ماسٽر چندر
”چندر“ چشما کڻي
بند ڪر، فقط دل ۾ رکي تصور.
ڪڏهن ڪڏهن ناگهاني طور تي، ڪنهن واٽ ويندي، ڪنهن
پيچري تان گذرندي يا ڪا عمارت پسندي، اچانڪ دل ۾ يادن دري کلي ويندي آهي، ذهن ۾ ڪجھه
اڻمٽ تصويرون چٽجي وينديون آهن ۽ هڪ قسم جي پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. ضروري
ناهي ته منهنجي اندر جو اهو داخلي احساس هر ڪنهن سان لاڳو هجي، پر مونکي دل ئي دل
۾ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اهو پيچرو پنهنجي خاموش زبان سان پيار وچان، پاڻ طرف سڏيندو
هجي. مثال طور لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندي يا ايندي، قومي شاهراهه تان جڏهن به راڻيپور
کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين ڀاسندو آهي ته سچل سائينءَ جو روضو ڄڻ ته ’حق موجود‘
ٻولائيندي، ائين چوندو هجي ته: ”ڇڏ رسامان آءُ تون يار، مون کي تنهنجي سار سنڀار.!!“،
يا وري جڏهن به دادوءَ کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته ڄڻ هتان
جي گونان گون بازارين ۽ رستن ۾ ماڻهن جي وهڪري منجھان اجھو ڪو اکين تي عينڪ ۽ مٿي تي
سنڌي ٽوپي پهريل، ڪو پير سن پيار ڪندڙ، الفت ڀريو استاد نمودار ٿيندو، جيڪو پنهنجون
ٻئي ٻانهون کولي پنهنجي هڪ منفرد ۽ مترنم انداز سان ائين چوندو ته: ”هلي آ، پير ڀري
هلي آ.!!“ ساڳئيءَ ريت ٺارو شاهه باءِ پاس کان گذرڻ سان ائين لڳندو آهي ته امالڪ مٿي
تي ڪاري ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنٺو پاتل فقير، چاهه ڀريو چندر اسان جي سواريءَ جي آڏو پنهنجي
هٿڙن تي پنهنجي خون سان لت پت ٿيل دل کڻي ايندو ۽ سڪ وچان اها سين هڻندو ته: ”دل آهي
هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان، بازارِ محبت ۾ طلبگار کي ڳوليان..!!“
جي ها! هتي مهان ڪلاڪار ماسٽر چندر لاءِ ٺارو
شاهه باءِ پاس جو مثال ان ڪري ڏنم، جو سنڌ توڙي هند جي هن البيلي راڳيءَ ماسٽر چندر
جو اصلوڪو ۽ اباڻو ديس ساهتي پرڳڻي جو تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻو ضلعو نوابشاهه
۽ هاڻوڪو ضلعو نوشهرو فيروز) آهي، جتي سندس گھر ڦٽل نوَ لکي واهه جي ساڄي ڪپ تي واقع
هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به ان ئي هنڌ تي موجود آهي. ان حويليءَ ۾
۱۸ ڊسمبر ۱۹۰۹ع تي شري آسندس ڏامواڻيءَ جي آغوش ۾ هڪ چندرما جهڙي چهري واري ٻالڪ ’چندر‘
جنم ورتو، ٺاروشاهه جي قديم اسڪول جي پراڻي رڪارڊ موجب ان ٻالڪ جو اصل نالو ’چندر مل
ڏامواڻي‘ ٻڌايو وڃي ٿو، پر نامياري ليکڪ ۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ جي چوڻ
مطابق سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ آهي. اڳتي هلي هيءُ ٻالڪ سنڌي سنگيت جي افق تي چنڊ
وانگر چمڪندي ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر
ٿي چڪي آهي.
چون ٿا ته ماسٽر چندر پنهنجي ماتا پتا جو اڪيلو
اولاد هو، جنهڪري سندن سڪيلڌو پڻ هو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه مان
ئي حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ لوڪل بورڊ هاءِ
اسڪول ٺارو شاهه مان پاس ڪيائين، جيڪو هاڻي ’گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول‘
سڏجي ٿو.
ماسٽر چندر کي ٻالڪپڻ ۾ لاشعوريءَ واري عمر کان
ئي فطري طور تي راڳ سان رغبت پيوست ٿيل هئي، پاڻ
جڏهن اڃا ٻار هو، تڏهن سندس گھر جي ڪنهن وڏي سوکڙيءَ طور کيس بانسري ۽ ’مائوٿ
آرگن‘ (وات وارو باجو) آڻي ڏنو، انهن ڏينهن ۾ چندر پنهنجي گھر توڙي اسڪول واري فارغ
وقت ۾ پنهنجي منهن سان پيو جھونگاريندو ۽ اهو ئي وات وارو باجو وڄائيندو رهندو هو،
چندر جي اها چاهت وقت گذرڻ سان ايتري ته سرس ٿيندي وئي، جو هو پنهنجي مڌر آواز سببان
اسڪول جي ڪجھه دوستن جي ڪچهريءَ وارن جٿن جي جان بڻجي ويو.
ماسٽر چندر نصابي تعليم جا ڏاڪا پار ڪندي جڏهن
سيڪنڊري ليول تي پهتو، تڏهن سندس اسڪول جو پرنسپال سائين لقمان لکاڻي هوندو هو، جيڪو
پنهنجي پرسوز آواز سان شاهه سائين توڙي ٻين درويشن جا بيت ڏوهيڙي جي انداز ۾ آلاپيندو
هو، جنهنجي سرپرستيءَ ۾ رهي ماسٽر چندر نصابي نصيحتن سان گڏ ڪجھه سريلا سبق به سمجھي
ورتا. وقت گذرڻ سان چندر جو چاهه سنگيت سان ايترو ته وڌندو ويو، جو جنهن به ڪلاڪار،
استاد يا درويش وٽان جيڪا به سرن جي سخا کيس ملندي هئي، ان کي ويراڳ جو ونڊ سمجھندي،
پنهنجي قلب جي ڪشڪول ۾ سانڍيندو ويندو هو. ان حوالي سان پاڻ ڪاڪي هاسوءَ سوناري کان
طبلي جي تربيت حاصل ڪيائين، جڏهن ته پنهنجي وقت جي هڪ صوفي سنت ڪاڪي جيوترام کان صوفياڻي
راڳ ۽ رقص جو طريقيڪار سمجھي ورتائين.
هڪ ڀيري ۱۹۲۳ع ڌاري، جڏهن سندس عمر اڃا چوڏهن سال هئي، تڏهن سندس روهڙيءَ وڃڻ ٿيو،
جتي موسيقيءَ جو هڪ مانڊاڻ متل هو، اتي امر شهيد ڀڳت ڪنور رام سان سندس ملاقات ٿي،
ماسٽر چندر کي ان چؤياريءَ ۾ اول ڳائڻ جو موقعو مليو، تڏهن پاڻ نو عمر فنڪار جي حيثيت
سان هڪ يا ٻه ٻول ڳائي دعا جي لاءِ جڏهن ڀڳت ڪنور رام کي قدمن تي هٿ رکيائين، تڏهن
سنت کيس دعا ڪندي چيو ته: ”چندر هڪ ڏينهن ضرور چمڪندو.“ ۽ وقت گذرڻ سان ڪنوررام جو
اهو چوڻ سچ ثابت ٿيو. ان کانپوءِ پاڻ سچي سنت جي صحبت ۾ به رهيو ۽ ڪيترو ئي عرصو سچي
سنت سان ڀڳت دؤران هڪ سازندي طور گھڙو پڻ وڄايائين.
ان کانپوءِ هن راڳ جي ڪجھه سکيا جيوترام مٽائيءَ
کان حاصل ڪئي، جيڪو سائين قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو. جڏهن ته روهڙيءَ جو
هڪ سنت امرو رام ننڍي کنڊ جي تمام وڏي ڪلاڪار ۽ موسيقار خانصاحب استاد امير علي خان
وٽ کيس وٺي ويو، جنهن کيس راڳ جي باقاعده سکيا ڏني. ماسٽر چندر سنڌ جي صوفي بزرگن جي
صحبت مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن
شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند،
ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا. انهن درگاهن
جا فقير جڏهن يڪتارا کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي ويندو هو. چندر راڳ ۽ ويراڳ
جي عشق ۾ ايتري حد تائين مست ٿي ويو، جو اڪيلو اولاد هئڻ واري سڪيلڌائپ ۽ اميراڻي گھر
جي شاهوڪاري وساري، صوفي فقيرن ۽ درويشن سان گڏجي فقراهي رنگ ۾ رنگجي ويو.
ماسٽر چندر کي راڳ سکڻ واري مرحلي ۾ ڪافي مشڪلاتون
۽ دشواريون به پيش آيون، ايتري حد تائين جو کيس گھر وارن جي تنقيد، تانن ۽ تنڪن جو
منهن به ڏسڻو پئجي ويس. سندس هڪ چاچو گھنشامداس پنهنجو وقت جو ڪامورو، مختيارڪاريءَ
واري عهدي فائز هو، جيڪو پنهنجي گونان گون مصروفيتن بعد جڏهن گھر ايندو هو ۽ ساڻس جڏهن
چندر ملندو هو ته چاچو کيس حقارت وچان ’ميراثي‘ يا ’ربابي‘ ڪري سڏيندو هو، جنهن تي
چندر کي مٺيان لڳڻ سان گڏ ڏک پڻ ٿيندو هو. پر اڳتي هلي نيٺ اهو وقت به آيو، جو چندر
جي چاهه ڀرئي آواز سندس ان ئي چاچي کي به موهي وڌو، جنهن سندس همت افزائي ڪندي کيس
گلن جا هار پارايا، نه صرف ايترو، پر هن لاءِ امرتسر مان هارمونيم وٺي آيو ۽ پوءِ چندر
سُر، سُرن جون شڪليون ۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ تيور جي ڄاڻ ورتي، ڏينهن
رات هڪ ڪري هارمونيم سکيو ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بڻجي پيو.
ماسٽر چندر عملي زندگيءَ ۾ پبلڪ ورڪس (انجنيئري)
کاتي نوابشاهه ۾ پنج سال نوڪري ڪئي، جتي شام جي وقت ۾ ’چندر سنگيت ودياله‘ نالي سان
هڪ سنگيت سکيا گھر قائم ڪيائين. وري جڏهن نوڪريءَ سانگي سندس تبادلو ڪراچيءَ ڏانهن
ٿيو، تڏهن اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي ۾ موسيقي سيکارڻ
جو اسڪول قائم ڪيائين. جڏهن ته هن پنهنجي سر جي سفر جي شروعات مندرن ۽ گردوارن ۾ منعقد
ٿيندڙ ڌرمي پروگرامن کان ڪئي. هن پنهنجي ذوق، شوق توڙي عقل ۽ ڏاهپ جي آڌار تي گائيڪيءَ
کي نوان انداز ڏنا ۽ ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين، سندس انداز اهڙو
ته اثرائتو هوندو هو جو ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي ڇڏيندو هو. چندر جو آواز چِٽو ۽ سُريلو
هو، جيڪو پري پري تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز کي هن وقت تائين
تمام گھڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. ماسٽر چندر لاءِ ڳالهه ڪندا آهن ته هو اڪثر رات جو ٺارو
شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي ۾ ڳائيندو هو ۽ بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي سندس آواز اڌ شهر
۾ ڦهلجي ويندو هو. ماسٽر چندر جو راڳ سان عشق هوندو هو. ان دور ۾ محفلن سان گڏ گرامون
ريڪارڊنگس ميڊيا جو اهو واحد ميڊيم هوندو هو، جنهن جي ذريعي فنڪارن کي مشهوري ۽ ناماچاري
حاصل ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ ريڊيو به ان وقت ۾ عام جام هوندو هو، پر ريڊيو تائين رسائي
به ڪن ڪن فنڪارن جي وس ۾ هوندي هئي. ماسٽر چندرکي گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جي هڪ
مالڪ سيٺ لال چند متعارف ڪرايو، ان کان علاوه ورهاڱي بعد، جڏهن پاڻ لڏي پلاڻي هندستان
ويو، تڏهن اتان جي گرامون فون ڪمپنين وٽان به کيس ڪافي پذيرائي ۽ مڃتا ملي. رڪارڊ ڪمپنيءَ
طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي فن جي قدرداني ڪندي،
سندس فن جي مڃتا طور کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو ويو، نه فقط ايترو، پر
رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو هو. وقت جي راجائن
۽ نوابن وٽان به هن سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس ننڍي کنڊ جي عظيم گويي استاد بڙي غلام علي خان
’سنگيت آچاريه‘ جو لقب عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به ڪيترا انعام حاصل ڪيائين. ۱۹۶۵ع واري جنگ کانپوءِ پاڪستان جي ابلاغي ادارن تان ماسٽر چندر جي ڳايل ڪلامن
جي نشر ٿيڻ تي ڪجهه عرصي لاءِ بندش پڻ وڌي وئي، پر وقت گذرڻ سان اهي پابنديون ختم ٿي
ويون ۽ سرڪاري ميڊيا توڙي خانگي چئنلن تي سندس ڳايل ڪلام اڄ سوڌو ڳائجي رهيا آهن. هڪ
محتاط اندازي موجب چندر ۳۰۰۰ کان به مٿي
ڪلام ڳايا ۽ انهن جون ڌُنون ٺاهيون.
۱۹۴۷ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي
وقت اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هليا ويـا، وڇوڙي جي اهڙي المناڪ عالم ۾ چـنـدر کـي به
مجبـوراً سـنڌ ڇـڏڻي پـئي ۽ ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ۾ رهيو،
پر ڪٿي به پاڻ سنڌ وارو سڪون محسوس ڪين ڪيائين،
نيٺ بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي سڪ
هڪ دفعو کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي عوام جي بيحد اسرار ۽ پاڪستاني سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر
سنڌ ۾ مهمان ٿي آيو ۽ مختلف جاين تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. هن دوري دوران پاڻ
ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو، ان وچ ۾ ’قطب شاهه جهانيان‘ جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. هو پنهنجي
اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي پنهنجي پراڻي اوتاري گوڌورام جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو
۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين. ماسٽر چندر پنهنجي هن دوري ۾ پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ
ٺارو شاهه ۾ پنهنجو گهر به گهمڻ ويو، جتي نلڪي جو پاڻي پيتائين، ان پاڻيءَ جي دِلِي
ڀري کنيائين ۽ بعد ۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن مان
ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو.
ورهاڱي جي يارهن سالن بعد ۱۹۵۸ع ۾ ڀارت جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ تيار ڪئي وئي، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي
وقت، سنڌ مان اصلوڪن هندن جي لڏ پلاڻ واري دکدائڪ پس منظر جي عڪاسيءَ ۾ تيار ڪئي وئي
هئي، ماسٽر چندر ان فلم جا گانا ڳائڻ سان گڏوگڏ مک ڪردار طور اداڪاري پڻ ڪئي. هيءُ
پنهنجي دور جو هڪ برجستو شاعر پڻ هو، سندس شاعري ۾ عروض جا سمورا لوازمات نمايان آهن،
سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي به سگھاري درجي جي نظر اچي ٿي، سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار،
۲ نومبر ۱۹۸۴ع تي اٽڪل ۷۸ ورهين جي
ڄمار ۾ بمبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي ٺارو شاهه جي رهاڪو ۽ هن
وقت احمد آباد (هندستان) ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ ۱۹۸۹ع ۾ ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ جي عنوان سان هڪ ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو،
سندس زندگيءَ تي ٻيو ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر
چندر مهان ڪلاڪار‘ جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري، ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ماسٽر چندر جي شخصيت توڙي فن اڄ به سنڌي موسيقيءَ
۾ هڪ اهم حيثيت جو حامل آهي، ايتري قدر جو سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار ممتاز لاشاري سندس
گائيڪيءَ کي ان حد تائين پسند ڪري ٿو، جو پنهنجي هر البم ۾ چندر جو ڳايل ڪلام ضرور
ڳائيندو آهي، جڏهن ته سنڌ جو هڪ ٻيو سريلو راڳي عبدالغني ڀٽي چندر جي ئي انداز ۾ چندر
جا ڪلام ڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.
ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان ڪلاسيڪل ۽
سدا بهار راڳي
امر لال ٽڪياڻي
سنڌ ڌرڻي ڪيترين ئي اهم ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي،
اهڙين مهان هستين مان موسيقي ۽ گائڪي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سنڌ جو عظيم
راڳي ماسٽر چندر به هڪ آهي. ماستر چندر ۱۹۰۷-۱۲-۱۲ع تي ٺارو شاهه ضلعي
نوابشاهه ۾ جنم ورتو، هن ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.
هن پنهنجي گيتن ذريعي هندو مسلم ايڪتا جو جذبو جاڳايو. هن جي معروف ڪلامن ”رٺائي
رهن پر، هجن حياتي“ ۾ هڪ محبت جو گاڏو آهي، چندر ”ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو
ڌڪيان“ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. هن جي گيتن ۾ محبت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام
شامل آهي. جنهن کي جهڙي به وقت ٻڌجي ٿي راحت نصيب ٿيندي آهي. ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر
چندر پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ اتساهه پيدا ڪيو.
ماسٽر چندر جڏهن فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو ته هن پهرين فلم هيرو جو ڪردار ادا ڪيو،
ماسٽر چندر ۴۷ سال فلي دنيا کي
وقف ڪيا، ماسٽر چندر پلي بيڪ ڳائڻو هو، فلم ”موت ڪا طوفان“ ۾ هن گيت ڳايا ماسٽر
چندر هڪ فنڪار سان گڏوگڏ هڪ بهترين اداڪار، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. اليڪٽرڪ سازن جي
دنيا ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ٿيو. هن سنڌ ۽ موسيقي کي جديد طريقي سان متعارف ڪرايو.
ماسٽر چندر جو من موهيندڙ آواز انسان جي سندس نس نس کي
چمندو هو. ۲۲ ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ ۳۰۰۰ ڪلام رڪارڊ ڪرايا،
ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. ڏسو صفحو ۶
جڏهن هن مندرن ۽ درگاهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دوران سنڌ
جي عظيم فنڪار ڪنور ڀڳت ڪنول رام ان جو ڳائڻ ٻڌو ته ڀڳت ڪنور رام کيس آشيرواد
ڏيندي چيو ته چندر فني دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر ۴۰۰ گراهم فونو رڪارڊ
ڪرايا. پنهنجي سموري زندگي فن ۽ موسيقي کي ارپيندڙ ۽ هزارين دلين تي اڄ به راڄ
ڪندڙ ماسٽر چندر جا ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، باشعور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اڄ به
ماسٽر چندر جي امر ڪلامن جي غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو آهي، اڄوڪي هن پاپ ميوزڪ واري
دور جنهن ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي پر ماسٽر چندر سنڌ جي اها
مهان هستي آهي، جنهن جي ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا مهان فنڪار سُر ۾ ممتاز علي لاشاري
جهڙا بهترين راڳي پڻ سدا بهار ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن، سنڌ
جي هن عظيم هستي کي اسان کان وڇڙيئي ستاويهه سال ٿي چڪا آهن پر هي اڄ به هر باشعور
جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو، سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار ۷۷ سالن جي ڄمار ۾ نومبر ۱۹۸۴ع ۾ ديهانت ڪري ويو.
ماسٽر چندر
ھند ۽ سنڌ جو مھان راڳي
ناصر قاضي
موجن ڀرئي مهراڻ جو پاڻي، سنڌ صوبي جي نوابشاهه
ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ هتان
جي آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي
پرڳڻو“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ ضلعي نوشهري فيروز جا ڪنڊيارو ۽ مورو تعلقا اچي وڃن
ٿا.
سنڌ جي مهان راڳيءَ ماسٽر چندر تعلق به هن ئي
خطي جي هڪ تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز) سان هو. ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه
۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به موجود
آهي، جتي هن برک راڳيءَ جنم ورتو، سندس پتا جو نالو آسنداس ڏامواڻي هو، ٺاروشاهه جي
قديم اسڪول رڪارڊ موجب سندس اصل نالو چندرمل ڏامواڻي، ولد آسنداس ڏامواڻي آهي ۽ سندس
جنم جي تاريخ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۰۹ع ٻڌائي وڃي ٿي، پر نامياري ليکڪ
۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي
هيءُ ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر ٿي چڪي
آهي.
ماسٽر چندر پنهنجي ماتا پتا جو اڪيلو اولاد هئڻ
ڪري سندن دادلو پٽ هو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه ۾ ئي ورتي ۽ مئٽرڪ
لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪئي، جيڪو هاڻي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول
سڏجي ٿو. هن پڙهائيءَ بعد پبلڪ ورڪس (انجنيئري) کاتي ۾ پنج سال نوابشاهه ۾ نوڪري ڪئي.
کيس راڳ سان ننڍپڻ کان ئي چاهه هو، شروع ۾ بانسري
۽ ’مائوٿ آرگن‘ (وات جو ساز) وڄائيندو هو، شروع ۾ هن ڪن ميراثين ۽ استادن کان راڳ جي
سکيا ورتي، جنهن کانپوءِ هن راڳ جي ڪجھه سکيا جيوترام مٽائيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو سائين
قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو. جڏهن ته روهڙيءَ جو هڪ بزرگ کيس خانصاحب امير
خان وٽ وٺي ويو، جنهن کيس راڳ جي ڪافي سکيا ڏني. ماسٽر چندر کي راڳ واري فن ۾ همت افزائي
سندس چاچي ڪئي، جيڪو هن لاءِ امرتسر مان هارمونيم وٺي آيو ۽ پوءِ هن سُر، سُرن جون
شڪليون ۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ تيور جي ڄاڻ ورتي، ڏينهن رات هڪ ڪري هارمونيم
سکيو ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بڻجي پيو.
ماسٽر چندر سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت مان وڏو
فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن شاهه، نصير
فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند، ڀٽ شاهه،
وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا. اهي فقير جڏهن يڪتارا
کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي ويندو هو.
ماسٽر چندر لاءِ ڳالهه ڪندا آهن ته هو اڪثر رات
جو ٺارو شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي ۾ ڳائيندو هو ۽ بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي سندس آواز
اڌ شهر ۾ ڦهلجي ويندو هو. ماسٽر چندر جو راڳ سان عشق هوندو هو، ايتريقدر جو هيءُ جڏهن
نوابشاهه ۾ نوڪري ڪندو هو ته اتي شام جو ’چندر سنگيت ودياله‘ کوليائين. پوءِ ڪراچيءَ
۾ نوڪريءَ سانگي ويو ته اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي
۾ موسيقي سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيائين.
ماسٽر چندر عوامي محفلن ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات
هندن جي ڀڳتن سان ڌرمي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ڪئي. چندر گائيڪيءَ کي نوان انداز ڏنا،
ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين، کيس ڳائن ۾ اهڙو ته اثر هوندو هو
جو ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي ڇڏيندو هو. چندر جو آواز چِٽو ۽ سُريلو هو، جيڪو پري پري
تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز کي هن وقت تائين تمام گھڻو پسند ڪيو
وڃي ٿو.
ان دور ۾ محفلن سان گڏ گرامون ريڪارڊنگس ميڊيا
جو اهو واحد ميڊيم هوندو هو، جنهن جي ذريعي فنڪارن کي مشهوري ۽ ناماچاري حاصل ٿيندي
هئي، جيتوڻيڪ ريڊيو به ان وقت ۾ عام جام هوندو هو، پر ريڊيو تائين رسائي به ڪن ڪن فنڪارن
جي وس ۾ هوندي هئي. ماسٽر چندرکي گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جي هڪ مالڪ سيٺ لال چند
متعارف ڪرايو، ان کان علاوه جيوڻي ٻائي کيس هندستان وٺي وئي، جتي هن ماسٽر چندرکي هندستان
جي گرامون فون ڪمپنين ۾ به متعارف ڪرايو.
ماسٽر چندر کي حياتيءَ ۾ وڏي مڃتا ملي. رڪارڊ
ڪمپنيءَ طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي فن جي قدرداني
ڪندي، سندس فن جي مڃتا طور کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو ويو. رڪارڊنگ ڪمپنين
طرفان کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو هو. وقت جي راجائن ۽ نوابن وٽان به
هن سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس ننڍي کنڊ
جي عظيم گويي استاد بڙي غلام علي خان ’سنگيت آچاريه‘ جو لقب عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به
ڪيترا انعام حاصل ڪيائين،
۱۹۴۷ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي
کان پوءِ اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هلـيـا ويـا. چـنـدر کـي به مجبـوراً سـنڌ ڇـڏڻي پـئي.
ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ويو. آخر ۾ بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش
اختيار ڪيائين.
ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اُڪير هڪ دفعو
کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي
عوام جي بيحد اسرار ۽ پاڪستاني سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر سنڌ ۾ آيو ۽ مختلف جاين
تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو. ان دوران ’قطب شاهه جهانيان‘
جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي گوڌورام جي ٽِڪاڻي
۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين. چون ٿا ته راڳ دوران ماڻهن کيس پئسا
ڏيڻ شروع ڪيا ته چندر اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻَڌي حاضرين کي چيائين: ”سڄڻو! پئسا ته منهنجي
پٺيان هلندا وتن، مان صرف اوهان سان ملڻ آيو آهيان، اوهان سان دِل جا حال اورڻ آيو
آهيان.“
ماسٽر چندر پنهنجي هن دوري ۾ پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ
ٺارو شاهه ۾ قيام دوران هو پنهنجو گهر به گهمڻ ويو. نلڪي جو پاڻي پيتائين. پاڻيءَ جي
دِلِي ڀري کنيائين ۽ بعد ۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن
مان ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو.
۱۹۵۸ع ڌاري ورهاڱي بعد ڀارت
جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ تيار ڪئي وئي، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت، سنڌ مان اصلوڪن
هندن جي لڏ پلاڻ واري دکدائڪ پس منظر جي عڪاسيءَ ۾ تيار ڪئي وئي، ماسٽر چندر ان فلم
جا گانا ڳائڻ سان گڏوگڏ مک ڪردار طور اداڪاري پڻ ڪئي. هيءُ پنهنجي دور جو هڪ برجستو
شاعر پڻ هو، سندس شاعري ۾ عروض جا سمورا لوازمات نمايان آهن، سندس شاعريءَ ۾ تجنيس
حرفي به سگھاري درجي جي نظر اچي ٿي، نموني طور سندس هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو:
حسن سرڪار جي سامهون سوين آيا، ويا سٽجي.
هزارين هار کائي ويا، لکين لالڻ ويا لَٽجي
دناليون جيئن کنيون ديدن، نوين توبهه ڪئي توبن،
جھڪايا سر به سردارن، سپه سالار ويا سٽجي
مٺا مسڪين مڪرن ۾ ڏنگن زلفن جي چڪرن ۾،
وٽيل واران جي وڪڙن ۾ وڏا وريام ويا وٽجي.
انهن اڀرن اشارن سان، ڪمانين قهر وارين سان،
ڪهڻ وارن ڪٽارن سان، ڪيئي قابل ويا ڪٽجي.
’چندر‘
چشما کڻي بند ڪر فقط دل ۾ رکي تصور،
هتي توکان تکا عاشق فراقن ۾ ويا ڦٽجي.
ماسٽر چندر کي پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد
ٿيو. سندس وڏو پٽ ڪنيالال ۱۶ سالن جي
عمر ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ مَنسُک ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو ته گذاري ويو. سندس ٽيون پٽ
گوپ چندر ڪاروبار ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. سندس چوٿون پٽ هير چندر انڪم ٽيڪس جو
وڏو وڪيل آهي، ساز وڄائي ڄاڻندو آهي، پر ڳائيندو نه آهي. چندر جو پنجون پٽ مهيش چندر،
پيءُ وانگر وڏو فنڪار ۽ هندستان ۾ فلمن جو ناليوارو موسيقار آهي، سندس سنڌي ۽ هندي
ڪلامن جا البم ۽ سي ڊيون جاري ٿيل آهن. چندر جا ٽئي پٽ پيءُ وانگر ملنسار ۽ خوش اخلاق
آهن ۽ پيءُ جي ورثي جا وارث آهن.
ماسٽر چندر جي ڪلامن تي ڪجهه عرصو ۱۹۶۵ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ريڊيو، ٽي وي تي بندش هئي، پر اڄ اهي پابنديون
ختم ٿي چڪيون آهن ۽ سرڪاري ميڊيا توڙي خانگي چئنلن تي سندس ڳايل ڪلام ڳائجي رهيا آهن.
هڪ محتاط اندازي موجب چندر ۳۰۰۰ کان به مٿي
ڪلام ڳايا ۽ انهن جون ڌُنون ٺاهيون.
سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، ۲ نومبر ۱۹۸۴ع تي اٽڪل ۷۸ ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي،
ٺارو شاهه جي رهاڪو ۽ هن وقت احمد آباد ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ، ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس زندگيءَ
تي ٻيو ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر مهان
ڪلاڪار‘ جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري، ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ماسٽر چندر جي شخصيت توڙي فن اڄ به سنڌي موسيقيءَ
۾ هڪ اهم حيثيت جو حامل آهي، ايتري قدر جو
سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار ممتاز لاشاري ماسٽر چندر جي گائيڪيءَ کي ان حد تائين
پسند ڪري ٿو جو پنهنجي هر البم ۾ چندر ڳايل ڪلام ضرور ڳائيندو آهي، جڏهن ته سنڌ جو
هڪ ٻيو سريلو راڳي عبدالغني ڀٽي چندر جي ئي انداز ۾ چندر جا ڪلام ڳائڻ ۾ فخر محسوس
ڪندو آهي.
ماسٽر چندر
پنهنجي تڏي تي پاڻ اچي ويٺو؛ واقعن، قصن ۽ ملاقات
جو سلسلو
ممتاز علي شيخ
ننڍي کنڊ جو ناليوارو راڳي ماسٽر چندر جي جنم
جو هنڌ ٺارو شاهه آهي جنهن هن پنهنجي عمر عزيز جو ڳچ عرصو اتي ئي گذاريو يعني ورهاڱي
تائين بلڪه ڪجهه سال بعد به هو اتي ئي پر نيٺ هن کي به پنهنجي جنم ڀومي، ڀٽ ڌڻي جي
ڌرتي سنڌ کي آخري سلام ڪري هتان لڏ پلاڻ ڪري هندستان وڃڻو پيو. سنڌ ۾ رهڻ دوران ماسٽر
چندر سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن کي هو ڪڏهن به نه وساري سگهيو. هو آل انڊيا ريڊيو
تان اڪثر پروگرامن ۾ پڻ ان واقعي کي ورجائيندو رهيو هو.
جنهن زماني ۾ مهان راڳي ڀڳت ڪنوررام تي قاتلاڻو
حملو ٿيو هو. تنهن وقت سنڌ ۾ افواهن جي بازار ڏاڍي گرم هئي حالانڪ تڏهن نه موبائل هئي
نه ميسيج هئا ۽ نه ئي اڄ ڪلهه جهڙي پل پل تي ايندڙ ”بريڪنگ نيوز“ جي سهولت هئي پر خبر
ناهي اهي افواهه پوري تر ۾ ڪيئن باهه وانگي پکڙجي ويا ٿي. سو ڪنهن ماڻهو اهو هل هلائي
ڇڏيو ته ماسٽر چندر کي به قتل ڪيو ويو آهي. شام جو ماسٽر چندر جيئن ئي پنهنجي ڳوٺ پهتو
ته ڏٺائين ته سڄو ڳوٺ ماڻهن سان سٿيو پيو هو هن جي گهر آڏو ته ماڻهن جا هشام لڳا پيا
هئا جيڪي اوڇنگارون ڏئي رهيا هئا، ايستائين جو تڏو به وڇايو ويو. هر ماڻهو جي وات
۾ اهائي وائي هئي ته ويچاري چندر کي ڪنهن ظالم ماري وڌو، وڏو ناحق ٿي ويو. تنهن زماني
۾ صرف فون هوندا هئا جنهن ڪري هر ماڻهو کيس نه ٿي سڃاتو ۽ هي هر ڪنهن کي حيرت ڀرين
نظرن سان تڪيندو رهيو پر ماڻهن جي بي پناهه محبت کي ڏسي کائنس رهيو نه ٿيو ۽ بي اختيار
چئي ويٺو
مان
دنيا کي سڃاڻان ٿو مان دنيا جو ڊٺل آهيان،
نه
دنيا مون کان لڪل آهي نه مان دنيا کان لڪل آهيان،
چون
ٿا ويو چندر ڪسجي برابر مان ڪٺل آهيان،
مئل
آهيان مان محبت ۾ اڳيئي مان مٺل آهيان،
مئل
کي ڪير ماريندو مان جيئرن کان ٽٽل آهيان،
جيئڻ
وارا پيا مرندا مرڻ کان مان ڇٽل آهيان.
ممتاز علي شيخ : ڪتاب : (فلمي دنيا جا مهان سنڌي
فنڪار تان ورتل)
ماسٽر چندر
سنڌ جي سوني مٽيءَ مان پيدا ٿيل ڪلا جو ڪوهنور
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
سنگيت جي عالم ۾ ماسٽر چندر هڪ وڏو ۽ مانائتو نانءُ آهي،
موسيقي يا راڳداري کي روح جي غذا چيو ويو آهي، جنهن جي ڪنن ۾ پوڻ سان من ۾ تازگي ۽
سرور پيدا ٿئي ٿو. رقص ۽ راڳ، ساز ۽ سرود سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رچيل ۽ سمايل آهن. ويدن
جا منتر به موسيقي تي جڙيل آهن. شاهه سائينءَ به عوامي زبان ۾ شاعري ڪري ڪيترن داستانن
جا نالا راڳن مان ورتا آهن. جيئن سهڻي، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، کنڀات ۽ پرڀاتي ۽ ايئن
سنڌي موسيقي کي زندهه جاويد ڪري ويو آهي.
اسان جي ڪلا جو ڪوهنور، دل ۽ دماغ تي جادو ئي اثر ڪندڙ ماسٽر
چندر به سهڻي لطيف جي راڳ، ويراڳ واري موتين مالها جو هڪ املهه داڻو آهي. جنهن کي صوفي
اوتارن تان مڌر آواز عطا ٿيل هو. جيڪڏهن اسين
کيس عوامي يا لوڪ رنگ جو علامتي فنڪار چئون، ته به مبالغو نه ٿيندو. سنڌيءَ ۾ اهڙا
فنڪار توهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا. مان نه سنڀران، ڀڳت ڪنور رام کي ڇڏي هن
سنڌ خواه هند ۾ پنهنجا هيترا سارا پرستار پيدا ڪيا هوندا. ماسٽر چندر موسيقي جي عالم
۾ اهو وکر وهايو آهي، جو ڪڏهن پراڻو ٿيڻ جو ناهي. شاهه سائين جي لفظن ۾
وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذِرو ٿئي نه ضاءِ
سا ڪا هَڙَ هلاءِ آڳهه جنهن جي اُبهين.
هن جي سنگيت جو هڳاءُ، اڄ به هند خواه سنڌ ۾ ڦهليل آهي. اها
اسان جي خوشنصيبي آهي. جو اهڙو اعليٰ گايڪ ۽ سنگيتڪار اسان جي حصي ۾ آيو.
اڄ به ذهن تي ماسٽر چندر جو ڄاتل سڃاتل ڪردار اڀري اچي ٿو.
قد جو پورو پنو، شڪل جو ٺاهوڪو، اکين ۾ مقناطيسي ڪشش، سفيد مهانڊو، گهڻو ڪري سفيد چوغي
پتلون ۽ ڪاري صدريءَ ۾ ملبوس اڪثر مٿي تي سنڌي ٽوپي، ملڻو، جلڻو ۽ خوش مزاج ڳالهائڻ
۾ دل فريبي ايڏي جو اڳلو متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو
ذهن تي ڪي منظر اڀرن ٿا، منهنجي عمر تيرهن، چوڏهن سال، هاءِ
اسڪول ۾ پڙهندو هوس. ٽئين نمبر جي او ٽي سيڪشن ۾ نديءَ جي ڪناري مٿاهينءَ تي ٺهيل بئرڪ،
جتي ماسٽر چندر رهندو هو. مان اتي اڪثر ويندو هوس. منهنجا ٻه دوست رام ۽ شيام ٻه ڀائر
ان بئرڪ ۾ رهندا هئا. انهن جو پتا ٺاڪر داس آئلاڻي وڪيل هو ۽ تعليمي سنسٿا “سنڌو ايڊيوڪيشن
سوسائٽي” جو سيڪريٽري هو. اسان ٽنهي سوسائٽيءَ جي اسڪولن ۾ ماستري سان زندگي جي شروعات
ڪئي. پوءِ جڏهن پراسرام ضيا به اسڪول ۾ ماستر بڻيو، ته ماسٽر چندر سان وڌيڪ ملاقاتون
ٿيڻ لڳيون. ماسٽر چندر سان پراسرام ضيا جو سنڌ کان وٺي رستو هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ اهڙو
عشق پئجي ويو هو، جو هر محفل ۾ مجلس ۽ موسيقي جي پروگرامن ۾ ٻئي اڪثر گڏ ڏسڻ ۾ ايندا
هئا. اڳتي هلي سندن اها دوستي مائٽيءَ ۾ تبديل
ٿي وئي. پراسرام ضيا جي ڌيءُ، ماسٽر چندر جي ننهن بڻي. پرسرام ضيا سان ماسٽر چندر جو
ناتو پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌين کي پنهنجي ڀونءِ ڇڏي ڀارت ۾ اچڻو پيو.
پرسرام ضيا به سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ پهرين اجمير، پوءِ ڀيلوارا پهتو.روزگار نه ملڻ تي آخر
ڪلياڻ ڪئمپ ۾ اچي ٿانئيڪو ٿيو. جتي باقي رهيل
حياتي گذاريائين. پراسرام پنهنجي جگري دوست ماسٽر چندر لاءِ به ڪوٺيون والاريون، جتي
ماسٽر چندر پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهيو. اڄ منهنجا اهي ٻئي دوست حيات ڪونهن جن جي ڪري
منهنجي ملاقات ماسٽر چندر سان پيئي ٿيندي هئي. هنن جو والد به حيات ڪونهي. ماستر چندر
۽ پراسرام ضيا به اگم ديش ۾ آهن. مان به لائين ۾ بيٺو آهيان.
سنگيت آچاريه ماسٽر چندر جو جنم ٺاروشاهه شهر، ضلعي نواب
شاهه (هاڻي نوشهروفيروز) سنڌ ۾ ۱۲ ڊسمبر ۱۹۰۷ع تي
ٿيو. اهو
سنڌي سنگيت جو لاشڪ سونهري زمانو هو. هڪ طرف مشهور سنڌي گائڪائون جيوڻي، گولي ۽ نوابي
پنهنجي رسيلي آواز ۽ ڪٽيلي ناز وَ انداز سان ٻڌندڙن سان وئل وهائي ڇڏينديون هيون ته
ٻئي طرف ناميارا ڀڳت مٺو ۽ موٽڻ، گلي جي سوز ۽ ڇير جي
ڇمڪار سان وڻ وڄائي ڇڏيندا هئا. سائين سترامداس جڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳاتار ڀڳت وجهندي
ڄڻ مالڪ سان تار جوڙي ڇڏيندو هو، تڏهن ڪير هو جو هن جو مقابلو ڪري سگهي! ڀڳت ڪنوار
رام جڏهن ڇير ۽ جامو پائي نچندو هو ۽ اسر جو پرڀاتي ڳائيندوهو. “اٿي آسر جو رام ريجهاءِ
بندا، پنهنجي پريتم کي پرچاءِ بندا”، ان وقت رام ۽ رحيم جا سڀ سنڌا مٽجي وينداهئا.
هندن چاهي مسلمانن جي اکين مان پريم ۽ شرڌا جا ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا.
انهيءَ دؤر ۾ ئي موسيقي جي درياهه ۾ هڪ نئين نرالي ترنگ پيدا
ٿي، رنگ برنگي، جلويدار، سوز ڀري جيڪا آواز جو جادو بڻجي، شهرن کان واهڻن تائين هر
سنڌيءَ کي پنهنجي ڇوه ۾ ڇڪيندي، سڄي سنڌ تي ڇانئجي وئي. اها لهر هئي ماسٽر چندر جي
جادوءَ ڀري آواز جي لهر. هن وٽ لاشعوري ڏات جي ڏاڻ جي هڪ اهڙي خوبي هئي، جا ٻڌندڙن
کي ٻئي جهان ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام، چندر جي گائڪيءَ کان متاثر
ٿي، کيس چيو هو، “چندر ! تنهنجي گلي ۾ سرسوتي سمايل آهي، تون هڪ ڏينهن ضرور چمڪندين؟”
سنت ڪنور رام جي اها پيشنگوئي لفظ به لفظ سچي ثابت ٿي. جڏهن ماسٽر چندر پنهنجي نرالي
سريلي ۽ مڌر گائڪي سبب سموري سنڌي قوم جو لاڏلو فنڪار بڻجي پيو، ماسٽر چندر هارمونيم
تي ڳائيندي پنهنجي پرڪشش ۽ منفرد آواز سان سڀني کي جهومائي ڇڏيندو هو.
سنڌي موسيقي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جا راڳڻا، راڳ ملهار
ڇيڙي سنڌ جي ٺوٺ ۽ بنجر زمين تي بارش وسائيندا هئا. جهونا گڙهه جي راجا راءِ ڏياج تندن
جي مڌر سرن تي تڏهن ته سر ڏيڻ لاءِ ٻيجل اڳيان ڪنڌ جهڪايو هو. ماسٽر چندر به نه انهي
ديش جو رهواسي هو، پوءِ پٺتي ڪيئن رهندو؟ موسيقي هن لاءِ عبادت هئي. ماڻهو چندر جي
پروگرام جو تمام بي صبري سان انتظار ڪندا هئا. محبت ۽ خلوص سان سندس پروگرام ٻڌندا
هئا ۽ هڪ دفعو پروگرام شروع، پوءِ مجال جو وچ پروگرام مان اٿن. اها منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون کي ڪچيءَ عمر کان
حياتي ۾ اعليٰ اديبن ۽ دانشورن جي صحبت ۽ محبت حصي ۾ آئي. مون انهن فنڪارن سان ملاقاتون
۽ ڪچهريون ڪيون، انهن جي سنگت ۽ صحبت مان هن ناچيز ادنيٰ شخص ڪافي فيض حاصل ڪيو. ماسٽر
چندر کي به مون ڪيترائي دفعا روبرو ٻڌو. هن جي مقناطيسي جادوئي آواز جو مان اکين ڏٺو
شاهد آهيان. اڄ به جڏهن سندس ڪو عاشقانا رنگ جو ڪلام ٻڌندو آهيان ته وجد ۾ اچي ويندو
آهيان. اهڙا فنڪار هڪ گڻا نه پر سوگڻا هوندا آهن.
ڪلا جي ڪوهنور ماسٽر چندر کي خدا موسيقي جي فن سان اهڙي نموني
نوازيو هو، جو ڳائڻ وقت هو پاڻ وساري، گيتن جي ڀاون سان هڪ ٿي، هر لفظ ۾ جان وجهي ڇڏيندو
هو ۽ ادائيگي وقت ان لفظ جي مفهوم کي، موسيقي ۾ اتارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو شاعري جي
سمورن احساسن کي سُرن جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندو هو. ان ۾ ئي سندس ڪاميابي جو راز سمايل هو.
ڳائڻ وقت هن جون ادائون گهائيندڙ هونديون هيون. جڏهن هو ڳائيندو هو.
درد جي ڪهڙي خبر بي درد کي
مون کي هو روئيندو ڏسي کلندو رهيو
يا
جنهن کي دلڙي ڏيڻ، تنهن کان ڏار ٿيڻ
اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي سڄڻ.
ته ٻڌندڙن جون دليون ڪباب ٿي وينديون هيون. ويٺل سمورا حاضرين
مستي ۽ وجد ۾ اچي ويندا هئا. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون مون پنهنجي بزرگ دوستن جي واتان
ٻڌيون آهن.
مون جڏهن ۱۹۷۰ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي
سنڌي ۾ داخلا ورتي ته منهنجو بمبيءَ اچڻ وڃڻ وڌي ويو. بزرگ اديبن سان ملاقاتون به وڌيون،
هڪ دفعي مان سنڌواڙي ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جي گهر ويو هوس. ماسٽر چندر جي ڳالهه نڪتي،
چيائين، “لڇاڻي، تون سنڌ ۾ ماسٽر چندر کي ڳائيندو ڏسين ها. ڳائيندو هو ته وئل وهائي
ڇڏيندو هو. حيدرآباد سنڏ ۾ فقير هادي بخش جي سرپرستيءَ هيٺ قطب شاهه واري درگاهه تي
هر سال ميلو لڳندو هو. جتي مان اڪثر ويندو هوس. هادي بخش صاحب پاڻ گادي نشين هو ۽ پاڻ
سان گڏ ڊاڪٽر روچلداس کي وهاريندوهو. سندس سامهون ماسٽر چندر با ادب پنهنجن سازيندن
سان همنيشن هوندو هو. ماسٽر چندر جي آواز ۾ جو سوز ۽ گداز هو، سو لاشڪ بي مثل هو ۽
ماڻهن کي مفتون ڪندڙ هو. مسلمان ڳائڻا جي پاڻ به سر ۽ ساز ۾ حافظ هوندا هئا. سي پڻ
سندس ڳائڻ جي انداز تي فدا هوندا هئا. چندر جو نالو ٻڌي، بي حساب تعداد ۾ عام مسلمان
۽ هندو اچي جمع ٿيندا هئا ۽ سر جهڪائي، سن ئي سن ۾ وجد ۽ هال جا مجسم ٿيا ويٺال هوندا
هئا. سندن زبان مان ڪڏهن ڪڏهن هاءِ! هاءِ! جون صدائون به نڪري وينديون هيون. هادي بخش
هٿ کڻي سندس طرف دعا طور ڦريندو هو”.
انهن ڏينهن ۾ ريڊئي جو وجود ڪونه هو. پر هوٽلن ۾ فونو ڏسڻ
۾ ايندو هو. فوني تي هلندڙ مسٽر چندر جا گانا گراهڪن خواه راهگيرن کي بي سرت ڪري ڇڏيندا
هئا. ماڻهو هوٽلن ۾ چانهه پيئڻ نه پر ماسٽر چندر جا گانا ٻڌڻ ايندا هئا. ماسٽر چندر
جي گانن جي ڪشش انهن کي اتي گهلي ايندي هئي.
تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان
پر سهڻا ڪين رهايو تو،
سهڻا ڪين رهايو، منهنجا دلبر ڪين رهايو تو.
... ....
دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان،
بازار محبت ۾ ٿو طلبگار کي ڳولهيان
قسمت آ منهنجي دل جي فقط پيار محبت
سستو هي آهي سودو ناهي زر جي ضرورت
بس گهر جي وفا ٿي، ٿو وفادار کي ڳولهيان.
....
نه ڪبو بحث، نه تڪرار، هليا وينداسين
نيٺ آچار ٿي، لاچار هليا وينداسين
ٿا وفا توکان گهرون، پنهنجي وفا جي بدلي
جيڪڏهن تون ڪندي انڪار هليا وينداسين.
فنڪار ۽ شاعر جو پاڻ چولي دامن جو رشتو هوندو آهي. ماسٽر
چندر ۽ پرسرام ضيا جي جوڙي سنگيت جي دنيا ۾ بيحد مشهور ۽ مقبول ٿي، اڄ به ضيا جا قلمبند
ڪيل ۽ ماسٽر چندر جا ڳايل ڪيترائي گيت سنڌين جي زبان تي آهن. ماسٽر چندر پاڻ به ڪيتروئي
ڪلام قلمبند ڪيو. ماسٽر چندر سنگيت جي سنسار جو هڪ انمول ماڻڪ ته هوئي پر ان سان گڏوگڏ
جذباتي شاعر پڻ هو. شاعري ۽ موسيقي ڪوتا ۽ سنگيت جي ميلاپ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو
۽ چندر سڄ پچ سنگت جي آڪاش جو چندرما بڻجي پيو، ماسٽر چندر جو هيٺيون گيت اڄ به ماڻهن
جي چپن تي آهي.
سج اڀر نه تون شڪل رات هجي
منهنجي محبت سان ملاقات هجي
سج...
سَجَ اڀرندين تون ٿيندو جاني جدا
مان به ويندس مري، هڪ ڄاڻي خدا
ڪر ڪمزورن تي قياس ادا
نه ڪي ڏينهن، نه ڏينهن جي ذات هجي
سج...
چندر جي گيتن ۾ رواني آهي. سنگت آهي. مڌرتا آهي. ڪلا جي ڪوهنور
سنگيت آچاريه، شاعر، گائڪ ماسٽر چندر جي مقناطيسي آواز تي ماڻهو اڪن ڇڪن هوندا هئا.
هن پنهنجي منفرد گائڪي سبب هندن خواه مسلمانن ۾ زبردست شهرت حاصل ڪئي. هر ماسٽرس وائيس
وارن سندس آواز ۾ ڪيترا ئي رڪارڊ ڀرايا. چون ٿا ته ماسٽر
چندر جي آواز ۾ ڀريل رڪارڊن جو تعداد هزار کان مٿي آهي. ماسٽر چندر جي سنگيت جو اهو
جادو ۱۹۳۳ع کان ۱۹۴۷ع تائين پنهنجي پوري عروج تي رهيو.
اڄ به ان جو اثر برقرار آهي. سنگيت جا اها شمع جيڪا سنڌ ۾ روشن ٿي، اڄ به جلوه ڪڍي
رهي آهي.
مان سمجهان ٿو اهو ۱۹۸۷ع سال هو يا ۱۹۸۸ع مهتاب محبوب، ڀارت
آيل هئي رز هوٽل ۾ ان جو آجياڻو رکيل هو. ان آجياڻي ۾ ٻين ڪيترن سان گڏ پوپٽي هيراننداڻي
۽ ارجن شاد به موجود هئا. مهتاب محبوب، ماسٽر چندر کي پنهنجو پتا ڪري مڃيندي هئي. پوپٽيءَ
منهنجي واقفيت مهتاب محبوب سان ڪرائي. هڪ ٻئي جي نالي کان واقف ته اڳ ئي هئاسين. هن
جيڪا ڳالهه ماسٽر چندر بابت ٻڌائي اڄ به منهنجي ذهن تي تازي آهي. هن ٻڌايو ته اها
“سن ۱۹۹۵ع جي وارتا آهي، ڀارت جو ورهاڱو ٿي چڪو هو. ڀارت جو ورهاڱو،
زمين جو ورهاڱو، جيڪو دنيا جي نقشي تي نمايان آهي، اهو دلين جو ورهاڱو نه هو، انساني
جذبن جو ورهاڱو نه هو! ماسٽر چندر کي سنڌ مان سڪائتا سڏ پيا ايندا هئا. هڪ اهڙي ئي
قربائتي ڪوٺ تي، ماسٽر چندر پنهنجي پٽ گوپ سان جنم ڀومي جو درشن ڪري آيو. سنڌ واسين
ماسٽر چندر کي اکين ۾ جاءِ ڏني. هو گهڻن ئي هنڌ محفلون مچائي آيو پر حيدرآباد جي سري
گهاٽ واري محفل ڪنهن کان وسرڻ جي ناهي. ان زماني ۾ زالون گهرن کان ٻاهر ڪين نڪرنديون
هيون، پر ماسٽر چندر کي ٻڌڻ جو موهه ڪيئن ٿيون ٽاري سگهن. جاين جي کڏن تان هنن ماسٽر
چندر کي ٻڌو. هو گيتن تي اهڙو ته مدهوش ٿي ويون جو اتان چندر مٿان زر جي بارش شروع
ٿي وئي. اهو هو اسان جو ماسٽر چندر!.
ساز ۽ آواز جو هيءُ جيوت اجر امر آهي. ڪڏهن به وسامڻ يا جهڪي
ٿيڻ جي ناهي. هيءُ هڪ اهڙو سلسلو آهي جو ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو ناهي. ماسٽر چندر پنهنجي
جيئري ئي پنهنجي پڳ پنهنجي فرزند مهيش کي پهرائي هئي. مهيش چندر پنهنجي ادائن سان ڳائي،
ماسٽر چندر جي ياد ڏياريندو آهي. راڳ ۽ ويراڳ اسان جو ورثو ۽ قومي سرمايو آهي. ڪو فنڪار
وڇڙي وڃي ٿو، ڄڻ لطيف جي تنبوري جي تار ٿي ٽٽي پوي.
(۳- نومبر تي ورسيءَ جي موقعي تي)
ماسٽر چندر
عظيم موسيقار، بهترين شاعر ۽ مهان راڳي
محمد سليمان وساڻ
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان عظيم
راڳين، موسيقرن، شاعرن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آهي، اهڙن ئي مهان شخصيتن مان ماسٽر
چندر به آهي. سر ڳواسي ماسٽر چندر جنهن جو اصل نالو چندر ڪنگو مل ڏامواڻي هو ۱۲
ڊسمبر ۱۹۰۷ تي
ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو. ماسٽر چندر ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي.
هن کي ننڍي هوندي ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو، هن راڳ جي باقائده شروعات هالاڻي جي
تاريخي مندر ويساکي جي ميلي تي ڀڳتن جي ڀڳتين واري ڪچهرين کان ڪئي.
ماسٽر چندر جي من موهيندڙ آواز
۾ عجيب سوز هو جيڪو ٻڌندڙن تي پنهنجو سحت طاري ڪري ڇڏيندو هو. ماسٽر چندر جلد ئي
سنڌ ۾ تمام گهڻو مقبول ڳائڻو ٿي ويو. هو نه فقط هڪ وڏو راڳي هو پر ان سان گڏ هڪ
بهترين موسيقار، اداڪار ۽ شاعر پڻ هو. هو ماڻهن جي ميڙ کي ڏسي سندن ڪيفيتن کي ڄاڻي
ڳائيندو هو. هن راڳ سان گڏوگڏ بانسري وڄائڻ ۽ هارمونيم ۾ پڻ مهارت حاصل ڪري ورتي
هئي ۲۲ ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر
ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ ۳۰۰۰ ڪلام
رڪارڊ ڪرايا، ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. هن ۴۰۰ گراهم فونو رڪارڊ ڪرايا. وقت جي حالتن سبب هي مهان راڳي پنهنجي خاندان سان
گڏ بمبئي لڏي ويو پر سنڌي موسيقيء سان سندس لڳاء ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. اهوئي
سبب آهي جو اڄ به سندس پٽ ۽ خاندان مان ڪيترائي راڳي سُر ۽ ساز سان پنهنجو ناتو
رکيو اچن.
سنڌي ٻوليءَ جو هي عظيم گلوڪار ۴ نومبر ۱۹۸۴ تي بمبئي ۾ گذاري ويو، پر سندس
آواز ننڍي کنڊ جي سنڌي ماڻهن ۾ اڄ به اوترو ئي مقبول آهي.
ماسٽر
چندر
سنڌ جو
سدا بهار آواز
ايم ڪي وگهيو
ماسٽر چندر سنڌ جو اهو راڳي آهي
جنهن کي نوجوان توڙي جهونا ماڻهو اڄ تائين به ٻڌندا آهن ماسٽر چندر ۱۹۰۷ع ۾ سنڌ جي شهر ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو، سندس والد هڪ غريب هاري هو، ماسٽر
چندر ننڍپڻ کان ئي راڳ رهاڻ ۽ موسيقي جو شوقين هو، جڏهن ته هن جي خاندان ۾ راڳ سان
واسطو رکندڙ ٻيو ڪوبه ماڻهو موجود نه هو.
جڏهن سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور راڳي
ڪنور رام صاحب (جنهن کي سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي تحت قتل ڪيو ويو هو) هن ٻارڙي کي ڏٺو
ته چيائين ته هي ٻارڙو وڏو ٿي، هڪ مشهور راڳي ٿيندو ۽ ڪنور رام جي اها ڳالهه سؤ
سيڪڙو سچ ثابت ٿي ۽ ماسٽر چندر سنڌ جو هڪ مشهور راڳي بڻيو.
ماسٽر ۱۹۳۳ع ۾ باقائدي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ۱۹۳۴ع ۾ هن
جو نالو جهر جهنگ ۾ گونججي ويو۔ ماسٽر چندر ايڪٽر طور فلم ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي۔ ۽ ان
کان سواءِ ماسٽر چندر فلم لاءِ گانا پڻ ڳايا آهن، ماسٽر چندر نه صرف هڪ بهترين
راڳي ۽ هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هو پنهنجن ڪيترن ڪلامن جون ڌنون پڻ پاڻ تيار
ڪندو هو وڏي ڳالهه ته اها آهي ته شاعري به پاڻ ڪندو هو، ڌن به پاڻ تيار ڪندو هو ۽
ڳائيندو به پاڻ هو۔ اهي سڀ صلاحيتون هن هڪ شخص ۾ موجود هيون۔ سندس شاعري سولي سهڻي
۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ ڪيل آهي۔ سندس شاعري جو انداز اهو آهي جو هر ٻڌندڙ ائين
محسوس ڪندو آهي ته اها چندر ڄڻ مون سان مخاطب ٿيندي شاعري ڪئي آهي ۽ مون کي ئي
پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي.
سندس جڳ مشهور ڪلام (رٺا ئي رهن
پر هجين حياتي) اڄ به ٻچي ٻچي کي ياد آهي، ۽ سندس اهو ڪلام سدابهار ڪلام آهي، جنهن
کي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳايو آهي. توهان پاڻ ڏسو هن درويش صفت راڳي جو انداز،
جيڪي ساٿ پيا ڏين انهن لاءِ ته هرڪو پيو دعا ڏيندو آهي مگر هي صاحب ته رٺلن کي
ڪاوڙ ڪندڙن کي به پيو دعا ڏئي. ماسٽر چندر سان گڏ ڪيترن ئي فنڪارن سنڌ ۾ پئي ڳايو
جن ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور رام، ڀڳت موٽڻ داس، وغيره ۽ اهي پڻ پنهنجي دور جا مشهور
راڳي هئا پر ماسٽر چندر انهن مڙني فنڪارن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو۔ ۽ سندس نالي کان
سنڌ ۽ هند جو هر سنڌي ماڻهو واقف ٿيو. کيس اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ دل سان ياد ڪيو
ويندو آهي.
منهنجو ڏاڏو ٻڌائيندو هو ته
ماسٽر چندر دادو ۾ چاندني چونڪ تي هر چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي، راڳ جي محفل ڪرڻ
لاءِ ايندو هو ۽ سڄو چاندني چونڪ ڀرجي ويندو هو، ۽ خوب مزو پيو ايندو هو. هڪ
چانڊوڪي رات، ٻيو ٺريل رات ۽ مٿان چندر جو مٺڙو آواز، سهڻي شاعري سان گڏ، مطلب ته
دل کي سڪون ۽ قرار اچي ويندو هو. جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ته ماسٽر چندر به
پنهنجو اباڻو وطن سنڌ ڇڏي، هميشه لاءِ هندستان هليو ويو ۽ عمر جي آخر تائين پنهنجي
اباڻي وطن کي ياد ڪندو رهيو ۽ سنڌ کي ياد ڪندي ۽ ڪلام پڻ ڳايائين. وڃڻ کانپوءِ به
هن کي سنڌ جي ياد ستايو ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ گهمڻ آيو ۽ هن کي ماڻهن خوب عزت ڏني. ان آجيان هن جي دل کي باغ
بهار ڪري ڇڏيو ۽ کيس سنڌ لاءِ اڃا به تڙپ وڌي وئي.
آخرڪار سنڌ جو هي مشهور راڳي
بمبئي ۾ ۳ نومبر ۱۹۸۴ع ۾ وفات ڪري ويو، پر سندس سدا بهار آواز، دلپذير شاعري ۽ من موهيندڙ انداز،
سنڌ جي ماڻهن کي هميشه هميشه ياد رهندو.
ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان راڳي
شاهد چنه/ نوشهروفيروز
ساهتي خطي، اهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن جون
يادون ساري، اڄ به نيڻن مان نير وهي پوي ٿو. ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي نارنگين
واري شهر ٺاروشاهه ۾، سنڌ جي امر راڳي ماسٽر چندر جو جنم ٿيو. سندس گيت، جادوءَ
جهڙو آواز ۽ من موهيندڙ مرڪ، ڄڻ ته مهراڻ جي امرت ڌارا جهڙا مٺڙا هيا. اڄ ڏينهن
تائين سنڌ توڙي هند جو، ڏيهي توڙي پرڏيهي، ڪو به ديس واسي سندس گيتن کي وساري ناهي
سگهيو.
ماسٽر چندر گوبندمالهي جي شهر ٺاروشاهه ۾ ۱۹۰۷ع ۾ جنم ورتو. جنهن
کي ننڍڙي لاڪون ئي اهڙو ته اچي عشق لڳو جو ”ڳليءَ ڳليءَ ٿو ڳايان، مان تنهنجو عاشق
آهيان.“ چوڻ شروع ڪيائين. واقعي به انهيءَ عشق، چندر جي چاهت کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا.
جڏهن برصغير ۾ ان وقت گرامو فون جي ڪمپني سندس راڳ جا
رڪارڊ ڀري، مارڪيٽ ۾ آندا ته جهر جهنگ به چندر جا گيت؛
”قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي“
يا
”رٺائي رهن پر هجن حياتي“ گونجڻ لڳا.
اهڙو انمول گيت، چندر نه رڳو چيو پر ڌن به پاڻ ٺاهي ۽
ڳايو به پاڻ. ان سان چندر جو نانءُ، هر ماڻهوءَ جي من تي حاڪميت ڪندو رهيو. صدي
گذرڻ کان پوءِ به، چندر جو آواز ڳوٺ توڙي ڳليءَ ۾ گونجي پيو. وقت جي بي رحم ورهاڱي،
جهڙيءَ ريت نارائڻ شام جي نينهن کي ٽوڙي وڌو، تيئن چندر به وطن جون لوليون ڳائيندو
۽ نيڻن مان نير هاريندو، ڀٽائي جي ڀونءِ تان اڏامي ويو. جڏهن ۵۶ع ۾ چندر پنهنجي جنم
ڀومي ٺاروشاهه گهمڻ آيو ته اڄ به جهونڙا اهي يادون ساري ٻڌائين ٿا ته؛ چندر پهچڻ
شرط ئي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي چمندو ۽ روئيندو رهيو. اڄ به چندر جي جنم ڀومي، انهي
ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي، پر چندر نه آهي.
چندر جون يادون ۽ چندر سان عشق نڀائيندڙ، سندس منسک محل
۾ رهندڙ، حاجي اختر خانزادي جو عشق به آفاقي نظر اچي ٿو. ھو چندر جي جنم ڏڻ توڙي
وڇوڙي واري ڏڻ تي، کيس ڏيئا ٻاري ياد ڪري ٿو. افسوس جو چندر ڌرتي کان جدائي جو گيت؛
”ڇڏي گهر اباڻا وڃن ٿا وڃن ٿا!“ ڳائيندو هليو ويو.
ڀارت جي شهر الهاس ننگر ۾، هيءُ مهان راڳي، ۱۹۸۴ع ۾ وڇڙي ويو. سندس
راڳ، سندس آواز، سندس گيت، سندس پريت، سدائين سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ياد رهندو.
ماسٽر چندر
نه وسرڻ جهڙو سر سنگيت
جو آواز
ابراهيم لاشاري
سر سنگيت جو هي راڻو فنڪار سنڌ
جي سهڻي ۽ سرسبز باغن واري شهر ٺاروشاهه “ڏاموڻي
حويلي“ منجهه آسنداس جي گهر ۾ ڇنڇر ڏينهن سردي جي موسم ۾ ۱۸
ڊسمبر ۱۹۰۹ع جنم
ورتو. سندس پيءَ کي اها پروڙ نه هئي ته منهنجو هي اڪيلو دادلو پٽ سر سنگيت جو
ناليوار فنڪار ٿي پنهنجو پنهنجي ملڪ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪندو. ماسٽر چندر جو
اصل نالو چانڊومل ڏامواڻي هو. ماسٽر چندر ننڍي هوندي شروعاتي تعليم به ٺاروشاهه جي
پرائمري اسڪول منجهان پرائي، مئٽرڪ جو امتحان لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ٺاروشاهه مان
پاس ڪيائين، پيءَ ماءُ جو سڪيلڌو هي پٽ سموري تعليم حاصل ڪري پبلڪ ورڪس (انجنيئر) ڊپارٽمينٽ
منجهه سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي، پهريان پوسٽنگ نوابشاهه منجهه ٿيس، چندر کي ننڍي
هوندي کان ئي راڳ سان گهري دلچسپي هوندي هئي، سر سنگيت جي ڪجهه ڄاڻن کان ڄاڻ وٺي پوءِ
روزانو (گوڌو رام) جي جاءِ تي وڃي محفل مچائيندو هو، قدرت واري ايڏو ته صاف ۽ وڏي
آواز جو مالڪ بڻايس جو لائوڊ اسپيڪر جي ڪا ضرورت ئي محسوس ڪو نه ٿيندي هئيس، سندس
درد ڀريو سريلو آواز پري پري تائين ماڻهن کي ٻڌجڻ ۾ پيو ايندو هو سر سنگيت جا سڀ
گر وري پنهنجي استاد (جيوترام مٽاڻي) کان حاصل ڪيائين، ڪلاسيڪل موسيقي جو علم وري
بادشاهه راڳي خانصاحب بڙي غلام علي خان، خانصاحب عاشق علي خان، گوسوامي ڪندن گر ۽
بمبئي ۾ وسنو ڊگمبر ڪاليج منجهان حاصل ڪئي.
ماسٽر چندر کي ڳائڻ کانسواءِ سندس جيءَ کي آرام ئي ڪو نه ايندو هو. هن
نوابشاهه منجهه نوڪري دوران ۽ ڪراچي منجهه نوڪري دوران، راڳ ڳائڻ جا اسڪول کوليا،
جتي موسيقي ۾ دلچسپي رکندڙن کي زبردست سکيا پڻ ڏيندو هو. تنهنڪري سڀئي ماڻهو کيس
(ماسٽر چندر) جي نالي سان سڃاڻندا هئا. چندر، نوابشاهه شهر جو واحد اهو ماڻهو هو
جنهن وٽ ان وقت سائيڪل هوندي هئي. ان زماني منجهه نوابشاهه ۾ سائيڪل تي چڙهي، هي
پهريون ڪلام ڳائي پنهنجي فن جو آغاز ڪيائين ٻول (سير ڪيوسين سائيڪل جو، هئنڊل هٿ ۾
آهي، لوڏ ناهي! مٿي چاڙهين تي مرد ڪي چڙهندا، بريڪ ڏئي پوءِ لاهيون لهندا، ويلن کي
ته ورائي، لوڏ ناهي.)
سنڌ جو هي سهڻو فنڪار پهريان پهريان
بانسري پڻ وڄائيندو هو. چندر جو چاچو سندس امرتسر منجهان باجو وٺي آيو هو. پوءِ
رات ڏينهن هڪ ڪري باجو سکي راڳن جا سر ۽ سرن جون شڪليون ۽ سرگم سکي ورتائين. سن ۱۹۳۰ع کان ۱۹۵۰ع وارا سال، گراموفون جي
مقبوليت جا سال چيا ويندا آهن. ان زماني منجهه مشهور ۽ ۽ معروف فنڪارن گراموفون جي
ڪري وڏي پذيرائي حاصل ڪئي. ان زماني ۾ ماسٽر چندر به تمام گهڻا گيت، غزل گراموفون
لاءِ رڪارڊ ڪرايا. هن جيڪو پهريون گراموفون تي ڪلام رڪارڊ ڪرايو، اهو هو انهيءَ
دور جي مشهور ڪليڪٽر محمد بخش ڪوجهي جو ڪلام، جيڪو (سر آسا وري) ۾ هو، جنهن جا ٻول
هئا؛
طبيبا خيال سان ڏسجو،
اٿم ڪا دل جي بيماري،
جسم تازو توانو آ،
ڍري ٿم نبض دل واري.
سنڌ جو هي لاڏلو فنڪار، سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ جي ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ سر سنگيت جا ٻول ڳائي، پنهنجي درديلي آواز سان پرستارن
کي مست ڪري ڇڏيندو هو. سندس اهڙي سريلي آواز ٻڌڻ بعد، پرستار مدهوش ٿي ويندا هئا.
سندس ڳائڻ دوران پرستارن جي پيهه ۽ هشام لڳي ويندا هئا. هر طرف واهه چندر واهه جي
آواز جي گونج پئجي ايندي هئي. هن فنڪار، هند توڙي سنڌ ۾ سر سنگيت جا سر ڳائي پنهنجي
مقبوليت ۾ اضافو ڪيو ۽ پرستارن جي من وٽان پيو ڳائيندو هو. سندس ڳايل مشهور ڪلامن
تي ان زماني جا پرستار ۽ اڄ تائين به هن جا
ڪلام جهونگاريندا آهن. جن ڪلامن سندس مقبوليت ۾ اضافو ڪيو، تن منجهه؛ ”دل
منهنجي هن جي هڪ ڳالهه نه ٻڌ“، ”منهن هيڏي ڪري“، ”رس نه رسڻ ۾ ڇاهي راڻا“، ”تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو“، ”سڪ ۾ سڪي کي
نه سڪاءِ پيارا“، ”رٺا ئي رهن پر هجين حياتي“، ”دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان“، ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“،
”قسمت ڪئي جدائي ڪنهن تي ميار ناهي“، وغيره، جهڙن ڪلامن کيس مقبوليت جي آسمان تي پهچايو
هو.
سال ۱۹۴۷ع ۾ ڪافي هندو لڏ پلاڻ ڪري هندستان منهن ڪيو. اهڙي طرح ماسٽر چندر به پنهنجي
اباڻي شهر ٺاروشاهه کي الوداع چئي هندستان ٽپڙ کڻي روانو ٿيو. هن جو سمورو خاندان
پهريان اجمير بعد ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي وڃي وسايو، پاڻ ۾ وري بمبئي مستقل رهائش اختيار ڪيائون،
جتي شيوا جي پارڪ ڀرسان رهندو هو، تنهن بعد ماسٽڙ چندر کي سنڌ ڏسڻ جي سڪ لڳي سال ۱۹۵۵ع ڌاري ٽن مهينن لاءِ پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن منجهه پنهنجي
فن جو شاندار مظاهرو ڪيائين ۽ زبردست داد پڻ مليس، پاڻ ٽن مهينن بعد جڏهن سنڌ کان
واپس هندستان پئي ويو ته ٻين سوکڙين کان علاوهه پنهنجي اباڻي شهر ٺاروشاهه مان
پنهنجي گهر جي نلڪي مان پاڻي جي (دلي) ڀري پاڻ سان گڏ کڻي ويو سندس گهر اڄ به ٺاروشاهه
۾ چندر جو گهر (ڏامواڻي حويلي) ۾ سربستو آهي، هي سهڻو فنڪار شاعر پڻ هيو ۽ شاعري
به لاجواب ڪندو رهيو، حسن، درد، فراق، عشق سونهن، پيار، امن سندس شاعري منجهه
موضوع نمايان نظر اچن ٿا سنڌ جي هن اربيلي فنڪار (ٽن هزارن) کان مٿي ڪلام ڳائي سر
سنگيت ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي، ۽ هزارين ڪلامن جو ڌنون پڻ ٺاهي
رڪارڊ قائم ڪيو، ماسٽر چندر ماضي قريب جو سهڻو لاجواب، سريلو ۽ نه وسرندڙ لاڏلو ڪلاڪار
ٿي گذريو آهي پاڻ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري
ڇنڇر ڏينهن ۳ نومبر ۱۹۸۴ع تي ۷۴ سال ۱۰ مهينا ۱۶ ڏينهن
زندگي جا پل سرن سازن سان گذاري پرلوڪ پڌاري ويو. سندس زندگي ۾ وڏو اتفاق اهيو هو
ته سندس ڄمڻ ۽ وفات جو ڏينهن ڇنڇر ثابت ٿيو اڄ سندس ۳۳ ورسي ملهائي پئي وڃي. ماسٽر چندر جو مشهور ۽ مقبول ڪلام جو نمونو پڙهندڙ
لاءِ پيش ڪجي ٿو
سڪ ۽ سنگت جو يار سڳو،
ڪڏهن مان پيو ڇڪيان ڪڏهن تون
پيو ڇڪين،
هي لڪ ڇپ جي آ راند سڄڻ،
ڪڏهن مان پيو لڪان ڪڏهن تون پيو
لڪين،
غم درد جدائي جو جنهن کي،
ڪڏهن مان ٿو سڪان ڪڏهن تون ٿو سڪين،
هي عشق جو گاڏو آهي چندر،
ماسٽر چندر
ٺاروشاهه جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم راڳي
شاهد حسين تيوڻو
سونهاري سنڌ جيڪا ڪيترن ئي
درويش، بزرگن، عظيم انسانن عالمي شهرت ماڻيندڙ ڪلاڪارن جي ڌرتي آهي. جنهن جي ثقافت ۽ تهذيب جا اهڃاڻ موهن جو دڙو
ٻڌائي پيو ته ان وقت جي سنڌو سڀيتا جنهن جي ثقافت ۽ تهذيب به شاهڪار هئي جنهن مان
اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هر فن جو آغاز به هتان ئي ٿيو هوندو. پر جڏهن سنڌي موسيقيءَ
جي ڳالهه ڪجي ته اها به هر دور ۾ سگھاري ۽ منفرد انداز ۾ نظر آئي آهي. سنڌي
موسيقيءَ جي حوالي سان سنڌي فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ۾ سنڌ ۽ هنڌ کان ٽپي سڄي
دنيا ۾ پيار، محبت ۽ مڃتا ماڻي. جن به ڏاتارين سنڌي موسيقيءَ ۾ نالو ڪمايو عالمي مڃتا حاصل ڪئي ان ڏات رکندڙ عظيم راڳين
جي فهرست ۾ ماسٽر چندر جنهن جو نالو پڻ سونهري ۽ چٽن اکرن سان لکيل نظر ايندو.
جنهن جا پڻ سنڌ ۽ هنڌ کان ٽپي سڄي دنيا ۾ پيار ۽ محبت جا گيت گونجيا.
هن عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر سنڌ
جي سوني مٽيءَ ۽ ڊگھي تاريخ رکندڙ سهڻي سرسبز باغن واري شهر ٺاروشاهه جي “ڏامواڻي
حويلي” منجھه پنهنجي والد شهر جي معزز واپاريءَ آسنداس جي گھر ۾ ۷
ڊسمبر ۱۹۰۷ع ۾ اک
کولي. ماسٽر چندر جنهن جو اصل نالو ناميار ليکڪ گو بند مالهيءَ چانڊو مل ٻڌايو
آهي. برک راڳي ماسٽر چندر جنهن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ماتر ڀومي ٺاروشاهه جي
پرائمري اسڪول مان ورتي ۽ ان کانپوءِ ڏهين جماعت جو امتحان به لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول
ٺاروشاهه مان ئي پاس ڪئي جيڪو هن وقت گورنمينٽ پراونشلائيزد هاءِ اسڪول جي نالي
سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جي هن مهان راڳيءَ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پبلڪ
ورڪس نالي (انجنيئرنگ) کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پنجن سالن تائين نوابشاهه ۾
ملازمت ڪيائين. عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر کي پنج پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو خدا تعاليٰ اولاد عطا ڪيو جن مان سندس وڏو پٽ ۱۶ورهن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ وري ٻيو پٽ جيڪو ٽئين درجي ۾ پڙهندڙ هو ته
اهو به ان ئي سال ۱۹۴۵ع ۾ راهه رباني روانو ٿيو. باقي
گوپ چندر، هير چندر ۽ مهيش چندر جيڪي پنهنجي والد محترم وانگر خوش اخلاق ۽ ان جي ورثي
جا وارث آهن.
سر سنگيت جو هي راڻو فنڪار ماسٽر
چندر جيڪو هڪ ئي وقت گھڻ رخي شخصيتن جو مالڪ هو. ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ جو
شوق رکندڙ ماسٽر چندر جنهن جي ڳلي ۾ قدرت واري اهڙو ته سريلو ۽ مٺڙو آواز رکيو جو
سنڌ ۽ هنڌ ۾ هن جو آواز زور ۽ شور سان گونجڻ لڳو ۽ جڏهن هو گوڌرام جي جاءِ تي وڃي
محفل مچائيندو هو ته هن جو آواز بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي پري پري تائين گونجيدو
هو. سنڌ جي هن سهڻي فنڪار پنهنجي استادن کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ان کانپوءِ ۱۹۳۳ع ۾ ماسٽر چندر باقائدي ڳائڻ واري فن جي شروعات ڪئي ۽ تمام ٿورڙي وقت ۾ هن جو
نالو جهر جھنگ وستي واهڻ ۾ گونجڻ لڳو ۽ ان جو درد ڀريو آواز آسماني ستارن کي ڇهڻ لڳو.
ماسٽر نه رڳو راڳي هو پر هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هيو جنهن پنهنجن ڪيترن ئي
گيتن جون خود ڌنون تيار ڪيون. اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي جو هڪ ئي وقت ايتريون
صلاحيتون هڪ ئي شخص ۾ هجن. جو شاعري به پاڻ ڪري ڌن به پاڻ تيار ڪري ۽ راڳ به خود
ئي ڳائي ۽ اهي ئي گيت سنڌ ۽ هند جي جھر جھنگ ۾ گونججن پيا ۽ سندس شاعري ايتري ته
سولي ۽ سهڻي جو هر ڪنهن فرد کي آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ۽ ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ته
هو ان ماڻهو سان مخاطب ٿيندو هجي. ماسٽر چندر جنهن جو جڳ مشهور ڪلام “رٺا ئي رهن
پر هجن حياتي” جيڪو اڄ ڏينهن تائين هر ٻچي ٻچي جي وات ۾ آهي ۽ اهڙا ڪيترا ئي درجنن
جا درجن سدا بهار ڪلام جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڳايا وڃن ٿا. جن کي پڻ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن
ئي ناليوارن فنڪارن ڳايو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماسٽر چندر جنهن جو ننڍي کنڊ ۾ ۱۹۳۳ع کان وٺي ۱۹۴۷ع تائين عروج رهيو.
جڏهن ننڍي کنڊن جو ورهاڱو ٿيو ته
ان بي رحم وقت هن ننڍڙي شهر کان هن عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر جو وڇوڙو ڪيو. ۽ لڏپلاڻ
واري چڪر ۾ ماسٽر چندر جيڪو پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي شهر ٺاروشاهه کي ڇڏي هنڌ جي
شهر راجن پور ڏانهن هليو ويو. پر هن ڀلوڙ فنڪار کي پنهنجي مٽيءَ جي هڳاءُ اتي به
محسوس ٿيندو هئو ۽ ان جو پنهنجي ڌرتيءَ سان چاهه ايترو گهرو هو جو هي همراهه ۱۹۵۵ ع ڌاري نيٺ وري پنهنجي ڏيهه سنڌ ۽ پنهنجي اباڻي گهر ڏانهن آيو ۽ جڏهن هو
سنڌ ۾ آيو ته ماڻهن وري موٽ ۾ اوتري ئي کيس محبت ڏني ته هن جو وري به پنهنجي شهر ۽
سنڌ سان چاهه وڌي ويو. وطن جي حب ۽ اڪير رکندڙ ماسٽر چندر زندگيءَ جي آخري لمحن ۾
به سنڌ ۽ پنهنجي شهر کي ياد ڪندو هو.
ماسٽر چندر کي خدا تعالى موسيقيءَ
جي فن سان اهڙي ته نموني نوازيو هو جو ڳائڻ وقت هو پاڻ وساري گيتن ۾ ئي گم ٿي
ويندو هو ۽ هر لفظ ۾ اٿاهه محبت پيار ۽ جان وجهندو هو ۽ شاعري جي سمورن احساسن کي
سُرن جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيندو هو شايد اهو ئي ان جي ڪاميابي جو راز به هو. جو هو ڏيهه
توڙي پرڏيهه سنگيت جا ٻول ڳائي پنهنجي
پرستارن کي مست ڪري ڇڏيندو هو ۽ پرستار مدهوش ٿي ويندا هئا ۽ هر طرف محفل ۾
واهه چندر واهه لڳي پئي هوندي هئي ۽ سندس ڳايل مشهور گيتن کي ان جي مقبوليت ۾ اضافو
ڪيو ان ۾ ڪجهه هي گيت آهن.
تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان ....
رُسُ نه رُسُڻَ ۾ ڇا هي راڻا.
سڪ ۾ سڪي کي نه سڪاءِ پيارا.
رٺا ئي رهن پر هجن حياتي.
قسمت ڪئي جدائي ڪنهن تي ميار
ناهي.
سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون.
سڪ ۽ سنگت جو يار سڳو ڪڏهن تون
پيو ڇڪين ڪڏهن مان پيو ڇڪيان.
هيءَ لڪ ڇپ جي آ راند سڄڻ ڪڏهن
مان پيو لڪان ڪڏهن تون پيو لڪين.
اهڙن ڪيترين گيتن، جن کي پنهنجي
سريلي آواز ۾ هُن ڳائيو ۽ ڪيترا ئي انعام پڻ حاصل ڪيا هئا. ماسٽر چندر جيڪو ماضيءَ
جو انمول نه وسرندڙ لاڏلو ڪلاڪار ٿي گذريو
آهي جيڪو پنهنجي سر جا سڀ ساز بند ڪري ۳ نومبر ۱۹۸۴ ع تي سرحد پار اسان کان ۽ سنڌ
کان هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪئي.
ماسٽر چندر
سُر ۽ سنگيت جو نرالو نانءُ
عاجز رحمت الله لاشاري
سنڌ جي جڳ مشهور راڳيءَ، سنگيت
آچاريه، ماسٽر چندر جو اصل نالو، سندس دوست گوبند مالهيءَ چواڻي: چانڊو مل ڏامواڻي
هو،
پر ٺارو شاهه جي اسڪول رڪارڊ موجب
چندر مل ڏامواڻي هو،
اڄ هند ۽ سنڌ ۾ کيس ’ماسٽر
چندر‘ جي نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو.
ماسٽر چندر، ۱۸
ڊسمبر۱۹۰۹ع ڌاري
ساهتي پرڳڻي (ضلعي نوشهري فيروز) جي مشهور باغن واري تاريخي ۽ مرڪزي شهر ٺارو شاهه
۾، ڏامواڻي حويليءَ ۾ جنم ورتو. جڏھن ته سندس والد آسنداس کي چندُر اڪيلو اولاد هو.
ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل
نوَ لکي واهه جي ساڄي ڪپ تي ڏامواڻي حويليءَ ۾ هو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول
ٺارو شاهه ۾ ئي ورتي ۽ مئٽرڪ تائين لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪئي، جيڪو
هاڻي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول سڏجي ٿو.
ماسٽر چندر ماءُ پيءُ جو اڪيلو اولاد
هئڻ ڪري سندن سڪيلڌو پٽ هو. هن پڙهائيءَ بعد پبلڪ ورڪس (انجنيئري) کاتي ۾ پنج سال
نوابشاهه ۾ نوڪري ڪئي. کيس راڳ سان ابتدا کان وٺي چاهه هو.
راڳداريءَ جي ڪن ميراثين ۽
استادن کان سکيا ورتي هئائين. سندس سُر ۽ ساز تي روز رات جو نوين بجي ٺارو شاهه ۾
گوڌورام جي ٽڪاڻي جي آڳنڌ مان هن جو بلند ۽ سريلو آواز گونجندو هو ۽ بنا لائوڊ
اسپيڪر جي اڌ شهر ۾ ڦهلجي ويندو هو.
فني لحاظ کان جيوترام هن جو
اُستاد هو، جيڪو سائين قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو، جڏهن ته هنسراج
سونارو چندر جو ساٿي هوندو هو ۽ ساڻس طبلي تي سنگت ڪندو هو.
لوڪ ڪلاڪار ماسٽر چندر، جڏهن نوابشاهه
۾ نوڪري ڪندو هو ته اتي شام جو ’چندر سنگيت ودياله‘ کوليائين. پوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ
سانگي ويو ته اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي ۾
موسيقي سيکارڻ جو اسڪول به قائم ڪيائين.
ماسٽر چندر جي زندگيءَ جو پهريون
ڪلام،ان دور ۾ پنهنجي نئين ورتل سائيڪل تي جوڙيل هو، هو شهر جو پهريون ماڻهو هو، جنهن
وٽ سائيڪل هئي. ان ڪلام جا ٻول هن ريت آهن:
سير ڪيوسين سائيڪل جو،
هئنڊل هٿ ۾ آهي،
هئنڊل هٿ ۾ آهي،
لوڏ اصلي ناهي!
مٿي چاڙهين تي مرد ڪي چڙهندا،
بريڪ ڏئي پوءِ لاهيون لهندا،
وِيلن کي ته ورائي، لوڏو اصلي ناهي
...!
ماسٽر چندر جي زماني ۾ ڪنهن چڱي
گهر جو نوجوان راڳ سکندو ۽ ڳائيندو هو ته ان کي ناچو، ٽاپو، ميراثي ۽ مڱڻهار سڏي،
مٿس ٽوڪون ڪيون وينديون هيون. ۽ ان مرحلي ۾ ماسٽر چندر کي به اهڙا طعنا ۽ مهڻا مليا،
پر هن جو چاهه ماٺو نه ٿيو.
هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا
جيوترام مٽائيءَ کان حاصل ڪئي.
جڏهن ته روهڙيءَ جي هڪ بزرگ جو
گادي نشين، کيس خانصاحب امير خان وٽ وٺي ويو، جنهن کيس ابتدا ۾ ’درگا‘ راڳ سيکاريو.
چندر جو چاچو هن لاءِ امرتسر مان باجو وٺي آيو ۽ پوءِ هنراج جا سُر، سُرن جون شڪليون
۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ شڌ جي ڄاڻ ورتي ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بنجي پيو.
چندر ابتدا ۾ بانسريءَ کي ’مائوٿ
آرگن‘ (وات جي ساز) طور وڄائيندو هو، جنهن کان پوءِ ڏينهن رات هڪ ڪري باجو سکيو.
هن سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو،
سائين هادي بخش شاهه، دادن شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز
جا گادي نشين، هالا، مانجهند، ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي
فقير ۽ سنت شامل هئا. اهي فقير جڏهن يڪتارا کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي
ويندو هو.
هڪ دفعي سنڌ گراموفون ڪمپنيءَ
جي ايجنٽ لالچند هڪ محفل ۾ چندر جو سريلو آواز ٻڌو ته مٿس موهت ٿي پيو ۽ کيس ٻين
هنڌن متعارف ڪرايو، جنهن بعد سندس فن وڏي مڃتا ماڻي.
چون ٿا ته هڪ دفعي نامور ڳائڻي
جيوڻي ٻائيءَ ٺارو شاهه ۾ محفل ڪئي، جنهن ۾ ماسٽر چندر به ڳايو. چندر جو راڳ ٻڌي،
جيوڻيءَ کيس رڪارڊنگ لاءِ زور ڀريو. بعد ۾ ماسٽر چندر ۽ نوري مسخري، ڀرين واري کي
رڪارڊنگ لاءِ بمبئيءَ وٺي وئي.
گراموفون لاءِ ڀرايل ماسٽر چندر
جو پهريون رڪارڊ، ان دور جي مشهور ڪليڪٽر، محمد بخش فوجيءَ جو ڪلام هو، جيڪو هن ’سر
آساوري‘ ۾ رڪارڊ ڪرايو، جنهن جا ٻول هئا:
طبيبا خيال سان ڏسجو، اٿـم ڪا دل
جي بيماري،
جـســم تــازو تـوانــو آ، ڍِري
ٿَم نبض دِل واري!
ماسٽر چندر جا ڳايل اڪثر ڪلام
ماڻهو جهونگاريندا هئا، اهو سندس گائڪيءَ جي فن جو ڪمال هو.
اهڙن ڪلامن ۾:
(۱) ’قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي‘،
(۲) تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان، پر سهڻا ڪين رهايو تو‘،
(۳) ’هڪ ڳالهه ته ٻُڌ، منهن هيڏي ڪر!‘
(۴) دل آهه هٿن ۾، ٿو خريدار کي ڳوليان،
(۵) سهڻا، پنهنجي اکين کي جهل تون (ضياء)
(۶) سِڪ ۾ سِڪيءَ کي نه سڪاءِ پيارا!
(۷) رُس نه، رُسڻ ۾ ڇا هي راڻا!
(۸) تون هجين ۽ مان هجان، برسات جون راتيون هجن،
(۹) رُٺائي رهن پر هجن حياتي،
(۱۰) دل منهنجي، هن جي هڪ آ (ضياء)
(۱۱) هڪ ڳالهه ته ٻُڌ، منهن هيڏي ڪري.
تمام گهڻو مشھور ٿيا.
ماسٽر چندر عوامي محفلن ۾ راڳ ڳائڻ
جي شروعات ڀڳتن جي ڀڳتين وارن پروگرامن م شريڪ ٿيڻ سان ڪئي. چندر گائيڪيءَ کي نوان
انداز ڏنا، ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين. ان ڪري هن فن ۾ ٽرينڊ
سيٽرTrend- setter هو. ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي
ڇڏيندو هو.
ماسٽر چندر جي آواز ۾ جادو هو.
سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز گهڻن کي مست بنائي ڇڏيو هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي ته
چندر هڪڙي ڀيري سري گهاٽ، حيدرآباد ۾ ڳايو پئي ته اوچتو مٿان ماڙيءَ تان نوٽن جا بنڊل
اچي سندس مٿان ڪِريا. خبر پئي ته هڪ ارڙهن سالن جي ڇوڪري، حيدرآباد جي هڪ وڏي سيٺ
جي نياڻي، راڳ ٻُڌندي ايڏي ته مستاني ٿي پئي، جو پنهنجي پيءُ جي ٽجوڙي کولي، ان مان
سمورا نوٽ کڻي چندر ڏانهن اُڇلايائين. ان زماني ۾ لائوڊ اسپيڪر نه هئا. چندر جو
آواز چِٽو ۽ سُريلو هو، جيڪو پري پري تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو.
ماسٽر چندر کي حياتيءَ ۾ وڏي مڃتا
ملي. رڪارڊ ڪمپنيءَ طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي
فن جي قدرداني ڪندي، سندس حسن ڪارڪردگيءَ تي کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو
ويو. کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ رائلٽي ڏني ويندي هئي. هن راجائن ۽ نوابن وٽان به
سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس پنڊت ٺاڪر ۽ بڙي غلام عليخان ’سنگيت آچاريه‘ جو لقب
عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به ڪيترا انعام حاصل ڪيائين، پر چندر کي اُهو غريب ماڻهو ڪڏهن
نه وسريو، جنهن کيس ميرپورخاص ۾ ڳائيندي، پٽڪي مان نوٽ ڇوڙي پئي ڏنا ۽ پئسن ختم ٿيڻ
تي هن مٿي تان پٽڪو لاهي سندس پيرن تي اچي رکيو. چندر جوچوڻ هو ته هن کي اهو انعام
زندگيءَ ۾ مـليـل سمورن لقبن ۽ اعزازن کان وڌيڪ هـو.
۱۹۴۷ع ۾ ننڍي
کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هلـيـا ويـا. چـنـدر کـي به مجبـوراً
سـنڌ ڇـڏڻي پـئي. ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ويو. آخر ۾ بمبئيءَ
۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اُڪير
هڪ دفعو کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي عوام جي بيحد اسرار ۽ سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر سنڌ ۾ آيو ۽
مختلف جاين تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو. ان دوران ’قطب
شاهه جهانيان‘ جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي گوڌورام
جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين.
چون ٿا ته راڳ دوران ماڻهن کيس
پئسا ڏيڻ شروع ڪيا ته چندر اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻَڌي حاضرين کي چيائين: ”سڄڻو! پئسا ته
منهنجي پٺيان هلندا وتن، مان صرف اوهان سان ملڻ آيو آهيان، اوهان سان دِل جا حال
اورڻ آيو آهيان.“
ٺارو شاهه ۾ قيام دوران هو
پنهنجو گهر به گهمڻ ويو. نلڪي جو پاڻي پيتائين. پاڻيءَ جي دِلِي ڀري کنيائين ۽ بعد
۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن مان ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي
پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو.
چون ٿا ته سنڌ جي سفر دوران سرڪاري
جاسوسچندر جي پٺيان پيا هلندا هئا، تن کي مخاطب ٿي ئي چندر هيٺيون ڪلام چيو هو:
’تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان، پر
سهڻا ڪين رهايو تو!‘
ماسٽر چندر پنهنجي اولاد ۽ گهر
وارن سميت ڪيترن ملڪن جو سفر ڪيو ۽ اُتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
ماسٽر چندر کي پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن
جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ ڪنيالال ۱۶ سالن
جي عمر ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ مَنسُک ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو ته گذاري ويو. سندس ٽيون
پٽ گوپ چندر ڪاروبار ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. سندس چوٿون پٽ هير چندر انڪم ٽيڪس
جو وڏو وڪيل آهي، ساز وڄائي ڄاڻندو آهي، پر ڳائيندو نه آهي. چندر جو پنجون پٽ مهيش
چندر، پيءُ وانگر وڏو فنڪار ۽ هندستان ۾ فلمن جو ناليوارو موسيقار آهي، سندس سنڌي
۽ هندي ڪلامن جا البم ۽ سي ڊيون جاري ٿيل آهن. چندر جا ٽئي پٽ پيءُ وانگر ملنسار ۽
خوش اخلاق آهن ۽ پيءُ جي ورثي جا وارث آهن.
ماسٽر چندر جي ڪلامن تي ڪجهه عرصو
۱۹۶۵ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ريڊيو،
ٽي. وي تي بندش هئي، پر اڄوڪي سنڌ اهي بندشون ٽوڙي چڪي آهي. ڪنور ڀڳت ۽ ماسٽر چندر
نه رڳو سرڪاري ميڊيا تي، پر پرائيويٽ چئنلن تي به اڄ ڳائجي رهيا آهن. چندر چون ٿا
ته ۳۰۰۰ کان به مٿي ڪلام ڳايا ۽ انهن جون
ڌُنون ٺاهيون.
سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، ۲ نومبر ۱۹۸۴ع تي اٽڪل ۷۸ ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي، ٺارو شاهه
جي رهاڪو ۽ هن وقت احمد آباد ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ، ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ٻيو
ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر مهان ڪلاڪار‘
جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري، ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
روزاني ڪوشش اخبار ۽ روزاني جيجل
۲ نومبر ۲۰۱۸ع جي ٿورن سان.
ماسٽر چندر
ڪجھ يادون
علي رضا قاضي
۳ نومبر ۱۹۸۴ع هند-سنڌ جي مهان ڪلاڪار ماسٽر چندر جي وڇوڙي جي تاريخ آهي. هو پنهنجي مٽي،
پنهنجي وطن کان ڏور، ديس کي ساريندي موڪلائي ويو. جيتوڻيڪ، هن وقت هو اسان ۾ موجود
ناهي، پر هن جو مڌر آواز ۽ لازوال شاعري سنڌ واسين جي دلين کي گرمائڻ لاءِ ڪافي آهي.
ماسٽر چندر ۷ ڊسمبر ۱۹۰۷ع تي هڪ شاهوڪار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس جنم ڀومي ساهتيءَ جو قديم ۽ مرڪزي
شهر ٺارو شاهه آهي. اڄ به ٺارو شاهه جو گهڻو تڻو تعارف ماسٽر چندر ئي رهيو آهي. دنيا
جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو، ڪنهن سنڌيءَ سان تعارف ڪرايو ته “ٺارو شاهه واسي آهيان” ته
هو هڪدم جواب ڏيندو. “ٺارو شاهه ... ماسٽر چندر جو شهر ... ” جي ها، ٺارو شاهه،
ماسٽر چندر جو شهر.
ماسٽر چندر کي ٺارو
شاهه سان تمام گهڻو پيار هو، اهو ئي سبب هو جو ورهاڱي کان بعد به هو ٺارو شاهه جي
محبت ۾ ڇڪجي اتي پهتو. ماسٽر چندر جو شهر ٺارو شاهه به ساڳيو هو ته ماسٽر چندر به
ساڳيو، پر حالتون ساڳيون نه هيون. هن ڀيري هو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ئي گهر ۾ مهمان طور
آيل هو! واهه ڙي، وقت تنهنجا فيصلا! ماسٽر چندر ۱۹۵۵ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ٺارو شاهه آيو هو. هي اهو
ساڳيو سال آهي، جنهن ۾ هالاڻيءَ جو هڪ اديب ۽ شاعر محمد رمضان سهتو، ٺارو شاهه جي
ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو هو ۽ هن جي رهائش شهر ۾ ئي هئي. استاد محمد
رمضان سهتي بعد ۾ انهن سڀني منظرن کي پنهنجي قلم سان محفوظ ڪيو. مرحوم استاد لکيو
ته: “انهي ڏينهن ٺارو شاهه ۾ اها ڳالهه واءُ جيان گهلي وئي ته اڄ ماسٽر چندر اچي
رهيو آهي. سندس اچڻ جو پروگرام فيڊر گاڏي وسيلي هو، جيڪا محرابپور کان پدعيدن وڃي
رهي هئي. منجهند جو اٽڪل ۱۲ وڳي ريل گاڏي ٺارو شاهه جنڪشن تي پهتي. گاڏي مان هڪ ڀوري
رنگ جو اڌڙوٽ شخص نمودار ٿيو. جيئن ته گاڏي ايتري ڊگهي نه هئي تنهنڪري مهمان جي سڃاڻپ
جلد ۽ آساني سان ٿي وئي. سندس پويان سازندا ثابتي خاطر ڪافي هئا ۽ هڪ نينگر جنهن
جي عمر ۱۳ سال هوندي، سو به گڏ هو. ٺارو شاهه جي هڪ معزز شخصيت استاد عبدالله سومري
وڌي وڃي ماسٽر چندر جو استقبال ڪيو. ماسٽر پينٽ ۽ شرٽ ۾ هو. اسٽيشن گيٽ تي پيار ۽
سڪ وچان شهرين جو هڪ وڏو انگ موجود هو. گاڏي مان لهي ٽانگي ۾ سوار ٿيڻ تائين کيس اٽڪل
اڌ ڪلاڪ جو ٽائيم لڳي ويو. استاد عبدالله ساڻس گڏ ٽانگي ۾ سوار ٿيو ۽ سندس پويان ڪيترا
ئي ٽانگا جلوس جي شڪل ۾ هلڻ شروع ٿي ويا”.
استاد محمد رمضان سهتي
وڌيڪ لکيو: “ماسٽر چندر کي ٽانگن جي جلوس ۾ شهر آندو ويو. جيئن ته کيس ٺارو شاهه ۾
صرف ۲۴ ڪلاڪ ترسڻو هو. (ٺارو شاهه جي ڪجهه پراڻن رهاڪن مطابق
ماسٽر چندر هتي ۳ ڏينهن ترسيو هو) تنهن ڪري استاد عبدالله سومري طرفان کيس
شهر گهمڻ جي دعوت ڏني وئي. پر مهمان جي پهرين خواهش اها هئي ته کيس سندس گهر گهمايو
وڃي. انهيءَ اسرار تي ٽانگي کي هن جي گهر واري گهٽي ۾ بيهاريو ويو. ماسٽر چندر گهر
۾ داخل ٿي پنهنجي هر هڪ ڪمري جو معائنو ڪرڻ لڳو. مون ڏٺو پئي ته سندس اکين مان نير
جاري هئا. هر ڪمري گهمڻ بعد نلڪي تي آيو ۽ نلڪو هلائي ٻه ٽي ڍڪ پاڻي جا پيتائين.
استاد عبدالله کي التجا ڪيائين ته جيستائين آئون هتي آهيان، مونکي پنهنجي نلڪي جو
پاڻي پياريو وڃي. هن مثالن سان سندس وطن جي حب جي پروڙ پئي ٿي”.
هو لکي ٿو ته “انهي
کانپوءِ کيس ٺارو شاهه شهر جي گهٽي گهٽي گهمائي وئي. آخر ۾ مارڪيٽ واري جامع مسجد،
جيڪا انهي وقت تعمير هيٺ هئي، ۾ آندو ويو. مسجد گهمڻ لاءِ ماسٽر چندر سان گڏ اسان
به مسجد ۾ داخل ٿياسين. استاد عبدالله، مسجد جي اڏاوت لاءِ ورتل ڪوششن بابت چندر کي
تفصيل سان ٻڌائي رهيو هو. ماستر چندر سندس ڪوشش جي مسڪرائيندي واکاڻ ڪري رهيو هو. انهي
کانپوءِ چندر کي آرام ڪرڻ لاءِ ٽڪاڻي تي هلڻ لاءِ چيو ويو. هجوم سان گڏ کيس ٽڪاڻي
تي پڄائي ماڻهو گهر هليا ويا.
ماسٽر چندر کي ياد ڪرڻ
وارا گهڻا ماڻهو هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا، پر هن وقت ماسٽر چندر جي گهر ۾ رهندڙ حاجي
اختر خانزادي وٽ ڪجهه ساروڻيون آهن. هن جي بقول ته ان وقت سندس عمر ۹ سال هئي، پر ڪافي ڳالهيون ياد آهن. جيئن
“ماسٽر چندر جو راڳ ٻڌڻ لاءِ رات جو هاءِ اسڪول گرائونڊ تي محفل جو انتظام ڪيل هو.
تنهن ڪري هر ڪو انهن گهڙين جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. رات آئي شوقين هاءِ اسڪول
گرائونڊ تي پهچڻ شروع ٿي ويا. حاضرين جو هڪ اٿاهه سمنڊ نظر پئي آيو، جيڪي پري پري جي
ٻهراڙي وارن ڳوٺن مان ڪهي آيا هئا. ماسٽر چندر جي هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ کيس ٻڌڻ لاءِ آتا
هئا. سامهون هڪ وڏي اسٽيج تيار ڪئي وئي هئي. جنهن تي ماسٽر پنهنجي سازندن سان گڏ
ويٺو هو. محفل جي شروع ڪرڻ لاءِ ميزبان، عوام کي ضابطي جون اپيلون ڪري رهيا هئا.
محفل جو آغاز ٿيو ته شوقين پنهنجي پنهنجي خيال مطابق فرمائشون ڪرڻ لڳا جن مان ڪجهه
پوريون ٿيون. ماسٽر چندر پنهنجي فن ۽ ثقافت جو ثبوت ڏيندي حاضرين کي يڪجا راضي ڪرڻ
لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيو ته “هاڻي آئون سڀني جي اڳيان سنڌ جي هڪ نئين سوکڙي
ڪلام جي صورت ۾ پيش ڪندس جيڪا آئون هندستان کان ٺاهي کڻي آيو آهيان. رڪارڊ به نه ڪرايو
اٿم. اميد ته اوهان سڀني کي پسند ايندو. انهي تي هجوم جو ڌيان ڇڪجي ويو، گوڙ پڻ گهٽيو.
ماسٽر چندر جي “اڃا مان ننڍڙي آهيان، وڏي به نيٺ ته ٿيندس” ڪلام حاضرين جي واهه واهه
سان دليون کٽي ورتيون. انهي ڪلام پوري ٿيڻ کانپوءِ عبدالله سومري طرفان سندس هٿ جو
ٺاهيل رومال پيش ڪيو ويو. انهي بعد محفل جي پڄاڻي ٿي”. اهڙي ريت ٻئي ڏينهن چندر هڪ
ڀيرو ٻيهر روئندو پنهنجي شهر ۽ وطن کان موڪلائي روانو ٿيو.
ماسٽر چندر
ڪير سڏائي
علي رضا قاضي
ساهتي پرڳڻي جي دل
سمجهيو ويندڙ شهر ٺارو شاهه، جنهن کي باغن ۽ نارنگين جو شهر به چيو ويندو آهي، اتي
ماسٽر چندر ۷ ڊسمبر ۱۹۰۷ع ۾ هڪ واپاري ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. ماسٽر چندر
بابت چيو وڃي ٿو ته هو ننڍي هوندي راڳ جو شوقين هو. راڳ جي فن سان لڳاءُ ۽ هن جي شروعاتي
پرفارمنس کي ڏسي سندس مستقبل بابت آساني سان پيشگوئي ڪري سگهجي پئي، ته مستقبل ۾
هو هڪ وڏو فنڪار ٿيندو. ڀڳت ڪنور رام جي حوالي سان اها ڳالهه منسوب آهي ته هڪ ڀيرو
محفل ۾ هن چندر جي گائڪي ٻڌي پيشن گوئي ڪئي ته “هي نينگر مستقبل جو وڏو فنڪار آهي”.
اهڙي ريت ٺارو شاهه
ڄائي هند سنڌ جي عظيم اديب گوبند مالهيءَ پنهنجي آتم ڪٿا “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون”
۾ واضح طور لکيو آهي: “ٺارو شاهه ۾ هڪ نئون فنڪار اڀري پيو، اصل نالو ته چانڊو مل
اٿس، پر پاڻ کي ماسٽر چندر سڏائي ٿو، هن جي ڳائڪي جي انداز مان آساني سان پتو لڳائي
سگهجي ٿو ته هي همراهه موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو نالو مڃرائيندو”.
۽ پوءِ سنڌ ۽
هند ۾ ماسٽر چندر جي سڃاڻپ نه رڳو هڪ فنڪار طور، پر هڪ بهترين موسيقار، شاعر،
هدايتڪار، اداڪار، صداڪار توڙي پيشڪار طور ٿي.
ماسٽر چندر نه رڳو
راڳي، موسيقار، فلمساز، هدايتڪار، صداڪار، پيشڪار هو پر هن جي سڃاڻپ جيڪا لوڪ کان
لڪل آهي ته هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ پڻ هو، جن مان پوءِ ۹ ڪتاب شايع پڻ ٿيا. ماسٽر چندر پنهنجو پهريون گيت “سهڻا عرض آهي” ريڊيو تي ڳايو
۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هي گيت هر ماڻهو جي چپن تي گونجڻ لڳو. هي گيت نه فقط چندر جي وڏي
سڃاڻپ ثابت ٿيو پر ٺاروشاهه جي هن سچي فنڪار جي اڳيان ڪاميابي جا سڀ دروازا پڻ
کولي ڇڏيا. جنهن کانپوءِ ماسٽر جا ٻيا ڪلام جهڙوڪ “رٺا ئي رهن پر هجن شل حياتي، دل
آهي هٿن ۾، ڪبوتر ڪبوتر، سهڻا وڃ نه اٿي” ڪاميابيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، انهن سڀني
گيتن کان وڌيڪ جنهن ڪلام ماسٽر چندر کي فن جي ولايت جي درجي تي پهچايو اهو هڪ ننڍڙي
نينگري جي زباني اهي ٻول هئا، جنهن ۾ چندر پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو ته “ايٽ اڃا
مان ننڍڙي ننڍڙي آهيان، نيٺ ته وڏڙي ٿيندس” هي اهو گيت هو جنهن لاءِ هندستان جي پهرين
وزير اعظم جواهر لال نهرو پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوئن ۾ ڀرپور پسنديدگي جو اظهار ڪيو
هو. ماسٽر چندر کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته بالي ووڊ جي شروعاتي ڪامياب فلمن ۾
سندس ڪمپوز ٿيل ڌنون ڳايون ويو. ماسٽر چندر ان وقت جي مشهور ميوزڪ ڪمپني هز ماسٽر
وائيس سان هڪ معاهدو ڪيو. معاهدي هيٺ ان برٽش بيسڊ ڪمپنيءَ کي ٺارو شاهه جي بازار
۾ پنهنجي فرنچائيز کولڻي پئي. بازار ۾ موجود فرنچائيز ۾ سنڌي موسيقيءَ جي عظيم فنڪار
ماسٽر چندر جا اٽڪل ۴۰۰ کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ڪيا ويا. ٺارو شاهه ۾ مشهور پراڊڪشن ڪمپنيز ماسٽر وائيس
جو مئنيجر ولي رام هو. جنهن جو نالو پڻ ماسٽر چندر جي پويان هن جي گهر تي لکيل
آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي
سبب سنڌ جا هزارين سنڌي هندو خاندان هندستان ڏانهن لڏي ويا. لڏپلاڻ جي ان الميي ۾
جتي عام ماڻهو متاثر ٿي رهيا هئا، اتي ماسٽر چندر جهڙو فنڪار ڪيئن پيو پوئتي رهي
سگهي. هن حالتن جي سنگيني کي محسوس ڪندي فلم “اباڻا” ٺاهي ورتي جنهن ۾ مرڪزي ڪردار
به پاڻ ادا ڪيائين. آخر هڪ ڏينهن ماسٽر چندر، پنهنجي اباڻي شهر ٺارو شاهه کي هميشه
لاءِ الوداع چئي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پوءِ سندس تخليقن ۾ وطن ۽ ڌرتي کان
وڇوڙي جون صدائون اينديون رهيون. ماسٽر چندر جيتوڻيڪ جسماني طور موجود ناهي پر هن
جي شهر جا واسي اڄ به کيس ياد ڪن ٿا. اڄ به جڏهن ماسٽر چندر جا ڪلام ڳائجن ٿا ته هن
جي فن جا عشاق ٿڌا ساهه ڀري چون ٿا: “ماسٽر چندر ڪير سڏائي...؟!”
ماسٽر چندر
سنڌ جو البيلو راڳي
ايڊيٽوريل
رٺا ئي رهن شل هجن حياتي
سنڌ جي جڳ مشهور راڳيءَ ماسٽر
چندر جو اصل نالو چانڊو مل ڏامواڻي هو پر ٺارو شاهه جي اسڪول رڪارڊ موجب چندر مل ڏامواڻي
هو. اڄ هند ۽ سنڌ ۾ کيس ’ماسٽر چندر’جي نالي سان ئي سڃاتو وڃي ٿو. سندس وڇوڙو اڄوڪي
ڏينهن ۲ نومبر ۱۹۸۴ تي اٽڪل ۷۸ ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ ٿيو.
ماسٽر چندر، ۱۸
ڊسمبر۱۹۰۹ع ڌاري
ساهتي پرڳڻي (ضلعي نوشهري فيروز) جي مشهور باغن واري تاريخي ۽ مرڪزي شهر ٺارو شاهه
۾ ڏامواڻي حويليءَ ۾ جنم ورتو. کيس راڳ سان ابتدا کان وٺي چاهه هو. سندس سُر ۽ ساز
تي روز رات جو ۹ وڳي ٺارو شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي
جي آڳنڌ مان هن جو بلند ۽ سريلو آواز گونجندو هو ۽ بنا لائوڊ اسپيڪر جي اڌ شهر ۾ ٻڌو
ويندو هو.
چندر ابتدا ۾ بانسريءَ کي ’مائوٿ
آرگن’(وات جي ساز) طور وڄائيندو هو، جنهن کان پوءِ ڏينهن رات هڪ ڪري باجو سکيو. س
هن سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت
مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن
شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند،
ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا.
هن پنهنجو جڳ مشهور گيت ”رُٺا
ئي رهن شل هجن حياتي“ ان وقت ڳايو جڏهن سنڌ ڇڏي وڃي رهيو هيو جنهن بعد اڄ به ان ڪلام
کي ڳايو وڃي ٿو.
چندر راڳ کي نوان انداز ڏنا، ڳائڻ
جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين. ان ڪري هن فن ۾ ٽرينڊ سيٽر (Trend- setter) هو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ماسٽر چندر
۽ ٺاروشاھ جو سوڳوار آسمان - ورسيءَ جي مناسبت سان ...
ڊاڪٽر علي رضا قاضي
جيڪڏهن مون کان ڪير پُڇي ته، ٺارو شاهه شهر جو وڏو ماڻهو ڪير هو يا آهي؟ ته منهنجو جواب قاضي غلام علي هوندو، پر جيڪڏهن مون کان اهو سوال ڪيو وڃي ته، هن شهر جي سڀ کان وڌيڪ اثر انگيز شخصيت ڪهڙي آهي؟ ته مون وٽ ماسٽر چندر جي نالي کان سواءِ ڪوبه آپشن نه آهي. ماسٽر چندر، جنهن جي فن جي شهرت عالمي حدن تائين پهچي وئي، ان سان گڏ سندس شهر ٺارو شاهه به لوڪ ۾ چندر جي نالي سان پنهنجي سُڃاڻپ ڪرائي ورتي. ۷ ڊسمبر ۱۹۰۷ع تي ٺارو شاهه جي واپاري ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ماسٽر چندر بابت چيو وڃي ٿو ته، هُو ننڍي هوندي کان راڳ جي فن جو شوقين هو. هن جي شروعاتي پرفارمنس کي ڏسي سندس مستقبل بابت آسانيءَ سان پيشگوئي ڪري سگهجي پئي، جيئن ته ڀڳت ڪنور رام سان هِيءَ ڳالهه منسوب آهي ته، هڪ ڀيرو هُو هن ماسٽر چندر کي ڏسي بي اختيار چئي ويٺو ته، “هِي نينگر مستقبل جو وڏو فنڪار آهي.” اهڙي ريت ٺارو شاهه ڄائي هند سنڌ جي عظيم اديب گوبند مالهي پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب، ‘ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون’ ۾ واضح طور لکيو آهي ته، “ٺارو شاهه ۾ هڪ نئون فنڪار اُڀري پيو، اصل نالو ته چانڊو مل اٿس، پر پاڻ کي ماسٽر چندر چَورائي ٿو، هن جي ڳائڪيءَ جي انداز مان آسانيءَ سان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته، هِي همراهه موسيقيءَ جي دُنيا ۾ پنهنجو نالو مڃرائيندو.” ۽ پوءِ هند سنڌ ۾ ماسٽر چندر جي سُڃاڻپ نه رُڳو فنڪار پر سُٺي موسيقار، شاعر، بهترين هدايتڪار، اداڪار، صداڪار، توڻي پيشڪار طور ٿي. ماسٽر چندر پنهنجو پهريون گيت ‘سهڻا عرض آهي’ ريڊيو تي ڳايو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هِي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي گُونجڻ لڳو. هِي گيت نه فقط چندر جي وڏي سُڃاڻپ ثابت ٿيو پر، ٺارو شاهه جي هن سچي فنڪار جي اڳيان ڪاميابيءَ جا سڀ دروازا پڻ کولي ڇڏيا. جنهن کانپوءِ ماسٽر جي ٻين ڪلامن جهڙوڪ: ‘رُٺا ئي رهن پر هُجين حياتي....دِل آهي هٿن ۾....ڪبوتر ڪبوتر....سُهڻا وڃ نه اُٿي.’ ڪاميابيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انهن سڀني گيتن کان وڌيڪ جنهن ڪلام ماسٽر چندر کي فن جي ولايت جي درجي تي پهچايو، اهو هڪ ننڍڙي نينگريءَ جي زباني اهي ٻول هئا، جنهن ۾ چندر پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو ته، ‘ايٽ اڃان مان ننڍڙي ننڍڙي آهيان، نيٺ ته وڏڙي ٿيندس.....’ هِي اُهو گيت هو، جنهن لاءِ هندوستان جي پهرئين وزير اعظم جواهر لال نهرو پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوئن ۾ ڀرپور پسند جو اظهار ڪيو. ماسٽر چندر کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته، بالي ووڊ جي شروعاتي ڪامياب فلمن ۾ سندس ڪمپوز ٿيل ڌُنون ڳايون ويو.
چندر جي زندگيءَ ۾ اهي ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هئا، جڏهن لکين ماڻهو مذهب جي بُنياد تي نون ٺهيل ملڪن، هندستان ۽ پاڪستان ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا. ان سڄي الميي ۾ جڏهن عام ۽ خاص زبردست نموني متاثر ٿي رهيا هئا ته ماسٽر چندر جهڙو فنڪار ڪيئن پيو پوئتي رهي سگهي، هن حالتن جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي فلم ‘اباڻا’ ٺاهي ورتي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار به پاڻ ادا ڪيائين. ان فلم جو ڪلام ‘وطن کان اباڻا’ هاڻي به اسانجي دلين کي گرمائڻ لاءِ ڪافي آهي. اسانجي شهر جي هن سهڻي فنڪار ٺارو شاهه کي هميشه لاءِ الوداع چئي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پوءِ سندس تخليقن ۾ وطن ۽ ڌرتيءَ کان وڇوڙي جون صدائون اينديون رهيون، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ٺارو شاهه جي سِڪ هتي کڻي آئي. پر هن ڀيري اسانجو فنڪار مهمان هو. سيپٽمبر ۱۹۵۵ع ڌاري چندر ٺارو شاهه آيو، سائين عبدالله سومري جي اڳواڻيءَ ۾ ٺارو شاهه واسين سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي شام ويلي موسيقيءَ جي وڏي محفل سجائي وئي، هن دفعي ٺارو شاهه جي چانڊومل جا پنهنجي محبوب شهر لاءِ هِي آخري آلاپ هئا: ‘وطن کان اباڻا......’ جهڙا ٻول ٻڌي نه فقط لوڪ روئندو رهيو پر انهيءَ ڏينهن ٺارو شاهه جو آسمان به سوڳوار ٿي ويو. هڪ المانڪ شام، جيڪا صبح ٽاڻي پنهنجي انجام تي پهتي ۽ اها رات اڄ به شهر جي پراڻن رهاڪن کان ناهي وسري سگهي ۽ پوءِ چندر روئندو روئندو ٺارو شاهه کان موڪلائي هليو ويو. ڪٿي ڏور، جتان واپس آڻڻ اسان جي وس ۾ نه هو ۽ هاڻي جيڪڏهن سندس جي پويان آهن ته هن جا اهي خوبصورت آلاپ، جيڪي هر گهڙي چندر جي عظمت جو پڪو اهڃاڻ بڻيل آهن. ماسٽر جا ۲ پٽ پڻ سُٺا فنڪار آهن. مهيش ۽ گوپ، جيڪي پڻ پنهنجي بابا طرفان ڏنل فن جي سخا ڪن پيا پر ٺارو شاهه لک وس ڪري تڏهن به چندر جهڙو فنڪار هن جي نصيب ۾ نه ايندو. اڄ ٺارو شاهه ۾ هن کي ان جاءِ تي ياد ڪيو ويندو، جتي سال ۱۹۵۵ع ۾ اچڻ کانپوءِ ننڍن ٻارن سان گڏ بينچ تي ويهي ڪيتري دير تائين رُنو هو. هِي اهو ئي اسڪول هو، جنهن ۾ ماسٽر چندر پنجون ڪلاس پاس ڪيو هو. اڄوڪي ڏينهن ئي سنڌي ادبي سنگت نوشهري فيروز طرفان رٿيل پروگرام ۾ ماسٽر چندر کي لفظن جو خراج پيش ڪيو ويندو. هن جون ساروڻيون ساريون وينديون. اها ڳالهه به ورجائي ويندي ته اسان جو چندر اسان سڀني کان ۳ نومبر ۱۹۸۴ع تي کلندي موڪلائي سورڳ وڃي وسائي. هُو هاڻي جسماني طرح ته اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر سندس لازوال شاعري ۽ امر آواز اسان جي دِلين کي گرمائڻ لاءِ هميشه موجود رهندو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا