; سنڌي شخصيتون: جي ايم مهڪري - منظور ڪوهيار

21 December, 2012

جي ايم مهڪري - منظور ڪوهيار

جي ايم مهڪري
مها پُــرش
منظور ڪوهيار
واقعي ڪن شخصيتن جي تاثر کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن لکڻ ويهان ٿو ته يادن جي يلغار منجھايو وجھي ته ڪٿان شروع ڪيان، ڪٿي ختم ڪيان ...؟ ڪهڙي ڳالهه ڪيان، ڪهڙي ڳالهه رهايان!؟
پوءِ به حال سارو، ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته من سندس  يادن جي مهڪ، جيڪا اڄ به گلاب ۽ موتئي جي خوشبوءِ جيان ذهن ۾ تازي آهي، سا ڪنهن علم جي پانڌيئڙي سان ونڊي ورهائي سگھجي.


سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر جي ايم مهڪري،۱۹۷۷ع، ۱۹۷۸ع، ۽ ۱۹۷۹ع ۾، وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ليڪچر ڏيندو هو. هفتي ۾ ڇنڇر ڏهاڙي سوشيالاجي ۽ سومر ڏيهاڙي سائڪالاجي ڊپارٽمينٽ وارن شاگردن کي پڙهائيندو هو. هر دفعي نئين ڳالهه، نئون نقطو، نئون موضوع ڇيڙيندو هو، سندس پڙهائڻ جو نمونو ئي نرالو ۽ انداز ئي جدا گانه هو، مان جڏهن به تصور جي اک سان ڏسان ٿو ته اوڻهتر سترسالن جو عمر رسيده، دراز قد ۽ ڀورن وارن واري شخص جي شبيهه اکين اڳيان ڦري ٿي. هڪ يگانو شخص، جيڪو هٿرادو مشين Pace maker سان دل کنيون، آرٽس فيڪلٽي جي ٻه ماڙ بلڊنگ جي ڏاڪڻين تي چڙهندو چڙهندو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيندي چوي ٿو:
اشوڪ، اشوڪ اعظم نه ٿي سگھي ها، جيڪڏهن کيس سٺا صلاحڪار نه هجن ها، اڪبر اڪبر اعظم نه ٿي سگھي ها، جيڪڏهن کيس سٺا مشير ۽ نورتن نه هجن ها. اهي مشير ئي هوندا آهن جن حڪمرانن جو ٻيڙو ٻوڙيو ۽ اهي ئي صلاحڪار هوندا آهن، جن ٻيڙو تاريو. اڪبر پڙهيل نه هو. پر سندس درٻار ۾ راجا توڏرمل جهڙو جينيس ويٺو هو، جنهن روينيو ايڪٽ لکيو ۽ هندستان جي آباد سر زمين جي سروي ڪرائي. ابو الفضل ۽ ملان فيضي جهڙا اعليٰ دماغ، جن آئين اڪبري ٺاهيو. بيربل جهڙو ذهين ۽ داناءُ، جنهن کان هڪ ڏينهن اڪبر بادشاهه هڪ عجيب سوال ڪيو، ته انسان کي وڌ ۾وڌ ڪهڙي شيءِ پياري آهي؟
بيربل جواب ڏنو، ”انسان کي پنهنجي جان...“
”پوءِ عورت، پنهنجا ٻار بچائيندي، موت جي پرواهه ڇو نه ڪندي آهي؟“ اڪبر سوال ڪيو.
”مها بلي ! اهو عام حالتن ۾ نه ، پر اهو مخصوص حالتن ۾ ٿيندو آهي. ان جو اوهان کي تجربي سان جواب ڏيڻ گھران ٿو .“
پوءِ بيربل هڪ ٻار واري عورت کي گھرائڻ جو حڪم ڏنو. عورت کي ٻار سوڌو گھرائي حوض ۾ بيهاريو ويو. پاڻي ڇڏيو ويو. جڏهن پاڻي سندس چيلهه تي آيو ته هن ٻار کي ڪلهي تي کنيو. پاڻي وڌيو ته هٿن ۾ جهلي بيٺس. اڃا وڌيو ته ٻار کي ٻوڙي مٿان چڙهي بيٺس ...
دنيا ۾ هر ساهواري کي پنهنجي جان پياري هوندي آهي، هر جاندار ۾ زنده رهڻ جي خواهش هوندي آهي. ايستائين جو پروٽو پلازم ۾ به ... ڇو...؟ اها مون کي خبر ڪونهي پر ايتري خبرآهي ته وجود جي بقا لاءِ هر جاندار جدوجهد ڪري ٿو. پوءِ اهو بچي ٿو، جيڪو ٻئي کان طاقتورآهي يا وري حالتن مطابق زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن شينهن ويڙهه ڪري زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. گدڙ ڏر ۾ لڪي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها ڳالهه انساني گروهن تي به صادر اچي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي اڄ جي ليڪچر جو موضوع آهي
”بقا جي جدوجهد“ Struggle for existence))“
ان کان پوءِ ڄڻ علم جو درياهه پرٽجي پيو هو. سوشيالاجي کان وٺي سائڪالاجي جي علم  تي ٻڌل مفروضه ۽ نظريه ٻڌائيندو ويو.
يونيورسٽي ۾، اڪثر استاد جيڪي شاگردن جون  تارون رک سان کڻائي ڇڏيندا ها. الٽين جهڙا نوٽس پيا لکرائيندا ها. اتي سائين مهڪري، علم جو امرت پيو  اوتيندو هو. ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ساڃاهه جو ساگر ٿو ڇلڪي. سندس ليڪچر جي دؤران ڪا جهل پل نه هوندي هئي، ڪير ڪهڙي به ڊپارٽمينٽ جو هجي، ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو هجي، اچي کيس ٻڌندو هو. ڪڏهن ته ڪي علم جي واڌاري جي لاءِ ۽ ڪي وري ڪج بحثي لاءِ  اچي ويهندا ها. پر ان جي کيس ڪا پرواهه نه هوندي هئي. انهيءَ حوالي سان هڪ ليڪچر ياد ٿو اچي. گھڻو ڪري ۱۹۷۷ع جو زمانو هو. سائين مهڪري صاحب ’مذهب هڪ سماجي ادارو‘ (Religion as a social Institution) جي موضوع تي پئي ڳالهايو. هڪ باريش اردو ڳالهائيندڙ نوجوان به ويٺو هو. سو سائين سان ڍنگريءَ وانگر وچڙي پيو .
”ڀلا سائنس اهو ڇو نه ٿي ٻڌائي ته ڪل ڪيترا آسمان آهن...!؟ صدرت المنتهيٰ ڪٿي آهي....؟“
سائين مهڪري وراڻيو، ”سائنس جو اهو ڪم ناهي ته غيب جي علم جي ڄاڻ ڏئي ... نه وري سائنس جو ڪم آهي ڌُڪا هڻڻ ... سائنس هڪ باترتيب ڄاڻ آهي. جنهن جو بنياد مليل حقيقتن تي آهي. ارسطو کان وٺي نيوٽن، پلس (واڌو )آهي. نيوٽن کان آئن اسٽائن تائين پلس (واڌو )آهي. اهو مثال ائين آهي ته سامهون هڪ ٽڪري اچي ٿي، ان کي پار ڪجي ٿو ته ٻي ٽڪري بيٺي آهي. انسان ته اڃا ڪُوئي مثل آهي، جيڪو ڄاڻ جي هڪ وڏي پهاڙ کي کوٽڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. “
”توهان اهو ڇو نه ٿا ٻڌايو ته دنيا جو سٺو مذهب ڪهڙو آهي...؟“ ان نوجوان وري سوال ڪيو.
” هڪ سماجي ماهر لاءِ ، ڪو به سٺو يا برو ناهي هوندو. ان کي صرف اهو ڏسڻو آهي ته ڪنهن مخصوص انساني سماج ۾ مذهب ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو. سوچ ۽ سمجهه جون راهون رد ڪري ٿو يا وڌائي ٿو... فلاح ۽ اصلاح پيو ڪري يا ماڻهن کي بگاڙ ۽ انتشار طرف وٺي وڃي ٿو... مسلمان لاءِ اسلام، ڪرسچن لاءِ عيسائيت، هندو لاءِ هندو مذهب سٺو آهي....“
ان باريش انتهاپسند ٻي ڏينهن تي، هڪ مخصوص اردو اخبار ذريعي جي ايم مهڪري لاءِ باهه ٻاري ڇڏي ته مهڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ دهريت ڦهلائي رهيو آهي .
اسان کي حيرت اها ٿي ته ٻي هفتي جڏهن آيو ته رد عمل ۾ کلندي پنهنجي مخصوص بئنگلوري لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”ڀئي!..مئين (مين) ڪيون ڊرون ...؟مئين ڪهتا هون ڪي، زور شور سي هماري خلاف لکين ... ضرور لکين ... صرف همين ڀي اپني مو قف ڪي اجازت دين تا ڪي هم بهي دو پلس دو، برابر چار ڪهه سڪين!“
سندس ڏنل ليڪچرن مان، اڄ به ڪيترن جا عنوان حافظي ۾ موجود آهن. مثلن:
پراڻو سماج               Society  Primitive
برصغير جا  ڳوٺ                 villages of Sub continet
عام راءِ                             public opinion
جنس                       Sex
بقا جي جدوجهد                   Struggle for existence
مذهب هڪ سماجي ادارو        Relegion as a social Institution
ڪوڙ ي تاريخ           Lie Histroy
پرو پئگنڊا                Propegenda
تعليم                     Education
ڏاج                        Dowery
وغيره.
تحقيق ته، جي ايم مهڪري پنهنجي حوالي سان هڪ ودياساگر هو. افسوس جو پنهنجي دؤر جي سقراط کي، ڪو افلاطون جهڙو شاگرد ميسر ٿي نه سگھيو. جيڪو سندس علمي درس ۽ بحث کي منظر عام تي آڻي محفوظ ڪري ها.
پر هڪڙو ليڪچر Public opinion  کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي ورتل نوٽس ۽ ڊائريءَ  جي ورقن جي آڌار تي تيار ڪري، اُهو اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو. اُن ۾ جيڪڏهن ڪا گھاٽي واڌي محسوس ٿيئي ته اها منهنجي کاتي ۾ شامل ڪئي وڃي.

۲۶ آگسٽ جو ڏينهن، سال ۱۹۷۷ع جو هيو، گرمي ڪجهه سبيل هئي، انهيءَ زماني ۾ شاگردن يا شاگردياڻين ۾ پاڪولا پيئڻ ۽ پيٽيز کائڻ جو فيشن عام هيو، اسان کائڻ جا ٽي دؤر ختم ڪري چڪا هياسين، سوشيلاجي ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو ”گل“ ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پيو هو، شاگردن ۽ شاگردياڻين اهو چئي کسڪڻ شروع ڪيو هو ته، ”سر مهڪري اڄ نه ايندو.“
”يار سائين نه ايندو!“ منهنجي ڪلاس ميٽ دوست جان محمد به تنگ ٿي چيو.
