; سنڌي شخصيتون: عبدالقادر جوڻيجو

04 November, 2015

عبدالقادر جوڻيجو

عبدالقادر جوڻيجو
چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب
محمد سليمان وساڻ
عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا.


سندس ڊرامه نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارمه سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيء ۾ ٿيسسز لکي. ڊرامه سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊرامه سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊرامه سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو.
عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۶
شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹
ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۴
وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴
سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز) ۱۹۸۶
ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷
ڪرسي (ڪالم) ۱۹۹۸
ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹
خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹
در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱
وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲
ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷
ائين ڀلا ڪيئن ھوندو؟ (مضمون) ۲۰۱۰ع
انگريزي ناول The Dead River
عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجو جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو آهي جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو آهي. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهن ٿا جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو آهي.
سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:
حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۱۹۸۹
حسن ڪارڪردگي صدارتي اوارڊ – ۲۰۰۷
ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين سيريل)
ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي اوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان سيريل)
پي ٽي وي سلور جوبلي اوارڊ – ۱۹۸۹
ڏهاڪي جو بهترين اوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار سيريل)
ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ – ۱۹۹۹
عبدالقادر جوڻيجو اڄ، ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي، اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو پنھنجي لکڻين ذريعي سدا ياد رهندو.




عبدالقادر جوڻيجو
جنھاڻ جو جوڻيجو
آدرش
اَسان ڪهڙي به سواري، هوائي جهاز، ريل گاڏي، ڪوچ، بس يا وئن ۾ سفر ڪيون، گاڏي چُرندي مسَ ته ڀِڪ ۾ ويٺل سان شروع ٿي وينداسون، “سائين! توهان ڪير آهيو؟” هو سڀ ڳالهيون پوئتي ڇڏي اٿندي ئي پنهنجي ذات ٻڌائيندو، پوءِ ته بصر وانگر کلَ مٿان کلَ لهندي ويندي. هر سور سک سليو ويندو. خير سان سفر پورو ٿيندي، هڪٻئي جو اَڇو چِٺو هڙ ۾ ٻڌي سوگهو ڪري موڪلائينداسون. جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ. وري ٻيهر ملڻ يا نصيب. سفر ڪندڙ مسافر وري نه ملندا آهن.
همَ سفر کان ميمڻ ٻڌندي هڪدم سئي سڳي سان کيسي کي سبڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. شيخ ٻڌي چپن تي مرڪ آڻيندي، جنت ۾ ڏاڏي حوا کي ورغلائيندڙ کي ياد ڪندا آهيون. شڪارپور جو شيخ ٻڌي مرڪ غائب ٿي ويندي آهي. ڏڪڻي وٺي ويندي آهي. سومرو ٻڌي جيجل امڙ ڏانهن ڊڪندا ويندا آهيون. ڪنڀار ٻڌي سهڻيءَ جو ڪچو دلو ياد ايندي، اکيون آليون ٿي وينديون آهن. جوکيو بدوي ٻڌي سلڇڻي مائي دائي ياد ايندي آهي. ملاح ٻڌي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پوندا آهيون. نظاماڻي ٻڌي حر مجاهد ڪلهي ۾ بندوق سوڌو نظر ايندو آهي. لغاري ٻڌندي پرينءَ جي ڪاري ڪتي ياد ايندي آهي. زرداري ٻڌي اٺن جي قطار وڃڻ لڳندي آهي. سولنگي ٻڌندي ڏنڀرو مڇي هانوَ تي هري ايندي آهي. جتوئي، مهر، چانڊيو ٻڌڻ سان سِيٽَ تي ڍلا ٿي ويندا آهيون. سيد سڳورو ٻڌي، مرشد کي ست بسمِ الله هيون ڪري، کانئس پٽ ڄمڻ جو تعويذ لکرائيندا آهيون.
جوڻيجا پنهنجو مٽ پاڻَ، ڄام صادق علي ڪون سڏائي؟ اَسان ڪهڙا به سرٽيفڪيٽ ڏيون، سچي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سانڀر ۾ ٻه دبنگ ۽ سگهارا وڏا وزير ڄام صادق ۽ ممتاز علي ڀٽو ڏٺاسون. ڇا وهنوار هلائيندڙ هئا. چيف سيڪريٽري يا آءِ جي ته ڇا، چڱا ڀلا وفاقي عملدار کانئن لنوائيندا هئا. ڄام صادق علي، جوڻيجو هو. ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو به باڪمال هو. پنهنجو ٿري يار لياقت جوڻيجو به لک لهي، سٺو پڙهيل لکيل، ماٺيڻو، بردبار ۽ سياستدان لياقت جوڻيجو، پرويز مشرف جي دور ۾ ناظمي نظام ۾ يونين ڪائونسل چيئرمين لاءِ اميدوار هو. اَسان جو شاعر ۽ ثقافت جو وزير سردار شاهه آمهون سامهون هيس. شاهه صاحب ملهه ماري ويو هُيس.
عمرڪوٽ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ لياقت ميان پيپسي ڪولا بوتل مان اطمينان سان ڍڪُ ڀرڻ کانپوءِ ڏاڍي معصوميت سان زبردست جملو چيو هو: “ادا ارشاد! سردار شاهه ان ڪري کٽي ويو هو جو مون هارايو هو.”
سڀُ ذاتيون اکين تي، رب جي ذات سڀ کان اُچي آهي. جوڻيجا سڀ سرَ جا سائين، جنهاڻ جو جوڻيجو پنهنجي دل ۾ رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو کي ڪير نه سڃاڻي؟ ٿر جي واهڻ ۾ اکيون کوليائين. سڄي دنيا ڏٺائين. انڊلٺ جا رنگَ پَسيائين. شروعات ۾ پيغمبري پيشو اختيار ڪري بليڪ بورڊ تي دعائون لکڻ لڳو. دعا ڌڻي ٻڌس، پنهنجي پاڙيسري ۽ مهان شاعر شيخ اياز هن جو هٿ پڪڙي، سنڌيالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهاريس. ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. وقت گذرندي ويرم نه لڳي. ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ادب جي واٽ کانسواءِ دنيا داريءَ جو به ڄاڻو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ارباب وزير جي مِهر سان چيئرمين بااختيار ٻوليءَ جي اداري جو بڻيو.
عبدالقادر جوڻيجو پاڻ وانگر بُوڪِش مئن (Bookish Man). نوي جي ڏهاڪي ۾، خط پٽن جو زمانو هو. هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ شروع ڪياسون. هن جي خطن ۾ علم جو درياهه هوندو هو. ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر اڄ به فائيل ۾ محفوظ آهن.
جوڻيجو صاحب ڪهاڻيون لکيون. ڪمال جون آهن. “واٽون، راتيون، رول” ۽ “ويندڙ وهِي، لهندڙ سج” ڇا ته ڪهاڻي ڪتاب آهن! ٻولي، تشبيهون، انداز بيان، ڪهڙي تعريف ڪجي؟ هن جو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي!” الائي ڇا هوندو. اڌوري محبت وانگر آهي. خبر ناهي ان کي پورو ڇو نه ٿو ڪري. هن انگريزيءَ ۾ ناول لکيو. ڇپيو. پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو، پنهنجو پڙهيل ناهي، ڌُڪي تي راءِ نه ڏبي.
عبدالقادر جوڻيجو ٽيليويزن ناٽڪ لکيا. ڌاڪو ڄمايائين. “راڻيءَ جي ڪهاڻي”، “سيڙهيان” ۽ “خان صاحب” وغيره جهڙا ڊراما سندس ئي هٿ لکي سگهي ٿو.
هو کرو ماڻهو آهي، مٺ تي سگريٽ جا ڪش هڻي، چپٽي وڄائي، ڦلو ڪيرائيندي ڳالهه سنئين سڌي ڪندو. هن جو اسٽائيل من موهيندڙ پنهنجو آهي. هڪ ڀيري اردو اخبار “ايڪسپريس” ۾ هن جو انٽرويو پڙهيم. ان ۾ هن جنرل پرويز مشرف لاءِ چيو هو، “مان هن کي سليوٽ ڪيان ٿو.” اهو پڙهي باهه وٺي وئي. ڪاوڙ مان هڪدم خط لکيومانس. ترت ورندي ڏيندي لکيائين، “ادا! مون ڪڏهن ڪو نعرو نه هنيو آهي. فرشتو ناهيان، پيٽ اٿم، اجهو لٽو گهربو آهي، ڇا به الزام هڻو، مون کي انهن نوازيو آهي، سلام ڇو نه ڪندم، جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.”
عبدالقادر جوڻيجو پڙهاڪو وڏو. نوان ڪتاب ڊالر ڀري گهرائيندو. شوق جو مُلهه نه ڏسندو آهي. پاڻ به ان واٽ جا آهيون. ڪوٽ پراڻو پائجي، ڪتاب نئون وٺجي. هن نه رڳو پڙهيو آهي، لکيو به جهجهو آهي. تمام سٺو لکيو آهي. ڇا ڪالم! ڇا آتم ڪهاڻي جا ڪجهه فصل. ڇا ڪهاڻيون، مضمون، ڪمال جا ترجما! ترجمو تخليق کان وڌيڪ ڏکيو فن آهي. هن عالي شان ترجما ڪيا آهن. اڄ ڪلهه سندس طبيعت ٿوري ناساز آهي، ڌڻي سڳورو صحت عطا ڪندو.
مهينو سوا اڳ “پنهنجي اخبار” ۾ منهنجو ڪالم ڇپيو. ان ۾ جوڻيجي صاحب لاءِ جملو هو. سانگهڙ جو ليکڪ ۽ سٺو پڙهاڪو منظور ملاح آهي. هو جوڻيجي صاحب ڏي وڃي ڀئرو ڀڃندو آهي. پراڻا لاڳاپا اَٿس، اهو ٻڌائي پيو؛ ”جوڻيجي صاحب جو وڏ ماڻهپو ڏسو. مان جوڻيجي صاحب وٽ ويٺو هيم. اوهان جو ڪالم ڇپيو هو.“ مون پڇيومانس: “سائين! آدرش جو ڪالم پڙهيو اٿو؟” وراڻيائين: “يرَ! ان کي ڪير نه پڙهندو؟” مون ٺونگو هڻندي چيومانس: “سائين! ان ۾ اوهان جي خلاف به ته لکيو اٿائين.” جواب ۾ چيائين: “منظورَ! اهو ضمير وارو ليکڪ آهي. ان تان ستَ خون معاف آهن.”

(پنهنجي اخبار ۾، جمع ۲۱-۰۲-۲۰۲۰ع تي ڇپيل.)




عبدالقادر جوڻيجو
مختيار ملڪ
افسوس ته عبدالقادر جوڻيجو به اسان کان وڇڙي ويو۔ سنڌي ڪهاڻي جي آئيندي جو اونو رکندڙ ۽ ترقي جو خواب ساڀيا ڪرڻ لاءِ لفظن سان اتساهه بخششيندڙ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو اهو سنڌي نثر نگار آھي جنهن ريڊيو پاڪسان ۽ پي ٽي وي تي انيڪ يادگار ڊراما لکيا، جن وڏو اوج ماڻيو۔
هن ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي جا ڊراما ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا، جڏهن ته پي ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، جن ۾ راڻي جي ڪهاڻي، گردش، ويندڙ وهي، جانچ، ڳولا، مون ۾ آھين تون، اصل معاملو، هن وستيءَ ۾، خانصاحب، واٽون واٽن جھڙيون، ڀنگ ڄار، انکانسواءِ هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون. سندس يادگار ڊرامن ۾ کاروان، ديواريں، بدلتے موسم، چھوٹی سی دنیا، سيڑهيان، دکھ سکھ، تھوڑی خوشی تھوڑا غم، گھر گلیاں، رشتے ، زرا نم هو تو یه مٹی، پرانده، اهڙا ڊراما هئا جن ان دور جي ماڻھن کي ٽي وي اسڪرين ڏانهن ڇڪي آندو ۽ سان ڊراما ڏسڻ تي مجبور ڪيو۔ . عبدالقادر پهريون سنڌي نثر نويس هو، جيڪو اردو ۾ به ايترو ئي معروف هو۔
عبدالقادر جوڻيجو هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آھي۔ هن ڪهاڻي جي سفر جي شروعات ماهوار روح رهاڻ ۾ ڇپيل پهرين ڪهاڻي ”مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن۔۔ “ سان ڪئي۔ هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ۳ مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آھن ،جن ۾ واٽون ، راتيون ۽ رول (۱۹۷۳)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (۱۹۸۱) ۽ سونو روپو سج (۱۹۸۶) شامل آھن۔
عبدالقادر جوڻيجو شخصيتن جا خوبصورت خاڪا پڻ لکندو رهيو۔ سندس خاڪن جا ٻه مجموعا به شايع ٿيل آھن۔ جن ۾ پهريون شڪليون (۱۹۷۹) ۾ ۽ ٻيو ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ (۲۰۰۱) ذڪر جوڳا آھن۔
عبدالقادر جوڻيجو هڪ گهڻ پڙهيو ليکڪ هو، جنهن پرڏيهي ادب جو جهجهو مطالعو ڪيو ۽ ٽن ڪتابن جا سنڌي ترجما به ڪيا، انهن ۾ پهريون ”وڏا اديب وڏين ڳالهيون“ (۱۹۸۴)، ٻيو ”ايورسٽ تي چڙھائي“ (۱۹۸۹) ۽ ٽيون ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ شامل آھي۔
عبدالقادر ٿر مان حيدرآباد جو سفر ڪيو۔ پر سندس وجود ۾ هڪ ٿريو سدائين جاڳندو رهيو۔ جنهن جو اثر سندس لهجي ۽ اولڙو سندس موضوعن ۾ پسي سگهجي ٿو۔ سندس هڪ ڪتاب هن ”درد جا مسافر“ ۾ لاڏائو ذاتين کي موضوع هيٺ آندو آھي۔ هن جي قلم جي جبش ڪڏهن بند نه ٿي۔ هو لاڳيتو ڪالم لکندو رهيو۔ هن ناول نگاري ڏانهن وکون پڻ وڌايون، هڪ انگريزي ناول لکيو ۽ ٻيوانگريزي ناول اڻ ڇپيل ٻڌايو پيووڃي، جڏهن ته هڪ سنڌي ناول پڻ آخري مرحلن ۾ ھو، جيڪو مڪمل ٿيو الاجي نه. هو اڻٿڪ محنت ڪندڙ هڪ سادي مزاج رکندڙ مصنف هو.



عبدالقادر جوڻيجو
امر لغاري
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ھڪ ئي وقت ادب سرجيندڙ سنڌ جو منفرد ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار عبدالقادر جوڻيجو اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آھي. عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي اسان پنھنجي ھن گروپ پاران ھن جي چاھيندڙن، پڙھندڙن ۽ پونيرن سان ڏک جو جو اظھار ڪيون ٿا. عبدالقادر جوڻيجي سنڌ جي نوجوانن ۾ نه فقط عالمي ادب پڙھڻ جو ذوق وڌو، پر انھن منجھ پنھنجن چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. ھو ھڪ گھڻ پاسائون ليکڪ ھو. ھڪ ئي وقت ڊراما، ڪالم، ڪھاڻيون ۽ ريويوز ھن جي قلم مان پيان نڪرندا ھئا. ماحوليات، اينٿراپالاجي، سياست، ادب ھن جا پسنديده موضوع ھئا. ھن انگريزي ۾ ھڪ ناول به لکيو. دا لوسٽ رٍور. ٻئي تي ڪم پئي ڪيائين. ڪجھ مھينا اڳ جڏھن اسان ڪجھ دوست ساڻس ملڻ وياسين ته ھن پنھنجي اڌوري ناول بابت ھڪ دلچسپ جملو سگريٽ جي چپٽيء تي ھيئن چيو: ھونداسين جيئرا ته پورو ڪري وٺنداسين، نه ته آياسين.......... قادر کرو ماڻھو ھو. انڪري گھڻن ماڻھن سان نه پوندي ھيس. ھو ھڪ ئي وقت ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن، آرٽيسٽن، اداڪارن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ريسرچ اسڪالرن ۽ سنڌ جي گھڻ پاسائين موضوعاتي ڄاڻ وچ ۾ ھڪ قسم جي پل جو ڪردار ادا ڪندڙ ھو. جڏھن به ساڻس ملبو ھو ته کائنس ڪا نه ڪا نئين ڳالھ سکبي ھئي يا ٻڌبي ھئي. ھو ڳالھين جو ڀنڊار ھو. ڳالھيون ھن جي زبان تان پيرن جيان پچي پيون ڇڻنديون ھيون. قادر عمر جي آخري ڏھاڪن تائين پڙھندو ۽ لکندو رھيو. ھر ڪنھن جي جسم جي مشين ھڪ ڏينھن بيھڻي آھي. پر قادر پنھنجن ٽھڪن، دلچسپ ڳالھين، ڪھاڻين، ڊرامن، ناولن ۽ مضمونن ساڻ اسان جي وچ ۾ سدائين حيات رھڻو آھي.


عبدالقادر جوڻيجو
عشق ۽ ادب سان وفا ڪندڙ جوڻيجو
ماڪن شاھ رضوي
سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته هو سنڌي ادب جو بي تاج بادشاھ هو. ڪهاڻي هجي يا ڊرامو، ڪالم هجي يا تاثر، پر عبدالقادر جوڻيجو هڪ اهڙو نالو هو، جيڪو ان تحرير جي ڪاميابي جي ضمانت هو. هن جي قلم سان لکيل ۽ ذھن مان اسريل هر لفظ نج سنڌي ٻوليءَ جو ترجمان هوندو هو. قديم دريائي وهڪري هاڪڙي جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر لطيف سائين جي امر ڪردار جکري جي راڄڌاني نهٽي، جنهن لاءِ حضرت راضي شاھ فرمايو هو ته،
جڏهن جهاري جکري، تڏھين نهٽي نئون سئو هٽ،
پري کان پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ،
محبت سندا مٽ، هئا مهراڻي جي ملڪ ۾!
ها جتي ٿر جي اڃايل واريءَ ۽ بئراجي شاداب ڌرتي جو پڙ ھڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، ان سڄي ڪس کي مهراڻو سڏبو آھي. اتي ئي ويجهو لاکيڻي لطيف جي هڪ ٻئي ڪردار برووي جو به ماڳ آھي. ٿانور ڀٽي جو به ڀڙو آھي، ۽ اتي ئي اهو ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو آھي، جتي پوليس آفيسر مريد علي جي پٽ ۽ چاچي منٺار جي ڀائٽي عبدالقادر جوڻيجي جنم ورتو. پر نه هو پوليس وارو ٿيو، نه وڏيرڪي پڳ ٻڌائين. هن وڃي ماستري جي چونڊ ڪئي، پر هن من ئي من ۾ ٻن اهم عظيم ڳالهين کي لڪائي رکيو، هڪ عشق، ٻيو ادب! ھن جي صحبت جتي سندس شاگرد نياز پتافي کي شاعر بنائي ڏيهان ڏيھ مشھور ڪري ڇڏيو، اتي هن جي مستانين اکين مامي نجمه کي سندس ديوانو بنائي ڇڏيو. (مامي ان ڪري لکيم، جو عبدالقادر منهنجو ان نسبت سان مامون هو، جو منهنجي مامي جو پڳ مٽ يارهو) تن ڏينهن هو جهڏي ۽ ٽنڊي جان محمد جي وچ ۾ ڳوٺ ڪمال خان پتافي ۾ پرائمري استاد هو. پوءِ جو قسمت ڪرم ڪيس ته شادي ڪري اچي سنڌو ڪناري مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ خيما کوڙيائين، ۽ قلم هٿ ۾ جهلي هن سنڌي ادب اوتڻ شروع ڪيو، جنهن به هن جو ڪتاب ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ڪهاڻي ”هورو“ پڙھي هوندي، ان کي نج سنڌي ٻولي جي سونهن ضرور دل ۾ چڀي ۽ اکين ۾ کپي ويئي هوندي.
پوءِ ھن پهرين ريڊيو حيدرآباد لاءِ ڊراما لکيا، سندس ڊرامو ”وانڪل جو گهيڙ“ ھڪ ادبي تاريخ بنجي ويو. مٺ تي سگريٽ جو ڪش ھڻي هو وري ڪا نئين سٽ سرجڻ جو سوچيندو هو. وري هن پي ٽي وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ”راڻي جي ڪهاڻي“، جيڪو پوءِ اردو ۾ ”ديوارين“ جي عنوان سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جنهن ۾ ڪردار جي گهرج ڏسي عظيم اداڪار يعقوب ذڪريا پنهنجا سمورا ڏند ڀڃائي هيروئن ”سُکان“ جي پيءُ جو ڪردار ڪيو هو. وري ”دراڙين“ لکيائين، ”پرانده“ لکيائين، پوءِ الاءِ ڇا ڇا لکندو ويو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين بنيو، سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر به رھيو. صدارتي ايوارڊ ماڻيائين. ڪاوش ۾ ڪالم لکيائين ته اتي به نج ٻولي ۽ وڏي ڄاڻ ڏنائين. پوءِ ڪن ٻين اخبارن ۾ به سنڌي ۽ انگريزي ڪالم لکندو رهيو.
ٻولي توڙي قلم سان سدائين نڀايائين، راڄن ڀاڳن سان به مرڻي پرڻي ناتو ڪونه ڇنائين. مونکي اهو اعزاز حاصل آھي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ڪتاب ”اجهاميو ٻران“ جو مهاڳ ماما عبدالقادر لکيو، جيڪو ڪتاب سنڌي لئگئيج اٿارٽي ۽ ثقافت کاتي پاران سال جو بهترين ڪتاب ۽ ايوارڊ ماڻي آيو. آخري ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته پاڻ ڪو انگريزي ناول پيو لکي، پر اڄ جڏهين سڄي سنڌ لاڪ ڊائون ۽ حراسيل آھي، تڏهين هن ڌرتي جي عظيم ليکڪ پنهنجون سدائين جاڳندڙ اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون.


عبدالقادر جوڻيجو
ڪھاڻي ۽ محبت جو درياءُ گذاري ويو
حسن مجتبيٰ
سنڌي ڪهاڻي ۽ اردو ٽيلي ڊرامي، ڪتابن جو پاڙهو، هڪڙي انگريزي ۽ سنڌي ناول جو ليکڪ، ملڪ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار، يارن جو يار، ٻارن سان ٻار، عاشق زهر پياڪ، نصير ۽ گلشن جو بابو، ٿر جهڙي ملڪ ملير جو ڄائو عبدالقادر جوڻيجو مري ويو۔ هڪڙي دفعي ڪئين سال ٿيا مون هن کان پڇيو هو ته، “هو ڇا آهي؟” هن سموري مون واري مٿي ڇتن شاهه واري ڊيگهه پٽاڙ کي سندس مٺ ۾ چيچ سان جهليل سگريٽ مان سوٽو هڻندي چيو هو. “مان پاڻي ۽ مٽي مان ٺهيل ماڻهو آهيان ڇو ته منهنجو پيءُ جوڻيجو ۽ منهنجي ماءُ مهاڻي هئي.” ها، اهو ٿر جي ٿڌي واريءَ مان ٺهيل عبدالقادر جوڻيجو هي جهان رنگ و بوءِ ڪالهه ڇڏي ويو۔
“ميا ئي جياس، جو وڃي مڙهه ملير ڏي.”
مون اڃا ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ئي لکيو هو، عبدالقادر جوڻيجي جي خبر ناهي پر زندگي ۽ سياست ٻن ٿرين عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي کي ٺڳي ويئي۔ ٿر کان ٻاهر ٿر جو ماڻهو ايئن آهي جيئن ڀٽائي جي بيت ۾ ٿر ٻاٻيهو۔ پوءِ هو مارئي وانگر ڀل جان ڪيترن ئي قيد ڪڙن ۾ رهي يا پٽ پٽيهرن ۾۔ عبدالقادر جوڻيجو به ايئن هو۔ هڪ اٺائين وڳ جهڙو هينئون رکندڙ ماڻهو۔ بلڪل سندي ڪهاڻي “هورو” واري اٺ جهڙو سنڌ ۾، دنيا ۾۔ سندس اکرن ۾ “ڇوٽي سي دنيا ۾.”
عبدالقادر جوڻيجو ٻڌائيندو هو ته هڪڙي ڀيري اسلام آباد ۾ ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ انهي وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ليکڪن سان تعارف مهل سندس ڇاتيءَ تي لڳل بيج تي “جوڻيجو” ڏسي رڪجي ويو هو ۽ کانئس پڇيو هئائين ته ڪهڙن جوڻيجن مان ۽ ڪٿان کان آهين؟ هن جي ٻڌائڻ تي کانئس پنهنجي سادي انداز ۾ پڇيو هئائين، “هُتان کان هتي اسلام آباد تائين ڪيئن پهتين؟” عبدالقادر کيس چوڻ‌ چاهيو هو، “بس جيئن اوهان پهتا.” عبدالقادر اهڙيون ڳالهيون يا دل ۾ پنهنجو پاڻ سان چوندو هو يا وري سندي ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾۔ پاڻ جوڻيجي سميت گهڻن ٽي وي ڏسندڙن جو خيال هو ته “ڇوٽي سي دنيا” يا “خانصاحب” جو مرڪزي ڪردار محمد خان جوڻيجو جو هو۔ سنڌڙيءَ جو جوڻيجو محمد خان گونگو پاڻي هو، جنهن نيٺ ضياءُ الحق جهڙي آمر کي به مرڻ کان اڳ ٻوڙيو هو۔ جڏهن هو ضياءَ هٿان اقتدار وڃائي ڳوٺ پهتو هو ته سنڌڙيءَ جي ماڻهن سندس واٽ تي بينر هنيا ها جن تي لکيل هو، “فاتح ضياءُالحق محمد خان جوڻيجو زنده باد.”
پر آمر ضياءُالحق جي زماني ۾ پڻ جڏهن ايم آر ڊي واري تحريڪ به عروج تي هئي تڏهن شامن جو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ ڪرفيو جهڙو ڏيک ڏسڻ ۾ ايندو هو (يا وري جيئن هاڻ لاڪ ڊائون) جڏهن عبدالقادر جوڻيجو جو پي ٽي وي تي تڏهن لکيل ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” هلندو هو، جيڪو پوءِ اردو ۾ سندس “ديوارين” بڻيو۔ هن جو ٻيو ۽ سندس نروس بريڪ ڊائون وارو بلاڪ بسٽر ٽيلي ڊرامو “ڪاروان” هو. ڪاروان ۾ منصور علي جو هڪڙو ڪردار هو جيڪو هن اسان ٻنهي جي دوست پنهنجي زماني جي مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ زاهد مخدوم بقول سندس زاهد مخدوم تي لکيو هو.
ٿر جي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پوليس صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجي جي گهر جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو گهڻو تڻو ننڍپڻ يا ته ڏاکڻين وچولي سنڌ جي ٿاڻن جي پوليس ڪوارٽرن جتي هو لاڪپن ۾ واڙيل قيدين سان سيخن اڳيان ڪچهريون ڪندو هو يا واري تصور پچائيندي گذريو جهن ۾ هن جون پنهنجون فينٽسيز هونديون هيون، جن ۾ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي چور، سپاهي، ته ڪڏهن ڌاڙيل ۽ صوبيدار سمجهندو هو۔ هڪ ڀيري هن مونکي ٻڌايو هو۔ باقي (هلندڙ) بس يار زنده نه رهيو پر صحبت باقي۔۔۔


عبدالقادر جوڻيجو
ڀارومل امراڻي
ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ  ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾  صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو  ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾  به ويو، هن  دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر هنڌ کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد ٽي سو آهي.
منهنجون سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجهه ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران  روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليهه نمونا آهن ڇٽيهه نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيهه نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو.
هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالهه ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيهه جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو.
 هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساهه وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيهه لکڻي بڻائي هئي.
هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرهه سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي.


عبدالقادر جوڻيجو
مرتضيٰ سيال
عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار ۽ هڪ منفرد انسان هئو. ادب جي دنيا جو قداور نالو هئڻ جي باوجود وڏائي سندس پاسي کان به لنگهي نه سگهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهٺائي رکندڙ اهڙو فقير ماڻهو هئو جنهن وٽ بادشاهيءَ جا گرُ هئڻ جي باوجود هو پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندڙ هڪ بنھ دلبر انسان هئو.
ڊرامو هُجي، ڪهاڻي هُجي يا ڪو ڪالم هجي هر لکڻي ۾ هُن جو هڪ الڳ ڊڪشن ۽ انداز آهي. هن جي ڳالهين کان ويندي لکڻين تائين سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي پختگي نظر ايندي، هُن جيترو لکيو اُن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ پروڙيو.
پنهنجي حياتيءَ ۾ هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪيو، سنڌ جو هي واحد ليکڪ هو جيڪو لڳاتار لکندو رهيو، پڙهڻ ۽ لکڻ سان هن جو ازلي عشق رهيو.
عبدالقادر جوڻيجو پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر هُن پنهنجي ڪيريئر ۽ حياتيءَ ۾ ڪڏهن ايوارڊن ۽ انعامن کي خاطر ۾ نه آندو.
هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ته ڏاڍو لاپر واھ ماڻهو رهيو پر لکڻ ۽ پڙهڻ توڙي نون ۽ نوجوان ليکڪن کي همٿائڻ جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به لاپرواهي نه ڪئي، جن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز رهي انهن ڏينهن ۾ به هن لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو.
ٿر جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن محبوب ماڻهوءَ جي لکڻين ۽ ڳالهين مان به ٿر جي واري جو چلڪو ۽ برسات کانپوءِ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿيندي هئي.
عبدالقادر جوڻيجو سان منهنجون تمام گهڻيون يادون وابسته آهن. 1989 ۾ جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جو شاگرد هئس ان وقت کان ساڻس محبتن وارو رشتو جڙيو، اُن زماني ۾ عبدالقادر سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر هئو، آئون ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ عبرت مئگزين ۾ ڪم ڪندو هئس، عبدالقادر پنهنجي آفيس جون ذميواريون نڀائڻ کان پوءِ اڪثر ڪري گلستانِ سجاد ۾ منهنجي آفيس ايندو هئو، جتان اسان شهر روانا ٿيندا هئاسين پوءِ ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي دوستن، فنڪارن ۽ اديبن جو ميلو مچندو هئو، اهڙي طرح ڪچهرين جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هئو، عبرت مئگزين فائينل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ آئون نه نڪري سگهندو هوس ته عبدالقادر اسان جي انچارج مرحوم غفور ڪريمي سان ڪچهري ۾ ويهي رهندو هو، اهڙي طرح هو جتي به ويهندو هئو اتي محفل ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي ڪردار هوندو هو. هو اسان جهڙن سيکڙاٽ ۽ نون ليکڪن سان گڏ ويهي اسان کي نه رڳو اُتساھ بخشيندو هئو پر اسان سان گڏ ويهي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو هئو. هو مون کان نه رڳو عمر ۾ پر هر حوالي سان وڏو هئو پر پنهنجي سڀاءُ ۽ پيار سان محسوس ائين ڪرائيندو هو ڄڻ اسان هڪجيترا يار آهيون، مون هن کي هميشه يار جي نالي سان ئي ياد ڪيو آهي.

اڄ يادگيرين جو نه کُٽندڙ سلسلو ڇڏي يار وڃي جنهاڻ جوڻيجو جي مٽيءَ ۾ آرامي ٿيو آهي. پر هو اسان جي دلين ۾، ذهنن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو.


عبدالقادر جوڻيجو
سنڌ کي ٿر جي اکين سان ڏسندڙ!
حسن پٺاڻ
سنڌ جو برک ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجو، سنڌ جي اهڙن قلمڪارن جي صف ۾ پهرين نمبر تي آهي جن پنهنجي ڌات ۽ قلمي پورهئي سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اعلى مقام حاصل ڪيو. سندس جنم پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو. جتي هُن زندگيءَ جي شروعات سال گذاريا ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم مڪمل ڪئي، سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي هئي. پر هُن پنهنجي زندگي پنهنجي حاصل ڪيل تعليم جي ابتڙ ادبي حيثيت ۾ گذاري ۽ ان ۾ ئي نالو پيدا ڪيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار کان وڌيڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار واري رهي.
هن ڊارمه نويسيءَ ۾ شروعات ريڊيو ناٽڪن کان ڪئي ۽ بعد ۾ ٽي وي ڊرامن طرف وريو. سندس ڊراما ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي مقبول ٿيندا ويا پر اڳتي هلي ٽي وي تي پيش ٿيندڙ سندس ڊرما مقبوليت جي انتها تي پهچي وئي جنهن ڪري سندس سڄي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ مڃتا ٿي. سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ماڻهو اڄ تائين وساري نه سگهيا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۲ اردو ڊراما لکيا. هن ٽي وي تي جيڪي به ڊراما لکيا انهن نه صرف سندس لاءِ مقبوليت جا در کولي ڇڏيا پر انهن ڊرامن جي ڪري کيس مڃتا طور تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا ۽ انهن ڊرامن ۾ جن به ڪردارن کي هُن پيش ڪيو اهي ڪردار اهڙا ته انمول هيا جو عوام جي دلين ۾گهر ڪري ويهي رهيا ۽ ماڻهو عام زندگيءَ ۾ انهن ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ لڳا.
هُن ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊراما ۽ ۷ سنڌي ڊراما سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊراما ۽ ۱۵ ڊراما سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيل (ديوارين)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده شامل آهن جيڪي تمام گهڻو  مقبول ٿيا. عبدالقادر جوڻيجو  اهڙو ليکڪ هو جنهن وٽ ڪنهن شاهڪار، مصور جيان لفظن جا پڪا رنگ هُئا، هُو پنهنجي ليک جي ڪينواس تي اهڙا نقش ڇٽي ڇڏيندو هو جيڪي پڙهندڙ توڙي ڊراما ڏسندڙ جي ذهن ۾ پيا ڦرندا هُئا. سندس ڊراما نه صرف پاڪستان پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊراما سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر هيلني باسو جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ديوارين بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل سيڙهيان آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل پرانده پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو.
عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:واٽون راتيون ۽ رول (ڪهاڻيون) ۱۹۶، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا) ۱۹۷۹، ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۴، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو) ۱۹۸۴، سونو روپو سج (ڪهاڻيون) ۱۹۸۶
ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو) ۱۹۸۷، ڪُرسي (ڪالم) ۱۹۹۸، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو) ۱۹۹۹، خط ٻن اديبن جا (خط) ۱۹۹۹، در در جا مسافر (ثقافتي اخلاقيات) ۲۰۰۱، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو) ۲۰۰۲، ڇا لکان (ڪالم) ۲۰۰۷ع عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويا. تمام ڊگها ڪالم لکندڙ عبدالقادر جوڻيجي جو لکڻ جو انداز اهڙو ته ڀلو ۽ تجسس وارو هوندو هو جو پڙهندڙ ڪالم کي پورو ڪري ساهه پٽيندو هو. سندس ڪالم مختف اخبارن ۾ سياسي، سماجي ۽ حالات حاضره تي ڇپجندا رهيا، جن ۾ ڄاڻ سان گڏ تحقيق ۽ صحتمند تنقيد جو پهلو به شامل هوندو هو.
سندس ڪم جي مڃتا عيوض کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه خاص هيٺ ڏجن ٿا:حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۱۹۸۹، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ – ۲۰۰۷، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۳ (ديوارين) سيريل، ساليانو بهترين ليکڪ جو پي ٽي وي ايوارڊ – ۱۹۸۵ (ڪاروان) سيريل، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ – ۱۹۸۹، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ ۱۹۸۸ کان ۱۹۹۸ (ڄار) سيريل، ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي ايوارڊ – ۱۹۹۹سنڌ جو هي ناليوارو ليکڪ هاڻ اسان ۾ نه رهيو آهي پر سندس لکڻيون سدائين اسان کي سندس ياد ڏيارينديو رهنديون.




