عبدالقادر جوڻيجو
استاد جي سلامي
اسحاق سميجو
ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري
خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام)
خليل ڪنڀار جي نوهٽي
ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري
آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ
چئبي.
نوهٽي ويندي رستي ۾
ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت
کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو
چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن.
نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو
ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي
نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن
جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ
ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به
ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي.
جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين
ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر
نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. .
. ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي
ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون
۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي
سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون
کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته
نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي.
جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن
سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو.
آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن
جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي
مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ
جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو.
وڻن جي جهڳٽن وچ ۾
هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري
سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج
جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ
وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ
ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب
طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي
پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو.
مون مزار کي ويجهي ٿيندي
ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر
وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي،
جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به
حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان
قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور
پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون
لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر
جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن
تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري
۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ
مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور
هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن
بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون
گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به
مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس
ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ
اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا
ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. )
جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس
گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن
ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي
ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي.
مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا
اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽
خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو -
پر هاڻ جڏهن هن کي
فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر
آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس
پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي
ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان
۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر
جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون
۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي
وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين
جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. .
. ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي.
(اسحاق سميجو
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
عبدالقادر جوڻيجو
ڀارومل امراڻي
ٿريو آخر ٿريو هوندو
آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان
سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ
هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي
طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين
پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر
هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار
لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون
جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول،
خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي.
منهنجون ھن سان گهڻيون
ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر
ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو
دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار
اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر
جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص
اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي
جڳهٽن تي ڳالهايو هو.
هن دنيا جو ادب پڙهيو
هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر
هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ
جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي
وانگر کڻندو هو.
هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ
وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي .
هن جو والد صاحب
پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ
ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو
شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي
جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو
وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن
ماڻهن جي هئي.
(ڀارومل امراڻي
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
عبدالقادر جونیجو
جادوگر لکھاری - ادب کا
غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔
جہانگیر عباسی
سر زمین
سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک
چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی
میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی
کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا
لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا
جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں
افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی
اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ
سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں
عبدالقار
جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري
اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤
سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو
۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن
کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ
صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر
مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے
عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔
عبدالقادر
جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔
عبدالقادر جونيجو
نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن
افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا
ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی
جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق
عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسائل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا
اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال
افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔
عبدالقادر
جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔
افسانوں بعد
آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن
١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان
ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے
عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی
اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں
بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر
پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے
سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو
کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور
پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر
گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر
سے بھے نشر ھوٸیں
عبدالقادر
جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی
گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر
کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات
ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل
``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار
کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی
سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ
نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل
میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے
امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور
١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ
ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن
کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی
گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر
دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے )
کر چکے ھیں ۔
عبدلقادر
جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔
قادر صاحب ایک
قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ
اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری
کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو
پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ
دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی
تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ
سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی
رکن بھی رھے ھیں۔
عبدالقادر
جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی
کتب یہ ھیں ۔
(۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔
شڪليون)
(۲)نثر:بڑے ادیب
بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔
(۳) ترجمه:``ایوریسٹ
پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي
(۴) نثر: کرسی
(اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي )
(۵)نثر: ترجمہ
``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩)
(۶)خطوط:دو ادیبوں
کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا )
(۷)نثر ترجمہ
``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر)
(۸)نثر۔درخت
درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي )
(۹)نثر: ``کیا
لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔)
(۱۰)نثر:` ایسے
بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو )
عبدالقادر
جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے
افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ
۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک
لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر
انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے
مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے
اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں
مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے
لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ
ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں
سے نہ پہچان
کل اور کسی
نام سے أجاٸیں گیں ھم
عبدالقادر جوڻيجي جي ياد
۾
رياض ڪلهوڙو
جيئن هڪڙي ڏيئي مان
هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس،
افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد
اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن
ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ
عبدالقادر جوڻيجو آهي.
جوڻيجو صاحب نهايت
سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي،
ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت
سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽
بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ
ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور
خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين
وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي
ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي
۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي
حيثيت سان آهي،
سندس ڊرامه ريڊيو
سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري
ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا.
ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ
۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما
سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان
گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو.
عبدالقادر جوڻيجي
جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون
آهن.
عبدالقادر جوڻيجي
جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر
جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي،
جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن
موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار
اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽
چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي
حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي
انداز“.
عبدالقادر جوڻيجو
صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي
ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون
(ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو
ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي
ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ
جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن.
عبدالقادر جوڻيجو
سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾
مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما
نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي
چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي.
حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو
جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو،
سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ
نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر
ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي.
شوبز جي حوالي سان
عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾
آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن
واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما
لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“،
”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن.
عبدالقادر جوڻيجي
کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ
(۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌي ادب ۾ هماليه
جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس
وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
عبدالقادر جوڻيجو
سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون
ڪليم ٻٽ
”الله رکيو ٻٽ
رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب
داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ
ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾
گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن
تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“
هي مٿيان جملا
سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي
مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي
تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو
واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل
جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته
ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت
دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر
ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن
ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي
ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري
رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس،
قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي
بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري
منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي
انگريزي ۾”Wit”
چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو.
يا وري هڪ ٻي
ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه
ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب
هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو
به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول
نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو
به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي
سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي
مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر
صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو
هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ
البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو،
بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي
پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب
جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي
پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري.
جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان
ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول
نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ
جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه
جي تصديق به ڪري سگهن ٿا):
”مون کي لڳندو
آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز
جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“
ان تي قادر صاحب
اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو
لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي.
مان مٿي ڄاڻائي آيو
آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه
سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو
ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع
۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو
ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو
ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي
وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته:
”هاڪڙي جي
حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل
تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع
ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ
لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي
پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي
ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل
آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين
رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو
درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو.
(ڏھاڙي سنڌ
ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
عبدالقادر جوڻيجو جي ياد
آدرش
" جي
ارشاد !
ير ! اھا اوريانا
فلاسي آهي نه.
وڏي بلا ٿي ير !
اصل اھڙي ليکڪا ٿي،
جو وڃي ٿيا ست خير !"
سگريٽ دکائي، ٺوشي
تي ڪش ھڻي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ڳالھائيندو ته ڳالهين جا ڄڻ سٺي دڪان دار وانگر
ريشمي ۽ زربفت جي ڪپڙن جا تاڪيا کوليندو ويندو.
_ عبدالقادر
جوڻيجو صاحب ھڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ھجڻ سان گڏ زبردست ليکڪ !
ڇا ڪھاڻيون ! ڇا ريڊيو
۽ ٽيلي ناٽڪ !
وري ڪمال جا ڪالم !
ترجما پڙه ته ائين
لڳندو ڄڻ ليکڪن سنڌيء ۾ پاڻ ترجمو ڪيا آهن !
اھي به انگريزيء
مان.
اسان وارا دلبر
ترجمو ڪندا اردوء مان، سو به اھڙو جو ليکڪ پڙهي ته خودڪشي ڪري
وري لٻاڙ ھڻندا
انگريزيء مان ترجمو ڪيا آهن !
_ نوي جو ڏھاڪو
!
خطن پٽن جو سونو
دور.
جوڻيجي صاحب سان
خطن جو سلسلو شروع ٿيو.
پوء ڇا لکان !
ڳالهين جو درياء وھڻ
لڳو.
_ مزيدار ڳاله
!
ان وقت جوڻيجي صاحب
جو گھاٽو سنگتي ۽ سٺو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو صاحب سنڌ يونيورسٽيء ۾ اسٽوڊنٽس
ويلفيئر آفيسر ھجي.
ما کي بي. اي. جي
سرٽيفڪيٽ ضرورت ھجي. خط لکيومانس.
ورندي به ڪونه.
جوڻيجي صاحب ڏي
لکيم. ان وقت سنڌيالاجي ۾ ھجي.
ھفتي اندر سرٽيفڪيٽ
منهنجي ھٿن ۾ !
ڳاله جو پنڌ اڃان اڳتي
_
شوڪت صاحب گذاري
ويو.
اسحاق سميجي صاحب
سندس رھجي ويل لکڻين وغيره کي ڇپائڻ لاء سندس ڀاء ۽ سٺي جديد مشتاق احمد شوري کي ڪمرو
ڏيکارڻ جي وينتي ڪئي.
مشتاق صاحب ڪمري ۾
وٺي ويس.
اسحاق صاحب ڪنهن
ھوشيار پوليس آفيسر وانگر ڳولا ڪئي.
ڪجه لکڻين ۽ خطن
سان گڏ ميز جي خاني ۾ منهنجو ڊگري سرٽيفڪيٽ ٽيھن سالن کان پوء مليو.
اصل ۾ ڇا ھو جو شوڪت
صاحب منهنجو سرٽيفڪيٽ ڪڍرايو ھو
پر ٽپال ۾ موڪلڻ
کان رھجي ويس.
ھاڻي اسحاق صاحب جي
ميز جي خاني ۾ آهي.
موڪليندو،
الائي ڪنهن ميوزم ۾
رکرائيندو !
_ جوڻيجي
صاحب جون ساروڻيون ۽ ناول " سو ديس مسافر منهنجو ڙي " اڌورا رھجي ويا.
اسان به اڌورا اڌورا
رھجي وياسون !
جوڻيجي صاحب آخري
خط مون ڏي لکيو.
ٽپال گهر وڃڻ کان اڳ
موت جي ٽپاليء،
مون وارو خط کسي،
ملڪ الموت جو لفافو
ڏنو.
جوڻيجو صاحب ھٿ ڇڏائي
وڇڙي ته ويو،
پر وسريو ته ناهي
ني !
عبدالقادر جوڻيجو
سميع ساجد جوڻيجو
سنڌ کان علاوه پاڪستان
۽ بين الاقومي سطح جو اديب، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، مترجم، ڪالم نگار، دانشور ۽
اسانجو محبوب سائين عبدالقادر جوڻيجو جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ تي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ھو انجي اڄ چوٿين ورسي جو ڏينھن
آھي ھونءَ ته دنيا ۾ لکين ماڻھو ڄمڻ ٿا وڏا ٿين ٿا ۽ بي نانءِ زندگي گذاري ختم ٿي
وڃن ٿا. انھن لکين ماڻھن منجهان ڪي ڪي ماڻھو اھڙا ٿيڻ ٿا جيڪي آخر تائين پنھنجي ڪردار
۾ ڪنول جيان ڳاٽ اوچو ڪري بيھن ٿا. اھا بلڪل حقيقت آهي ته هر ماڻھو پنھنجي ڪردار
سان ئي ڄاتو سڃاتو ويندو آھي. موت برحق آ هي موت ڪو مھڻو ڪونھي ماڻھو ڄائو آهي ته
موت جو ذائقو هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور چکڻو اٿس. PTV تان سائين
عبدالقادر جوڻيجو جا سنڌي ۽ اردو ڊراما اڪثر گھرن ۾ وڏي شوق ۽ پابندي سان ڏسندا
هئاسون. سندس ڊرامن کان متاثر ٿي مان سائين عبدالقادر جو انڪري به مداح هيس ۽ ساڻس
ملڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. هڪ ڏينھن ڇا ٿيو جو مون مهينو اڳ پنھنجي ٻاراڻي شاعري
جو ڪتاب "لفظن جا پوپٽ" جيڪو سال ۲۰۰۷ ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو هو جيڪومان اتان
کڻڻ آيو هيس. مون حيدرآباد پهچي ۽ پنھنجي پياري دوست ساجد سومري کي ڪال ڪري کيس
حيدرآباد پهچڻ جو اطلاع ڏنو جنھن کان پوء هو بائيڪ ڪاهي آيو ۽ پوء اسان ٻئي حيدر
چوڪ لڳ مائٽ مور ساگر جوڻيجو جن جي پريس تي اچي پهتاسون اتان مون ڪجه ڪاپيون دوستن
کي ڏيڻ لاءِ کنيون جيڪي سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري مشهور ڪالم نگار
محترم اعجاز منگي کي، سنڌ الاجي ۾ محترم شوڪت شورو کي، ۽ اتي هڪ ٻه ٻين دوستن کي ڏيندا
سڌا آياسون سنڌ الاجي ۾ جتي پنهنجي پياري دوست خالد آزاد وگهيو سان ملياسون ۽ ان
کي به ڪاپي ڏنم. خالد آزاد سان سندس آفيس ويٺا هئاسون ڪچهري هلي پئي ته مونکي ساجد
سومري چيو ته هت ھن اداري جو چيئرمين تنهنجو مائٽ سائين عبدالقادر جوڻيجو آهي هل
ته ان سان به ملون. سچ پچ ته اهو ٻڌي مونکي انتھائي خوشي ٿي مان ڪپڙن ۾ نه پئي
ماپيس تنهن تي مون ساجد سومري کي خوش ٿيندي چيو ته يار اها ته منهنجي سالن واري آس
ٿو پوري ڪرين ڇو جو مان ان مائٽ سان ملڻ لاء ڪافي وقت کان ماندو هيس انڪري اڄ تون
ته وڏو ٿورو ٿو ڪرين.
بھرحال جڏهن اسين
سندس آفيس پهتاسون ته مائٽ پنهنجي آفيس ۾ ڪنهن هڪ ٻئي ماڻهو سان ڪچھري ڪري رھيو
هو. اسان کيس السلام عليڪم چئي جڏهن اندر داخل ٿياسون ته پاڻ سٺي طرح سان اٿي اسان
سان مليو ۽ ويهڻ لاء ڪرسين طرف اشارو ڪيائين.
اسين ويٺاسون خير
خيريت ڪيائين ان کان پوء ساجد سومري ساڻس منهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ پوء مون ساڻس
ملڻ واري تڙپ وارو احوال بيان ڪيو ۽ ھن مرڪيو جنهن کان پوء مون کيس پنھنجو ڪتاب
"لفظن جا پوپٽ" تحفي طور ڏنو جنھن جو چڱي طرح جائزو ورتائين ۽ مونکي مرڪي
مبارڪ ڏنائين ٿوري دير بعد ويٺل ٻيو ھمراه کائنس موڪلائي هليو ويو. جنهن کان پوءِ
پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. منهنجي دوست ساجد سومري جو ھو اڳ ۾ ئي دوست هيو ايتري
۾ چانه به اچي وئي جيڪا اسان پيتي سون. پاڻ وقفي وقفي سان سگار جا وڏا وڏا ڪش هڻي
رهيو هو، چانه به پي رهيو هو ته اسان سان به ڪچهري ڪري رهيو ھو. ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ
مهل مان کيس مائٽ ٿي مخاطب ٿيانس پيو. ان هلندڙ ڪچھري دوران هڪ دفعو چانه پيتي سون
ته وري اڌ ڪلاڪ کان پوء ٻيو ڀيرو چانھه اچي ٽيبل تي پھتي جيڪا اسان پيتي سون ڪچھري
جاري هئي. سچ پچ ته مائٽ جي ڳالهائڻ جو انداز ايڏو ته مٺو، منفرد ۽ سحر انگيز هو
جو دل بيحد خوش ٿي رهي هئي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته وري ٽيون دفعو به چانه اچي وئي
تنهن تي ساجد سومري مونکي کلي چيو ته ابا هت ٽي چانه جا ٽي دور هلندا آهن جنهن کان
پوء سائين عبدالقادر مهمانن مان هٿ ڪڍندو آهي سو هاڻي هي ٽيون دفعو چانه پي ته پوء
موڪل ملندي. سو بيشڪ مائٽ عبدالقادر جوڻيجو پاڪستان جو ھڪ تمام وڏو ۽ ليجنڊ اديب، ڪھاڻيڪار،
ڊرامانويس، دانشور عظيم انسان ۽ انتھائي محبتي ماڻھو ھو. ھُو ۱۴ ڪتابن جو خالق هيو. هن دنيا جو تقريبن ڪافي ادب پڙهيو هو. هن جي لکيل ڊرامن
ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي جن ۾ راڻي جي ڪھاڻي، ڪاروان، ديوارين وغيره شامل هئا. سندس ڊرامي
راڻي جي ڪھاڻي اردو، انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي وڏي مقبوليت ماڻي. ھن ھڪ
انگريزي ناول "دي ڊيڊريور" به لکيو ان کان علاوه ھُن پنھنجي حياتي ۾ ۶ ڇه سنڌي ۽ ۱۴ اردو زبان ۾ مقبول ترين ڊراما سيريل لکيون کيس ۱۹۸۹ ۽ ۲۰۰۸ ۾ ادبي خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ۳دفعا PTV جا بھترين
اسڪرپٽ رائيٽر ايوارڊ به حاصل ڪيا ان کان علاوه ھنکي ٻيا به ڪافي ايوارڊ مليا. اھا
ھڪ حقيقت آھي ته سندس وڇوڙو ٻولي، ترجمي ۽تحقيق جو ھڪ وڏو نقصان آھي. جيتوڻيڪ ھُو
اڄ اسان جي وچ ۾ ناھي پر ھُو پنھنجي ڪيل ڪم سبب امر آھي ۽ امر رھندو.
(سميع ساجد
جوڻيجو جي فيسبڪ وال تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
عبدالقادر جوڻيجو
عالمِ ارواح مان موڪليل
هڪ معصوم روح! - ۳۰ مارچ – ورسي جي نسبت سان
خالد آزاد
صبح جا ڏهه ٿيا
هئا، آئون پنهنجي آفيس ۾، ليپ ٽاپ تي اي ميلون چيڪ ڪرڻ ۽ انهن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف
هئس ته دروازي کُلڻ جو چيڪاٽ ٿيو. مون در ڏانهن ڏٺو ته جوڻيجو صاحب، دروازي جو هڪڙو
تاڪ کولي ۽ هڪڙي تاڪ تي ٽيڪ ڏيون بيٺو هو. آئون ٽِپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ ڏانهنس
وڃڻ لڳس ته هُن اک جو اشارو ڪري پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. آئون به پنهنجي آفيس مان
نڪري ساڻس گڏ، ڪاريڊور ۾ هلڻ لڳس. گڏ هلندي هُن کاٻي ٻانهن ورائي منهنجي ڪُلهي تي
رکي ۽ ساڄي هٿ ۾، مُٺ تي سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيائين:
”ڇڏ ڪم کي
ميان! هن ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪندو آهي نه، ان کي گاريون کائڻيون پونديون آهن! توکي مڙئي
شوقڙو آهي گارين کائڻ جو! هليا چانهه پيئون.. . “
مون مُرڪي جوڻيجي
صاحب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اسان گڏ گڏ هلندا سندس آفيس پهتاسين! نائب قاصدن سلام ٺوڪيا،
قاصدن دروازا کوليا ۽ جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تي براجمان ٿي ويو! آئون سندس
سامهون پيل خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس.
جوڻيجو صاحب ان ڏينهن
ڏاڍو خوش پئي لڳو، ڊنهِل گولڊ پيڪيٽ کولي هڪڙو ٻيو سگريٽ دُکايائين ۽ چيائين:
”پاڻ وٽ هڪڙو
اهڙو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي، جو بس رڳو ڊز ڊز ڊز.. . ڪمپيوٽر واري ڇوڪري نمبر ٿي لڳائي ته
اميزون، مڪملين، پئنگوئين، سائمن اينڊ شُسٽر.. جنهن کان وڻئي ڪتاب وٺ، سِڌو هتي پڙيءَ
تي، ڪيئن ٿو ڀانئين.. ؟
”واهه واهه“
چيم: ”ونڊ به ٿيندو يا.. “
ٻاهٺ سالن جي
عبدالقار جوڻيجي جي اندر مان هڪڙو ٻارهن سالن جو ٻار نڪري آيو، هُن شرارتي نظرن
سان مون ڏانهن ڏٺو، مشڪريءَ وچان ٿورو گُنگنايائين، ۽ چيائين: ”پُٽ! اڃا ڦٽاءِ
اسان فقيرن سان.. . “
چيم: ”قبلا، اسان
جي مجال آهي جو اوهان سان ڦٽايون!“
هُن گهنٽي وڄائي ۽
پٽيوالي کي گاڏيءَ منجهان هڪ پئڪيٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو، وري مون ڏانهن مخاطب ٿيو:
”ونڊ به ونڊن
جهڙو ڇا.. . تو واري في ويلڊن.. . برمنگهم واري انگريزياڻي.. . تازو ناول آيو ٿس..
بيهه ته پُٽ!“
”اڙي سائين
واه.. . پر مون واري وري ڪيئن؟“ پُڇيومانس:
”آ ها ها
ها.. “ هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو، چيائين: ”توکي جو وڻندي آ.. . “
آئون به شرارت تي
لهي آيس، چيم: ”وڻنديون ته مون کي ويهه پنجويهه ڄڻيون ٻيون به آهن.. . “
”اصل ۾ وڻندي
ئي، پنهنجي ڪرڻ لاءِ آهي.. . “ جوڻيجي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”جيڪا شيءِ
وڻندي آهي نه، اها پنهنجي ئي ٿي ويندي آهي!“
تيستائين پٽيوالو
گاڏيءَ مان پئڪيٽ کڻي آيو، سو اچي جوڻيجي صاحب کي ڏنائين. جوڻيجو صاحب پئڪيٽ
کوليندي ٻارن وانگيان گد گد ٿيڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن ٻار کي چاٻيءَ وارو رانديڪو ملي ويو
هجي! ٻه ڪتاب ڪڍي، هڪ مون ڏانهن اُڇلايائين، جيڪو ذري گهٽ چانهه جي ڪوپ کي لڳو هو،
پر جوڻيجو صاحب ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز هو، چيائين؛
”Mantrapped اٿئي.. .
تازو ناول آهي تو واري انگريزياڻيءَ جو.. . ٻه ڪاپيون گهرايون هئم، تنهنجو داڻو پاڻي
لکيل هو، نه ته ميگهواڙ کڻي وڃي ها!“
”اڙي واهه
سائين واه.. .. “ مون ’في ويلڊن‘ جو ناول ڏٺو ته مزو اچي ويو! تڏهن ’مين ٽريپڊ‘ جو
وڏو چرچو پئي هليو، شايد هي ناول ۲۰۰۴ع ۾ ڇپيو هو. مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مون جوڻيجي صاحب جو
شڪريو ادا ڪيو.
ان ڏينهن اسان ڪيترو
ئي وقت ’في ويلڊن‘ جي ناولن ۾ ’فيمينزم‘، ’پاور اسٽرگل‘ ۽ ’رليشن شپس‘ تي ڳالهائيندا
رهياسين. جوڻيجي صاحب کي ’فيمينزم‘ ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘ جهڙن اصطلاحن کان سخت چِڙ
هوندي هئي. ’فيمينزم‘ کي ته هو ’مردن خلاف سازش‘ سمجهندو ۽ چوندو هو، ۽ ’سول سوسائٽيءَ‘
جي باري ۾ سندس خيال هوندو هو ته اسان وٽ ماڻهن جي جنهن گروهه (اديبن، صحافين، ساڃهه
وندن، ڪامورن، پروفيسرن، سماجي اڳواڻن) کي ’سول سوسائٽي‘ يعني ’مهذب ماڻهو يا مهذب
ماڻهن جو گروهه‘ چيو ۽ سڏيو ويندو آهي، تِن جو مهذب پڻي سان ڪو واسطو ناهي! هُو
چوندو هو ته ”اصل ۾ ’سول سوسائٽي‘ ته اُهي عام، شريف، سادا ۽ سِڌا، نيڪ، ڏاها،
انسانيت ۽ رشتن جو ادراڪ رکندڙ ۽ نڀاءُ ڪندڙ ماڻهو آهن. اسان وٽ جنهن لڏي کي ’سول
سوسائٽي‘ چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ ذات لوفر، ڳنڍي ڇوڙ، ٻه نمبريا ڀريا پيا آهن. “
هڪڙي ڀيري سنڌي
ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون هيون، جيڪي سدائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي
دفتر ۾ ٿينديون رهنديون آهن. ان سال ادبي سنگت جي چونڊن جو چرچو لڳو پيو هجي، چونڊن
کان هڪ ڏينهن اڳ مون کي آفيس ۾ گهرايائين، چيائين:
”ڳالهه ٻُڌ!
هن اداري ۾ هڪڙو اديب آئون عبدالقادر جوڻيجو، هڪڙو اديب تون! هڪڙو خان محمد جروار
۽ هڪڙو زاهد اوٺو، پنهنجا چار ووٽ پڪا، پر ڏينداسين تاج جويي کي!“
مون وراڻيو: ’قبلا
پاڻ ووٽ نٿا ڏيئي سگهون“ (تڏهن مون سميت اسان مان ڪو به ادبي سنگت جو ميمبر نه هو)
”ڇو، پاڻ
اديب ناهيون ڇا؟“ چيائين.
”اديب ته
آهيون“ چيم: ”پر ووٽ نٿا ڏيئي سگهون جو پاڻ ميمبر نه آهيون. ’جُمن خان جذباتي‘ ۽
’سومر خان سودائي‘ ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، جو اُهي ميمبر آهن“
”عبدالقادر
جوڻيجي کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته اها ڪهڙي ادبي سنگت ٿي؟“ جوڻيجي صاحب چيو: ”تڏهن
ته اِها سُڌري ڪا نه ٿي!“
دل ۾ سوچيم، واقعي
جي سنڌي ادبي سنگت ۾ جوڻيجي صاحب کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه آهي ته پوءِ ڪنهن کي آهي!
جوڻيجو صاحب جڏهن
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ٿي آيو هو ته، شايد ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ائين
اوچتو صبح جو سِڌو منهنجي آفيس هليو آيو. ڪُرسي گهلي منهنجي آڏو ويهي رهيو، پُڇيائين:
”ڇا پيو ٿئي..
. !“
ان ڏينهن مون
’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي پهرئين جلد تي نظر پئي گهمائي، وراڻيم: ”سنڌي ٻوليءَ
جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو پهريون جلد ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي!“
”اڇا.. .
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا.. . !“ جوڻيجي صاحب حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو: ”ڏيکار ته
اسان به ڏسون سنڌين جي انسائيڪلوپيڊيا!“
مون پهرئين جلد جي
ايڊيٽيڊ ڪاپي سندس آڏو رکي. جوڻيجي صاحب ائين ئي وچان هڪ صفحو کوليو، جنهن تي ’پٽاٽي‘
جي داخلا هئي! هن پٽاٽي تي لکيل تفصيل پڙهيو ته سندس موڊ خراب ٿي ويو! پٽاخ ڪري ڪتاب
بند ڪيائين ۽ ڪُرسي ريڙهي اُٿيو ته آئون به اٿي بيهي رهيس، چيائين:
”هيءَ به ڪا
انسائيڪلوپيڊيا آهي؟ ’پٽاٽو، هڪ ڀاڄيءَ جو قسم، بس!‘ ائين انسائيڪلوپيڊيا ٺاهبي
آهي؟ يَر سنڌين کي وري عقل جو ذرو ئي ناهي.. . هليا آئون ٿو توکي ٻڌايان انهي پٽاٽي
جي تاريخ ۽ جاگرافي! “- ۽ پوءِ جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته ’پوٽيٽو‘ جنهن کي اسان سنڌيءَ
۾ ’پٽاٽو‘ چوندا آهيون، سو اصل ۾ ۷۰۰۰ سال اڳ ڏکڻ آمريڪا ۾، جتي اڄ ملڪن ’پيرو‘ ۽ ’بوليويا‘
ملڪ آهن، ان علائقي ۾ پوکجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو.
دفتر ۾ اڪثر صبح جي
چانهه جوڻيجي صاحب جي آفيس ۾ گڏجي پيئڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن صبح
جي چانهه دوران سندس سيڪريٽري کيس بريفنگ ڏيڻ لڳي:
”سر، شيخ
اياز صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي هئي ۽ ادل.. .. “
”جهل جهل گاڏيءَ
کي“ جوڻيجي صاحب چيو: ”اِهو وري شيخ صاحب قبر مان فون ڪئي هئي ڇا؟“
”سر، ڪراچيءَ
مان.. . “ پي ايس وراڻيو
” هين.. . هي
هي هي.. . ڀُلي هوندينءِ“ جوڻيجي صاحب چيو: ”شيخ صاحب جا ته هڏا به سڙي ويا هوندا ڀٽ
شاهه ۾، فون وري ڪٿان ڪندو!“
پرسنل سيڪريٽري
’ايسڪيوزمي سر‘چوندي ٻاهر نڪري وئي، ڊائري چيڪ ڪندي وري ڊوڙندي آئي.
”سوري سر،
شيخ اياز نه پر شيخ عزيز صاحب هو.. . “ (تڏهن شيخ عزيز صاحب به حال حيات هو)
”او اتي
رکينس.. . “ جوڻيجي صاحب چپٽيءَ سان سگريٽ جو ڦلو ڇڻنيدي، مخصوص انداز ۾ چيو:
”اهو عزيز
شيخ هوندو، باقي شيخ اياز کي واقعي به جي خبر هُجي ها ته تو جهڙي سهڻي ڇوڪري ٿي
فون کڻي ته قبر مان به نڪري اچي ها.. .. هي هي هي.. . “
ڇا ته شخص هو، جهڙو
اندر تهڙو ٻاهر! سدائين سڌو، سادو ۽ ڌُو پار! پنهنجي مزاج، وضع قطع ۽ شخصيت ۾ هڪڙو
مڪمل ليکڪ! حساس، گهڻ پڙهيو ۽ سادو سِڌو! نه وڏائي نه آڪڙ، نه اسٽيٽس جو ڪامپليڪس
نه اسٽئنڊر جو خوف! تڏهن جوڻيجي صاحب جي عمر ۶۲ سال هئي، پر هو پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو ٻارهن
سالن جو ٻار ئي هو، خوش ٿيندو، کلندو، مذاق مشڪريون ڪندو، ڪُڏندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو..
.. هڪڙو معصوم روح، ڄڻ تازو تازو عالم ارواح مان موڪليو ويو هجي.
ايم ڪيو ايم جو قمر
منصور تڏهن ثقافت کاتي جو وزير هو. هُو هڪ ڏينهن سنڌ ميوزيم ۽ دائودپوٽه لائبرريءَ
جي دوري تي آيو ته کاتي جا سمورا آفيسر گهرايائين. جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ
جي بااختيار اداري جو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو آهي ته ان احترام وچان، جوڻيجي صاحب
کي پاڻ وٽ گهرائڻ بجاءِ هُو سندس آفيس هليو آيو. آفيس ۾ اوچتو خبر پئي ته منسٽر
صاحب ٿو اچي. مون وزير صاحب کي ٻاهر ئي ’رسيو‘ ڪيو ۽ جوڻيجي صاحب جي آفيس ڏانهن
نياپو موڪلي ڇڏيو ته وزير صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان سڀيئي وزير
صاحب سان گڏ جيئن ئي چيئرمئن صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ڪرسي خالي، جوڻيجي
صاحب آهي ئي ڪونه! اسٽاف کان معلوم ڪيوسين ته ٻڌايو ويو ته غالباً واش روم ۾ آهي.
وزير صاحب احترام وچان ويٺو ڪونه، بلڪه بيٺو ئي رهيو. گڏوگڏ ٻيا سڀ بيٺا رهيا ته
جيستائين جوڻيجو صاحب ٻاهر نڪري!
ٿوري دير ترسي مون
صورتحال کي مينيج ڪرڻ لاءِ آهستگيءَ سان واش روم جو دروازو کڙڪايو، پر پاڻيءَ جي
آواز کان سواءِ ٻي ماٺ! ٿوري دير ترسي مون ٻيهر دروازو کڙڪايو ته آواز آيو:
”يي اهيو ڇاهي،
اچان ٿو ير اچان ٿو، مُٽڻ ته ڏيو.. . !“
آئون، نه ئي کِل روڪي
پيو سگهان ۽ نه ئي ته ’ڊيڪورم مينٽين‘ ڪري پيو سگهان، جو وزير صاحب بيٺو هجي، پر
خدا ڪيو جو تيستائين جوڻيجو صاحب واش روم مان نڪري آيو. ٻاهر نڪرندي ئي سامهون
هيترا ماڻهو جو ڏٺائين ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، چيائين:
”اي سائين
معاف ڪجو، ڪو وزير اچي پيو ملڻ لاءِ، سو مون وري سوچيو ته واش روم مان ٿي اچان.. .
“
مون، قمر منصور ڏانهن
اشارو ڪندي، جوڻيجي صاحب کي ٻڌايو ته ’وزير صاحب توهان سان ملڻ آيا آهن. ‘
تيستائين قمر منصور
اڳتي وڃي جوڻيجي صاحب کي جُهڪي ڀاڪر پاتو، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آفيس ۾ ٽهڪن
جا ٽاڙيا، سگريٽن جا سُوٽا، ڊرامن جون ڳالهيون ۽ تاڙين جا ڦهڪا شروع ٿي ويا ۽ آئون
ڏسندو رهجي ويس ته هيءُ آخر ڪهڙي دنيا جو ماڻهو آهي.
جوڻيجي صاحب کي ڪتابن
جي مهورتن، شامن ملهائجڻ، تعزيتي ريفرنسن ۽ اجاين تشهيري پروگرامن کان سخت چِڙ
هوندي هئي. اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن شپ دوران سندس زور پروگرامن بجاءِ ڪتابن جي ڇپائيءَ
تي هو. هُن جيڪي پروگرام ڪرايا سي ليڪچر پروگرام هئا. ڪميٽيون، ميٽنگون، انڪرائريون،
رپورٽون، نوٽيس وغيره کيس وڻندا ئي نه هئا. هو نوڪريءَ کي ’جُتيءَ جي نوڪ‘ تي
رکندو هو، کيس پنهنجي ’ليکڪ‘ هجڻ تي وڏو مان ۽ ڀرم هوندو هو. هڪ ڀيري اٿارٽيءَ جي
گرانٽ رليز ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ته اسان آفيسر کيس همت ٻڌرائڻ لڳاسين ته وزير اعلي
هائوس مان هيترا ڀيرا دعوتون آيون آهن ۽ اوهان نه ويا آهيو. مهرباني ڪريو، وزير
اعلي هائوس وڃو، ان بهاني اسان جي گرانٽ نه رڳو جاري ٿي ويندي پر ٻيڻي به ٿي
ويندي. پر هو سدائين ڪو نه ڪو بهانو ڪري ڳالهه ٽاري ويندو هو. هڪ وقت اهڙو به آيو
جو پگهارن لاءِ پئسا نه هجن، اٿارٽيءَ جا اڪائونٽ خالي ٿيا پيا هجن. اسان آفيسرن
کيس معاملي جي سنجيدگيءَ کان آگاهه ڪيو ۽ نيٺ کيس راضي ڪيوسين ته هو وزير اعلي
هائوس وڃي، وزير اعلي صاحب سان ملي ۽ اداري جي گرانٽ وڌرائي اچي. جوڻيجو صاحب نيٺ ڪراچي
ويو، ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات ٿي ته اسان جو پهريون سوال وزيراعلي هائوس ۽ ملاقات
جو هو! هُن معصوم ٻار وانگر مُسڪرايو، چيائين:
”اوهان کي
پگهار سان ڪم نه، ان جو بندوبست ڪري آيو آهيان، باقي وزير اعلي هائوس ير آئون ڪون
ويس. “
”سائين ڇو نه
ويا؟“
”ڪُتا ٻڌا
پيا آهن، ڏاڙهڻ ٿا اچن. “ چيائين: ”پاڻ کان اوڏانهن وڃڻ ڪونه ٿيندو. “
اسان سندس ڳالهه کي
سمجهي نه سگهياسين. بعد ۾ خبر پئي ته اُهو سڄو ڏينهن جوڻيجي صاحب، وزير اعلي هائوس
وڃڻ بجاءِ ’جيو انٽرٽينمينٽ‘ جي دفتر ۾ چانهيون پيئندي، اولڊ بوڪ هائوس ۽ پارڪ ٽاور
تان ڪتاب وٺندي ۽ سمنڊ جو سير ڪندي گذاريو. ’جيو‘ جي آفيس مان ئي ڪنهن ناڻي کاتي
جي آفيس کي فون ڪري چيو ته ”شرم ڪونه ٿو اچيوَ، جوڻيجي صاحب کي نٿا سڃاڻو، ان کان
به رشوت وٺندئو، ٻُڏي نٿا مرو. “ ۽ پوءِ هفتي ۾ ئي اسان جي گرانٽ رليز ٿي وئي ۽
پگهارون ٿيون ته جوڻيجي صاحب گهر تي گهرائي، اسان سان گڏ پارٽي ڪئي!
وقت بدلجي ويو آهي!
چوڏسا سوشل ميڊيا چرچو آهي، چڱو جو جوڻيجو صاحب هن ظالم دور ۾ نه آهي، نه ته سندس
نالي سان فيڪ آءِ ڊيون ٺهي وڃن ها ۽ هو شريف ماڻهو ’حراسمينٽ‘ جي الزامن ۾ سرڪاري
دفترن ۾ پيشيون ڀريندو رهي ها!
مِس يو سائين، لَو
يو سائين!
(فيسبڪ پوسٽ
تان ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)
عبدالقادر جوڻيجو
استاد جا استاد ڪير هئا
خالد ڪنڀار
هو مٺ تي ڊنل جي
سگريٽ مان ڪش هڻڻ مهل پنهنجي هڪڙي اک ائين بند ڪري ڇڏيندو هو، جيئن هن جي چاچي ڀاڻي
پن جي ٻيڙي مان مٺ تي ڪش هڻڻ مهل هڪڙي اک بند ڪري ڇڏيندي هئي. اهو ڪش هڻڻ جو انداز
هن جو پنهنجو ڪونه هو. اهو انداز هن کي پنهنجي چاچي ڀاڻي وٽان ورثي ۾ مليو هو. اها
چاچي ڀاڻي جنهن وٽ هو پنهنجي ماءُ جو گهر ڇڏي اچي اڪثر رهندو هو. اها چاچي ڀاڻي
جنهن جي ڳلن تان لڙڪ ڪونجن جي ولر کي ڪڻڪندو ڏسي لار ڪري وهي هلندا هئا. هن نه صرف
اهو هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي رکيو هو. پر اهي مهراڻي جي ڪس مان جنهاڻ جي ڀٽ تان
وطن کان وڇڙيل ڪونجن جا اڏندڙ ولر به هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيا هئا. جيڪي هن چاچي ڀاڻي
جي اکين سان ڪڏهن ڏٺا هئا. انهن ڪونجن جي هڪ هڪ ڪوڪ به هن وٽ محفوظ هئي. هن کي
چاچي ڀاڻي تڏهن به ياد هئي جڏهن هو هڪڙي ڳوري سرائڪي صحافڻ سان گڏ سفر ۾ هو. انهي
صحافڻ جڏهن سگريٽ دکائي مٺ تي ڪش هئيون ته هن کي چاچي ڀاڻي ياد اچي وئي. انهي ڪري
هن جي پهرئين استاد هن جي چاچي ڀاڻي هئي. هن اهو به هڪ هڪ ڳوڙهو پاڻ وٽ سنڀالي
رکيو هو جيڪو ڳوڙهو پنهون رٻاري جي اک مان پنهنجي اٺين جي وڳن کي ساريندي ڄامشوري
جي اڃارن پٿرن تي ڪريو هو. هو جڏهن پنهون رٻاري جي ڳاله ڪندو هو ته هو پنهنجي اندر
ڪارن ڪپڙن وارو هڪڙو رٻاري ٿي ويندو هو. جيڪي ڪارا ڪپڙا هن پنهون رٻاري جي بدن تي
ننڍي هوندي کان پاتل ڏٺا هئا. اهو پنهون رٻاري جيڪو اڪثر وسڪاري ۾ مال ڪاهي اچي
جنهاڻ جي ڀٽ تي رهندو هو. هو چوندو هو پنهون جنهن جون اکيون سدائين آسمان ۾
هونديون هيون. جيڪي ڪارن ڪڪرن کي ڏسي خوشي مان ڀرجي اينديون هيون. اوڏي مهل نه صرف
پنهون جو اندر آسمان ٿي پوندو هو. پر هن ٿرئين جي اندر ۾ به ڪارا ڪڪر پيا لامارا ڏيندا
هئا. انهي ڪري هن جو ٻيو استاد پنهوون رٻاري هو. ڪيسري ڀيلڻ ۽ رامجي ڪولهي هن جا
استاد تـ ڪونـ هئا. پر هو انهن ٻنهي کي ويهئين صدي جون وڏيون شخصيتون سمجهندو هو.
انهن شخصيتن ۾ هو رمضان جوڻيجي جي ڳالهـ بـ ڪندو هو. جنهن جو مٺو آواز هن کي ننڊ
مان اٿاريندو هو. اهو رمضان ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچندو هو تـ سندس پٽڪي جو ڇڳو بـ هن سان
لئي ۾ گڏيو ايندو هو. انهي رمضان کي هو پنهنجو استاد بـ مڃيندو هو. انهي کانسواءِ
هو پنهنجا سڀ کان وڏا استاد ڌنارن کي سمجهندو هو. هو انهن ڌنارن سان گڏ نڪري وڃي
مال چاريندو هو.
هو پاڻ جڏهن ڄامشوري
جي پٿرن تي ڀنڀورين کي اڏندي ڏسندو هو تـ هن پنهنجي ڳوٺ جا اهي گهاٽا کارا کٻڙ ياد
اچي ويندا هئا. جيڪي هاڪڙي جي ٻنهي ڪنڌين تي وسڪاري کان اڳ ۾ ڀنڀورين سان ڀرجي
ويندا هئا. هاڪڙو هون تـ هن جي گهر جي گهٽي تي هو. پر هڪڙو هاڪڙو هن جي پنهنجي
اندر ۾ بـ هو. هو انهي مري ويل درياءِ جو اڃيون پيٽ سدائين پنهنجي اندر ۾ کڻي
هلندو هو. جنهن جا اوسا چپ سدائين تڏهن پسندا آهن. جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن. جڏهن
ڀٽن تان وسندڙ مينهن جو پاڻي ريلا ٺاهي وهندو اچي هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڪرندو آهي. اهو
هاڪڙو جيڪو هن جي اندر ۾ هو انهي هاڪڙي درياءِ ۾ هن وٽ هڪڙو ڪارو اصيل نانگ بـ هو
جنهن جي ليڪي تي درياءِ ٺهيو. هو جڏهن انهي درياءِ جو ذڪر ڪندو هو تـ انهن جوڳي
قبيلن ۽ گرو گورک ناٿ جو بـ ذڪر ڪندو هو. جيڪو انهي نانگ جي پٺيان پنڌ پيو هو. اهي
ڪنپٽ ۽ ڪن چير جوڳي جن سان وسڪاري جي ڏينهن ۾ مهراڻي جون ڀٽون ڀرجي وينديون هيون.
هن انهي مئل درياءِ تي هڪڙو ناول بـ لکي ڇڏيو. انهي ئي هاڪڙي درياءِ جو وانڪل وارو
گهيڙ هن جي گهر جي گهٽي کان صفا سڏ پنڌ تي هو. هن کي اها بـ خبر هئي تـ رٻاري سنڌ
۾ انهي ئي گهيڙ تان وانڪل ڏيوو جي مورتي هڪڙي سهڻي رٻارڻ جي مٿي تي ڏئي گذريا هئا.
اهو سنڌ ۾ سومرن جي بادشاهي جا ڏينهن هئا. اهين هو رٻارين جا ولر ويندا لکڻن ۾ ڏيکاري
ڇڏيندو هو. اسان جهڙو ڪو ماڻهو جڏهن بـ انهي گهيڙ وٽان گذرندو هو تـ ٿورڙو بيهـ
رهندو هو ۽ اهي منظر محسوس ڪندو هو. اهي رٻاري اتان ويندا محسوس ٿيندا هئا. هن
انهي وانڪل واري گهيڙ تي ڊرامون بـ لکيو هو. اسان ننڍڙا هوندا هئاسين تـ پورو پاڙو
ريڊيو تي ويهي اهو ڊرامون ٻڌندو هو. انهي ڪري هن جو هڪڙو استاد اهو اڃيون درياءِ
بـ هو. جنهن هن کي پنهنجي اڃ امانت طور ڏني هئي.
هن جي پيرن ايترا
پنڌ تـ ڪونـ ڪيا هئا. جيترا سنڌ جي خانـ بدوش قبيلن جي پيرن ڪيا هئا. پر اهي خانـ
بدوشن جا پير هن ضرور ڏٺا هئا. هن کي انهن پيرن ۽ انهي پنڌ سان عشق هو. هن انهن تي
هڪڙو ڪالم لکيو پر اهو هڪڙوڪالم هن جي سڃاڻپ ٿي ويو. انهي ۾ هن ڪبوترن ٻڙهن ۽ ڪوچڙن
جي پيرن جي پنڌ سان عشق ڪيو هو. هن اهي مٽيءِ مان ٺهيل ننڍڙا رانديڪلا ٻـ ڏٺا هئا.
جيڪي گرگليون ۽ ٻڙهيون گهر گهر وڃي وڪڻنديون هيون. انهي ڪري هن جا استاد اهي خانـ
بدوش قبيلا بـ هئا.
هن جو هڪڙو ڊرامون
تـ اسان جي ڳوٺ نهٽي واري ڀٽ تي فلمايو ويو هو. انهي ڊرامي ۾ روهي بانو بـ هئي.
مون شايد پهريون ڀيرو هن کي تڏهن ڏٺو هو. اهو ڊرامون جڏهن ٽي وي تي هليو تـ دانگين
۾ پيل مانين جا پڙ دانگين ۾ ئي سڙي ويا. شهرن جون گهٽيون ويران ٿي ويون. رڳو پيا ڪتا
بسندا هئا. ٽي وي جي اڳيان هجوم هئا پر ڳالهائيندو ڪير بـ ڪونـ هو سڀ ويٺا ٽي وي
جو آواز هيڪلا ڪنا ٿي ٻڌندا هئا. اهو ڊرامون هليو هو تڏهن پارومل ڪولهي نبي سر
وارو ايم اين اي ٿيو هو. هو پنهنجي زال سان گڏ جڏهن اسلام آباد واري ايئرپورٽ تي لٿو
تـ ميڊيا جي ڪيميئرائن جو رک پارومل جي زال ڏانهن ٿي ويو. انهي شهر جي ميڊيا
پارومل کان پڇڻ لڳي “يـ سکان هي ڪيا“هن انهي ڊرامي ۾ پوري لوڪ ڏاهپ هڻي ڇڏي هئي.
هو پاڻ بس جهنگ جي بلا هو. جيڪا ڪنهن جي بـ کاري ۾ ڪونـ تي رهي سگهي پئي ڀٽن ۾ ڀتڪندي
هئي. انهي ڪري اهي ڀٽون ۽ ڀٽن ۾ رهندڙ جهنگ جا ماڻهوبـ هن جا استاد هئا.
جهنگ جي ماڻهن جو
هي شاگرد جڏهن شهرن ۾ لٿو تـ هن جي قلم اهي سڀ ڪجهـ ڳالهايو جيڪو هن جهنگ کان سکيو
هو. شهرن لئـ اهي ڳالهيون نيون هيون. اهين هي انهن شهرن ۾ رهندڙن جو استاد ٿي ويو.
انهي استاد کي جڏهن هورو ٿيندو هو تـ جهنگ منهن ڪندو هو ۽ جڏهن وري جهنگ مان دل ڀربي
هئي تـ وڃي ڪتابن جي جهنگ ۾ پوندو هو. عالمي ادب مان اهڙيون اهڙيون ڳالهيون کڻي
اچي سٽڪو ڪرائيندو هو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي اڻ پڙهي هجڻ جي اڃ اڃان پڙهڻ تي مجبور
ڪندي هئي. جڏهن هو جهنگ جون ڳالهيون ڪندو هو تـ شهرن وارا پريشان هئا ۽ جڏهن ڪتابن
جون ڳالهيون ڪندو هو تـ جهنگ جي مخلوق پريشان هوندي هئي. اهين هن هڪڙي ئي وقت ٻنهي
کي پريشان ڪيو. اڄ هو انهن گهاٽين ڄارين واري ڳوٺ ۾ هاڪڙي درياءِ جي ڪپ تي هڪڙي وڏي
ڄار ۽ هڪڙي وڏي ڪنڊي جي وچ ۾ مدفون ٿي ويو. هاڻ وري هن جون اتي اهي ئي ڪچهريون
هونديون. جتي رمضان جوڻيجو ۽ چاچي ڀاڻي تـ هوندا ئي هوندا پر هن جي ڪچهري جو ٻڌي
رامجي ڪولهي، ڪيسري ڀيلڻ ۽ پنهون رٻاري بـ اچي وڃن. ٿي سگهي ٿو جوڳين جو ڪو خانـ
بدوش قبيلو بـ هن جو قبر جو پاسو ڏئي مٽي وڃي. هن جي انهي قبر تان هر سال پيا ڪونجن
جا ولر مٽيندا. انهي وڏي ڄار تي هاڻ ڀنڀوريون هر سال پيون اينديون. هن جي ڳوٺ واري
ڀٽ جو پاڻي هن جي قبر جو پاسو ڏئي وڃي هاڪڙي درياءِ ۾ ڪرندو. هاڪڙو ڀرجي ويندو. تڏهن
هي هاڪڙي جي ڪپ تي ضرور ويندو. نـ رمضان جوڻيجي سان ڦانگ هڻي مٺ تي سگريٽ جا ڪشش ڀري
ڀري هڻي ڪنڊيرا ۽ ماڪيز جون ڳالهيون ڪندو ۽ ڀاڻي ڪونجن جو ذڪر ڪندي رمضان جوڻيجي
جي اک ۾ پيل سوئيرو هن کي ڪڏهن بـ پوڙهي نـ ٿيڻ جو احساس پيو ڏيکاريندو.
عبدالقادر جوڻيجو
مرتضيٰ سيال
عبدالقادر جوڻيجو
سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا
جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت
۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو
پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنه دلبر انسان هئو.
ڊرامو هُجي، ڪهاڻي
هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان
ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن
کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو.
پنهنجي حياتيءَ ۾
هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو
رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو.
عبدالقادر جوڻيجو
پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن
ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو.
هو پنهنجي زندگيءَ
۾ ته ڏاڍو لاپرواه ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي
معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن
۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو.
ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل
هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ
جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي.
عبدالقادر جوڻيجو
سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. ۱۹۸۹ ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن
جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو
هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾
منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي
دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو
هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته
عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح
هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن
سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساه بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ
ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو
پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا ۽ بي تڪلف يار
آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي.
اڄ يادگيرين جو نه
کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي
دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.
its very excellent work in sindhi ادب
ReplyDelete