”اڌ ڪلاڪ ٻيو انتظار ڪيو.“ مون چيو.
”اڌ ڪلاڪ!...اڌ ڪلاڪ!...“ ڇوڪريون چپن ۾ ڀڻڪيون.
” چاچنهن اچي ويو“، بدر النساءِ آرٽس فئڪلٽي جي سيڪنڊ فلور تان هيٺ ڏسندي ۽ پنهنجي عينڪ ٺيڪ  ڪندي مون کي چيو. چيڙائڻ لاءِ عمومن ڪلاس ميٽ ۽ ڊپارٽمينٽ جا سينئر اسٽوڊنٽ  مون کي جي ايم مهڪري جو ڀائيٽيو سڏيندا ها. پروفيسر جي ايم مهڪري جو اڇن وارن وارو مٿو نظر آيو ته اسان آرٽس فئڪلٽي جي ٻه ماڙ تان ٽپ ... ٽپ ...ڪندا، هيٺ لٿاسين، ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي جي ايم مهڪري پير رکيو ته اسان به اچي پهتاسين، اسان جو ملڻ، ليڪچر شروع ٿي ويو.
”معاف ڪجو!.. دير ٿي وئي....اڄ جنهن بس تي آيس ان ايڪسيڊنٽ ڪري وڌو، اتي جيڪي ماڻهن جا رايا ٻڌا، ڏاڍا دلچسپ هيا، ان ڪري اڄ جي ليڪچر جو موضوع آهي،”PUBLIC OPINION
سوشيلاجي ڊپارٽمينٽ جي ڏاکڻي ۽ ڪنڊائتي ڪمري ۾ پهتاسين ته مهڪري صاحب پهريائين جتي لاهي هڪ پاسي رکي (اڪثر کيس پيرن جي ترين سڙڻ جي شڪايت هوندي هئي) هن چاڪ کڻي بورڊ تي عنوان لکيو ۽ پوءِ هڪدم مون ڏانهن ڏسندي چيائين،
”منظور! PUBLIC OPINION جي باري ۾ تو وٽ ڪهڙي DEFINATION آهي؟“
مون ديرئي  نه ڪئي WARNERجي ٻڌايل وصف کڻي بيان ڪئي.
Public opinion cosists of people reaction to definetly worded statement and question under interim condition
”نه، نه!... ائين نه ...تون ڏاڍي تڪڙ ٿو ڪرين، هڪدم پرائو غزل پڙهي ٿو ٻڌائين، پنهنجو ٻڌاءِ...پنهنجي وصف، جيڪا تنهنجي ذهن ۾ جڙي آهي يا جڙي ٿي؟“
مون اڃا سوچيو پئي ته مهڪري صاحب، موضوع کي ٻئي پاسي کان پڪڙيو: هيئن ٿو ڪيان جو توهان کي لفظن ذريعي اهو منظر ٿو ٻڌايان .... جڏهن مان بس تي آيس پئي ته اوچتو ٺڪاءَ ٿيو، بس لڏي لمي، ماڻهو ڇرڪي اٿيا، بريڪ لڳي، ماڻهو خوف ۽ پريشانيءَ ۾ لٿا. ماڻهن ڏٺو ته بس جي سائيڊ رهڙيل ۽ ڪنڊ ڀڳل هئي. ٻي ڪراس ڪندڙ بس پرڀرو وڃي بيٺي. ان سان به ساڳئي حالت هئي، ٻنهي بسين جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن هڪ ٻئي کي پئي گاريون ڏنيون ۽ عام ماڻهن اتي بيٺي تبصرا پئي ڪيا. هاڻي تصور ڪيو ته اوهان به اتي بيٺا آهيو. اوهان اتي ڪهڙي راءِ ڏيندو؟منظور! چالاڪي نه ڪجانءِ، بلڪل عام ماڻهو واري راءِ ؟“
”مان چوان ها، ڊرائيور انڌا آهن. کين گاڏي هلائڻ نه ٿي اچي.“ مون هاڻي بلڪل عام ماڻهن واري راءِ ڏني.
”شاباس!... هاڻي تون ٻڌاءِ“ مهڪري صاحب جان محمد ڏانهن اشارو ڪيو.
”مان چوان ها ڊرائيور نشو ڪري ڊرائيونگ ڪن ٿا، ان ڪري ايڪسيڊنٽ ٿين ٿا.“
”شاباس!...تون ٻڌاءِ!“ مهڪري صاحب جي آڱر جو اشارو انجم يوسف ڏانهن ويو، جنهن ان وقت چيوگم پئي چٻاڙيو.
”مان چوان ها،حادثا تيز رفتاري جي ڪري ٿين ٿا.“ انجم جواب ڏنو.
”ٺيڪ آ، تون...!؟“ اشارو، مهڪري صاحب جو بدرالنساءِ ڏانهن ٿي ويو، بدر النساءِ عينڪ کي ٺيڪ ڪيو، هٻڪي هٻڪي پوءِ چيائين؛”حادثو قسمت ۾لکيل هو ....“
” هلو ٺيڪ .....تون .....؟“مهڪري صاحب جو ڪنڌ سان اشارو خير النساءِ ڏانهن ٿي ويو.
” مان چوان ها ڊرائيور چوويهه ڪلاڪ گاڏي هلائن ٿا. ان ڪري ننڊ وٺي وڃين ٿي، تڏهن حادثا ٿين ٿا.“
”چڱو، تون!؟“ اشارو ياسمين ڏانهن ٿيو ته ياسمين جواب ڄڻ ٺاهي ٺڪي رکيو هو، ”حادثو، ٽرئفڪ جي قانون جي خلاف ورزيءَ سبب ٿين ٿا.“
مهڪري صاحب هڪدم رڙ ڪئي.
”بس!...بس!... اها ئي عام راءِ PUBLIC OPINION آهي. حقيقت اها ئي آهي ته عام راءِ چئبو ئي ان کي آهي ته جيڪو ماڻهو بي ساخته چئي ڏين، ان ۾ ڪا باقاعده عقلي ڳالهه يا دليل بازي ناهي هوندي، حقيقت تي ٻڌل ڪو تجزيو ناهي هوندو. راءِ ڏيڻ وارو ڪو ذميواري محسوس ناهي ڪندو، بس هڪڙو رد عمل جي طور تي اظهار هوندو آهي، جنهن کي ڪو واضح رخ ناهي هوندو.
ان جو مثال ائين آهي، جيئن ڪڪرن ۾ پاڻي جي ڦڙن ۾ چارج پيدا ٿي ويندي آهي، جڏهن اها اليڪٽرڪ چارج گھڻي تعداد ۾جمع ٿي ويندي ته منجهس وڄ پيدا ٿي ويندي آهي، ان کي جڏهن ڌرتي تان ATTRACTION ملندي يا ڪشش ٿيندي ته اتي وڄ ڪرندي آهي. ائين عام راءِ به ماڻهن جي ذهنن ۾ اليڪٽرڪ چارج جيان گڏ ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن به ڪي سرد دماغ، نيم پاڳل، چالاڪ يا سماجي ڀلائيءَ چاهيندڙ ماڻهو ان کي پاڻ ڏانهن متوجهه  ڪندا آهن ته عام ماڻهو وڄُ جيان ڪِري، اهو ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪو اُهي ٻي حالت ۾ ناهن ڪري سگھندا.
انهيءَ عام راءِ جا ڪرشما ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين جاري ۽ ساري آهن. اها عام راءِ شخصيتن کي ٺاهي، شخصيتن کي ڊاهي، اها خاندانن کي عزت و تڪريم ڏئي، خاندان اجاڙي، مثلن ڳوٺن ۾ اهو هُل ٿي وڃي ته پير صاحب رات جو اُڏري مديني شريف هليو ويندو آهي ته انهيءَ پير جي ديدار لاءِ ماڻهو سؤن ميلن کان پنڌ ڪري ڏسڻ ايندا آهن، پر ڳوٺ ۾ اهو هلي وڃي ته فلاڻي ڏائنڻ آهي، ماڻهن جا هيانءَ ڪڍي کائيندي آهي ته ان جي زندگي برباد ٿي ويندي آهي. ان عام راءِ کي ڦهلائڻ لاءِ خاص ماڻهو هوندا آهن، جنهن کي افواهن جا سوداگر  RUMOURS  MONGER  سڏيو ويندو آهي، جيڪي ڳوٺن ۾ پيرن جا خليفا، يا وڏيرن جا لاٺڙيا هوندا آهن، اهڙي ريت شهرن ۾ اخبارن جا ايڊيٽر،صحافي، جاسوسي ادارن جا ايجنٽ، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ورڪر هوندا آهن ۽ انهن جي پٺيان عام راءِ PUBLIC OPINION کي رخ ڏيڻ وارا چالاڪ ماڻهو  هوندا آهن، جن کي اسان سياسي، سماجي، مذهبي، رياستي اڳواڻ يا سربراهه ڪري ڪوٺيندا آهيون.
عام راءِ کي ڪنهن رخ ۾ استعمال ڪرڻ جا ڪجهه مثبت ۽ منفي اوهان کي مثال ٿو ٻڌايان. انگريزن ڪيڏا به هندستان ۾ سڌارا آندا، پر ماڻهن ۾ انگريز سامراج جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نفرت هئي، مهاتما گانڌي جڏهن ڏٺو ته ماڻهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، ته هن ان کي رخ ڏيڻ لاءِ نعرو هنيو سُديش جو، وديشي شين جو بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ افواهي سوداگرن کي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ انهن افواهي سوداگرن ۾ وڏو ڪردار احمدآباد ۽ بمبئي جي سرمائيدارن ادا ڪيو، هو انهيءَ زماني ۾ چاليهه هزارن جي گاڏيءَ تي چڙهي، کانڌيءَ جا ڪپڙا پهري، مهاتما جي آڏو ويهي چرخو هلائيندا هيا، تصويرون ڪڍرائي اخبارن ۾ ڇپرائيندا هيا، ته جيئن سندن ڪارخانن جو ردي ڪپڙو، جيڪو انگلستان جي ڪارخانن مان ٺهيل ڪپڙي کان معيار ۾ گهڻو گهٽ هيو؛ کپي وڃي. پوءِ دنيا ڏٺو ته عام راءِ جي هڪ رخي اظهار تي، دنيا جي انهيءَ ننگي فقير (موهن داس ڪرمچندگانڌي) انگريزن جي سج نه لهڻ واري شهنشاهيت کي لوڏي ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح دنيا جي نيم پاڳل ماڻهن، جيئن ”پيٽر دي هرمن“ گڏهه تي چڙهي سڄي يورپ ۾ هل غوغاءُ مچايو ته، ”عيسيٰ جي صليب کي ڪافر مسلمانن کان بچايو“ ... پوءِ دنيا ڏٺو ته ان پاڳل جي چوڻ تي ٻه صليبي جنگيون ٿيون ۽ يورپ جي ماڻهن پنهنجو نئون نسل هڻي مارائي وڌو.
ٽيون مثال، ڪئنيڊا جي انگريزن ۽ فرينچن ۾ هلڪي ڦُلڪي ڇڪتاڻ هئي، پر انهن افواهن جي واپارين RUMOUR MONGERS هڪ ڪن وڍي، شيشي جي برنين ۾ وجهي گهمايو ته فرينچن، انگريزن جو ڪن وڍيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾  EAR WAR ”ڪن واري ويڙهه“ شروع ٿي وئي، جيئن هندستان ۾ ڳئون جي منڍي مندر ۾ ۽ سوئر جي منڍي مسجد ۾ اڇلائي، هندو مسلم فساد ڪرايو ويندو  آهي، جيئن صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ مسجد منزل گاه وارو جهيڙو ڪرايو ويو .
انهيءَ عام راءِ PUBLIC OPINION کي جيڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ کپايو  FIX ڪيو وڃي يا ماڻهن ۾ ڪا راءِ پختي ٿي وڃي ته ان کي سخت راءِ STEREO TYPE سڏيو ويندو آهي، جيڪا عام راءِ جي خطرناڪ صورت آهي.
انهيءَ کي نفسيات جي علم ۾ CONCEPT FORMATON به سڏبو آهي، جيئن برصغير جي مسلمانن ۾، هندن لاءِ هڪ اهڙي راءِ جڙي، جنهن ۾ هندو جو تصور رڳو  اهو هيو ته مٿي تي ٽوپي، اڇو چولو، ڌوتي، پيٽ وڌيل، حريص ۽ ڪميني مخلوق. اهڙي ريت هندن وٽ  مسلمانن جو تصور رڳو اهو هيو ته وڏين مڇن وارو، ڳئون کائيندڙ، وحشي، غاصب، بي رحم، ۽ ظالم. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندستان جي مشهور سماجي ماهر محترم شرما لکيو آهي ته سندس ننڍپڻ هماليه جي ترائي المورا ۾ گذريو، جڏهن هو ننڍو پر سمجهه ڀريو هيو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ بيل گاڏيءَ تي پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو، واٽ تي ڀرسان لنگهندڙ ماڻهن جي ٽولين ڏانهن سندس پيءُ اشارو ڪري چيو، ”ڏسو! اهي مسلمان اٿوَ، پنهنجي ڳوٺ پيا وڃن.“
ته شرما هڪدم ڏسي وراڻيو، ”بابا، اهي ته ماڻهو آهن.“
مسلمان جي باري ۾ عجيب غريب رايا ٻڌي، شرما چوي ٿو ته منهنجو حتمي رايو اهو بيٺو ته مسلمان ماڻهو ئي ناهن هوندا، جئين اڄڪلهه اسان جو رويو يهودين لاءِ آهي.
روسي نفسيات جي ماهر پاولوف ڪتي تي هڪ انوکو تجربو ڪيو، کاڌي کائڻ کان اڳ، ڪتي جي وات ۾ ڪيتري گگ جمع ٿئي ٿي، هن اها نوٽ ڪئي، ان حالت کي فطري موٽ NATURAL REFLEX سڏيو. پوءِ هن ڪتي کي کاڌي ڏيڻ کان اڳ گهنٽي وڄائي، کاڌو ڏيڻ شروع ڪيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ هن رڳو گهنٽي وڄائي ته ڪتي گگ ڳاڙڻ شروع ڪئي، ان کي CONDITION REFLEX سڏيو.
تنهن کان پوءِ مهڪري صاحب چاڪ کڻي بورڊ تي ان جا گراف ڪجهه هيٺين ريت ٺاهيا.
Bell گھنٽي ـــــــــــــــــــــــــــــ کاڌو food
گگ  slavia

ٻيو تجربو جي ــ بي ــ واٽسن J.B.WATSON به ڪيو هو، انهيءَ ڏس ۾ ، هن اهو تجربو هڪ ٻار تي ڪيو، هر انسان ۾ خصوصن ٻار ۾ ڪاوڙ ، خوف ۽ پيار جا ردعمل صاف ظاهر هوندا آهن. هن ڇا ڪيو، جو هڪ ٻار کي سهي جي ڀرسان کيڏائڻ لڳو.ننڍڙو ٻار جانور سان کيڏڻ پسند ڪندو آهي، هڪ ڏينهن جڏهن ننڍڙو  ٻار سهي کي هٿ لائي خوش پئي ٿيو ته اوچتو سندس پٺيان بندوق جو ٺڪاءُ ڪيو ويو، ٻار دهلجي روئڻ لڳو. هن ٻي دفعي به ساڳئي ڪار ڪئي، ٽئين دفعي به ورجائي آخر ۾ نتيجو اهو نڪتو ، جو ٻار جي سامهون صرف سهو آندو پئي ويو ته ٻار دهلجي رنو پئي، ڪڏهن ڪڏهن CONDITION REFLEX جبلتن جهڙي ڏک ڏيندا آهن... اها صورتحال انساني سماج ۾ ڏاڍي ڏکوئيندڙهوندي آهي.
سخت راءِ STEREO TYPE جو بنياد ٻن شين تي ٻڌل هوندو آهي.
ذاتي تجربو               ۱. PERSONAL EXPERIENCE
مڃيل ڄاڻ                ۲. ACCEPTED INFORMATION       
پهرين جو مثال ائين آ، ته جيڪڏهن ڪو ڳاڙهي ٽوپي وارو شخص، اوهان کي پٿر ٿو هڻي. پوءِ هڪ ٻئي پٺيان چار ٻيا به ڳاڙهي ٽوپي وارا ماڻهو، اوهان  ڏانهن پٿر يا جهنب اڇلائن ٿا ته اوهان جي پڪي پختي راءِ اها بيهندي ته؛ هڙيئي ڳاڙهي ٽوپي وارا بدتميز ۽ خطرناڪ ٿيندا آهن ۽ اوهان هر ڳاڙهي ٽوپي واري کان ڇرڪندءُ.
ACCEPTED INFORMATION جو مثال ٻڌو. مثلن ڪو پنڊت، ملو، پادري، واعظ ڪندي چوي ته الهامي ڪتابن ۾ آيل آهي ته، ڳاڙهي ٽوپي وارا هڙيئي بدتميز ۽ خطرناڪ ٿيندا آهن، جيڪو مڃي سو جنتي ٿيندو، جيڪو نه مڃي سو دوزخي، جيئن ڪميونسٽن لاءِ هتي ACCEPTED INFORMATION آهي ته هڙيئي ملحد ٿيندا آهن.
اهڙين سخت راين تحت زندگي بسر ڪرڻ ائين آهي، جيئن احمقن جي جنت ۾ رهڻ، حقيقت اها آهي انساني سماج ۾ جيڪڏهن چالاڪ، سرد دماغ ماڻهو پنهنجن مقصدن، مطلبن خاطر ماڻهن جا ذهن مائوف نه ڪن ها، ته دنيا ۾ ڪنهن به اجائي  اِزم جي ضرورت نه پوي ها. پاڻي درياهه ۾ وهي ٿو، جنهن کي اڃ لڳي ها، پيئي ها. دنيا ۾ ڪنڊائتن نظرين ۽ ڪنڊائتي پئسي  CORNER IDEAS ۽ CORNER MONEY  جي ڪري، جيڪو انساني سماج کي نقصان پهتو آهي، ان جو ڪاٿو ئي ڪونهي.“
مهڪري صاحب، ٿوري جهٽ خاموش رهيو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏسندي چيائين، ”هاڻي اوهان جي کائڻ پيئڻ جو وقفو آهي، پوءِ سوال جواب جو سلسلو شروع ٿيندو.“
بدرالنساءِ کي ڄڻ وارو ملي ويو، اُٿي، گل پٽيوالي کي سڏي آئي، گل ويو ۽ موٽيو، اسان پيٽيز پئي کاڌيوسين ۽ پاڪولا پئي ڏوگهيون سين. مهڪري صاحب صرف پاڻي پئي پيتو، سائين مهڪري ڪڏهن ڪڏهن فروٽ کائيندو يا وري گرين ٽي پيئندو هو، پر اڄ سندس ڪنهن تي به موڊ نه هيو.
کائڻ پيئڻ جي وقفي کانپوءِ مون پڇيو،
”سائين، سماج ۾ سخت راءِ STREO TYPE کي ختم ڪرڻ جو ڪهڙو اپاءُ آهي؟“ مهڪري صاحب کي ڄڻ اهڙي قسم جي سوال جو انتظار هيو، ٻڌائڻ لڳو؛
  ”ان جو اپاءَ پهريان DE-CONDITIONING ۽ پوءِRE-CONDITIONING   آهي. مون اوهان کي، جي ــــ بي ــ واٽسن جو اڌورو تجربو ٻڌايو. هاڻي پورو تجربو ٻڌو، هن ڇا ڪيو، جو هن وري ٻار کي هرکائيندڙ شيون مثلن رانديڪا وغيره ڏيکاري، سندس سامهون سهي کي آندو، ٻار آهستي آهستي ڇرڪ ڀرڻ ۽ روئڻ بند ڪيو، ان حالت کي سڏيو ويو،DE- CONDITIONING ۽ پوءِ کيس مزيدار ٽافيون ڏيئي سهي سان کيڏڻ جي ترغيب ڏني وئي، ان کي چيو  ويو، RE-CONDITIONING
پهرين جنگ عظيم ۾، انگريزن، جرمنن خلاف برصغير ۾ عجيب پروپئگنڊا ڪرائي ته اهي ننڍن ٻارن جو ميڄالو شوق سان کائيندا آهن، ان جو اثر اهو ٿيو جو عام ماڻهو جرمنن جو نالو ٻڌي ڊڄي ويندا هيا. ان جو اثر ٻي جنگ عظيم تائين هليو. پر اڄ اهي جرمن برصغير ۾ گهمندا ٿا وتن، ماڻهو انگريزن کان وڌيڪ انهن جي عزت ڪن ٿا. انهيءَ جو سبب جرمن ماڻهن پنهنجي طرز عمل سان برصغير جي ماڻهن کي De-Conditioning ڪيو، ماڻهن چيو ، جرمن هرو ڀرو ايڏا به خراب ڪونهن. جيئن انگريز چون ٿا. اڳتي هلي اڃا هنن پنهنجي راءِ کي ڦيرايو، جڏهن محسوس ڪيائون ته جرمني جا ماڻهو، علم ۽ ادب دوست، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ڄاڻو، با اخلاق ۽ وفادار آهن، ته انهن چوڻ شروع ڪيو، جرمن ماڻهو سياڻا سيبتا، قول ۽ فعل جا پڪا آهن. ان کي Re-Conditioning سڏبو آهي. ائين جيئن ڳاڙهي ٽوپي وارو ڪو ماڻهو پٿر هڻڻ جي بجاءِ، اوهان کي سلام ڪري، ٻيو ماڻهو وري اوهان کي چانهه پياري ته توهان جو رايو ڦري ويندو، اوهان چوندءُ، ڪي ڳاڙهي ٽوپي وارا چڱا به آهن ته ڪي برا به ــ پر جڏهن ويهه ڳاڙهي ٽوپي وارا اوهان سان ڪنهن نه ڪنهن هنڌ سٺو ورتاءُ ڪن، ته اوهان جي راءِ اها بيهندي ته اڪثر ڳاڙهي ٽوپي وارا سٺا آهن، ڪي ڪي خراب به ٿي سگھن ٿا.
 اڄوڪو ليڪچر اتي پورو. هاڻي وي ـــ سي آفيس ڏانهن ٽيليفون ڪري، منهنجي اچڻ جو ٻڌايو ته اوڏانهن وڃان، شيخ اياز سان ملڻو آهي. اوهان منهنجي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻئي سان ضرور بحث ڪجو ۽ نتيجا ڪڍي ٻڌائجو.“
جان محمد فون ڪرڻ ويو، اسان سڀئي مهڪري صاحب سان گڏ هيٺ لٿاسين، ٿوري دير کان پوءِ ڪار آئي، مهڪري صاحب روانو ٿي ويو،

سچ پچ ته جي ايم مهڪري کي ڪنهن به ڏکئي موضوع تي ڳالهائڻ وقت، ڪا ڏکيائي نه ٿيندي هئي. ڇو ته سندس اندازِ بيان بغير ڪنهن رک رکاءَ جي ۽ ايڏو طاقتور هوندو هو، جو ائين لڳندو هو، ڄڻ حقيقت جو ڪڙو پر سچو روپ ڏيکاري رهيو آهي. هڪ ليڪچر ۾ جنس sex جهڙي شجر ممنوع موضوع کي ايڏي ته سهڻي انداز سان بيان ڪيو هيائين، جو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بغير ڪنهن جھجھڪ جي ٻڌندا رهيا. ’جنسي استحصال‘ Sex Exploitaion تي ڳالهائيندي، جڏهن ڪلڪتي جي قحبه خانن تي پهتو ته سندس انداز ڪجهه هن نموني هو :
”مان ڪلڪتي جي چڪلي ۾ باقاعدو صرف اهو ڏسڻ ويندو هيس ته مختلف طبقن جي ماڻهن جا مختلف رويا ڪهڙا آهن...؟ ڪلڪتي جي چڪلي ۾ هڪ هڪ عورت، جدا جدا داستان هئي، الڳ الڳ موضوع هئي، جيڪا عورت ۲۰ سالن جي هئي سا ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ رپيه ڏينهن ۾ ڪمائيندي هئي... پنجويهه سالن جي، سؤ کان ڏيڍ سؤ تائين.... ٽيهن سالن جي پنجاه يا سؤ... چاليهن جي، پنجويهه يا پنجاهه ... پنجاهه سالن واري، ڪڏهن ڏهه، ڪڏهن پنج... آخر ۾ جڏهن مري ويندي هئي ته ميونسپالٽي وارن کي فون ڪري سندن لاش پورايو ويندو هو. ڪنهن سماجي ماهر کي سماج جي نبضن تي هٿ رکڻو هجي ته چڪلي ۾ وڃي مشاهدو ماڻي، سڄي سماج جو اصل روپ سامهون اچي ويندس....“
سندس اهڙو بي باڪيءَ وارو انداز گھڻن کي ڀانءِ نه پوندو هو. ان ڪري استاد به کائنس نالان هوندا ها. هڪ دفعي خبر پئي ته مهڪري صاحب سئڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺو آهي. اسان شاگرد به اتي پهتاسين، ان وقت مختلف استادن سان، سائين مهڪري بحث مباحثي ۾ مصروف هيو. ان وقت هڪ استاد، نئين نسل تي ٻريو ويٺو هو .
”اڄوڪو نئون نسل علم ۽ عقل ٻنهي جو دشمن آهي، انهن سان مٿو هڻڻ اجايو آهي .“
ٻين استادن به سندس تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻ پئي ڪئي. مهڪري صاحب به جوش ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”جتي اسان پراڻي نسل جو سفر ختم ٿيندو  اُتان نئين نسل جو سفر شروع ٿيندو. نئين نسل کي لوئڻ، حقارت سان ڏسڻ، پنهنجي مستقبل جي نفي ڪرڻ برابرآهي... جي اهي جاهل رهجي وڃن ٿا ته انهيءَ عمل جا ذميوار اسان آهيون. ڇو ته اسان اِنهن کي پنهنجي ڄاڻ، پوريءَ ريت منتقل نه ڪئي. قومن جي رِلي ريسRELY RACE  ۾، پنهنجي بيٽن Baton کي صحيح سلامت ۽ تيزيءَ سان نئين نسل تائين، پهچائڻ  اسان جو ڪم آهي ته جيئن هو سماجي ترقي جي ڊوڙ ۾ ڀرپور حصو  وٺي سگھن ...“
”توهان کڻي ڪجهه به چئو، پر اڄوڪي نئين نسل ۾ اُها ٿوم ڪونهي.“ اُن استاد بضد ٿيندي چيو.
سائين مهڪري کي مجبورن وري جواب ڏيڻو پيو:
”هڪ ته اها واهيات قسم جي احساسِ برتري آهي ته اسان جو نئون نسل اسان کان گھٽ آهي... اها فخر ڪرڻ جي نه، پر ٻڏي مرڻ جي ڳالهه آهي... ٻي ڳالهه ته ڊگري جي ڪا ايڏي حيثيت ناهي هوندي ... ڊگري ڪنهن جي صلاحيتن جو پيمانو ته ٿي سگھي ٿي، پر عملي ڪارڪردگي جو نه ... ڀلا ٻڌايو ايڊيسن کي ڊگري هئي...؟ روسي کي ڊگري هئي...؟غالب کي ڊگري هئي...؟شاهه لطيف کي ڊگري هئي...؟انهن آڏو ڊگريون ٿڪا جھلينديون هيون! انهن بنا ڊگرين وارن تي،تو اسان جهڙا اڄ ريسرچ ڪري ڊگريون وٺن ٿا. اسان جي سماج ۾ ٻين المين سان گڏ هڪ الميو اهو به آهي ته ماڻهن جي پرک سندس ڪارڪردگي نه پر ڊگريون آهن. نام نهاد تعليمي ڊگرين کان وٺي مذهب، جنس ۽ طبقي جي ڊگرين تائين. برصغير ۾ سماجي انتشار جو سبب برهمڻ ذهنيت واري ڊگري رهي. جيسيتائين اها ڊگري برقرار آهي. تيسيتائين ذهين ۽ محنتي فرد تباه ۽ برباد ٿيندا رهندا.“
اهو استاد صاحب، مھڪري صاحب جا رومالي ۽ سنڌائتا ڌڪ سهي نه سگھيو ۽ باقاعده چئلينج ڪرڻ واري انداز ۾فرمائڻ لڳو:
”مان اوهان کان هڪڙو سوال پڇان ٿو، اهڙا شاگرد  آهن ڪٿي...؟ جن کي ڪو استاد پنهنجو سمورو حاصل ڪيل علم ڏيڻ چاهي ۽ هو وٺڻ چاهي... ايمانداريءَ سان ڪنهن هڪ شاگرد جو نالو کڻو...؟؟“
سائين مهڪري صاحب ٿڌو ساهه کڻي اسان ڏانهن ۽ پوءِ اُن استاد ڏانهن  ڏسندي، جواب ۾ هڪ  شعر پڙهيو!
”خضر ڪيون بتائي،ڪيا بتائي
اگر ماهي ڪهي، دريا ڪهان هئي!“
پر جي ايم مهڪريءَ جو شعري اشارو ڪنايو، اُن استاد جي مٿي جي مٿان گذري ويو ۽ هو سمجھي نه سگھيو.
جي ايم مهڪري جنهن جو پورو نالو سيد غلام محي الدين ولد مينم علي مهڪري هيو. ۱۹ آڪٽومبر ۱۹۰۸ع تي هندوستان جي باغن واري شهر بئنگلور ۾ پيدا ٿيو. دهلي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سوشيالاجي ۽ سائڪالاجي سبجڪيٽن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. انگريزي اخبار ڊان ۽ مشهور مئگزين ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ جو مستقل ليکاري هيو. سندس مشهور ڪتاب  Sorrows of Sindhرتيءَ جي دردن جو تجزيو آهي. هن پاڪستان ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جو بنياد به رکيو. مولائي ماڻهو هيو، ان ڪري سندس سياسي پارٽيءَ کي پذيرائي نه ملي سگھي پر سندس علمي حيثيت ۽ لياقت جا ڪيترائي ماڻهو معترف رهيا. جن ۾ ابراهيم جويو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مظهر يوسف، خيرالنساءِ جعفري وغيره جھڙيون علمي و ادبي شخصيتون قابل ذڪر آهن.
سنڌ جو نوجوان ناول نگار منير چانڊيو ۽ مان سنڌ جي مانائتي ۽ شانائتي شخص سائين ابراهيم جويي سان ۲۴ آگسٽ ۲۰۱۰ع تي ملڻ وياسين ته اتي ڪچهري ڪندي، جي ايم مهڪري جو ذڪر نڪتو، ته هن سندس شخصيت تي راءِ ڏيندي چيو ته: ”جي ايم مهڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق هيو، هن کي مهاجر لفظ کان چڙ هئي، هو چوندو هيو ، ’آءٌ سنڌي آهيان، ان ڪري جو آءٌ سنڌ ۾ پنهنجي مرضي سان آيو هيس، نڪي مجبوريءَ مان.‘
مان دعويٰ سان چوان ٿو، ته هو پنهنجي فڪر ۾ سيڪيولر، انسان دوست ۽ علمي لحاظ کان بحر هيو. اهو ئي سبب هيو جو مون سندس انگريزي اخبارن ۾ لکيل مضمونن کان متاثر ٿي، انهن جو ترجمو ڪيو ۽ ’مهڪري جا مضمون‘ جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايو.“   
اهڙي خوبصورت راءِ جي اظهار تي ابراهيم جويي صاحب جي وات ۾گلاب. پر ان ۾ ڪا مبالغي آرائي ڪونهي ته هي دمقراط ۽ سقراط جھڙو قدآور شخص ۱۵ آگسٽ ۱۹۹۵ع تي جڏهن اسان کان وڇڙي ويو ته ائين لڳو ڄڻ اسان جي ٽٽل ڦٽل سماج مان هڪ مها پرش موڪلائي ويو هجي.

**

No comments:

راءِ ڏيندا