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني ته سڄي اسٽيج شاعرن سان ٽمٽار ٿي وئي، مشاعري شروع ٿيڻ سان جڏهن شاعرن کي سڏيو پئي ويو ته اُهي اڪثر پنڊال مان مٿي پئي آيا. هونئن ته شاعر مشاعرن جي ترتيب ۾ آخر هئڻ کي اعزاز سمجهندا هئا پر اتي ماجرا ڪجهه ٻي هئي، وڏن شاعرن به چاهيو پئي ته اُهي مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ شاعري پيش ڪن ۽ تڪڙا واندا به ٿي وڃن، مخدوم صاحب مشاعري ۾ طبيعت جي ناسازيءَ سبب ٿوري دير لاءِ ويهڻا هئا. مون کي به مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ شاعري ٻڌائڻ جو موقعو مليو. پهريان ته مون سمجهيو پئي ته نئون شاعر هئڻ ڪري تڪڙو سڏيو ويو هو، پر قادري صاحب جن ٻڌايو ته مون کي دراصل مخدوم صاحب جي خواهش تي ئي سڏيو ويو هو. اهو عمل مخدوم صاحب جي نئين نسل ڏانهن مثبت سوچ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن سان نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ۽ حوصلي افزائي ٿئي ٿي.

مخدوم صاحب پيراڻي گاديءَ جي شان ۽ شوڪت تي ڪوبه هٺ يا وڏائي ڪونه ڪندا هئا ۽ فقيري کي فضيلت ڀائيندا هئا، جن جو اظهار مختلف شعرن ۾ ڪندا رهيا.

اوهان طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي ڪجو ڪوشش،

سندس ظاهر جي شانن شاهڪارن تي متان ڀُلجو.

طالب الموليٰ صاحب جي حقيقت ڇا آهي، اها به هو پاڻ ٻڌائن ٿا:

اوهان جو طالب الموليٰ حقيقت ۾ فقير آهي،

مگر ظاهر ۾ هو مخدوم ۽ هڪ پيرُ سمجهيو ويو.

مخدوم صاحب پنهنجي باطن کي جيترو پاڻ ڄاڻندا هئا، ان جو اولڙو سندن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:

ڪندي ڇا اسان کي پيري اميري،

اسان لاءِ ڪافي، فضيلت فقيري.

مخدوم صاحب ۾ هڪ سٺي انسان وارا گڻ گهڻائي گڏ هئا، جن جو تذڪرو ڪيترين لکڻين ۾ موجود آهي. مخدوم صاحب جي زماني ۾ ٻه مکيه ادبي ڌريون هيون، هڪ ڌُر جو ادب برائي ادب تي ڌيان رهيو، روايت پسندي ۽ فن پسندي کي ئي ادب ڄاڻندا هئا ۽ ساڄي ڌر جي سياسي نظرين جا طرفدار هئا، مذهبي لاڙن سبب عربي ۽ فارسي سان قربت رکندا هئا، جن کي رجعت پسند سڏيو ويندو هئو. ٻي ڌر جو ادب جي سماجي ڪارج تي ڌيان رهيو، روايت پسندي ۽ فن پرستي تي جدت ۽ نواڻ کي اوليت ڏيندا هئا، خيال کي قالب جو محتاج بڻائڻ نه چاهيندا هئا، کاٻي ڌر جي سياسي نظرين جا حامي هوندا هئا، انهن کي ترقي پسند سڏيو ويندو هئو.

مخدوم صاحب جيتوڻيڪ پهرين ڌر سان ويجهڙا رهيا پر انهن جو ادبي وهنوار انهن کان مختلف رهيو. تڏهوڪا فن پرست علم عروض کانسواءِ ڪنهن به شاعري کي ويجهو نه ويا، غيرعروضي شاعري کي جهنگلي سمجهندا هئا پر مخدوم صاحب فن پسند هئڻ باوجود پاڻ کي محض علم عروض جي شاعري تائين محدود نه رکيو پر غيرعروضي صنفن تي طبع آزمائي به ڪئي ۽ ان ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون جن ۾ بيت، ڪافي، ڏهر ذڪر جوڳيون آهن. اهڙي ريت عروضي صنفن ۾ به هو سنڌي شاعري ۾ غيرضروري فارسي ۽ عربي اثر قبول نه ڪيائون، پر ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رَسُ ۽ چَسُ به برقرار رکيائون.

سياسي فڪر ۾ هو انقلابي رهيا، سنڌ ڌرتيءَ سان ڏاڍاين کان وٺي زماني جي روش تي سندن قلم جنبش ۾ رهيو ۽ ادب جي سماجي ۽ قومي ڪارج کي اهميت ڏني.

بي تحرڪ زندگي بيڪار آ.

بي عمل انسان ڄڻ بيمار آ.

مخدوم صاحب رجعت پسندي ۽ ترقي پسندي جي موضوع تي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ناليواري ليکڪ ۽ ادبي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف جي پُڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته لکڻ ته ماڻهن لاءِ گهرجي، حد کان وڌيڪ رجعت پسندي به ٺيڪ ناهي، نه ترقي پسندي لائين، لائين هڪڙي آهي، جنهن تي بيهڻ گهرجي، پنهنجو هڪ شعر ٻڌايان ٿو:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته مخدومي به دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

هاڻي هن کي رجعت پسندي ته ڪونه چئبو، تنهن ڪري منهنجي راءِ مطابق وچ واري حصو، موزون لائين تي بيهڻ گهرجي“.

مخدوم صاحب فڪري ۽ عملي طرح ڪيترن معاملن ۾ ترقي پسند ڌر جو هم خيال رهيو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ هجي يا ون يونٽ جي جدوجهد، مخدوم صاحب انهن کان پري نه رهيو. هن سموري وارتا ۾ مخدوم طالب الموليٰ حقيقت پسند ۽ اڻ ڌريو ليکڪ جي حيثيت ۾ نمايان آهي.

شاعري ۾ فن جي روايت پسند ڪن ٿا ته فڪر ۾ غيرروايتي آهن، نين موضوعن، خيالن، فڪري جدت لاءِ ڪوشان آهن ۽ هن سموري حقيقت کي مخدوم صاحب جي شاعري ۾ پروڙي سگهجي ٿو. جتي هو جدت ۽ قدامت جو ڳنڍيندڙ آهن، هُو هڪ ئي وقت عروضي يعني موزون شاعري جي روايت جا پاسدار آهن ته ٻئي طرف عروضي لڏي کان مختلف مزاج رکندي قديم لوڪ ۽ عوامي شاعري جي صنفن ۾ لکڻ ۽ ترقي ڏيارڻ ۾ سنجيده آهن. هُو وچٿرائي ۽ اعتدال کان ڪم وٺندي غيرضروري ادبي تڪرارن کان پاسيرا رهيا. عروضي ۽ غيرعروضي شاعري ۾ هڪ ئي وقت قلم آزمائي ڪرڻ مخدوم طالب الموليٰ جن جي مکيه سڃاڻ آهي، جنهن سان هو پنهنجي دؤر جي شاعرن کان گهڻو نرالا نظر اچن ٿا. مٿين پسمنظر ۾ مخدوم صاحب جي شاعريءَ جي مجموعي صنفن جو سرسري جائزو ڄاڻايل حقيقتن کي چٽيءَ ريت پڌرو ڪري سگهبو.

عروضي صنفن ۾ غزل مخدوم طالب الموليٰ جي محبوب صنف آهي، پاڻ غزل جي روايتي صنف ۾ ميرعبدالحسين سانگي ۽ خليفي گل محمد گل وانگر سنڌي ساءُ ۽ سڳنڌ سمايو آهي. سندن سهيڙيل چونڊ غزل ”ديوان طالب الموليٰ“ جي سري هيٺ ۱۹۸۲ع ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪل ۴۵۱ غزل شامل آهن، جيڪي جولاءِ ۱۹۸۲ع تائين لکيل ۱۴۵۱ غزلن مان چونڊيل آهن. سندس غزل ۾ فارسي اثر کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇوته ان زماني ۾ ترقي پسند فڪر جا شاعر به ساڳي ٻوليءَ جي اثر هيٺ رهيا پر مخدوم صاحب جا غزل رومانوي رنگ کان سواءِ دنياوي روپ پسائن ٿا. هن ديوان ۾ ۵۲ کان وڌيڪ حرفن کي رديف بڻائي غزليات ڏنا ويا آهن، جن ۾ لفظن جي سادگي ۽ تغزل جي خوبي پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ موضوعن جي وسعت غزلن جي انفراديت بڻيل آهي، جن ۾ نئين دؤر جي لفظن ۽ مشاهدن کي سمايو ويو آهي:

ورهن کان پوءِ وصل جو هُن آسرو ڏنو،

ويٽو هلائي وعدهِ فردا ڪري ڇڏيئين.

ويٽو VETO انگريزي لفظ آهي، جنهن جي هڪ قوت آهي. علم سياسيات جو هڪ TERM جو استعمال غزل جي روايتي مزاج کان مختلف آهي، ان طرح سياست جهڙي موضوع کي شامل ڪرڻ هڪ نئون تجربو آهي:

سياست يعني هر انسان فراموشي جو ٻيو نالو،

اثر زهريلو ان ۾، لذتن ۾ ڄڻ ڪلا ڪندي.

اهڙي ريت هڪ ٻيو انگريزي لفظ HILL به غزل جي هڪ شعر ۾ شامل آهي ۽ ان شعر ۾ دنيا جي گرمي ۽ سردي کي موضوع بڻايو ويو آهي:

تفريح وٺڻ جو وقت ويو سردي ۽ گرمي هڪ آهي،

دلبر جي گلي جو سير آ بس، ڪنهن هِل جي تمنا ڪري.

مخدوم صاحب جن غزل ۾ غمِ جانان جي نفاستن کانسواءِ غمِ دوران جي حقيقتن کي پڻ روايتن کان وڌي پنهنجي غزلياتي شعرن جي خيالن ۾ سموهيو آهي.

مخدوم صاحب عروضي صنفن ۾ هڪ مشڪل ليکجندڙ صنف ”رباعي“ سان به روح رلايو ۽ سندس مخصوص وزن ۾ رهندي فني ۽ فڪري روايتن جو لحاظ رکندي، جدت ۽ انفراديت سان شاعراڻو اظهار ڪيو. سندن رباعين جو مجموعو ”رباعيات طالب“ ۱۹۴۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي سندن ابتدائي شاعري شمار ڪجي ٿو.

عروضي شاعريءَ جي صنفن ۾ غزل ۽ رباعين کانسواءِ قطعات لکڻ ۾ به مخدوم صاحب جي قلمي مهارت قابل ذڪر آهي. سندن قطعن جو مجموعو ”چهنڊڙيون“ ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيل آهي، جيڪي ۱۹۴۸ع کان ۱۹۷۰ع تائين لکيا ويا آهن. قطعو عروضي صنف آهي پر مخدوم صاحب ان صنف کي سهڻي ۽ سادي ٻوليءَ سان سجايو آهي. سنڌ ۾ قطعا مقبول صنف رهي آهي، خاص طور مشاعرن ۾ غزل يا ڪنهن ٻي صنف کان اڳ ٻه چار قطعا چوڻ جو شغل به عام رهيو آهي، ان کانسواءِ روزاني يا هفتيوار اخبارن ۾ قطعا ڇپڻ جي روايت پڻ موجود آهي. اردو جي اخبار جنگ ۾ رئيس امروهي جو روزانو قطعو شايع ٿيندو هئو، ائين سنڌي اخبارن ۾ به اهڙي رواج کي جاري رکيو ويو. جنهن سبب قطعن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو. قطعو روايتي صنف هئڻ باوجود هر دؤر هي شاعر پنهنجي موضوعن يا بيان جي انداز سان جدت پئي ڏني آهي.

مخدوم طالب الموليٰ به وقت جو بهترين قطعو گو شاعر رهيو آهي، چئن سٽن ۾ زندگيءَ جي واقعن، معاملن ۽ مسئلن کي قطعن ۾ سمائڻ ۽ مختصر شعر نگاري سبب سولائيءَ سان ياد ڪيا وڃن ٿا ۽ عام پسند آهن. مخدوم صاحب جي قطعا ۾ جدت ۽ انفراديت آهي ۽ ان جا موضوع عام زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن. ”چهنڊڙيون“ ۾ چُڀندڙ احساسن جا اولڙا آهن:

صدارت کي امامت ڪونه چئبو.

حڪومت کي خلافت ڪونه چئبو.

اها ڪا ڳالهه ٻي آ يارو!

سياست کي صداقت ڪونه چئبو.

قطعا بامقصد شاعري آهي، ترقي پسند نظريات جا صاحب اهڙي شاعري وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن، جنهن جو ڪو سماجي ڪارج هجي ۽ مقصديت لاءِ هجي. ان آڌار کان مخدوم صاحب ترقي پسند نظريات جي حامي اديبن کي پنهنجي ويجهو ڪري ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن لڏي وارا اديب مخدوم صاحب تي ڪا تنقيد نه ڪري سگهيا.

مخدوم صاحب عروضي شاعرن جي لڏي جا سرواڻ ۽ سرپرست رهيا. ۱۹۴۶ع کان ”جميعت الشعراءَ“ جا سرگرم اڳواڻ رهيا، ۱۹۵۲ع ۾ جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست ۽ صدر مقرر ٿيا. هن لڏي جي شاعرن جو روايتي شاعري ڏانهن لاڙو رهيو ۽ ساڄي ڌُر حڪمران طبقي جا مدح سرا به رهيا پر مخدوم صاحب حڪمرانن سان سياسي اختلاف ۾ رهيو. اهڙو اثر سندس قطعن ۾ به ڏسي سگهبو، جيڪي آمريت جي دؤرن ۾ لکيا ويا پر انهن ۾ مخدوم صاحب جن بيباڪ اظهار ڪندا رهيا.

مخدوم صاحب علم عروض جي لڳ ڀڳ مکيه صنفن تي قلم آزمائي ڪئي، غزل، رباعي ۽ قطعن کانسواءِ مثنوي، مرثيا، سه حرفيون پڻ لکيون. اهڙي سخن گوئي ۾ ڪا نه ڪا نواڻ ضرور آندي، جنهن سان سندن شعري گڻن ۾ واڌارو آيو.

اهڙي ريت مخدوم صاحب پنهنجي دور جي نرالي ادبي شخصيت آهن، جن جو علم عروض جي موزون صنفن کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي اَساسي صنفن سان به گهرو سٻنڌ هئو، جن ۾ بيت شامل آهي. بيت سنڌ جي اوائلي صنف آهي، مخدوم صاحب جي خاندان ۾ بيت جي شاعري جو رواج هئو، سندن وڏن ۾ مخدوم نوح جا بيت بنيادي شاعريءَ جو درجو رکن ٿا. سنڌ جي ترقي پسند ڌر جي شاعرن عروضي شاعري کان بغاوت ڪندي اصلوڪين صنفن کي سگهه ڏني، ته جيئن فارسي ۽ عربيءَ بدران سنڌي ٻولي کي عام مقبول بڻائي سگهجي. مخدوم صاحب هِن ڏس ۾ پاڻ موکيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب قديم زماني کان اڄ تائين بيشمار شاعرن سنڌي بيت چيا آهن ۽ چوندا رهن ٿا، ابتدا ۾ سَخين ۽ سُورهين جي ساراهه بيت جو مُک مضمون هو، موجوده دور ۾ به صوفي شاعر توڙي جديد شاعر بيت ذريعي پنهنجا جذبات، احساسات، امنگ، ارمان، اميدون، مايوسيون، محروميون بيان ڪري رهيا آهن. حضرت مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ بيتن جو وڏو ذخيرو ملي ٿو، سندس ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جو وڏو حصو عنوان وارن بيتن تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ ڪتاب ”سدا وسي سنڌڙي“ ۾ سڀ بيت آهن، جيڪي مختلف عنوانن هيٺ آيل آهن. هي ڪتاب ڊسمبر ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيو، هن مجموعي جا بيت ۱۹۵۴ع کان ۱۹۷۴ع تائين مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي لکيا ويا.

مخدوم صاحب جا ۹۶ بيت شامل آهن، سندن مجموعي ”آب حيات“ جي ٻئي حصي ۾ جن کي هڪ عنوان آب حيات چئي سگهجي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي بيتن ۾ نوان مضمون به آندا ۽ پراڻن مضمونن ۾ بيان جي جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي. سندن شاعري جو اڀياس ڪندي محقق سهيل ابڙو موجب سندن ڪُلي شاعري خصوصاً ”بيت“ ۾ ٽي موضوع ملن ٿا:

(۱) روحانيت (۲) وطن سان محبت (۳) رومانوي

برک محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري جي لفظن ۾؛ ”مخدوم طالب الموليٰ جي بيت جي مطالعي سان جيڪا ڳالهه سامهون اچي ٿي ته هن پاڻ کي روايت سان ڳنڍيل رکندي نج ديس صنف بيت کي ديسي ئي رنگ ۾ رهڻ ڏنو آهي ته ساڳي وقت ان ۾ موضوعاتي وسعت به پيدا ڪئي.

مخدوم صاحب جون غيرعروضي صنفن ۾ بيت کان سواءِ ڪافيءَ سان وڏيون قربتون رهيون. هن صنف سان سندن دلي لڳاءُ هو، انڪري هن وساريل صنف جي مالڪي ڪيائون ۽ ڪافي جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ ضخيم تحقيقي ڪتاب ”ڪافي“ آندائون، جنهن ۾ ڪافي جي تاريخ، فن ۽ موضوعن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿائون. جيڪا ڪافي جي هڪ مفصل تاريخ آهي.

مخدوم صاحب ڪافيءَ جو مقبول شاعر ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪافيءَ جي صنف ۾ سندن حيثيت موجوده دؤر ۾ سڀني کان مٿاهين آهي. سندن ڪافيون سندن چئن مجموعن ۾ پکڙيل آهن. سندن ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي ٻئي حصي ۾ ۲۲ عنوانن سان ۱۹۵۵ع کان ۱۹۹۸ع تائين لکيل ڪافيون شايع ٿيل آهن. جڏهن ته ڪافين تي ٻڌل مجموعو ”بي پير اکيون“ سندن اکرن ۾ ۱۹۷۸ع ڌاران پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ ۱۹۹۱ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”آب حيات“ جي پهرين حصي ۾ ۱۹۸۰ کان ۱۹۹۱ع تائين لکيل ۱۲ ڪافيون موجود آهن. ساڳيءَ ريت ”ڪِچڪول طالب“ ۱۹۵۵ع ۾ پڻ ڪافيون شامل آهن.

مخدوم صاحب جي ڪافي جا موضوع اڳ ۾ لکيل ڪافين کان مختلف آهن، جن ۾ فني تجربا ڪري نواڻ آندي وئي آهي، جن سان شعري دلڪشي ۽ رنگيني پيدا ڪئي آهي.

سندن ڪافين ۾ ترنم، نغمگي ڀرپور آهي، بقول مخدوم صاحب ڪافيءَ جو دارومدار آهي ئي راڳ، سُريلي آواز ۽ راڳ سمجهندڙ شاعر تي.

مخدوم صاحب پنهنجي ڪافين کي راڳ ۾ موزون ڪيو، جيڪي ڪلنگري، آسا، ڌناسري، بلاول، سدا سهاڳڻ، ڀيروي، گنڌاري، ديسي، گور سارنگ، تلنگ، تلنگ جي بهار يعني لوڙائو، پيلو، ڪرارا، ايمن، ٻيا ڪلياڻ، ديس، کنڀات، بهاگ، مارو بهاگ، ڪوهياري، پهاڙي، سانجهه، جوڳ، راڻي، مالڪونس، ڪونسيو، تلڪ ڪاموڏ، باگيشوري، راگيشوري وغيره ۾ ٻڌل آهن. اهي ڪافيون نين تار، دادري، چنچل، مغلئي، ڪلواڙي ۾ ڳائبيون آهن. ڪيتريون ئي ڪافيون هڪڙي گهاڙيٽي ۾ لکيل نظر اينديون، مگر سندن ڌنون مختلف راڳن ۽ جدا جدا ٺيڪن ۾ ٺهيل آهن. مخدوم صاحب ڪافي لکڻ وقت راڳن کي گهڻي اهميت ڏين ٿا. ان بابت ”ڪافي ۽ ان جو فن“ سري سان مقالي ۾ مخدوم صاحب ڄاڻائن ٿا ته ”ڪافي لکڻ وقت، ڪافي جي ڪا نه ڪا طرز دماغ ۽ ذهن ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ ان کي جهونگاريندو رهڻ گهرجي، ڇو ته ان طرز تي ئي ڪافي لکڻي آهي، جيڪڏهن ڪا به نئين طرز آهي ۽ ڌيان ڪافي ٻڌائي آهي ته اها طرز جهونگار ۾ هجي ۽ ڌيان ڪافي لکڻ ڏي رهي“.


حضرت طالب الموليٰ

سڄڻن جا ساريو سانگ - اٺاويهين ورسي جي حوالي سان

نور سنڌي

آئون جڏهن ستين ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائيل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳائيل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس.

مخدوم طالب الموليٰ سروري جماعت جو ۱۶هون سجاده نشين هو. ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع مطابق ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸هه تي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جن جي ۱۵ سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”گل“ جي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹ سالن جو هو ته سندس والد وصال ڪري ويو ۽ ننڍي ڄمار ۾ سروري جماعت جي سجاده نشين جو بار سندس ڪلهن تي پيو، گڏوگڏ مخدوم طالب الموليٰ جن جي مشغلن ۾ شاعري، مضمون نگاري، موسيقي، رانديون جن ۾ والي بال کي اهميت هئي، شعر و شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي. هن خاندان ۾ مخدوم سرور نوح رح کان مخدوم غلام محمد گل سائين تائين ڪئين ناميارا شاعري ٿي گذريا آهن. پاڻ ۱۰ سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف تخلص رکيا، جن ۾ بيوس، فراقي، طالب ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ تخلص پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آندو. سندس شاعري خاص طور ڪافيون نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ مقبول آهن، مختلف فنڪارن جي آواز ۾ شوق سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سندن شاعري سڀ کان وڌيڪ مصري فقير، فقير خادم حسين، رونا ليليٰ، ڦوٽو زرداري، فقير امير بخش، عابده پرين ڳايون آهن، انهن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندن سدا حيات شاعري هئڻ ڪري اڄ به ايتري دلچسپي سان ٻڌي وڃي ٿي، جيتري ماضي ۾ جڏهن ته آل انڊيا ريڊيو سروس تان اڄ به سندس ڪلام نشر ڪيو وڃي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ موسيقي جو به مشتاق هو، پاڻ بهترين ڳائيندو به هو، هارمونيم به وڄائيندو هو، پاڻ موسيقي جي ڄاڻ ڪلاڪار سيدو خان ولد هندي خان کان حاصل ڪئي.

مخدوم طالب الموليٰ  ايترو ته حساس هوندو هو جو ڪنهن جو به ڏک برداشت نه ڪري سگهندو هو، ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئس ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. ۸۸ع دوران مختلف شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيو ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي. طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتو، ان بعد ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو. مخدوم طالب الموليٰ کي سڃاڻپ جي اهڙي اک هئي جو هڪ دفعي جي ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندو هو ته سندن نالو وٺي خيريت معلوم ڪندو هو. سندن طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کيس شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن جي تڪليف دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگي جا آخري سال ڊائيلاسز تي هو. ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏيندو هو، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

بلڪل ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندو هو، ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندو هو. پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جو مالڪ هو. هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ هو. پاڻ بين الاقوامي سطح جو شاعر، بهترين ليکڪ، مفڪر، سماج سڌارڪ، ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ مالي مدد ڪندڙ هو. سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کيس ٻي وٺڻ واري کي هوندي هئي، سندس ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو. ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هو. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندس هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کيس عبور حاصل هو. ان کانسواءِ سندس سرپستي ۾ هفتيوار پاسبان، الزمان اخبارون ۽ ماهوار رسالو طالب الموليٰ، ماهوار شاعر، ماهوار روح ادب فردوس شايع ٿيندا هئا. انهن اخبارن ۽ رسالن ان دور ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. جڏهن ته علمي، ادبي ثقافتي تنظيمن انجمن علم و ادب هالا، شعراءِ سنڌ، اداره روح روان ادب، بزم طالب الموليٰ جو پڻ پاڻ سرپرست هو. پاڻ زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پوڻا ٻه لک کان وڌيڪ شعر لکيا، جن ۾ ڪافيون، غزل، گيت، نعتون، حمد، بيت، چار سٽا، ٽه سٽا به شامل هئا. کيس علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سرڪار پاران ۽ ڪيترن ئي سماجي، علمي، ادبي ثقافتي ادارن پاران ايوارڊ مليا. جن ۾ صدر ايوب جي دور ۾ صدارتي تمغه پاڪستان، غلام اسحاق خان جي دور ۾ صدارتي هلال امتياز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ پاران شاهه لطيف ايوارڊ به شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ۳ دفعا چيئرمين رهيو. پاڻ بااصول سياستدان هو. جنرل ضياءَ ۽ نواز شريف دور ۾ کيس پ پ ڇڏڻ لاءِ وڏيون آفرون ڏنيون ويون. سندس خاندان جي فردن کي وفاق ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتون ڏيڻ جون آڇون ڪيون ويون، پر پاڻ انهن لالچن کي ٺڪرائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙي انڪار تي سندس پياري فرزند مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جڏهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن حڪم تي سندس خاندان ۽ سروري جماعت جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو. هزارين سروري جماعت وارن گرفتاريون ڏنيون، سندس حڪم تي سندنسفرزند مخدوم سعيدالزمان عاطف ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيلن ۾ قيدين جي هر طرح سان مدد ڪئي. پاڻ پ پ پ جا بنيادي اڳواڻ هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ جي پنهنجي محسنن جهڙي عزت ڪندو هو ۽ وقت به وقت وٽن حاضر ٿيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به کيس والد جيتري عزت ڏيندي هئي. پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جو به سرپرست هو، جن ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، سنڌ طبيبه ڪاليج حيدرآباد شامل آهن. سندس سرپستي ۾ سندس شاعري ۽ ٻين لکڻين جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصوف، امام عزالي جا خط، ياد رفتگارن، مثنوي عقل ۽ عشق، ڪچڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪافي، ديوان طالب الموليٰ، شان سروري، بي پير اکيون، سنڌ جو شڪار، شان سروري حصو پهريون ۽ ٻيو، مصرين تڙيون، آب حيات ۽ ٻيا ڪتاب به شامل آهن. سندن وصال بعد ڪافي اڻ ڇپيل مواد ۽ جيڪي ڇپيل ڪتاب اڻ لڀ هئا اهي ٻيهر مخدوم جميل الزمان جن شايع ڪرايا آهن. پاڻ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس آخري آرام گاهه حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار اندر آهي ۽ اڄ سندس ۲۸ورسي ڪورونا وائرس جي ڪري سادي نموني ملھائي پئي وڃي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ماڻهو سڀ نه سهڻا

عوامي آواز ايڊيٽوريل

اڄ سنڌ جي عظيم روحاني شخصيت ۽ سنڌي ٻولي جي قادر الڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن جي ۲۸ هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مرشد و هادي سنڌ جي ان عظيم روحاني گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي ۽ سنڌ جي روحاني گادين ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي گادي آهي. جيڪو حضرت مخدوم نوح عليھ رحه جن کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جا اڄ به سڄي برصغير ۾ عقيدت مند لکن جي تعداد ۾ موجود آهي.اسان جي سٻاجهڙي ۽ سونهاري سنڌ ڪيترن ئي ولين، درويشن، مستن، مجزوبن کي يا ته جنم ڏنو اهي يا ته الله جي ولين ٻاهران اچي سنڌ ڌرتي تي سڪونت اختيار ڪئي آهي. انهن اوليائن مان برصغير جي هڪ عظيم روحاني شخصيت حضرت غوث الحق مخدوم نوح به هڪ آهن. سرور نوح سنڌ جو اهو ڪامل ولي آهي جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي.حضرت مخدوم سرور نوح جن جي پشت مان حضرت مخدوم طالب الموليٰ پيدا ٿيا ۽ سرور سائين جو گادي جو ۱۷ هون نمبر گادي نشين بڻيا. طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي وصفن جا مالڪ هئا ۽ گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ به هئا. پاڻ هڪ مڪمل روحاني پيشوا هئا ۽ جماعت کي روحاني تربيت ڏيڻ لاءِ سماجي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. سندن هٿ تي هزارين ماڻهن بيعت ڪري سروري جماعت ۾ شامل ٿيا. سنڌ ۾ جڏهن تعليم اڻلڀ هئي ۽ سنڌ جا ماڻهو ديني درسگاهن ذريعي تعليم حاصل ڪندا هئا ان وقت سنڌ حضرت مخدوم غلام حيدر سائين تعليم جو ڏيو روشن ڪيو ۽ هالا شريف ۾ پرائمري کان ڪلا جي سطح تائين تعليمي ادارا قائم ڪيا. جيڪي سندن وڃڻ کان پوءِ طالب الموليٰ انهن کي هلايو. سائين جن پنهنجن جي جماعت  کي تعليم ڏيارڻ جون هدايتون ڪندا رهندا هئا ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي جماعت ۾ ۷۰ سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل آهن. سنڌ ۾ تعليمي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندن وڏو ڪرار رهيو آهي. مخدوم طالب غلام محمد پرائمري اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ هاسٽل، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو سندن يادگار طور موجود آهن. ڪيترن ئي غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪندا رهندا هئا. طالب الموليٰ سائين جن جي دور ۾ هالا شريف ادب، شاعري، ثقافت، ٻولي ۽ موسيقي جي يونيورسٽي سڏبو هو. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر، محقق، عالم ۽ ڏاها موجود رهندا هئا.مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي دور جا هڪ وڏا قادر ڪلام ۽ صوفي شاعر هئا ۶۰ ۽ ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ قبلا سائين جي شاعري تمام گهڻي ڳائي ويندي هئي ۽ ان وقت جا ڪلاسيڪل نان، ڪلاسيڪل فنڪار سندن ڪلام ڳائيندا هئا.طالب الموليٰ سائين جن شاعري ۾ نئون رنگ پيش ڪيو ۽ ڪافي جي مدد سان عام سنڌي ٻولي ۾ لکيو ۽ ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ هئي ۽ پاڻ ڪافي تي ڪتاب به لکيو اٿن. جيڪو هن وقت به ايم اي فائينل سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهي. طالب الموليٰ سائين مطالعي ۾ شاهدي جا شاعر هئا، سندن ڪلام اڄ به سنڌ جا ڪلاسيڪل نان ڪلاسيڪل ڳائڻا وڏي شدت سان ڳائين ٿا.طالب الموليٰ سياست ۾ رهيا پر ڪڏهن اقتداري سياست جي ويجهو به ڪونه ويا. حالانڪه سائين جن کي وڏن وڏن سرڪاري عهدن جون آڇون به ڪيون ويون سندن سياسي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ون يونٽ خلاف صدر ايوب سان مهاڏو اٽڪايائون. ون يونٽ خلاف هڪ وڏي گڏجاڻي سندن ميزباني ۾ سندن بنگلي تي ٿي. جتي سنڌ جو سڀ طاقتور  ڌريون قوم پرست ۽ ڪامريڊ ٽولو شريڪ ٿيا. جتي ون يونٽ ٽوڙ محاذ جو بنياد پيو ۽ يونٽ ٽوڙڻ خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلي جنهن ۾ سندن مريدن وڏيون گرفتاريون ڏنيون.ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتائون ۽ پنهنجي اولاد ۽ جماعت  جون گرفتاريون ڏياريون شهيد ڀٽي ۽ سندن نياڻي سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ رهيا ۽ ساٿ نه ڇڏيائون. اڄ به سندن خاندان پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن. حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن سرور نوح عليح رحمت جا ۱۷ نمبر گادي نشين هئا. طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي رخي شخصيت هئي ۷ اعليٰ صفتن جا مالڪ هئا. سندن شخصيت جي هر پهلو تي لکڻ لاءِ وڏو وقت کپي. اڄ آءٌ فقط سندن شاعري ۽ ادب نوازي تي ڪجهه لکندس.سنڌي شاعري جو بنياد حضرت مخدوم نوح رحه جن رکيو ۽ آءٌ ايترو چوندس ته مخدوم نوح جن سنڌ جا پهريان سنڌي شاعري جا مالڪ هئا، قاضي قاضن ۽ ٻين شاعرن جو به نالو اچي ٿو. پر سنڌي شاعري جو پهريون شاعر حضرت مخدوم نوح رح کي سمجهيو ويندو آهي. سروري خاندان ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ حضرت مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جن سنڌ جا هڪ وڏا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آهن جن کي ڪافي جو بادشاهه ڪري سڏيو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ جي وڏن وڏن روحاني شاعرن جا همعصر هئا. حضرت مخدوم غلام محمد جن به شاعري ڪئي. پر ان جي شاعري ۾ رڳو سحر في الف کان ي تائين شاعري ملي ٿي. جيڪا پاڻ علي سائين جي شان ۾ لکيل آهي. ان بعد سروري خاندان جو وڏي ۾ وڏو ناليوارو شاعر حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري عام سنڌ جي ماڻهو تائين پهتل آهي.مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جو اهو وڏي نالي وارو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي نئون رنگ بخشيو سندن شاعري عام سنڌي ٻولي ۾ ٿيل آهي. طالب الموليٰ سائين  سنڌي شاعري کي وڏي جدت سان ڪيو. پاڻ مطالعي ۾ مشاهدي ۾ شاعر هئا. سندن شاعري ۾ سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي ٻولي شامل آهي. سندن شاعري ۾ شيري مٺاس آهي. سندن شاعري ٻڌڻ سان اڄ به دل کي سڪون ملندو آهي. مون سندن پهرين ڪافي ۱۹۵۸ع ۾ ٻڌي، جڏهن آءٌ ننڍڙي عمر جو هيس. جيڪو سوشيالا مهتاڻي ۽ محمد ايوب گڏجي ڳايو هو.

اسان عش وارن جي عادت نياري

نه ڪنهن سان تعلق نه ڪنهن کان بيزاري

سندن ڪافيون ۽ ڪلام يا ته ريديو پاڪستان حيدرآباد تان ٻڌندو هئس يا ته شادين مرادين ۾ جتي سنڌ جا نالي وارا ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ سندن ڪلام تمام گهڻو ڳايو ويندو هو. جتي جتي به ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا اتي قبله سائين جو ڪلام ڪثرت سان ڳاهيو ويندو هو.طالب الموليٰ سدائين سنڌي شاعري کي عام ماڻهو تائين پهچايو، سندن شاعري ۾ نواڻ هئي پاڻ پنهنجن جي شاعري ۾ اکين جي اداسائي ۽ پيرن جي پنڌ کي به ڳايو آهي.

اکين جي اداسي جو ڏاڍو ڏک ٿيوم

آيم آب اکين ۾ تڏهن پتو پيوم

ريٽين کي روئڻ جو وڏو وس ڪيوم

طالب الموليٰ تن کي پلئه پانڌ وڌوم

اکين کي چيوم تڏهن به رهيون ڪين رئڻ کان

يا ته پاڻ محفلن ۾ اچي شرڪت ڪندا هئا، يا وري پنهنجا شعر لکي موڪليندا هئا. سندن شاعري تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پاڻ مزاج جا به شاعر هئا ته حقيقت جا به شاعر هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته بابا حقيقي عشق جي چاڙهي اصل ۾ مزاج آهي. پنهنجي ڪلام جون ڌنون پاڻ ٺاهيندا هئا ۽ پاڻ ڪلاسيڪل گائڪي کي سمجهندا هئا. مون قبله سائين جن کان هڪ دفعي پڇيو ته بابا اوهان جو مزاجي محبوب ڪير آهي ته پاڻ فرمايائون ته

منهنجي عشق جو يا محبوب خدا

آغاز به تون ره ته انجام به تون

پاڻ سڌي ڪافي کي عام ڪيو، سنڌي ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ ٿيل آهي. پاڻ سنڌي ڪافي ڪلاسيڪل مان ڪڍي تان ڪلاسيڪل ۾ کڻي آيا جنهن ڪري سنڌي ماڻهو ان کي سولائي سان سمجهي سگهن. پاڻ ڪڏهن بهر وزن واري شاعري ڪونه ڪيائون جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ هوندا هئا ته شاعري ڪندا هئا. اڪيلائي ۾ جهوگاريندا رهندا هئا ۽ شاعري لکندا رهندا هئا. پاڻ سنڌي جي واهڻ واهڻ، وستي وستي جماعت جي روحاني دورن ۾ سلسلي ۾ يا سنڌي ادبي محفلن ۾ شرڪت ڪندا هئا. جتي جتي جنهن ڳوٺ شهر ۾ قيام ڪندا هئا. اتي شعر لکندا هئا ۽ انهن ڳوٺن جا نالا لکندا هئا. پاڻ سنڌ جي شاعرن جي سرپرستي ڪئي ۽ ڪيترن شاعرن ۾ مالي سهائتا ڪندا هئا. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر سنڌ جا ڏاها، عالم شاعر نظر ايندا هئا. جن جي ميزباني پاڻ ڪندا هئا. بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌائون جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيائون جتي هر مهيني مذهبي ۽ غير مذهبي شاعرن ۽ سنڌي سنگيت جون محفلون مچنديون هيون. قبله سائين مون ڏٺو ته تهجد جي وقت اٿندا هئا ۽ فجر جي نماز پڙهي پوءِ ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا ۽ شعر لکندا هئا ۽ ڪجهه  ادب تي به لکندا هئا.سندن شاعري سنڌ جي تمام پراڻن ڳائڻن ڳائي ان وقت جا ڳائڻا جڏهن محفلن ۾ڳائيندا هئا ته صرف طالب الموليٰ  جو ڪلام ڳائيندا هئا. ڀلي سڄي رات رڳ هلندو هو. ليڪن سائين جن جي شاعري کي کٽائي نه سگهندا هئا. پاڻ سنڌي ڪافي کي نئون رخ ڏنو ۽ ڪافي جي اهميت کي سمجهايو. سندن ڪافي تي ڪتاب به لکيل آهي جيڪو هن وقت ايم اي سنڌي فائنل ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو آهي.

سندن اندر ۾ درد هو، سندن اندر ۾ سور سمايل هئا شاعري ۾ سندن وڏي منزل هئي.

پڃارو ڀڃي جيئن سوَ ڀيرا عباد کي

طالبن مون کي دنبئيو طالب الموليٰ تيئن

آهي مون کي ائين ڪيو عشق عجيب جي.

فقير امير بخش، مخدوم ڍول فقير، مرحوم مصري فقير، حسين بخش خادم، فقير يار محمد، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا فنڪار سائين جو ڪلام دل ۽ درد مان ڳائيندا هئا. سنڌي ٻولي جي شاعر، اديب ۽ ثقافت جي رکوالي کي اسان کان وڇڙي ۲۸ سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ به سندن شاعري سڄي سنڌ ۾ سنڌ جا ڀلوڙ ۽ ڪلاسيڪل فنڪار ڳائين ٿا. سندن شاعري اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندي. سندن نالو سنڌي جي قادر الڪلام شاعرن ۾ اڄ به سر فهرست آهي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 


 

طالب الموليٰ

هالا جو روح روان

ڊاڪٽر سليمان شيخ

منهنجي ننڍپڻ جو هالا، هنرمندن جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، ڪچا رستا ۽ گهٽيون، بجليءَ کانسواءِ ننڊاکرو شهر ڀاسندو هو. ۱۹۵۲ع ڌاري جڏهن ڪجهه هوش آيو ته هالن جي علمي ادبي دنيا جو واس پلئه پيو. ان زماني ۾ رفيق ڪمپني مشاعرا، سالياني سيرت ڪانفرنس وڏي اهتمام سان منعقد ڪندي هئي. ان ئي وقت ۾ هالا ۾ بزمِ گلستان جي شاخ قائم ڪئي وئي. گلستان سنڌي ۾ ٻارن جو رسالو نڪرندو هو، جيڪو مقبول ڀَٽي ۽ سندن وڏو ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽي هلائيندا هئا. ان وسيلي بزمِ گلستان جو اجراءُ ٿيو هو بزمِ گلستان رفيق ڪمپني جي ننڍڙن رضاڪارن جو جٿو هو. پهريون ڀيرو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن کي انهن محفلن ۾ خاص مهمان جي مسند تي جلوه افروز ٿيندي ڏٺو هئم. هڪ شبيهه سهڻو جوان ڪراڪولي ٽوپيءَ سان بيحد پرشڪوه لڳندو هو. هالا جي ڪا به محفل مخدوم صاحب جن جي ڏات کانسواءِ محفل نه سمجهي ويندي هئي. سندن اچڻ سان محفل ۾ ڳنڀيرتا ۽ تنظيم اچي ويندي هئي. انور هالائي ۽ ابڙو عبداللطيف ساقي هنن محفلن کي سجائيندڙ هئا. سائين عبدالرؤف منصور صاحب ۽ سندن ڀاءُ سائين عبدالرحيم بيدل رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندا هئا. محترم محمد عيسيٰ ابڙو رفيق ڪمپني جو روح روان هو. وضعدار همت وارو نوجوان هو ۵۹-۱۹۵۸ع ۾ انجمنِ فروغ ادب جو بنياد پيو. رفيق ڪمپنيءَ کانپوءِ هالا جي ادبي ثقافتي سرگرمين جو سهرو هن جماعت تي آهي. ۱۹۵۹ع  آڪٽوبر ڌاري مرحوم’ اختر هالائي جي پهرين ورسيءَ سان انجمن پنهنجي سرگرمين جو آغاز ڪيو. فيصلو اهو ٿيو ته خليفه محمد عمر اختر هالائيءَ جي پهرين ورسي انجمنِ فروغ ادب ملهائي ۽ وڏي پيماني تي ان جو بندوبست ڪجي. ان لاءِ مخدوم صاحب کي دعوت ڏيڻي هئي ۽ جلسي جو انتظام ڪرڻو هو. انور هالائي ۽ ابڙو عبداللطيف ساقي، پروفيسر احمد خان ميمڻ ۽ عبدالرحمان قريشي انجمنِ فروغ ادب جا معاون هئا ۽ اسان نوجوانن جي رهنمائي ڪندا هئا. سائين محبوب علي چنه جن سرپرست هئا. مخدوم صاحب وٽ اسان ميٽرڪ جا ڇوڪرا انور صاحب جن سان گڏجي حاضر ٿياسين تعارف ٿيو ۽ مدعا بيان ڪئي سين، اسان جي درخواست قبول ڪئي وئي. ساٿين مون کي حڪم ڪيو ته ان تاريخي جلسي جي ڪاروائي سيڪريٽري طور آئون هلايان. ان وقت ساقي صاحب جن جو ڌاڪو ڄميل هو يا وري انور صاحب ان ڪم ۾ مشاق هو. پر ان ڏکئي ڪم لاءِ مون کي چونڊيو ويو. اهو موقعو منهنجي لاءِ سعادت به ته آزمائش به هو. بهرحال مخدوم صاحب اسان جي ٻاراڻي محفل کي شرف بخشيو ۽ اسان پنهنجي ساٿي عبدالحميد شهيد جي والد محترم ۽ سنڌ جي ان وقت جي غزل جي باڪمال شاعر اختر هالائيءَ جي ورسي جو اهتمام ڪيو. محفل نهايت ڪامياب ٿي ۽ ساٿين منهنجي تمام گهڻي حوصلي افزائي ڪئي ۽ جناب انور ۽ ساقي صاحب جن دل کولي داد ڏنو. ان ريت هالا جي ادبي دنيا ۾ داخل ٿيس. مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن سان ان کانپوءِ انيڪ ڀيرا ملاقاتون ٿيون. محفلن جي انتظام ڪاري ۾ ساڻن سلسلو جاري رهيو.

۱۹۶۶ع ۾ انجمنِ فروغ ادب جشنِ هالا جو اهتمام ڪيو. هالا جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو هالا جي تاريخ، تمدن، ادب علمي اتهاس ۽ فن و هنر جو اپٽار هن ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ ڪيو ويو. هي جشن سرڪار جي مدد کانسواءِ  هالا جي مخير ماڻهن ۽ اسان جي ساٿين جي ڀرپور سهڪار جو هڪ ڀرپور نماءُ هو. هالا جي اديبن ۽ عالمن جي لکيل علمي نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن جو نماءُ سروري ڪاليج ۾ منعقد ڪيو ويو. هالا جي تاريخ ۽ تمدن تي ادبي ڪانفرنس پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. جديد هالا جو معمار جناب حضرت مخدوم غلام حيدر صديقي جن جي خدمتن تي سيمينار منعقد ڪيو ويو ۽ آخري نشست مشاعرو مخدوم صاحب جن جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. هن جشن جي هر هڪ نشست تي هڪ ننڍڙو ڪتابچو شايع ڪيو ويو. عبدالغفار ابڙو جن اهي ڪتاب ترتيب ڏنا. مخدوم صاحب جن هن جشن جي ”دامي درمي سخني“ مدد فرمائي ۽ ان محفل ۾ سندن شرڪت موقعي کي يادگار بنائي ڇڏيو.

۱۹۶۸ع ۾ مخدوم صاحب جن سان هڪ نجي گڏجاڻيءَ جو موقعو مليو. ان وقت پاڻ ڪنوينشن مسلم ليگ جي نائب صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڍاڪا کان لاهور پهتا هئا. هوٽل ايمبسيڊر ۾ سندن قيام هو. جناب سليم هالائي ان وقت مغربي پاڪستاب جي اطلاعات کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئا،  اسان لاهور ۾ گڏ رهندا هئاسين. سليم صاحب مون سان مخدوم صاحب جي لاهور ۾ تشريف آوريءَ جو ذڪر ڪيو، ان وقت ون يونٽ خلاف مهم زورن تي هئي ۽ ايوب خان جي خلاف ملڪ ۾ هنگاما ٿي رهيا هئا. ذوالفقار علي ڀُٽو جيل ۾ هو. ايوب خان سياسي اڳواڻن جي گول ميز ڪانفرنس مريءَ ۾ڪوٺائي هئي. ان سلسلي ۾ لاهور ۾ مغربي پاڪستاب سيڪريٽريٽ ۾ سنڌي آفيسرن جون به پاڻ ۾ غير رسمي گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. فضل الله قريشيءَ انهن گڏجاڻين جو اهم رڪن هو. مخدوم صاحب جن سان ملاقات لاءِ آئون ۽ سليم هالائي مقرر وقت تي هوٽل وياسين. اهو منهنجي لاءِ پهريون موقعو هو ته مخدوم صاحب جن سان بي حجابيءَ سان سياسي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪبي. مخدوم صاحب جن آڏو اهو سوال هو ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ پنهنجي وسيلن تي قائم رهي سگهندي؟ حقيقت ۾ ان وقت ملڪي اخبارن جي ڪوتاهه نظر دانشورن جو اهو غوغاءُ هو ته سنڌ هڪ رڻ پٽ آهي، ان کي ڪابه گهڻي اپت ڪانهي. اها صرف پنجاب جي ڀروسي تي قائم آهي. فضل الله ۽ سندس ساٿين هڪ دستاويز هٿ ڪيو هو. جيڪو ۱۹۵۵ع ۾ ون-يونٽ جي اسڪيم تيار ٿيڻ واري اقتصادي صورتحال تي منحصر هو ۽ ان مطابق سنڌ مغربي پاڪستان ۾ سڀ کان سکيو ستابو صوبو هئي ۽ ون يونٽ وقت سنڌ پنهنجا ۳۲ ڪروڙ روپيه مغربي پاڪستان کي ڏنا. اها رقم سنڌ يونيورسٽي، اعليٰ تعليمي ادارن ۽ ٻين ترقياتي رٿائن لاءِ رکيل هئي، جيڪي عمل هيٺ اچڻا هئا. مخدوم صاحب اهو دستاويز ڏٺو ته حيران ٿي ويا ۽ ون يونٽ کانپوءِ سنڌ جي رٿابنديءَ لاءِ سرگرم بنيا. اسان جي هن گڏجاڻيءَ کانپوءِ پاڻ شيزان اورينٽل ۾ هڪ ڊنر جو اهتمام ڪيائون جن ۾ شير محمد بلوچ،  جي ڊي ميمڻ (اهي ٻئي صاحب ون يونٽ سرڪار ۾ سيڪريٽري هئا) آخوند صاحب جيڪو ان وقت پبلڪ سروس ڪميشن ميمبر هو ۽ سليم صاحب جن کي مدعو ڪيائون ۽ مون کي پڻ هن دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. معزز اعليٰ عهديدارن پڻ ان دستاويز جي سچائيءَ جو اقرار ڪيو، ان ريت مخدوم صاحب جن سنڌ ۾ اينٽي ون يونٽ محاذ جوڙڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ پاڻ هن مهم ۾ سرگرميءَ سان شامل رهيا. جي ايم سيد صاحب جن پڻ هن محاذ ۾ شامل هئا.

پيپلز پارٽيءَ جي شروعات ڏينهن ۱۹۶۸ع ۾ هالا ۾ پ پ جو ڪنوينشن محفل سينما ۾ ٿيو. ان جو سڄو بندوبست مخدوم صاحب جن پنهنجي ساٿين مريدن ۽ هالا جي رضاڪارن وسيلي ڪيو هو. اهو شاندار ڪنوينشن سياسي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. ۱۹۷۳ع ڌاري مخدوم خليق الزمان صاحب جن جي شادي جي وليمي ۾ وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو خصوصي دعوت تي هالا آيا. سندن آمد کي هالا لاءِ يادگار بنائڻ لاءِ مخدوم صاحب جن اسان جي نوجوان جٿي کي به ياد ڪيو، سندن رهنمائيءَ ۾ هالا شهر جي مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ هڪ يادداشت نامو تيار ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته مخدوم محمد امين فهيم جن جي سرواڻيءَ ۾ اهو يادداشت نامو هالا جي شهرين پاران ڊاڪٽر محمد اشرف ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ عبدالغفار ابڙو پيش ڪندا. ان يادداشت نامي ۾ هالا لاءِ واٽر سپلاءِ، سئي گيس، تعلقي اسپتال وغيره جا منصوبا شامل هئا. ڀُٽي صاحب ان يادگار دعوت ۾ بيحد خوبصورت انداز  ۾ سنڌيءَ  ۾ تقرير ڪئي هئي. مخدوم صاحب محترم جو آجياڻو بيحد اثرائتو هو. افسوس جو مون وٽ ان جو رڪارڊ موجود ڪونهي. اهو هڪ سماجي سياست جو يادگار موقعو هو.

مخدوم صاحب جن سان زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ملاقات جا سلسلا جاري رهيا. عيد جي ڏينهن ملاقات ۽ ٻئي ڏينهن تي مشاعري جي محفل هالا جي ثقافتي علمي ۽ سماجي زندگيءَ جا اهي زرين ڏهاڙا هئا جن کي وساري نٿو سگهجي.طالب الموليٰ فائونڊيشن مخدوم صحب جن سان انجمنِ فروغ ادب پاران طالب الموليٰ سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو. (افسوس جو تاريخ ذهن جي پتيءَ تان ميسارجي وئي آهي) ان ۾ منهنجي رٿ تي طالب الموليٰ فائونڊيشن جو بنياد رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جن اجازت ڏيڻ فرمائي. پاڻ ان جا پهريان چيئرمين ٿيا. مون کي هن فائونڊيشن جي مقصدن ۽ جوڙجڪ تي منحصر بنيادي دستاويز ٺاهڻ جو حڪم ٿيو. ان جو امانتدار بورڊ (Board of Trustees) نامزد ڪيو ويو ۽ پاڻ مون کي تاحيات سيڪريٽري جي عهدي تي سرفراز فرمايائون. (زندگيءَ وفا ڪئي ته اهي دستاويز هٿ ڪري شايع ڪبا) انهن وسيلي جناب مخدوم صاحب جن جي سماجي سوچ ۽ دور انديشيءَ جو ڏس ملي ٿو. سندن آڏو هالا کي علم و ادب ۽ سائنس وگيان جو مرڪز بنائڻ جو خواب هو.

اڄ جي هالا ۾ سندن ڪوششن ۽ دعائن جو ثمر سامهون آهن. پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هالائي سائنسدانن جي موجودگي ۽ اديبن ۽ عالمن جو انگ اوهان کي چڱيءَ ريت اها ڳالهه ٻڌائي سگهي ٿو. هالا جو مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۱۹۴۲ع ۾ قائم ٿيو ۽ سروري اسلاميه ڪاليج ۱۹۵۲ع ۾ قائم ٿيو. انهن ٻن ادارن مان تعليم پرائي اعليٰ ادارن ۾ پهتل هزارين شخص جيڪڏهن گڏجي پون ته هالا کي سائنس، علم ادب جو هڪ اهڙو مرڪز بنائي سگهجي ٿو، جيڪو عالمِ انسانيت لاءِ هڪ امن ۽ سلامتيءَ جو اهڃاڻ بنجي پوي. مخدوم طالب الموليٰ جن جي وفات کانپوءِ مخدوم محمد امين فهيم سروري جماعت جي سرواڻيءَ سان گڏ طالب الموليٰ فائونڊيشن جا سرواڻ پڻ بنيا پاڻ اعلان ڪيائون ته طالب الموليٰ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، ان لاءِ ڪجهه گڏجاڻيون به ٿيون پر افسوس جو اڄ تائين اهو خواب ساڀيان ٿي نه سگهيو آهي.


 

حضرت طالب الموليٰ

سڄڻن جا ساريو سانگ - اٺاويهين ورسي جي حوالي سان

نور سنڌي

آئون جڏهن ستين ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائيل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳائيل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس.

مخدوم طالب الموليٰ سروري جماعت جو ۱۶هون سجاده نشين هو. ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع مطابق ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸هه تي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جن جي ۱۵ سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”گل“ جي جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹ سالن جو هو ته سندس والد وصال ڪري ويو ۽ ننڍي ڄمار ۾ سروري جماعت جي سجاده نشين جو بار سندس ڪلهن تي پيو، گڏوگڏ مخدوم طالب الموليٰ جن جي مشغلن ۾ شاعري، مضمون نگاري، موسيقي، رانديون جن ۾ والي بال کي اهميت هئي، شعر و شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي. هن خاندان ۾ مخدوم سرور نوح رح کان مخدوم غلام محمد گل سائين تائين ڪئين ناميارا شاعري ٿي گذريا آهن. پاڻ ۱۰ سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف تخلص رکيا، جن ۾ بيوس، فراقي، طالب ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ تخلص پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آندو. سندس شاعري خاص طور ڪافيون نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ مقبول آهن، مختلف فنڪارن جي آواز ۾ شوق سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سندن شاعري سڀ کان وڌيڪ مصري فقير، فقير خادم حسين، رونا ليليٰ، ڦوٽو زرداري، فقير امير بخش، عابده پرين ڳايون آهن، انهن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندن سدا حيات شاعري هئڻ ڪري اڄ به ايتري دلچسپي سان ٻڌي وڃي ٿي، جيتري ماضي ۾ جڏهن ته آل انڊيا ريڊيو سروس تان اڄ به سندس ڪلام نشر ڪيو وڃي ٿو. مخدوم طالب الموليٰ موسيقي جو به مشتاق هو، پاڻ بهترين ڳائيندو به هو، هارمونيم به وڄائيندو هو، پاڻ موسيقي جي ڄاڻ ڪلاڪار سيدو خان ولد هندي خان کان حاصل ڪئي.

مخدوم طالب الموليٰ  ايترو ته حساس هوندو هو جو ڪنهن جو به ڏک برداشت نه ڪري سگهندو هو، ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئس ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. ۸۸ع دوران مختلف شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيو ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي. طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتو، ان بعد ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو. مخدوم طالب الموليٰ کي سڃاڻپ جي اهڙي اک هئي جو هڪ دفعي جي ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندو هو ته سندن نالو وٺي خيريت معلوم ڪندو هو. سندن طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کيس شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن جي تڪليف دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگي جا آخري سال ڊائيلاسز تي هو. ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏيندو هو، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿس ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

بلڪل ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندو هو، ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندو هو. پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جو مالڪ هو. هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ هو. پاڻ بين الاقوامي سطح جو شاعر، بهترين ليکڪ، مفڪر، سماج سڌارڪ، ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ مالي مدد ڪندڙ هو. سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کيس ٻي وٺڻ واري کي هوندي هئي، سندس ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو. ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هو. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندس هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کيس عبور حاصل هو. ان کانسواءِ سندس سرپستي ۾ هفتيوار پاسبان، الزمان اخبارون ۽ ماهوار رسالو طالب الموليٰ، ماهوار شاعر، ماهوار روح ادب فردوس شايع ٿيندا هئا. انهن اخبارن ۽ رسالن ان دور ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. جڏهن ته علمي، ادبي ثقافتي تنظيمن انجمن علم و ادب هالا، شعراءِ سنڌ، اداره روح روان ادب، بزم طالب الموليٰ جو پڻ پاڻ سرپرست هو. پاڻ زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پوڻا ٻه لک کان وڌيڪ شعر لکيا، جن ۾ ڪافيون، غزل، گيت، نعتون، حمد، بيت، چار سٽا، ٽه سٽا به شامل هئا. کيس علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سرڪار پاران ۽ ڪيترن ئي سماجي، علمي، ادبي ثقافتي ادارن پاران ايوارڊ مليا. جن ۾ صدر ايوب جي دور ۾ صدارتي تمغه پاڪستان، غلام اسحاق خان جي دور ۾ صدارتي هلال امتياز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ پاران شاهه لطيف ايوارڊ به شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ۳ دفعا چيئرمين رهيو. پاڻ بااصول سياستدان هو. جنرل ضياءَ ۽ نواز شريف دور ۾ کيس پ پ ڇڏڻ لاءِ وڏيون آفرون ڏنيون ويون. سندس خاندان جي فردن کي وفاق ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتون ڏيڻ جون آڇون ڪيون ويون، پر پاڻ انهن لالچن کي ٺڪرائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙي انڪار تي سندس پياري فرزند مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جڏهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن حڪم تي سندس خاندان ۽ سروري جماعت جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو. هزارين سروري جماعت وارن گرفتاريون ڏنيون، سندس حڪم تي سندنسفرزند مخدوم سعيدالزمان عاطف ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيلن ۾ قيدين جي هر طرح سان مدد ڪئي. پاڻ پ پ پ جا بنيادي اڳواڻ هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ جي پنهنجي محسنن جهڙي عزت ڪندو هو ۽ وقت به وقت وٽن حاضر ٿيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به کيس والد جيتري عزت ڏيندي هئي. پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جو به سرپرست هو، جن ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، سنڌ طبيبه ڪاليج حيدرآباد شامل آهن. سندس سرپستي ۾ سندس شاعري ۽ ٻين لکڻين جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصوف، امام عزالي جا خط، ياد رفتگارن، مثنوي عقل ۽ عشق، ڪچڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪافي، ديوان طالب الموليٰ، شان سروري، بي پير اکيون، سنڌ جو شڪار، شان سروري حصو پهريون ۽ ٻيو، مصرين تڙيون، آب حيات ۽ ٻيا ڪتاب به شامل آهن. سندن وصال بعد ڪافي اڻ ڇپيل مواد ۽ جيڪي ڇپيل ڪتاب اڻ لڀ هئا اهي ٻيهر مخدوم جميل الزمان جن شايع ڪرايا آهن. پاڻ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. سندس آخري آرام گاهه حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار اندر آهي ۽ اڄ سندس ۲۸ورسي ڪورونا وائرس جي ڪري سادي نموني ملھائي پئي وڃي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ماڻهو سڀ نه سهڻا

عوامي آواز ايڊيٽوريل

اڄ سنڌ جي عظيم روحاني شخصيت ۽ سنڌي ٻولي جي قادر الڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن جي ۲۸ هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مرشد و هادي سنڌ جي ان عظيم روحاني گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي ۽ سنڌ جي روحاني گادين ۾ هڪ وڏي ۾ وڏي گادي آهي. جيڪو حضرت مخدوم نوح عليھ رحه جن کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جا اڄ به سڄي برصغير ۾ عقيدت مند لکن جي تعداد ۾ موجود آهي.اسان جي سٻاجهڙي ۽ سونهاري سنڌ ڪيترن ئي ولين، درويشن، مستن، مجزوبن کي يا ته جنم ڏنو اهي يا ته الله جي ولين ٻاهران اچي سنڌ ڌرتي تي سڪونت اختيار ڪئي آهي. انهن اوليائن مان برصغير جي هڪ عظيم روحاني شخصيت حضرت غوث الحق مخدوم نوح به هڪ آهن. سرور نوح سنڌ جو اهو ڪامل ولي آهي جنهن جو فيض پوري برصغير ۾ ڦهليل آهي.حضرت مخدوم سرور نوح جن جي پشت مان حضرت مخدوم طالب الموليٰ پيدا ٿيا ۽ سرور سائين جو گادي جو ۱۷ هون نمبر گادي نشين بڻيا. طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي وصفن جا مالڪ هئا ۽ گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ به هئا. پاڻ هڪ مڪمل روحاني پيشوا هئا ۽ جماعت کي روحاني تربيت ڏيڻ لاءِ سماجي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. سندن هٿ تي هزارين ماڻهن بيعت ڪري سروري جماعت ۾ شامل ٿيا. سنڌ ۾ جڏهن تعليم اڻلڀ هئي ۽ سنڌ جا ماڻهو ديني درسگاهن ذريعي تعليم حاصل ڪندا هئا ان وقت سنڌ حضرت مخدوم غلام حيدر سائين تعليم جو ڏيو روشن ڪيو ۽ هالا شريف ۾ پرائمري کان ڪلا جي سطح تائين تعليمي ادارا قائم ڪيا. جيڪي سندن وڃڻ کان پوءِ طالب الموليٰ انهن کي هلايو. سائين جن پنهنجن جي جماعت  کي تعليم ڏيارڻ جون هدايتون ڪندا رهندا هئا ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي جماعت ۾ ۷۰ سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل آهن. سنڌ ۾ تعليمي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سندن وڏو ڪرار رهيو آهي. مخدوم طالب غلام محمد پرائمري اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب الموليٰ هاسٽل، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو سندن يادگار طور موجود آهن. ڪيترن ئي غريب شاگردن جي مالي سهائتا ڪندا رهندا هئا. طالب الموليٰ سائين جن جي دور ۾ هالا شريف ادب، شاعري، ثقافت، ٻولي ۽ موسيقي جي يونيورسٽي سڏبو هو. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر، محقق، عالم ۽ ڏاها موجود رهندا هئا.مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي دور جا هڪ وڏا قادر ڪلام ۽ صوفي شاعر هئا ۶۰ ۽ ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ قبلا سائين جي شاعري تمام گهڻي ڳائي ويندي هئي ۽ ان وقت جا ڪلاسيڪل نان، ڪلاسيڪل فنڪار سندن ڪلام ڳائيندا هئا.طالب الموليٰ سائين جن شاعري ۾ نئون رنگ پيش ڪيو ۽ ڪافي جي مدد سان عام سنڌي ٻولي ۾ لکيو ۽ ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ هئي ۽ پاڻ ڪافي تي ڪتاب به لکيو اٿن. جيڪو هن وقت به ايم اي فائينل سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهي. طالب الموليٰ سائين مطالعي ۾ شاهدي جا شاعر هئا، سندن ڪلام اڄ به سنڌ جا ڪلاسيڪل نان ڪلاسيڪل ڳائڻا وڏي شدت سان ڳائين ٿا.طالب الموليٰ سياست ۾ رهيا پر ڪڏهن اقتداري سياست جي ويجهو به ڪونه ويا. حالانڪه سائين جن کي وڏن وڏن سرڪاري عهدن جون آڇون به ڪيون ويون سندن سياسي خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. ون يونٽ خلاف صدر ايوب سان مهاڏو اٽڪايائون. ون يونٽ خلاف هڪ وڏي گڏجاڻي سندن ميزباني ۾ سندن بنگلي تي ٿي. جتي سنڌ جو سڀ طاقتور  ڌريون قوم پرست ۽ ڪامريڊ ٽولو شريڪ ٿيا. جتي ون يونٽ ٽوڙ محاذ جو بنياد پيو ۽ يونٽ ٽوڙڻ خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلي جنهن ۾ سندن مريدن وڏيون گرفتاريون ڏنيون.ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتائون ۽ پنهنجي اولاد ۽ جماعت  جون گرفتاريون ڏياريون شهيد ڀٽي ۽ سندن نياڻي سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ رهيا ۽ ساٿ نه ڇڏيائون. اڄ به سندن خاندان پيپلز پارٽي ۾ شامل آهن. حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رحه جن سرور نوح عليح رحمت جا ۱۷ نمبر گادي نشين هئا. طالب الموليٰ سائين هڪ گهڻي رخي شخصيت هئي ۷ اعليٰ صفتن جا مالڪ هئا. سندن شخصيت جي هر پهلو تي لکڻ لاءِ وڏو وقت کپي. اڄ آءٌ فقط سندن شاعري ۽ ادب نوازي تي ڪجهه لکندس.سنڌي شاعري جو بنياد حضرت مخدوم نوح رحه جن رکيو ۽ آءٌ ايترو چوندس ته مخدوم نوح جن سنڌ جا پهريان سنڌي شاعري جا مالڪ هئا، قاضي قاضن ۽ ٻين شاعرن جو به نالو اچي ٿو. پر سنڌي شاعري جو پهريون شاعر حضرت مخدوم نوح رح کي سمجهيو ويندو آهي. سروري خاندان ۾ ٻيا به ڪيترا شاعر ٿي گذريا آهن جن ۾ حضرت مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جن سنڌ جا هڪ وڏا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آهن جن کي ڪافي جو بادشاهه ڪري سڏيو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ جي وڏن وڏن روحاني شاعرن جا همعصر هئا. حضرت مخدوم غلام محمد جن به شاعري ڪئي. پر ان جي شاعري ۾ رڳو سحر في الف کان ي تائين شاعري ملي ٿي. جيڪا پاڻ علي سائين جي شان ۾ لکيل آهي. ان بعد سروري خاندان جو وڏي ۾ وڏو ناليوارو شاعر حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ٿي گذريو آهي جنهن جي شاعري عام سنڌ جي ماڻهو تائين پهتل آهي.مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جو اهو وڏي نالي وارو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي نئون رنگ بخشيو سندن شاعري عام سنڌي ٻولي ۾ ٿيل آهي. طالب الموليٰ سائين  سنڌي شاعري کي وڏي جدت سان ڪيو. پاڻ مطالعي ۾ مشاهدي ۾ شاعر هئا. سندن شاعري ۾ سنڌ جي ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي ٻولي شامل آهي. سندن شاعري ۾ شيري مٺاس آهي. سندن شاعري ٻڌڻ سان اڄ به دل کي سڪون ملندو آهي. مون سندن پهرين ڪافي ۱۹۵۸ع ۾ ٻڌي، جڏهن آءٌ ننڍڙي عمر جو هيس. جيڪو سوشيالا مهتاڻي ۽ محمد ايوب گڏجي ڳايو هو.

اسان عش وارن جي عادت نياري

نه ڪنهن سان تعلق نه ڪنهن کان بيزاري

سندن ڪافيون ۽ ڪلام يا ته ريديو پاڪستان حيدرآباد تان ٻڌندو هئس يا ته شادين مرادين ۾ جتي سنڌ جا نالي وارا ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ سندن ڪلام تمام گهڻو ڳايو ويندو هو. جتي جتي به ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا اتي قبله سائين جو ڪلام ڪثرت سان ڳاهيو ويندو هو.طالب الموليٰ سدائين سنڌي شاعري کي عام ماڻهو تائين پهچايو، سندن شاعري ۾ نواڻ هئي پاڻ پنهنجن جي شاعري ۾ اکين جي اداسائي ۽ پيرن جي پنڌ کي به ڳايو آهي.

اکين جي اداسي جو ڏاڍو ڏک ٿيوم

آيم آب اکين ۾ تڏهن پتو پيوم

ريٽين کي روئڻ جو وڏو وس ڪيوم

طالب الموليٰ تن کي پلئه پانڌ وڌوم

اکين کي چيوم تڏهن به رهيون ڪين رئڻ کان

يا ته پاڻ محفلن ۾ اچي شرڪت ڪندا هئا، يا وري پنهنجا شعر لکي موڪليندا هئا. سندن شاعري تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پاڻ مزاج جا به شاعر هئا ته حقيقت جا به شاعر هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته بابا حقيقي عشق جي چاڙهي اصل ۾ مزاج آهي. پنهنجي ڪلام جون ڌنون پاڻ ٺاهيندا هئا ۽ پاڻ ڪلاسيڪل گائڪي کي سمجهندا هئا. مون قبله سائين جن کان هڪ دفعي پڇيو ته بابا اوهان جو مزاجي محبوب ڪير آهي ته پاڻ فرمايائون ته

منهنجي عشق جو يا محبوب خدا

آغاز به تون ره ته انجام به تون

پاڻ سڌي ڪافي کي عام ڪيو، سنڌي ڪافي تي سندن وڏي ريسرچ ٿيل آهي. پاڻ سنڌي ڪافي ڪلاسيڪل مان ڪڍي تان ڪلاسيڪل ۾ کڻي آيا جنهن ڪري سنڌي ماڻهو ان کي سولائي سان سمجهي سگهن. پاڻ ڪڏهن بهر وزن واري شاعري ڪونه ڪيائون جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ هوندا هئا ته شاعري ڪندا هئا. اڪيلائي ۾ جهوگاريندا رهندا هئا ۽ شاعري لکندا رهندا هئا. پاڻ سنڌي جي واهڻ واهڻ، وستي وستي جماعت جي روحاني دورن ۾ سلسلي ۾ يا سنڌي ادبي محفلن ۾ شرڪت ڪندا هئا. جتي جتي جنهن ڳوٺ شهر ۾ قيام ڪندا هئا. اتي شعر لکندا هئا ۽ انهن ڳوٺن جا نالا لکندا هئا. پاڻ سنڌ جي شاعرن جي سرپرستي ڪئي ۽ ڪيترن شاعرن ۾ مالي سهائتا ڪندا هئا. سندن اڱڻ تي هميشه اديب، شاعر سنڌ جا ڏاها، عالم شاعر نظر ايندا هئا. جن جي ميزباني پاڻ ڪندا هئا. بزم طالب الموليٰ جو بنياد وڌائون جنهن جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيائون جتي هر مهيني مذهبي ۽ غير مذهبي شاعرن ۽ سنڌي سنگيت جون محفلون مچنديون هيون. قبله سائين مون ڏٺو ته تهجد جي وقت اٿندا هئا ۽ فجر جي نماز پڙهي پوءِ ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا ۽ شعر لکندا هئا ۽ ڪجهه  ادب تي به لکندا هئا.سندن شاعري سنڌ جي تمام پراڻن ڳائڻن ڳائي ان وقت جا ڳائڻا جڏهن محفلن ۾ڳائيندا هئا ته صرف طالب الموليٰ  جو ڪلام ڳائيندا هئا. ڀلي سڄي رات رڳ هلندو هو. ليڪن سائين جن جي شاعري کي کٽائي نه سگهندا هئا. پاڻ سنڌي ڪافي کي نئون رخ ڏنو ۽ ڪافي جي اهميت کي سمجهايو. سندن ڪافي تي ڪتاب به لکيل آهي جيڪو هن وقت ايم اي سنڌي فائنل ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو آهي.

سندن اندر ۾ درد هو، سندن اندر ۾ سور سمايل هئا شاعري ۾ سندن وڏي منزل هئي.

پڃارو ڀڃي جيئن سوَ ڀيرا عباد کي

طالبن مون کي دنبئيو طالب الموليٰ تيئن

آهي مون کي ائين ڪيو عشق عجيب جي.

فقير امير بخش، مخدوم ڍول فقير، مرحوم مصري فقير، حسين بخش خادم، فقير يار محمد، استاد منظور علي خان ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا فنڪار سائين جو ڪلام دل ۽ درد مان ڳائيندا هئا. سنڌي ٻولي جي شاعر، اديب ۽ ثقافت جي رکوالي کي اسان کان وڇڙي ۲۸ سال گذري ويا آهن پر اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ به سندن شاعري سڄي سنڌ ۾ سنڌ جا ڀلوڙ ۽ ڪلاسيڪل فنڪار ڳائين ٿا. سندن شاعري اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندي. سندن نالو سنڌي جي قادر الڪلام شاعرن ۾ اڄ به سر فهرست آهي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

مخدوم طالب الموليٰ

جيڪو سنڌ سان نينهن نڀائي ويو!

مير نادر علي ابڙو

سنڌ ۾ چند اهڙيون هستيون آهن. جيڪي ڌرتي جي سڃاڻپ بڻيل رهيون آهن.اهڙين هستين ۾ سنڌ جي  روحاني جماعت سروري جي روح روان سنڌ جي لافاني شاعر،بي شمار خوبين جي حامل، قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جو پڻ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو.

اڄ سڄي سنڌ ۾سندس جي ورسي ملهائجي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اباڻي شهر هالا۾ مک تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جتي سندس هزارين چاهيندڙ۽ موجوده گادي نشين درگاهه حضرت نوح قبلا سائين جميل الزمان ،مخدوم سيد الزمان، مخدوم شڪيل الزمان ،. سميت هزارين سندن چاهيندڙمزار تي پڙ چاڙهي جتي خصوصي دعائون گھرندا ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي تي روشني پڻ وجھندا.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي مون وٽ ڪي ايڏا وڏا لفظ نه آهن جيڪي سندس شخصيت سان ڀيٽيان. هو ته هڪ اسان لاءِ خواب بنجي ويو.اهو خواب جنهن کي اسان اڄ ايڏو سارو وقت گذرڻ باوجود به وساري ناهيون سگھيا.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ به حيثيت هڪ شاعر جي جيڪر ڏسجي ته سنڌ جو اهو لافاني شاعر هو جنهن جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪندي سندن محتاج ٿا نظر اچن. چوٽِي جا گائڪ سندن شاعري ڳائڻ لاءِ هر دور ۾ پياسا نظر آيا. سندن شاعري ملڪي توڙي غير ملڪي فضا ۾ جيڪا هلچل مچائي، دليون پگھاريون تنهن جو ذڪر اڄ به گھڻن ذهنن تي ڪلهه جيان تازو آهي.

سندن شاعريءِ ۾ لفظن جي ادائيگي اهڙي ته مهارت سان ٿيل هوندي هئي، جيڪر ڪو هڪ ڀيرو سندن شاعري ٻڌندو هو ته هو ٻيهر هر هر سندس شاعري ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هو.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي دور ۾ هالا ۾ ادبي ميلا متل نظر ايندا هئا،سندن اوتارن تي سنڌ جا وڏا وڏا اديب اچي ادبي اڃ اجھائيندا هئا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي سموري ڄمار ادبي خدمتن تي نڇارو ڪئي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کان پاڻ به ادبي دنيا لاءِ نه وسارڻ جوڳيون جتي خدمتون سرانجام ڏنيون اتي پاڻ مڃايو ۽ ادبي بورڊ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هنگامي بنيادن تي جيڪي قدم کنيا، سي اڄ به تاريخ جو حصو آهن.

سندن ڪيل ڪمن کي سنڌي ماڻهون انتهائي ساراهه ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جتي ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو ۽ تاريخ جو حصوبڻجي ويا ته اتي به حيثيت سروري جماعت جي روحاني پيشوا هئڻ جي ناتي کان به پاڻ مڃايو ۽ هن وقت تائين سندن شخصيت جا ڪيترائي عاشق سموري سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سندن شخصيت تي ساهه ڇڏين ٿا پاڻ روحاني جماعت سروري جا جنهن وقت روح روان هئا، تنهن وقت ۾ امن ڀائيچاري جي فضا کي جنم ڏيڻ محبت جو پيغام گھر گھر پهچائڻ جو پنهنجي جماعت وسيلي درس ڏيندا رهيا ۽ هرحال ۾ پنهنجي سروري جماعت سان زندگي جي آخري ساهه تائين وفا ڪئي پهنهجي مريدن کان پنهنجو حقيقي عشق موت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ تائين نڀايو. سندن شخصيت جي اهڙي بيشماري خوبين کي ڏسندي گھڻا ماڻهو مٿس ساهه ڇڏيندا هئا ۽سندن واکاڻ ڪرڻ بنا رهي نه سگھندا هئا.قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن جيڪو ڪردار رهيو. اهو تاريخ جو هڪ نه وسارڻ جوڳو باب بڻجي رهجي ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ورهين تائين ڳائيندا رهندا.

مون کي ياد آهي ته جڏهن لاڙڪاڻي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ ايندا هئا ته جماعت الشعرا سنڌ جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هائوش تي ٿيندڙ گڏجاڻي جي صدارت ڪندا هئا، ادبي ميلا مچائيندا هئا جتي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جون نه وسارڻ جھڙيون يادگار ادبي ڪچهريون رچنديون هيون، انهن ڪچهرين ۾ ڪنهن حد تائين مان به شامل رهيس ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري  چيمبر ۾ چيل لفظ ۽ ادبي ڪچهريون اڃ تائين آئون وساري ناهيان سگھيو.

مون کي ائين لڳندو آهي ته اڄ به قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ حيات آهن ۽ بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان سندس لاڙڪاڻي واري چيمبر تي ڪچهريون پيا ڪن .

اڄ ايڏو سڄو وقت گذري وڃڻ باوجود به هن جي موت جي خبر برداشت  ڪرڻ جي سگھه سرير ۾ ناهي ، اهو هن لاءِ جو اسان کي سندن شخصيت سان عشق رهيو آهي، اهو عشق، جو موت ٽوڙي ئي سگھي!

سندن لاڏاڻي کان پوءِ ادبي حوالي سان تمام وڏو خال پيدا ٿيو ته اتي سروري جماعت کان انهن جو روح روان الڳ ٿيو پر سندن لاڏاڻي بعد قبلا مخدوم  جميل الزمان  هالا جون رونقون بحال پيا ڪيو اچن ۽ پنهنجي سروري جماعت ۽ پنهنجي مريدن جو پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ خيال ٿا رکن اتي ادبي سرگرميون به والد مرحوم قبلا مخدوم طالب الموليٰ وانگي شروع ڪيون آهن ۽بزم مخدوم طالب الموليٰ سموري سنڌ ۾ ادبي حوالي کان سرگرم آهي .

قبلا سائين طالب الموليٰ جواڌ ۾ چڏيل ادبي وڏي سفر هن تنظيم وسيلي سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي،جيڪا اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي مخدوم جميل الزمان سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئندان ڏياري نوان لاڙا متعارف ڪرايا، سا ڳالهه سموري سنڌ لاءِ باعث فخر آهي.

جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته قبلا سائين مخدوم امين فهيم پاڻ ملهايو. واهن جا ڪپ ٻڌڻ کان ويندي ڀاڻوٺ جي مقام تي پنهنجي مريدن جون ڊيوٽيون لڳايون ۽ پاڻ هن ڪم جي نگراني ڪندي حيدرآباد، مٽياري ۽ هالا سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو.

سندن اهڙي جرئت ۽ همٿ کي ڏسندي گھڻا ماڻهو سندن شخصيت جا عاشق بنجي ويا.قبلا مخدوم جميل الزمان  هر موڙ تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي جماعت جو پنهنجي اولاد وانگي خيال ڪيو آهي ۽ انهن سان هر حال  ۾ وفا ڪئي آهي ۽ اڄ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي به قبلا مخدوم  جميل الزمان  اهو ازم پيا ورجائن ته

طالب تو اپني دل ڪو تو ديوانا نه بنادي،

يـــــــــون نقش غم بـار سيـــبتخا نه بنادي،

دشمــن ڪي زبان پر تيرا ذڪر هو هر دم،

اي يار!ميري زيســت ڪو افسانه نه بنادي ،

ساقي تيري ان مست نگاهون ڪي مين صدقي،

اورن ڪي طرح مجھ ڪو بهي ديوانا نه بنادي.

اي پردا نشين آه تيرا ناز حقيقت،

باز آڪر ڪهين مجھ ڪو تماشا ن بنادي،

اس زلف پريشان ڪي لئي اي ميري دلبر،

الله ميري هاتهون ڪو توشا نه بنا دي،

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم محمد زمان طالب المولي

گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ

عبدالستار لغاري

برک سياستدان، اديب، شاعر ۽ زميندار مخدوم محمد زمان طالب المولي گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. مخدوم محمد زمان طالب المولي ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي ھالا نوان ۾ مخدوم غلام محمد جي گھر ۾ جنم ورتو، سندس شروعاتي تعليم عربي ۽ فارسي ۾ ٿي، انکان پوءِ سنڌي تعليم حاجي عبدالغفور ڪلائي ۽ عبدالرحمان انجم هالائي کان جڏهن ته فارسي جي تعليم مولوي محمد عالم ۽ سندس چاچي مخدوم غلام حيدر کان حاصل ڪيائين. والد جي وفات بعد مخدوم محمد زمان طالب المولي ۱۹۴۵ع کان درگاھ سرور نوح جو ۱۷ھون سجاده نشين بڻيو.

سنڌ جي نامور بزرگ گھراڻي سان تعلق رکندڙ مخدوم محمد زمان طالب المولي عوامي خدمت کي دنيا جي ھر منصب کان مٿانهون سمجھندو ھو، کيس خدمت جي مقابلي ۾ ڪا به شاھي ۽ مخدومي معمولي لڳندي ھئي تڏھن ته چيو ھئائين:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناھي طاقت طالب المولي

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونھي.

مخدوم محمد زمان طالب المولي تعليم جي ميدان ۾ سھولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ شاگردن لاءِ کپرو ۽ ھالا ۾ ھاسٽلون ٺھرايون ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول ٺھرايا. ھن ھزارين مريدن ۽ عقيدتمندن کي تعليم ڏانھن راغب ڪيو.مخدوم طالب المولي غريب شاگردن کي اعلي تعليم ڏيارڻ لاءِ وظيفا ڏنا ته جيئن اھي شاگرد تعليم يافته ٿي ملڪ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ ھڪ مھذب معاشري جو بنياد وجھي سگھن.

مخدوم محمد زمان طالب المولي کي شاعري ۽ موسيقي سان تمام گهڻي دلچسپي ھوندي ھئي، ھن شاعري جي شروعات ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ڪئي ۽  ادب ۾   پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي. مخدوم طالب المولي شاعري ۾ ڪيترائي تخلص استعمال ڪيا جن ۾ بيوس، فراقي، زمان شاھ ۽ طالب شامل آهن ۽ پوءِ شاعري ۾ طالب المولي جو تخلص استعمال ڪيائين. ۱۹۳۶ع ۾ جڏھن سندس عمر ۱۷ سال مس ھئي تڏھن ھالا شھر ۾ انجمن علم و ادب جو بنياد وڌائين، ھن انجمن جي پليٽ فارم تان ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون، علم ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ھالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائين، ھفتيوار الزمان ۽ پاسبان اخبارون جاري ڪيائين.ڍ

۱۹۵۲ع ۾ جمعيت الشعرا سنڌ صدر منتخب ٿيو، مخدوم صاحب ريڊيو پاڪستان جي مشاورتي ڪاميٽي جو ميمبر به رھيو، مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب به لکيا، سندس لکيل ڪتابن ۾ امام غزالي جا خط، اسلامي تصوف، خود شناسي، بھار طالب، رباعيات طالب، ياد رفتگان، مثنوي عقل و عشق، بي پير اکيون، ڪچڪول، مضامين طالب المولي، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهھ، ڇپر ۾ ڇڙيون قابلِ ذڪر آهن. مخدوم صاحب جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي انھن فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، عابده پروين، رونا ليلا، محمد يوسف، وحيد علي، ڦوٽو زرداري ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.

مخدوم محمد زمان طالب المولي ملڪ جي وڏن سياستدانن مان ھڪ ھو، ھي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجھن ساٿين مان هو. مخدوم صاحب ون يونٽ کان پھريان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ انکانپوءِ ۲ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. مخدوم صاحب کي علمي ۽ ادبي، ملڪي ۽ سماجي خدمتن عيوض پاڪستان سرڪار طرفان تمغه پاڪستان ۽ ھلال امتياز جا ايوارڊ ڏنو ويا.

مخدوم صاحب ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

(چنهنڊڙين ۾ محبتون ارپيندڙ شاعر  - ۱۱ جنوري ۲۹ھين ورسي جي موقعي تي.)

.مٺل جسڪاڻي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي حوالي سان سڃاتي ويندڙ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ته هو، پر پاڻ ساڳي وقت شاعر، نثر نويس، محقق، لسانيات جو ماهر، راڳ جو ڄاڻو ۽ هڪ اعلى انسان به هو. پاڻ مخدوم غلام محمد جو فرزند ارجمند، ۹ محرم ۱۳۳۸هه/ ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي وفات ڪئي ۽ کيس هالا ۾ مخدوم نوح رحه جي درگاهه ۾ دفنايو ويو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ڇپيل تصنيفن جي ملي سگهيل وچور مطابق سندس شاعري ۽ نثر تي مشتمل ۲۷ مختلف مجموعا، ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن مان مخدوم صاحب جي ملفوظات تي مشتمل ڪتاب  ”مصريءَ جون تڙون“ جو انگريزي ترجمو Pieces of Suger Candy جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ڪيو، جيڪو پڻ ۱۹۹۷ع ۾ شايع ٿيو. مخدوم صاحب پنهنجي ”ديوان طالب الموليٰ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي روايتي ۵۲ اکرن بدران ۵۸ اکرن جي ترتيب سان رديف رکيا، جن ۾ پاڻ لهه، مهه، تنوين، م غنه، نهه ۽ ڻهه جا ڇهه اکر وڌايا آهن، جن جي واڌاري بابت پاڻ ديوان جي مهاڳ ۾ تفصيل سان دليل ڏنا اٿس. اهو مواد لسانيات تي ڪم ڪندڙن جي بهتر رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ان سان ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ بحث جي پڄاڻيءَ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سمورين تحريرن، خاص طور تي شاعريءَ ۾، محبت اهم موضوع طور شامل آهي. ان تي جيڪڏهن تفصيل سان ڪم ڪجي، ته تمام گهڻو محنت طلب پورهيو آهي. وقت ۽ وسيلن جي ضرورت به گهرجي. آئون پنهنجي عنوان جي نسبت سان هتي مخدوم صاحب جي شاعري جي هڪ مجموعي ”چنهنڊڙيون“ جي حوالي سان عرض ڪرڻ گهران پيو. جنهن لاءِ پهرين اها وضاحت ته هن مجموعي جي شروعات ۾ ”ٻه اکر“ لکي، ان ۾ مخدوم صاحب وضاحت ڪئي آھي ته: ”مون هن ڪتاب جو نالو ”چهنڊڙيون“ ان ڪري رکيو آهي جو ڪتاب ۾ جيڪي به قطعا آهن، انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شخصيت بابت ڪجهه نه ڪجهه چهنڊڙي جي قسم جو مگر سچو اشارو ڏنو ويو آهي. هنن قطعن ۾ توهِينَ هرگز ڪانه ٿيل آهي. مگر صرف حقيقت کان ئي ڪم ورتو ويو آهي، دارومدار فقط پڙهڻ واري تي ڇڏيل آهي ته هو حقيقت کي تسليم ڪري ٿو يا نه. جيڪڏهن ڪنهن هن ڪتاب تي بي جا تنقيد ڪئي ته ان کي بي انصافي چيو ويندو ۽ جنهن صحيح طرح تسليم ڪيو ته تنهن کي انصاف ڪندڙ سمجهبو“ اڳتي لکيائين ته ”هت گذارش ڪندس ته بي انصافي کي ترڪ ڪري انصاف کي ئي هٿ ۾ کنيو ويندو ته اصليت ۽ حقيقت سامهون اچي بيهندي. انصاف پسندي هڪ عظيم بهترين صفت آهي، جيڪا هر انسان ۾ هئڻ گهرجي“. مخدوم صاحب جي عاجزيءَ جو اندازو، سندس لکيل هن جملي مان ڪريو، جنهن ۾ لکي ٿو ته ”آخر ۾ آئون انهن تمام حضرات سان معذرت ڪريان ٿو متان ڪن صاحبن پاڻ ڏي ئي نه ڪجهه اشارا سمجهيا هجن. يقين سان چوان ٿو ته گهڻو ڪري شخصي ڳالهه ڪنهن ڏي به نه لکي وئي آهي“.

 مخدوم صاحب جي علمي پهچ، ادب، احترام، خلوص ۽ محبت جو اندازو انهن مٿين سٽن ۾ به بلڪل واضح آهي. جنهن تي وڌيڪ لکڻ بدران آئون صرف ايترو عرض ڪرڻ ضروري پيو سمجهان، ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ چنهنڊڙين ۾ به محبتون ارپيندڙ شاعر آهي. انهن محبتن کي سمجهڻ لاءِ صرف ”چنهنڊڙيون“ ۾ شايع ٿيل، ۴۹ـ۱۹۴۸ کان ۱۹۷۰ع دوران لکيل سندس صرف اهي قطعا، جن ۾ لفظ ”محبت“ شامل آهي، پڙهندڙن لاءِ هيٺ حاضر آهن. اميد ته هر هڪ قطعي مان اهو حض ۽ سبق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن لاءِ مخدوم صاحب اهي قطعا لکيا.

گھڻا ڀائر ته يوسف کي به هئا پر،

انهن ۾ ڀائپي جي هئي نه الفت.

 گھڻن کان سوئي هڪڙو ڀاءُ برتر،

 هجي جنهن ۾ محبت ۽ مودت.

جهان ۾ حسن سلطانِ محبت

 جنابِ عشق ٿيو جانِ محبت

هو آهي گوهِر ڪانِ محبت

 هي آهي شوڪت و شانِ محبت

محبت واري ڏي وٺ ڪانه آهي،

ٿيو معشوق و عاشق جو اهو حال.

 هي سستو سنهجو سٺڙو آهه سودو،

 ملي ٿو مال جي بدلي ۾ اڄ مال.

ٿئي ٿي وصل مان حاصل جدائي،

جدائي مان ميسر وصلِ دلبر.

محبت ئي فقط سرمايه زيست،

 محبت زندگي جو آهه زيور.

خدا ڪارڻ جي ڏاڍي دشمني آهه،

خدا ڪارڻ جي الفت ڪانه آهي.

 خدا جو شان، پاڪستان ۾ اڄ،

 محبت کان سوا ٻيو ڇا نه آهي.

ڏيڻ گاريون فصاحت ڪانه چئبي،

چوڻ گهٽ وڌ بلاغت ڪانه چئبي.

هجي جيڪا وڏن ماڻهن جي لئه وقف،

محبت سا محبت ڪانه چئبي.

محبت جي خبر ناهي ته ڇا هي،

مگر هو مذهبن کان پاڪ آهي.

يقيناً آهه خودمختار و خوددار،

 محبت رسم جي پابند ناهي.

ڪٿي پئا کيڏجن خوني ڊراما،

ڪٿي عشق و محبت جا فسانا.

ڪٿي ساغر تي ساغر جو به دور آهه،

 ڪٿي بتخانا ۽ ڪٿ ڀوتخانا.

محبت سان ڪري ٿو سرڪشي جو،

 ٿئي ٿو خود بخود سو نيست، نابود.

 محبت جو فقط مقصود هڪڙو،

 بنائي ٿي فقط هڪڙوئي معبود.

محبت ۾ ستم سھڻا پون ٿا،

 ٻيا سانگا سڀئي سٽڻا پون ٿا.

متان ڪو جلد بازي کان وٺي ڪم،

هتي رڪ جا چڻا چٻڻا پون ٿا.

صد افسوس آهي الفت پئي وڪامي،

اسان جي ملڪ ۾ پت پئي وڪامي.

محبت جو ادا ڪو قدر ڪونهي،

رُپي تي هاڻ عظمت پئي وڪامي.

ڪٿي اڄ  آهه اسلامي قيادت،

ڪٿي اڄ آهه اصلوڪي امامت.

ڪٿي اڄ آهه بي مقصد محبت،

ڪٿي اڄ آهه اشرافن جي عزت.

اڃا تائين ته موجن ۾ مزو آهه،

جي ساحل سان محبت ٿي ته ڏسبو.

 طبيعت پنهنجي اڄ مشڪل پسند آهه،

ڪا منزل سان محبت ٿي ته ڏسبو.

هي آهن ڄڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻا،

 وفائي جون اميدون بي وفا ۾.

 محبت بي محبت وٽ ڪٿي آهه،

وفا جي آهي ته به ان جي جفا ۾؟

ڪٿي آهي زماني ۾ محبت

ڪنهين وٽ ڪنهنجي لئه ناهي مروت

رهي ڪنهن جي نه اڄ محفوظ عزت

 چڱائي ۽ چڱن جي آهي قلت

زماني ۾ وڌي وئي بيوفائي،

 محبت ملڪ ۾ ئي ڪانه آهي

. چڱائي جو ته نالو ئي ٿيو گم،

 سو ان جي ڀلا ٻيو ڇا نه آهي.

اڳي هر ڪنهن کي ملندي مفت ۾ هئي،

 محبت رشوتن سان اڄ ملي ٿي.

 خلوص ۽ نيڪ نيت ٻيئي ڪافور،

اسان جي قوم تي دنيا کلي تي.

 ياد رهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي قطعن تي مشتمل مجموعو ”چُنهنڊڙيون“ جو پهريون ڇاپو ۱۹۹۲ع ۾ آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچي پاران ڊيمي سائيز ۾ ۸۱ صفحن تي مشتمل آهي. مون اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان آن لائين پڙهي، ان مان ئي مدد وٺي، هي تحرير پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اميد ته مثبت موٽ ملندي.

 

(روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، روزاني ”ھلال پاڪستان“ ڪراچي ۾ اڱارو ۱۱ جنوري ۲۰۲۲ع ۽ سلسليوار ”سروري پبليڪيشن“ ھالا جي خصوصي ايڊيشن ۾ شايع ٿيو)


 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون

نور سنڌي

اڄ ملڪ جي مشھور شاعر، ليکڪ، دانشور، مفڪر، بيباڪ سياستدان، ۽ سماج سڌارڪ حضرت مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي ۳۰هين ورسي آھي، مخدوم طالب المولي جھڙيون شخصيتون وري پيدا نه ٿينديون،  پاڻ ھڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ ھو، آئون خوشنصيب آھيان جو ۸۵ع کان سندن حاضري ۾ رھڻ جو موقعو مليو، مون اڄ جيڪو صحافت ۾ نالو ڪمايو آھي، ان ۾ مخدوم طالب المولي جن جون دعائون ۽ سرپرستي شامل آھي، آئون جڏهن ۷ ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هيو، ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. ريڊيو جي دور بعد چينجر فونن جو دور شروع ٿيو، ان کان اڳ چاٻي تي هلندڙ گرام فونا هوندا هئا. چينجر سيلن تي به هلندو هو ته بيٽريءَ تي به ان زماني ۾ منهنجي سؤٽ جنهن جو ملدسي ڳوٺ ۾ هوٽل هو، جتي بيٽريءَ تي وڄندڙ چينجر گرام فونو ۽ ايمپلي فائر آندو، مون ٻڪر کپائي شهدادپور مان رونا ليليٰ جي آواز ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڳايل ڪلامن وارا فوني وارا وڏا رڪارڊ وٺي آيس، جنهن جي ٻنهي پاسي شايد ۱۰ ڪلام ڀريل هوندا هئا ۽ روزانو شام جو هوٽل جي دخل تي ويهي اهو رڪارڊ هلائيندو هئس، ان وقت ايترو شعور نه هو، منهنجو به ٻاراڻو ذهن هو، ان جي باوجود مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳايل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو ايترو ته جنون هو، جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس.

مخدوم طالب الموليٰ جي ان امر ۽ دلڪش شاعريءَ کي رونا ليليٰ جي آواز وڌيڪ امر بنائي ڇڏيو. اهي ڪلام نه صرف ملدسي واسين ۾ مشهور ٿيا، پر آسپاس جي ڳوٺن ۾ ان وقت هوٽلون نه هونديون هيون، اهي به واندڪائي وارن ڏينهن يا ڪو مهمان هنن وٽ ايندو هو ته انهن کي وٺي ملدسي جي هوٽلن تي ايندا هئا،  اتي به مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام مشهور هئا ۽ اهي ماڻهو به مخدوم طالب الموليٰ جا اهي بت ۾ سؤڪاريون وجهندڙ دل دماغ تي ڇائنجي ويندڙ سدا بهار ڪلام وڄائڻ جي فرمائش ڪندا هئا، گرام فونن بعد جڏهن ٽيپ رڪارڊر آيا ته بابا منهنجي ضد تي ٽيپ رڪارڊر وٺي ڏنو ۽ منهنجي ٽيپ رڪارڊر وٺڻ جو مقصد ئي مخدوم طالب الموليٰ جو ڪلام ٻڌڻ هو. ٽيپ رڪارڊر وٺڻ بعد وري خرچيون گڏ ڪري مخدوم طالب الموليٰ جا رونا ليليٰ، حسين بخش خادم، عابده پروين، فوٽو زرداري، مصري فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪيسٽون خريد ڪرڻ شروع ڪيون. اسڪول کان پوءِ ٻني ٻاري تي ويندي به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ هوندو هو. انهيءَ دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪتاب ياد رفتگان ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون پڙهڻ لاءِ ملي ويو، اهي پڙهڻ بعد ان وقت منهنجي ڪچي ذهن تي مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري ۽ لکڻين ايترو ته اثر ڪيو جو وٽن حاضري ڀرڻ لاءِ دل ۾ چاهت پيدا ٿي ۽ ان جو اظهار والد صاحب سان ڪيم، جنهن منهنجي چاچا حاجي محمود ملاح جيڪو مخدوم طالب الموليٰ جن جو خاص ماڻهو هو، خليفو نه هئڻ جي باوجود سندس مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ خليفي يا خاص ماڻهو جيتري عزت هئي، ان سان گڏ زيارت لاءِ مخدوم هائوس تي پهتس پر بدقسمتيءَ سان ان ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ ڪجهه مصروف هئا، ان ڪري حاضري نه ٿي سگهي. ان بعد حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ يعني سهائو سومار هو ۽ بابا، چاچا ۽ آئون گڏجي گهوڙن تي هالا پهتاسين. حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڏئي قل پڙهي دعا گهري، مخدوم هائوس تي پهتاسين، جتي به ميلو متل هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جي زيارت ۽ حاضري لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو انگ آيل هو، جن ۾ هزارين عورتون، ٻار ۽ پيرسن به شامل هئا ۽ مون اتي پهريون دفعو ڏهر ڳائيندي ٻڌو. ڊگهي انتظار بعد وڏي ڌڪ ڌڪان بعد ماڻهن جي وڏي پيڙهه ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي پري کان زيارت ٿي، ٻه منٽ به نه گذريا ته اسان سميت اتي موجود ماڻهن کي هاڻ ٻاهر اچڻ جو چيو ويو ته جيئن ٻيا ماڻهو حاضري لاءِ اچي سگهن. پهريون دفعو زيارت وقت جڏهن مون مخدوم طالب الموليٰ کي ڏٺو منجهن وڏي ڏياءَ ۽ چهري ۾ نور نظر آيو، اتان کان اٺاس بنگلي تي قبله مخدوم امين فهيم، خانگاه ۾ مخدوم خليق الزمان جن وٽ به حاضري ڪري واپس ڳوٺ آياسين، ٻاراڻي ذهن مطابق ان حاضري تي خوشي به هئي ته ڏک به هو، خوشي اها ته جنهن شخصيت جي شاعري ٻڌي ان کي آئيڊيل بنايو هو، ان جي زيارت ٿي، پر ڏک ان ڳالهه جو ته آئون پنهنجي پر ۾ اهو ذهن ٺاهي ويو هئس ته سائين جن کي سندن شاعري بيحد وڻڻ ۽ سندس ڪلام چاهه سان ٻڌڻ بابت ٻڌائيندس ۽ اهو عرض ڪندس ته آئون به شاعري ڪرڻ چاهيان ٿو، اوهان رهنمائي ڪريو، پر اهڙو موقعو ئي نه مليو، جو دل ۾ سانڍيل ڳالهين جو اظهار ڪريان. ٻئي سال ۱۹۷۶ع ۾ سنڌو درياهه ۾ خطرناڪ چاڙهه آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن سڄي سنڌ مان سروري جماعت جي ماڻهن کي بندن جي حفاظت لاءِ حڪم ڏنو، جنهن تي هزارين مريد سعيد آباد کان مٽياري تائين بندن جي حفاظت لاءِ پهتا. منهنجو چاچو حاجي محمود ملاح به علائقي مان ۶۰ کن ماڻهو وٺي مخدوم هائوس تي پهتو، جتان کيس پنهنجا ماڻهو سالارو ٻيلي وٽ بند تي وٺي وڃڻ جو حڪم مليو، انهن ۾ آئون به شامل هئس، ننڍي عمر جو هئڻ ڪري چاچا نه ٿي وٺيو ويو پر، منهنجي ضد تي پاڻ وٺي هليو. آئون ان اميد سان آيس ته بند تي مخدوم طالب الموليٰ جن به ضرور ايندا ويندا ۽ اتي سندن زيارت به ٿي ويندي ۽ اتي ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ويندو. اتي ۱۲ ڏينهن هياسين ۽ اتي مخدوم طالب الموليٰ جن ڪيترائي ڀيرا تشريف فرما ٿيا، پرسندن آمد تي اتي ماڻهن جا انبوهه ٿي ويا ۽ ماڻهو سندن گاڏي کي ڦري ٿي ويا ۽ اتي صرف پري کان زيارت ٿي سگهي. اتان واپس اچڻ بعد ۲ دفعا پاڻ مرادو مخدوم هائوس تي پهتس ۽ حاضري لاءِ ڪوشش ڪيم، پر اتي حاضري ڪرائيندڙن ٻار ڏسي بهانا بنائي حاضري نه ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ هڪ دوست کان ٽه ماهي مهراڻ رسالو ۽ ماهوار نئين زندگي مليو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري به هئي، ان بعد مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري پڙهڻ لاءِ اهي ٻئي رسالا گهرائڻ شروع ڪيم. ۸ ڪلاس ۾ هئڻ دوران ۷۸ع ۾ صحافت ۾ پير پاتم، هڪ نئين خواهش ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ جن جو انٽرويو ڪريان، پر مخدوم هائوس تي سائين جن جي حاضري وارن نوڪرن ۽ ٻين ملازمن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي. تقريبن ۱۹۸۰ع ۾ آفتاب اخبار ۾ خبرون ڏيڻ لاءِ پهتس ته خبر پئي ته اڄ رات هالا پراڻا ۾ سوز هالائي جي شاعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت آهي، مهورت مخدوم طالب الموليٰ جن ڪرڻ فرمائيندا. اسان جو پيارو محسن سائين لائق سنڌي به تياريون ڪري رهيو هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جو ٻڌي مون سائين لائق سنڌي کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو مون کي به وٺي هلي. شام جو نصير مرزا، حسن مجتبيٰ، نثار حسيني ۽ ٻيا دوست هالا پراڻا پهتاسين، رات جو مخدوم طالب الموليٰ جن به تقريب ۾ پهتا ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تائين ويٺا رهيا. پروگرام ختم ٿيڻ بعد موقعو ملندي، اسٽيج تي پهتس جتي عرفان مهدي، مخدوم طالب الموليٰ جن سان منهنجو تعارف ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ مختلف شخصيتن کان آٽو گرافف وٺڻ جو جنون هو، هر وقت آٽوگراف بوڪ کيسي ۾ هوندو هو ۽ مون آٽوگراف بوڪ ڪڍي کين ڏنو، پاڻ مختصر طور دعا وارا لفظ لکيائون. ان بعد ۱۹۸۲ع ڌاري سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان سان جڏهن نيازمندي ٿي ته سندن معرفت مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ سهڻي نموني حاضري ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جن سان ملاقات ڪرڻ تي پاڻ فرمايائون ته سعيد سائين اوهان جي تعريف ڪندو آهي، اوهان جون سروري تنظيم بابت آرٽيڪل ۽ خبرون پڙهيون آهن. ان موقعي تي پاڻ مون کي هالا ۾ اچي صحافت ڪرڻ جو چيو ۽ سندن حڪم تي لبيڪ چئي هالا مان صحافت شروع ڪيم.

مخدوم سعيد الزمان جن سان به ملاقات ڪيم ۽ کين ٻڌايم ته مون سائين جن جي حڪم تي هالا ۾ صحافت شروع ڪئي آهي، کين اهو ٻڌي خوشي ٿي، ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ ۲ دفعا حاضري لاءِ ويس، پر سندن طبيعت ناساز هئڻ ڪري حاضري نه ٿي سگهي. مون حاجن ابڙيجو کي فون ڪري سائين جن جي خواهش موجب هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ جو ٻڌايو ۽ حاجن ابڙيجو سائين جن کي ٻڌايو ۽ انهيءَ هفتي ۾ حاضري لاءِ پيغام مليو ۽ حاضري ڀريم، پاڻ فرمايائون ته حاجن ٻڌايو آهي ته اوهان منهنجي چوڻ تي باقاعده هالا ۾ اچي ويا آهيو. رهو ڪٿي پيا، مون کين عرض ڪيو ته اسان جي صحافي دوست عبدالڪريم ميمڻ وٽ، پاڻ فرمايائون ته اهو به پنهنجو آهي، پر جي اتي رهڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي يا ڪا ٻي تڪليف محسوس ڪريو ته بغير حجاب ٻڌائجو، پاڻ ان موقعي تي دعا به ڏنائون، هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم طالب الموليٰ جن ڪوبه بيان وغيره جاري ڪندا هئا ته حاجن ابڙيجو يا انور هالائي جي معرفت عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائم خاني مون ۽ يوسف وارثي ۽ ٻين صحافين کي گهرايو ويندو هو، يا پريس رليز ڏياري موڪليندا هئا.

ڪجهه سالن بعد گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ سروري تنظيم جو مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، ان ۾ ٻين شهرن ڀٽ شاهه، سعيد آباد جي صحافين کي به رپورٽنگ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، سڀ کان وڌيڪ منهنجي اخبار آفتاب ۾ ڪوريج لڳي، جڏهن ته ان بعد ان تقريب جو احوال مون ڪافي سنڌي، اردو، اخبارن ۾ هلايو، منهنجي ڪوشش سان ڪنوينشن کي هيڏي وڏي ڪوريج ملڻ تي مخدوم طالب الموليٰ جن بيحد خوش ٿيا ۽ حاضري لاءِ سڏايائون ۽ منهنجي اهڙين خدمتن تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏ دعا به ڪيائون. ان وقت هالا ۾ پريس ڪلب نه هئي، هڪ دفعي عبدالڪريم ميمڻ مون ۽ اڪرم قائم خاني سائين طالب الموليٰ جن کي عرض ڪيو ته سائين جن مخدوم سعيدالزمان سائين جن کي چون ته پاڻ اسان کي ميونسپل پاران پريس ڪلب لاءِ جاءِ ڏين ۽ سندن حڪم تي مارڪيٽ چونڪ تي ناڪي ۾ پريس ڪلب لاءِ هڪڙو ڪمرو مليو، ان دوران عبدالڪريم ۽ اسان جي گڏيل صلاح سان هالا ۾ اسان نوان صحافي پيدا ڪيا، هالا ۾ صحافت ڪرڻ دوران قبله سائين جن جي ويجهو رهيس ۽ کين سمجهڻ جو موقعو مليو، پاڻ ايترا ته حساس هئا جو ڪنهن جو به ڏک صحيح نه سگهندا هئا. ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. ۸۸ع ۾ شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ جن به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيا ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي. طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو لڱ ڪانڊاريندڙ احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، ان بعد ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو. مخدوم طالب الموليٰ جن کي سڃاڻپ جي اهڙي اک هئي جو هڪ دفعو سٺي انداز ۾ ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندا هئا ته سندس نالو وٺي خيريت معلوم ڪندا هئا. سندن طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کين شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن جي تڪليف دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگيءَ جا آخري سال ڊائيلسز تي هئا. ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏنائون، ان حوالي سان پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته: اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ، ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو. عين ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندا هئا، ماڻهن جي ڪم ڪارين لاءِ خط ڏيندا هئا، ضروري سمجهندا هئا ته فون به ڪندا هئا. جڏهن ته ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندا هئا. پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جا مالڪ هئا.پاڻ سدائين ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ سندن ڪوششون به قابل تعريف آھن پاڻ غريب اديبن، شاعرن، فنڪارن، سگھڙن، ملھن جي مدد ڪندا ھئا، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ سندن مالي مدد ڪندڙ هئا. سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کين ٻي وٺڻ واري کي خبر، سندن ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو. ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هئا. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندن هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعريءَ جي هر صنف تي کين عبور حاصل هو. پاڻ سروري جماعت جا ۱۶ سجاده نشين هئا. ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع مطابق ۹ محرم الحرام ۱۳۳۸هه تي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جن جي ۱۵ سجاده نشين مخدوم غلام محمد ”گل“ سائين جن جي گهر ۾ جنم ورتو. ۱۹ سالن جا هئا ته سندن والد وصال ڪري ويو ۽ ننڍي وهي ۾ سروري جماعت جي سجاده نشين جو بار سندن ڪلهن تي پيو. مخدوم طالب الموليٰ جن جي مشغلن ۾ شاعري، مضمون نگاري، موسيقي، رانديون جن ۾ والي بال کي اهميت هئي، شعرو شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي. هن خاندان ۾ مخدوم سرور نوح رح کان مخدوم غلام محمد گل سائين تائين ڪئين ناميارا شاعري ٿي گذريا آهن. پاڻ ۱۰ سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف تخلص رکيا، جن ۾ بيوس، فراقي، طالب ۽ آخر ۾ طالب الموليٰ تخلص پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو. سندن شاعري خاص طور ڪافيون نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۾ مقبول آهن، مختلف فنڪارن جي آواز ۾ شوق سان ٻڌيون وڃن ٿيون. سندن شاعري سڀ کان وڌيڪ مصري فقير، فقير خادم حسين، رونا ليليٰ، ڦوٽو زرداري، فقير امير بخش، عابده پرين ڳايون آهن، انهن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندن سدا حيات شاعري هئڻ ڪري اڄ به ايتري دلچسپي سان ٻڌي وڃي ٿي، جيتري ماضيءَ ۾ آل انڊيا ريڊيو سروس تان سندن ڪلام نشر ڪيو ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ موسيقي جا به مشتاق هئا، پاڻ بهترين ڳائيندا به هئا، هارمونيم به وڄائي ويندا هئا، پاڻ موسيقي جي ڄاڻ ڪلاڪار سيدو خان ولد هندي خان کان حاصل ڪئي، سندن سرپرستيءَ ۾ هفتيوار پاسبان، الزمان اخبارون ۽ ماهوار رسالو طالب الموليٰ، ماهوار شاعر، ماهوار روح ادب، فردوس شايع ٿيندا هئا. انهن اخبارن ۽ رسالن ان دور ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. جڏهن ته علمي، ادبي ثقافتي تنظيمن انجمن علم و ادب هالا، شعراءَ سنڌ، اداره روح روان ادب، بزم طالب الموليٰ جا پڻ سرپرست هئا. پاڻ زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پوڻا ٻه لک کان وڌيڪ شعر لکيا، جن ۾ ڪافيون، غزل، گيت، نعتون، حمد، بيت، چار سٽا، ٽه سٽا به شامل هئا. کين علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور سرڪار پاران ۽ ڪيترن ئي سماجي، علمي، ادبي ثقافتي ادارن پاران ايوارڊ مليا. جن ۾ صدر ايوب جي دور ۾ صدارتي تمغه پاڪستان، غلام اسحاق خان جي دور ۾ صدارتي هلال امتياز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ پاران شاهه لطيف ايوارڊ به شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ۳ دفعا چيئرمين رهيا. پاڻ بااصول سياستدان هئا. جنرل ضياءَ ۽ نواز شريف دور ۾ کين پ پ ڇڏڻ لاءِ وڏيون آفرون ڏنيون ويون. سندس خاندان جي فردن کي وفاق ۽ سنڌ ۾ اهم وزارتون ڏيڻ جون آڇون ڪيون ويون، پر پاڻ انهن لالچن کي ٺڪرائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙي انڪار تي سندس پياري فرزند مخدوم خليق الزمان کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جڏهن ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن حڪم تي سندن خاندان ۽ سروري جماعت جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو. هزارين سروري جماعت وارن گرفتاريون ڏنيون، سندن حڪم تي سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان عاطف ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيلن ۾ قيدين جي هر طرح سان مدد ڪئي. پاڻ پ پ پ جا بنيادي اڳواڻ هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم طالب الموليٰ جي پنهنجي محسنن جهڙي عزت ڪندو هو ۽ وقت به وقت وٽن حاضر ٿيندو هو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به کيس والد جيتري عزت ڏيندي هئي. پاڻ ڪيترن ئي تعليمي ادارن جا به سرپرست هئا، جن ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، مخدوم طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، سنڌ طبيه ڪاليج حيدرآباد شامل آهن. سندن شاعري ۽ ٻين لکڻين جا ڪتاب سندن زندگيءَ ۾ شايع ٿيا، انهن ۾ بهار طالب، رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان، اسلامي تصوف، امام غزالي جا خط، ياد رفتگارن، مثنوي عقل ۽ عشق، ڪچڪول، ڇپر ۾ ڇڙيون، ڪافي، ديوان طالب الموليٰ، شان سروري، بي پير اکيون، سنڌ جو شڪار، شان سروري حصو پهريون ۽ ٻيو، مصرين تڙيون، آب حيات ۽ ٻيا ڪتاب به شامل آهن. سندن وصال بعد ڪافي اڻ ڇپيل مواد ۽ جيڪي ڇپيل ڪتاب اڻ لڀ هئا اهي ٻيهر مخدوم جميل الزمان جن شايع ڪرايا آهن،  پاڻ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا.سندن آخري آرام گاهه حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار اندر آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

لطيف جذبن جو شاعر

تحرير: ممتاز علي حيدري

سنڌ جو نامور شاعر، اديب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ولد مخدوم غلام محمد، ۹ محرم ۱۳۳۸هه/ ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. مخدوم طالب الموليٰ درگاھ مخدوم نوح سرور جو ۱۷هون سجاده نشين ٿي گذريو آهي. پاڻ ابتدائي تعليم درگاھ مخدوم نوح سروررح جي خادم ۽ عالم حافظ مولانا ولي محمد کان قرآن پاڪ پڙهڻ سان ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان انجم کان حاصل ڪيائين. فارسي مولوي عبدالحي ٺيڙهي واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ پڙهيو. پاڻ والد صاحب جي وفات کانپوءِ پنجويهن سالن جي عمر ۾ درگاھ حضرت نوح جو سجاده نشين ٿيو.

طالب الموليٰ کي شاعري، ادب ۽ راڳ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو. ۱۹۳۰ع ۾ يارهن سالن جي ڄمار ۾ ناري جي گشت دوران سروري درگاھ جي مشھور بزرگ منٺار فقير راڄڙ سان رهاڻ ڪيائين، جيڪو روز صبح جو هڪ نئون ’ڏهر‘ ٺاهي کيس ٻڌائيندو هو، جتان هن کي شاعريءَ جو شوق جاڳيو. پهرين ‘بيوس’ پوءِ فيراقي، زمان شاهه ۽ بعد ۾ ‘طالب’ تخلص اختيار ڪيائين، جڏهن ته ۱۹۴۹ع ۾ طالب الموليٰ تخلص رکيائين. ۱۹۳۶ع ڌاري هن هالن ۾ ‘انجمن علم و ادب’ جو بنياد رکيو، هالن ۾ ‘الزمان’ پريس قائم ڪيائين.۱۹۴۶ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ’جميعت الشعراءَ‘ جي نالي سان قائم ڪيائين. هالن مان سندس سرپرستي هيٺ هڪ ماهوار ادبي رسالو ‘فردوس’ ۽ ۱۹۵۲ع ۾ ماستر جمعي خان ‘غريب’ سيتا شھر مان ماهوار سنڌي رسالو ’طالب الموليٰ سندس سرپرستي هيٺ جاري ڪيو. هن ۱۹۵۴ع ڌاري ‘اداره روح ادب سنڌ’ جو بنياد رکيو، ۽ ماهوار رسالو ‘روح ادب’ جاري ٿيو. نومبر ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ۾ ‘بزم طالب الموليٰ’ جو پايو پيو، جنهن جو پاڻ سرپرست اعلى هو.

مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي حوالي سان سڃاڻپ رکندڙ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ ساڳي وقت شاعر، نثر نويس، محقق، لسانيات جو ماهر، راڳ جو ڄاڻو ۽ هڪ اعلى انسان هو. جڏهن مارچ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو ته پاڻ ان وقت بورڊ جو ميمبر هو. مخدوم صاحب ۱۹۴۰ کان وٺي ۱۹۶۰ع تائين چار ڀيرا ميونسپل ڪميٽيءَ هالا جو چيئرمين ۽ ۱۹۶۰ع ڌاري بلديه هالا جو پهريون چيئرمئن ٿيو ـ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ۱۹۶۹ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس ان جو سينيئر وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ تاحيات ان عھدي تي رهيو.

سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ’تمغه پاڪستان‘ ۽ ’هلال امتياز‘ ڏنا ويا، جڏهن ته ٻين اعزازن سان گڏ کيس شاهه لطيف ايوارڊ ۱۹۶۱ع ۾ پڻ ڏنو ويو.

طالب الموليٰ شاعري جي صنف ۾ غزل ۽ ڪافي ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. فن ۽ فڪر جي حوالي سان سندس غزل ۽ ڪافيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سندس شاعري سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي نامور فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڇپيل تصنيفن جو وچور هيٺين ريت آهي: (۱)بھار طالب (شاعري: ۱۹۴۶ع)، (۲) رباعيات طالب (شاعري: ۱۹۴۹ع)، (۳) اسلامي تصوف (مرتب: ۱۹۵۱ع)، (۴) شيطان (۱۹۵۱ع)، (۵) خود شناسي (ترجمو: ۱۹۵۲ع)، (۶) امام غزالي جا خط (۱۹۵۳ع)، (۷) ياد رفتگان (مرتب: ۱۹۵۳ع ۽ ۱۹۹۴ع ۾ وڌايل ڇاپو)، (۸) مثنوي عقل وَ عشق (۱۹۵۵ع ۽ ۱۹۸۳ع)، (۹) ڪچڪول (اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعري: ۱۹۵۵ع)، (۱۰) ڪافي (تحقيق: ۱۹۶۲ع)، (۱۱) شانِ سروري (شاعري: ۱۹۵۸ع)، (۱۲) بي پير اکيون (شاعري: ۱۹۸۷ع)، (۱۳) سنڌ جو سانوڻ (مثنوي: ۱۹۸۲ع)، (۱۴) ديوان طالب الموليٰ (۱۹۸۲ع)، (۱۵) آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه (۱۹۸۲ع)، (۱۶) شام وَ صبح (۱۹۸۲ع)، (۱۷) ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري: ۱۹۷۱ع)، (۱۸) مصري جون تڙون (ملفوظات: ۱۹۹۰ع)، (۱۹) سدا وسين سنڌڙي (شاعري: ۱۹۹۰ع)، (۲۰) آب حيات (بيت- ڪافيون: ۱۹۹۰ع)، (۲۱) چهنڊڙيون (شاعري: ۱۹۹۲ع)، (۲۲) منهنجو ننڍپڻ (يادگيريون: ۱۹۹۳ع)، (۲۳) مضامين طالب الموليٰ (علمي ۽ ادبي مضمون: ۱۹۹۴ع)، (۲۴) بهار ستان (شاعري: ۱۹۹۴ع)، (۲۵) لغات سنڌي مخففات (۱۹۹۱ع)، (۲۶) شان حسين (۲۰۰۴ع)، (۲۷) انتخاب ڪلام طالب الموليٰ (۱۹۹۳ع) وغيره. مخدوم صاحب جي ملفوظات تي مشتمل ڪتاب ‘مصريءَ جون تڙون’ جو انگريزي ترجمو Pieces of Suger Candy جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ڪيو، جيڪو ۱۹۹۷ع ۾ شايع ٿيو. مخدوم صاحب پنهنجي ‘ديوان طالب الموليٰ’ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي روايتي ۵۲ اکرن بدران ۵۸ اکرن جي ترتيب سان رديف رکيا، جن ۾ پاڻ لهه، مهه، تنوين، م غنه، نهه ۽ ڻهه جا ڇهه اکر وڌايا آهن، جن جي واڌاري بابت پاڻ ديوان جي مهاڳ ۾ تفصيل سان دليل ڏنا اٿس.

مخدوم طالب الموليٰ، ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي وفات ڪئي ۽ کيس هالا ۾ مخدوم نوح رحه جي درگاهه ۾ دفنايو ويو. سنندس علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي هميشه ياد رکيو يوندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


مخدوم طالب الموليٰ

شخصيت، فڪر ۽ فن جو تعارف

ڊاڪٽر مخمور بخاري

مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو....

هالا جي علمي، ادبي تاريخ حضرت مخدوم نوح سرورؒ کان شروع ٿئي ٿي. حضرت مخدوم نوح سرورؒ نه رڳو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل بزرگ هو، پر ساڳئي وقت قرآن شريف جو فارسي مترجم، مفسر ۽ اوائلي سنڌي بيت چوندڙ شاعر پڻ هو. انهيءَ اعليٰ بزرگ جي اولاد مان ڪيترائي شاعر، عالم، اديب ۽ اهل الله پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ علم، ادب جي حوالي سان خاص طور مخدوم امين محمد ‘پکن ڌڻي’، مخدوم غلام محمد، گل سائين ۽ مخدوم غلام حيدر ذڪر لائق آهن. مخدوم غلام حيدر سياسي توڙي علمي ۽ تعليمي حوالي سان وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان ئي گلدستي جو هڪ خوبصورت ۽ پنهنجن خيالن ۽ شخصيت سان ديرپا خوشبوءِ ڇڏيندڙ شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي به آهي. سندن جنم ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جي سورهين سجاده نشين مخدوم غلام محمد گل سائين جي گهر ٿي. گل سائين پاڻ به شاعر، اهل دل، صاحبِ بصيرت ۽ نثرنويس هئا. سندن تصنيفن ۾ ‘امل ماڻڪ’ (نهج البلاغه جو سنڌي ترجمو) ۽ ڪجهه شاعري محفوظ رهي آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي تعليم ۽ تربيت علمي ۽ روحاني ماحول ۾ سڄاڻ شخصيتن جي زير سايه ٿي. سندن درسي تعليم جي شروعات قرآن شريف پڙهڻ سان ٿي، جيڪا آخوند ولي محمد کان حاصل ڪرڻ شروع ڪيائون. جنهن کانپوءِ سنڌي تعليم ماستر عبدالغفور ۽ هالا جي مشهور شاعر، ناول نگار انجم هالائيءَ وٽان حاصل ڪرڻ بعد فارسيءَ جي تعليم شروع ۾ پنهنجي چاچي ۽ عالم، اديب مخدوم غلام حيدر کان حاصل ڪيائون ۽ پڻ مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي ۽ مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽان پڙهيائون. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان به درس وٺي سندن شاگردن ۾ شامل ٿيا. سنه ۱۹۴۴ع ۾ پنهنجي والد جي وصال بعد، درگاهه حضرت مخدوم نوح سرورؒ جا سترنهان سجاده نشين مقرر ٿيا. سڄي عمر ان ذميواريءَ کي احسن نموني سان نباهيندي گذاريائون. ساڳيءَ ريت پنهنجي حياتيءَ کي علم، ادب تعليم، سماج ۽ مثبت سياست لاءِ وقف ڪيائون. زندگيءَ ۾ اڻٿڪ محنت جي ڪري پنهنجي پوئين ڄمار ۾ عليل به رهيا ۽ نيٺ ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع تي هن جهان مان رخصت ٿيا.

مخدوم طالب الموليٰؒ جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن، جن ۾ سياست، سماج ۽ تعليم جي شعبي ۾ سندن خدمتون اهم آهن. پاڻ دستياب رڪارڊ موجب ۱۹۵۲ع ۾ هالا ميونسپالٽي جا صدر ۽ ۱۹۶۰-۰۴-۰۲ کان ۱۹۶۱-۰۹-۰۳ تائين چيئرمئن رهيا. ۱۹۵۳ع ۾ بنا مقابلي ميمبر سنڌ اسيمبلي منتخب ٿيا. جنهن کانپوءِ ايوب خان جي دور ۾ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر پڻ رهيا. مخدوم صاحب جن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب سندن ميزبانيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ۱ جون ۱۹۷۰ع تي هالا ۾ ٿيو، ان ڏينهن ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ٿيو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هالا ڪانفرنس ۾ قوم کي ون يونٽ جي خاتمي جي مبارڪباد ڏني هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو پهريون وائيس چيئرمئن مقرر ڪيو ويو.علمي حوالي سان پڻ مخدوم صاحب جن جو ڪردار اهميت ڀريو آهي. سروري اسلاميه ڪاليج هالا، طالب المولي اورينٽل ڪاليج هالا، سنڌ طيبه ڪاليج حيدرآباد، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ جا سرپرست رهيا. کپري هاءِ اسڪول جي هاسٽل پڻ مخدوم صاحب جي علم نوازيءَ جي يادگار آهي. ان کانسواءِ مخدوم طالب الموليٰؒ جن جي طرفان ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ سونا تمغا پڻ ملندا رهيا.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن پنهنجي مصروف پيراڻي زندگي گذارڻ جي باوجود سنڌي علم، ادب سان لنؤ لاتي ۽ علمي طور پڻ وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا، جن ۾ هالا ۾ “الزمان پريس” قائم ڪري، “پاسبان” ۽ “الزمان” اخبارون جاري ڪيائون. ان کانسواءِ “انجمن علم و ادب هالا” جي سرپرستي ڪندي، ۱ نومبر ۱۹۵۲ع تي سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت الحڪمت هال ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرايائون، جنهن جي صدارت هاڪاري عالم ۽ دانشور علامه آءِ آءِ قاضي ڪئي. ۱۹۵۰ع ۾ فردوس پبليڪيشن طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار “فردوس” جي به هر لحاظ کان رهنمائي ڪندا رهندا هئا، پر جڏهن فردوس جي سنڀاليندڙن جا ذاتي اختلاف وڌڻ لڳا ته مخدوم صاحب جن اهو رسالو باقاعده پنهنجي نگرانيءَ ۾ شايع ڪرائڻ لڳا ۽ ان دوران سليم هالائي کي ماهوار فردوس جو ايڊيٽر مقرر ڪيائون. ۱۹۵۲ع ۾ سندن ئي نگرانيءَ ۾ مسٽر جمع خان غريب، ‘طالب الموليٰ’ جي نالي سان ماهوار سنڌي رسالو سيتا شهر مان جاري ڪيو. ۱۹۵۴ع ۾ “انجمن علم و ادب” جي هڪ ذيلي شاخ “اداره روح ادب” جي نالي سان مخدوم صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪري حيدرآباد مان ماهوار “روحِ ادب” جي نالي سان سنڌي رسالو شايع ڪيو ويو. سنه ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر مقرر ٿيا. ۱۹۵۶ع ۾ سندن ئي سرپرستيءَ هيٺ حيدرآباد مان ماهوار “شاعر” نالي رسالو جاري ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ “جمعيت شعراءِ سنڌ” جا صدر چونڊيا ويا ان کانسواءِ ۱۴- آڪٽوبر ۱۹۶۱ع تي حيدرآباد جي بسنت هال ۾ مزاحيه ڪانفرنس پڻ منعقد ڪرايائون. سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر ۱۹۵۵ع ۾ “بزمِ طالب الموليٰ” جوڙي وئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا سنه ۱۹۶۱ع کان ۱۹۷۱ع تائين ۽ ٻيهر ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۲ع تائين چيئرمئن رهيا. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، لطيف يادگار ڪائونسل، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي (هاڻوڪي سنڌالاجي) جي مشاورت ڪميٽيءَ جا ميمبر پڻ رهيا. سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مدِنظر حڪومت پاڪستان طرفان ۱۹۶۵ع ۾ ”تمغه پاڪستان“، ۱۹۹۲ع ۾ ”هلال امتياز“ جا تمغا ڏنا ويا ۽ ۱۹۹۱ع ۾ کين “لطيف ايوارڊ” جو اعزازپڻ ڏنو ويو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جن مٿي ڄاڻايل ادبي سرگرمين جي باوجود تمام گهڻو ادبي پورهيو ڪيو.سندن ترجمي، ترتيب ڏنل ۽ طبع زاد ڪتابن جو تعداد ۲۶ کن آهي جن ۾ بهار طالب، (۱۹۴۶ع)، رباعيات طالب(۱۹۴۶ع)، اسلامي تصوف (۱۹۵۱ع)، شيطان(۱۹۵۱ع)، خودشناسي (۱۹۵۲ع)، امام غزالي جا خط(ترجمو، ۱۹۵۳ع)، دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان( ۱۹۵۳ع ۽ ۱۹۹۴ع)، مثنوي عقل و عشق (۱۹۵۵ع)، ڪچڪول طالب: (۱۹۵۵ع)، ڪافي (۱۹۵۸ع)، شانِ سروري (۱۹۵۸ع)، ڇپر ۾ ڇڙيون (۱۹۷۱ع)، سنڌ جو ساوڻ (۱۹۸۲ع)، ديوانِ طالب الموليٰ (۱۹۸۲ع)، آءُ ڪانگا ڪر ڳالھ (۱۹۸۲ع)، شام و صبح (۱۹۸۲ع)، بي پير اکيون (۱۹۸۷ع)، مصريءَ جون تَڙون (۱۹۹۰ع، هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو 'Pieces of Sugar candy' جي سري سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ۱۹۹۷ع ۾ ڪيو)، سدا وسين سنڌڙي (۱۹۹۰ع)، آبِ حيات (۱۹۹۰ع)، چهنڊڙيون (۱۹۹۲ع)، منهنجو ننڍپڻ (۱۹۹۳ع)، مضامين طالب الموليٰ(۱۹۹۶ع)، بهارِستان(۱۹۹۴ع)، لغات سنڌي مخففات(۱۹۹۴ع)، شانِ حسين(۲۰۰۴ع).

مخدوم طالب الموليٰ غزل کي ڌاري صنف جيان ئي قبول ڪيو آهي، پر باوجود ان جي سندن غزل نهايت خوبصورت آهن. سندن اهڙي هڪ خوبصورت تشبيهه جو ذڪر به ڪجي، جنهن ۾ سڄڻ جي ڪارن وارن کي ڪاري رات سان ڀيٽن ٿا:

رشڪِ بخت سيه رشڪِ تاريڪ شب هن جا زلفِ دوتا خوشنما خوشنما

الله الله جبين ضوفشان ضوفشان جــــــلوه گــر، جلوه گر يا خدا يا خد!

مخدوم صاحب عشق جي معاملي ۾ پڻ بااصول نظر اچن ٿا:

جيڪو به جنهن سان عشق جي خود ابتدا ڪري،

ان جو ئي فرض آهه ته هو انتها ڪري.

اڳرو قدم اي طالب الموليٰ ڪڏهن نه کڻ،

تنهنجو ڀلي حريف ئي هر ابتدا ڪري.

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ سُونهن سوڀيا، حُسن ۽ عشق، عجز عاجزي، تڙپ بيقراري، آنڌ مانڌ، لُڇڻ ۽ لوچڻ، سڪ ۽ اُڪير جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. هن جي ڪافين ۾ هڪ اهڙو جهان سمايل آهي، جنهن ۾ جڏهن رڳو دري کولي جهاتي پائجي ٿي ته ماڻهوءَ تي عجب جهڙي مسرور ڪن ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، جنهن آڏو مَڌ جو سرور به ڦِڪو ٿيو پوي. دل دنبوري جيان وڄڻ شروع ٿئي ٿي، جسم موسيقيءَ جي لئه تي رقص ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڄڻ ڪائنات ۾ ڪو مڌر سُر جاڳي پوي ٿو. شاعر جا جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون جڏهن موسيقت سان پُر ٿي سُر ۽ تال جي صورت اختيار ڪري اسان جي بصري سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا ته ان وقت ڄڻ هر ذهن ڪيف ڪڪوريل بڻجيو پوي:

عــجـــب عـــشـــق آهــي اسـان جـو الــستي،

ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خُود پرستي!

تـــو دلـــڙي يـار ڌُتـاري، پر ير، ڪـانه ڪيئي پوئواري،

تنهنجا ڪيسَ پيارل ڪارا، آهـــــن پيچ انهن جا پيارا،

ڪن وَنگ وجهڻ لئي وارا، پائــــن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا!

اکـــيـــون عــــزم واريــون عقابي عقابي،

هو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي.

مخدوم صاحب جتي ڪافين کي موضوع ۽ مضمون سان به رنگيني بخشي آهي، اُتي هن انهن ۾ اندروني قافين ۽ لفظن جي ورجاءَ سان به هڪڙي لئڪاري پيدا ڪئي آهي، هر ٻڌندڙ، ڀلي اُهو موسيقيءَ جي علم کان اڻ واقف هجي، پوءِ به اُن جي ترنم ۽ رواني، سلاست ۽ سادگيءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

قبله مخدوم طالب الموليٰ

صحافي حاجي محمود هالائي سان سندن لاڳاپو

قائم سولنگي

سنڌ واسين لاءِ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ڏاهپ ۽ دوست نوازي جو اهڙو اُهڃاڻ هو. جنهن جي جيتري پذيرائي ڪجي سا گهٽ آهي. مخدوم صاحب جو ڪردار علم و ادب توڙي انساني همدردي جي ريت کي تاريخ مان ڪڏهن به ميساري نٿو سگهجي.

هفتيوار “همدرد” اخبار جو باني حاجي محمود هالائي جڏهن به ميرپورخاص کان هالا ويندو هو ته سائين مخدوم صاحب جن جي تاڪيد موجب ته پاڻ هالا اچڻ تي وٽن ضرور ڪچهري لاءِ اچن پوءِ پنهنجي ننڍي فرزند رياض حسين کي گڏ وٺي ويندو رهندو هو. موجوده هالا پرنٽنگ پريس جي قيام جو يادگار حوالو اهو به آهي ته هڪ ڀيري مخدوم صاحب ڪچهري ڪندي هالائي صاحب کي مشورو ڏنو ته پاڻ هڪڙي پريس هالا نوان شهر ۾ کولي ته جيئن هتان جي ماڻهن کي سهوليت ٿئي پر هن مجبوري ڏيکاري ته وٽس اُن لاءِ ڪو به پلاٽ يا دڪان ڪونهي جنهن تي مخدوم صاحب اجازت ڏيندي چيس ته درگاهه روڊ تي ايجوڪيشن آفيس جي ٻاهر ڪارنر تي خالي پيل ڀانڊو حاضر آهي. جتي وڃي پريس کول. بعد ۾ هن تيزي سان پرنٽنگ پريس سجائي ورتي ۽ مخدوم صاحب جي پسند مطابق نالو به هالا پرنٽنگ پريس رکيو ويو ۽ بعد پاڻ ئي پنهنجي هٿن سان افتتاح ڪرڻ آيا، تڏهن حاجي صاحب پريس اندر پنهنجي سڀني پُٽن کي مخلتف مشينن تي بيهاريو جڏهن معائنو ڪرڻ لڳا ته حاجي صاحب جي فرزند رياض ميمڻ جيڪو قد ۾ ننڍو هو گلن جو هار پارائڻ اڳتي وڌيو ته مخدوم صاحب پيار ۽ پاٻوهه سان ٿورو جهڪي پنهنجي هٿن سان پاڻ هار پائي ورتائون ۽ کلندي هالائي صاحب کي چيائين ته هن ننڍڙي اڄ مونکي به جهڪائي ڇڏيو، تنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو. ياد رهي ته اُن افتتاح ۾ موجوده گادي نشين ورتائون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب پڻ موجود هئا.

هڪ ڀيري فلمساز اسماعيل بن واصف کي فلم “محبت ۽ مذهب” لاءِ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ڪلام “اڱڻ ٻُهاريان تنهنجون واٽون نهاريان “ جي گُهرج هئي جنهن لاءِ هن هالائي صاحب کان خط ورتو ۽ محمد رفيق ميمڻ کي گڏ وٺي هالا ۾ سائين جن تائين پهتو، مخدوم صاحب چيو ته انهيءَ ڪلامن جا حقوق شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني وٽ محفوظ آهن، پر اوهان حاجي صاحب جو خط آندو آهي، هڪ ڪلام ته ڇا سڄي ڪيسٽ فلم ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا پوءِ هن “اڱڻ ٻُهاريان” (ٻول) ۽ ٻيو “سڪندي سال ٿيا، ويندس نيٺ مري” پسند ڪيا ۽ اُنهن جي شوٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ هڪ ڪلام جيڪو فلم ۾ سين مطابق هو جيڪو مخدوم محمد امين فهيم جو غزل (ٿيندو رهيس پُراڻو محبت ڪري ڪري،

پٿر جو بُت بڻيس عبادت ڪندي ڪندي) جي شوٽنگ شڪارپور ۾ ٿي سين اهو هو ته.

حاجي صاحب حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ پنهنجي هالا واري گهر ۾ پُهتو تن ڏينهن قبله مخدوم صاحب جن پڻ عليل هئا ۽ ڪيتري عرصي کان سياسي ۽ ادبي سرگرميون ترڪ ڪري صاحب، فراش هئا، جڏهن هالائي صاحب جي ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۸۳ تي رحلت ٿي ته مخدوم صاحب کي بيحد رنج پهتو ۽ ٻي ڏينهن هالائي صاحب جي فرزند ن کي نياپو ڪيائون ته علالت سبب تعزيتي رسم ۾ شريڪ ٿيڻ کان قاصر آهيان ۽ چورايائون ته سڀاڻ اٿاس بنگلي تي سندن ميزباني ۾ هالائي مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي نشست رکن پيا. اُن ۾ سندس وارث شرڪت ڪن جو پوءِ ڪامريڊ غلام حسين سومرو، الهبچايو ميمڻ، هالائي جا هالا نوان ۾ رهندڙ فرزند ۽ پڻ ميرپورخاص مان حبيب الله ميمڻ ۽ عاشق حسين ميمڻ شرڪت ڪئي هئي اُن ڏينهن حاجي مرحوم جو ڀائٽيو انور حسين ميمڻ “سَن” ويل هو جنهن هٿان سائين جي ايم سيد تعزيتي پيغام لکي موڪليو ته آءُ هن موقعي تي پاڻ کي شامل ڪري يوسف جي خريدارن سان گڏ آهيان. ٻئي ڏينهن جڏهن خبر شايع ٿي ته روزنامه جنگ جو چيف ايڊيٽر مير خليل الرحمان اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکيو ته ڪافي عرصي کانپوءِ مخدوم آف هالا پاڻ وٽ صحافي حاجي محمود هالائي جو تعزيتي اجلاس منعقد ڪري هن پنهنجي طويل سياسي ۽ ادبي خاموشي کي ٽوڙيو آهي.

هڪ يادگيري به عرض ڪريان ته جڏهن مخدوم سعيد الزمان ۸۵/۸۴ ۾ هالا جا چيئرمين هئا، تڏهن سندن صدارت ۾ جيم خانه ڪلب ۾ مرحوم حاجي صاحب جي (ورسي) تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اطلاعات اين ڊي جتوئي پڻ اعزازي مهمان طور شريڪ هو. آءُ (راقم الحروف) ميرپورخاص مان هالائي مرحوم جي وڏي فرزند حبيب الله ميمڻ سان شرڪت لاءِ حاضر ٿيس منهنجي خوش نصيبي جو اُن يادگار نست جي ڪمپيئرنگ لاءِ پروگرام آرگنائيزر يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت جي الهه بچايو ميمڻ مونکي موقعو ڏنو اُن ۾ تجويز آئي ته مرحوم حاجي صاحب جي نالي شهر هالا ۾ ڪنهن لائبريري پارڪ، گيٽ يا روڊ جو نالو منسوب ڪيو وڃي بعد سڀني جي تائيد سان مخدوم سعيد الزمان عاطف. (ڪورٽ واري روڊ جو حاجي محمود هالائي روڊ اعلان ڪيو.

هالائي مرحوم کان اڳ به سندس خاندان حضرت غوث الحق سرور نوح رح جي گادي ءَ سان عقيدت رکندڙ رهيو آهي سندس والد حاجي اسحاق هالائي جنهن جو ننڊڙو هوٽل هوندو هو انڪري نانوائي سڏيا ويا، اڄ کان ۶۵ سال اڳ هن پُخته مشق، گوشه نشين شاعر ۱۹۵۸ ۾ شاعريءَ جي بياض “نواءِ فراق” ۾ مخدوم پروڄام ۽ مخدوم محمد زمان (اول) جن جي شان ۾ عقيدت جو اظهار طويل نظمن ۾ ڪيو آهي نموني طور قصيدي جون سٽون.

“سخي پير سرور، پرو ڄام پيارو’

غريبن يتيمن جڏن جو جيارو

حسن خلق جو کيس اعليٰ عطا هو،

عقل علم جو در ڀلو بي بها هو،

سڀن ريت سهڻو سندس هو ستارو

نسل نوح نرمل سندو نيڪ نُوري

شريعت سان شامل سنديس پرت پُوري

دلاور سندو دين احسن اجارو.

هُجي آل اولاد آباد انجو،

مٿي عام ارشاد امداد اُن جو

رهي شامل قائم هي نعمت نظارو

اهڙي طرح مخدوم محمد زمان (اول) جن جي پاڻ ۾ ڪافي لکي اٿس ته

اسان جو سرور هو سلطان، جنهن کي ساري جڳ جهان.

محمد زمان پير جو آهي عالم ۾ ارمان

هادي هالن شهر سندو سو ڪامل هو ڪلان.

آءُ انهيءَ در جو بيشڪ ڀٽ ۽ ڀانُ

چئي اسحاق انهين لئه هردم دل حيران

رويو چويو سڀن سڻايان دردن جو ديوان.

اسان جو سرور هو سلطان

شاعر اسحاق نانوائي ميمڻ جي جزبات ۽ طبع جي جولان جو اندازو سندس نظمن مان ڪري سگهجي ٿو. مضمون جي طوالت کان پاسو ڪندي هالائي مرحوم جو صوبائي اليڪشن ۾ بيهڻ ۽ قبله مخدوم طالب الموليٰ جن جي کين حمايت ۽ پڻ هالا پريس ۽ همدرد اخبار کي ڇپائي جو ڪم ڏئي مدد فرمائڻ ننڍڙو مثال ته پ پ پ جي پهرين اقتداري دور ۾ مخدوم صاحب صحافي نور سنڌيءَ کي اطلاعات کاتي ۾ ملازمت جو آرڊر ڏيڻ ٿي چاهيو جنهن لاءِ هُن معذرت ڪندي پنهنجي هڪ دوست شفيق حسين ميمڻ جو نالو ڏنو بعد مرحوم هالائيءَ جي انهيءَ فرزند کي نوڪري ملي جيڪو کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي اهڙي طرح هالائي صاحب جو ٻيو فرزند مشتاق علي جنهن کي مخدوم صاحب جن اڪثر سفر ۾ فوٽو گرافر طور وٺي ويندا هئا. هينئر به هالائي مرحوم جي ڪاوش، هالا پرنٽنگ پريس سندس فرزند محمد سليم ميمڻ ۽ ميرپورخاص ۾ همدرد پرنٽنگ پريس گلزار حسين ميمڻ سنڀالي پيو.

مطلب ته قبله مخدوم طالب الموليٰ هميشه دوستن تي وڙڪندڙ پاڙيسرين جي پر گهور لهندڙ ۽ اَڀرن تي احسان ڪندڙ، دورانديش شخصيت جا مالڪ هئا، اڄ دور ۾ اڪثر انسان پنهنجي شخصيت، پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان نٿو ٺاهي پر دولت، اقتدار ۽ ٻاهرين ٺاهه ٺوهه سان ٿو سنواري ٻي پاسي اسانجي معاشرتي پستي، انساني قدرن جو فقدان ذهي پريشانين ۽ ڪوُڙن ويساهن جو بنياد دولت پرستيءَ جو حوص آهي حضرت سرور نوح جي گادي جي انمول انسان مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن جي ورسيءَ جي موقعي تي سروري مئگزين جي يادگار اشاعت سان نئون نسل پنهنجي مشاهيرن ڏانهن توجه ڏيئي سگهندو. ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته سندن شخصيت ۽ دانائي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پيش ڪيو وڃي ته دنيا تائين اها ڄاڻ پهچي سگهي ته سنڌ ڪهڙا ڪهڙا بي مثل ماڻهو پيدا ڪيا آهن.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا