; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ - محمد مٺل جسڪاڻي

02 November, 2015

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ - محمد مٺل جسڪاڻي

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ
ڄاڻو زرعي ماهر، محنتي محقق، بهترين استاد ۽ منتظم
محمد مٺل جسڪاڻي
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ ۰۲ فيبروري ۱۹۴۹ع تي سائينداد خان پٺاڻ جي گهر ۾، قمبر ۾ اک کولي. جتي هن بنيادي تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ ۱۹۶۵ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ميٽرڪ ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج (هاڻوڪي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مان ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ ۱۹۷۲ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۷۴ع ۾ ايم ايس سي ڪئي. سندس تعليمي سندن موجب، هن پنهنجي تعليم دوران شروع کان آخر تائين، هر امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو.


پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ، جنهن شعبي ۾ ايم ايس سي ڪئي، ان ئي شعبي ۾ ۱۹۷۳ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ۱۹۸۱ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به ٿيو ۽ آمريڪا جي الينين يونيورسٽي (University of Illinois, Urbana-Champaign, USA) مان پي ايڇ ڊي لاءِ روانو ٿيو. جتان هو ۱۹۸۷ع ۾ ايم ايس ڊگري حاصل ڪري، سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ شروع ڪيون، ته ۱۹۹۰ع کان کيس ايسوسيئيٽ پروفيسر جون ذميواريون سونپيون ويون. جتي پوءِ هو ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۹ع ۾ رٽائر ٿيڻ تائين، سندس شعبي ۾ پروفيسر، ان دوران ۱۹۹۶ کان ۲۰۰۳ع تائين فصلن جي بچاءُ واري فيڪلٽي جو ڊين به رهيو. جڏهن ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ لسٻيله يونيورسٽي آف ايگريڪلچر واٽر اينڊ ميرين سائنس، اٿل، بلوچستان (LUAWMS, Uthal, Balochistan) ۾ ۲۰۰۹ کان ۲۰۱۱ع تائين پروفيسر طور خدمتون انجام ڏنيون.
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ اڳوڻي زرعي ڪاليج ۽ موجودهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جيتوڻيڪ پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيو، پر هو استاد طور فرائض انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ تحقيق ۾ به محو رهيو، ته وقت به وقت ملندڙ اضافي ذميوارين سان به نڀائيندو رهيو. هو انڊر گريجوئيٽ، گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام لاءِ فيڪلٽي ڪو آرڊينيٽر به رهيو. سارنگ شاگرد ميگزين ۾ سنڌي حصي جو ايڊيٽر به رهيو. شعبي، فيڪلٽي ۽ يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز ۽ ريسرچ جو ميمبر پڻ رهيو. مختلف سالن دوران اسڪالرشپ ڪاميٽي ۽ ٻين به ڪيترين ئي ڪاميٽين ۾، ڪنهن ۾ ميمبر، ڪنهن ۾ سيڪريٽري ته ڪنهن ۾ چيئرمين به رهيو. جڏهن ته پاڪستان فائٽو پيٿالاجيڪل سوسائٽي، پاڪستان سوسائٽي آف نيماٽولوجسٽس، پاڪستان بوٽينيڪل سوسائٽي ۽ سنڌ سائنس سوسائٽي جو ميمبر به رهيو ۽ مختلف عرصن ۾ مختلف عهدن تي به رهيو.
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ درس ۽ تدريس، تعليم ۽ تحقيق توڙي مختلف انتظامي ذميوارين سان نڀائڻ باوجود ۷۵ مختلف تحقيقي مقالا به لکيا، جيڪي ملڪي ۽ غير ملڪي، قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيا. هن هڪ نصابي ڪتاب لاءِ هڪ ڀاڱو لکي author of a book chapter به رهيو.
ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ شاگردن جو تمام ٿورو تعداد داخلا وٺندو رهيو آهي. تنهن هوندي به پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ جي نگراني ۾ ۴۷ شاگردن ايم ايس سي اڪلائي، تعليم مڪمل ڪري، ملڪ جي مختلف ادارن ۾ مختلف عهدن تي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن.
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ جي طبي حياتي جو ڏيئو ۰۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي گل ٿيو، پر هو پنھنجي ڪردار ۽ خدمتن عيوض سدائين ياد رهندو. کيس ياد ڪندڙن ۾ نه صرف سندس بيوهه، ٽي نياڻيون، ٽي پٽ سوڳوار آهن، پر سندس شاگرد، ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ٻين استادن ۽ عملي سميت سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن جو به وڏو تعداد شامل آهي ۽ کيس ڪيترا ئي ماڻهو ساريندا رهندا.
موجودهه دور سان گڏوگڏ ايندڙ دور ۾ به، جيڪو جيڪو به ٻوٽن جي بيمارين بابت پڙهندو، تحقيق لاءِ حوالا وٺندو، اهو پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ جي ڄاڻ مان علم پرائيندو رهندو.
ماڻهو پيدا به ٿيندا آهن ۽ ابدي آرامي به ٿيندا آهن، ماڻهن جون ڳالهيون، ڪردار، عمل رهجي ويندو آهي. پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ جيتوڻيڪ جسماني طور هاڻ نظر نه ايندو، پر سندس قول ۽ فعل ياد رهندو، ياد ڪيو ويندو. سندس ڳالهيون، ڪردار، عمل رهندو. هو ڄاڻو زرعي ماهر، محنتي محقق، بهترين استاد ۽ منتظم هو.
(کيتي سر سيتي، آبادگار ڀائرن لاءِ خاص ايڊيشن، ترتيب: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، سومر ۰۲ نومبر ۲۰۱۵ع)


No comments:

راءِ ڏيندا