; سنڌي شخصيتون: April 2014

15 April, 2014

استاد رستم علي ٻرڙو - ناصر قاضي

استاد رستم علي ٻرڙو
گهڻ پاسائون ڏات ڌڻي
ناصر قاضي
هيءَ ڌرتي، جتي امر آوازن پنهنجا سُر آلاپي هن ڌرتيءَ کي امرتا بخشي آهي، اتي هتان جي سازن جي وڄتڪارن به پنهنجي ساهه ساهه ۾ سنگيت جي مالهائن کي پئي پويو آهي. اتر سنڌ جو سهڻو شهر ’قنبر‘، جيڪو شهر  دين، علم، ادب، ڏاهپ، ثقافت، موسيقي، فن ۽ مَ ڄاڻ ڪيترن ئي انيڪ حوالن سان پوري دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، ان شهر جي مٽيءَ مان به ڪيترن ئي ماڻڪ موتين جنم ورتو آهي، جن پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري قنبر جو ڪنڌ کيرٿر جي چوٽين جيڏو بلند ڪيو آهي. هتان جا ڏات ڌڻي هر ميدان ۾ پاڻ ملهائي سنڌوءَ جل جي سينڌ سنواريندا رهيا آهن، پر هڪ لمحي لاءِ هن شهر ۾ تاريخ جي ٻين بابن مان صرف موسيقيءَ جي باب جا به ڪجھه ڪاڳر  اٿلائينداسين ته اسان کي استاد اشرف علي ٻرڙو، استاد محرم علي ٻرڙو، رستم علي ٻرڙو، استاد مور علي وَڌو، مکڻو فقير ۽ ماسٽر منظور جهڙا سدا حيات آواز ٻڌڻ ۾ ايندا، جن پنهنجي اڻٿڪ رياض ۽ محنت سان ڪلا کي جِلا بخشي آهي ... !

گوپ ڪمل - ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

گوپ ڪمل
زندگيءَ جو شاعر
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
گوپ ڪمل جو نالو هونئن ته شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو سنڌي شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ گھڻو مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر آهي. اسين سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون (خاص ڪري شاعري) گھڻي وقت کان پڙهندا رهيا آهيون. جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر ڇڙندو آهي ته سندس نانءُ ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو آهي.