; سنڌي شخصيتون: اسلم عباسي - وزير فرهاد سولنگي

16 December, 2012

اسلم عباسي - وزير فرهاد سولنگي


اسلم عباسي
امل ماڻڪ- سٻاجھي سڀاءَ وارو
وزير فرهاد سولنگي
جڏهن واندڪائي ۾ اڪيلو ويهي سوچيندو آهيان ته اهي انسان جيڪي ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي عمر کان وڏا ڪم ڪري مڃتا ماڻيندا آهن اهي ڪيڏا نه خوشنصيب آهن. انهن انسانن کان، جيڪي وڏي عمر ماڻي به ڪجهه نه ٿي سگهندا آهن. اهي ويچار ان وقت ذهن ۾ آيا جڏهن پنهنجي دوست ساٿي اسلم عباسيءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتم.


اسلم عباسي اهو نوجوان اديب ۽ محقق آهي جنهن پنهنجي لکڻين جي شروعات ۱۹۸۵ع کان ڪئي. جڏهن هن سنڌي  ادبي سنگت شاخ موري ۾ پير پاتو ۽ پنهنجي قلمي پورهئي جي شروعات ڪئي. پاڻ لکڻ،پڙهڻ کانسواءِ سماجي ڪمن ڪارين ۾ اڳڀرو ٿي سنڌ جي پيڙيل طبقي لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. ۽ سماجي اڻ برابريءَ ۾ تبديليءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري نهايت ايمانداريءَ سان مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سنڌي ماڻهن جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندو آيو آهي.
اسلم عباسيءَ جي شخصيت جا ڪيترائي علمي، ادبي، ۽ سماجي پهلو آهن. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس شاخ مورو جي پليٽ فارم تان ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جي پليٽ فارم تان مسلسل ڪم ڪندو رهيو آهي.
اسلم عباسيءَ ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙو واقع مورو ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول احمد شاهه مان ۱۹۷۸ع ۾ ورتي ۽ ۱۹۸۳ع ۾ وري هاءِ اسڪول موري مان مئٽرڪ  پاس ڪري مهراڻ ڊگري ڪاليج موري مان ۱۹۸۶ع ۾ انٽر پاس ڪيائين ان کانپوءِ هن ۱۹۹۰ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي (اقتصاديات) ۾ ڪئي. ان بعد هي نوجوان پنهنجي عملي زندگي ۾ لکڻ پڙهڻ، سماجي ڪمن ڪارين سان گڏ پنهنجي ڪٽنب جو به ڀرجهلو ٿيو.
اسلم عباسي پنهنجي وجود ۾ هڪ انجمن جي حيثيت رکي ٿو. علمي ادبي، سماجي، تاريخي، ثقافتي سيمينار ۽ ميڙاڪا ڪرائڻ سندس پسند جو مشغلو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ۱۹۹۶ع ۾ ڪراچيءَ جي آواري ٽاور هوٽل ۾ هڪ شاندار انٽرنيشنل ڪلهوڙا سيمينار ۾ شرڪت ڪيائين. سال ۲۰۰۲ع ڌاري حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سيمينار لاءِ پريس سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. ان کان علاوه تخت گاهه خداآباد سيمينار سگا جي پليٽ فارم تان ۲۰۰۴ع ۾، شاهه سچل سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس سگا جي طرفان ڪراچي جي هوٽل بيچ لگزري ۲۰۰۴ع سان به لاڳاپيل رهيو، تاريخي، علمي، تحقيقي سيمينار ضلع نوشهرو فيروز ۲۰۰۷ع ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پاڻ سيمينار ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ۲۰۱۰ع ۾ تاريخي تحقيقي سيمينار مورو ۾ منعقد ڪيائين، ۽ پاڻ انهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.
اسلم عباسي سماجي ادبي پروگرامن کان علاوه سٺو ڪمپيئر پڻ آهي. هن مختلف پروگرامن ۾ اسٽيج ڪاروائي هلائي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. ان کان علاوه ادبي پورهئي ۾ سندس چار ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. جن ۾ ۱. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور بابت، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حاڪم سنڌ، ۲. ڪلهوڙا دور هڪ مطالعو سال ۲۰۰۵ع ۳. ضلع نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾ ۽ چوٿون ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سال ۲۰۱۰ ۾ آندائين. علمي ادبي سماجي ثقافتي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن.
موري شهر ۾ هن وقت پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي سماجي ثقافتي ۽ تعليمي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي جن ۾ سگا، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ سٽيزن ڪلب، يونائيٽيڊ اسڪول، سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي، مورو ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا سرفهرست آهن. مورو شهر جي بزرگ اديبن، استادن راشد مورائي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي ۽ عبدالله جيسر جي صحبت ۾ رهندڙ هي سنڌ دوست نوجوان اديب، سماج سڌارڪ ڪيترن ئي ادب دوستن جو همعصر پڻ آهي.
اسلم عباسي جڏهن ته هن وقت چوئيتاليهه سالن جو ٿي ويو آهي پر سندس علمي ادبي، سماجي خدمتون سندس عمر کان مٿاهيون آهن. هن جي طبيعت تمام سٻاجهي ۽ پر خلوص شخصيت سبب علمي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي عزت ماڻي آهي. هن جي دوستن جو حلقو تمام وسيع آهي. سندس شخصيت جو سڀاءُ اهڙو ته تاثر وارو آهي، جو هر طبقي جا ماڻهو هن کي سٺي نظر سان ڏسندا آهن. پاڻ دوستن جي ڏکن سکن ۾ هر وقت گڏ هوندو آهي. پاڻ کان وڏن جو ادب ۽ احترام ته ڪير هن کان سکي. سندس گفتگو مهذب ۽ ورتاءُ پيار ڀريو هوندو آهي. هن نوجوان کي اڃا زندگي جون ڪيئي منزلون طئه ڪرڻيون آهن.







اسلم عباسي
هڪ سماج سڌارڪ جو جنم ڏينهن
وزير فرهاد سولنگي
نوجوان اديب، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ اسلم عباسيءَ جو جنم ۲۵ نومبر ۱۹۶۸ع ڌاري مورو شهر ۾ ٿيو ۽ پاڻ ۴۸ سالن جون بهارون ماڻيون اٿس، هن جي زندگيءَ تي جڏهن نظر ڦيرائجي ٿي ته پاڻ هڪ متحرڪ  ڪردار ۽ مسلسل جدوجهد  ۾ نظر اچي ٿو.
مورو شهر جي تاريخ ۾ ون يونٽ تحريڪ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جو پڻ وڏو اثر رهيو آهي ۽ ان  سياسي سماجي اٿل پٿل ڪيترائي جاکوڙي نوجوان پيدا ڪيا، جن سنڌ جي ساڃاھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ۱۹۸۳ع ڌاري ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته مورو پڻ ان جو مرڪز رهيو، ان وقت اسلم عباسي مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ايئر ۾ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ داخل ٿيو، سنڌ مٿان مارشلائي راتاهو ۽ ڪاري دور جنرل ضياءَ جي حڪمرانيءَ سندس ذهن مٿان ڪيترا ئي نقش ڇڏيا. سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن، وستين کي نيست و نابود ڪيو ويو، سياسي تحريڪن سان لاڳاپيل هئڻ ڪري سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏاڍاين جو شعور شاگردن ۾ پيدا ڪندا رهيا، اهڙي طرح پاڻ انهن کان متاثر ٿي سنڌ سان  اهڙي جند جڙي جو ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.
سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ  سان  سندس لڳاءُ پيدا ٿيو. سنڌ ادبي سنگت مورو جو ميمبر ٿيو. پاڻ سنڌي ادب ۾ چئن  ڪتابن جو واڌارو ڪيو اٿس، جنهن مان سندس مشهور ۽ معروف تاريخي ڪتاب “مورو تاريخ ۽ ثقافت آهي”. هن ڪتاب ۾ موري بابت تاريخي رايا ۽ پسگردائي ۾ آباد واهڻ، وستيون، ڳوٺ، شخصيتون، عالم اديب، شاعر، سگهڙ، تعليمي ماهر، فنڪار، اداڪارن ۽ ڪيترن ئي سياسي سماجي شخصيتن بابت تذڪرو آهي هي ڪتاب موري جي تاريخ جو اهم دستاويز ليکيو وڃي ٿو. سنڌ فلاحي ڪاميٽي مورو ٺاهي ۱۹۸۸ع ڌاري موري شهر مان مرحوم عبدالحق ميمڻ، ۽ ٻين  ساٿين سان گڏجي سماجي ڪمن جي  شروعات ڪيائين.
سال ۲۰۰۱ کان هن وقت ۱۶ سالن تائين مورو شهر اندر تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول جوڙائڻ ۾ پڻ ٻين ساٿين سان گڏجي ٻانهن ٻيلي ۽ ورڪر ٿي نڀايو اٿس. پاڻ اسڪول مئنجمينٽ يونائيٽيڊ ايجوڪيشنل اينڊ وليفيئر سوسائيٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سندس تعليمي خدمتون پڻ ساراھ جوڳيون آهن.
سنڌ جي تاريخ سان بيحد دلچسپي ۽ لڳاءَ هئڻ سبب خاص طرح سنڌ جي سونهريءَ ڪلهوڙا دور بابت ڪيترائي تاريخي سيمينار پڻ منعقد ڪرايا. تاريخدانن ۽ ماهر آثار قديم سان گڏجي سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ مڪانن مقبرو ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حيدرآباد، تخت گاھ خدآباد، ميان جا قبا والي سنڌ ميان نور محمد ڳاڙهي ڪاڇي ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙو جي تاريخي آثارن بابت يونيسيڪو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت آرڪيالوجي کاتي سان لک پڙھ ڪري آثارن تي ٿيندڙ ڪمن ۾ سندس اهم ڪردار آهي.

اسلم عباسي مسلسل اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ سگا جو ساٿي، اديب ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ آهي. سندس زندگي نوجوانن لاءِ اتساھ آهي. پاڻ علم شعور جي ساڃاھ ڪري سڀاءَ واري شخصيت آهي. مورو تعليمي ۽ شهر اندر ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، تعليمي سرگرمين ۾ سندس ڀرپور ڪرادار رهندو اچي ٿو ۽ مثبت سوچ  ۽ سنڌ جي ساڃاھ رکندڙ هي دوست عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ عمل جي ميدان ۾ پڻ اڳڀرو آهي. اسان کيس اٺيتاليهين سالگرھ مبارڪ چئون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا