حڪيم نذير احمد شيخ
حڪيم نذير احمد شيخ جو انٽرويو
ڳالهه ٻولهه: ڊي ايم ميگهواڙ
حڪيم نذير احمد شيخ ۱۹۹۲ع
کان روزاني عبرت ۾ صحت بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ڪالم لکي رهيو آهي. حڪيم صاحب جو خاندان
ابن ڏاڏن کان طب جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو آهي. حڪيم نذير احمد شيخ به گذريل ۵۰ سالن کان هن شعبي سان لاڳاپيل
آهي. ان سلسلي ۾ روازاني عبرت پاران ڪيل ڳالهه ٻولهه، پڙهندڙ لاءِ پيش آهي.
عبرت: توهان
ڪيتري عرصي کان حڪمت جي پيشي سان وابسته آهيو؟
حڪيم نذير: اهو
اسان جو ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي کان پيشو آهي ۽ آئون ۴۰-۴۵ سالن
کان حڪمت ڪري رهيو آهيان.
عبرت: حڪمت
مان ڪيترو مريضن ۽ ضروتمندن کي فائدو پهچي ٿو. جڏهن ته اڄڪلهه انگريزي دوائن جو دور
آهي.
حڪيم نذير: هربل
جي علاج ۾ ڪو به سائڊ افيڪٽ نه هوندو آهي. جڏهن ته ايلوپيٿي ۾ جلد فائدو ته ٿي ويندو
آهي پر اڳتي هلي انهي جا خطرناڪ اثر سامهون ايندا آهن. هربل ۾ هڪ ته ڪو نقصان نه آهي
ٻيو وري اهو آهستي آهستي اثر ڪندو آهي ۽ مرض کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندو آهي.
عبرت: اڄڪلهه
جي دور ۾ توهان وٽ ڪهڙي قسم جا وڌيڪ مريض ايندا آهن.
حڪيم نذير: هن
وقت گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو گئس، قبض، بدهضمي، جسماني ڪمزوري، اعصابي، مرداني ڪمزوري جا
مريض تمام گهڻا اچن ٿا. بدقسمتي سان اڄ جا نوجوان هڪ ته پنهنجي جوان زندگي جو خيال
ناهن ڪندا ۽ جواني ۾ زندگي کي لٽائي ڇڏيندا آهن. جڏهن ته اڄڪلهه جا کاڌا به انهن بيمارين
جو وڏو ڪارڻ آهن. ماڻهو هوٽلنگ وڌيڪ ڪندا آهن. جتي غير معياري کاڌو ملي ٿو. ان ۾ استعمال
ٿيندڙ تيل معيار نه هوندو آهي. جڏهن ته کاڌي پيتي جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحه
به ملاوٽي هوندا آهن. ٻئي ڳالهه ته شادين ۾ جيڪو کاڌو تيار ٿيندو آهي اهو ڏسڻ ۾ ته
ڏاڍو ڀلو هوندو آهي جيڪڏهن ان جي تياري جي مرحلي کي ماڻهو ڏسي ته کائڻ تان ارواهه کڄي
وڃي. ڪا صفائي نه ڪئي ويندي آهي. پاڻي به صاف نه هوندو آهي. ماڻهن کي گهر جو کاڌو کائڻ
گهرجي. اهو صاف سٿرو ۽ سٺو هوندو آهي. رات جو دير سان ماني نه کائڻ گهرجي ۽ ماني وقت
تي کائڻ گهرجي. اڄ ڪلهه جي مصروف زندگي سبب ماڻهو دير سان ماني کائن ٿا ۽ جلد سمهي
پون ٿا جنهن سان بدهضمني ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون. نوجوانن کي مشورو ڏيندس ته جواني
الله جي طرفان نعمت آهي. ان جو خيال رکن. غلط راهه تي نه هلن. جيڪڏهن هو جواني کي بچائي
ويا ته سڄي عمر جوان رهندا. ٻئي صورت ۾ هو زيرو ٿي ويندا.
عبرت: توهان
دوا ڪيئن تيار ڪندا آهيو؟ دوا تيار ڪرڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين ۽ شين جو خيال رکندا آهيو؟
حڪيم نذير: اسان
ڪراچي مان جڙي ٻوٽيون گهرائيندا آهيون ۽ هتي اسان جي فيڪٽري آهي. مشينن ۾ تيار ڪري
دوا ٺاهيندا آهيون. اسان جي دوا ۾ ڪابه نقلي شيءَ نه هوندي آهي. بدقسمتي سان اڄ جا
ڊاڪٽر توڙي حڪيم پنهنجي دوائن ۾ ڪارٽيزون استعمال ڪندا آهن. جيڪا فوري طور تي هر مرض
کي روڪي ٿي پر ان جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا آهن. ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي
ويندا آهن. آئون ڪارٽيزون خلاف جهاد ڪري رهيو آهيان ۽ اها انسان جي دشمن آهي. مون وٽ
هتي وڏن ڊاڪٽرن جا خاندان به علاج جي لاءِ اچن ٿا. ايتري قدر جو ڊاڪٽر پاڻ به علاج
ڪرائڻ ايندا آهن انهن کي خبر آهي ته هربل دوائن ۾ ڪوبه سائڊ افيڪٽ نه آهي. اولهه جي
دنيا ۾ ماڻهو واپس يوناني دوائن طرف اچي رهيا آهن. دنيا ۾ هربل دوائن کي وڏي اهميت
ملي رهي آهي. ماڻهن کي هربل دوا به صحيح طريقي سان کائڻ گهرجي ۽ سٺي حڪيم کان وٺڻ گهرجي.
اڪثر ماڻهو گهر ۾ ڪشتا ٺاهيندا آهن جيڪي نقصان ڪار هوندا آهن.
عبرت: ماڻهن کي بيمارين
کان بچائڻ جي لاءِ ڇا ڪجي؟
حڪيم نذير: پهرين
ڳالهه ته وڏو گوشت هرگز نه کائڻ گهرجي. وڏو گوشت بيمارين جي جڙ آهي. حڪيم مرحوم سعيد
جو قول آهي ته وڏي جو کير پيئو پر گوشت هرگز نه کائو. وڏي جو گوشت کائڻ مطلب ته بيمارين
کي دعوت ڏيڻ آهي. مڇي ۾ وڏي طاقت آهي. ان کي کائڻ گهرجي. ننڍو گوشت يا مرغي به کائڻ
گهرجي پر ڀاڄين کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. انهن ۾ وڌيڪ وٽامن ۽ ٻيون شيون آهن ۽ اهي
جلد هضم به ٿي وڃن ٿيون. انسان جي اندر به هڪ مشينري آهي. ان کي به تيل ۽ پاڻي صحيح
وقت تي ملندو ته اها صحيح ڪم ڪندي. اڳ ۾ ايتريون بيماريون نه هيون ۽ نئي ايترا غير
معياري کاڌا هئا. ماڻهو ساڌو کاڌو کائيندا هئا.
جلد سمهندا هئا ۽ جلد اٿندا هئا انهي ڪري ايتريون بيماريون نه هيون. آئون ماڻهن
کي کير ۽ ڏهي وڌ کان وڌ کائڻ لاءِ چوندو آهيان. فروٽ ۾ صوف ۽ پپيتو بهترين غذا آهي.
ٻيا به فروٽ سٺا آهن پر انجير ۾ موجود اڇا داڻا انسان جي جسم ۾ اينٽي بايوٽڪ جو ڪردار
ادا ڪندو آهي. اڳ ۾ پيري ۶۰
سالن کانپوءِ ايندي هئي ۽
هاڻ ۳۵ سالن
کان پيري اچي ويندي آهي.
عبرت: اڄ
ڪلهه ڪهڙي عمر وارا ماڻهو وڌيڪ بيمارين جو شڪار آهن؟
حڪيم نذير: اڄڪلهه
نوجوان طبقو تمام گهڻن بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي. ڇو ته هو مين پوري، گٽڪو ۽ ۲۱ سؤ تمام گهڻو واپرائي ٿو.
هر وقت وات انهن شين سان ڀريل هوندو آهي ۽ انهن شين مان ڪينسر ٿيندي آهي. جڏهن ته نوجوان
طبقو غلط راهه تي هلي رهيو آهي. جنهن سان هو پنهنجي جواني وڃائي ويهي رهندو آهي ۽ هو
جوان بدران ”نو“ جوان ٿي ويندو آهي. انهي ڪري نوجوان الله پاڪ طرفان مليل جواني جي
قدر ڪن. آئون هتي ايندڙ نوجوانن کي اهو ئي مشورو ڏيندو آهيان ته پنهنجي جواني کي بچائن.
منهنجو علاج شرطيه هرگز نه هوندو آهي. اڄڪلهه بازارن ۾ موجود حڪيم توڙي ٻيا ايندڙ مريضن
کي شرط لڳائي چوندا آهن ته توهان بلڪه تيار ٿي ويندؤ پر آئون انهي شرطيه علاج جي بلڪه
خلاف آهيان. آئون علاج ڪندو آهيان. شفا ڏيڻ وارو الله تعالي آهي. اسان وٽ دوا آرڊر
تي تيار ٿيندي آهي ۽ ماڻهو آمريڪا سميت مختلف ملڪن مان فون ڪري آرڊر ڏيندا آهن ۽ گهرائيندا
آهن. شرطيه علاج ڪرڻ حرام به آهي.
عبرت: حڪمت
۾ توهان وٽ ڪهڙي دوا يا علاج ٻين حڪيمن کان وڌيڪ مشهور آهي؟
حڪيم نذير: موٽ
وٽ ڪلونجي آئل تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اهو ماڻهو تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا. وارن جي لاءِ
نذير ڪلونجي آئل جيڪو خشڪ وارن، ڇڻندڙ وارن ۽ وارن جي ٻين بيمارين جي لاءِ اهو آئل
قيمتي جڙي ٻوٽين مان تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ جي هر شهر ۾ موجود آهي. اسان وٽ کنگهه،
بخار، بدن جي سور، گوڏن جي سور، سائي سميت هر بيماري جو اعلان ٿئي ٿو. ڪينسر هڪ اهڙي
بيماري آهي جنهن جو هربل توڙي ايلوپيٿي ۾ ڪو علاج نه آهي. مون وٽ بي اولاد ماڻهو به
ايندا آهن انهن جو به علاج ڪندو آهيان. ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ميڊيڪل طور
صحيح هوندا آهن پر پوءِ به ٻار پيدا نه ٿيندو آهي. انهن جا هارمونس ۽ اسپرم ڪمزور هوندا
آهن جن جو آئون ٽن مهينن لاءِ علاج ڪندو آهيان ۽ انهن کي الله تعاليٰ شفا ڏيندو آهي.
اسان وٽ شربت تندرست آهي. جيڪا جسماني ۽ دماغي ڪمزوري جي لاءِ تمام گهڻي مفيد آهي.
گئس لاءِ ڦڪي بينظير مشهور ڦڪي آهي. جيڪا اڪثر هر ماڻهو جي گهر ۾ ملندي آهي. عورتن
۾ گائني جون بيماريون ٿينديون آهن. انهن جو به علاج ڪندو آهيان.
عبرت: توهان
ماڻهن کي شعور ڏيڻ لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندا به آهيو؟
حڪيم نذير: آئون
۱۹۹۲ع کان روزاني عبرت ۾ لکندو پيو اچان ۽ اڳ ۾ عبرت اخبار
۾ ماڻهن کي خطن جا جواب به ڏيندو هئس ۽ هڪ لک کان وڌيڪ خطن جا مون جواب ڏنا آهن. مون
کي پوري دنيا مان اي ميلز اينديون آهن. اسان جي ويب سائيٽ به موجود آهي ۽ هن وقت تائين
منهنجا روزاني عبرت ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ صحت ۽ اصلاحي ڪالم ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ ماڻهن
کي مختلف بيمارين بابت آگاهي ۽ بچڻ جا مشورا ڏيندو آهيان. ماڻهو صبح جو اها دعا ڪندا
آهن ته ڪو سٺو گيراڪ ملي ته ٻوني ڪيون پر آئون رب پاڪ کان پڪاريندو آهيان ته ڪو غريب مريض ڏيار جنهن جو علاج ڪيان ۽ ان کي رب پاڪ شفا
ڏيئي. اها منهنجي شروع کان خواهش آهي ڇاڪاڻ ته آئون حڪمت ڪمائي لاءِ نه پر ماڻهن جي
خدمت جي لاءِ ڪندو آهيان. مون کي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي ان ۾ هٿ وجهندو آهيان.
جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ان ۾ هٿ نه وجهندو آهيان. ۱۹۹۶ع ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جن صاحب جي خواهش تي جيڪي منهنجي ڪالم لکيل هئا
انهن کي ڪتاب جي شڪل ڏني وئي. جڏهن ته منهنجي هن وقت ۳
ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ حڪيم
نذير احمد جا طبي مشورا، بيمارين جا سبب ۽ جديد طب شامل آهن. آئون هيستائين ۳ ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهيان.
جڏهن ته ۲۰۰۳ع ۾ سارڪ ملڪن جي ڪانفرنس ۾ مون بنگلاديش ۾ هربل ميڊيڪل
جو ڪائونٽر قائم ڪيو هو ۽ مون ايوارڊ پڻ ماڻيو هو. ۴
سال اڳ ڊبليو ايڇ او جي ڪانفرنس
۾ سنڌ جي نمائندگي مون کان ڪرائي وئي. نوجوان وقت جو قدر ڪن، تعليم تي ڌيان ڏين. جواني
کي ضايع نه ڪن. نشي کان پري رهن ۽ اها ئي سندس ڪاميابي هوندي. ننڍي هوندي پاڻ کي سنڀاليندا
ته وڏي عمر ۾ بيمارين کان محفوظ رهندا. زمانو بدلجي ويو آهي. الله تعاليٰ محنت جو ڦل
ڏئي ٿو. ماڻهو کي محنت ڪرڻ گهرجي. حڪيم نذير شيخ آخر ۾ هڪ شعر ٻڌايو ته:
جوش و جواني ۾ هم لاکون گناهه ڪر بيٺهي اي اقبال
هم ڪو معلوم نه ٿا ڪي لاکون نيڪيان ڪماني ڪي عمرئي جواني هي.
حڪيم نذير احمد شيخ
حڪمت، نصيحت ڀريا نقطا ۽
زراعت
مٺل جسڪاڻي
منھنجي ذاتي راءِ
اھا آھي، ته جنھن جنھن به حڪيم نذير احمد شيخ نه ٻُڌو، نه پڙھيو، اھو (اھا) ويجهڙائي
واري چوٿائي صدي جو (جي) سڌ ٻُڌ وارو (واري) نه ٿو (نه ٿي) ٿي سگهي! ڇاڪاڻ ته ھر
ليکڪ جا پنھنجا پڙھندڙ ھوندا آھن، پر حڪيم نذير احمد شيخ انھن ليکڪن مان ھڪ رھيو، جن
کي تمام ٿورا پڙھيل به پڙھندا رھيا، ته گھڻ پڙھيا به پڙھندا رھيا. سندس لکڻيون ڇوڪرا
به، ته ڇوڪريون به پڙھنديون رھيون، عورتون به، ته مرد به پڙھندا رھيا. ڪنوارا ۽ ڪنواريون،
شادي شدھه، رن زالون به، ته اھي به پڙھندا رھيا، جن جون زالون گذاري ويون.
حڪيم صاحب جي پڙھندڙن
۾ اھي سڀ ان ڪري شامل رھيا، ته سندس لکڻين ۾ سڀني جي دلچسپي جو مواد ھوندو ھو.
سَسُ، نُنھن، نڻان، ڀاڄائي، سھرو، ناٺي، ڌيءُ، پُٽ، سڀني رشتن وارا به حڪيم نذير
کي پڙھندا رھيا، ڇو ته ھن جي لکڻين ۾ حڪمت سان گڏ انھن رشتن جي حوالي جون ڳالھيون
به ھونديون ھيون.
حڪيم نذير احمد شيخ
جو اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالم ھجي، يا ڪالم گڏائي، ”صحت ۽ سماج (نسخا ۽ نقطا)“ سندس
پھريون ڪتاب ڇپرايو ويو ھجي، يا ڇو نه ڪالم ملائي ”صحت ۽ ساڃاھه (نسخا ۽ نصيحت ڀريا
نڪتا)“ سندس ٻيون ڪتاب ڇپرايو ويو ھجي، پر سندس پڙھندڙ، سندس ڪتاب ڏسي، خريد به ڪندا
رھيا، پڙھندا به رھيا، انھن مان پرائڻ جي ڪوشش به ڪندا رھيا، ۽ ضرورت محسوس ڪندڙ،
ته حڪيم صاحب سان فون، اي ميل، خط وسيلي رابطو به ڪندا رھيا ۽ حڪيم صاحب انھن کي
جواب به ڏيندو رھيو. سندس ڪيترا ئي ڪالم ان جي ثبوت طور رڪارڊ تي موجود آھن.
حڪيم صاحب جي
تحريرن ۾ سندس حڪمت ۽ نصيحت ڀريا نقطا ته عام و خاص جي دلچسپي وٽان ھجڻ سبب مقبول
رھيا، پر سندس لکڻين ۾ زراعت به اڪثر موجود ھوندي ھئي. جيڪا ھونئن نه ئي سھي، سندس
نسخن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوٽن ۽ انھن جي حصن جو ذڪر ڪندي، پوک جي سرشتي ۾ شامل مختلف
فصلن، ڀاڄين، مصالحن، طبي ٻوٽن ۽ ميون جو ذڪر لازمي ھوندو ھو، جنھن وسيلي انھن جي
اھميت ۽ ضرورت جو اندازو ٿيندو ھو.
مون جڏھن منھنجو ڪتاب
”زرعي سونھون“ حڪيم نذير احمد شيخ صاحب جي مطالعي لاءِ پھچايو، ته پاڻ ھيٺئين فيس
بوڪ پوسٽ لکي، پنھنجا ويچار ٻين تائين پھچايا:
”محترم محمد
مٺل جسڪاڻي صاحب جي تحفي م مليل ڪتاب زرعي سونھن متعلق لکڻ لاء ته سائين پھرين
منھنجي مبارڪ باد قبول ڪري. ڪتاب جي صفحي نمبر 25 تي مصالح متعلق لکيل مضمون اسان
جي طب سان وابسط آھي، جو اڪثر جڙي ٻوٽين ۾ مصالحا استعمال ٿين ٿا. سائين جو مختصر ڪتاب
۾ وڏو معلومات جو خزانو لکيل آھي. شال سدائين خوش آباد رھي.“
مشهور ليکڪ، حڪيم
نذير احمد شيخ سندس هڪ تحرير ”مرچ کائو- ڪنهن کي لڳايو نه“ ۾ لکي ٿو ”عقلمند مائٽ
پٽ جو نالو ڄمندي ئي مـٺل رکندا آهن ۽ نالي جو اثر شخصيت تي پوي ٿو، جنهن جو مثال
پاڻ وٽ مٺل جسڪاڻي ٽنڊي ڄام ۾ موجود آهي. جيڪو هميشهه مٺو ڳالهائيندو آهي پر مٺو اڄ
ڏينهن تائين نه کارايو اٿس.“
اھڙي ريت جيڪڏھن حڪيم
نذير احمد شيخ جي تحريرن نان زراعت جون ڳالھيون ڳولي الڳ ڪبيون، ته ھڪ ڊگهي تحرير ٿي
پوندي.
حڪيم نذير احمد شيخ
جي وڇوڙي تي جتي سندس ويجهن مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن کي ڏک پھتو آھي، اتي مون جھڙن ڪڏھن
ڪڏھن ۽ تمام ٿوري وقت لاءِ ملڻ ۽ روح رھاڻ ڪندڙن، توڙي سندس مستقل پڙھندڙن کي پڻ ڏک
پھتو آھي. ڇاڪاڻ ته حڪيم نذير احمد شيخ ٿڌي ڪوسي، سک ڏک ۾ به سندس قلم وسيلي بنا
ساھي سڀني سان رابطي ۾ رھيو، علم، حلم ونڊيندو، ورڇيندو رھيو. سندس وڇوڙي تي سندس
گهڻگهرن سان ڏک ۾ شريڪ ۽ مغفرت لاءِ آئون به دعاڳو آھيان.
(کيتي سر
سيتي، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر ۱۲ جولاءِ ۲۰۲۱ع)
نذير ...... بي نظير
(تعزيت نامو)
محمود مغل
مٽياري جي جمن
سيوهاڻي قبرستان ۾، کاٻي پاسي واري ننڍڙي ڀت جي پاسي ۾، چوٿين نمبر قبر ۾ هو آرامي
آهن. مغرب جي آذانن مهل کين لحد ۾ لاٿو ويو هو. چار ئي پٽ امتياز، اشفاق، عرفان ۽
عمران ڪلهي ڪانڌي هئا ۽ اسان جهڙا الائي ڪيترا، سندن محبتن جا ماريل، هڪ سدا بهار
وجود کي، مٽي جي جهوليءَ جي ڀاڪر ۾ ڀرجندي ڏسي رهيا هئا. سائين حڪيم نذير احمد شيخ
صاحب جن روانا ٿي چڪا هئا. مٽياريءَ مان پنوڙو، مٽياريءَ ۾ ئي اچي واپس آرامي ٿيو
آهي، (انا لله و انا اليہ راجعون).
ان خوشبودار ڀاڪر ۾
عمر جا ٽي ڏهاڪا گذريا هئا. پنهنجي اولاد جيان پيار ڪندي، جنهن پاٻوهه ۽ محبت سان
حڪيم صاحب اسان سان زندگيءَ جي بهارن خزائن ۾ رنگ ڀريو هيو، اهو سندن ئي وڙ هيو.
اهو رڳو مان ئي نه آهيان، انهن جنهن سان به محبت، قرب ۽ اخلاص جو پيچ پاتو ڄڻ
سدائينءَ لاءِ کيس پنهنجو بڻائي ورتو.
”عسرت جو زمانو هو ڊاڪٽر
محمود صاحب“، سدائين ان ئي نالي سان مخاطب ٿيندا هئا. دل چوندي هئي ته ڪڏهن محمود
نالي به سڏين پر سندن باادب لب و لهجو، سدائين توري تڪي ڳالهائيندو هو.
”روزگار جو فڪر هو.
طب جو ڪم، ڪجهه گهٽتائيءَ تي هو. هڪ ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ پارٽيءَ پڇا ڪرائي ته حڪيم
صاحب ٻارڙن لاءِ ”گهُٽي“ ٺاهڻ ڄاڻڻ ٿا؟ ..... علم ٿين ته اهو هنر به اچيم ٿو ته
هنن چيو؛ ’توهان سئمپل ٺاهي رکو، اسين چڪاس ڪري، آرڊر ڏيڻ اينداسين.‘ ... ڏينهن
طئه ٿيو. سئمپل مون ٺاهي رکيا هئا. پارٽي آئي، ٻه ڄڻا هئا. چکيائون ته دل خوش ٿي
ويَن. اسيءَ جو ڏهاڪو هو شايد..... بريف ڪيس ۾ پنجاهه هزار ايڊوانس آندو هئائون،
جيڪو شايد هن زماني جي ڪجهه لکن جي برابر ٿئي هئا. پڇيائون؛ ’هي گهُٽي ڇا مان ٺهيل
آهي؟‘..... وراڻيم؛ ’کنڊ مان ‘.... چيائون؛ ’هڪ ڪلو کنڊ مان گهڻا شيشا ٺهيا
آهن.‘.... ٻڌايم؛ ’۱۲‘ ..... چيائون؛ ’اتي جي اسين سيڪرين استعمال ڪريون ته ڪيترو فرق
پوندو.‘.... مونکي هنن جي ڳالهه تي حيرت ٿي هئي. ڏسي چيائون؛ ’حيران نه ٿي حڪيم
صاحب ..... جي حڪيم آهيو ته ٺاهي ته ويندو نه ...‘ چيم؛ ’هائو ....‘ پڇائون ته؛
’هاڻي ٻڌاءِ ته هڪ گرام مان ڪيترا شيشا ٺهندا.‘.... چيم؛ ’تقريبن اُهي ساڳيا ۱۲ يا ۱۴ ....‘ پڇيائون؛ ’قيمت جو ڇا فرق هوندو؟ ....‘ ٻڌايم ته؛
’تقريبن ۱۸ روپيا ڪلو آهي کنڊ معنيٰ تقريبن ڏيڍ روپئي جي کنڊ هڪ شيشيءَ ۾ استعمال ٿيندي
۽ ساڳي جاءِ تي سيڪرين جي هڪ گرام مان جي ٺاهيون ته، تقريبن ۲۵ پئسن ۾ شيشو پوندو.‘ کلي چيائون؛ ’پوءِ اهو
ڏسو نه .... ڪاروبار ته اهو آهي.... هي وٺو ايڊوانس .... سيڪرين مان ٺاهيو .... ڪم
شروع ڪيو.‘
ڊاڪٽر صاحب..... کڻي
مالي حالات گهڻا بهتر نه هئا.... ڪم جي به ضرورت هئي پر منهنجي ضمير اهو گوارا نه ڪيو.
چئي ڏنم؛ ’سيڪرين، ننڍن ٻارن جو جگر فيل ڪندي ... وڏو نقصان ٿيندو .... مان اهو ڪم
نٿو ڪري سگهان‘ ... هنن چيو؛ ’اوهان پئسا رکو، اهو فڪر ڇڏي ڏيو رقم ڪا گهٽ ڪانهي‘
..... چيم؛ ’مان حڪمت جو ڪم ڪريان ٿو، دانائيءَ جو ڪم ڪريان ٿو ايڏو سستو سودو ڪيئن
ڪريان.‘.... ڊاڪٽر صاحب؛ ’بريف ڪيس بند ڪندي هنن چيو هو؛ ’اوهان سنڌي ماڻهو ڪڏهن
به ڪاروباري ٿي نه سگهندؤ، سدائين پير پوئتي هوندو.‘ پر پوءِ اهي پير پوئتي ڪڏهن
نه ٿيا. حياتي جي ڪٿا ٻڌائيندي هڪ واري هنن فرمايو .... ’اهو ئي حال هو، ڌڻي در
دعاڳو هئس ته ڪو در کُلي. مسجد شريف ۾ وچينءَ جي نماز پڙهي ويٺو هئس ته هڪ همراهه
آيو ۽ ڳوليندو اچي پهتو، چيائين؛ ’حڪيم صاحب هڪ عرض کڻي آيو آهيان. تازو رٽائر ڪيو
اٿم. رٽائرمينٽ ۾ جيڪي فنڊس مليا آهن، اُهي سيڙائڻ ٿو گهران. اوهان هنر وارا آهيو،
نسخا اوهان جا، رقم منهنجي .... ڇو نه ڪو ڪم شروع ڪريون؟‘
قدرت خدا جي، ڪا گهڙي
اهڙي هئي، گڏجي جو ڪم ڪيوسين ته بس ٻن مان ٻارهن ٿيندا ويا ۽ مالڪ پوءِ اهڙو نوازيو
جو بس کڻي چئجي. هن همراهه ياعمر مون سان نڀايو آهي. ڪاروباري برڪت جو چيڪ، مان نٿو
سمجهان ته ڪڏهن هر مهيني جي ۵ تاريخ کان پوءِ مليو هجي. ورهين جا ورهيه ٿيا، اهو نيم
جاري آهي. اسان به ايمان جي رستي لاءِ پير پختا ڪيا آهن.‘
ٽيجهي تي اها ڳالهه
ڪيم پئي ته هڪدم وڏي فرزند ادا حڪيم حافظ امتياز فرمايو؛ ’بلڪل صحيح ڳالهه آهي
ادا...... اڄ تائين اها ادائگي ڪڏهن تاخير جو شڪار نه ٿي آهي.‘
هڪ توڪلي انسان هو
سائين .... هجت مان بابا سائين عرض ڪندو هئس ته مرڪندا هئا. اها ڪشادي مرڪ ڏيڻ سڀ ڪجهه
آڇيندي هئي. کين اندازو هو ته محبت ڇا هوندي آهي. خلوص جو درياهه ڪيئن تيار ٿيندو
آهي.
حڪيم نذير احمد شيخ
ولد حڪيم حاجي حامد علي شيخ ۲۵ جنوري ۱۹۴۳ع تي مٽياري ۾ ڄاوا هئا. شروعاتي تعليم گورنمينٽ بوائز
پرائمري اسڪول مٽياري ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٽياريءَ مان حاصل ڪيائون ۽ ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، سچل آرٽس ڪاليج
۾ داخل ٿيا. جنهن کان پوءِ حڪمت ۽ پيٿالوجي جي مختلف ڪورسز جي تعليم ڪراچيءَ مان
حاصل ڪيائون. هنن هربل ميڊيسن جي ميدان ۾ تقريبن ۵۵ سالن کان مٿي پريٽڪس ڪئي ۽ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان
جي خدمت ۾ ڪڏهن به پير پوئتي نه ڌريو.
طب جي ميدان ۾ هنن
سنڌيءَ ۾ ۵ ۽ اردوءَ ۾ هڪ طبي ڪتاب لکيو ۽ تنهن کان سواءِ سنڌي اردو جرنلس تي بي
تحاشا پروگرام به ڪيا. هنن دم جي علاج لاءِ به بي انتها ڪوششون ڪيون ۽ هزارين
مريضن کي سندن علاج فائدو پهچايو. سندن تحريرن ۾ ’حڪيم نذير احمد شيخ جا طبي
مشورا‘ ۱۹۹۶ع، ’بيماريءَ جا سبب ۽ جديد طبي علاج‘ ۲۰۰۴ع ۽ ۲۰۰۸ع، ’صحت ۽ سماج‘ (نسخا ۽ نڪتا) جنوري ۲۰۱۴ع ۽ ’صحت ۽ ساڃاھ‘ آگسٽ ۲۰۱۶ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کانسواءِ سندن ۵ ڪتاب، هاڻي آخري مرحلن ۾ آهي. کين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ايندي هئي. لاڳيتا ڪيترا
ئي سال هو ماڻهن جي خطن جو بغور مطالعو ڪندا هئا. هڪ هڪ کي ورندي ڏيندا هئا ۽ ان ڳالهه
کي يقيني بڻائيندا هئا ته واپسيءَ جو لفافو مالڪ تائين پهچي. ان ڪري ان لفافي ۾
پنهنجي ايڊريس لکيل هڪ لفافو به رکندا هئا ته جيئن موٽ جو باوثوق اطلاع ملي.
حڪيم صاحب ڪمينٽمينٽ
جا بيحد پڪا هوندا هئا. ٽيليويزن تي طبي پروگرامن ۾ لڳاتار شرڪت لاءِ، هو طبيعت
ناساز هوندي به ڪراچيءَ وقت تي پهچندا هئا. وقت تي پهچڻ جو مطلب، سدائين اڳواٽ پهچڻ
هوندو هو. اهو پنهنجي عادت کان مجبور هئا. شيڊول سدائين سخت رکندا هئا. کين عزت ڏيڻ
جي فن ۾ مهارت حاصل هئي. مريض کي علاج سان گڏ معالج پاران جيڪا عزت ۽ قرب ملندو هو
اهو به ڏسڻ وٽان هوندو هو.
هڪ ڀيري حجت ڪندي عرض
ڪيم؛ ’اوهان نذير ذال ذري سان لکو ٿا جي ظوئي سان لکو ته دل چوي ٿي ته اوهان کي
نظير بي نظير سڏجي .....‘ مرڪي فرمايائون؛ ’اوهان ذال ذري جي هِجي سان به بينظير
لکي سگهو ٿا..... مون لاءِ اهو پيار ئي ته بينظير آهي.‘
مٽياريءَ جو مڻيو،
مٽياريءَ ۾ آسوده خاڪ ٿي ويو آهي، حڪمت جي هڪ وڏي ڪتاب جي جُلد بندي ٿي آهي ۽ اُهو
هميشه لاءِ، ياد جي لائبريري ۾، محبت جي خاني ۾ رکجي ويو آهي. پروردگار سندن
خدمتون قبول ڪري ۽ کين اعليٰ کان اعليٰ مسند نصيب ڪري. (آمين)
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۵ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
حڪيم نذير احمد شيخ صاحب
جي ڪتاب ”صحت ۽ ساڃاھ“ جو مختصر تعارف
چوڻي آهي ته ”تندرستي هزار نعمت آهي.“ يا ”جيءُ خوش ته جهان خوش“. سائين! صحت به الله جي وڏي نعمت آهي. صحت آهي ته سڀ ڪجھ
آهي.
صحت وري ٻن قسمن جي
ٿئي، هڪڙي جسماني ۽ مادي ۽ ٻئي روحاني ۽ باطني. انسان جو رڳو بدن ئي صحت مند نه
هجي پر هن جي دل، هن جو دماغ، خيال، ارادا ۽ ويچار به صحت مند هجن. انسان جسماني ۽
روحاني طور تندرست هوندا ته سماج به تندرست هوندو، ڇو ته انسانن جي ميڙ کي ئي سماج
چئجي ٿو. ڏٺو وڃي ته هر ماڻهو خوشين جي ڪڍ آهي، سکي زندگي گهري ٿو. زندگيءَ جا سڀ
مزا ۽ عيش آرام حاصل ڪرڻ لاءِ صبح شام جاکوڙي ٿو. وڌ ۾ وڌ دولت،عهدا ۽ مان مرتبو
حاصل ڪرڻ گهري ٿو.
سوال ٿو اٿي ته ڇا
رڳو مادي ۽ جسماني صحت سان سٺو سماج جڙندو؟ زندگيءَ ۾ سڪون ۽ حقيقي خوشي ايندي؟
انهيءَ جو جواب نهڪار ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته جسماني صحت سان گڏ روحاني صحت پڻ گهربل آهي.
رڳو جسماني ۽ مادي طور تندرست هئڻ ۽ ترقي ڪرڻ وارو سماج خود غرضي، ساڙ، ڪٽر، ڪينو،
ڏاڍائي، هڪ ٻئي جا حق ڦٻائڻ ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ جي ور چڙهيو وڃي. نتيجو ذهني بي
سڪوني، پريشاني ۽ اهڙا ٻيا روڳ آهن. عام مشاهدو ڪجي ٿو ته پورهيت ماڻهو ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري زندگي گذاري رات جو ڀلي ننڊ ڪري ٿو، جڏهن ته دولت
۽ مادي شين جي گهڻائي وارا ماڻهو عام طور رات جو ننڊ لاءِ به سِڪن ٿا.
هي ڪتاب ”صحت ۽ ساڃاھ“، نسخن ۽ نصيحت ڀرين نڪتن سان ٽمٽار آهي. نالي مان ئي پڌرو آهي ته هن ۾
صحت سان گڏ ساڃاھ ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون به آهن. هن ۾ جملي ۷۱ مضمون آهن، جن ۾ جسماني
صحت بابت نسخن ۽ نڪتن سان گڏ روحاني صحت بابت ڏاهپ جا ڏس به ملن ٿا.
ڪتاب جو مصنف سنڌ
جو ناليوارو حڪيم، عالم ۽ اديب حڪيم نذير احمد شيخ ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. هي
نسخا ۽ نصيحت جا نڪتا سندن اهي اخباري ڪالم آهن، جيڪي طب جي سِري هيٺ اخبارن ۾
شايع ٿيندا رهيا آهن.
ڪتاب جو نالو: صحت ۽ ساڃاھ (پڪي بائينڊگ+ ڊسٽ ڪور)
مصنف: حڪيم نذير احمد شيخ
سائز: ڊيمي صفحا: ۲۵۶
قيمت: ۳۰۰ رپيا
ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي واڳڻودر شڪارپور ۽ سنڌ جا سمورا ڪتاب گهر.
حڪيم نذير احمد شيخ
انسان دوستي جو مثالي ڪردار
مرتضيٰ سيال
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ
آهي تہ "انسان پاڻ عظيم ناهي هوندو، اُن جو ڪردار اُن کي عظيم بڻائيندو
آهي"
حڪيم نذير احمد شيخ
جنهن کي وڇڙئي هڪ سال گذري ويو آهي پر سندس ڪردار اُن کي سدائين زنده رکندو.
حڪيم نذير احمد شيخ
(۱۹۴۳-۲۰۲۱) چئن پيڙهين جي تسلسل طور حڪمت جي شعبي جي نہ رڳو چونڊ ڪئي پر ان فيلڊ ۾
تمام تجربا ۽ جاکوڙ ڪري ان کي عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ استعمال پڻ ڪيو.
حڪيم صاحب سان
منهنجو نيازمندي ۽ احترام جو رشتو هئو، پاڻ مون سان سدائين شفيق بزرگ جيان پيش
آيا، مون جڏهن تعليم مڪمل ڪري پنهنجو گهر وسائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تہ حڪيم صاحب
منهنجي ڪافي مدد ڪئي، مون کي پنهنجي پاڙي ۾ فليٽ وٺي ڏيڻ کان ويندي اتي رهائش
دوران هو ۽ سندس فرزند سدائين مددگار رهيا.
سنڌ ۾ لاتعداد حڪيم
آهن پر حڪيم نذير احمد شيخ پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي حوالي سان ٻين جي ڀيٽ ۾ بنھ مختلف
هئو، هو پنهنجي مطب تي تہ مختلف اهنجن جي شڪار ماڻهن کي طبي علاج تجويز ڪندو هئو
پر پنهنجن مضمونن ذريعي بہ پڙهندڙن کي طبي مشورا ڏيندو هئو. صحت ۽ اخلاقيات سندس خاص
موضوع هيا جن تي هو عبرت اخبار ۾ ڪالم لکندو رهيو.
هو انتهائي پر
خلوص، حليم طبيعت وارو ۽ شفيق انسان هئو، منهنجون ساڻس جڏهن بہ ملاقاتون ٿيون،
کائنس تمام گهڻي عزت ۽ پيار مليو، جنهن کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهجي.
مون کي يقين آهي تہ
الله سائين سندس درجا بلند فرمائي کيس جنت الفردوس ۾ اعلي' مقام عطا فرمايو هوندو.
(مرتضيٰ سيال
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)
Hakim Nazir sb khud hikmat jo ta wado janno aahay un saan gadogad ikhlas aen piyar muhabbat waro shakhs aahay.....sandas aulad b sagian ee khoobiyun waro aahay .. khas kary hakim imran shekh....Masha Allah
ReplyDeletemuhib ali
سائين منھنجا مھرباني.
ReplyDeletedear if you want add hakim nazir's photo please vist his internet site
ReplyDeletehttp://www.nazirherbals.com or
http://www.nazirherbals.com/ourstaff.php
regards
muhib ali
Thanks. I had had it.
ReplyDelete