عبدالقادر جوڻيجو
مينهن وساڙي جهڙي ماڻهوءَ جي موڪلاڻي
علي نواز آريسر
سنڌ اڄ هڪ ذهين انسان کان محروم ٿي وئي. اهڙو ذهين، جنهن ٿر ۾ جنم ورتو، پر سڄي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن ڪهاڻيون لکيون، ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، يادگيريون لکيون، اخبارن لاءِ ڪالم لکيا ۽ بي پناه عشق ڪيا ۽ پاڻ هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو.
عبدالقادر جوڻيجي، ٿر جي واريءَ جي ڀٽن جي وچ ۾، هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺيءَ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ مريد حسين جوڻيجي جي گهر ۾، پهرين نومبر ۱۹۴۵ع تي اک کولي. ٿر جي واريءَ ۾ بانبڙا پائيندي، واريءَ جا گهر ٺاهيندي، چڙن جي چُونگار کي هينئين سان هنڊائي وڏو ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن، ۽ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سندس والد پوليس آفيسر هو. ۱۹۶۲ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پڙهائڻ لڳو. ڪيترا ئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهائڻ ويندو هو ۽ رستي جي سفر ۾ واريءَ جي ڀٽن، ڏهرن ۾ چرندڙ ڍڳين ۽ ٻڪرين، رڍن سان ڪچهريون ڪندي اسڪول پهچندو هو، ته سندس ذهن ۾ افسانو جڙي پوندو هو. ائين هن افسانا، ڪهاڻيون لکندي سنڌ جي ڏاهي، محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتابت شروع ڪئي، ۽ پنهنجا افسانا جويي صاحب کي موڪليندو رهيو؛ ۽ جويو صاحب سندس رهنمائي ڪندي، اُهي افسانا مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپائيندو ۽ کيس خط لکي همت افزائي ڪندو رهيو. ايئن هن افسانا ۽ ڪهاڻيون لکندي بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجيءَ جون ڊگريون ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
۱۹۷۶ع تائين پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين ۽ ان دوران نواب حيدر علي لغاري ۽ شوڪت حسين شوري سان خط و ڪتابت به هلندي رهي. اڳتي هلي پاڻ سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو. ڄامشوري جي افسانوي سرزمين سندس اندر ۾ سُتل ڪهاڻيڪار کي جهنجهوڙي جاڳايو ۽ ڏات جي ديوي مٿس مهربان ٿي، ۽ جوڻيجو صاحب لکڻ کي عبادت سمجهي پابنديءَ سان فرض ادا ڪندو رهيو. جوڻيجي صاحب جو سنڌ يونيورسٽيءَ وارو دور هڪ شاندار دور چئي سگھجي ٿو، ڇو ته هتي هن جو گھڻو وقت سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ڀلوڙ نثرنويس غلام رباني آگري سان گذريو ۽ سنڌي ادب جي هن ٽه-مورتيءَ، سنڌ کان علاوه پوري دنيا جي ادب تي طويل بحث ڪيا، راتين جون رولاڪيون به سندن حصي ۾ آيون ته خوبصورت نيڻن جا اسير به بڻيا. عبدالقادر جوڻيجو سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر ٿيو، جتي ۲۰۰۵ع تائين فرض نڀايائين؛ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجو وقت خوبصورت نموني ۽ خوش اسلوبيءَ سان گذاريائين. منهنجي ساڻس ملاقات سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي.
ٿيو هيئن جو هڪڙي ڀيري آريسر صاحب ماٺيڻي اوٺي جي ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٿارٽي ويو هو، جتي ڪچهريءَ دوران منهنجي نوڪريءَ جو چيو هئائين؛ جنهن تي جوڻيجي صاحب چيو ته کيس صبح جو موڪلي ڏي. پوءِ ٻن مهينن کانپوءِ آئون حيدرآباد آيس، ۽ ڌڻي بخش سولنگي ۽ شهيد روپلي چولياڻيءَ سان گڏجي ملڻ ويس؛ پهرين ته ڪيترا ئي انومان ذهن ۾ ايندا رهيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ملندو الائي نه؟ ڪهڙي موٽ ڏيندو، ايئن سوچن جي ساگر ۾ ٻڏندي ترندي جوڻيجي صاحب جي آفيس تائين پهتاسين، بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ اطلاع جي اندر داخل ٿياسين، ته پاڻ اُٿي بيهي مليو ۽ اسان کي ويهڻ جو چيائين؛ ۽ يڪدم گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي چانهه جو چيائين. پاڻ حال احوال ورتائين. جڏهن ٻڌايومانس ته ”سائين آريسر صاحب موڪليو آهي، نوڪريءَ جي لاءِ آيو آهيان“ ته پاڻ چيائين؛ پُٽ اِداري جي بجيٽ تمام ٿوري آهي، ۳۰۰۰ روپيا پگهار تي ڪانٽريڪٽ تي آئون تو کي ملازمت تي رکي سگهان ٿو. مون چيو؛ سائين مون کي منظور آهي، ته چيائين؛ ڏهن ڏينهن کانپوءِ فون ڪجانءِ. ايئن پنهنجو موبائيل نمبر پني تي لکي ڏنائين ۽ مون کان به نمبر لکائي ورتائين. مون وٽ ان وقت موبائل ڪو نه هو، سو گهر جو نمبر لکي ڏنم. ايئن ان ڏينهن اسان ۲ ڪلاڪ مسلسل ڪچهري ڪئي. مون کي هيءُ ماڻهو انتهائي پيارو، نفيس ۽ محبتن جو وهندڙ درياھ محسوس ٿيو. سندس محبت ڀريون ڳالهيون ٻڌندا رهياسين، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موڪلايوسين.
اهڙيءَ ريت مون کي هفتو کن حيدرآباد ۾ لڳي ويو، ڇو ته قسمت سان اچڻ ٿيندو هو، ان ڪري يارن دوستن مان نڪرڻ به ڏکيو هو؛ هفتي کانپوءِ گهر پهتس ته گهروارن ٻڌايو؛ عبدالقادر ۵ ڀيرا فون ڪري چڪو آهي! مون فوري طور فون ڪئي مانس، ته پيار مان چيائين بابا ڪٿي آهين؟ ڪيتريون فونون ڪيون اٿمائين! چيو مانس سائين حيدرآباد ۾ ئي هئس، اڄ ئي واپس پهتو آهيان، ته چيائين صبح جو ئي اچ ۽ نوڪري جوائن ڪر! ايئن ٻئي ڏينهن اٿارٽي پهچي نوڪري جوائن ڪيم. ڪم کي لڳي ويس. ڪافي ٽائيم گذري ويو، ساڻس ملڻ لاءِ به نه ويس. هڪ ڀيري آريسر صاحب ملڻ آيو ته شڪايت ڏنائين، ته مون وارو ڀائٽيو ملڻ به ناهي ايندو! آريسر صاحب مون کي دڙڪو ڏيندي چيو ته جوڻيجو صاحب شڪايت پيو ڪري. چيومانس؛ سائين! جوڻيجو صاحب چوندو ته آئون روزانو گهر وڃي ڪچهري ڪري ايندس، باقي هتي آفيس ۾ ملندس ته چاپلوسيءَ جو ٺپو لڳندو. واقعي ڪنهن آفيسر سان ويجهو رهڻ به وڏي ۾ وڏو عذاب آهي. هڪ سال تائين ڪچي ملازمت ۾ ڪم ڪيم. هڪ سال کانپوءِ پاڻ مون کي جونيئر ڪلارڪ طور ريگيولر ڪيائين، ۽ ان ڏينهن چيائين ته واعدو ڪر، ته هن آفيس ۾ پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندين ۽ سٺي عهدي تي پهچندين.
۲۰۰۸ع ۾ پاڻ اٿارٽيءَ مان هليو ويو، سچي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ ماڻهو مون کي ڪامورو بلڪل نه لڳو؛ انتهائي پيار ڪندڙ انسان لڳو. ۲۰۰۹ع ۾ مون جڏهن آريسر صاحب جو ڪتاب ”زندگي، آزادي ۽ محبت“ پئي ڇپايم ته جوڻيجي صاحب کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ ويس، دروازي تي پهچي اطلاع ڏنم ته پاڻ نڪري آيو ۽ وٺي وڃي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريائين ۽ دڙڪو ڏيندي چيائين، تون ڌاريو آهين جو دروازي تي بيهي رهين؟ سچ ته آئون پنهنجي لاءِ اهو اعزاز ٿو سمجهان جو هُن مونکي ايترو پنهنجو سمجھيو، ڇو ته اسان جي هن سماج مان ڏينهون ڏينهن پنهنجائپ جو تصور ئي ختم ٿيندو وڃي. ڪافي ٽائيم ڪچهري ڪئي سين، چانهه وغيره جو دؤر به هليو. مون جڏهن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته پاڻ مون کي چيائين ته بابا آريسر صاحب کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪتاب جي مهاڳ لکرائڻ جي! توهان دنيا جي وڏن ليکڪن جا ڪتاب پڙهو، اهي پنهنجي ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکندا آهن؛ پر پوءِ به مون کي خوشي آهي ته آريسر صاحب جي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي وئي آهي؛ آئون ضرور لکندس. پوءِ هفتي اندر شاندار مهاڳ لکي ڏنائين. ان ڪتاب جو انتساب به آريسر صاحب عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي. جوڻيجو صاحب آريسر صاحب کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. جوڻيجي صاحب جون علمي، ادبي خدمتون به تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ لکڻ جھڙيون آهن. سندس ڪهاڻين، افسانن، خاڪن ۽ ترجمي جا ۱۳ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن جو وچور هن ريت آهي: واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: ۱۹۷۳ع) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: ۱۹۷۹ع) ويندڙ وهي لهندڙ سج (ڪهاڻيون: ۱۹۸۴ع) وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو: ۱۹۸۶ع) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: ۱۹۸۷ع) ڪرسي (ادب، تعليم، ميڊيا ۽ ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: ۱۹۹۸ع) ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو: ۱۹۹۹ع) خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خط: ۱۹۹۹ع) دَرَ در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: ۲۰۰۱ع) وڻ وڻ جي ڪاٺي (۲۰۰۲ع) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: ۲۰۰۷ع) ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (۲۰۱۰ع). ادب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀوت (۲۰۱۴ع)
عبدالقادر جوڻيجي جا هي سمورا ڪتاب انتهائي اهم ۽ ڄاڻ جو خزانو آهن. ان کان سواءِ پاڻ ٿر جي ريگستان تي انگريزيءَ ۾ هڪ ناول به لکيائين. جوڻيجي صاحب لکڻ جي شروعات افساني کان ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي ڪهاڻي ۽ ڊرامي جي صورت ۾ ادب تي ڇائنجڻ لڳو. سندس پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سُور آهي، جيڪا ۱۹۶۳ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. کيس نه صرف سنڌ، پاڪستان ۾ پر ڀارت، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊرامي نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا ملي. پاڻ ريڊيي لاءِ به ڪيترائي ناٽڪ لکيائين. سندس پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا، جن کي تمام گهڻي موٽ ملي. ۱۹۷۶ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس ۱۶ کان وڌيڪ سنڌي ۽ ۱۶ اُردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيا. اردوءَ ۾ سندس ۱۳ ڊراما پي ٽي وي ۽ ٻين چئنلن تي رليز ٿيا، جن ۾ ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دُک سُک، پرانده ۽ ڌول عالمي شهرت ۽ مڃتا ماڻي. سندس ٽي وي سيريل ڇوٽي سي دنيا تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ، ڊاڪٽر هيلن باسو (DR. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چُڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چُڪو آهي. سندس سنڌي ڊرامي ”راڻي جي ڪهاڻي“ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو انهي سيريل جي واکاڻ ڪندي ڍاپن ئي ڪو نه ٿا؛ ۽ ساڳي سيريل اردوءَ ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ اردو ڊرامي نگاريءَ تي پنهنجي ڇاپ ڇڏيائين. ان بعد (B.B.C) چئنل- ۴ تان انگريزيءَ ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. هيءَ ڏکڻ ايشيا جي پهرين سيريل هئي، جيڪا (B.B.C) تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. ان کان علاوه سندس ڊرامي ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ به مڃتا ماڻي. اهڙيءَ طرح ٽي وي ڊرامو ”پرانده“ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (U.A.E) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو.
 کيس نه رڳو سڄي سنڌ نالي سان سڃاڻي، پر دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ سندس نالو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ۱۹۸۹ع ۾ پهريون صدارتي ايوارڊ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ ٻيو صدارتي ايوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ڪاروان تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي ٽي وي ايوارڊ، ۱۹۸۹ع ۾ پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ، ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع واري ڏهاڪي جو ايوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان جو ۱۹۹۹ع جو گولڊن جوبلي ايوارڊ (قومي) ملي چُڪا. پر آئون سمجهان ٿو اهي اوارڊ عبدالقادر جوڻيجي لاءِ اعزاز ناهن، بلڪه انهن ادارن ۽ انهن اوارڊن لاءِ اهو اعزاز آهي، جو اُهي عبدالقادر جوڻيجي جي نالي منسوب ٿيا آهن، ڇو ته ڪي ڪي شخصيتون اوارڊن ۽ اعزازن کان مٿانهيون ۽ مانائتيون هونديون آهن، ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو شمار اهڙين شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.
عبدالقادر جوڻيجي ٽي وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو به ڪيو. سندس سڄي زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري آهي، پاڻ ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالاجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل ۱۸ کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه پاڻ مختلف ادارن جو سربراهه به بڻيو، پر پوءِ به هيءُ فقير صفت انسان فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو، پاڻ وڏو ماڻهو ته ٿي ويو، پر وڏ ماڻهپو نه ڪري سگھيو؛ ۽ نه ڪامورو ٿي سگهيو. هيءُ بس يارن جو يار رهيو، اهو ئي سبب هو، جو پاڻ ڪنهن سياسي ۽ ادبي تنظيم جو حصو نه بڻيو. هيڏو وڏو عالمي شهرت رکندڙ اديب هئڻ جي باوجود، ادبي سنگت جي لهه وچُڙ ۾ نه آيو، ڇو ته هي سماجي روايتن جو امين هو، ڪنهن به سياسي ادبي تنظيم جو حصو بڻجي، هن پنهنجي پاڻ کي وڃائڻ کان بچائيندي رشتن جو ڀرم رکيو هو. هي مينهن وساڙي جھڙو پيارو ۽ نفيس انسان سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوقين، سٺي پرفيوم استعمال ڪندو ته هر شئي نهايت ئي عمدي قسم جي هوندي هئي. اڪثر ڪري ايراني ليٽر پيڊ ۽ شيفر پين سان لکندو هو، سندس اکر ڪنهن ڪاتب جي اکرن کان به سٺا هوندا هئا. مُٺ تي سگريٽ پيئندو هو ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي دونهون هوا ۾ اُڏاري ڳالهائڻ شروع ڪندو هو سڄي دنيا جو ادب پلٽائي ڇڏيندو هو.
پاڻ جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر هو سنڌ سميت سڄي دنيا جي لکين دلين ۾ هميشه زنده رهندو.


لاڪ ڊائون جي اداس گھڙين ۾ اڄ ھن جي ان جڳ کي الوداع ڪرڻ جي ڏکوئيندڙ خبر ملي جنھن جڳ کي برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز سپني سان ڀيٽ ڏني ھئي. گھڙي پل لاءِ ايئن لڳو ته اسان ڪورونا جي زد ۾ آيل دنيا ۾ نه پر نارمل دنيا ۾ رھي رھيا آھيون ۽ اھا نارمل دنيا اھا ھوندي آھي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ايبنارمل ڪري ڇڏيندڙ خبر ان خبر کي سمجھندي آھي جيڪا ڪنھن وڏي ڏاھي ماڻھو جي دکدائڪ موت جي خبر ھوندي آھي. جڏھن ڪا به نارمل دنيا اھڙي خبر ٻڌندي آھي ته پوءِ اھا دنيا رڳو ان سانحي واري خبر جي نتيجي ۾ جيڪا المناڪ ڪيفيت جنم وٺندي آھي تنھن ۾ پاڻ کي رولي ڇڏيندي آھي،پر شايد اڄ ڪورونا جي وبا ۾ وچڙيل ۽ بک کان پاھ ٿيل سنڌ وٽ سندس وڇوڙي جي هن عظيم ڏک کي محسوس ڪرڻ جو موقعو نه ھجي، پر اھا حقيقت آھي ته سنڌ جو اھو ڍوليو جنھن جو نالو عبدالقادر جوڻيجو ھيو سو ڏئون ڏئي اڻ ڏٺل ڍٽ ڏانھن قراري ھليو ويو آ. خبرناھي اھو ڏينھن ڪھڙو ھو جڏھن ھن ٿر جي محبوب مٽيءَ جي پڌر تي پنھنجون اکيون کوليون ھيون، پر تاريخ ۱۳ سيپٽمبر ھئي ۽ ۱۹۴۵ع جو سال ھيو.
ضلعي ٿرپارڪر جي شھر نئون ڪوٽ تعلقي مٺيءَ جي جوڻيجن جي ڳوٺ جنھاڻ جي نصيب ۾ اھا ڳالهه لکجي وئي ھئي ته اھو جيڪو ڇوڪرو ڄائو ھو سو اڳتي ھلي سندن ڳوٺ جا ته ڇا پر پنھنجي ديس جي سڃاڻپ جا نصيب لکندو. چون ٿا ته عبداقادر جوڻيجي جو والد مريد حسين جوڻيجو پوليس عملدار ھو. الاءِ ڇو حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ پوليس عملدارن جا پٽ اڪثر ڪري آرٽ جي ويجھو ڪو نه ايندا آھن حسن جوڻيجي جي پٽ ان روايت کي مٽائي ڇڏيو. علم جا ابتدائي اکر عبدالقادر پنھنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ پرائڻ کان پوءِ عاشقن جي شھر ڄامشوري ڏانھن رخ رکيو جتي ھن مادر علمي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عمرانيات Sociology ۾ ماسٽرس ڪئي. زندگي کي خبر ناھي ته ھن ڊرامي جي اک سان ڪڏھن ڏٺو پر ٿوري وقت ۾ ريڊيو لاءِ ۲۲ ڊراما ۽ ۱۱ ڊراما پاڪستان ٽيلي وزن لاءِ لکي جڳ جھان کي حيران ڪري ڇڏيو. عبدالقادر جي ڪتابن پڙھڻ سان سان اھڙي محبت ھئي جھڙي ٽين ايجز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھڪ ٻئي سان ڪندا آھن. انڪري ھن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما جڏھن نشر ٿيا ته انھن جي گونج ملڪ جي سرحدن کي لتاڙيندي وڃي ھن پار پڳي. اڄ به اھي ڊراما ماڻھن جي دماغن مان گھڙي پل لاءِ به نڪتا ناھن. سندس ادبي ڌاڪ جڏھن قائم ٿي ته سندس خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان نه چاھيندي به ۲۰۰۸ع ڌاري ھن کي اھم سرڪاري اعزاز پرائيڊآف پرفارمنس سان پڻ نوازيو..
اھو عبدالقادر جوڻيجو اڄ اسان کي الوداع ڪري ھليو ويو.. سندس تعزيت سنڌ سان گڏ جتي مان مٺي، نئون ڪوٽ ۽ جنھاڻ سان ڪرڻ چاھيان ٿو، اتي روحي بانوءَ جي تربت سان به ڪرڻ چاھيان ٿو.! ڇو ته روحي بانو جو سنڌ جي ھن شھزادي ۾ ساھ ھو.!! استاد الوداع ..
One More Session but you are gone!!!!


عبدالقادر جوڻيجو
ايش ٽري، سگريٽ جو ڦلو ۽ جوڻيجو
سڪندر ھليو
سڄي دنيا جيان ڪورونا جي قهر کان بچڻ لاءِ پاڻ وٽ به لڳايل لاڪ ڊائون جي بوريت کان بچڻ جو شايد واحد وسيلو سوشل ميڊيا ئي وڃي بچيو آهي. ان ڏينھن شام دير سان فون جي اسڪرين اسڪرول ڪندي پياري منظور ميراڻيءَ جي جڏهن اها پوسٽ فيس بوڪ تي نظر آئي ته ”اسان جو پيارو عبدالقادر جوڻيجو به هيءُ جهان ڇڏي ويو“، تنهن کانپوءِ ڪافي دير تائين جوڻيجي صاحب بابت سوچيندو رهيس ۽ سندس ڪيترائي عڪس ۽ لفظ اکين آڏو ايندا رهيا. منهنجي ساڻس ڪڏهن ڪا دوستي يا ويجهڙائي نه رهي، پر مان به ڪافي پڙهندڙن، ٽي وي ڏسندڙن جيان سندس هميشه مداح رهيو آهيان، ڇو جو هن جهڙو شايد ئي ڪو ڪلاسيڪل ماڻهو يا ليکڪ اسان وٽ باقي رهيو هجي. هن جي اصل سڃاڻپ ته ليکڪ ۽ ڊراما نگار واري رهي آهي، پر هو پنهنجي انداز ۽ زندگيءَ ۾ هڪڙو مڪمل پيڪيج هو، جنهن جو هو خود ئي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به هو، ته اداڪار ۽ صداڪار به خود ئي هو. هن اهو اسٽائيل يا انداز خود ٺاهيو هو ۽ مٿس ئي ٺهندو هيو. ڪافي ليکڪ کيس ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اصلي انداز جي ماسٽر ڪاپي رڳو سندس وٽ هُئي. منهنجيون ساڻس زندگيءَ ۾ ٽي ملاقاتون ٿيون ۽ ٽئي ڀيرا رڳو کيس سندس انداز ۽ ڳالهين مٿان ڳالهين جي نه کٽندڙ سندس روانيءَ واري سحر مان سدائين متاثر رهيم. سندس وارن جو اسٽائيل، ڪپڙن جو اسٽائيل، سگريٽ پيئڻ جو مخصوص اسٽائيل اهڙو هو، جهڙو پنجويهه سال اڳ هو، بس عمر جي دغا سبب سندس وار اڇا ٿي ويا هئا ۽ ڪراڙپ ڪري اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تصويرن جيان جوانيءَ مان هو پوڙهو ٿي ويو هيو، پر سندس سگريٽ سو به ھڪ مخصوص برانڊ پيئڻ جو اسٽائيل نه ته ڪو پوڙهو ٿيو، ۽ نه پراڻو! هٿ جي چپٽي سان ٺڙڪو ڪري سگريٽ جو ڦلو ڪرائيندي هو پاڻ سميت ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ڳالهين جا اڻ کُٽ قصا پوئتي ڇڏي ويو.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ڌاري ان وقت ٿي هئي، جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر هو. مان ان وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انيٿراپالاجي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ جنهن ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو هيس، سا سنڌو سڀيتا يعني موهن جي دڙي جي ٺڪرن جي ٿانون جي هزارين سالن جي سفر ۾ اڄ به سنڌ ۾ موجودگيءَ بابت هئي. هڪ يونيورسٽي شاگرد جي حيثيت ۾ ان کان اڳ مان ڄامشوري ۾ ئي انگريزي ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن ته ڪئي هئي، پر جُوڻيجي صاحب سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ساڻس ملاقات سنڌالاجيءَ جي آفيس ۾ ٿي، پوءِ بس جيڪي ٻه لفظ تعارف جا ٿيا سي ٿيا، باقي جوڻيجي صاحب ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ مونکي ان تهذيب، دريائن جي زندگي ۽ موت ۽ صدين کان سنڌ ۾ رهڻي ڪهڻي بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، سي ڪجهه سمجهه ۾ آيون ۽ گهڻي ڀاڱي ڪو نه آيون. ڇو جو هو جنهن سطح تي ڳالهائي رهيو هو، تنهن وقت شايد منهنجو ايترو مطالعو ڪو نه هو يا اهڙي ڪا سُڌ ٻُڌ گهٽ هئي. بهرحال سندس قصه گوئيءَ جو انداز مونکان ڪڏهن نه وسري سگهيو. هن جي ڳالهين ۾ تاريخ ۽ تحقيق جون ڳالهيون گهٽ، پر فڪشن ۽ فئنٽسي وڌيڪ هئي، جنهن جو سحر اڄ به مون مٿان طاري آهي. اهڙين ڳالهين جو انداز ٻئي حوالي سان صرف جاويد ڀُٽي ۾ هو، ورنه اڄڪلهه ناميارا ليکڪ سڳورا انگريزي ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ فهرستون اسڪرين شاٽ ڪري فيس بوڪ تي رکي هر ٻئي چوٿين ڏينهن اعلان ڪندا آھن ته، هو اهو ڪجهه پڙهي رهيا آهن. اهڙن ڪتابن ۾ ڇا آهي يا ناهي؟ ڪاش هو اهو ڏانءُ جوڻيجي جهڙي ماسٽر رائيٽر کان سِکي سگهن ھا! ساڻس ٻي ملاقات ڏهاڪو کن سال اڳ سندس ڄامشوري واري گهر ٿي هئي، جنهن ۾ حسن درس مونکي ساڻ وٺي هليو. حيدرآباد مان شام جو وڃڻ وقت اڳ ئي حسن مشروب مغرب جو بندوبست ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، پيارا اڄ هلي ٿا استاد (جوڻيجي) سان ڪچهريون ڪيون! ان وقت جوڻيجو صاحب نئون نئون رٽائر ٿيو هو ۽ گهڻو ڪجهه لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي رهيو هو. مونکي هن فقط ايترو سڃاتو ته مان ڪاوش ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪالم لکندو آهيان، ۽ بس پوءِ هو شروع ٿي ويو. الائي ڪٿان جون ڳالهيون ۽ ڪٿان جا قصا! ڪنهن ڪنهن مهل لڳو ٿي ته حسن جي انداز ۾ به ڪجهه ڪجهه هن جو اولڙو هو. ٽي وي ڊراما، اداڪار ۽ اداڪارائون، ليکڪ ۽ سندس خفتي يار...هر ڳالهه ۾ هڪ سندس رومانس ضرور هو ۽ ڪا عورت هن مٿان فدا ٿيندڙ هُئي. ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي لکي نٿيون سگهجن، پر ڪنهن يارن دوستن جي ڪچهري ۾ فقط روبرو ٻُڌائي سگهجن ٿيون. هن جو انداز ۽ دلبربائي اهڙي هئي، جو فقط ماڻهو ڪن لڳائي ٻُڌي ئي سگهيو ٿي. جيئن ته انهن مان ڪنهن به ڪردار کي مون ذاتي طور تي نه ٿي سڃاتو، انڪري هر ڪردار هڪ ڪهاڻي ۽ فينٽسي هو، ۽ جيڪو اڄ به آهي. اهو جوڻيجي صاحب جو ڪمال هو، جو هر ڪردار کي هڪ ڪهاڻي ۽ آخر ۾ داستان ۾ تبديل ڪرڻ جي باڪمال سگهه رکندڙ هو. بهرحال مشروب مغرب سان گڏ اسانکي چيز (پنير) بار بار ٽڪرن ۾ ٿي کارايائين ۽ ٻُڌايائين ٿي ته اهو خاص ڪينڊا مان ڪنهن سنگتياڻي کيس موڪليو آهي. پهريان ته چيز ڪو خاص مزو نه ٿي ڏنو، پر پوءِ جڏهن ٻه چار رائونڊ مشروب جا مڪمل ٿيا ته چيز عرف پنير به هڪ اعليٰ رزميه داستان ٿي لڳو. کيس ڪجهه سمهڻو هوم سو هڪڙي وقت حسن اک ڀڃي مونکي اشارو ڪيو ته پيارا فڪر نه ڪر پاڻ ڪڙهائي هلي ڦاٽڪ تي کائينداسين! ان رات مون خود جوڻيجي کي هڪ اهڙو ڪردار، هڪ اهڙي ڪهاڻي، هڪ اهڙو داستان ڏٺو ۽ ٻُڌو جنهن جو ڪو انت، ڪو موت ۽ زوال نه آهي.
جوڻيجي صاحب سان آخري ملاقات پنج ڇهه مهينا اڳ ڄامشوري ۾ ئي سندس گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ٿي، جنهن لاءِ هڪ رات جو اڳ ئي سائين سردار شاهه چيو هو ته سڀاڻي شوڪت شوري کانپوءِ استاد (يعني عبدالقادر جوڻيجي) ڏانهن هلڻو آهي. ملاقات ۾ گهڻي ڀاڱي سائين سردار کيس ثقافت کاتي جون خبرون ۽ هو کيس هتان هُتان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. هو ڪافي سرهو هو ته ايترا دوست سندس خبرچار وٺڻ آيا آهن، پر مان هڪ اهڙو عبدالقادر ڏٺو، جيڪو ڪنهن رڻ جي پن جيان سڄو سُڪي ۽ اڇو ٿي ويو هو، پر سندس مخصوص برانڊ سگريٽ اڃان به دکندڙ هو، هو سڄو ساڳيو جوڻيجو هو، پر پنهنجي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي پوڙهي ڪردار جهڙو هڪ اهڙو انسان ٿي نظر آيو، جنهن وٽ نه ته زندگي گهڻي هئي ۽ نه ڳالهين ۽ قصن ڪهاڻين ٻڌائڻ واري انداز ۾ ساڳيو مزو هو. موڪلائڻ وقت هن فقط ايترو ڪمزوري سان چيو ته، ”مزو نه آيو!“ پر سردار کيس ڪُلهي تي هٿ رکندي چيو، ”استاد وري جلد ملون ٿا!“ وري ملڻ شايد ممڪن نه هو ۽ جوڻيجي صاحب کي هاڪڙي جي مٽي پڻ پڪاريو ٿي. ويندي ويندي هو پنهنجي ذات، لکڻين ۾ هڪ اهڙو ڪردار پوئتي ڇڏي ويو، جيڪو هڪ ئي وقت انتهائي باڪمال آهي، ائين جيئن بچپن ۾ ناني يا ڏاڏيءَ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ۽ جوانيءَ ۾ معاشقا ۽ بيوفايون، ۽ جهور ٿيندي ڏاهپ ۽ سانتيڪيت جو سحر انگريز انداز ڪجهه ماڻهن جي شناخت ٿي ويندو آهي. آخري ملاقات ۾ مون هن کي هڪ ”اسٽل“ ٿيل سين واري انداز ۾ ڏٺو، شايد ان عمر ۾ وقت ساڪن ٿي ويندو آهي ۽ مٽي فقط مدفون ٿيڻ لاءِ آتي هوندي آهي. آخري سين ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ جوڻيجي جهڙن ڪردارن جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي، ڇو ته هن کانپوءِ هاڻي جوڻيجو ڪير سڏائي؟


عبدالقادر جوڻيجو
سنڌ جي سگهاري ليکڪ جو وڇوڙو!
احسان علي لغاري
موبائيل جي گهنٽي وڄي ٿي.... ڏسان ٿو ته سرفراز راڄڙ صاحب جو فون آهي. سلام دعا کانپوءِ چوي ٿو، ”يار احسان ماسات موڪلائي ويو“. کن رکي وري چوي ٿو، ”پڇا ڪريو ته جنازي نماز ڪٿي ٿيندي، لاڪ ڊائون آهي، پر پاڻ کي هر صورت ۾ هلڻو آهي.“
”جي جي سائين، آئون اوهان کي بيڪ رنگ ڪريان ٿو.“
تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ پيارن دوستن کي فون ڪيم، پر خبر نه پئجي سگهي. ڄام شوري جي صحافين کان پڇيم، پر تسلي جوڳو جواب نه مليو. اوچتو خيال آيو، سنڌ ۾ ڪنهن به اديب دوست جي وفات ٿئي، تڏي تي هر صورت ۾ پهريون پهچندڙ شخص محترم تاج جويو صاحب هوندو آهي، فون ڪري پڇيم ته چيائين اوڏانهن وڃان پيو، ٿوري دير بعد ڳالهائجان.“
فون بند ڪندي ئي جوڻيجي صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ منهنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳا، منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿي، جڏهن پاڻ چيئرمئن هئا. مون جهڙي سنهڙي ۽ سيپڪڙي نوجوان جي اندر داخل ٿيندي ئي سائين اٿي ملڻ جي ڪئي ته مون ويجهي وڃي کيس ويهڻ جو چيو ۽ جهُڪي مليس. مون کي خبر هئي منهنجو هيءُ جهُڪاءُ سندس ان عهدي جي ڪري نه پر، اُن شخص اڳيان سلامي آهي، جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ هيرن جواهرن جون منفرد مالهائون عطا ڪيون آهن. هو پنهنجي لکڻين ۽ ڊرامن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. اهڙي شخص اڳيان جهُڪي جيڪا راحت ملي سا لفظن ۾ ٻڌائڻ ٻڌائي نٿي سگهجي.
ايڏو وڏو ليکڪ ۽ ايڏي وڏي اداري جو چيئرمئن هوندي، سندس اهو ڳوٺاڻو انداز ۽ لهجو، جنهن ۾ پاڻ مون کان خوش خير عافيت پڇي. آئون حيران ٿي ويس. مون سندس اڳيان پنهنجا ايڊٽ ڪيل ٻاراڻا رسالا ”گلستان“، ”گلزارِ سنڌ“ ۽ ڪجهه ڇپرايل ڪتاب رکيا ۽ عرض ڪيو ته سائين منهنجي قائم ڪيل اداري ”اين. اي جان فائونڊيشن“ جي سالگرهه جي حوالي سان هڪ سووينئر جاري ڪري رهيو آهيان، توهان کي ان لاءِ پيغام لکڻ لاءِ عرض ڪرڻ آيو آهيان. جوڻيجي صاحب نه صرف پيغام لکي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر مون کي چانهه پيارڻ سميت اڌ ڪلاڪ کن لاڳيتو منهنجي همٿ افزائي ڪندو رهيو. مون کي زندگيءَ بابت سوين مثال ٻڌائيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مون ڏٺو ته سندس سيني ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي بيچيني آهي. ان ڏينهن منهنجي به خوشيءَ جي حد نه هئي، جو آئون اهڙي ڪلاسيڪل شخصيت سان ڪچهري ڪري آيو هئس.
ساڻس آخري ملاقات سرفراز راڄڙ سان گڏ سندس گهر تي ۲۰۱۶ع ۾ ٿي هئي، جتي پاڻ ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي انگريزي ناول The Dead River ۽ ٻين انگريزي لکڻين بابت اسان کي ٻڌايو هو. سندس گهڻو اصرار هو ته ڪاش سنڌ جا اديب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪن. جوڻيجي صاحب ٻڌايو ته هن ناول جي رائلٽي کيس ڊالرن ۾ ٿي آهي، ۽ هو گهڻو خوش ٿيو آهي، جو ٻاهر ليکڪ جو وڏو قدر آهي. سندس خيال اسان کي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻاهرين دنيا کي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪرڻ گهرجي.
انهن سوچن ۾ ئي هوس ته سرفراز راڄڙ جو فون آيو، چيائين ته نڪري اچ جلدي هلون. اسان جوڻيجو صاحب جون ساروڻيون ساريندي ڄام شوري ڏانهن سفر ڪريون ٿا. جوڻيجي صاحب جي گهر اڳيان ڪجهه گاڏيون بيٺل هيون. اسان به لهي گهر اندر داخل ٿياسين. اسان کان اڳ ۾ تاج جويو، مرتضيٰ سيال ۽ چار پنج ٻيا به ماڻهو ويٺل جن کي آئون سڃاڻي نه سگهيس. جوڻيجي صاحب جي ناٺي ساجد قيوم ميمڻ اسان کي هن المناڪ وڇوڙي بابت ڳالهيون پئي ٻڌايون. جوڻيجي صاحب کي آڪٽوبر ۲۰۱۹ع کان جگر جو ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جيڪو کيس اڏوهي جيان کائيندو پئي ويو ۽ آخري وقت تي جگر جون شرنانيون ڦاٽي پيون، کيس رت جون اُلٽيون هليون ۽ هن اسريٰ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. جوڻيجي صاحب ۲ انگريزي ناول لکي مڪمل ڪيا هئا، انهن جي ڇپائيءَ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي پئي، پر ڇپجي نه سگهيا.ڳالهين ڪندي ڪندي تاج جويي صاحب چيو ته عبدالقادر کي هتي دفنائجي ها، جنهن تي ساجد قيوم ميمڻ وراڻيو، جوڻيجو صاحب چوندو هو ته: ”مون کي پٿرن ۾ نه پورجو.“ منهنجي ڪنن تي جڏهن انهن لفظن جو پڙلاءُ پيو ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سوچڻ لڳس ته واقعي عبدالقادر وڏو ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته هتي پٿرن ۾ کيس ڪير سنڀاريندو.
اسان سنڌي بي قدرا آهيون، اسان وٽ پنهنجن محسنن جي سڃاڻ ناهي، ڇاڪاڻ جو سندس وڇوڙي جي خبر باهه جيان پکڙي آهي، پر سندس تڏي تي اسان اٺ ڄڻا ويٺا آهيون، نه ڪو اخبار وارو آهي ته نه ئي ڪو ٽي وي وارو، ڪو دور هوندو هو جو اسان پي. ٽي. وي تي اڌ ڪلاڪ جي پروگرام هلائڻ لاءِ احتجاج ڪندا هئاسين. اڄ ڪيترائي سنڌي ٽي وي چئنل آهن، پر هن بادشاهه ليکڪ جي وفات جو ٻڌي هڪ به چئنل جو ماڻهو ناهي پهتو. ڄامشوري ۾ سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا رهن ٿا، پر اڄ اهي سمورا لاڪ ڊائون جو بهانو وٺي گهر ۾ پاڻ کي لاڪ ڪريو ويٺا هئا. جوڻيجي صاحب ڪيترن ماڻهن کي نوازيو، ڪيترائي سندس دلبر دوست هئا، پر هن آخري وقت تي سڀنيءَ جا پير پنڊ پهڻ بڻجي ويا. اسان ويٺا ئي هئاسين ته ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو به پهچي ويو هو، ڪجهه دوست موڪلائي هليا ويا، جنهن بعد باقي پنج ڄڻا، جوڻيجي صاحب جي بنگلي جي لان جي هڪ پاسي هلڪي اونداهيءَ ۾ سندس سارون ساريون ويٺا هئاسين. لان جي ٻئي هن عظيم انسان کي ”تڙ ڏيارڻ“ جون رسمون ادا ٿي رهيون هيون. هڪ عجيب ڪيفيت هئي، نيٺ تاج صاحب کان رهيو نه ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته ”جيڪر اڄ ڄامشوري جو ڪو سرنديءَ وارو مري پوي ها ته ماڻهن جا هجوم هجن ها، اسان جا اديب به اچي پنهنجون جتيون کسائين ها، پر افسوس آهي جو ايڏي وڏي شخصيت تي اسان جي اديبن کي ايندي پير ٿي ڏُکيا.
وڇوڙو ته هوندو ئي وڍ جيان آهي، پر ڪي وڇوڙا هنيانءُ ۾ اهڙو وڍ وجهي ويندا آهن، جو ورهين تائين اُهو ڏکندو رهندو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جو وڇوڙو به اهڙو وڍ آهي، جيڪو ورهين تائين ياد رهندو.


(روزاني عبرت ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)




عبدالقادر جوڻيجو
سنڌ جي ادبي شنگھريلا جو شھزادو
اعجاز منگي
ھن ٿر جي واريءَ واري ديس مان نڪري
پٿرن جي ان شھر ۾ پناھ ورتي ھئي
جنھن جي لاءِ شيخ اياز لکيو آھي:
“جھومندڙ ھوائن ۾، رات ڄامشوري جي
ڪنھن رباب وانگرآ!
عمر ايئن اڏامي ٿي، ڄڻ پکي پرن تي آ
وقت خواب وانگر آ!”
منھنجي ھن سان پھرين ملاقات
 اتي ئي ٿي ھئي
اھو ئي ڄامشورو
جتي ڏينھن جھنم ۽ رات جنت جيان ھوندي آ
کيرٿر پھاڙن تان پلٽجندڙ تيز ھوا
۽ ان ۾ رقص ڪندڙ نم ۽ سرنھن جا وڻ
ھو منھنجو پاڙيسري ھو
اسان جي گھرن سامھون
سرنھن جا ساوا وڻ ھئا
جن مان زرد ڦول ڇڻندا ھئا
ان وقت سارنگ عبدالقادر جي ڌيءَ
عائشہ جي ھنج تي ھوندو ھو
ھاڻي ته ان کان ٿورڙي ننڍي
ھن جي پنھنجي ڌيءَ
عائشہ منگي آھي!!
“عمر ايئن اڏامي ٿي
ڄڻ پکي پرن تي آ”
ان وقت قادر جوڻيجي جو پٽ
نصير به ننڍڙو ھيو
نصير ته ان وقت رانديڪي جيان
قادر جوڻيجي جي ھنج ۾ ھوندو ھو
ھا پر جڏھن آگسٽ جي مھيني ۾
ڄامشوري جي مٿان مون سون جي موسم
نيسارا بڻجي پنھنجو پاڻ کي اوتيندي ھئي
ھا جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جون گھٽيون
پھاڙي نين وانگر گجگوڙ ڪري وھنديون ھيون
تڏھن ڀت جي ڀر ۾ آھستي آھستي پير رکي
ھڪ گھر ڇڏي
مان ٻي گھر جو ڪڙو کڙڪائيندو ھئس
۽ اھو گھر ھوندو ھو
ان عبدالقادر جوڻيجي جو
جيڪو نمبر ۶ جا سگريٽ
۷ سوٽن تائين نه ڇڪڻ چاھيندو ھو
ھو برسات ۾ گھميل ھوا ۾
آلي پڌر تي چانھن جي ڪوپ تي
سگريٽ جو سوٽو ھڻي
علاقائي عشق ۽ عالمي ادب تي
ڪنھن جھوني قصہ گو جيان
ڳالھيندو رھندو ھو
اھي ڪچھريون قلمبند ڪرڻ ڪو قرض
ھي ڪراڙو ڇوڪرو اڄ پنھجن ڪلھن مٿان
ڪجھ گھڻو ئي محسوس ڪري رھيو آھي
ھي راقم الحروف ھن وقت به اھو فيصلو
نھ ٿو ڪري سگھي تھ:
“ھو اديب ۽ ڪالم نگار ھو
يا سنڌ جو يگانو قصہ گو؟”
ھو جڏھن آڱرين ۾ قابو سگريٽ کي
مٺ معرفت ڇڪيندو ھو ۽
ھڪلي کنگھ کان پوءِ
پنھنجن سلڪي وارن کي ڇنڊڪو ڏئي
ڪڏھن اورنا فلاچي
۽ ڪڏھن روحي بانوءَ جو تذڪرو ڪندو ھو
تڏھن ڄامشوري جي ھوا ۾
ڪجھ مينھن، ڪجھھ نينھن ۽ ڪجھ
تماڪ جي خوشبو اڏرڻ لڳندي ھئي!!
ھو تمام مھذب ۽ تمام بي تڪلف انسان ھو
ھو گلوبل مامرن کي لوڪل بڻائي سمجھائيندو ھو
ھن ڪڏھن نه چيو
پر ھو اديب سان گڏ
سنڌ جو سوشل سائنسدان ھيو!
ھن وٽ خاڪن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب ھئا
پر ھن کي تمام گھڻو پسند ھو
پنھنجو اڻ ڇپيل ناول:
“سو ديس مسافر منھنجو ڙي”
ھن جو ديس ڪھڙو ھيو؟
ڄامشورو؟
يا ٿر....؟؟
اھو ٿر جنھن ۾ ھاڪڙي جي ھنج ۾
ھڪ ڄار جي وڻ ھيٺان
ھو ايئن سمھي رھيو آ
جيئن ابن انشاءَ جو ھي شعر
“بند ھوئي جاتي ھين آکھين
ڪہ پسارين پائون
نيند ڪي نيند
ھمين اب نا اڻھانا لوگو”
ھيءَ سنڌ بيخبريءَ جي جھان ۾
جيئڻ جو جرم ڪري رھي آھي!
ھن کي ڪھڙي خبر ته:
“عبد القادر جوڻيجو ڪير ھو؟”
ھو منھنجي گھر جو ڀاتي ھو
مان ھن جي گھر جو ڀاتي ھوس
۽ اسان رات جي اڳين پھر ۾
ڄامشوري جي انھن آلن روڊن تي
رولاڪيون ڪندا ھئاسين
جن مٿان برسات کان پوءِ
ڏيڏر بي سرا راڳ ڳائيندا ھئا
ان دور ۾ ڄامشورو سنڌ جي
ادبي شنگھريلا ھيو
ان وقت نه صرف ادب دوست آفيسرن
جي بنگلن پر ادب جي اسير نوجوانن
جي ھاسٽل وارن ڪمرن ۾
امر جليل جي ڪھاڻين تي
نه کٽندڙ ڪچھريون ٿينديون ھيون.
۽ ڄاموشوري جي پٿرائين پٽ تي
ھلندو نظر ايندو ھو اھو علي بابا
جنھن کي سنڌ جي ادبي دنيا
پاڳل قرار ڏئي ڇڏيو ھو
۽ انھن ئي واٽن مٿان
اھو امداد حسيني به ھلندو نظر ايندو ھو
جنھن لکيو ھو
“زندگي ھيءَ چند سوٽن جيتري”
ڇا اھو ڄامشوري جو شھر ھو؟
يا اھو سنڌ جي ادب شنگھريلا
جو آخري روپ ھو؟
خالد جوڳي......
او خالد جوڳي!
زندگي ڪٿي ھئي؟
جيڪڏھن سنڌي ادب جي
شنگھريلا ۾  نه
ته پوءِ آخر ڪٿي ھئي؟

زندگي پگھارن ۽ پھاڙن کان پري
ان ديس ۾ ھئي
جنھن ديس جي صدا ڏيندو رھيو
اھو شخص
جنھن جي باري ۾
اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي
ته ھو وڏو انسان ھو يا وڏو اديب؟
اھو فيصلو سنڌ جي سياسي
۽ ادبي تاريخ کي ڪرڻ ڏيو!!
۽ شايد اھا فيصلو نه ڪري سگھي
پر ڪو ته مورخ اھڙو به پيدا ٿيندو
جيڪو سنڌ جي نئين تاريخ قلمنبد ڪندو
۽ اھو ڄامشوري ۽ ھن جي حوالي سان لکندو
“ھو سنڌ جي ادبي شگھريلا جو
شھزادو ھيو
ھن جو عالمي ادبي ذوق
۽ ھن جي تخليق جي اڏام
“ڌرتي ڪيڏي ننڍڙي آھي
ڄڻ ڪنھن وھ جي ڳنڍڙي آھي”
شيخ اياز کان پوءِ
سنڌ جو ادبي اھو ادبي شنگھريلا
لٽجي ويو
اھو شنگھريلا جنھن جو شھزادو ھو




عبدالقادر جوڻيجو
مئل نديءَ جو زندھ ماڻھو
نثار کوکر
حياتي جي رڻ ۾ رلندي ڪي ڪي حادثا اهڙو ته سنڌائتو ڌڪ هڻي وجهندا آهن جو ماڻهو چيلهه جهلي بيهجي ويندو آهي ۽ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ان حادثي جي تعزيت ڪنهن سان ڪجي. ان ڏينهن ڪنهن دوست فون ڪري مون سان جوڻيجي صاحب جي تعزيت ڪئي ته مون کيس ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو ته اسان جو ته ڄامشوري مان سهارو ئي هليو ويو، هن رسمي دلداري ڏيندي چيو يار دنيا ۾ انهن غمن سان رهڻو ٿو پوي، پر کيس ڪيئن سمجهايان ها ته عبدالقادر جوڻيجو منهنجي لاءِ ڪيڏي نه وڏي آٿت هئي. جوڻيجو صاحب حيدرآباد جي ان ادبي عروج واري زماني ۾ به پنهنجي مٺ تي سگريٽ ۽ وڏن پائنچن واري شلوار سبب مقبول هو جڏهن ڪيفي جارج تي ماڻڪ، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا اديب اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻوڪي نسل کي شايد حيدرآباد واري ڪيفي جارج جي ايتري خبر نه هجي پر اسان آخري ڀيرو ان ڪيفي ۾ حليم بروهي سان گڏ سيپريٽ چانهن پي ان ڪيفي جي اداسي تي ڪچهري ڪئي هئي. منهنجو ساڻس غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو هو جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ چاچي غلام رسول پاريچي جي گهر اندر بليڪ ائنڊ وائٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ اسان پي ٽي وي جا ڊراما ڏسڻ ڳوٺ جي بقايا ٻارن سان گڏجي وات ڦاڙي ويهندا هئاسين. هونئن ته اسانکي کٽن تي ويهاريندا هئا پر جيڪڏهن رش وڌي ويندي هئي ته اسان پٽ تي ويهي مرحوم لاشاري صاحب جي اداڪاري ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين. اتر سنڌ جي ان پٺتي پيل ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو جڏهن گريجوئيشن بعد ماسٽرس ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي پهتو ته سمجهو ڪيترو نه وائڙو هوندو، پر ان سموري ڳوٺاڻي وائڙپ جي باوجود ان پٿريلي شهر ۾ جيڪڏهن اسان ڇيڳرن جا ڪي انگل آرا کنيا ته اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو.سندس سنڌيالوجي واري آفيس ته اسان جي اوطاق هوندي هئي جتي هو پنهنجي لکڻ وارو ڪم گهٽ ڪندو هو پر ڪچهري مزي سان ڪندو هو. ان زماني ۾ اسان جهڙن نوجوانن سان هو نوجوان ٿي ويندو هو ۽ روحي بانو جي عشق کان ويندي شيرين پاشا جي عشق تائين اهڙيون ته ڳاليهون چسڪي سان ڪري ٻڌائيندو هو جو اسان جا وات گودو بقول سندس اک نه ڏسي گوڏي کي. سندس ڳالهيون ٻڌي اسان وري هاسٽل اچي پنهنجو پاڻ ۾ اهي ورجائيندا ۽ حسرت ڪندا هئاسين ته يار ڊراما رائيٽر جي ته وڏي لئه لڳي پئي آهي. ساڻس حجت ڪري سندس ڊرامن جا مسودا کڻي ويندا هئاسين ته اهي ڏسي اسان به اهڙا ڊراما لکون. هو هر تخليقي ۽ پاڙهو ذهن واري نوجوان کي همٿائيندو هيو. اهو جوڻيجو صاحب ئي هيو، جنهن حسن درس کي الهڙ جواني ۾ وڃي لاهور جي مشاعري ۾ لاٿو هيو ۽ ڊنهل جو سگريٽ مٺ تي ڇڪي لاهوري اديبن کي چيو هيائين؛ اسان وٽ چوڻي آهي پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا، سو مون به هڪ ڏنگو شاعر لاٿو آهي ميدان تي. حسن درس ئي ڇو طارق عالم ابڙي جي جڳ مشهور ناول جو مهاڳ جڏهن ڪير به نه پيو لکي ته اهو جوڻيجي صاحب ئي لکيو ۽ طارق کي ڀانئيندو به هيو. منهنجي ڪتاب مسافر محبتون جو هن نه رڳو مهاڳ لکيو پر اهو مهاڳ ڪنهن ليڊنگ سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي ليڊ آرٽيڪل طور لڳرايائين. اهو مهاڳ پڙهي مونکي محسوس ٿيو ته جوڻيجي صاحب جي مشاهدي جي اک ڪيتري نه تيز آهي جو هن منهنجي ننڍڙين اکين کان ويندي چپن کي چڪ هڻي الا.. چوڻ وارين عادتن جو سالن تائين گهرو مشاهدو پئي ڪيو آهي.
جوڻيجي صاحب وٽ ڪو به تڪلف نه هوندو هيو ۽ انڪري اسان ڪنهن نه ڪنهن شام وڃي سندس دروازي تي بيهندا هئاسين پر سندس دروازو اسان تي ڪڏهن بند نه ٿيو. سندس قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ جو انداز ئي ايترو دلچسپ هوندو هيو ته اهو انگريزي ناول نگار محمد حنيف توڙي نفيسا شاهه پياري حسن مجتبيٰ سميت جڏهن نيوز لائين ميگزين ۾ هوندا هئا ته جوڻيجي صاحب وٽ سندن ڀير هوندا هئا. انهن کي اسٽوري جوڳين تي ڪرڻي هجي يا جتن تي پر واپسي ۾ جوڻيجي صاحب کان ماهراڻي راءِ ضرور وٺندا هئا. پنهنجي قصن ڪهاڻين ۾ رڳو پاڪستان جي صحافين سان نه پر عالمي محققن سان به سندس ويجهڙائي واريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ڪنهن زماني ۾ وٽس هڪ جاپاني محقق عورت آئي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ جانورن سان سيڪس ڪرڻ واري عجيب موضوع تي ٿيسز ڪري رهي هئي.
جوڻيجي صاحب جي من جيڪو ايندو هيو سو ڪري ڇڏيندو هيو جنهنڪري ڪجهه موقعن تي مٿس تنقيد پڻ ٿي پر انهن تنقيدن بابت سندس جواب ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا. اسي واري زماني ۾ کيس ڊرامي تي ان وقت ايوارڊ مليو جڏهن جنرل ضياءَ ملڪ جو صدر هيو، جوڻيجو صاحب اسلام آباد ويو ۽ کانئس ايوارڊ وٺي موٽي آيو، سندس ان قدم تي وڏي تنقيد وڏو هل ٿيو پر سندس جواب ڏاڍو معصوماڻو هيو ته يار مون ڪڏهن صدارتي هائوس ڏٺو ڪو نه هيو، نه جهاز ۾ چڙهيو هئس سو ايوارڊ بهاني اهي ٻئي ڪم ٿي ويا، هونئن به ليکڪ کي طوائف جي ڪوٺي کان ويندي صدارتي محل تائين سموريون جايون ڏسڻ گهرجن.هو پنهنجي اندر ۾ وڏا قصا رکندڙ فرد هيو.سندس ڪچهري مان ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿبو هيو. اسان ادب جا پيرين اگهاڙا پانڌيئڙا جڏهن سندس عالمي ادب بابت ڪچهري ٻڌندا هئاسين ته دنگ رهجي ويندا هئاسين، اهي اوريانا فلاسي اهي خوشونت سنگهه اهي گراهم گرين انهن سڀني سان تعارف جوڻيجي صاحب ڪرايو. هو ڳالهه ڳالهه ۾ اهڙن اهڙن ليکڪن جي ڪتابن يا ناولن جا ذڪر ڪندو هيو جيڪي اسان ڪڏهن نه پڙهيا نه ٻڌا، پرانهن جي لکڻين کان ويندي انهن جي عادتن تائين ايئن چس وٺي ڪچهري ڪندو هيو ڄڻ اهي ساڻس ڪالهه مليا هجن، اهو فلاڻو اهو وڏو جواري آهي ٽاپ جو سگار پيئندو آهي وڏو رول آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پر جڏهن به پئسا کٽندا اٿس ته ڪيسينو مان ئي پنهنجي پبلشر کي فون ڪندو آهي ان کان ناول لکڻ جو ايڊوانس وٺي وري جوا ۾ اڏائي ڇڏيندو آهي، اها فلاڻي اها ته وڏي گاگهه چرسي آهي انڊيا وئي اتان جي خانه بدوشن تي ڪتاب لکڻ ته اتي ئي مهينن جا مهينا ترسي پئي جتن سان گڏ پئي اٺ ڏاچيون هڪليندي هئي. اهڙا قصا اهڙيون ڪهاڻيون جو سندس ڪچهري مان اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پر اسان غم جانان سان گڏ غم دوران ۾ ڦاٿل جيڪڏهن گهڻو وقت ساڻس ملڻ نه وڃون ته جنهن به اخباري اداري ۾ نوڪري ڪيون اتي ٽيليفون ڪندو ۽ پورو حال احوال وٺي ٻيهر ڪڏهن اچڻ جو پڇي پوءِ فون رکندو. سندس صحبت اڪثر نوجوانن سان هوندي هئي تنهنڪري اسان مان هرڪو اهو سمجهندو هيو ته جوڻيجو صاحب منهنجو گهڻو خيال رکندو آهي.حسن درس جي ته نڪاح جي گواهن ۾ شامل هيو پر اسان جيڪڏهن ڪنهن به محفل ۾ ڪا بدمزگي ڪئي ته اها هن شينهن مڙس سنڀالي ورتي. ڪجهه سال اڳ ڄامشوري ۾ هڪ دوست جي نئين بنگلي جي خوشي ۾ پارٽي هئي، سندس لان ۾ راڳ ويراڳ جي ڪچهري رکيل هئي، ديبا سحر پنهنجي مڙس سميت آيل هئي، جنهن محفل ۾ موجود اسان جي هڪ شاعر دوست جي شاعري ڳائي ته ان شاعر داد ۾ اٿي وڃي کيس اڌ بچيل شامي کارائي ۽ کانئس وسريل بند ٽشو پيپر تي لکي ڏيندو ويو، ان محفل ۾ حجت مان ديبا جي مڙس ممتاز بخاري ۽ مونکي ٻانهن کان وٺي ڪرسين تان اٿاريو ۽ جهمر هڻڻ لاءِ چيو ته اسان اڃان هٿ مس کنيا هوندا ته جوڻيجو صاحب پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو ۽ مونکي ٻانهن کان جهلي دڙڪو ڏئي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندي چيائين؛ ”اجايو پنهنجو تماشو ڇو پيو ٺاهين. فضليت سان ويهي راڳ ٻڌ ۽ مٺ تي سگريٽ پي...“
جوڻيجي صاحب جي يادگيرين جو هڪ سيلاب آهي، جيڪو پيو هلندو. ڪنهنجي نظر ۾ هو ڪجهه به هجي پر منهنجي نظر ۾ هو منهنجو محسن هيو ۽ مان کيس هميشه ايئن پيرين پئي ملندو هيس جيئن هو شيخ اياز کي هميشه پيرين پئي ملندو هيو. جوڻيجو صاحب جو مڙهه، دفن ڪٿي به هجي پر هو اسان جي دلين ۾ هميشه هاڪڙي درياهه واري مئل ندي جي زندهه ماڻهن جيان زندهه رهندو.


عبدالقادر جوڻيجو
صديون رلائيندڙ ھورو ۽ عبدالقادر جوڻيجو
حسن مجتبيٰ
جي هو ڏاڏاڻي پاسي کان اوٺار نه هجي ها ۽ ناناڻي نک کان مهاڻو ته ورلي اهڙو رول ۽ ڍول ماڻهو هجي ها. جنهاڻ کان گهڻو پري ڪو نه ڪوئلي جون مُيون کاڻيون ته هاڻ نڪتيون آهن پر هي ڪهاڻين ۽ قصن جي اصل کاڻ ٿر جي انهي واريءَ ۾ سال اوڻويهه سو پنجيتاليهه جي سيپٽمبر تيرهين ۾ ڄائو هو، جتي پرديسي پکي لهندا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جي جنم کان ڏهاڪو سال پوءِ ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو جنهن کي “ڇپنو ڏڪار” چون ٿا. اڃان ٿر ۾ ماڙهن جو ڏڪار نه پيو هو جيئن هاڻ گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ توڻي ٿر ۾ آهي. ڪي پيارا منهنجي انهي “سنڌ ۽ ٿر” چوڻ تي ضرور ڪاوڙبا پر ڇا ڪجي جو ٿر توڻي چولستان جا ماڻهو ٿر ۽ چولستان کان ٻاهر سموري ملڪ کي بئريجي علائقن سميت “سنڌ” چون. ٿريو جي ميرپورخاص به ويندو هو چي، “سنڌ پيو وڃان.”
مونکي خبر ناهي ته جيجي زرينا جي ڳايل علي بابا جي انهي گيت جو هن جي لکيل ڊرامي “ڪاروان” جي ڪهاڻي سان ڪهڙو واسطو هو “اسين ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي.” پر ٿر کي ٿر کان ٻاهر جي دنيا سان گذريل پنجاهي سالن ۾ ديس پرديس ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو هو، هڪڙو منهنجو پيارو ڪرشن شرما ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو. ٿر ۾ ڪهڙا ڪم وارا يا کوجنا ڪار ماڻهو يا خاتون ناهن جيڪي ڪرشن شرما معرفت ٿر نه پهتا هجن. ٿر جي ڀٽ تي ڪانڀ ڪڍي ويٺل ٿريي کي به ڄاڻ آهي ته هي جيڪا مائي ۽ ڀائي آهي اها قادريي جي سنگتياڻي ۽ سنگتي آهي. اهڙيون ڳالهيون قادريي پنهنجي متعلق پاڻ به هُلايون هيون. هو ڳالهين جو ڳهير شخص هو. هر ڳالهه ڇا هر لفظ هن وٽ پهچندي يا هن جي ڪن يا اک تي چڙهندي چڙهندي ڪهاڻي بڻجي ويندو هو. هو ڪهاڻين جو يوناني ڏند ڪٿائن وارو ڪنگ مائيٽس هو، جنهن بادشاهه جي ڌيءَ کي سونو ڪري ڇڏيو هو. اهي ڪهاڻين جا ڳوٺ ۽ شهر هن پنهنجي چاچي رمضان وٽان ٻڌا ۽ سکيا ها. اهو ئي سبب آهي جو هن جي يارن دوستن ۾ حسن درس وانگر، فوجي به ها، ته ايم ڪيو ايم وارا به، ته پوليس جا آفيسر، سپاهي به ته پيري به ته چور، چوڪيدار به، اسمگلر به ته اخبارن جا مالڪ به، رپورٽر به، شاگرد، قبائلي سردار، ڌاڙيل، رهزن به ته مسيت جا ڪک به. موالي، پيراڍو، وڏيرا، سرمائيدار، پورهيت، هاري، رولو، ڳائڻا به. پيپلا، ليگلا، فنڪشنلا، پليجا. هو هڪڙي ائنٿروپولوجسٽ جي ڪتاب جو ٻڌائيندو هو جنهن جو انگريزي ۾ عنوان هو، “ڪنجرز اينڊ قلندرز.” پر هن جي سُئي گم ٿي ويل هاڪڙي درياءَ، خان صاحب عبدالڪريم پلي، شاهنواز جوڻيجي تي اٽڪيل هوندي هئي. ٻيو شيخ اياز ۽ ميڊم تي معنيٰ مهتاب راشدي تي. جيئن ته هو هڪ ڊراما نگار هو، ان ڪري جنس ۽ سيڪسوئلٽي به هن وٽ ميلو ڊراميٽڪ ٿي ويندي هئي. ڪتاب هن جو اوڇڻ وڇاڻو هو. “مٽي پنهنجو مٽ الوميان! مٽي پنهنجو مٽ” جيئن امداد حسيني چيو.
پيارو راشد ميمڻ، آغا رفيق، حسن درس، نواز علي ڀٽو، شوڪت شورو، مشتاق شورو، خيرالنساءِ جعفري (ادي گڏي)، ليلا بانا، زاهد مخدوم، شهاب هاليپوٽو، سليم ديس والي، طارق عالم ابڙو اينڊ برادرز ۽ جاني ابڙو سندس دل گهريا دوست هوندا هئا. مان پهريون ڀيرو عبدالقادر سان جڏهن مليس ته هو ڄامشورو ڪالوني ۾ طارق عالم جي ڪوارٽر ٻاهر، سج لٿي، پيل کٽ تي اهليو، ڪچهري ڪري رهيو هو. انهيءَ شام کانپوءِ هن سان ڪيتريون اڻ ڳڻيون ڪچهريون رهيون. ڪي ڀيرا منهنجي دوست محمد حنيف سان گڏ پڻ. پوءِ هو جڏهن رات گهڻي وهامي چڪي ۽ موڊ ۾ آيو ته وڃي اندران ڪٿان شو باڪس کڻي آيو جيڪو سندس حقيقي ۽ مبينا معشوقائن جي فوٽن سان ڀريل هو.
مان پهريون ڀيرو منو ڀائي سان پڻ عبدالقادر جوڻيجي جي گهر ڄامشورو ڪالوني ۾ مليو هوس، جڏهن هو شيرين پاشا سان ٿر تي ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو هو. اها رات هڪ يادگار ڪچهري هئي. عبدالقادر جون اکيون آگميون هيون. حسن درس جون سٽون شايد اهڙي رات لاءِ هيون. هو دير تائين لان ۾ پيئندا رهيا
چنڊ پلٽيو پئي، گلاسن ۾ حسن
شيرين پاشا ته پوءِ گهڻو وقت گذريل سال مون کي نيويارڪ ۾ ايسٽ رور جي ٽيرس تي منهنجي دوست ۽ سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر آمنه جي گهر ملي هئي. شيرين پاشا هاڻ ڪينيڊا ۾ آهي ۽ فلم پاڙهيندي آهي. حليم بروهي جيان هو به پوليس آفيسر جو پٽ هو. (حليم ايس پي عبدالعزيز بروهي جو ۽ عبدالقادر صوبيدار خانصاحب مريد حسين جوڻيجو جو). نوابشاهه ۾ خون جي ڪيس ۾ هڪ وڏيري جي سفارش نه مڃيندي مريد حسين پوليس مان استعيفيٰ ڏيئي باقي سموري زندگي تبليغي جماعت ۾ گذاري ڇڏي. عبدالقادر اسڪول ۾ جڏو پر سندس پيءُ جي ٿاڻن وارن لاڪپن ۾ قيدين جي ڪهاڻين ۾ دلچسپي گهڻي رکندو هو. موٽ ۾ قيدين ڪاڻ ٻيڙيون وٺي آڻيندو هو. ماسترن جون مارون ننڍڙي لاڪون کاڌائين، ان ڪري اسڪول سان گهڻي ڪا نه پوندي هيس. اڪيلي ۾ ڏينهن ڏٺي جا خواب پيو ڏسندو هو، جنهن ۾ ڪهاڻين ۾ شهزادين کي ظالم ديون هيٺ قلعن جي قيد مان ڇڏائيندو هو ۽ ٻارن کي مار ڪڍندڙ سندس ماسترن سان پيو ٻه ٻه پاڻي ڪندو هو. اهڙيون ڳالهيون هو پاڻ ٻڌائيندو هو. هو چوندو هو ته بغاوت هن کي سندس ڏاڏاڻن کان سُتي ۾ پيل آ جو سندس ڏاڏي انگريزن کي سندس اٺن جو وڳ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهنڪري کيس نئين ڪوٽ واري قلعي ۾ قيد ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته نئين قلعي ۾ باغين ۽ قيدين کي ٽارچر ڪندا هئا. هو چوندو هو؛ پهرين نسل ۾ هو اوٺار ۽ ‌ٻئي نسل ۾ پوليس وارا هئا. هن پاڻ به پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ گهريو هو. پر استاد ٿي ويو. پهرين پرائمري ۽ پوءِ سيڪنڊري. هڪڙي شادي پيٽ لکائي جي ڪري سندس ڏاڏي پوٽي سان ٿي ۽ ٻي هن عشق ۾ ڪئي، مٿو مٿي سان. باقي سندس پيار جي پوري تاريخ آهي.
اهو دور اڻويهه سو سٺ ۽ ستر جي وچ وارن سالن وارو هن جو دور سنڌي ڪهاڻي، سندس ڪهاڻي ۽ زندگي جو يادگار دور آهي. سندس ڪهاڻيون حميد سنڌي جي روح رهاڻ، طارق اشرف جي سهڻي، مدد علي سنڌي جي اڳتي قدم ۾ ڇپيون. سندس عظيم ڪهاڻين جو ڪتاب “واٽون، راتيون ۽ رول” به انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپيو. ڍاٽي اٺ ۽ ڍاٽي ڌاڙيل، ٿر، ٻي مهاڀاري جنگ، پلئگ، حر، گم ٿي ويل درياءُ، لڏپلاڻ، ڏڪار، پيار جو ڏڪار، بک، ڏک اهي سندس موضوع آهن. هو چوندو هو ته هو ڌرتي ڌڪاڻن، ڏتاريلن، غريبن جو ليکڪ هو. هن جو پهريون ريڊيو ڊرامو “تلاش” ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان انهن ئي ڏينهن ۾ نشر ٿيو هو. پوءِ اهو ڊرامو ٻيهر اڻويهه سو ڇاهتر ۾ پي ٽي وي تان سندس ساڳئي پروڊيوسر منظور قريشي (ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته منظور قريشي آصف زرداري جو ماسات ٿئي) اسڪرين پلي طور پيش ڪيو.
عبدالقادر مونکي ٻڌايو هو ته جڏهن سندس اهو پهريون ٽي وي ڊرامو هليو ته وٽس گهر ۾ ٽي وي ڪو نه هئي ۽ هن جهڏي ۾ هوٽل تي ڏٺو هو. پر اهو شيخ اياز هو جنهن هن لاڏائو قبيلن جهڙو روح رکندڙ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ تي سنڌيالوجي ۾ پبليڪيشن آفيسر جي نوڪري ڏني، جتي هو پوءِ ڊائريڪٽر واري عهدي تي پهتو، پر سندس اندر ۾ واري ۽ پاڻي مان ٺهيل ماڻهو ڪا نه وسريو ڇو جو ان لاءِ هو چوندو هو، “ڍئو جهلي واڻيو يا مينهن.” هن شهرت جي ڍئو کي پڻ ايئن جهليو. عبدالقادر کي ٿريو هوندي جبل جون هوائون ۽ پاڻي يعني ڄامشورو راس اچي ويا. پوءِ به هن کي هوم سڪنس ٿر لاءِ هوندي هئي. هو ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ جهونن ملاحن سان وڃي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. انهن مان هڪڙي جهوني ملاح کيس ڄام صادق علي جي پاڻي واري ٺاهه تي کيس ٻڌايو هو، “بادشاهه دريائن جا سودا نه ڪندا آهن پر دريا بادشاهن جا سودا ڪري ڇڏيندا آهن.” مونکي الائجي ڇو لڳندو آهي ته هو پوئين جنمن ۾ گم ٿي ويل درياءَ هاڪڙي ۽ ان جي معدوم ٿي ويل ڪنارن تي آباد تهذيب جو واسي هو. هو انهي دريا ۽ وقتن کي اڄ به ڳولي رهيو هو. هو اهو سنڌي ليکڪ هو جنهن جي لکڻين ۽ ڪهاڻين جي ميز تي موسمي تبديلي ۽ ماحوليات چوٽي جي ايجنڊا تي هئي. ڇنڊڻن سڪي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. منهنجي انگريزي صحافت جي ايڊيٽرن هميشه چاهيو ته مان عبدالقادر جوڻيجي سان ڊگها انٽرويو ڪيان. هو ايڊيٽرن ۽ پڙهندڙن جو پسنديده ماڻهو ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ هر وقت انساني دلچسپي واريون ڪهاڻيون يا خبرون هونديون هيون.
هن جا ڊراما “سيڙهيان”، “راڻي جي ڪهاڻي”، “خانصاحب”، “ديوارين”، “ڪاروان”، “ڇوٽي سي دنيا” شاهڪار ڊراما آهن، جيڪي ڏسندڙن کي زندگي ڀر ياد رهندا. مونکي خبر ناهي ته هن جيڪو سنڌي ۾ ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” پئي لکيو، تنهن جو ڇا ٿيو. پر مون هن جو انگريزي ۾ لکيل ناول “ڊيد رور” يا “مري ويل درياءُ” پڙهيو آ. مونکي ايئن لڳو ڄڻ انهي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو به ڪهاڻي ۽ محبت جو درياءُ هو، جيڪو مري ويو. بقول منهنجي دوست ڊاڪٽر شنڪر جي “اڄ هاڪڙو پاتال ۾ هليو ويو.”
هن جي ڪهاڻي وانگر هن جو هورو به وڃائجي ويل درياءَ وٽ سندس ڳوٺ جنهاڻ تي ختم ٿيو. هن جي سندي لفظن ۾ “ڪاڪا! هورو سال ڇا صديون رُلائيندو آهي، وڻن جا جھنگ، ميدان، ماڻهن جا ميڙ، بلڊنگن جا جھڳٽا، ويران ڌوڙ ڀريا رستا، ٽڪن جھڙا روڊ، گلوب تي نڪتل ليڪون، سڀ ٽپي پوءِ گھر جي چانئٺ تي پير ڦٻندا آهن.”


عبدالقادر جوڻيجي صاحب سان ڳالهه ٻولهه
اُستاد نظاماڻي
عبدالقادر جوڻيجي سان کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. سانگهڙ جي دوستن کي اهميت به ڏيندو هو، جنهن جو سبب سانگهڙ سان خانداني نسبت هئي. ادب ۾ شروعاتي ڏينهن هئا. سوچيم ادب جي دنيا جي اهم ليکڪن جا انٽرويو ڪيان. عبدالقادر صاحب کان انٽرويو وٺڻ لاءِ، وقت ڪڍڻ جي هجت ڪيم. قادر صاحب خوشيءَ سان چيو؛ ”جڏهن اچو! پاڻ حاضر آهيون.“ هيءُ انٽرويو سنڌالاجي ۽ ڪجهه حصو سندس رهائش گاه ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ يونورسٽي ڪالوني ۾ رهندا هئا.     
محترم عبدالقادر جوڻيجو ۱۳ سيپٽمبر ۱۹۴۵ع ۾ ٿرپارڪر جي مُهراڻي واري علائقي ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌي تي اڏيل آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪيائين. بي ايڊ ۽ ايم اي جون ڊگريون، سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. اڄ ڪلهه سنڌالاجي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. پهرين ڪهاڻي مُٺ مُٺ سور ۱۹۶۳ع ۾ روح رهاڻ ميگزين ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين ٽي ڪهاڻين جا مجموعا، خاڪن جو ڪتاب ۽ ترجمن جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ڪالمن جو ڪتاب ڪُرسي پڻ ڇپجي چُڪو آهي. چار ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. پهريون ناٽڪ ۱۹۷۰ع ۾ لکيائين. سال ۱۹۷۶ع ۾ پهريون ڊرامو تلاش، ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. جڏهن ديوارين اردوءَ ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو، ته وڏي شهرت ماڻيائين. انهيءَ ڊرامي کي ڏسڻ لاءِ دهلي جا ماڻهو، ريل ۾ سفر ڪري امرتسر اچي پي ٽي وي تي اهو ڊرامو ڏسندا هئا. محترم عبدالقادر سان هيءَ گفتگو سڌالاجي ۾ ٿي. مونکي سندس لکڻين کان وڌ ڪچهريءَ مزو ڏنو. (هي انٽرويو جهونگار ڪتابي سلسلي لاءِ ڪيو ويو سن ۲۰۰۰ع ۾)
استادنظاماڻي؛ ”توهان ٿر ۾ ڄاوا، توهان جو بچپن ٿر جي ڀٽن ۽ ناري ڍوري جي ڪنڌيءَ تي کيڏندي گُذريو، انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجهه يادگيريون ٻڌايو؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڏاڍو وڏو سوال آهي! ٺيڪ آهي هلو ڪا ڳالهه ناهي. منهنجو اباڻو ڳوٺ جنهاڻ آهي. اهو ڳوٺ فضل ڀنڀرو اسٽيشن کان اڍائي ميلن تي، ڏکڻ طرف، ڍوري جي ڏکڻئين ڪپ تي آهي. گهر، مٺي تعلقي ۾ واريءَ جي دڙي تي آهي. ڌنڌو ڌاڙي ڪُجهه وکن تي ڊگهڙي تعلقي ۾ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي اسان جا ٿر جا مائٽ ايندا آهن، چوندا آهن؛ ’هلو سنڌوڙن (سنڌين) وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ڊگهڙي مان ايندا آهن، اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته ٿرين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ ناري جي پٽ مان ايندا آهن ته اُهي چوندا آهن ته؛ ’هلو ته لاڙين وٽ هلون.‘ جيڪي مائٽ لاڙ مان ايندا آهن ته چوندا آهن؛ ’هلو نارائين وٽ هلون.‘ سو اهو قصو ائين آهي. اوهان جنهن کي نارو ڍورو ٿا سڏيو، اسان انهيءَ کي رڳو ڍورو چوندا آهيون. ننڍپڻ جون يادگيريون تمام گهڻيون آهن. ٿوريون يادگيريون ٻڌايان ٿو. آ ڄايس ته جنهاڻ ۾، پر منهنجي جيڪا پهرين يادگيري آهي، اها پيرونمل شهر ضلع سانگهڙ جي آهي. انهيءَ وقت آئون اڃا پڙهڻ ڪو نه ويٺو هئس. اُتي منهنجو هڪ پوڙهو ديوان دوست هو جيڪو پان-ٻيڙيءَ جي مانڊڻي هلائيندو هو. ڏک اٿم جو پنهنجي انهيءَ مهربان دوست جو نالو وسري ويو اٿم. هڪ ڏينهن آئون گهر مان نڪري، انهي ديوان وٽ مانڊڻي تي ويهي رهيس. گهڻو وقت گذارڻ کانپوءِ جڏهن گهر نه ويس، ته بابي پوليس وارا ڊوڙايا. پاڻ به مونکي شهر ۾ ڳولڻ لڳو. وڏي هڻ هڻان کانپوءِ، پوليس واري شهر ۾ مونکي هٿ ڪيو ۽ هنج تي کڻي، جڏهن گهر بابا وٽ پُهتو ته بابا ڪاوڙ وچان مونکي ٿڦڙ هنئي. پر پوليس واري مونکي ايندڙ ٿڦڙ کان پاسي ڪيو. پنهنجي ڳل اڳتي ڪري ڇڏي ۽ زوردار ٿڦڙ پوليس واري جي ڳل تي وڃي لڳي. اها بابي جي مونکي هنيل ٿڦڙ، پهرين ۽ آخري هئي، جيڪا گُسي وئي. جي اها ٿڦڙ لڳي ها ته منهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها. ڏک اهو اٿم ته انهيءَ پوليس واري جو نالو وسري ويو اٿم.“
استادنظاماڻي؛ ”هڪ ٿڦڙ سان اوهان جي زندگيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها ته اها هڪ عجيب ڳالهه ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ضرورت کان وڌيڪ حساس هئس. پنهنجي پياري جي ٿڦڙ انهيءَ عمر ۾ کائڻ کانپوءِ شايد آئون زندگي کان دلچسپي وڃائي ويهي رهان ها. يا ڪنهن خوفناڪ نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿيان ها. عمر جو اهو حصو تمام نازڪ ٿئي ٿو. مائٽن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. برطانيه ۾ ٻارن کي مار ڪڍڻ، باقاعدي ڏوه آهي. جيڪي مائٽ ٻار کي مار ڪڍندا آهن، انهن کي پوليس جهلي ويندي آهي. خير سو ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي خاندان جا هٿ ڳرا آهن. جيئن پير جهلي ڪنهن کي ٿڦڙ هڻون ته رت جي گُرڙي اچي ويندس. سو ظاهر آهي ته آئون به ٿڦڙ کانپوءِ رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃان ها.“
استادنظاماڻي؛ ”پوليس واري کي رت جي گُرڙي آئي؟ اڳتي هلي ٻيون به ٿڦرون کاڌيون؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ياد ڪو نه اٿم! اچڻ ته کپيس ها. ها، ٻه ٿڦڙون ياد اٿم، هڪڙو ته نواب شاه جي هاءِ اسڪول ۾ ايم ايڇ خواجا، جي هٿان انگريزي جي پيرڊ ۾ ٿڦڙُ کاڌم. نتيجو اهو نڪتو جو ششماهي امتحان ۾ ڇهه سيڪڙو مارڪون کنيم. جيڪڏهن خواجا صاحب جي اسڪول ۾ وڌيڪ پڙهان ها ته تباه ٿي وڃان ها. پر رب جي ذات وڏي آهي ۽ بابا ڪنڊياري بدلي ٿي ويو. اُتي ماستر مهربان هئا، پيار سان پڙهايائون ۽ ساڳي انگريزي ۾ سالياني امتحان ۾۹۸ سيڪڙو مارڪون کنيم. پر خواجه صاحب جيڪي ٿڦڙون هنيون. انهي جو اثر اهو آهي جو اڃا به تمام گهڻي انگريزي ايندي به ديسي ماڻهن سان انگريزي ڳالهائڻ کان نٽائيندو آهيان. باقي غيرملڪي ماڻهن سان ڦڙ ڦڙ ڳالهائيندو آهيان. ته ايڏو اثر ٿيندو آهي شاگرد تي ٿڦڙ جو.
هڪڙي ٻي ٿڦڙ پنجاب يونيورسٽي لاهور جي اڳيان کاڌم. بي واجبي منهنجي هئي، آئون ۽ منهنجي هڪ محبوبه سندس شاندار ڪار ۾ چڙهي؛ روز شام جو اُتي موجود کوکي اڳيان گاڏي بيهاري؛ دود پتي واري چانهه پيئندا هئاسين. کوکي وارن جو خيال هو ته اسين زال مڙس آهيون، فقير به پنندا هئا، ته اسان کي اولاد ٿيڻ جي دعا ڪندا هئا. سو ڪنهن ڳالهه تي وڙهي پياسين. آئون جڏهن تکو ٿي ڳالهائيندو آهيان، ته منهنجا جملا زهر ۾ ٻڏل تير بڻجي ويندا آهن، اهڙي ئي هڪ زهريلي جملي تي مونکي ٿڦڙ هڻي ڪڍيائين. آئون ڪار مان لهي پيس ۽ پيادل هلڻ لڳس. کوکي وارا اسان تان کلڻ لڳا، ته زال، مُڙس کي مار ڪڍي آهي. بهرحال انهي ڏينهن کانپوءِ عشق ختم ٿي، دوستي ۾ بدلجي ويو. هڪڙي  ٿڦڙ ئي عشق مان هوا ڪڍي ڇڏي.“
استادنظاماڻي؛ ”ٿڦڙ هڻڻ واري جو نالو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نالي کي ڇڏيو! ٻيو سوال پُڇو.“
استادنظاماڻي؛ ”روحي بانو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”نه نه! انهيءَ ويچاريءَ ته سڄي عمر پاڻ ٿڦڙون کاڌيون آهن!“
استادنظاماڻي؛ ”بچپن جي يادگيرين ڏانهن واپس اچو.“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”تمام گهڻيون آهن، ڪيتريون ٻڌايان! مون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ حاصل ڪئي. اهي پنج سال منهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هئا. پنهنجي ڳوٺ جا توڙي ٻين راڄن جا ماڻهو، منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ماستر خيال رکندا هئا. گهر ۾ مونکي پنهنجي ماءُ کان وڌيڪ، منهنجي چاچي ڀائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي ياد ايندي اٿم. گهمڻ ڦرڻ لاءِ هيٺ ڍوري جي ڪنڌين تي لين ۽ پن جو گهاٽو جهنگ هو، جهڙو مکي ڍنڍ ۾ مون ڏٺو. سال ۱۹۸۳ع ۾ اهڙو مٽي، واري تي وري ڄارين ۽ ٿوهرن جو گهاٽو جهنگ هو. انهن جهنگن ۾ اڪيلو گهمندو هوس، تنهائي پسند هوس. سياري ۾ ته ذات پکي اچي لهندو هو. رهڻ لاءِ شاندار ماڙي هئي، موڪلن ۾ وندر ڪارڻ، ڌراڙن سان گڏ مال به چاريندو هوس. ٻڪرين سان منهنجي گهاٽي دوستي هوندي هئي. اهو ڏاڍو معصوم ۽ محبتي مال آهي. هتان نڪتس ته مون لاءِ عذاب شروع ٿي ويو. بابا ڏنگو ماڻهو هو، ان ڪري وڏيرا کيس ڦُٽ بال وانگر پيا ٿڏيندا هئا. اهو سڄو عرصو نوابشاه ضلعي ۾ گذاريم، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن هُتي. انهي عرصي ۾ مونکي صرف قيدي ڀائيندا هئا. خوني، ڌاڙيل، ڏاڍا مُڙس، گڙنگ چور ۽ اهي ٻيا آئون کين پن جون ٻيڙيون وٺي ڏيندو هئس، ۽ هو مونکي پنهنجا داستان ٻڌائيندا هئا. ۽ پنهنجي دل کولي اڳيان رکندا هئا. اڄ تائين آئون انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهيان ته ايڏا ڀلا قربائتا ماڻهو، ڏوه ڇو ڪندا هئا. نيٺ بابا ضد ۾ اچي نوڪري وڃائي، ۽ آئون سانگهڙ ۾ اچي پڙهيس. اُتي به چوٿين انگريزي ۾ ماسترن جو رول سُٺو نه هو. انهيءَ وچ ۾ اسان جي خاندان جو زوال به اچي ويو. پوءِ ڏيپلي ۾ وڃي مولوي محمد عمر جوڻيجو وٽ رهي، اُتي پڙهيس. مولوي صاحب، دل جو وڏو غني سخي، جنتي ماڻهو هو. اُتان ميٽرڪ پاس ڪيم ته منهنجو ننڍپڻ به ختم ٿي ويو.“
استادنظاماڻي؛ ”اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هڪڙو ته ننڍ پڻ کان پڙهڻ جو شوق هُيم. ٻيو ته ڊي ڊريمرسDay dreamers به هُيس. جنهن کي پهه پچائڻ چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي ڳالهين، مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو.“
استادنظاماڻي؛ ”لکڻ کان اڳ ۾، ڪنهن کان متاثر ٿيا؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيتريقدر ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي ڳالهه آهي، انسپائريشن جي ڳالهه آهي، ته چوڌاري ڦرندڙ گهُمندڙ زندگيءَ جو ڪو نه ڪو رخ، ليکڪ کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڪو مظلوميت يا غربت جو ڏيک، ڪنهن جي ڪارڻ مطلب ته چوڌاري جون حالتون لکائينديون آهن. باقي جيڪا ڳالهه آهي لکڻ کان اڳ پڙهيل ليکڪن کي پسند ڪرڻ جي، اها ڳالهه ته لکڻ کان اڳ   شيخ اياز، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، قرت العين حيدر، ڪرشن چندر، پرل ايس بڪ، ميخائل شولوخوف ۽ ارسڪن ڪارڊويل مونکي گهڻا وڻندا هئا. سو اهو قصو ائين آهي.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان لکڻ دوران، ڪهڙو مقصد سامهون رکي لکندا آهيو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون پنهنجي اندر جي باه ڪڍڻ لاءِ لکندو آهيان، ڪوشش هوندي اٿم ته پڙهڻ وارو منهنجي لکڻي پڙهي منجهي نه،  مقصد اهو هوندو اٿم ته؛ لکڻي، پڙهندڙ جي حسُن جمال کي ڇهڻ سان گڏوگڏ، سندس ذهن ۾ سوال اُٿاري. جيئن هو لکڻيءَ ۾ موجود مسئلن جو حل ڳولي ڪڍي. ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ئي مسئلي جو صحيح حل ڳولي سگهي ٿو. منجهس ايترو ئي عقل هوندو آهي جيترو لکڻ واري ۾. انهيءَ ڪري آئون پنهنجي لکڻ وقت، ڪا به فتويٰ جاري نه ڪندو آهيان. ڪو به حل نه ٻڌائيندو آهيان.“
استادنظاماڻي؛ ”لکڻ پڙهڻ لاءِ، اوهان پنهنجو ٽائم ٽيبل ڪيئن ترتب ڏيندا آهيو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي لکڻ جو وقت، صبح جو پنجين وڳي کان ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين آهي. ان کانسواءِ لکي نه سگهندو آهيان. باقي پڙهڻ لاءِ، جيڏيءَ مهل به موقعو ملي، پڙهندو رهندو آهيان.“
استادنظاماڻي؛ ”ڇا اهو صحيح آهي ته هيءُ دور ڪهاڻيءَ جو نه پر ناول ۽ سفرنامن جو آهي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”جيئن ته تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، يا جيئن حاڪم بدلبا رهيا آهن، ائين ئي ادب ۾ به ٿيندو آيو آهي. ڪهاڻي ۽  ناول جي سفر جي شروعات گڏ ٿي. پر ٻي عظيم جنگ کانپوءِ ناول، ڪهاڻيءَ کي پوئتي ڇڏي ويو. اڄ ڪلهه وري ناول کي، دستاويزي ادب پوئتي ڇڏي رهيو آهي. ان کان علاوه ڊائريون، سفر نامه، آتم ڪٿائون وغيره آھن. اهي صنفون به وڌيڪ پڙهيون وڃن ٿيون. اوهان بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي آهي.“
استادنظاماڻي؛ ”ڇا وجه آهي ته عام پڙهندڙ، محققن کان وڌيڪ، فڪشن رائيٽرس ۽ شاعرن کي پسند ڪن ٿا؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو اسان وٽ آهي. هڪ ته اسان وٽ ڪو به اعليٰ پائي جو تحقيقي ڪتاب نه لکيو ويو آهي، سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، جنهن لوڪ ادب تي تمام دلچسپ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي  تمام گهڻا پڙهيا ويندا آهن. ٻي ڳالهه ته اسان جو تحقيقي ادب، خُشڪ ۽ رپيٽيشن Repetition جو شڪار آهي. ٽيون ته انهن ۾ تحقيقي پُهچ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه ٻاهر جيڪي ريسرچ جا ڪتاب لکيا پيا وڃن، انهن ۾ باقاعدي تخليقي پنچ هوندا آهن. انهن ۾ رپيٽيشن به نه هوندي آهي. نه اُهي ايترا غيرمعياري هوندا آهن. اتان جي ريسرچ جو ڪو به ڪتاب کڻو، اوهان جي دل ئي ڇڏڻ تي نه چوندي. انهيءَ ڪري هت پاڻ وٽ ريسرچ اسڪالرن جي بنسبت فڪشن ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيو ويندو آهي. اهي صنفون، پڙهندڙ جي حس جمال کي ڇُهنديون به آهن.“
استادنظاماڻي؛ ”سنڌي افساني کي اسان ڪيئن زنده رکي سگهون ٿا؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سوال، سڄي دنيا ۾ اُٿي کڙو ٿيو آهي. گذريل سال ڪيناڊا ۾، دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اچي گڏ ٿيا هئا. ته افساني کي ڪيئن ٻيهر جيئاري سگهجي. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ميلان ڪنڊيرا به شريڪ ٿيو هو. پر پنهنجي اڳيان سنڌي افساني جو سوال آهي ته، انهيءَ ۾ منهنجو خيال آهي ته؛ افساني ۾ ڊراماٽڪ پهلو آڻجي، جيڪو اوهينري جي افسانن يا چيخوف جي افسانن ۾ آهي. مطلب ته سنڌي افساني کي اڳيون واٽون ڇڏي، نيون واٽون اختيار ڪرڻيون پونديون. تڏهن ئي زنده رهي سگهي ٿو. پڙهندڙ، افساني ڏانهن موٽ کائي سگهي ٿو.“
استادنظاماڻي؛ ”هيڏي وڏي وٺ-پڪڙ جي ماحول ۽ سيٽلائٽ واري دور ۾ پڙهندڙ، ادب ڏانهن ڪيئن موٽ کائي سگهي ٿو؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”يار هاڻي اها حقيقت آهي، ته اسان وٽ ته اڃا ايتري وٺ-پڪڙ ناهي، ۽ نه سيٽلائٽ جو چڪر. پر مغرب ۾ اهو وڏو چڪر آهي، ان جي باوجود دنيا جي وڏي  ۾ وڏي پبليشنگ ادارو ”پينگوئن بوڪس“ آھي. انهيءَ جا انگ اکر کڻي ڏسو ته جيڪي ناول، اُڻويهين صديءَ جي موڙ تي لکيا ويا جيئن؛ وار اينڊ پيس War and peace، ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ، Crime and punishment  آهي. ته اُهي ناول اهڙا ٿُلها متار ا آهن جو ورائي کڻي ڪنهن کي هڻ ته همراه چٽڻي ٿيو پيو هجي. ايڏن وڏن ناولن جي اشاعت جو انگ هر سال وڌندو ٿو وڃي. انهيءَ جو مطلب ته اُتي ماڻهو پڙهن ٿا. هن دور ۾ آمريڪي ناولسٽ جرنلسٽ نارمن ميلرNorman Kingsley Mailer جا ٿلها متارا ناول آهن. ته اُهي لکن جي تعدا د ۾ ڇپجن ٿا. ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اسان وٽ ته اڃا وٺ-پڪڙ ۽ سيٽلائٽ جو گهڻو زور ناهي. ٻيو ته ذاتي طور آئون نه ٿو سمجهان ته سيٽلائٽ چينلز ڪو ادب کي نقصان پُهچايو آهي. سيٽلائٽ ته پاڻ ادب کي وڌيڪ مشهور ڪري رهيو آهي.“
استادنظاماڻي؛ ”اڄ ڪلهه توهان ڪهاڻيون ڪو نه پيا لکو، ان جو سبب؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ ادبي حلقن ۾ منهنجي ڪهاڻين کي ايڏي اهميت ڪا نه ملي. رڳو اهو چيو ويو ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي.‘ سو مايوس ٿي ويس، پنهنجي ڪهاڻين مان. پر هن وقت ٻه ڪهاڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون آهن، جيڪي طويل قسم جون لڳن ٿيون. انهن ۾ ڊرامو  به نظر اچيم ٿو. ٻه عنوان به ذهن ۾ اٿم، هڪڙي جو عنوان آهي ”هوءَ ۽ هُو، ۽ ٻي جو عنوان آهي ”ميڊيڪل اسٽور“ ته وقت ڪڍي لکي وٺندس.
استادنظاماڻي؛ ”توهان چئو ٿا ته؛ ماڻهن منهنجي ڪهاڻين کي اهميت ڪو نه ڏني. رڳو چيائون ته؛ ’ٻولي سُٺي آهي‘. ان ڪري اوهان افسانو لکڻ ڇڏي ڏنو. مون اهڙا ليکڪ به پڙهيا آهن، جن کي نقادن مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو، پر لکڻ نه ڇڏيائون...؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڳالهه دراصل هي آهي ته، اها چند ماڻهن جي راءِ نه هئي، پر هڪ فنامنا هئي. جيڪا ڪو نقاد پيدا نه ڪندو آهي، پر پڙهندڙ پيدا ڪندا آهن. جڏهن پڙهندڙن ئي ائين چيو، پوءِ مون سمجهيو ته ٻولي کانسواءِ مون وٽ ڪُجهه به نه آهي. نه مواد آهي نه ٽيڪنيڪ آهي نه ڊڪشن Diction آهي، نه اميجينيشن، نه ڪو ويزن Vision آهي. ان ڪري ٺلهو ٻوليءَ جي زور تي هلڻ مون مناسب نه سمجهيو.“
استادنظاماڻي؛ ”وليم فاڪنر چيو هو ته؛ ’شاعريءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڪهاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. جڏهن ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهيان، ته پوءِ ناول لکندو آهيان.‘ توهان سان ته ڪٿي ائين ڪو نه ٿيو آهي؟ جو توهان ڪهاڻي ڇڏي، ناول بجاءِ ڊراما پيا لکو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهڙي ساڳي ڳالهه پاڻ اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اصل ۾ وليم فاڪنر کي اها صلاح، سندس اُستاد شيروڊ اينڊرسن چئي هئي. ۽ ٻئي ڄڻا انهن مرحلن مان گذريا. جيتريقدر منهنجو سوال آهي ته اها حقيقت مون تي به ٺهڪي اچي ٿي. آئون ناول به لکان پيو، ۽ مضمون به، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپبا آهن. اهي مضمون، منهنجي شناخت آهن. باقي ڊرامو ته روزي روٽي آهي. ٽي وي ڊرامو، ادب ۾ شمار نه ٿو ٿئي.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان جي ڪهاڻي ’ڇڻيل پن‘ ۾ ميگهان جو ڪردار آهي، ان جو ڪو پسمنظر؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”مونکي پنهنجي اها ڪهاڻي وسري وئي آهي. البته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار هوندا آهن، اهي منهنجا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن. ائين کڻي سمجهو ته اها ڪا ڇوڪري آهي، جنهن جي پويان آئون انهيءَ زماني ۾ ڊوڙندو هوندس.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجن ناولن بابت ڪجهه ٻڌائيندا.“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجا ٻه ناول آهن. هڪڙو؛ ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي، جنھن ۾ گذريل سو سالن جي سماجي تاريخ آهي. جڏهن ته ٻئي ناول ’محبتون‘ ۾، منهنجا شو بزنس جي زندگي ۾ جيڪي تجربه آهن، اُهي آهن. ته انهي دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان پنهنجي ناول ’سو ديس مسافر منهنجو ڙي ۾ حُر تحريڪ جو ذڪر به ڪيو آهي. انهيءَ جو ڪو پسمنظر؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو اٿم ته؛ اهو ناول سنڌ جي گذريل سو سالن جي سوشل هسٽري آهي. انهيءَ ۾ حُرتحريڪ جهڙي وڏي واقعي کي وساري ڇڏڻ معنيٰ ته ناول ۾ ڪجهه به نه رهندو. تنهن کانپوءِ خود منهنجو والد، چاچو حاجي منٺار ۽ منهنجي اسٽيپ مدر، سڄي تحريڪ اکين سان ڏٺي هئي. ڪجهه وقت آئون سانگهڙ ۾ رهيس. ته اُت به ڳالهيون ٻڌم ته مونکي سولائي ٿي پئي. انهيءَ ناول ۾ حُر تحريڪ جا ڪجهه ڪردار آهن. انهن تي مون لکيو آهي. جيئن باقاعدي تاريخ بيان ٿيندي آهي، منهنجو ناول ائين ناهي. مون ته فڪشن طور لکيو آهي. فڪشن ته فڪشن ئي ٿيندو آهي.“
استادنظاماڻي؛ ”ويهين صديءَ ۾ اسان وٽ ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل، جمال ابڙو، علي بابا جهڙا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، تنوير بهترين شاعر پيدا ٿيا. توهان ڇا ٿا سمجهو ته نوجوانن ۾ اهڙو ماڻڪ آهي، جيڪو اهڙن ليجنڊز جي جاءِ والاري؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”پهرين ڳالهه ته نه صرف آئون، پنهنجي پاڻ کي پر ٻين کي به ليجنڊ نه سمجهندو آهيان. البته سُٺو ضرور سمجهندو آهيان. باقي ڳالهه آيل نئين صدي جي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ نئون ٽيلئنٽ نڪري ايندو، جنهن کي ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. ۽ اهون نئون ٽيلنٽ، اڳئين ٽيلنٽ کي ڪراس ڪري ويندو. اهو هڪ فطرت جو ڪرشمو آهي. وڏا نالا اڀرندا ۽ انهن کي مستقبل ۾ ايندڙ ٻيا نالا، ڪراس ڪري ويندا آهن. اهو ائين آهي، جيئن ملهه جي راند ۾ هڪڙي مرحلي تي پُهچي شاگرد،  اُستاد کي ٻئي ملهون اچي ماريندو آهي. تنهنڪري آئون پنهنجي ليکي، ڪنهن به خوشفهمي ۾ ورتل نه آهيان. باقي جيستائين دوستن جو تعلق آهي ته مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان. باقي جيڪي جيئرا آهن، اهي ئي پنهنجي باري ۾ ڪا راءِ ڏيئي سگهن ٿا.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان محسوس نه ڪيو آهي ته نوجوان ليکڪن ۾ سيڪس جي موضوع تي لکڻ جو رجحان فيشن طور وڌي ويو آهي.“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سيڪس تي لکڻ تي، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. پر اسان وٽ سيڪس براءِ سيڪس لکيو ٿو وڃي. انهيءَ مان ڪو مطلب ڪو نه ٿو نڪري. آئون سمجهان ٿو ته سيڪس کي جيئن ميلان ڪنڊيرا استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي هن مشرقي يورپ جي سياسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪيو آهي، يا جيئن سعادت حسن منٽو سال ۱۹۴۷ع جون ٽريجڊيون لکيون آهن. ائين اسان وٽ گهٽ لکيو ويو آهي. بهرحال آئون سيڪس تي لکندڙن جو حامي آهيان، پڙهڻ وارا کين پاڻهي رد يا قبول ڪندا.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان  ان سلسلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ئي ته پنهنجي دل جي چئي تي لکن. پاڻ کان سينئر ليکڪن جي تنقيد کي نه ليکين. پنهنجي ۽ ٻين جي آزاديءَ  جو خيال رکن. جيڪو پنهنجو قدرتي اسٽائيل اٿن، انهيءَ کي برقرار رکن.“
استادنظاماڻي؛ ”رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته؛ ’اياز تي مون سسٽيميٽڪلي Systematically لکيو آهي. غلام ربانيءَ کي تنقيد جي ذريعي، پهرين پهرين اسٽيج تي مون آندو. نسيم کرل تي، سڀني کان پهرين مون لکيو. اهڙا ماڻهو به هئا، جن صرف هڪ افسانو لکيو انهن کي به مون مٿي کنيو.‘ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ڇا واقعي هڪ سٺي تخليقڪار کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي.؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڄي دنيا جي اديبن وانگر آئون اهو ئي ٿو سمجهان ته؛ ڪنهن به فطري ڏات کي ڪنهن به مقالي، نقاد يا اڪيڊمي جي ضرورت ناهي. فرانز ڪافڪا کان وٺي اڄ تائين، تخليقي ادب جي دنيا ۾، فلمي ڊائريڪٽرن جي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي اهڙي آرٽ جي دنيا ۾، جيڪي به وڏيون وڏيون بلائون ٿي گذريون آهن، اهي اسڪولن مان ڀڳل ڇوڪرا آهن. ڪجهه سائنسدان به ان زمري ۾ اچن ٿا. البته مصور کي اڪيڊمي جي ضرورت آهي. خود رسول بخش پليجي پهرين ٻن بهترين ڪهاڻين ”جتي باه ٻري“ جهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن به نقاد جي ضرورت ناهي.“
استادنظاماڻي؛ ”پليجي صاحب اهو به چيو  آهي ته؛ ’لکڻ وڏو عذاب آهي. مان صرف مجبوريءَ جي حالت ۾ لکندو آهيان......؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ (ڳالهه کي ڪٽيندي) ”پليجو صاحب، نه رڳو ذاتي طور منهنجو محسن ۽ مهربان آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ اعليٰ قسم جو سياستدان به آهي. ظاهر آهي ته هڪ سياستدان لاءِ لکڻ، وڏو عذاب ئي هئڻ گهرجي. جڏهن ته منهنجو لکڻ کانسواءِ ٻيون ڪي به مصروفيتون نه آهن. ان ڪري مون لاءِ لکڻ عذاب جي بدران، خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ها جڏهن لکي وٺندو آهيان ته خاص عذاب ۾ وٺجي ويندو آهيان ته هي ڇا لکيو اٿم. انهيءَ عذاب مان گذرندي جڏهن اها شيءِ ڇپجندي آهي، يا اسڪرين تي ايندي آهي، ۽ پوءِ پڙهندڙ، ڏسندڙ جڏهن انهيءَ جي واکاڻ ڪندا آهن، ته پوءِ مونکي يقين ايندو آهي، ته هائو ٻيلي ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿم. اصل ۾ اهڙو ليکڪ آهيان، جنهن کي پراوا ڪن چئي سگهجي ٿو.“
استادنظاماڻي؛ ”ليکڪن، اسان جي پياري ملڪ ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. اياز هجي يا امرجليل. توهان جي سامهون ڪا اهڙي صورتحال آئي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اهو سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. ليکڪ ڀوڳيندا آهن. اياز ته ڦاهي تان واپس موٽيو، ۽ ڪيترا ئي سال جيل ۾ رهيو. پر امرجليل سان ائين نه ٿيو. ڏيئي وٺي سرڪاري عهدي جي حساب سان ڪي تڪليفون آيون هوندس. پر مون سان ائين نه ٿيو، سو مونکي شهيدن ۾ شمار نه ڪريو ته چڱو آهي. مونکي اهڙي ڪا به تڪليف نه آئي.“
استادنظاماڻي؛ ”اچون ٿا اوهان جي ٽي وي ڊرامن ڏانهن، جن اوهان کي تمام گهڻي شهرت ڏني. مشهور ڊرامو ديوارين يا راڻي جي ڪهاڻي ۾ ڪهڙو پسمنظر هو، يا ائين کڻي چئجي ته اوهان جي ذهن ۾ اها ڪهاڻي ڪيئن آئي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ڊرامو لکندي، آئون واقعا اصلي کڻندو آهيان، پر ڪردار پنهنجي آس پاس مان کڻندو آهيان، جن جو ڊرامي جي ڪهاڻي سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اهو واقعو مونکي شاهنواز جوڻيجي ٻڌايو هو. مون انهيءَ واقعي ۾ ڦيرڦار ڪري ڊرامو لکيو. اصل واقعي ۾ ته الاهي ساريون راڻيون قتل ڪيو ويون هيون، پر مون هڪ راڻي لکي، ۽ راڻي جي قتل ٿيڻ بدران اهو ڄاڻايم ته، هو ٻي راڻي کي جنم ڏيندي گذاري وئي. هينئر به توهان ڏسو ته جيڪي اُتر ۾ قبائلي جهيڙا آهن، اُهي ديوارين وانگر ئي ٿين ٿا. باقي ڪردار ته ليکڪ اُهي ئي کڻندو جن کي سڃاڻندو هوندو.“
استادنظاماڻي؛ ”ڊرامي لکڻ دوران، يقينن اوهان کي ڪجهه ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پيو هوندو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ٽي وي ڊرامو، لکبو ئي سمجهوتن تحت آهي. جن ڌرين سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، انهن ۾ هڪ ته ٽي وي جي پاليسي هوندي آهي، پاليسي مطابق لکبو ته ڊرامو نشر ٿيندو. ٻيو سمجهوتو ٽي وي جي بجيٽ سان ڪرڻو پوندو آهي. مثال مون ڊرامو ڪاروان لکيو ته، انهيءَ جون ڇهه قسطون ٿر ۾ رڪارڊ ٿيڻيون هيون. پر پهرين قسط ۾ ئي بجيٽ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڪهاڻيءَ کي شهر ۾ آڻڻو پيو. ٽيون سمجهوتو پروڊيوسر سان ڪرڻو پوندو آهي،. انهي لاءِ اُستاد پروڊيوسر ياور حيات جو مشهور جملو آهي، جيڪو هن ڪنهن ليکڪ کي چيو ته؛ ’يار تم تو لک ديتي هو، ڪه گهمسان ڪي جنگ لگ رهي هي، مگر مين يه جنگ ڪيسي لگوائون.‘ ان بعد سڀ کان وڌيڪ سمجهوتو، ڪروڙين ڏسندڙن سان ڪرڻو پوندو آهي، ۽ اُها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي آهي، ته حاڪم کان وٺي هاريءَ تائين، ۽ هڪ پڙهئي لکئي پروفيسر کان وٺي ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ تائين ڊرامو سڀني کي پسند اچي. جيئن ماڻهو ناول يا ڪهاڻي لکڻ وقت، پنهنجي ناڙيندو آهي، ائين ٽي وي ڊرامي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان جو مطالعو وسيع آهي. ڪو اهڙو ڪتاب جيڪو توهان کي تمام گهڻو وڻيو هجي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اها ته ڊگهي لسٽ آهي.“
استادنظاماڻي؛ ”پوءِ به هڪ ٻه ڪتاب ٻڌايو...؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”هروڀرون ضد ٿو ڪرين ته پوءِ جيڪي مونکي گهڻو وڻيا، انهن مان قرت العين حيدر جو ناول ’آخر شب ڪي هم سفر‘، اوريانه فلاسي جو ’اي مين‘، ۽ شولو خوف جو Quite flows the Don آھن.“
استادنظاماڻي؛ ”مون ڪٿي پڙهيو هو ته؛ توهان جي سنگت، اديبن سان گهٽ چورن، موالين، وڏيرن، ۽ ٻٽاڪين سان گهڻي هئي.؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”منهنجي سنگت، رڳو انهن ڌُرين سان نه پر گڏوگڏ هارين، نارين، ڌراڙن، ڊرائيورن، چوڪيدارن ۽ ڪلارڪن سان به رهي آهي. اصل ۾ انهن ماڻهن وٽ جيڪو علم آهي، سو تجربي جي پيداوار آهي. اهي ماڻهو، اسان اديبن کان وڌيڪ زندگيءَ جو ادراڪ رکن ٿا. مون انهن ماڻهن کان علم پرائيو آهي. منهنجي تخليق جو سرچشمو اهي ئي ماڻهو آهن. جيڪي منهنجي ڪهاڻين، ڊرامن جا ڪردار آهن.“
استادنظاماڻي؛ ”جيڪڏهن اوهان ليکڪ نه ھجو ھا بلڪ پنهنجي والد وانگر صوبيدار هجو ها ته؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”صوبيداريءَ ۾ آئون چونڊجي به ويو هيس، بابا جي ڪوٽا ۾. پر بابا مونکي اها نوڪري ڪرڻ نه ڏني. پر جي اها نوڪري ڪريان ها ته پڙهيو لکيو هئڻ سبب، هڪ بيڪار قسم جو ڊي آئي جي وغيره هجان ها يا ڪرمنالاجي جو ماهر، ڪجهه به هجان ها پر وري به ليکڪ ضرور هجان ها.“
استادنظاماڻي؛ ”پنهنجي تجربي مان ڪجهه اديبن جي زالن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُهي مُڙسن سان ڪيئن ٿيون گذارين؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”سڀ مصيبت/ عذاب ۾ رهيون آهن. منهنجي زال به عذاب ۾ آهي. رت ڪري ماريو اٿمانس. پر وڏي صابر آهي. انهي ڪري قصو پيو هلي. منهنجي ڇوڪرين کي صلاح آهي ته؛ ’اُهي ڪنهن به ليکڪ سان شادي نه ڪن، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسنديون.‘“
استادنظاماڻي؛ ”توهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا چوري ڪئي؟
عبدالقادر جوڻيجو؛ (سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي) ”آئون اڪثر ڪري پنهنجي مضمونن ۾، جن به غير ملڪي اديبن جا حوالا ڏيندو آهيان، انهيءَ جو سبب اهو ناهي ته ڪو پڙهندڙن تي رعب ڄمائجي، پر لکندي لکندي اوچتو ڪي اهڙيون ڳالهيون اچي وينديون آهن، جيڪي ٻين ليکڪن جون چيل هونديون آهن. پوءِ مجبور ٿي آئون انهيءَ ليکڪ جو مثال ڏيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جو چور ته ٿي سگهان ٿو، پر ادبي چوريءَ کان ونءُ ويندو آهيان. هڪ مزيدار ڳالهه اها به آهي ته، ڪافي وقت اڳ، جڏهن ڇوڪراٽ هُيس، ته دوستن سان گڏجي ڳوٺ جي ڀر ۾ قاديانين جا مرچ چوري ڪيم. ان کانپوءِ اهڙي حرڪت نه ڪيم. البته دلين جون چوريون گهڻيون ئي ڪيم.......“
استادنظاماڻي؛ ”ان جو مطلب آهي ته عشق به ڪيئي. پوءِ ته ڀتيون به ٽپيون هوندئي؟ لوڙها به لتاڙيا هوندئي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ”ها! لوڙها به ٽپياسين. هينئر جڏهن اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته ڏاڍو خوف ٿئي ٿو. لوڙها ٽپندي ڪٿي مارجي پوان ها ته،!.... بس موت کان بچي ويس، هاڻي ٻئي هٿ ڪنن تي آهن.“
استادنظاماڻي؛ ”توهان کي جڏهن صدارتي ايوارڊ مليو هو ته اسان ٻڌو آهي، ان وقت ڪجهه قوم پرست آيا هئا، جن چيو هو ته آمر ضياءَ کان ايوارڊ نه وٺ. ته اُهو معاملو ڇا هو؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”ادا ايوارڊ ته منهنجو حق هو، پنهنجو حق ڇو ڇڏيان، مون ڪو پلاٽ پرمٽ ته ڪو نه ورتو، نه ئي ڪا وڏي سيٽ ورتم!  منهنجا ته اُهي ساڳيا حال آهن، بُڪي ٺوڪيندو وتان. ٻين يارن کي به ڏس ته ڇا مان ڇا ٿي ويا. جن مونکي روڪيو، اُهي امير ڪبير ٿيو پيا هلن. سندن اڳ ۾ حيثيت ڇا هُئي، هاڻي ڇا آهي؟ اها ڳالهه ويچارڻ وٽان آهي. ضياءَ الحق مرحوم ته پري ٿيو، پر ڄام صادق علي، ته پنهنجو هو، انهيءَ کان پرمٽ يا پلاٽ/ زمين جو ٽڪرو وٺي پئي سگهيس. پر نه وٺي سگهيس. ڄام صاحب هڪ ڀيرو ته مونکي ڀونڊو به ڏنو؛ ’تون پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪرين!‘ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ڳالهه آهي؛ سڄي ناجائز ڪمائي جي. ڪا مون وٽ هجي ته اوهان پاڻ ٻڌايو. مونکي مڪيش جو راجڪپور تي فلمايل اهو گانو ڏاڍو وڻندو آهي؛ ’سجن ري جهوٽ مت بولو، خدا ڪي پاس جانا هي. نه هاٿي هي، نه گهوڙا هي، وهين تو پيدل جانا هي!‘ سو پاڻ وٽ نه ڪو گهوڙو آهي، نه ئي هاٿي.“
استادنظاماڻي؛ ”ڇا انسان پنهنجي پوري زندگي، پنهنجي ڳولا ۾ گذاريندو آهي؟“
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”اصل ۾ جيتري ڪائنات ٻاهر آهي، ايتري ئي ڪائنات، انسان جي دماغ ۾ موجود آهي. اها ڳالهه ڪا هوائي توائي جملو ناهي. پر جيڪا اطلاقي سائنس آهي، ڪائنات جي ۽ نيورولاجي آهي. اهي ٻئي سائنسون، اها ڳالهه ثابت ڪري چڪيون آهن ته؛ ’انسان جي دماغ ۾ هڪ پدم فئڪلٽيون آهن.‘ سو سائنسي حقيقت ته اها آهي. پر هونئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڳولا ۾ هوندا آهن. ته ڪي نه به هوندا آهن. جيتريقدر ڪنهن ليکڪ جو تعلق آهي ته، ليکڪ اها ڳولا ڪندو رهندو آهي. ته آئون ڪهڙي صنف ۾ فٽ ٿي سگهان ٿو؛ ’آيا شاعري ڪري سگهان ٿو، يا ناول لکي سگهان ٿو، يا ڊرامو لکي سگهان ٿو.‘ ۽ صنف ڳولي لهڻ کانپوءِ، ليکڪ انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته؛ ’هو پنهنجي صنف سان ڪيئن نڀائي؟ خاص ڳالهه ته ادب/ آرٽ، زندگيءَ جي ڪنهن نئين پهلوءَ کي ڳوليندو آهي. جنهن کي چوندا آهن؛ Exploration of the life ...... سو قصو ائين آهي.“
اُستاد نظاماڻي؛ ”آخري سوال ته؛ ليکڪ جي حيثيت ۾، پنهنجي پاڻ کي ڇا ٿا ڄاڻو؟““
عبدالقادر جوڻيجو؛ ”آئون بين القوامي ادب گهڻو پڙهندو آهيان. ان ڪري آئون پنهنجي پاڻ کي دريا ۾ هڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو سمجهان ٿو.“ 

(جهونگار نمبر ٽين ۲۰۰۰ع ۾ ڇپيل)


عبدالقادر جوڻيجي جون ڳالھيون
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
هڪڙي دفعي نئون ڪوٽ جي هڪ “ڀيلڻ ڏوڪري” جڏهن عبدالقادر کي ڏٺو ته کيس هڪل ڪري چيائين ته “مئا قادريا ڪٿ ٿو گذارين.” عبدالقادر جي اکين ۾ عجيب رمق اچي وئي. پوءِ ڪيترو وقت هو ان ٻڍڙي ڏوڪري سان ڊاڙ ٺڪا هڻندو رهيو. کيس ڀيل ذات جي اٿڻ ويهڻ سان گهڻو انس هئو. پنهنجي انهيءَ انسيت ۾ هو ايترو اڳتي به وڌي ويو جو هڪ اخباري ڪالم ۾ هو سڄي ناري پٽ کي ڀيلواڙو لکي ويٺو ۽ پوءِ ڪيترو وقت زبان سندس ڏندن ۾ ڦاٿل رهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته خانصاحب راڄ محمد پلي (جنهن کي هو خطن ۾ ادا راڄو، لکندو هو) چوندو هو ته هي جيڪي سنڌي ادب ۾ ساڄا ۽ کاٻا هڪٻئي تي سيٽيا وتن اهي هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. اڳتي هلي ڳالهيون پنهنجي اصل رخ تي اينديون ۽ هر سنجيده ليکڪ انهن شين کان پري ٿي ويندو. صرف ادبي بيروزگار هن بحث ۾ مصروف نظر ايندا. اها ڳالهه پوءِ عبدالقادر “وڙهيا، واڳيا، واپريا ڪتاب ۾ لکي.” هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته ادب جيڪڏهن اديب جو پيٽ نه ڀري ته آئون ان کي ادب نٿو مڃان. اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو پبلشر جنهن ادب مان بنگلا ٺاهي، سرڪار ادارا هلائي انهيءَ ادب جو سرجڻهار پن جون ٻيڙيون به سوال تي وٺي پيئي. انهي ڪري مون سڀ ڊراما پئسن تي لکيا ۽ پئسن لاءِ لکيا. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ۽ پوءِ هڪ مشهور سنڌي رسالي لاءِ تفصيلي انٽرويو ۾ به چيائين ته منهنجي ادبي گرومنگ (Grooming) عبدالڪريم پلي ۽ راڄ محمد پلي ڪئي ۽ جيڪڏهن وفا پلي جو نالو نه کڻان ته ڪوڙهيو ٿي مران. هن انٽرويو ۾ عبدالقادر ڪريم پلي جي اوطاق ۽ ماحول جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکيو ته ڪاروان ڊرامي ۾ وڏيري علي نواز جو ڪردار مون ڪريم پلي جي شخصيت تان ورتو آهي. ڪريم پلي جهڙا پٽ مائرون وري ڪو نه ڄڻينديون. اهو ڪردار مرحوم محمود صديقي ادا ڪيو ۽ ڊرامي جون ڪيسٽون کڻي صديقي صاحب “عيد” جي موقعي تي سنڌڙي ۾ محمد خان جوڻيجو (وزيراعظم) سان مليو ۽ کيس چيائين ته اوهان جي مائٽ اوهان تي ڊرامو لکيو آهي. ايئن واپسي ۾ پٽ جي نوڪري وٺي آيو. ڪجهه ٻين به سنڌ جي وڏن ماڻهن جي حوالي سان هن ڪردار جي ڳالهه منسوب ٿي پر مون صاف انڪار ڪيو ته نه صرف اهو ڪردار مون پلي صاحب جي شخصيت تان کنيو آهي پر ڪجهه “ڊائلاگ” به هوبهو سندس چيل آهن. هنن چيو ته ڪاش سنڌ جا سڀ وڏيرا “ڪريم پلي” هجن. اهڙو اظهار هن وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي ڪنهن دوست سان به ڪيو. هڪڙي دفعي سندس ڪالوني واري گهر ۾ مون کي هڪ ميز ڏيکاريائين ته عبدالڪريم پلي جڏهن به مون وٽ گهر ايندو هو ته پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سمجهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن ميز تي چڙهي ويهندو هو. عبدالقادر پوءِ ميز تي ڪانڀ ڪڍي ويهي ڏيکاريو ته او! هيئن. هڪڙي دفعي مون عبدالقادر کي راڄ محمد صاحب تي تاثر لکڻ لاءِ چيو. پاڻ اهو تاثر لکيائين ۽ راڄ محمد صاحب جي ڪتاب “وڙهيا واڳيا واپريا” ۾ ڇپيو. اهو تاثر هن چئن مهينن ۾ لکي پورو ڪيو جڏهن به آئون وٽس سنڌ الاجي آفيس ويندو هئس ته هڪ ٻه پئرائون پندرهن ويهن ڏينهن ۾ لکيل ڏيکاريندو هو ۽ خوب ڪچهريون ڪندو هو. جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون لکجن ته وڃي ڪتاب ٺهندو. انهن مان هڪ ڳالهه خاص ته هو ڪريم پلي کانسواءِ پنهنجي ذاتي دوستن ۾ صرف ٻه ٻيا نالا فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ڄام صادق علي جا کڻي چوندو هو ته گنج ٿي ويا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي اک ٻڏي ڪو نه، باقي واسطو، تعلق رسم و راهه گهڻي زماني سان آهي، رهندي پر دوستي جي وڌيڪ بک پاڻ کي اٿئي ڪو نه. هو ڳالهين ۾ بيباڪ هو ۽ ڳالهه ڦهڪائي هڻڻ کي ترجيح ڏيندو هو. هڪڙي دفعي سندس ڪتاب “شڪليون” ۾ مون پڙهيو ته کيس نسيم کرل جو نالو پڙهي هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو (نالي ۾ هن نسيم کرل کي ڇوڪري سمجهيو). پوءِ جڏهن هڪ اخبار جي آفيس ۾ هڪ وڏي آرام ڪرسي اهليل نسيم کرل سان سندس تعارف ٿيو ته حواس باختا ٿي چيائين ته “چڱو ٿيو مون هن سان شادي نه ڪئي!” اهو سندس تحرير جو ڪلائميڪس هو. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايائين ته آئون چئن ڪردارن تي هڪ ڪتاب لکان پيو. “ٻه ڏاڙهيون ٻه سينڌيون.” انهن مان هڪ ڏاڙهي ڪريم پلي ۽ هڪ سينڌ روحي بانو آهي. باقي ٻه ٻيا ڪردار آهن. مون کي خبر نه آهي ته سندس اها تحرير ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. جڏهن لئنگويج اٿارٽي ۾ هو ته به چار پنج دفعا دل واريون ڳالهيون ٿيون. پوءِ هڪڙي دفعي ٻڌايائين ته مئڊم سسئي پليجو چوي ٿي ته آئون لئنگويج اٿارٽي کي ڄام صادق جي اوطاق ٺاهيو ويٺو آهيان. آئون چوان ٿو ته شڪر آهي جو مون تي الزام به هڪ سخي جي نالي جو آهي. ڇو جو ڄام صادق سنڌ جي ڏاتار ڄام ڪانڀو جو پٽ آهي. هڪڙي دفعي مون کي چيائين ته آئون جي بي (گئلن بيري) سنڊ روم جي بيماري ۾ ورتل آهيان. اها بيماري تون نيورو لاجي جي ڊاڪٽر هجڻ ڪري بهتر سمجهين ٿو. هي بيماري اعصابي ڪمزوري ڪرائيندي آهي ۽ ڇڏيندي اصل ڪو نه. سو هاڻ پاڻ کي به دم دلاسي جي گهٽ ضرورت آهي. باقي جيڪي ڏينهن آهن پيا ڪٽبا. هڪڙي دفعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر لغاري صاحب سئمينار ڪوٺايو ٻن ڏينهن جو پهرين ڏينهن تعارفي سيشن ٿيو ٻئي ڏينهن جي صبح جو سيشن ۾ عبدالقادر ڳالهايو. محقق ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. آخري سيشن جو آخري مقرر آئون هئس ۽ پوءِ صدارتي تقرير غلام محمد لاکو صاحب جي هئي. مون ڳالهايو پئي ته “عمرڪوٽ” تاريخي دليل طور “ع” سان ئي لکبو الف سان لکڻ صرف پسند ۽ شوق آهي پر تاريخ ڪونهي. ان وقت پنڊال ٻاهران اسٽيج جي پويان عبدالقادر جوڻيجو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو. مون کي سندس هڪ مذاق ياد آيو. عبدالقادر اڪثر چوندو هو ته ماڻهو ماني کائي ڍؤ ڪري پوءِ وڏا وڏا ڊاڙ هڻي ته ماني هضم ٿئي. سو هي الف سان عمرڪوٽ واري ڳالهه به اهڙو ئي ڊاڙ آهي. پاڻ اتان اسٽيج جي پويان کنگهندي کنگهندي چيائين ته پلي منهنجي جان ڇڏين نٿو ۽ پوءِ اسٽيج تان لهڻ بعد ٽهڪ ڏيندي چيائين ته هيءَ ڳالهه به تاريخ جو اهم دليل ٿي ويندي. آخري دفعي مون کي چيائين ته ٻئي سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر گڏ ٿيا آهيون منهنجي حصي جو ڪم به تون ڪجان. مون کي خبر هئي  عبدالقادر هڪ به ميٽنگ ۾ نه ايندو ۽ ساڻس فون تي گفتگو بعد ملاقات ئي نه ٿيندي ۽ اسان جون ڪچهريون به ڪورونا جي لاڪ ڊائون سان گڏ لاڪ ٿي وينديون.



ٻئي دفعي
عبدالقادر جوڻيجو جون ڳالھيون
اسد جمال پلي
ٻي دفعي، اها ڳالهه ٻڌايائين ته؛ ”مون کي پرائمري ماستر جي نوڪري ملي، خانصاحب عطا محمد پلي جي ڳوٺ لڳ، صوفي شاخ جي اولهه ۾، چوڌري شاهنواز جي ڳوٺ ۾. پر مون اچي لڏو لاٿو عبدالڪريم پلي وٽ، جتي مون کي ادبي خوشبوءِ آئي ٿي. هتان ٻه- ٽي ڪلوميٽر اسڪول لاءِ اڪثر وفا پلي مون کي موٽرسائيڪل تي ڇڏي ايندو هو ۽ وري کڻي به ايندو هو. ايئن ئي وقت گذريو. عبدالڪريم پلي وٽ روز ادبي ڪچهري ۽ رهاڻ متل هوندي هئي. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته اهو ۱۹۶۵ع جو سال هو جو منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻرندڙ لانچ جنوري جي روح رهاڻ ۾ شايع ٿي. ساڳي پرچي ۾ عبدالڪريم پلي جو هڪ گيت به ڇپيو هو. آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس جو پهرين تحرير ڇپي هئي. پوءِ هن ڪهاڻي تي رات جو هڪ تفصيلي ويهڪ پڻ ٿي جنهن ۾ يار محمد چڱائي سڀني کان گهڻو ڳالهائيو. اسان جي هن ادبي گاڏي ۾ محمود يوسفاڻي به هوندو هو. هو سنجيده ۽ معتبر ماڻهو هو. ڪير به ساڻس گهڻي حجت ۽ کل ڀوڳ نه ڪندو هو. جهڙو شخصي طرح معتبر هو. تيئن علمي طرح به معتبر هو. محنتي ۽ گهڻو لکندڙ هو. گرامر ۽ ٻولي جي حوالي سان ۽ شاعري تي سندس گفتگو مستند هئي. اسين سڀ کيس سائين معمور سڏائيندا هئاسين. منهنجي گهڻي ڪچهري راڄ محمد سان هئي. راڄ محمد گهڻو مطالع ڪندڙ ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته مون کي اتي رهائش دوران سائي (Jaunalice) جي بيماري ٿي پئي ته مون کي ڀڳڙا جام کارائيندو هو. ڀڳڙن جي کائڻ سان اڃ جام لڳندي هئي ۽ پيشاب گهڻو ٿيندو هو. راڄ محمد مون کي چيو ته اهو اٿئي ”سائي“ جو علاج. نڪو ”خاڪ“ نه ڪو تعويذ.
عبدالقادر مون کي ٻڌايو ته مون راڄ محمد کي تمام گهڻا خط لکيا. راڄ محمد جنهن کي آئون ”دا راڄو“ لکندو هئس. اهو خط فائل ڪري رکندو هو. سنڀايل هوندا. اوهين هٿ ڪجئو. پوءِ مون هٿ ڪيا ۽ مون وٽ سنڀاليل آهن. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته کيس سخت بخار آيو رت جي رپورٽ ۾ ڪينسر جا جذا اچي ويا. چيائين عبدالڪريم پلي سان حال اوريم ته مون کي حيدرآباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ اوهين وٺي ڏيو. ٻارن جي جي تعليم جو خرچ فقير شير محمد بلالاڻي تي آهي. چلهه پينشن مان ٻرندي. ٻارن جي تعليم مڪمل ٿي بس، منهنجا ٻيڙا پار. پوءِ جيڪڏهن ٻار وڏا ٿي پنهنجي جاءِ وٺي اوهان جي جاءِ واپس ڪن ته به مرضي جا مالڪ جي نه واپس ڪن ته به بخش اٿن. عبدالڪريم پلي کلندي کلندي چيو ته يار تون ڊڄ نه رپورٽ ڪنهن سٺي ليبارٽري مان ڪراءِ. پاڻ ويهي منهنجو علاج مڪمل ڪرايائين. رپورٽ ٻيهر ڪرايائين ته ڪينسر هئي ئي ڪو نه الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي. يار اسد! ڇا ماڻهو هئا.
ٻي دفعي، ٻڌايائين ته جڏهن ستر واري اليڪشن ۾ عبدالڪريم پلي ايم پي اي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور بيٺو ته سندس انتخابي نشان ”گهڙيال“ هو. آئون ۽ علي بابا سندس بنگلي تي ويٺا ورڪ ڪندا هئاسين. ورڪ ڪهڙو سڄو ڏينهن مکيون ماريندا هئاسين ۽ شام جو جڏهن پلي ورڪ تان واپس ايندو هو ته سندس همت وڌائيندا هئاسين. جڏهن اليڪشن ٿي ۽ پلي جي سيٽ کٽڻ جو اعلان ٿيو ته علي بابا اهڙو زور سان ٽپ ڏنو جو ڪرسي تان ڦهه وڃي پٽ تي ڪيائين. سڀني جا کل جا ڪوڪريا. ٻي دفعي، مون کي ٻڌايائين ته شيرين پاشا (شارٽ اسٽوري رائيٽر) مون کي چيو آئون کڱيس سنڌ جي ٻهراڙي گهمايان. آئون سندس فرمائش تي شيرين پاشا کي وٺي وڃي عبدالڪريم پلي وٽ نڪتس. عبدالڪريم پلي انتهائي خانداني بصيرت سان ساڻس فرشي نشت تي ڪچهري ڪئي. ڳوٺاڻيون ڳالهيون، ڳوٺاڻا کاڌا بعد ۾ ڪافي ڀرت ٿيل شيون ڏنائين. واپسي ۾ مون ڏٺو ته شيرين پاشا جي اکين ۾ لڙڪ هئا. مون سبب پڇيو ته چيائين، قادر تمام گهڻي عرصي کانپوءِ مون خانداني خوءِ واري شخص سان ڪچهري ڪئي آهي. مون کي ايئن لڳو ته آئون پنهنجي ڪنهن خاندان جي وڏي بزرگ جي ڪچهري ۾ ويٺي آهيان. مون کي جيڪي پنهنجي ڏاڏا سائين متعلق ڳالهيون گهر ۾ ٻڌايون ويئيون هيون سي سڀ پلي ۾ موجود مليون. عبدالقادر چيو ته مون ڪالر ڇنڊيندي چيو ته آخر قادر جو يار آهي. گهٽ هوندو ڇا؟
ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڇوڪرو پيو کيڏي ”اجئه جڊيجا“ اهو ڪڇ جو ”جاڙيجو“ سمون آهي. هنن جاڙيجن جا جيڪي سنڌ جي سمن سان تاريخي مائٽيون ۽ رشتا ناتا آهن اهي توکان ڳجها ڪونهي. عبدالقادر هيءَ ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻو ڳنڀير ٿي ويو ڄڻ هو لاکي ڦلاڻي کان هينئر به جاڙيجن کي خبردار ڪندو هجي ته ”جاڳو جاڙيجا. سمان سک مَ سمهو“ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين پنهنجي پاسي وارو انضمام الحق وري ملتان جي پيراڻي گاڌي مان آهي ۽ اهي ملتان وارا جاڙيجن جا ”پير“ آهن جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ ٿيندي آهي ته آئون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي مرشد ۽ مريد جي بئٽنگ جا مزا ڏسندو آهيان. ٻي دفعي مون کي ٻڌايائين ته عبدالڪريم پلي جو والد خانصاحب عطا محمد پلي واقعي خانصاحب هو. خانصاحب جي کوٽ ڪونهي پر عطا محمد پلي ڪير سڏائي. سندس وڏ ماڻهپي جو هڪ اسٽائل اهو به هوندو هو جو سئو رپئي جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو. دوستي هئس ته وري صوفي قلندر بخش شهيد سان، مهل جو مڙس ماڻهو هو. هو ته خانصاحب انگريزن جو ٽائيٽل يافته پر بااصول اهڙو هو جو انگريز تي به اک ڪا نه ٻڏندي هئس. حرن واري مارشل لا لڳي ۽ حضرت سورهيه بادشاهه تي ڏکيا ڏينهن آيا. انهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ لڳ ٽالهي جوڻيجي جي ڳوٺ تي پوليس ڇاپو هنيو. ڳوٺ جا مڙسالو ته پاسيرا ٿي ويا پر سڀئي ”غازياڻيون“ بيل گاڏين ۾ اچي خانصاحب جي ڳوٺ پهتيون. خانصاحب سڀني ”سامن“ کي ڪوٽ ۾ آندو ۽ چيائين ته اوهان تان منهنجو سر صديقي، جيستائين ساهه سلامت آهي انگريز اوهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندو. مون اها سڄي ڳالهه ”سانگهڙ ناول“ ۾ پڙهي آهي ۽ عبدالقادر جي ٻڌائڻ وقت ايئن لڳو ڄڻ هو پاڻ ان وقت خانصاحب سان گڏ هو.

ٻي دفعي، ٻڌايائين ته خبر اٿئي خانصاحب عطا محمد پلي جي اوطاق ڪا عام وڏيرڪي اوطاق نه اٿئي.هن اوطاق نه صرف سنڌ جي ”موسيقي“ جي خدمت ڪئي آهي پر سچ، صداقت ۽ شرافت جي فيصلن جا به مثال قائم ڪيا آهن. پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي تاڙي ملائي چيائين ۽ سنڌي ادب جا ٻه وڏا افسانه نويس ۽ ڊراما نگار به هن اوطاق جي ايجاد اٿئي. هڪڙو تنهنجي سامهون ويٺو اٿئي جنهاڻي ۽ ٻيو ڏيپلائي. يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين يارن جون. سنڌ کي اهڙا وڏيرا ئي ته کپن. ٻي دفعي، ٻڌايائين ته بابا جي پوليس آفيسر وقت مون ٿاڻن اندر واڙيل يارن سان ڪچهريون ڪيون. حال احوال ورتا ۽ آهستي آهستي مون کي زندگي جا ڪيترائي سچ سمجهه ۾ اچي. اندر واڙيل يار بي ڊپا ٿي سچ ڳالهائيندا هئا ۽ ڇوٽ ٻولي ڳالهائيندا هئا. منهنجن ڊرامائي ڪردارن ۾ به توکي اها ڇوٽ ٻولي ملندي. اڄ جڏهن سنڌ جو هيءَ بي ڊپو ليکڪ سنڌ ڌرتي جي سطح کان اندر ٽپي هڻي ويو آهي ته مون کي لڳندو آهي ته هي ”يار“ انهي جهان ۾ به ايئن ڪانڀ ڪڍي پنهنجي هٿ جي آڱرين جي اشارن سان ڪچهرين ۾ هوندو جيڪو ماڻهو سورهن آنا سچ سان ڪميٽڊ رهيو. اهو وري اتي ڪيئن ڏکيو هوندو. سندس ڪتاب ”شڪليون“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو منهنجي اها ڳالهه ضرور قبول ڪندو ته عبدالقادر جا سڀ ڪردار هر دؤر ۾ هن ڌرتي تي موجود رهيا آهن پوءِ اها ”راڻي“ هجي يا ”ڪيسري.“




عبدالقادر جوڻيجو
ھڪڙو قادر ھزار ڳالھيون
نصير مرزا
ٻُڌايائين پئي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي جي آخري قسط جو لکي پوري ڪيم ته رائٽنگ ٽيبل تان اُٿي اڱڻ ۾ وڃي ڊوڙون پائڻ لڳس. نجمه جو مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته پريشان ٿي وئي. چيائين، تون هي ڪرين ڇا پيو؟ وراڻيومانس، مغز تي شينهن جي مٿي جيڏو وزن هو، سو اڄ نيٺ لٿو. ان جي خوشي سيليبريٽ به نه ڪريان ڇا ڀلا!؟ هيءَ اپريل ۲۰۱۸ع جي ڳالهه پئي مون ڪئي، جڏهن آئون ۽ نياز پنهور، پنهنجي هن مستانه ماهي يار عبدالقادر جوڻيجي کان ڪاوش دنيا لاءِ انٽرويو وٺڻ جي خيال سان سندس رهائشگاهه تي موجود هئاسين. ڀاڄائي نجمه قادر پنهنجي ورَ جي ڀرسان ويٺي هئي ۽ زيرِ لب مُرڪي اسان جي اهڙي ڪچهري مان لطف اندوز ٿي رهي هئي.
خوش گفتار، مزيدار ماڻهو ۽ آرٽسٽڪ ڳالهيون ڪندڙ هن قلمڪار قادر سان اها ته پوئين ۽ آخري ملاقات جي جهلڪ مون مٿي لکي، پر هن سان پهرئين ۽ روبرو رهاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي منهنجي؟ اها به عرض ڪريان ٿو. اها ڀانئيان ٿو اهو ۱۹۷۷ع يا شايد ۱۹۷۸ع وارو سال، آئون ۽ طارق عالم سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمينٽ جا جَل ڦٽاڪا شاگرد هئاسين ۽ شيخ اياز صاحب جي وائيس چانسلر شپ به تڏهن بلي بلي هئي. ان ئي زماني ۾ سنڌالاجي ۾ اتان جاري ٿيندڙ رسالي ”پرک“ جي برک ليکڪ ۽ ايڊيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي پنهنجو مواد ڏيڻ لاءِ اسين پهتاسين. سامهون ڪرسيءَ تي ڳوٺاڻي ڪَٽ سلوار قميص ۾ ڇا ڏسون هي سامهون جيڪو عبدالقادر جوڻيجو، سگريٽ اُن جي مُٺ تي، ڪانٽو سٺ تي..... ڪچهري شروع ٿي ته لڳو همراهه نه فقط ڳالهين جو ڳهير، پر وڏو حوالي به. تڏهن اسين به جهٽ هن سان گهرگهلا ٿي وياسين. ڪا گهڙي ويهي ٺاشا ماشا ڪري اوچتو اُٿياسين، ته فرينڪ ٿيندي چوڻ لڳو، ڪهڙا پويان ٻار پيا روئنوَ. ڇڏيو گوٿناٿ، ويهو چانهه ٿو گهرايان. پوءِ پرک جو پهريون شمارو شايع ٿيڻ جي خبر پئي، ته ڇا ڏسان قادر هڪ پورو سالم صفحو منهنجي شاعريءَ لاءِ مخصوص ڪيو هو. تڏهن ان وقت اعزازي ڪاپي ته ڏنائين پر شاعريءَ واري فائل مان منهنجي هٿ لکيل وائيءَ وارو پنو ڏيندي چيائين، ”ڏس شيخ اياز صاحب پرک لاءِ شاعريءَ جي چونڊ ڪندي تنهنجي وائيءَ جي مٿان هي ڇا لکيو آهي؟“ ڏٺم ته ڳاڙهيءَ مَس واري پين سان ۽ هيٺان شيخ اياز صاحب جي دستخط سان لکيل هو؛ Who is Naseer Mirza? تڏهن سگريٽ مان سوا ميٽر جيترو ڊگهو سوٽو هڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو، هي عظيم شاعر جو ڏنل سرٽيفڪيٽ اٿئي، ڇا ياد ڪندين، هان وٺ تحفي وانگر وڃي سانڍي رک پاڻ وٽ. ۱۹۸۱ع تائين آئون جيستائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هوس، طارق سان گڏ قادر وٽ ريگيولر وزيٽر هوس. تڏهن ڪچهريءَ ۾ جي هو حوالي ته طارق ۽ آئون به ڀلا ڇا ۾ گهٽ؟ پاڻ طارق ۽ منهنجي جوڙيءَ کي ٽچ بٽڻ سڏيندو هو. تڏهن قادر ۽ شوڪت حسين شوري کي هر وقت گڏ گڏ ڏسي اسان به ته دل ئي دل ۾ هنن کي ٽچ بٽڻ جوڙي سڏڻ لڳا هئاسين.
هاڻي ڳالهه صاف... جيڪو به قلمڪار، شاعر، چترڪار يا ڪهاڻيڪار اهو چاهي وڏو هجي، کڻي ننڍو، يا ايوريج، عاشق صادق جي نه هوندو ته نظرباز ته ضرور هوندو ۽ صنف نازڪ جنهن جي ضرور ته ڪمزوري هوندي، تڏهن ڀانئيان ٿو هي شايد سهڻي رسالي ۾ قادر کان پڇيو ويو هو ته توهان جي آڏو ٽي شيون هجن شراب، ڪتاب ۽ عورت، سچ ٻُڌايو، توهان  جي چونڊ ڇا هوندي؟ جواب ڏنو هئائين، ”عورت... ڇو جو اها شراب به آهي ته شباب ۽ ڪتاب به.“ تڏهن واهه قادر واهه، واهه قادر واهه چوندا، کيس داد ڏيڻ لاءِ اسين سندس آفيس ۾ گهڙي پيا هئاسين. تڏهن يڪدم اپديشڪ بڻجي چوڻ لڳو، ”هئه ٻالڪو!! صنف نازڪ جو عاشق اصل ئي نه ٿجي، هميشه هن جو معشوق ئي ٿجي.“ ڀانئيان ٿو، قادر سچو هو، جو ان وقت عينڪ جي سونهري ڪمانين واري هڪ نازڪ نفيس ۽ نو خيز ڪهاڻيڪاره هن جي آڏو عاشق بڻجيو ويٺي هئي ۽ ”پولار“ ۾ آرٽسٽڪ انداز سان ڏسي رهي هئي، تڏهن اسان ٻنهي وري ان خاتون منجهان اکيون ئي نٿي ڪڍيون.
افسوس، طارق عالم هن پياري اپديشڪ قادر جي قول تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي ”مِس“ جي عشق ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويو ۽ نيٺ ناڪام ٿي ڊپريشن ۾ گُڙدا وڃائڻ واري پروسيس ۾ اچي ويو. هي اهو وقت هو، جڏهن پي ٽي ويءَ تان اردو سنڌي ڊرامن ۾ قادر ۽ ادي نور الهديٰ شاهه جو نالو شهرتن جي آسمان تي پئي اڏاڻو، تڏهن هنن ٻنهي جي سربراهيءَ ۾ اسان وفد ٺاهيو ۽ وقت جي وزيراعظم، محمد خان جوڻيجي وٽ، طارق جي علاج لاءِ اپيل کڻي حاضر ٿي وياسين. حُسن اتفاق، وزيراعظم جوڻيجي صاحب، پنهنجي ذات ڀائيءَ قادر کي سڃاتو ۽ ڪم ٿي ويو. طارق جي ئي لفظن ۾، ”ٺڪا تي ٺو“ (بعد ۾ قادر به ته اهي لفظ تڪيه ڪلام طور پيو اڪثر استعمال ڪندو هو) تڏهن اهو به ڪيڏو نه سٺو ٿيو، جو پنهنجي ناڪام عشق جي ڪٿا کي ڪيٿارسس طور طارق ناولٽ ”رهجي ويل منظر“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. پنهنجي زماني جي هن روميو جوليئٽ قصي جو مسودو کڻي هاڻي قادر جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين. چيائين، هاڻي وڃو، سڀاڻي اچجو. ٻئي ڏينهن وياسين ته زبردست اپلاز ڏيندي چوڻ لڳو، شيخ اياز جي نثر بعد، تنهنجي هن ناول جي نثر، آرٽ ۽ ڪرافٽ مون تي جادو ڪري ڇڏيو آهي. طارق جو ناول شايع ٿيو ته ان جي پڌرائي وقت، قادر زبردست تقرير ڪئي. ياد آيم هي نوي جي ڏهاڪي وارو اهو ئي وقت هو، جڏهن ڪتابن جي مهورتن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ قادر جي تقرير هڪ خاص شيءَ شمار ٿيندي هئي. ڀانئيان ٿو خيرپور ۾ هيءَ ڪهاڻي ڪانفرنس، هي اتي هن ٿري ناٽ ٿريءَ جي گولي جهڙو بيان جاري ڪيو. چيو هئائين، ”نسيم کرل کي گولي ڇا لڳي، ڄڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي“. سندس ان بم حملي تي پويان ڪيڏي ۽ ڪيتري وٺ وٺان ٿي، اها گهڻن ئي رسالن، اخبارن ۾ ڇپي پئي اٿوَ، ان ڪري هتي ورجاءُ کان پاسو ٿو ڪريان.
”قادر، توهان ٿورو ڌڏِڪو ڏيئي ڇو ٿا هلو؟ ساڄي ٽَنگ ۾ توهان جي اهو ڇا آهي؟“ طارق پُڇيس ته ٺهه پهه وراڻيائين، ”اڙي يار، ان کي منهنجو مينو فيڪچرنگ فالٽ سمجهه.“ ڪيترا سال اڳ هن کي اوچتو ڪو نيورو پرابلم ٿيو، يا شايد فالج جو اسٽروڪ، آڌيءَ رات جو طارق عالم ئي اهڙو دوست، جيڪو پهرئين وٽس پهتو. ٻئي ڏينهن طارق، آئون ۽ احمد سولنگي سندس عيادت لاءِ پهتاسين. ڇا ٻُڌون، قادر خبرون ئي نيون ويٺو ڪري... اڙي يار....اسٽروڪ نه پر هڻ کڻ بلا هئي، ڌڪ هڻي ائين وٺي اڏاڻي، جيئن ٿر اندر واچوڙي ۾ اُٺ اُڏامي ويندا آهن. پوءِ ٻُڌائڻ لڳو، اهو GBS وائرس جو حملو هو، يار.. ڀڃي ويو مونکي.
علالت جي اهڙن ئي ڏينهن ۾ هن اسحاق سميجي واري خوبصورت رسالي ”سارنگا“ لاءِ يادگيريون به ته لکيون ويٺي. جنهن مان هڪ بيحد دلچسپ ۽ عجب جهڙو قصو ٻُڌائڻ لڳو. چئه، ”جنهاڻ جوڻيجه ڳوٺ ۾ ۽ خاص اسان جي راڄ ۾ ڪو ٻار ڄائو ته خوشيءَ ۾ نانگ مانيءَ جي رسم صدين کان جاري آهي. انهيءَ ۾ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاجهريءَ جي اٽي ۾ ڳڙ ۽ ڦوٽا وجهي روٽ تيار ڪبو آهي، پوءِ اهو گهر گهر وڃي ورهائبو آهي. اها رسم اسان وٽ پَڙ تڙ ڏاڏن کان جو هلي آهي ته هي نصير قادر پُٽ ڄائو بيشڪ ته ڄامشوري ۾ پر نانگ ماني ان جي به جنهاڻ جوڻيجه ۾ ڪئي وئي. قادر جي هڪ مشهور ڊرامي ”جانچ“ ۾ جمعدار ۽ صوبيدار جا تڪيه ڪلام ڏاڍا دلچسپ هئا، مشهور به ٿيا هئا. ننڍو منشي وٽ سٽ کائي صوبيدار صاحب کان پُڇي ٿو، ”ڪٿي رکانس!؟“ تنهن تي صوبيدار صاحب اک ڀڃي چالاڪيءَ سان چويس ٿو، ”اتي رکينس...“ ائين جڏهن جڏهن به قادر ڪا مزيدار يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه ڪندو هو، ته طارق ساڻس تاڙو ملائيندي يڪدم چوندس هو، ”اتي رکينس“.
الائي اها ڪائين اپريل هئي پر سال ۲۰۱۹ع هو. نياز پنهور سان گڏجي سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ان ڏينهن فيملي انٽرويو لاءِ وٽس وياسين ته پنهنجي شريڪ حيات ڀاڄائي نجمه جي ڀرسان ٿڪاڻو ٽٽاڻو جيڪو ان وقت عبدالقادر جوڻيجو مون ڏٺو، اهو بلڪل هن جي شاهڪار افساني ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ وارو اڇن وارن سان پوڙهو سومار هاري مونکي معلوم ٿي رهيو هو ته بس قادر سان اها ئي منهنجي آخري ملاقات هئي. اٿڻ وقت ڦِڪي مُرڪ مُرڪي موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، ”دل ڪڏهن وات، ته ڪڏهن اوطاق، ڪڏهن گهر، ته ڪڏهن قبر“ ۽ الاس! هي ۳۰هين مارچ ۲۰۲۰ع تي اسان جو يار قادر جتان جي مٽي هو، اتي جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آسوده خاڪ ٿيو. ياد اٿم قادر کي بهار جي موسم ڪيڏي نه وڻندي هئي ۽ ان ئي موسم ۾ هاڻي سندس گهر جي ڳولا ۾ ڀاڄائي نجمه ۽ نصير قادر کي پُرسو ڏيڻ لاءِ اوڏانهن آئون ويس پئي ته، قادر جي ۽ پنهنجي پسند جي هن اداس گيت جا ٻول، منهنجي چپن تي تري آيا هئا:
هماري بعد، اب محفل مين، افساني بيان هون گي،

بهارين هم ڪو ڍونڍين گي، نه جاني هم ڪهان هون گي.




عبدالقادر جوڻيجو
سنڌي ڪھاڻي سوڳ ۾
معوم ٿري
سنڌ جو هڪ سدا مست قلمڪار عبدالقادر جوڻيجو ڄامشوري جي شامن کي سوڳوار ڪري “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جي ڪردارن کي هاڪڙي جي سڪل پيٽ ۾ ڇڏي ڇورو ڪري ۽ سنڌي ڪهاڻي کي “هورو” ڏيئي هن دنيا کان هليو ويو، شايد سنڌي ڪهاڻي هن لاءِ صدين تائين سوڳ ۾ رهي جيئن ريٻاري دودي سومري لاءِ رهيا.
ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هن کي سندس اردو ڊرامن ۽ انگريزي لکڻين شهرت جي بلندين تي پهچايو، پر سنڌي ڪهاڻي کي بلندين تائين پهچائڻ ۾ قادر جي ڪهاڻين جو ڪمال شامل آهي. منهنجي قادر سان ڏيٺ ويٺ ۱۹۷۹ع کان ٿي، ان کان اڳ سندس ڇپيل سموريون ڪهاڻيون مون پڙهي ڇڏيون هيون. انهن ڏينهن کان هو ناول “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جو ذڪر ضرور ڪندو هو ته لکي رهيو آهيان ۽ هر ڀيري هڪ نئين ڪردار جو ذڪر ڪندو هو، اهي ڪچهريون ڪلاڪن تائين هلنديون هيون پر اڳتي هلي ڊرامن جي “مارڪيٽ” ۽ ڪالمن جي ڪاروباري دنيا هن کي سنڌي جو اهو شاهڪار ناول ٽن ڏهاڪن ۾ به لکي پورو ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. پر ناول جي ڪردارن کي کٽائيندي هن انگريزيءَ ۾ ناول The Dead River لکي ناولن جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڇاپ ته ڇڏي پر سنڌي ادب “سوديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙي ناول کان وانجهو رهجي ويو، جيڪو ناول قادر جي آتم ڪٿا جي اڃ به لاهي ڇڏي ها. ان ناول جي ڪردارن تي مون سان ڪيئي ڀيرا ويچار به ونڊيا هيائين. انهي ناول جا مختلف ٽڪرا ڇڙوڇڙ ڪالمن ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهيا هئم. ماهوار سهڻي جي ۱۹۸۹ع واري هڪ شماري ۾ پنهنجي ڪالم ۾ قادر ان ناول جو ٽڪرو ڏيڻ کان اڳ لکيو هو ته ناول “سوديس مسافر منهنجو ڙي” گذريل اٺن سالن کان رکي رکي لکان پيو، هينئر اهو ناول چوٿون ڀيرو وري لکجي رهيو آهي. هن ناول جو ڪئنواس وڏو آهي، انهي ڪري هر ڀيري ڪيئي نيون ڳالهيون سجهي اچن ٿيون”سو ڳالهه پئي ڪئيسين ته انهي ناول جي اساٽ The Dead Tiver لاهي نه سگهيو آهي، مون کي انهي سنڌي ناول جي نه لکجڻ ۽ نه ڇپجڻ جو ايترو ئي صدمو رسيو آهي، جيترو قادر جي وڇوڙي وڍ ڏنو آهي. قادر اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪهاڻين کانسواءِ مختلف شخصيتن تي خاڪا به لکيا. اديبن ۽ دوستن تي لکيل خاڪن جو مجموعو “شڪليون” به ڏاڍو ساراهيو ويو، اڳتي هلي قادر ان ۾ ٽن خاڪن جو اضافو ڪري رامجي ڪولهي، رمضان جوڻيجو ۽ ڪيسري ڀيلڻ کي ويهين صدي جون عظيم شخصيتون قرار ڏنو هو، انهن خاڪن جي آخر ۾ لکيو هيائين ته “رهيو ڊسٽارٽ ٿي ويل سائنسدان کاٽائومل، انهي جو ذڪر ڪڏهن ٻي ڀيري ڪبو.” ان تي خاڪو نه لڳي سگهيو پر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ۾ ان ڪردار تي قلم کنيو هيائين. قادر رڳو پنهنجي لکڻين جي ڪردارن ۾ جان ڪو نه وجهندو هو، پر اهڙن ڪردارن جي حقيقي زندگي ۾ کين سون بنائڻ لاءِ پارس بڻجڻ جا جتن به ڪندو هو، کاٽائو به هڪ اهڙو ئي ڪردار هو، هو هڪ هاري جو پورهيت پٽ هو، جيڪو وسڪاري جا ڏينهن ٿر ۾ مال چاريندي گذاريندو هو ۽ ڪڻڪ جي لاباري واري ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنب سان بئراج جي ايراضي ڏانهن لڙي ايندو هو. هڪڙو اهڙو نڀاڳو سال آيو جو ڪڻڪ جو لابارو ڪندي کاٽائو جي سدا ملوڪ ڀينرن کي ظالم هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، اهي ڪونجن جيان ڪڻڪنديون ولر کان وڇڙي ويون، سندن بي پهچ ڀاءُ گهڻو ئي دانهيو ۽ ڪوڪيو پر ڪنهن هڪ به نه ٻڌي ۽ دنيا جي نظرن ۾ هو پاڳل ٿي ويو.
انهن ڏينهن ۾ قادر فضل ڀنڀري ۾ پرائمري ماستر هو، هن کي ان روئداد جي ڪا خبر ڪا نه هئي، پر هو جڏهن شام جو ڳوٺ ڏانهن موٽندو هو ته گس تي کيس هڪ سنسان جڳهه تي مٽي ۾ ڀڀوت بڻيل هڪ نوجوان هتان هتان ميڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن جا ڍڳ ٺاهي، انهن ڍڳن سان ڳالهائيندي نظر ايندو هوگس تان ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي هن جي اک به ڇنڀندي هئي. قادر گهڻائي پرپڻ ڪيا ته ڪهڙي ريت اهو نوجوان ريجهي پوي ان خيال سان قادر روزانو انهي نوجوان وٽ لنگهي وڃي ڪجهه گهڙيون بيهڪ ڏيندو هو، پر هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيو. پر قادر جي ڪهاڻيڪار اک انهي الستي نوجوان ۾ ڪجهه ڳولڻ لاءِ آتي هئي، نيٺ ان نوجوان جي ڪاغذن ۾ دلچسپي واري ڳجهارت کي واءُ هڻڻ لاءِ قادر ان اڳيان روزانو اها اخبار رکڻ شروع ڪئي، جيڪا هو فضل ڀنڀري مان خريدي پڙهي ايندو هو. قادر جي چال ڪم ڏيکاريو، اکين اٿل کاڌي ۽ روزانو اخبار جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اهڙي ريت آخر اکيون اکين سان مليون ۽ قادر ان پاڳل نوجوان کي ريجهائڻ ۾ ڪامياب ويو اهو نوجوان اهو ساڳيو کاٽائو هو. ڳالهه کي اتي ڳنڍ ڪا نه ٿي اچي، قادر هڪ ڏينهن کاٽائو کي اتان اٿاري ڳوٺ وٺي آيو. وهنجاري سهنجاري پنهنجو ڪپڙن جو جوڙو پارائي پنهنجي اوطاق تي هنڌ بسترو ڪري ڏنائين ايئن ڏينهن هفتا مهينا گذري ويا، کاٽائو پڙهيل پٽي به ڪو نه هو، تنهن کي الف ب پڙهائيندي پڙهائيندي ڪتابن جو ڍڳ پڙهائي وڌائين، جنهن سان هو رچي ريٽو ٿي ويو، آخر نوڪري جي ڪري قادر کان ڳوٺ ڇڏائجي ويو ته کاٽائو به اتان نڪري ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بڪ اسٽالن تي نوڪري واري ڪرت سان لڳي ويو. جنهن سان هن ڪتابن جي پڙهڻ واري ٻاڙ به پوري ٿيڻ لڳي ته کيس کوٽ به گهٽجڻ لڳي. ۱۹۸۰ع جي آخر ۾ قادر جي خواهش تي هن کي مون ٺٽي جي هڪ بڪ اسٽال تان ڳولي هٿ ڪيو ۽ جهڏو وٺي آيس جتي سگا پاران قادر سان ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيل هو، ان ۾ کاٽائو قادر جي فن ۽ شخصيت ڇا ته قهر جو ڳالهايو هو، افسوس اهو مواد به محفوظ نه ٿي سگهيو. قادر “سو ديس مسافر منهنجو ڙي” ناول ۾ کاٽائو جي ڪردارکي دراوڙ سڏيندو هو.
قادر جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ کاٽائو سميت هاڪڙي جي سڪل پيٽ جي آس پاس جنم وٺندڙ اهڙن ڪلاسيڪل ڪردارن تي قلم کڻڻ وارو ڪير به ڪونهي، جن ڪردارن کي هن “سو ديس مسافر منهنجوڙي” ۾ سمائڻ ٿي چاهيو، جيڪي The Dead River ۾ سمائجي نه سگهيا آهن، اهڙا ڪردار قادر جي وڇوڙي سان گڏ سرسوتي ندي جيان گمشده ٿي ويا. قادر جو جنم به انهن پٽن ۾ ٿيو، جتي هن ننڍپڻ ۽ جوڀن جا ڏينهن گهاريا هئا، پر نوڪري ۽ وني (ڀاڀي نجمه) جي ڪري جواني ۾ ئي هن کي ڄامشوري جا وڻ وسائڻا پيا هو جنهاڻ جون ڄاريون ۽ ماريون اتي ئي ڇڏي آيو، پر پاڻ سان گڏ اتان جي ڪيترن ڪردارن جي قصن ۽ ڪهاڻين جون ڄڻ هڙون ٻڌي کڻي آيو هو، ان جي ونڊ ورڇ پنهنجي تحريرن ذريعي ڪندو رهيو. هو پنهنجا مارو ۽ اباڻا ڪک ڪڏهن وساري نه سگهيو، جڏهن به اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته هو ميلان ڪنڊيرا جا پئرس ۾ صحافين آڏو اهي لفظ سنڌي ۾ هن ريت ورجائيندو هو ته؛
“مونکي منهنجو ملڪ ٿو ياد اچي، مونکي منهنجا مارو ٿا ياد اچن، مونکي منهنجا ڌڻ ياد ٿا اچن، زندگي ڪنهن ٻي هنڌ آهي.” اهو ئي ڪارڻ هو جو هو وصيت ڪري ويو ته مرڻ کانپوءِ مون کي منهنجي ماڳ واري مقام ۾ ڌرتي داخل ڪجو، اڄ هو انهن ڄارين جي اوٽ ۾ مٽي ماءُ سان وڃي مليو آهي.


عبدالقادر جوڻيجو
سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري
منظور ملاح
تاريخ جي ستم ظريفي ته ڏسو اڄ مون کي سندس ئي لفظ دهرائڻا ٿا پون. هن کلندي اهي لفظ لکيا ۽ آئون ڳريءَ دل سان انهن کي دهرايان پيو. جڏهن مون پنهنجو شروعاتي ڪهاڻين جو ڪتاب ۲۰۰۶ ۾ لکيو ته مهاڳ لکڻ لاء کيس بنا پڇڻ جي موڪلي ڏنم ۽ ڪجه ڏينهن کان پوءِ هڪڙو ميسيج رڳو ڪيم. مهينو، ٻه ماٺ ئي ماٺ. نيٺ جڏهن سنڌالاجيءَ مان ٽپڙ ٻڌي سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن لڏو کڻڻ جي تياريءَ ۾ هئو ته مون کي به فون ڪري گهرايائين. ڪلاڪ ٻه اڳ وانگر ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ مون کي هٿ ۾ لفافي ۾ ڪجه لکيل پنا ڏنائين. باقي ٻڙڪ به ڪو نه ڪڇيو. سانگهڙ واپسيءَ تي مون جڏهن پهريون صفحو کوليو ته سندس لفظ ئي سندس دير سان لکڻ جو جواز ڏئي ويٺا ته؛ آئون سورنهن ڪاهون ڪرڻ کان پوءِ سترهين ڪاه ۾ وڃي ڪجه لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان ته ڪنهن ويجهي گهر ڀاتيءَ تي لکجي ته ڇا لکجي.“
عبدالقادر جوڻيجو مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ واري سانگهڙ کان اتر اوڀر طرف اڇڙي ٿر جي ڀڪ مان وهندڙ ناري واه واري علائقي کي به مهراڻو چون ۽ گهوٽڪي واري پاسي به ساڳئي نالي سان پڪارين. انهي مهراڻي واري علائقي جا جهونا ماڻهو اڄ به واري جي دڙن، نم جي گهاٽي ڇانو هيٺيان يا باه جي مچ جي چوڌاري ويهي جڏهن قصو يا ڳاله کڻندا آهن ته ٻڌندڙ پنڊ پهڻ بڻجي سنهي ڪاٺي سان رڳو زمين تي ليڪا پيا ڪڍندا آهن. ڳاله ڀلي ڪيتري ننڍڙي ڇو نه هجي پر روايتن جا امين اهي قصاگو ان کي ٻولي جي تڙڪي، لهجي جي چاشني، آواز جي جادو سان ايڏو ته دلچسپ نموني سان بيان ڪندا آهن جو باقي ڪم وڃي ڪاٺ ۾ پون. انهن ۾ گهڻائي ڌنارن، هارين، مزدورن، ڪاٺيون ڪندڙن ۽ گڏه ۽ گهوڙن تي گهور ڪندڙن جي هوندي آهي .جنهاڻ جا جوڻيجا ڪچهرين جا شوقين، ڳالهين جا ڳهير، ڏاڍا مڙس چور ۽ پاٿاريدار، ڳاڙي گندي جا شوقين آهن.چڪ چار جا ڀيل زميندار ۽ هاڙا چور آهن. ڀر ۾ ٿڌڙي جي موقعي تي سنهڙي چيله ۾ ٽوال ٻڌي ڏانڍيو راند ڪندڙ ڪولهي، گلي گلي ، نگر نگر سدائون هڻندڙ جوڳي آهن. اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجي کانڀ ٻڌي ويهندا آهن ته ڪهاڻيون ۽ قصن جون نديون وهي پونديون آهن. عبدالقادر جوڻيجي جا اهڙا ئي پڳ مٽ يار منو ڀيل، ولي محمد ٽنگڙي، درو ٽنگڙي، کاٽائو ميگهواڙ، رمضان جوڻيجو، عمر جوڻيجو، خانو جوڻيجو، ڦوٽو جوڳي، قيصري ڀيلڻ، ڏيوجي ڪولهي  هئا. سندس ڊرامي راڻي جي ڪهاڻي عرف ديوارين کان وٺي سندس ناول The Dead River اهڙن ئي ڪردارن سان سٿيا پيا آهن.هن پنهنجي نوڪري جي شروعات ديه ۱۴۳ دنبالو جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ماستر طور شروع ڪئي. اتان کان پوء صوفي آباد، ڪمال خان پتافي، خان صاحب پلي، سندس ڳوٺ جنهاڻ ۾ پروموشن ٿيڻ کان پوء فضل ڀنڀري جي مڊل اسڪول تائين دنگ ڪيو، جتان کان شيخ اياز کيس سنڌ يونيورسٽئ وٺي آيو. هي جيڪا جادوئي حقيقت نگاري جي ڳاله ڪري ٿڪجون نٿا، سا ڀاڳو ڀان کان وٺي انهن جهونن تائين سندس لفظن مان پسندي. هن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي دور ۾ اڄ به چند اهڙا ڪرادار زنده آهن، جن جو ان ڊجيٽل ٽيڪنالوجي سان ليکو نڪو لهڻو. عبدالقادر جوڻيجو انهن ئي روايتن جي نمائندگي ڪندڙ اديب هيو. هونئن به دنيا جي وڏا اديب انهن ئي روايتن جا اسير رهيا آهن. باقي توهان کڻي ٻين نالي چڙهيلن جي ڳاله ڇڏيو پر اموس اوز کان وٺي ڊيوڊ گراس مين جون لکڻيون ته پڙهو. هونهن به تخليقيت ڳاله ڪرڻ جي انداز ٻولي ٻڌندڙ جي جمالياتي حس کي ڇهڻ ۽ ان جو اثر سالن تائين هجڻ ئي ته  آهي. ان ڳاله جي پس منظر ۾ واري ۽ پاڻي جي پيدائش هن ليکڪ جي ڳالهين ۾ واري جهڙي ڪڙڪائي ۽ پاڻي جي وهڪري جهڙو Flow نظر ايندو. جڏهن ڪجه نالي چڙهيل چورن ليکڪن مٿس اها تنقيد ڪئي ته هو مهراڻي جو لهجو چوري ڪري ڊز ٿو هڻي ته هن کي اهو چوڻو پيوته سندس ٻولي ۽ لهجو سانگهڙ ۽ ٿرپاڪر وارن مهراڻن جو امتزاج آهي. هن جا تخليقي مضمون رڳو هن هن کان پڇا جو مجموعو نه هئا پر هو ته پڇا کان ٿيندو لاڳاپيل موضوع جي مستند ڪتابن ۾ منهن هڻندو، پنهنجي ڪامن سينس کي استعمال ڪندي پوءِ لکندو هو. مهراڻي جي مٽي جو ٺهيل هجڻ جي ڪري بي ڌڙڪ کلي ڳالهائڻ جي عادت، ٻانهن ۽ گلي جو مٿيون بٽڻ کليل، بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ويهي ڀلي ڪار چوڻ، فيس ايڪسپريشن هٿن جي اشارن ۽ زبان جي ڳاله ذريعي کليون ڪهچريون ڪرڻ اهي سڀ سندس عادت عضوء هئا . شايد هن مونکي مارٽن ايمس جو قول ئي ٻڌايو هو ته  جتي به کليل دروازو ڏسو هليا وڃو، ڇا ڪاڻ ته بند دروازي جي پويان سازش ٿيندي آهي يا عشق. ان جو مطلب اهو ته علم جا ڪئين گس گهيڙ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جنهن به رستي تي اوهان کي وجه ملي وڃي ته ان مان ڪجه نه ڪجه پرايو ضرور. جڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چئيرمين ٿيو ته نئين بورڊ آف گورنر جا نالا وزير اعلي جي منظوري لاء ڪلچر کاتي جي معرفت موڪليائين. انهن نالن ۾ سنيئر اديبن کان علاوه تڏهوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي چوڻ تي ارباب نيڪ محمد ۽ اشرف سمي جا نالا شامل ڪيائين ۽ پنهنجي پاران منهنجو نالو موڪلايائين پر تڌهوڪي سيڪٽري ڪلچر مهتاب اڪبر راشدي ڏاڍن جي ماڻهن کي هٿ ڪون لاتو پر منهنجي نالي کي لڪير ڏئي ڇڏين. عبدلقادر جوڻيجي جو ننڍپڻ جو وڏو حصو سانگهڙ، نواب شاه، ٺارو شاه وغيره جي ٿاڻن تي گذريو، جتي سندس والد مريد حسين ايس ايڇ او ٿي رهيو. ان عرصي دؤران سندس گهڻي تڻي تربيت سندس ماسي ڪئي، جنهن جو ذڪر هن مختلف انٽرويوئن ۾ ڪيو. هن جو اهو چاه  پنهنجي ماسي سان مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو. کيس سڀ کان گهڻو ڏک پنهنجي وڏي ڀاء محمد قائم جي وڇوڙي تي ٿيو. هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ته پنهنجي وڏي ڀاء جي قبر تي وڃڻ جي همٿ ساري نه سگهندو هو پر هو هميشه سندس دل ۽ زبان تي رهيو. هو وچين ۽ ڏسڻي آڱرين جي وچ ۾، سگريٽ رکي وڏا گهرا ڪش هڻندو جبلن تان وهندڙ پاڻيءَ وانگر ڳالهيون ڪندو ويندو هئو. هو مون کي ڪنهن يوناني ڏند ڪٿا جو شهزادو ٿي لڳو، جيڪو خوبصورت به هئو ۽ شريف النفس انسان ته انتهائي گهڻيون پڙهيو لکيو به. ٽرڙائيپ جهيڙي شيءِ ته هن جي خمير ۾ شامل ڪو نه هئي. گهران  آفيس پنڌ نڪرندو هئو ته باقي دنيا کان بي پرواه تکو تکو ڪنڌ هيٺ ڪيو وکون کڻندو ويندو هئو. جڏهن ته گاڏي ۾ هوندو هئو ته  ڪنور ڀگت، مائي ڀاڳي کان ويندي حيدر رند تائين وڏي آواز ۾ راڳ ٻڌندو هئو، اتي رات جو طلعت مسعود جي درديلن گانن دؤران اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ يادگيريون هاريندو هئو. ساڻس گڏ آغا رفيق ۽ سليم ديس والي به وارو وڄائيندا هيا. وري پڪي راڳ کان وٺي جديد موسيقي سان به کيچل ڪندو هو. مون کيس ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. ٽيهارو سالن کان دوائن جي حوالي پر جيڏي مهل پڇ ڏک نه درد جا قصا پر چپن تي مسڪراهٽ ۽ ٽاٽائيءَ جون ڳالهيون هونديون هيس. اهي ڪچهريون گهر، سنڌالاجي، سنڌي لينگويچ اٿارٽي کان وٺي جنهاڻ تائين جاري رهيون. مون کي هڪڙو دفعو چيائين ته؛ ”يار! منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هيڻائي ۾ وڃان ته مون کي ڪير نه ڏسي، متان ڪو منهنجي حالتن تي رحم کائي، آئون ڪنهن به حڪومتي اداري يا شخص کان ڪابه مالي مدد نٿو گهرڻ چاهيان. انهن پئسن جا حقدار مون کان گهڻا ويٺا آهن، ان ڪري اپيل ٽپيل به ڪنهن کي نه ڪبي.“ آخري ڏينهن ۾ جڏهن بستري جي حوالي ٿيو ته دوستن سان ملڻ کان انڪار ڪندو رهيو، صرف مخدوم جميل الزمان کي هن تائين پهچ حاصل ٿي. پر سندس ويجها عزيز روبرو يا فون تي رابطي ۾ رهيا ۽ مون کي به اهڙو شرف حاصل ٿيو. رات جو جڏهن سندس گهر ڪچهريءَ تي ويهندا هئا سين ته ٻارنهن، هڪ ٿي ويندو هئو، نيٺ سندس گهر واري چوندي هيس ته هاڻي هن مسڪين کي ته ساهي ڏي، ماني ته کائي، اوٻاسين جا ٺڪاءَ پيا پونس. هن جتي شهزادن واري زندگي گذاري، اتي کيس آخر ۾ ڪجه دوستن سان شڪايتون به هيون پر ڪڏهن ڪنهن کي ميار ڪو نه ڏنائين. سندس اڪيلي پٽ نصير جي شاديءَ ۾ جڏهن سندس تمام ويجهو دوست ۽ سنڌيءَ جو مشهور اديب نه آيو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. اکين ۾ لڙڪ تري آيس. هو مون کي چوندو هئو ته شيخ اياز معصوم هئو، کيس ٻين کڻي خوار ڪيو. پر مون سندس معصوميت، ڪئين دفعا ڏٺي آهي. عبدالقادر جوڻيجي تي ڪئين اديبن ناجائز کائڻ پيئڻ جا الزام هنيا. پر مون کي ذاتي خبر آهي ته هن جيڪو گهر ٺهرايو سو به هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشن مان قرض کڻي ٺهرايو. هن ته اولاد جي نوڪريءَ لاء به ڪنهن کي منٿ ميڙ نه ڪئي، نه ته ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم هن کي جواب ڏين ها ڇا! هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته؛ ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ آئون سي ايم هاوس ويو هيس، ارباب رحيم اتي ويٺل دوستن سان منهنجو تعارف ڪرايو ته هيءُ منهنجو استاد عبدالقادر جوڻيجو آهي، جنهن تي اسان سڀني ٿرين کي فخر آهي. مون کيس چئيرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي ميرٽ تي مقرر ڪيو آهي.“ سياست ۾ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي جو مداح رهيو. مون کي شايد ٻين کان وڌيڪ خبر هجي ته سندس گهرجي مالي حالت ڇا هئي.! هن جي پگهار ۽ ڊرامن جو پورهيو ته رڳو سندس ڪتابن، پرفيوم، ڪپڙن، جوتن ۽ سگريٽن ۾ پورو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته  جي مهينو ٻه لنگهي ويا ۽ آئون نه ويس ته ميسجن ذريعي ادب ۽ تاريخ تي رات جو ۸ بجي کان وٺي ايس ايم ايس شروع ٿيندا هئا ته وڃي ٻارنهن ٿيندا هئا. انهن مان ڪجھ ايس ايم ايس ته ڊليٽ ٿي ويا پر ڪجھ ڊائري ۾ اتاري محفوظ ڪيا اٿم. هن ٻڌايو ته جڏهن  خاڪن تي مشتمل ڪتاب شڪليون لکيو ته شيخ اياز جا ڪن وٺي ڇاڙتن ڀريا، حالانڪ منهنجو خيال هئو ته شيخ اياز ان کان گهڻو ٿو لهڻي، تنهن ڪري الڳ ڪتاب ’ٻه ڏاڙهيون، ٻه سينڌيون لکڻ جو ارادو هيم، جن ۾ ٽي ٻيا خان صاحب پلي، روحي بانو ۽ شيرين پاشا شامل هجن. پوءِ انهن ڇاڙتن کيس يونيورسٽيءَ مان ٽپڙ ٻڌڻ جو چيو ويو. تيستائين شيخ اياز پاڻ بدلي ٿي ويو ۽ نئين وي سي ابڙي صاحب اچڻ سان سندس پروموشن ڪيو. سنڌالاجي ۾ هجڻ دؤران جڏهن غلام علي الانا سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته وري ڏکيا ڏينهن شروع ٿيس. چڱا ڀلا دوست به سڻڀ جي پاسي ٿي بيٺا. پاڻ تڏهوڪي وفاقي وزير ۽ دوست حنيف خان سان مليو، جنهن تڏهوڪي سرحد جي وڏي وزير آفتاب شير پاؤ سان ملايس. جتي هو ڪجه ڏينهن ترسيو. نيٺ تڏهوڪي گورنر ڪمال اظفر کي چئي هن تان مصيبت هٽي. هڪ دفعي سنڌالاجي ۾ ٿيل مچ ڪچهري ۾ مون سنڌ جي تمام وڏي محقق کي ساڻس چوندي ٻڌو ته؛ ”قادر صاحب! توهان مون سان گڏ هلي ڪرسيءَ تي ويهو، ڪجھ توهان کان پرايون، پر هن رڳو شڪريو ادا ڪري جواب ڏنس.“ جڏهن آئون سندس ڪهاڻين متعلق پڇندو هيس ته مون کي  چوندو هئو ته يار! هاڻي اهي ٻاراڻيون ٿيون لڳن. تڏهن به شايد روشنيءَ واري سندس اهي ڪهاڻيون ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائڻ چاهيون ,جنهن جا پروف هو چيڪ نه ڪري سگهيو. کيس سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل کان پوء جديد سنڌي فڪشن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو ڪتاب کريل گهڙيال، ممتاز بخاريءَ جو ناول ’ڪلاس فور جي محبوبه‘ ۽ ٿري پس منظر ۾ لکيل نصير ڪنڀر جون ڪجه ڪهاڻيون وڻنديون هيس. مون  به هيستائين جيڪي ٻه اکر لکيا پڙهيا آهن، اها سندس ئي مهرباني آهي. هو منهنجو هر مضمون، ڪهاڻي ۽ ناول غور سان پڙهندو هئو، ڪجھ تي راءِ ڏيندو هئو، ڪجھ تي چپ رهندو هئو. پر چند اهڙا به هئا جن تي شاباش ڏنائين. هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ منهنجي روبرو منهنجي لکڻين جي تعريف نه ڪئي، پر ٻين مٽن مائٽن سان ذڪر ضرور ڪندو هئو. تازو جڏهن منهنجو ناول ’بختاور مکيءَ جي‘ ڇپيو ته ڪجه مقامي يارن منصوبه بنديءَ تحت فيس بوڪ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. پر مون کي شوڪت شوري کان وٺي منوج ڪمار ۽ آدرش تائين سنڌ مان جيڪي موٽ ملي، شايد آئون لهڻان ڪو نه ٿو. هن پنهنجي بيماريءَ دؤران پهريون دفعو سڌو مون کي فون ڪري چيو ته؛ ”يار! واه جو ناول لکيو اٿئي، رڳو ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ان تي ضرور لکندس”. شايد پهريون دفعو هن منهنجي تعريف منهان منهن ڪئي. جڏهن The Dead River ناول لکڻ جو خيال آيس ته مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ سان نه صرف ٿيم شيئر ڪيو پر ان تي ڪافي ڏينهن تائين بحث به هليو. هو ڇپجڻ کان اڳ ۾ ان مان ڪجه سٽون ٻئي ٽئين ڏينهن موڪلي مون کان فيڊ بيڪ به وٺندو هئو. وري جڏهن ٻيو ناول Rustics پئي لکيائين ته مون سان وري بحثا بحثي شروع .پنهنجي بيڊ روم ۾ سامهون ويهاري ليپ ٽاپ تان مسودي جا ڪجه صفحا به پڙهايائين. هن جو خيال هئو ته مصر جي نجيب محفوظ جي ٽرائلاجي“ Cairo” وانگر هو به سندي آتم ڪٿا ۽ سنڌ جي لوڪ زندگي ۽ تاريخ تي ٽي ناول لکڻ ٿو چاهي. جنهن ۾ “The Dead River” سندس ننڍپڻ Rustics وچ واري عرصي متعلق ۽ آخري يونيورسٽي ۾ رهڻ دؤران واري زندگي تي لکڻ چاهي ٿو. پر هو ٻه ناول لکي سگهيو، ان مان هڪڙو ڇپيل ٻيو اڻ ڇپيل. هن جو ڳوٺاڻي زندگي وارو وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو، ان متعلق سائين ابراهيم جويي ۽ سندس خطن تي مشتمل ڪتاب” خط ٻن اديبن جا “پڙهي جسم ڏڪيو وڃي. هن مون کي نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کان  ڀلي ڪيڏي به وڏي غلطي ٿي وڃي پر ان کي احساس ڏيارجان، ڪڏهن به سزا نه ڏجان .ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو به ٻڌايو ته جڏهن هو ڊگهڙي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر هئو ته ڪيئن نه گهوڙي تي سوار بيٽ آفيسر سندس اسڪول اچي خوامخواه بي عزتي ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن هو سنڌالاجيءَ ۾ آيو ۽ بيٽ  آفيسر، ڊي اي او ميرپور خاص بڻجي ويو ته کيس کٽئ کنيو، Ph.D ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ آيو، جتي غلام علي الانا صاحب ان کي کيس ڏانهن موڪليو. سنڌالاجي آفيس ۾ هن ان ڊي اي او جي ٺاهوڪي دٻ پٽي ۽ پوءِ کيس چانھ بسڪيٽ کارائي اهو واقعو ياد ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته آئندا هوڪڏهن به پنهنجي ما تحت جي ائين بيعزتي نه ڪري. هو سنڌي ادب کان وٺي دنيا جي ادب تي کلي ڳالهائيندوهو ته آئون سندس ڳالهين ۾ ويڙهجي ويندو هيس. هن کي انڊيا جي سنڌي اديبن ۾ لعل پشپ جون لکڻيون ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” پسند هيون. سنڌي شاعري ۾ لطيف ۽ اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ حسن درس کي وڏو شاعر چوندو هو. هو ڪرڪيٽ کي ننڍپڻ کان پسند ڪندو هو پر ٽينس ۾ سندس محبوب کلاڙي جرمني جي سٽيفي گراف هئي. هو ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين کي ان ڪري پسند ڪندو هئو جو هو مختلف موضوعن تي مختلف مهارتن سان لکندو هو. اها ٻي ڳاله آهي ته ڪنڊيرا کي نوبل انعام اڄ تائين ملي نه سگهيو. گاريشيا مارڪيز جو ناول هنڊريڊ ائيرز آف ساليٽيوڊ هن کي وڻندو هئو، باقي ان جون ٻيون لکڻيون کيس ورجائپ لڳنديون هيون. فڪشن ۾ رشين ماسٽرز جي تعريف ڪندي ٿڪندو نه هئو. جڏهن الائيس البينيا جو ڪتاب “امپائرز آف دي انڊس” انگريزي ۾ ڇپيو (سنڌي ۾ اڃا ترجمو نه ٿيو هو) ته هن مون کي چيو ته تحقيق ائين ٿيندي آهي، نه ته ساڳئي موضوع تي اسان جي يارن به لکيو آهي. تازو هن آمريڪي صحافي جان هيريسي جي ڪتاب هيرو شيما جو ترجمو ڪيو پئي، جيڪو شايد بيماري جي ڪري اڌورو رهجي ويو. هن رڳو ۸۰ ۽ ۹۰ ڏهائي واري بين الاقوامي ادب تي ڪون لکيو پڙهيو پر آمريڪي ٿرلر ليکڪ لي چالڊ کان وٺي اسرائيلي ليکڪ ڊيوڊ گراسمين تائين به جديد ادب هئين سان هنڊايو. کيس جيڪو ڪتاب چڱو لڳندو هو  ته مون کي پهرين ڌڪ ۾ وٺي پڙهڻ لاء چوندو هو .مون پنهنجي سڄي عمر کيس بيڊ روم ۾ موجود بيڊ تي ڪتابن جي گهيري ۾ ڏٺو، گڏوگڏ ڊنهل سگريٽ جا ڏنڊا، بوسڪي جا شاندار ڪپڙا، امپورٽڊ جوتا ۽ پرفيوم موجود هوندا هئا. پڙهڻ دؤران ان کان ماني کائڻ وسري ويندو هو. پوء جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو دور آيو ته سندس بيڊ تي پيل شين ۾ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، آئي فون جو اضافو ٿيو پر انهن سڀني شين جو پاڻ وٽ رکڻ جو مقصد ساڳيو ئي هيو يعني لکڻ پڙهڻ. صبح جي پهر۽ رات جي وقت ڪجھ ڪلاڪ موسيقي کي به ڏيندو هو، جنهن ۾ سنڌي لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ، جاز، هپ هاپ تائين ٻڌنڌو هو. ٻي ٽين ڏينهن دنيا جون آرٽ فلمون به سندس نظر جي سامهون هونديون هيون. چين جي دؤري دؤران ان جي ملاقات اٽلي جي مايا ناز ليکڪه اوريانا فلاسي سان ٿي ۽ شايد اسڪاٽ لينڊ جي دؤري دؤران هو “دي ٽن ڊرم” ناول جي خالق، نوبل لاريٽ جرمن ليکڪ گينٿر گراس سان مليو. هن کي اسان جي اديبن جي سطح پڻي، ٽرڙاپٽ ۽ اجائي ڌڪن کان بڇان لڳندي هئي. جڏهن لاهور يونيورسٽي آف منجمينٽ سائنس جي انٿراپالوجي جي شعبي پاران سندس ناول دي ڊيڊ ريور ڇپيو ته ان جي پهرين ڪاپي هن مون کي پڙهڻ لاء ڏني. جنهن تي بعد ۾ مون ايڪسپريس اخبار ۾ ”نسلون ڪي ڪهاني نالي سان ريويو لکيو. جڏهن ان ڪتاب جي مهورت جو پروگرام لاهور ۾ رکيو ويو ته سندس نمائندگي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما هاشمي ڪئي ۽ مستنصر حسين تارڙ ۽ منو ڀائي ان ۾ شرڪت ڪئي. اها ٻي ڳاله آهي ته هن مون کي به ان پروگرام ۾ وڃڻ جي لاء چيو هيو ڇاڪاڻ ته سندس صحت ٺيڪ نه هئي. لاهور ۾ هن جي دوستي مٿين کان علاوه پنجابي جي سهڻي شاعر مشتاق صوفي، شيرين پاشا، اصغر نديم سيد، امجد اسلام امجد وغيره سان به هئي. لاهور سندس پسند جو شهر، سندس ست دليون به لاهور سان. مستنصر حسين تارڙ جڏهن والدين سان ملايس ته کيس چميون ڏيڻ لڳا ته هي ديوارين ڊرامي جو ليکڪ آهي. جڏهن ڪجه حلقن پاران هن تي تنقيد ڪئي وئي ته هن اصل ڌڻين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو، جيئن نورالهديٰ شاه جنگل ڊرامو لکڻ جو اعتراف ڪيو هو . بقول سندس اهڙي ڪا به ڳاله نه هئي، اهو ساڳيو ڊرامو پهرين سنڌي ۾ “راڻي جي ڪهاڻي” نالي سان نشر ٿيو هو ۽ بعد ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ايگزيڪٽو پروڊيسر شهزاد خليل ۽ جنرل منيجر برهان الدين جي چوڻ تي اردو ۾ ترجمو ڪيو. جيتوڻڪ هنن ان ۾ روحي بانو ۽ خالده رياست ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن جواب ڏنو ته ڪاسٽ ساڳئي رهندي. جڏهن ديوارين ڊرامو نشر ٿيندو هو ته هندوستان، پاڪستان جون گهٽيون ويران، ماڻهن جا ميڙ ٽي وي تي. پر هن جي پسند جو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا، جنهن ۾ اجائي مشڪري بجاءِ زندگو جو حقيقي مزاح وارو پاسو شامل هو. پي ٽي وي تان جڏهن سندس ڊرامو سيڙهيان نشر ٿيو، جنهن ۾ ڪجه ڊائلائگن ۾ اصل ڌڻين تي طنز ٿيل هئي ته کيس سرحد جي تڏوڪي مارشل لاء ايڊمنسٽريٽر فون ڪري تنبيه ڪئي. سندس ڌيءَ جي رشتي ۾ منو ڀائي جو ڪردار هو ته اشفاق احمد جو به. هو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جي لکڻين جو عاشق، ڊرامي لکڻ ۾ ڊاڪٽر انور سجاد کي استاد مڃڻ وارو هو. هونئن ته نوهٽي ۾ سندس ڊرامي ڪاروان جي شوٽنگ دؤران روحي بانو جهڙي خوبصورت آرٽسٽ هن سان پيچ اڙائي ويٺي پر اڳ ۾ ڪنهن جي زلفن جو اسير ڪٿي ٿو وٺ ڏيئي. ڪاروان هليو پر روحي بانو رسي وئي ۽ هما اڪبر ان جي جاءِ ورتي. شيرين پاشا ٽيلي ڊاڪومينٽري جو وڏو نالو سندس عشق، رسڻ پرچڻ ان سان  هلندو رهيو. ان عرصي دؤران جڏهن ڪنهن ڳاله تان کانئس خفا ٿي لاهور ڇڏي اچي ڄام شوري جا واڻ وسايائين ڪجه وقت کان پوء شيرين پاشا هن کي فلم رضيا سلطانه جو لتا جي آواز ۾ ڳايل گانو، ’اي دل نادان...‘ موڪليائين، جنهن کي هن سڄي عمر سانڊي رکيو.ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٻڌندي يادگيرين جو سمنڊ سندس اکين مان وهي پوندو هو. آخر ۾ ڪينيڊا جا وڻ وسايو ويٺي ته سالن کان پوء رابطو ڪيانئس ته جواب مليس” ڪاري ڪلر بجاء گهاٽن ساون وڻن هيٺيان دفن ٿيڻ چاهيان ٿي، جي اچڻو اٿئي ته هليو اچ.” آئون ۽ امان الله جوڻيجو جڏهن به رلڻ ويندا آهيون ته سندس پهريون ۽ آخري مشورو لاهور گهمڻ جو هوندو هو.  مون کي ياد آهي ته ۲۰۱۹ع جي  آخري ٿڌڙي شام جي پهر ۾ مون کي پنج اٺ ڪتاب پنهنجي بيڊ تان کڻي ڏيندي چيائين؛ ”يار! هاڻي هي ڪتاب تنهنجي حوالي ٿو ڪيان باقي هي فون، ليپ ٽاپ ، ٽيب الئي ڪنهن کي نصيب ٿين.“ تنهن هوندي به زندگي جي آخري گهڙين تائين اسان جو هڪ ٻئي سان رابطو منهان منهن ۽ فون رستي قائم رهيو. هن کي پاڪستان جي هڪ وڏي ڊراما نگار طور وڏيون آڇيون ٿيون. بينظير ڀٽو، صدر اسحاق، جنرل ضياءُالحق، جنرل مشرف، آفتاب شيرپاو، ڄام صادق علي سميت ڪئين حڪمرانن ، وزيرن، مشيرن، بيوروڪريٽن پاران آڇون ڪيون ويون ، پر هن ڄام شوري کي ترجيح ڏني. سندس پگهار ۽ ڊرامن جا معاوضا کائڻ پيڻ، دوائن، ڪتابن خريدڻ ۽ پائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا پر بچت ٻڙي، نه ته گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ ڪجه به نه هئا. هن کي رڳو قسطن تي چڙهڻ لا گاڏي ۽ قرض تي گهر ٺهرائڻ نصيب ٿيو . تڏهن ته هو آخري ڏينهن ۾ طبيعت ناساز هوندي هيٺيون ڳيت آلاپيندو هو ته:
سب ڪڇ سيکا هم ني، نه سيکي هوشياري.
هاڻي سوچيان ٿو ته منهنجي زندگي ۾ وري اهڙا ڏينهن الئي ايندا به يا نه پر مون کي يقين آهي ته اڳئين جنم ۾ آئون هن سان ائين ئي ڪچهريون ڪندس. ان پنهنجي وفات واري تاريخ ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ کان گهڻو اڳ ۾ اها وصيعت ڪئي هئي ته مونکي جبلن ۾ رولڻ بجاء پنهنجي مٽي ۾ دفن ڪجو. جتي هو گهاٽن کٻڙن ۽ ڪنڊِين جي ويڙهن جي وچ ۾ پراڻي هاڪڙي دريا جي ڪپ تي آرامي آهي.

(امر لغاريءَ جي فيسبڪ وال تان ھن نوٽ سان کنيل: منظور ملاح جو عبدالقادر جوڻيجي تي مفصل مضمون (خاڪو) جيڪو ٻن قسطن ۾ ڇپيو آھي. منظور جيئن ته قادر جي گھڻو ويجھو رھيو آھي انڪري ھن جي زندگيءَ جا اھي پاسا جيڪي گھڻن ماڻھن کان ڇُپيل رھيا... يا جن بابت غلط تاثر قائم ڪيا ويا ليکڪ انھن بابت به قلم کنيو آھي.)


عبدالقادر جوڻيجو
ادب جو آٽوگراف
شوڪت لوهار
ڪروڙين جاندارن وچ ۾ رهي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿي رهي، هو بي وفائي نه ڪري، گهوٽالو نه ڪري، سڀني کان الڳ ٿلڳ هجي، اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. هن هائبرڊ دنيا ۾ رهندڙ اڄ هر حياتي به هائبرڊ ٿي ويئي آهي. ان ۾ نج پڻو تلاشڻ، ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪنهن ڪيميادان لاءِ پاري جهڙي ڌاتو کي ڳارڻ.
اسان جي چوڌاري ناانصافي، انياءُ ۽ اوچ نيچ تي هلندڙ سماج هجي ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو سواءِ پنهنجي سماجي رُتبي، ٻي هر سڃاڻپ کان وانجهيل هجي، جڏهن ماڻهو صرف اوهان کي  ان لاءِ عزت ڏيندا هجن جو اوهان وٽ گهڻي مال ۽ دولت هجي، ان لاءِ نه جو اوهان جي ذهني زمينن ۾ پوريل اڻ ڳڻيل زمرد ۽ يا قوتن، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل خزانا هجن، جتان ڪوبه پوڄارو پر ٿي سگهي، جتان اوهان جي بنجر بڻيل شعور ۾ کٽڻهار کڙي پون. اسان صرف اهو چاهيندا آهيون ته اسان وٽ زندگي جي سڀني روڳن کي ڀوڳيندڙ اديب اهڙو ڪجهه لکي جيڪو اسان کي پسند هجي، ان ۾ هن جي ڪابه راءِ يا مرضي شامل نه هجي. هو اسان کي اسان جي ڪوجهائپ ۽ بگڙيل شڪل صورت به مورت ڪري ڏيکاري.
ماڻهو مِٽي ڀور، وقت جي لوڻاٺي پاڻي سان ٽڪرائجي ڳري وڃي ٿو. ماڻهو وقت جي وات ۾ ڄٻاڙجندڙ هڪ اڻ لکي شئي آهي. ماڻهو وقت سان وڙهندي وڙهندي نيٺ هارائجي ويهي ٿو، وقت جيڪو زمان ۽ مڪان ۾ ماڻهو جي عمل جو ماپو آهي. انهي وقت پنهنجن لوهي هٿن ۾ ڪيئن املهه ماڻهو، ڪيئي هيرا موتي ماڻهو قيد ڪيا آهن ۽ پوءِ هوريان هوريان ازدها بڻجي پنهنجي وات ۾ پئي ڳيهو آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظار ڪونه ٿا ڪن، بلڪه جيڪو ماڻهو ان جو لفظ شناس ٿئي ٿو، اهو ئي ماڻهو موتي ڌاڻو ٿئي ٿو ۽ وقت تي حڪمراني ڪندڙ ڪي ٿورائي ماڻهو آهن.
اسان سڀني انسانن تي وقت اچي ٿو. وقت پنهنجو وارو وڄائي ٿو پوءِ انهي وقت کي پنهنجي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديس جي ڏکوئيلن، ڌڪاريل ماڻهو جو بخت بڻائجي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي ٿي سگهي ٿي؟
بندر جا ڀهين ته سکاڻا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن منجهه مهي،
ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناخواه.
شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ رنگ منچ آهي ۽ هر ماڻهو هتي پنهنجو هڪ ڪردار پيش ڪري هليو وڃي ٿو. هو ڄمي ٿو، روئي ٿو، پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪري ٿو، ٿورو وڏو ٿئي ٿو بي دلي سان مڪتب ڏي وڃي ٿو، جوان ٿئي ٿو، سندس سيني ۾ عشق جي آتش جاڳي ٿي، جذبن جو مها ساگر اٿلي پئي ٿو، پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن هو عقل ۽ دانش جي تناور درخت جي ڇانو ۾ ويهي ٿو، منصف ٿئي ٿو، سندس نظر ڪمزور ٿئي ٿي، آخرڪار سندس مت ۽ عقل ڇڻڻ شروع ڪن ٿا، ڏند ڇڻي پون ٿا ۽ هو پيري ۾ وري ابهم ٻار ٿي پئي ٿو ۽ وري وقت جو طوفان اچي ٿو ۽ هو ان کي ڪٿي اڏائي پاڻ سان کڻي وڃي ٿو.
زندگي ڇا آهي؟ هڪ جهُرندڙ فانوس آهي، جنهن جي روشني ڏينهون ڏينهن جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جڏهن اها جَهڪي جَهڪي روشني اجهامي وڃي ٿي ۽ زندگي وقت جي نيري سمنڊ ۾ ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شيڪسپيئر پنهنجي هڪ عظيم ناٽڪ ميڪ بيٿ Macbeth ۾ جيون جو ڪهڙو نه سهڻو نقشو چٽيو آهي:
Out, out brief candle! Life’s but a walking shadow, a poor player that struts and frets his hour upon the stage and is heard no more. It is a tale told by an idiot, full of sound and fury signifying nothing.”
زندگي هڪ بيوقوف جي بيان ڪيل هڪ اڍنگي آکاڻي آهي، جنهن ۾ اُڻ تُڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي.
سڄي زندگي ماڻهو انهي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي ٿو ته زندگي کي بهتر نموني با عمل نموني هڪ جوابده جي حيثيت سان ڪيئن گذارجي؟
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڄامشوري جون هوائون رات سمي ويٺي ويٺي اکيون ننڊاکڙيون ڪري ڪنهن پُر فريب دنيا ۾ وٺي وڃڻ لاءِ بي قرار هونديون هيون، جڏهن اسان جي رولاڪي ۾ وقت جو بئنڪ بئلنس اڻ کٽ هيو ۽ يونيورسٽي جا ڏينهڙا ڪنهن بلئنڪ چيڪ کان گهٽ ڪونه هئا. بهار رُت ۾ هاسٽل جي ڇت تي ٿڌڙين هيرن جي ڀاڪرن ۾ گذاريل وقت ڀلا ڪهڙي منافق کان وسري سگهي ٿو. املتاس جي بانسرين جا سرڪيئن ٿا ڀُلائي سگهجن. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اديب روحاني استاد سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن کان آٽوگراف وٺڻ پاڻ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ ڪونه هوندو هو. بلڪل اهڙن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري کان سنڌيالاجي ڏانهن ويندڙ واٽ  ڪو ڪهاڻي، ڪو شعر ڪو قصو ڪو ناول ٿي پوندي هئي. تن ڏينهن ۾ منهنجي ملاقات هن گرو، هن استاد، هن دنيا جي فڪشن کي ٿڌي پاڻي جيئان ڳڙڪائيندڙ قصا گو عبدالقادر جوڻيجو سان ٿي هئي. تڏهن هو سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻن ڪلاڪن تي مشتمل ان ڦڪي چانهه تي ٿيل مصري جهڙي ڪچهري ۾ دنيا جي ادب تي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون کوليون هيون جن مون کي پنهنجي جهالت جو احساس وڌائي ڇڏيو هو ۽ هن مهاگرو جي موجودگي دنيا جي ادب، اديبن، نون نون ڪتابن بابت دل ۾ اٿاهه اتاولائپ پيدا ڪري ڇڏي هئي.
ناسان ماڻهن کان هڪ ڪتاب جا ڏهه صفحا ڪونه ٿا پڙهيا ٿين ۽ نصاب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهڻ اسان جي روٽين مان نڪري ويو آهي. تبديلي ڪٿان ايندي؟ جڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي علم کي مقامي سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ماپيندو ڪونه ته ان کي خبر ڪيئن پوندي ته مون ڇا پڙهيو آهي؟ ۽ مون وٽ ڪيترو علم آهي؟ اسان وٽ ماڻهو ڪوڙ سوڙ تي ڊگريون وٺي ۽ نرگيسٽ ۾ وٺجو وڃن ۽ ڪنهن غريبڙي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن نينهن ۽ ڏينهن ٻئي سنڌو ندي ۾ اونڌي ٿيل ناؤ جيئان لڳندا هئا ۽ دماغ هڪ اڻ سيکڙ ناکئو بڻجي هن ڪشتي جو بادبان ٺاهڻ ۾ پورو هوندو هو. بحث مباحثن سان هر ڏسا ٻهڪيل لڳندي هئي، فيڪلٽي جي آڳنڌ تي گل مهار جي گلن جي هٻڪار ۽ ڪتب خاني ۾ گذاريل وقت سينٽرل ڪئٽين جو ايٿنس جهڙو ماحول سڀ ڪجهه هڪ حسين خواب کان گهٽ ڪونه لڳندو هو. عبدالقادر جوڻيجو بنا اجوري وٺڻ جي اڄ جي ڪيترن ئي قلم سوارن جو استاد هو. چيخوف، اوهينري کان پڙهڻ جو ڏس ڏيندڙ جڏهن اوريانا فلاشي، اوڪتايو پاز ۽ ميلان ڪنڊيرا تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو اهي سڀئي اديب آهسته آهسته اچي هن جي ڪچهري ۾ شامل ٿيا هجن، دوستو وسڪي ۽ پئبلو نرودا جي اسلوب تي ڪيئي ڪيٽوفلٽر دونهون بڻجي ڪنھن نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين ڪردار جي اڻت ۾ مددگار ٿيندي رک وٽي جي حوالي ٿي ويندا هئا.
مون کي خبر ناهي ته هن اکرن جي جهنگ ۾ هلندي هلندي مون کي سائين عزيز پلي ۽ استاد عبدالقادر جوڻيجو منهنجو ڀاڳ ٿي مليا ۽ مون جهڙي ڀٽڪيل مسافر لاءِ ڪنهن تناور بڙ جي گهاٽي ڇانو بڻيا يا نه پر ايترو ضرور ٿيو جو ڪتابن جو اڻ کٽ نيرو آسمان ارپي ويا.
اسان جي ڪچهرين ۾ جڏهن پياري وحيد جتوئي جو اضافو ٿيو جيڪو سنڌيالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ادب جي ورڪشاپ ۾ ڀانيو جتي دل ۽ دماغ جي هر هڪ ڪل ۽ پرزي جي پئي مرمت ٿي. آئون اها هام ڪڏهن به ڪونه هڻندس ته ته منهنجو سائين استاد عبدالقادر جوڻيجو سان ڪو گهرو تعلق هو بس هڪ عقيدت هئي، گهڻا سال پوءِ جڏهن پاڻ غم روزگار ۾ پاڻ کي سماج جي بٺي ۾ سڙندي محسوس ڪيم ته هڪ دفعو استاد سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن اصغر نديم سيد جو ڊرامو ”تم هو ڪي چپ“ ڏٺم بي پرواهه انداز ۾ استاد ڳالهايو ته هي پنهنجو يارڙو آهي، سٺو لکي ٿو پر ڊرامه نگار کان وڌيڪ سٺو شاعر آهي.
ماڻهو جي من تي نظرين جا تهه چڙهيل آهن، مونجهارن جا ڄارا اسان کي اصلي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪافي هجن ٿا. اسين ڪوشش جي باوجود اصلي علم شعور جي سرينڊر لاءِ تيار ئي ڪونه هوندا آهيون. مذهبي حوالي سان اسان سڀ پنهنجي ويهه پنجويهه سال زندگاني تيل ڪرڻ کان پوءِ وري وڃي ڪجهه مفاد پرستي نظرياتي چمڙن جي ور چڙهون ٿا جيڪي علم جي نالي ۾ حسد ۽ ساڙ اختلاف ۽ مخالفت جا دٻا هجن ٿا. انهن مان ڪو هڪ اڌ ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ سچو پچو علم دوست آدرشي ۽ منطقي علم رکندڙ هجي ٿو نه ته سڀ جا سڀ هريڙ رکندڙ.
استاد عبدالقادر جوڻيجو ادب جو  جادوئي ليکڪ هو، هو حقيقت ۾ علي بابا جي ناول موهن جي دڙي جو ڪو ڪردار هو جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ آيو هو، جيڪا هن پنهنجي انگريزي ناول The Dead River مئل ندي ۾ ڪيو آهي. هن ناول ۾ هُن جادوئي حقيقت نگاري ۾ نکار آڻيندي هاڪڙي دريا، جيڪو حقيقت ۾ سرسبز دريا هو تي اڏيل ڪئين قصا بيان ڪيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو جو فن ۽ فڪر ٻئي برميچجي هن ناول ۾ عيان ٿيا آهن.
عبدالقادر جوڻيجو جيڪو هن وقت پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ ۾ ڪونڀٽن جي ڇانو ۾ ٿر جي ٿڌڙي واري ۾ آرامي ٿيو آهي، ان لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ اوکو هوندو ته هو ٿريو هو يا ڄامشوري جو ڪو ديو مالائي ڪردار هو. اديب وڏو هو يا قصه گو. هو ناول نگار هو، ڪالم نگار يا ڊرامه نگار، اهو فيصلو توهان اسان ڪري ئي نٿا سگهون، ڇڏو ته  اهو فيصلو ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون ۽ ٿر جي اڏول ڀٽن جي سپرد ڪريون، هو ئي ان جي فن جو ازرا پائونڊ بڻجي ڪو فيصلو ڪري سگهنديون باقي پاڻ ڪٿي کٽي نه پئون.
استاد قادر جوڻيجو شروعاتي طور هڪ استاد بڻيو پر جلد ئي شيخ اياز ان کي سنڌيالاجي سونپي جتي هن پنهنجي ملازمت سان گڏ پنهنجي وهي به ڄامشوري حوالي ڪري پاڻ پنهنجي آمد ۽ رخصتي جيتري ساھي لاءِ جنهاڻ جي ٿڌين ڀٽن کان اجازت وٺي آيو.
قادر جوڻيجو جڏهن پي ٽي وي تي راڻي جي ڪهاڻي کي کڻي آيو ته ڊرامي جو جهان ئي بدلجي ويو، وري جڏهن راڻي جي ڪهاڻي اردو ۾ ديوارين طور پيش ڪيو ويو ته سانجهي ڌاران بازارون ۽ ڳليون ويران سڀ ٽي وي جي اسڪرين تي چمبڙيل، اهو استاد قادر جو ئي ڪمال هو جو ڪلچرل شاڪ، ثقافتي جهتڪي تي ٺهيل ڪمال ڪاميڊي ”ڇوٽي سي دنيا“ جنهن ۾ هڪ ڪردار مير مراد علي خان ڪنهن انگريز جو گائيڊ بڻجي ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ سير ڪرائي وري جڏهن ان سان گڏ لنڊن وڃي ٿو ۽ اتان موٽ کائي ڪيئن نه ولايتي ڪلچر جي نرگسيت ۾ وٺجي ڳوٺاڻن سان عجيب غريب جٺون ڪري ٿو ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ جانو جرمن جهڙو ڪردار گهڙڻ سندس فن جي اڏولتا جو شناختي ڪارڊ بڻجي پون ٿو ۽ اسين پهريون ڀيرو نور محمد لاشاري ، انور سولنگي ۽ صلاح الدين تنيو جي زباني انگريزي ٻولي جو ملاکڙيو ڏسون ٿا. جهوٽي سي دنيا ۾ شيزان چنا ۽ سڪينا سمون عورت ڪردارن ۾ جيڪا ٻولي جي خوبصورتي بيان ڪن ٿيون ۽ نج پج ڳوٺاڻي زندگي بيان ڪن ٿيون، اهو صرف جوڻيجو صاحب ئي ڪري ٿي سگهيو. استاد علم انسانيات ۽ ماحوليات متعلق تمام ڊگها ۽ ڪارائتا ڪالم لکيا، هر ڪالم هر ڪهاڻي ۾ هن وٽ اسلوب جي سندرتا ۽ بيان جي مهانتا ڄڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هئي، سندس تخليقي پورهئي ۾ ڇا لکان؛
وڻ وڻ جي ڪاٺي
واٽون، راتيون رول
شڪليون،
ويندڙ وهي، لهندڙ سج
وڏا اديب وڏيون ڳالهيون
سونو روپو سج
ايورسٽ تي چڙهائي
ڪرسي
ڇو، ڇا ۽ ڪيئن
خط ٻن اديبن جا
در در جا مسافر
The Dead River
۽ Rustics
انهي کان علاوه ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪالم، ڊرامه، ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.
اڄ جڏهن هر طرف، مونجهه آهي، هر ڏسان سانت آهي، هر طرف خوف جو ديو لامارا پيو هڻي. اهڙن ڏينهن ۾ استاد جو وڇوڙو يقينن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. اسان وٽ اڄڪلهه سنڌي ناول جي معيار مطعلق کوڙ بحث ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. جيتوڻيڪ مان ڀانيان ٿو ته ڪهاڻي، ناول يا ڪوبه تخليقي وٿ خالص داخلي Subjective ڪيفيت جي اپٽار هوندو آهي. ڪوبه اديب ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي نٿو لکي سگهي. جن دوستن کي ڪيمپس تي لکيل ناول نٿا پسند اچن ٿي سگهي ٿو ته ٻين لاءِ اهي ڪنهن وڏي وٿ مثل هجن. هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهو تائين ٽيڪسٽ متن مختلف معنيٰ ۾ پهچي ٿو. انهي کان علاوه اسان جا دوست زميني حقيقتن کان اکيون ٻوٽي پوءِ ٿا تجربو ڪن، اسان جو تعليمي معيار ۽ مطالعو ۽ ڪنهن به پرڏيهي اديب جو تعليمي معيار ۽ مطالعو هڪ جهڙو نٿو ٿي سگهي. توهان ڇا ٿا سمجهو، شوق وچان لکندڙ اسان جو اديب بس ڪجهه ڏينهن ۾ ماريو ورگاس ۽ پاموڪ جهڙو لکڻ شروع ڪري ڏي؟ اهو ناممڪن آهي. اسان وٽ ادب اڃا پيشاوراڻه ڪرت ڪونه بڻيو آهي. انهي کان علاوه ٻي ڳالهه ته هر ڪتاب جنهن جي مٿان بيسٽ سيلر جو ٽيگ لڳل آهي، ضروري ڪونهي ته ان جو معيار به اهڙو ئي هجي. رسول ميمڻ جي ناول نجومي جو انگريزي ترجمو ڪرايو، پائلو ڪوئلو کي پاسي نه ڪري ڇڏي ته پوءِ چئجو. استاد عبداقادر جوڻيجو جيڪو سو ديس مسافر منهنجو ڙي نالي ناول پڻ لکي رهيو هو، پر ساهن جي ڌاڳن جي تند ڇڳي پيس. هُن جي آتم ڪٿا جهڪيون جهڪيون يادگيريون اڌ ۾ هئي، جنهن جون ڪجهه قسطون سارنگا ۾ ڇپيون هيون، اها به الائي ڪٿي پنڌ پيچري ۾ رهجي ويئي.
عبدالقادر جوڻيجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جهول ۾ پنهنجو پورهيو ارپي ويو آهي، هاڻ اها سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذميواري آهي ته هو سندس ڪتابن کي پنهنجي شعور جي فانوس جي سهائي بڻائي ڪو نئون ڌڳ وٺن. هُو ميلن ٺيلن کان پرڀرو اديب هو بهرحال اڄوڪا ڪمرشل ميلا سندس قدڪاٺ کان گهڻو هيٺ هئا. هو سنڌ ۾ شيخ اياز کان رسول بخش پليجي کان پوءِ دنيا جي ادب جو پورهيت هو. جنهن جو اجورو سنڌ واسين تي اوڌر بڻيل رهندو.
لڳي مون کي لوهه، ورهه واٽون لائيون.

راضِي جنهن سِين روح سو ڪوهِيار ڪَيچ ويو.“ (شاهه)






Abdul Qadir Junejo
Asif Jamal Soomro
Abdul Qadir Junejo was born on 13 September 1945, in small village Jinhan, Tharparkar, Sindh; a novelist, playwright and columnist writing in Sindhi, Urdu and English languages. His father Mureed Hussain Junejo, was a police officer. Junejo received his primary education from his native village Jinhan in Govt. Primary School. Then went for higher education, where from University of Sindh he did his Bachelor of Arts, Bachelor of Education and Master of Arts in Sociology degrees.
He has written many articles and books among them lot are famous.
1.Watoon, Ratyoon Ain Rol (1973) (Sindhi: واٽون، راتيون ۽ رول)
2.Shikliyoon (1979) (Sindhi: شڪليون)
3.Weender Wahi Lahandar Sijj (1984) (Sindhi: ويندڙ واھي لھندڙ سج)
4.Wada Adeeb Wadyoon Galhyoon (1984) (Sindhi: وڏا اديب وڏيون ڳالھيون)
5.Sono Roop Sijj (1986) (Sindhi: سونو روپ سج)
6.Everest te Charhai (1987) (Sindhi: ايورسٽ تي چڙھائي)
7.Kursi (1998)  (Sindhi: ڪرسي)
8.Chho Chha Ain Keein (1999) (Sindhi: ڇو ڇا ۽ ڪيئن)
9.Khat bin Adeeban Ja (1999) (Sindhi: خط ٻن اديبن جا)
10.Dar Dar ja Musafir (2001) (Sindhi: در در جا مسافر)
11.Wan Wan Jee Kathiee (2002) (Sindhi: وڻ وڻ جي ڪاٺي)
12.The Dead River (2014) English.
The Government of Pakistan and Government of Sindh awarded him Pride of Performance in 2008 and Latif Award in 2016. He received several awards from local organizations.



عبدالقادر جوڻيجو

استاد جي سلامي

اسحاق سميجو

ڦول ٿي ڪو ته منجهائن اڀري

خواب ڪيڏا نه مليا مٽيءَ ۾. (شيام)

خليل ڪنڀار جي نوهٽي ويندي، مون سائين علي دوست کي چيو ته هن ئي رستي تي ڪٿي استاد عبدالقادر جي آخري آرام گاھ به آهي. واپسي تي کيس سلام ڪندا اينداسين. سائين چيو؛ اها ته ڀاڳ جي ڳالھ چئبي.

نوهٽي ويندي رستي ۾ ڪٿي به جنهان جوڻيجي جو بورڊ نظر نه آيو. ان ڪري واپسي تي مون سنگت کي چيو ته ثقافت کاتي کي گذارش ڪنداسين ته استاد جي نالي جو بورڊ به روڊ تي لڳرائي ۽ مزار تي ننڍو چبوترو به ٺهرائي، جيئن ايندڙ ماڻهو آسانيءَ سان مزار کي ڳولهي سگهن.

نوهٽي کان جنهاڻ جوڻيجو ستن اٺن ڪلوميٽرن تي آهي. ٻن ٽن ماڻهن کان پڇا ڪئيسين ته اسٽاپ تي ڄار جي وڻ جي نشاني ملي. جنهاڻ تائين پهچندي قدير انصاري ۽ سائين علي دوست بروهڪيءَ ۾ شعرن ۽ لطيفن جو مزيدار مقابلو ڪيو. قدير کي گڏهن بابت لطيفا جام ٿي آيا. سو جتي جتي رستي ۾ گڏھ ٿي نظر آيو، ڪو نه ڪو لطيفو ضرور ٿي ٻڌايائين. لطيفا ٿورا ولگر هيا، سو جنھن کي به ٻڌڻا هجن، مالڪ کان فون تي ٻڌي وٺي.

جنهاڻ جوڻيجي پهتاسين ته رستي جي هڪ پاسي اڇي رنگ جو دڪان ۽ ٻئي پاسي اڇي رنگ جي ئي اوطاق موجود هئي. پر نه ڪو ماڻهو، نه ماڻهوء جي ذات. گاڏيءَ مان لهي منصور سيتائي. . . . ابا ڪو آهي. . . ادا ڪو ٻڌي پيو. . . . جا سڏ به ڪيا، پر ورنائڻ وارو ڪو به نه هو. . مان دڪان جي ڀرسان ديوين وچ مان گذرندڙ رستي تي اڳتي وڌيس ته گهرن جون ڀتيون ننڍيون هجڻ ڪري عورتون ۽ ٻار نظر پئي آيا. ڪنهن ڌنار جا آواز به ڪنن تي پيا، پر وڻن ۽ ديوين جي گهاٽائي سبب ڪو به نظر نه آيو. روڊ طرف موٽ کاڌي ته ٽي ٻارڙا گهرن پاسي کان ڊوڙندا آيا. مون کانئن قبرستان ۽ استاد عبدالقادر جي مزار بابت پڇا ڪئي. هنن اشاري سان ٻڌايو ته نئين ڪوٽ جي قلعي طرف ويندڙ رستي تي ٿورو ئي اڳيان هڪ اڇي مسجد جي ڀر ۾ قبرستان آهي. جتي ئي اها مزار ٿي سگهي ٿي. گاڏي ۾ چڙهي ڪجھ اڳيان وڌياسين ته هڪ لوڪ قصن جي ڪردارن سان ملندڙ جلندڙ چاچو اڳتي وڌي آيو، ۽ پڇا تي رهنمائي لاءِ گاڏي ۾ ويهي رهيو.

آڏو ئي هڪ ننڍڙي، ڳوٺاڻن جي دل ۽ دسترخوان وانگر کليل، ڪنهن به شهري چمڪ دمڪ کان پري جيئندڙ بيحد معصومڙي مسجد ڏسڻ ۾ آئي. قدير مسجد وٽان گاڏي هيٺ لاٿي ته سامهون ئي هڪ ميدان هيو، جنهن ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. قبرستان گرائونڊ جي سامهون ئي هو.

وڻن جي جهڳٽن وچ ۾ هڪ مختصر قديمي قبرستان جو ڪاٺين جو ٺهيل مزيدار گيٽ هٽائي، چاچي اسان کي اشاري سان اولھ طرف هلڻ لاءِ چيو. جيئن ئي منهن اولھ طرف ڪياسين ته پهرين آجيان لهندڙ سج جي ٿڌي ۽ گيڙو رتي روشنيءَ ڪئي. دل تي استاد قادر جي ڪتاب جو عنوان تري آيو، 'ويندڙ وهي، لهندڙ سج. ، ' قبرستان جي ڀر مان هڪ ڪچو ڳوٺاڻو رستو گذريو پئي ۽ رستي جي ٻيءَ ڀر سرنهن جا سهڻا پيلا کيت ٻهڪي رهيا هيا، جن تي پوندڙ سج جا سونهري ڪرڻا هڪ عجيب طلسمي ماحول خلقي ڪري رهيا هئا. مزار جي پيرانديءَ کان ڪنڊيءَ جو هڪ قديمي وڻ تجريدي پينٽنگ جو ماحول ٺاهڻ ۾ رڌل هو.

مون مزار کي ويجهي ٿيندي ئي موبائل ڪڍي ۽ مزار کان سج جو منظر محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ڪنڊيءَ جي ڀر وارن ڄارين مان ڀڙڪو ٿيو ۽ هڪ مور اڏامي اچي ڪنڊيءَ جي وڻ تي ويٺو ۽ پنهنجا پر ڦڙڪائي، جهڙوڪ آيل عقيدتمندن کي ڀليڪار ڪرڻ لڳو. مون قدير کي اشاري سان مور ڏيکاريو ته هو به حيرت ۾ پئجي ويو. اسان زندگيء ۾ پهريون ڀيرو قبرستان ۾ ڪو مور ڏٺو هو. مٿان وري ان قبرستان ۾ استاد عبدالقادر آرامي هجي ۽ ان جي پيرانديءَ کان بيٺل ڪنڊيء جو وڻ مور پنکن سان سنگارجي بيهي، ته ان ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي. سو هي گهڙون عجيب ۽ بشارت جهڙيون لڳيون. اسان استاد قادر کي سلام ڪيو ۽ سندس مزار جي مٽيء کي ڇهي، اکين تي رکيو. عبدالقادر جوڻيجو اسان جي نسل جو ادبي گرو هو. اسان لکڻ ئي شروع نه ڪيو هو ته ڪهاڻي کان خاڪن تائين ادبي دنيا ۾ هن جي نالي جي ڌاڪ هئي. پر هن جڏهن سنڌالاجي جي هڪ ڪنڊائتي ڪمري ۾ ويهي، مٺ تي سگريٽ رکي، 'راڻي جي ڪهاڻي'، 'ديوارين' ۽ 'ڇوٽي سي دنيا' جهڙا جڳ مشهور ڊراما لکيا، تڏهن رڳو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه پر سموري ننڍي کنڊ ۾ هڪ ليکڪ طور هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ خوشبو جي طوفان وانگر پکڙجي وئي. اها سنڌالاجي، جنهن جي عمارت ڪنهن بزرگ جي مقبري جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي ڪا ڪا بس رفتار جهڪي ڪري، دعائون گهرندي اڳتي وڌندي آهي، ان سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر رهندڙ عبدالقادر جي مزار تي ڪو به مقبرو يا چبوترو ٺهيل نه آهي. هن جي ڪچي مٽيءَ جي مزار ۾ اهڙي ئي ڇڪ ۽ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي، جهڙي هن جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۽ ديومالائي شخصيت ۾ هئي. (حيرت ۽ ڏک جي ڳالھ اها به آهي ته جنهن سنڌالاجي جي سڃاڻپ ئي عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري جهڙا ليکڪ هيا، ان سنڌالاجي سندن سکڻا ڪارنر به نه ٺاهيا. )

جڏهن ۳۰ نومبر تي عبدالقادر جي موڪلائڻ جي خبر ٻڌي سندس گهر پهتا هياسين، (جتي ڪرونا جي خوف سبب ڪي چند ماڻهو ئي موجود هيا)، تڏهن اتي ڪنهن ٻڌايو هئو ته تدفين نئين ڪوٽ ويجهو، سندس مري ويل محبوب درياء (جنهن تي هن انگريزي ناول 'د ڊيڊ رور' لکيو هيو) جي ڪنڌيءَ تي قائم سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجي ۾ ٿيندي. مون هن جي فرزند نصير کان پڇيو، ته ڄام شوري ۾ سڄي زندگي گذاريندڙ قادر جا هڏا اوهان جنهان ڪيڏانهن پيا کڻايو وڃو? تڏهن هن ٻڌايو هيو ته اها بابي جي وصيت ۽ خواهش هئي. تڏهن الائي به ڇو، مونکي اهو فيصلو نه آئڙيو هو -

پر هاڻ جڏهن هن کي فطرت جي ٻاجھاري هنج ۾ ستل ڏٺو سين، سندس مزار مٿان مٿان مورن جون رنگين اڏارون نظر آيون، قبرستان جي پاسن کان سرنهن جا ڦلاريل کيت اکين سان ٽڪرايا، قبرستان جي آس پاس هن جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي ڪردارن کي زندگيءَ جي حقيقي ڪردار طور ماڻيوسين، ڳوٺ جي ٻارڙن جا سادڙا ۽ سٻاجهڙا ٽهڪ ٻڌاسين، انهن ٻن ٻارڙن سان ملياسين، جيڪي اسان کي قبرستان ۾ ڏسي اندر هليا آيا ۽ چيائون ته هي اسان جو ڏاڏو آهي. . . . تڏهن مونکي لڳو، عبدالقادر جو فيصلو ڪنهن به ريت غلط نه هو. . . اهي سڀ ماڻهو، جن پنهنجون مزارون ادارن اندر ٺهرايون ۽ ادارن کي قبرستانن ۾ بدلايو، عبدالقادر انهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باوقار طريقي سان، پنهنجي وڏڙن وچ ۾ باک ويلي ماڪ جي قطرن ۽ گوڌول جي گهڙين ۾ سج جي ڪرڻن سان سڌيء ريت ڪچهرين جا مزا ماڻي رهيو آهي. . . عبدالقادر واقعي به وڏو ليکڪ ئي نه، وڏو ماڻهو به هو. . . ۽ فطرت هن تي هاڻ به اهڙي ئي مهربان نظر آئي، جهڙي زندگيءَ ۾ هئي.

 

(اسحاق سميجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)


عبدالقادر جوڻيجو

ڀارومل امراڻي

ٿريو آخر ٿريو هوندو آهي، پوِءِ ٿر جي ڀٽن تي ولر واريندڙ ڌنار هجي يا جڳ مشهور ليکڪ. هُو زمين آسمان سج چنڊ تارا، چارا، نديون، نالا سڀ ٿريو ٿي ڏسندو آهي، هن جي اندر ۾ صدين جي اڃ هوندي آهي. مينهن ۽ نينهن مان ڪڏهن هن جو ڍو نه ٿيندو آهي. عبدالقادر جوڻيجو ٿر جي طبعي ڀاڱي مهراڻي جي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ جنم وٺندڙ ٿريو هو. هن ڏکن کان اتر تائين پوري سنڌ گهمي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ويو، هن دنيا جي ملڪن ڏانهن به پنڌ ڪيو پر ھر هنڌ ھن کي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ‘هورو’ پوندو هو. هوري جي اڻ تڻ ۾ ‘هورو ’ جهڙي شاهڪار لکي. هن جي من جي مايا روپي ندي هاڪڙو هوندي هئي. هاڪڙي جي لهرن هن جي لفظن ۾ نئون جنم ورتو هو. چون ٿا ته هاڪڙي جي ڪنارن تي ۳۰۰ شهر آباد هوندا هئا. هن جي ڪهاڻين، ڪالمن، ڊرامن، ناول، خاڪن ۽ ترجمي جي لکڻين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ ٽي سو آهي.

منهنجون ھن سان گهڻيون ملاقاتون ڪتابن ۽ ڪالمن ۾ ٿيون، هن جي ڊرامن جي ڊائلاگن ۾ ڪچهرين جو وڏو رس ورتو. پر ڪجھ ملاقاتون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ هن جي چئرمين شپ دوران روبرو ٿيون. هُو دل گهرئي ماڻهو کي پريان کان ايندو ڏسي مرڪندو هو. هن هڪ ڀيري سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ رقص جا چاليھ نمونا آهن ڇٽيھ نموني جو رقص ٿر جو ماڻهو ڄاڻي ٿو. هن ڳاله ڪري دنگ ڪئي ته مون چيو بروبر سائين ‘ڇٽيھ نموني جو رقص اوهان جي مرڪ ۾ موجود آهي. پوءِ هن وڏا ٽهڪ ڏيئي مهراڻي جي ڀٽن، ڪونڀٽن ۽ ڄارين جي جڳهٽن تي ڳالهايو هو.

هن دنيا جو ادب پڙهيو هو. هن پنهنجي پسند جون لکڻيون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي پڙهندڙ تائين پهچايون هيون، پر هن جي طبعزاد لکڻين ۾ مقاميت حاوي هوندي هئي. ڳالھ ڪٿان جي ڪئين هجي پرهن جي تشبيھ جو رنگ چاچي رمضان جي ڳالهين تي اچي دنگ ڪندو هو. هُو تحقيق ۾ پيرا رامجي ڪولهي وانگر کڻندو هو.

 هن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪردار هئا. جن مان هن اتساھ وٺي پنهنجي لکڻي کي هن ڇٽيھ لکڻي بڻائي هئي .

هن جو والد صاحب پولس جو صوبيدار هو. هن پوليس ۾ نوڪري ورتي. پر والد جي چوڻ تي ڇڏي ڏني. پوءِ ماستر ٿيو. هن جي ڪهاڻي پڙهي شيخ اياز سنڌالاجي ۾ نوڪري ڪرڻ جي لاءِ گهرايو. هُو شيخ اياز جي نياپي تي جنهاڻ مان سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي نڪتو هو. هن جو جسم خاڪي مهراڻي جي مٽي ۾ ابدي آرام ڪرڻ جي لاءِ سوا پرھ سج مٿي اچڻ تي پهتو. هن کي اهي ڳوٺاڻا ماڻهو وڻندا هئا، جيڪي پٽ پاٿاري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا آهن. هن جي آخري سفر ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي.

 

(ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



عبدالقادر جونیجو

جادوگر لکھاری - ادب کا غیر معمولی نام - ٣٠۔۔مارچ تیسري برسی کی مناسبت سےخاص تحریر۔۔

جہانگیر عباسی

سر زمین سندھ کی ریت والے سرحدی و صحراٸی پسماندہ علاٸقے تھر کے ایک چھوٹےسے گاٶں ``جنہان``اس وقت کا تحصیل اور اب ضلعہ مٹھی میں پہلی نومبر سن ١٩٤٥ کو مرید حسین جونیجو کے گھر میں نومولو بچے کے بابت یہ کسی کو بھی علم نہ تھا ک أنے والے وقت میں وہ ہی بچہ علم و ادب کے جہان کا ایک بھت بڑا لکھاری بن کر دنیا میں اپنے نام کا ڈنکا بجانے والا ھے جس کا نام عبدالقادر رکھا گیا جس نے پراٸمری تک اپنے گاٶں کے اسکول سے تعلیم پراٸی ۔میٹرک نواب شاہ ضلعہ کے مختلف اسکولوں سے کی کیوں کہ والدہ پولس کھاتے میں افسر تھے جس وجہ سے ان کے اکثر تبادلے ھوتے رھتے تھے ۔ قادر نے انٹر میڈیٹ ھائی اسکول ڈپلو سے کرکے سن ١٩٦٨ میں بی۔۔اے۔سن ١٩٦٩ میں بی ایڈ(تعلیمی موضع )اور أٹھ سال بعد ایم۔اے سوشالاجی مضمون میں یونی ورسٹی أف سندھ سے کیں

عبدالقار جونیجو نے عملی زندگی کی جدوجہد والی شروعات والد کے زور بھرنے پہ بطور پرائمري اسکول استاد سن ١٩٦٢ سے کی پھر ترقی پاکر سیکنڈری اسکول استاد مقرر ھوۓ اور ١٤ سالوں تک پژھاتے رھے ۔اسی عرصے میں لکھنے کی طرف أے عظیم دانشور محمد ابراھیم جویو ۔نواب حيدر علی اور شوکت حسین شورو سے خط وکتاب رھی پھر روبروں ملاقاتیں ھوئیں جن کی توسط سے جب عظیم شاعر اور دانشور شیخ أیاز سے ملاقات ھوئی آپ کی صلاحیتوں سے شیخ صاحب بہت متاثر ھوۓ اور ٧۔جون ١٩٧٦ کو انسٹی ٹیوٹ أف سندھالاجی میں پبلیکیشن افسر مقرر کردیا جہاں مختلف ذمہ داریوں کو نبھاتے ترقی کرتے پہلے ایڈیشنل ڈاٸریکٹر پھر ١٩٨٠ سے ١٩٩٣ تک تیرہ سال ڈائریکٹر کے عہدے پٕے فاٸز رھے ٥۔ ستمبر ا٩٨٨ سے ١٠ مئی ٢٠٠٨ تک چئیرمین سندھی لینگویج اتھارٹی کے عہدے پہ بھی رھے اورتاریخی خدمات سر انجام دیں ۔

عبدالقادر جونیجو بحیثیت افسانہ نگار۔۔۔۔۔۔۔۔۔

عبدالقادر جونيجو نےادب میں لکھنے کی شروعات ساٹھ کی دھاٸی میں فن افسانہ نگاری سے کی اور یہ ھی ان کی پہچان کا ادب میں بنیادی حوالہ بھے رھتا أیا ھے ۔پہلا افسانہ `مٹھ مٹھ سور سبھ کنھ ` عنوان سے لکھا جو حمید سندھی کے معروف ادبی جریدے `روح رھان۔١٩٦٣ کے اک شمارے میں شایع ھوا أپ نے اپنے ھمصر افسانہ نگاروں عبدالحق عالمانی۔ علی بابا۔شوکت حسین شورو ۔امرجلیل۔شمشیرالحیدری اور دیگر کٸی کی موجودگی منفرد اچھوتے موضوعات کی بدولت منفرد پہچان بناٸی خاص کر تھر کی دیہی زندگی کے مسا‏ئل ور درپیش مشکلاتوں کو افسانوں میں اجاگر کیا اور رات جی وھک میں `۔ٹڑیل تارا `۔۔`روکیل لڑک `۔ `موٹندڙ ڇوليون ``۔سونو روپو سج`۔۔اونداھيون سايون `۔اور کارونجھر جی کور `۔جیسےلازوال افسانے تخليق کیۓ ۔أپ کے افسانوی مجمعے``واٹوں راتیوں رول ``سن ١٩٧٣۔ ``ویندڙ وھی لھندڑ سج ``سن ١٩٨١ اور سونو روپو سج ``١٩٨٣ شامل ھیں۔

عبدالقادر جونيجو بحثيت ريڈیو۔ٹی وی ڈرما نگار۔ ۔۔

افسانوں بعد آپ نے پہلے ریڈیو پہ ڈرامے لکھے پہلا سندھی ڈراما حیدرأباد ریڈیو اسٹیشن سسےسن ١٩٧٦ میں نشر ھوا جس بعد أپ نے مسلسل ریڈیو کے لیے تیرہ ڈرمے لکھےاور پھر پاکستان ٹیلی ویژن جانب أۓ کراچی سینٹر سے ناٹک رنگ سلسلے میں پہلا سندھی ڈرمہ ``تلاش ``کے عنوان سے لکھا اور نشر ھوا جس بعد ١٦ سے زٸد سولو پلی اور ایک شھکارسندھی سیریل ``رانی جی کہانی ``کے نام سے شر ھوا۔سندھی بعد اردو میں بھی پہلے دس سے زٸد سولو پلیز کراچی سینٹر سے نشر ھوۓ اور پھر پہلی سیریل ``دیواریں``لکھی جو سندھی سیرہل``رانی جی کہانی ` کو اردو میں نۓ سرے سے لکھا یہ وہ سیریل تھی جب نشر ھوتی تو سڑکیں سنسان ھوجاتی اسی سیرہل نے قادر جونیجو کو ملک گیر سے عالمی سطح کی شہرت عطا کی جس بعد انہوں نے مڑ کر پیچھے نہ دیکھا اور پھر ``کاراوں ``۔چھوٹی سی دنیا``۔ ``سیڑھیاں ``۔۔دکھ سکھ ``۔ ``پراندہ ``۔ ``گھر گلیاں راستے ``۔دھول``جیسے سیریل تخلیق کئیں کراچی کے علاوہ کچھ سیریلز لاھور سینٹر سے بھے نشر ھوٸیں

عبدالقادر جونیجو کی ٹی وی سیریل ``دیواریں `` بی بی سی چینل سے انگریزی میں ڈب کر کے نشر کی گٸی ۔سیریل ``سیڑھیاں امریکہ اور کٸینڈا سمیت دیگر کٸی ملکوں سے نشر کی گئی ۔سیریل ``پراندہ ``یو۔اے۔ ای ۔امارات ملکوں اور کیینڈا سے ڈب کر کے نشر کی گٸیں ۔سیریل ``چھوٹی سی دنیا `` پہ جرمن انتھراپالاجسٹ ڈاکٹر ھیلن باسو نے ریسرچ کر کے تھیسز تیار کی جسے بعد میں انگریزی میں شایع بھی کیا گیا ۔عندالقادر نے اپنے ڈراموں میں سندھی سماج کی تصویر کشی کو حقیقی صورت میں پیش کرکے داد سمیٹی جس کا تسلسل نورالھدی شاہ نے بعد کے اپنے ڈراے ``جنگل `` اور دیگر پیش کیا بلکل ایسے جیسے پنجاب کی نماٸندکی امجد اسلام امجد سے اصغر ندیم سید نے پیش کی ھے قادر صاحب نے کارواں سیریل میں روحی بانو کے لیے ``سکھاں `` جیسا کردار تخلیق کر کے روحی بانو کو ھمیشہ کے لیے امر کردیا تھا ۔۔عبدالقادر کو بہترین ڈرام نگار کے لیے ١٩٨٣ میں ``دیواریں ``اور ١٩٨٥ میں ``کارواں`` کے لیے دوبار بہترین پی ٹی وی ڈارمہ لکھاری کا ایوارڈ۔علاوہ شعبہ ڈراما کے لیے سن ١٩٨٩ کو پہلا اور سن ٢٠٠٨ کو دوسری بار صدراتی ایوارڈ تمغہ حسن کارکردگی ``سے بھی نوازا گیا جبکہ ریڈیو پاکستان کی گولڈن جوبلی کے موقعے پہ ``قومی گولڈن جوبلی ایوارڈ ``بھی دیا گیاھے۔۔ٹی وی ڈراما لکھاری کے طور پہ عبدالقادر دوبار چین کا ثقافتی دورہ سن ١٩٨٦ میں اور مطالعاتی دورہ سن ١٩٩٣ (١١۔ماہ کے لیے ) کر چکے ھیں ۔

عبدلقادر جونیجو بحیثیت نثر نگار۔کالم نگار اور مترجم۔۔

قادر صاحب ایک قادرالکلام مشاھے ۔مطالعے والے غیر معمولی ذھانت کے مالک عبدالقادر سندھی کے ساتھ اردوانگریزی زبانوں میں بھی ادب کی ھرصنف میں لکھا ۔ ھے خاکے تحریر کیے ھیں ۔ اخباری کالمز مضامین اورعالمی ادب سے انٹرویوز ترجمے کیۓ۔کرمنالاجی۔سوشولاجی۔اینتھرو پالاجی۔نفسیات۔تعلیم۔سیاست ادب۔ثقافت اور لسانیات أپ کے پسندیدہ موضوعات رھے ھیں۔۔أپ دنیا کے اٹھارہ ملکوں کی أرکیالاجی۔اوشنیو لوجی ۔صحافت۔ثقافتی اور فنون لطیفہ والی تنظیموں کے رکن اعزازی ۔نیشنل فوک ھیریٹیج أف۔پاکستان سوساٸٹی أف أرکیولاجی اینڈ میوزمس اور نیشنل انسٹی ٹیوٹ آف اوشنو گرافی کے ساتھ سندھی لنگویج اتھارٹی سندھی ادبی بورڈ جامشورو سندھ مہران آرٹ کاٶنسل آ ف سندھ کے علاوہ بے شمار سرکاری ونجی تنظیموں کے بنیادی اور اعزازی رکن بھی رھے ھیں۔

عبدالقادر جونیجو کی کئی تصنیفات ہیں اور افسانوی مجموعوں کے علاوہ دیگر ادبی کتب یہ ھیں ۔

(۱)شکلیں ۔۔خاکے)١٩٧٩۔(سندھی۔ شڪليون)

(۲)نثر:بڑے ادیب بڑی باتیں ١٩٨٦) (سندھی۔وڏا اديب وڏيون ڳالھيون۔

(۳) ترجمه:``ایوریسٹ پہ چڑھاٸی۔کوه پيمانی۔ ۔١٩٨٧ ) سندھی ايوريسٽ تي چڙھائي

(۴) نثر: کرسی (اینتھروپالاجی مضامین۔۔١٩٩٨) (ڪرسي )

(۵)نثر: ترجمہ ``کیا کیوں اور کیسے؟``۔(عالمی انٹرویوز۔ ۽١٩٩٩)

(۶)خطوط:دو ادیبوں کے خطوط(محمد ابراھیم جویو۔عبدالقادر جونیجو ۔ ١٩٩٩۔)سندھی۔خط ٻن اديبن جا )

(۷)نثر ترجمہ ``در در کے مسافر``( تبصرے۔تعارفی خاکے ۔عالمی کتب پہ مضامین ۔٢٠٠١)سندھي ۔در در جا مسافر)

(۸)نثر۔درخت درخت کی لکڑی``(ادبی۔سماجی مضامین ۔٢٠٠٢)(سندھی۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي )

(۹)نثر: ``کیا لکھوں ` ( تاریخی سماجی مضامین ۔٢٠٠٧ (۔سندھی ۔ ڇا لکان ۔)

(۱۰)نثر:` ایسے بھلا کیسے ہوگا``عالمی ادب پہ تحریریں ٢٠١٠(سندھی ائين ڀلا ڪئين ھوندو )

عبدالقادر جونيجو ایک عہد ساز شخصیت تھے جن کی پہچان کے کٸی حوالے ہیں جیسے افسانہ نگار۔ ریڈیو ۔ٹی وی ڈرامہ نگار۔ کالم نگار مترجم۔ مقرر۔ صحافی ۔اینتھروپالابسٹ ۔تعلیمدان اور سماج سدھارکوہ اپنے ہر شعبے میں نمایا رہے ۔عالمی ادب کے شیدائی رہے ۔فن و ثقافت کے دلداہ رہے ایک لازوال شخصیت کے مالک تھے جس نے اپنی بھرپور زندگی گزاری اور بے پناہ خدمات سر انجام دیں ۔زندگی کی پچھتر بہاریں کزاریں اور ٣٠ ۔مارچ ٢٠٢٠ می اپنےپیدا کرنے والے مالک حقیقی سے جاملے۔آج ٣٠۔ مارچ ھے اور مرحوم عبدالقادر جونيجو کی تیسری برسی ھے اللہ تعالی ان کی مغفرت فرماۓ۔أمین سچ تو یہ ہےکہ عبدالقادر جونیجو جیسے لوگ مر کر بھی نہیں مرتے ۔ہمیشہ کےلیےامر رھتے ھیں ۔شاعر سرشار صدیقی کا یہ شعر عبدالقادر جونیجو جیسے لوگوں کے لیے ھی کہا ہے کہ

ھم روح سفر ہیں ہمیں ناموں سے نہ پہچان

کل اور کسی نام سے أجاٸیں گیں ھم


 

عبدالقادر جوڻيجي جي ياد ۾

رياض ڪلهوڙو

جيئن هڪڙي ڏيئي مان هزارين ڏيئا روشن ڪري سگھجن ٿا، تيئن هڪڙي دانشور، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار جي هڪڙي تخليق مان ڪيترائي فرد بينائي وٺي سگھن ٿا. بينائي مان مراد اکين جي ديد نه پر، سجاڳيءَ جي ديد، شعور جي نظر، بيداريءَ جي نگاهه..! هتي جنهن ديپ، جنهن موم بتيءَ، جنهن شمع جي سنڀال ڪجي ٿي، اهو امر ڪردار، خميس ۱ نومبر ۱۹۴۵ع تي مريد حسين جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عبدالقادر جوڻيجو آهي.

جوڻيجو صاحب نهايت سنجيده مزاج شخص هو. سندس والد پوليس آفيسر هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جنهاڻ، مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سوشالاجي ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو. سندس علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ايترو هو، جو پاڻ، ۱۹۷۶ع ۾ پبليڪيشن آفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۵ع کان ۱۰ مئي ۲۰۰۸ع تائين، چيئرمين سنڌي لينگئيج اٿارٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.

عبدالقادر جوڻيجو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٻوليءَ ۾ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي، تنهن کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي. عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي، پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي ۱۹۶۴ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڃاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي حيثيت سان آهي،

سندس ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو مشهور ٿيا آهن، جو ماڻهو اڄ تائين سندس ڪردارن کي وساري ناهن سگهيا. جوڻيجي صاحب جا ڊراما نه صرف پاڪستان، پر ٻاهرين ملڪن پڻ ٽيليڪاسٽ ٿيا. ڊارما سيريل ”ڇوٽي سي دنيا“ تي مشهور جرمن اينٿروپولاجسٽ ”ڊاڪٽر هيلني باسو“ جرمن ٻوليءَ ۾ برلن جي فري يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسسز لکي. ڊراما سيريل ”ديوارين“ بي بي سي جي چينل ۴ تي انگريزي سب ٽائٽل سان گڏ نشر ڪيو ويو. ڊراما سيريل ”سيڙهيان“ آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ۱۳ ملڪن ۾ ٽيليڪاسٽ ٿيو. ڊراما سيريل ”پرانده“ پاڪستان سان گڏ ڪئناڊا ۾ پڻ ٽيليڪسٽ ٿيو.

عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن.

عبدالقادر جوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو: ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس. اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“.

عبدالقادر جوڻيجو صاحب جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن ۾: واٽون راتيون ۽ رول (شارٽ اسٽوريز)، شڪليون (سنڌي ليکڪن جا خاڪا)، ويندڙ وهي لهندڙ سج (شارٽ اسٽوريز)، وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (ترجمو)، سونو روپو سج (شارٽ اسٽوريز)، ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو)، ڪرسي (ڪالم)، ڇو ڇا ۽ ڪيئن (ترجمو)، خط ٻن اديبن جا (خط)، درد جا مسافر، ثقافتي اخلاقيات، وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو)، ڇا لکان (ڪالم)، ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو، ڏک سک (ڪهاڻيون), درد ونديءَ جو ديس ۽ ڪتابن جي دنيا (ادبي تنقيد) شامل آهن.

عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جي انهن ليکڪن مان هو جنهن جا ڪالم سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندا ھيا. جيئن باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ۽ وڻ چمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، تيئن مختلف ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، افسانا نگار ۽ شاعر، ادبي چمن جي زيبائش ٿيندا آهن. عبدالقادر جوڻيجو، ادبي چمن جو اهو وڻندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو، سونهن ۽ رنگيني، هر دل تي اثر ڇڏي ٿي. حشمت ڀريو ۽ سنجيده مزاج عبدالقادر جوڻيجو، لکڻين ۾ اهڙي ته تجسس رکندو آهي، جو جيستائين سندس پورو مقالو، مضمون ۽ ڪالم نه پڙهجي، تيستائين من ۾ مزو نه رهندو، سندس تحريرن ۾ جيڪو نشو آهي، سو ڪنهن حسين و جميل شهزاديءَ جي اکين جي آب کان گھٽ نه ٿو چئي سگھجي. عبدالقادر جوڻيجو نه صرف ڪلام نگار، ڊرامانگار، ڪهاڻيڪار هو، پر ترجمن جي دنيا ۾ پڻ سندس نالو هماليه جيان اوچو ۽ آسمان سان لندي نظر ايندو آهي.

شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو هن پرجوش ليکڪ جي سنڌي ڊرامن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”ويندڙ وهي“، ”مون ۾ آهين تون“، ”خان صاحب“، ”ڳولا“، ”هن وستيءَ ۾“، ”جانچ“، ”گردش“، ”اصل معاملو“، ”واٽن واٽن جهڙيون“ ۽ ”ڀنگ ڄار“ شامل آهن. جوڻيجي صاحب اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ديوارين“، ”سيڙهيان“، ”ڪاروان“، ”دک سک“، ”بدلتي موسم“، ”گھرگليان“، ”رشتي“، ”پرانده“، ”چهوٽي سي دنيا“ ۽ ”زرا نم هو يه مٽي“ شامل آهن.

عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، نگار ايوارڊ (۱۹۸۴ع)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (۱۹۸۵ع)، پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۱۹۸۹ع)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۱۹۸۹ع)، ڏهاڪي جو بهترين ايوارڊ (۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين) ۽ ريڊيو پاڪستان گولڊن جوبلي اوارڊ (۱۹۹۹)، ٻيو صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۶)، حسن ڪارڪردگي صدارتي ايوارڊ (۲۰۰۷)، سنڌي لئنگيج ايوارڊ ۲۰۰۴ع ۽ ٻيا شامل آهن.

سنڌي ادب ۾ هماليه جي حيثيت رکندڙ عبدالقادر جوڻيجو سومر ڏينهن ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع تي هن فاني جهان ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال، ادبي دنيا جي مهڪندڙ گلن کي مرجھائي ڇڏيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪاچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



عبدالقادر جوڻيجو

سندس علمي ۽ ادبي ڪچهريون

ڪليم ٻٽ

”الله رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٽس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“

هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو.

يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري.

جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا):

”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“

ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي.

مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن ۲۰۱۴ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ ۲۹۰ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته:

”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو.  

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۰ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

1 comment: