جيجي درشهوار
قومي شعور ۾ لازوال ڪردار ادا ڪندڙ
عبدالمجيد عمراڻي
سائين جي ايم سيد جي نياڻي، پهرين مسلمان سنڌي عورت،
جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايڊنبرا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. سندن شمار، سنڌي
ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ٿئي ٿو. کين سنڌي، انگريزي،
اردو ۽ فارسي زبان تي عبور حاصل هو. جڏهن سنڌ جي تعليم تمام گهڻي پٺ-ڀرائين ھئي يا
ائين چئجي ته نه هئڻ برابر هئي، تڏهن ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهندا هئا.
تڏهن سائين جي ايم سيد ۵۰ سال اڳ، پنهنجي نياڻي جيجي درشهوار کي پڙهايو، پر ان
کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پڻ موڪليو هو. تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻي کي هڪ
خط ۾ لکيو هو ته؛ تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مشن جي سرانجاميءَ ۾ واڌارو
آهي. وري سائين جي ايم سيد ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ڌيءُ تنهنجي ٿيسز ڊگري وٺڻ واري ڪا نه
ٿي گهرجي، تو سنڌ جي پنج هزار ورهين جي پيغام جي کوجنا ڪئي آهي. ان ڳالهه مان ثابت
ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻين جي تعليم کي ڪيتري اهميت هئي ۽ سائين جي ايم
سيد جي هرطرف کان ڏسبو ته هُن جدوجهد ڪري پنهنجي سنڌ وطن لاءِ پنهنجي ماروئڙن لاءِ
آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته جيجي درشهوار جڏهن به
سن ايندي هئي ته شهر جي عورتن کان تعليم جي بابت پڇا ڪندي هئي ۽ انهن کي تنبيهه سان
نياڻين کي پڙهائڻ جو چوندي هئي ۽ جيجي جي ڪوششن ۽ سائين جي ايم سيد جي دلچسپيءَ سان
سن جون ڪيتريون ئي غريب نياڻيون پڙهي نڪتيون ۽ اڄ اهي اعليٰ مقامن تي فائض آهن ۽ ان
جي ڪمي ته محسوس ٿئي ٿي، پر جيجي جي مشن کي سندس ڀائيٽيو ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه پنهنجي
هٿ کڻي علم جي لاٽ کي عام ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي، سائين جي ايم سيد پنهنجي خواب
کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي کي اهل سمجهيو ۽ ان کي شاهه عبداللطيف تي پي
ايڇ ڊي ڪرائي، پهرين عورت جي پي ايڇ ڊي جو اعزاز ڏياريو، ان جو اصل ڪارڻ اهو هو ته
شاهه لطيف جو پيغام امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو سبق آهي. سنڌ جي صوفي ڪلچر جي تبليغ
ڪرڻ آهي، ان لاءِ جيجي درشهوار شاهه لطيف کي ان جي پيغام جي ئي تشريح ۽ پرچار ڪئي،
پر ان کان اڳ جيڪو شاهه لطيف تي لکيو ويو هو، ان ۾ مسلمان ۽ هندو ڪلچر جي اثرات کي
نظر ۾ رکندي لکيو ويو هو.