; سنڌي شخصيتون: جيجي درشهوار - عبدالمجيد عمراڻي

29 December, 2012

جيجي درشهوار - عبدالمجيد عمراڻي


جيجي درشهوار
قومي شعور ۾ لازوال ڪردار ادا ڪندڙ
عبدالمجيد عمراڻي
سائين جي ايم سيد جي نياڻي، پهرين مسلمان سنڌي عورت، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايڊنبرا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. سندن شمار، سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ٿئي ٿو. کين سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي زبان تي عبور حاصل هو. جڏهن سنڌ جي تعليم تمام گهڻي پٺ-ڀرائين ھئي يا ائين چئجي ته نه هئڻ برابر هئي، تڏهن ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهندا هئا. تڏهن سائين جي ايم سيد ۵۰ سال اڳ، پنهنجي نياڻي جيجي درشهوار کي پڙهايو، پر ان کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پڻ موڪليو هو. تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻي کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته؛ تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مشن جي سرانجاميءَ ۾ واڌارو آهي. وري سائين جي ايم سيد ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ڌيءُ تنهنجي ٿيسز ڊگري وٺڻ واري ڪا نه ٿي گهرجي، تو سنڌ جي پنج هزار ورهين جي پيغام جي کوجنا ڪئي آهي. ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻين جي تعليم کي ڪيتري اهميت هئي ۽ سائين جي ايم سيد جي هرطرف کان ڏسبو ته هُن جدوجهد ڪري پنهنجي سنڌ وطن لاءِ پنهنجي ماروئڙن لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته جيجي درشهوار جڏهن به سن ايندي هئي ته شهر جي عورتن کان تعليم جي بابت پڇا ڪندي هئي ۽ انهن کي تنبيهه سان نياڻين کي پڙهائڻ جو چوندي هئي ۽ جيجي جي ڪوششن ۽ سائين جي ايم سيد جي دلچسپيءَ سان سن جون ڪيتريون ئي غريب نياڻيون پڙهي نڪتيون ۽ اڄ اهي اعليٰ مقامن تي فائض آهن ۽ ان جي ڪمي ته محسوس ٿئي ٿي، پر جيجي جي مشن کي سندس ڀائيٽيو ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه پنهنجي هٿ کڻي علم جي لاٽ کي عام ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي، سائين جي ايم سيد پنهنجي خواب کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي کي اهل سمجهيو ۽ ان کي شاهه عبداللطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي، پهرين عورت جي پي ايڇ ڊي جو اعزاز ڏياريو، ان جو اصل ڪارڻ اهو هو ته شاهه لطيف جو پيغام امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو سبق آهي. سنڌ جي صوفي ڪلچر جي تبليغ ڪرڻ آهي، ان لاءِ جيجي درشهوار شاهه لطيف کي ان جي پيغام جي ئي تشريح ۽ پرچار ڪئي، پر ان کان اڳ جيڪو شاهه لطيف تي لکيو ويو هو، ان ۾ مسلمان ۽ هندو ڪلچر جي اثرات کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو هو.

جيجي درشهوار سيد سائين جي ايم سيد جي سڀ کان ننڍي نياڻي هئي. پاڻ کان ٻه وڏيون ڀينرون ۽ ڀائر هئس. سندس ولادت ۲۱ مارچ ۱۹۴۰ع تي سن ۾ ٿي ۽ ان دور ۾، سائين جي ايم سيد، سياست ڪرڻ سبب، اڪثر ڪراچي حيدر منزل تي ئي رهندا هئا. جڏھن ته سائين جي ايم سيد جون نياڻيون پرائمري پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ۾ پڙهيون. پر سائين جي ايم سيد، جيجي درشهوار سيد کي ڪراچي جي حيدر منزل تي رهائي، سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. جيجي درشهوار سيد جي تعليم حاصل ڪرڻ تي اعتراض پڻ ڪيا ويا. پر سائين جي ايم سيد انهن جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجي نياڻي جي تعليم کي جاري رکيو ۽ سائين جي ايم سيد، جيجي درشهوار سيد کي ۱۹۷۴ع ۾ لنڊن اماڻيو ته جيئن اتي وڃي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪن. اهڙي طرح انگلينڊ جي ايشين اسٽيڊيز ۾ ايم اي ۱۹۷۶ع ۾ ڪيائون ۽ پوءِ ۱۹۸۴ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائون ۽ ان دوران سائين جي ايم سيد جي وفات تي پڻ جيجي درشهوار منهن به نه ڏسي سگهي هئي. ان کانپوءِ جيجي درشهوار سيد ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ جوائن ڪيائون، شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ علمي ادبي ڪم سرانجام ڏنائون ان دوران پاڻ شاهه لطيف تي مختلف ڪتاب مرتب ڪري ڇپرايا، جن ۾ شاهه جو رسالو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ۾ ترجمي تي مشتمل آهن. شاهه لطيف جي رسالي کي آڊيو ۽ وڊيو تي آڻڻ جو پروگرام ڪيائون، شاهه لطيف چيئر کي هڪ مستقل ادارو بڻائي، ان ۾ ميوزم ٺاهي، ان ۾ شاهه جا اهي ميوزڪ جا اوزار ۽ ٻيون سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جون خاص ذڪر ڪيل شيون رکڻ هو ته جيئن ٻاهرين دنيا کي اسان جي ڪلچر کي متعارف ڪرائي سگهجي.
جيجيءَ درشهوار سيد ۽ سائين جي ايم سيد وچ ۾ ۱۹۶۰ع کان خط و ڪتابت جاري رهي ۽ تقريبن اڍائي سؤ خط جيجي سائين جي ايم سيد ڏي لکيا هئا. جيجي درشهوار سيد سائين جي ايم سيد وانگر خط و ڪتاب جو سلسلو گهڻن سان جاري رکيو ۽ خاندان جي فردن وٽ ان جو ذخيرو گهڻو هوندو. ڪتاب ڏونگر سي ڏورينديون جيڪو جيجي ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ سائين جي ايم سيد جي وچ ۾ خط و ڪتابت بابت لکيل آهي، انهيءَ جي پيش لفظن ۾ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ته ڊاڪٽر درشهوار سيد سنڌ جي اها باوقار حوصلا مند ۽ ساڃاهه وند نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموري سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر به نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سنڌ جي اها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ ان جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو. سائين جي ايم سيد ۱۹۷۱-۳-۸ تي هڪ خط لکي چيو هو ته منهنجي سمجهه موجب سنڌ مخزن علوم مذهب ۽ تهذيب آهي، سندس پنجن هزار ورهين جي تهذيب جا نشان آثار قديمه جي کوٽائين مان معلوم آهن ته هتي دراويدي منگول آريا، سامائين نسلن جا آثار موجود آهن. قبل از تاريخ کانسواءِ دراويدي، هندو ٻُڌ، جين زردشت ماني ڪرسچن ۽ اسلام مذهب دنيا جي مکيه ڪلچرن ۽ مذهب جو مرڪب آهي، جنهن جو تت اتحاد عالم امن ڪل ترقي انسانن لاءِ پيغام ۾ سمايل آهي. جيجي درشهوار سيد کي زندگي مهلت نه ڏني ۽ ۲۶ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي سائين جي ايم سيد سان ملي.

No comments:

راءِ ڏيندا