; سنڌي شخصيتون: May 2013

29 May, 2013

نذير احمد جوش ٻرڙو- رياضت ٻرڙو

نذير احمد جوش ٻرڙو
نالي وارو شاعر
رياضت ٻرڙو
نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو ۳ جنوري ۱۹۴۰ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ”سنڌي فائينل“ ۽ ”اردو اديب“ جو امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هُن مختلف اسڪولن ۾ تدريسي خدمتون نڀائيندي ۳۰ اپريل ۱۹۹۶ع تي، هيڊ ماستر طور پرائمري اسڪول گھٽهڙ مان رٽائرمينٽ ورتي.
’جوش‘ ٻرڙو ۱۹۵۶ع ۾ شاعري شروع ڪئي. کيس ادبي ماحول گھر ۾ ئي مليو. مشهور شاعر غلام نبي ’گل‘ سندس وڏو ڀاءُ آهي، جنهن جو سندس ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار آهي. ’جوش‘ ٻرڙي جو هڪ شعري مجموعو عشق اُلا اُڇلايا مئي ۲۰۰۲ع ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس غزلن جي هڪ آڊيو ڪئسيٽ پڻ جاري ٿيل آهي.

09 May, 2013

سليم اڪبر قاضي - سهيل سانگي


سليم اڪبر قاضي
سنڌي صحافت کي جديد رنگ ڏيندڙ اهم شخصيت
سهيل سانگي
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ اڄ ميڊيا امپائر آهي. هي ميڊيا گروپ جنهن محنت ۽ ڏاهپ سان ٺهيو، اهو خود ميڊيا جي شاگردن لاءِ ڏاڍي سبق آموز ڪهاڻي آهي. عام ماڻهوءَ جا مسئلا توڙي قومي مسئلا کڻندي اهو گروپ اڳتي وڌندو ويو ۽ ترقي ڪندو ويو. ڪيترن هنڌن تي ستايلن جو ڀرجهلو به ٿيو ۽ نتيجي ۾ هن گروپ سان ماڻهن جون ڪيئي آسون، اميدون وابسته ٿي ويون. ايتري قدر جو هن گروپ جي اڳواڻ علي قاضيءَ جڏهن سياست جي ميدان ۾ اچڻ جو خيال ظاهر ڪيو ته ڪجهه حلقن طرفان ان جي سخت مخالفت ڪئي ويئي. مخالفت جي پويان وڏو ڪارڻ اهو هو ته سياست ۾ اچڻ سان گروپ جو اثر، ڪارڪردگي متان تبديل نه ٿي وڃي. يا اهو ته اهڙي اثرائتي سنڌي ميڊيا ڪٿي ويهي نه رهي. اها ته ٿي اڄ جي ڳالهه، آئون اڄ کان ۳۷-۳۸ سال پوئتي جي ڳالهه پيو ڪريان. جڏهن اهو ميڊيا گروپ ابتدائي شڪل به نه پر رٿابنديءَ واري مرحلي ۾ هو. پهرين واري اخباري اداري کان ڌار ٿيڻ بعد سياسي ۽ سماجي لاهن چاڙهن مان نڪرندي قاضي محمد اڪبر جي فيملي ميڊيا جو هڪ نئون وينچر ڪرڻ جو سوچيو. ان وينچر جي سربراهي سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس ۾ ايم ايس سي پاس نوجوان سليم اڪبر قاضيءَ کي ڏني ويئي. سليم شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر هو. اها شاگرد تنظيم انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ذيلي تنظيم هئي. سليم پاڻ به ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. قاضي محمد اڪبر جو بنگلو بي-۲ سول لائينز، جنهن جي پٺئين دروازي واري هنڌان جتي هاڻي ڪاوش جي آفيس آهي. مهيني ۾ ۲-۳ دفعا، روپوش رهي ڪم ڪندڙ کاٻي ڌر جي ليڊرن يا شاگرد محاذ جي پارٽي دوستن جي اچ وڃ جو مرڪز بڻيل هوندو هو. پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل نازش امروهوي، ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي ۽ ٻيا اڳواڻ يا وري شاگرد تنظيم سان تعلق رکندڙ دوست مهر حسين شاهه، هدايت حسين، احمد خان جمالي، تاج بلوچ، عارف پاشا، هلال پاشا، آئون ۽ ٻيا ڪيترا ئي همراهه شامل هئا. ڪچهريون به ٿينديون هيون. باقاعده پارٽي ميٽنگون به ۽ صلاح مشورا به. بنگلي جي اڳئين پاسي وارو ڪمرو جيڪو ٻئي ڀائر سليم ۽ اسلم قاضي شيئر ڪندا هئا، ان تي سليم قاضيءَ جي دوستن جو ئي قبضو هوندو هو. اسان ڪڏهن اسلم قاضيءَ جي دوستن کي هن ڪمري ۾ موجود نه ڏٺو. سليم مارڪسٽ نظريي تي هلندي پنهنجي زندگيءَ کي به سادو بڻائي ڇڏيو هو. ڪمري ۾ ٻن پلنگن جي جاءِ هوندي به رڳو هڪ پلنگ هوندو هو، جيڪو اسلم صاحب جو هوندو هو. سليم پَٽ تي سمهڻ کي ترجيح ڏني.

08 May, 2013

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

ڀلوڙ راڳي جي شخصيت ۽ فن

ڪمال ڄامڙو



سنڌي موسيقيءَ جي ترقيءَ ۾ ڪڇي ڳائڻن جو به حصو آهي. انهن ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، استاد مٺو ڪڇي، استاد عثمان ڪڇي ۽ عبدالله ڪڇي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. عبدالله ڪڇي شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو. هو استاد مٺوءَ ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو آهي. سال ۱۹۴۰ع ۾ ڪلري لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير محمد هو. سندس ڳايل جيڪو پهريون ڪلام مقبول ٿيو. سو شاهه سائينءَ جو ڪلام ”گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري“ آهي. ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي اهو رڪارڊ ٿيو ۽ ان ڪلام جي تمام گهڻي فرمائش اچڻ لڳي. هر محفل ۾ کانئس ان ڪلام جي فرمائش ڪئي ويندي هئي.

04 May, 2013

سيف بخاري ”تنها“ - ڊاڪٽر مخمور بخاري


سيف بخاري ”تنها“
وقت کان اڳ وڇڙي ويل شاعر
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هالا جي مردم خيز مٽي مان ۲۰ فيبروري ۱۹۷۷ع تي جنم وٺندڙ سيد سيف الله شـاھ بخاري، ادبي دنيا ۾ سيف بخاري ”تنها“ جي نالي سان ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن هو ۴ مئي ۱۹۹۶ع تي هن دنيا کي الوداع چئي چڪو هو. هن جو جنم نج علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري هڪ تعليمي ماهر ۽ محقق جي سڃاڻپ رکندڙ آهي. جنهن جي نظر هيٺ سيـف ۱۹۸۱ع کان پــــنهنجي تعليم جو آغاز سگا جي روشن تارا اسڪول هالا کان شروع ڪيو ۽ ۱۹۸۷ع ۾ ايم جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ٿيو، جتي ۱۹۸۹ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول اندر ٽاپ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ کيس، اسڪول طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ڏني وئي. اهڙيءَ طرح ۱۹۹۴ع ۾ انٽر پري انجنئيرنگ جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڏنائين ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. جنهن جي صلي ۾ کيس تڏهوڪي وزير اعليٰ سنڌ سيد عبد الله شاھ طرفان پنج هزار روپيه انعام طور ڏنا ويا. ان کانسواءِ ان وقت جي گورنر ڪمال اظفر جي هٿان سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان ”سند“ ۽ پرائيز بانڊ انعام طور ڏنا ويا.