گوپ ڪمل
زندگيءَ جو شاعر
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
گوپ ڪمل جو نالو هونئن ته شاعريءَ جي حوالي سان ڪو نئون ناهي. هُو
سنڌي شاعري ۽ ادب جي دنيا ۾ سنڌ توڙي هنڌ ۾ گھڻو مشهور آهي. هو هڪ سگھارو شاعر
آهي. اسين سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون (خاص ڪري شاعري) گھڻي وقت کان پڙهندا رهيا آهيون.
جڏهن به جديد سنڌي غزل جو ذڪر ڇڙندو آهي ته سندس نانءُ ضرور ياد ڪيو ويندو رهيو
آهي.
۲۰۱۱ع ۾ جڏهن منهنجو پهريون ڀيرو دُبئي وڃڻ ٿيو هو تڏهن مون کي منهنجي
پياري دوست نريندر ساڌواڻئَ (جنهن جو هسيا ڪالا ڊراما گروپ ۱۹۹۲ع کان ڪم ڪري رهيو آهي) ٻڌايو هو ته سنڌيءَ جا ڪيترائي اديب دُبئي ۾
رهن ٿا، جن ۾ آشا چاند، چاند پنجابي، ناري ساولاڻي، محترم امداد علي بلوچ، گوپ ڪمل
۽ ٻيا شامل آهن. چاهيندي به تڏهن آئون ساڻن ملي نه سگھيس. دبئي جي سفر دوران ئي
گوپ ڪمل مون کي سندس ڪجهه وقت اڳ ۾ ڇپيل غزلن جو مجموعو “ڇانوَ ويڙهيل جسم” مون کي
سوکڙي ڪري ڏنو. هتي اچي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون جڏهن گوپ ڪمل جي ڪتاب ۾ شامل غزلن
جو مطالعو ڪيو تڏهن سندس شاعري پڙهي، مون کي ٻولي، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏاڍي
دلچسپ لڳي. منهنجي ذهن ۾ گوپ ڪمل جو درجو اڃان به وڌيڪ مٿاهون محسوس ٿيڻ لڳو. گوپ
ڪمل جو جنم ته هندستان ۾ ٿيو، اُتي رهيو ۽ هاڻي دبئيءَ ۾ رهي ٿو پر سندس نج سنڌي
ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ مان محسوس ئي نه ٿيندو آهي ته ڪو هو سنڌ کان ٻاهر رهندڙ آهي.
ها اُهو نه سندس ڳالهه ٻولهه ۾ نه ئي سندس شاعرئَ ۾ ڪٿي محسوس ٿئي ٿو. پنهنجي مٺڙي
ساڻيهه کان تازو وڇڙي هندستان ويل مائٽن جي گھر ۾ گوپ ڪمل ۹ نومبر ۱۹۴۸ع تي جنم ورتو. هو سنڌيءَ
کان سواءِ انگريزي، اردو، هنڌي ۽ مرهٽيءَ جو به ڄاڻو آهي. هن ننڍي هوندي کان ئي
تخليقي سفر شروع ڪيو. شاعري، ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيائين. هيستائين سندس جيڪي ڪتاب
ڇپجي اچي چڪا آهن تن ۾ ۱. “زندگي ۽ چار ڏينهن”
(ناول) ۱۹۷۳ع، ۲.
“چورايل خوشيءَ جو سُک” (ڪهاڻيون) ۱۹۷۹ع،
۳. “هاءِ منهنجي نظر” (ڪارٽوني تنقيد) ۱۹۸۶ع، ۴.
“سرحدن تي گل” (ڪويتا) ۱۹۸۸ع، ۵. “ننڊ ڦٽل” (ڪويتا) ۱۹۹۰ع،
۶. “واپسي” (شاعري) ۱۹۹۹ع ۽ ۷. ۽ غزلن جو مجموعو “ڇانوَ ويڙهيل جسم” ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيو جيڪو منهنجي هٿن ۾ آهي. مون سندس شاعرئَ
جي هن خوبصورت ڪتاب غزلن جي مجموعي جو يڪساهئَ مطالعو ڪيو. جهڙي غزل جي سهڻي وصف
آهي گوپ ڪمل به تهڙئَ سُونهن پنهنجي غزلن ۾ برقرار رکي آهي. سندس غزل جو هر بند نه
رڳو تخليقي لحاظ سان سگھارو آهي پر خوبصورت احساس ۽ مختلف ڪيفيتن سان مالامال آهي.
سندس سهڻا ۽ موهيندڙ غزل پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته ڪنهن سُونهن جي
واديءَ ۾ ماڻهو اڏري رهيو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ جي سُونهن به آهي، تشبيهن ۽ استعارن
جا رنگ برنگي گلڙا به آهن، جذبن ۽ احساسن جي ڀنڀورين جا ڀيرا به آهن، سوچن جي
سُرهي هوا جا جهوٽا به آهن ۽ اُهي عڪس به آهن، جيڪي ماڻهو رڳو محسوس ڪري سگھندو
آهي ۽ ٿڌڙا ساهه کڻي سگھندو آهي.
سنڌيءَ ۾ غزل گھڻي زماني کان لکجندو رهيو آهي پر گل محمد گل سنڌئَ ۾
تخليق ٿيندڙ روايتي غزل ۾ وڏي تبديلي آڻي غزل کي سنڌي ويس اوڍايو. اڳتي هلي شيخ
اياز جي دور ۾ غزل اوچاين تائين رسيو. شيخ اياز، نارائڻ شام، نياز همايوني،
ذوالفقار راشدي، امداد حسيني، تنوير عباسي، وفا ناٿن شاهي ۽ ٻيا به ڪيترائي غزل جا
سگھارا شاعر آهن، پر اُنهن سڀني جي غزل جو پنهنجو پنهنجو انداز، فني سٽاءَ، فڪر ۽
موضوع آهي. هن دور ۾ غزل جي شاعر گوپ ڪمل جي غزل جو انداز به پنهنجو آهي. سندس ڪتاب
“ڇانوَ ويڙهيل جسم” تي واسديو موهيءَ خوبصورت مهاڳ لکيو آهي.
گوپ ڪمل جي شاعري فن، فڪر، ڏات ۽ خوبصورت ٻولئَ جو هڪ سهڻو جوڙ آهي.
سندس غزلن جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
هــــــــڪ
طـــــــــوفــــــــان آ اچــــــــــــڻ وارو
تــــو
اکيـــــن ۾ هــي جهليـــو ڇـــا هــــي.
ڏنـــــــــد
ڪرٽـــــــي مُڪون اُلاريــــن ٿو،
نيـــــــٺ
اهـــــڙو به مون گهُريــو ڇا هي.
سندس غزل جي ٻولئَ جي سادگيءَ ۾ هڪ الڳ خوبصورتي آهي هن جي غزل جي هر
بند \ شعر جو هڪ مقصد ۽ هڪ خاص پيغام آهي، ڪيفيت به الڳ الڳ ۽ دلچسپ آهي. جيئن
سندس هي شعر پڙهي ڏسو:
نڪتو
جتان هو صبح جو، پهتو اُتي ئي رات،
ٿـــڪجـــــي
پيــو آ شهر ۾ رستا پُـــڇي پُـــڇي.
منهنجي خيال ۾ بيقدريءَ جو بيان هن انداز سان فقط گوپ ڪمل ئي بيان
ڪري ٿو سگھي. اسان سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي پيار ۾ به پردو ڪرڻ، راز لڪائي رکڻ، ڀرم
رکڻ وغيره جي رسم ۽ روايت به عجيب آهي جنهن کي گوپ ڪمل پنهنجي غزل ۾ هيئن اظهاريو
آهي:
کــــــــيس
وشــــــــــواس نـــه آ سهيليـــــن تـــــي،
هــــــوءَ
مـــلــــــڻ روز هـــيـــڪــلـــــــي آئـــــــــي.
گوپ جي غزلن ۾ ڳوٺ ۽ شهر جو تضاد ۽ تصور به ڏاڍي خوبصورت انداز سان
ملي ٿو:
ڳـــــــوٺ
جـــــــي يــــــــاد اڄ بــــــه تــــــــــازي آ،
کـــيــــــــــــــــت،
گھــــــــــر، کــوهه، ڌنــڌا ناهن.
***
کيس
وڪڻي ويـــــو اُهــــــــوئــــي شخــــــص،
جنهن
سان هـــــي شهر هــــوءَ گهمــڻ آئـــي.
گوپ ڪمل جي شاعريءَ ۾ رڳو لفظ بازي ناهي پر خوبصورت خيال ۽ فڪر آهي.
خوبصورت ٻولئَ سان گڏ وٽس لفظن جي سادگيءَ جي سُونهن به ڀرپور آهي. انهئَ ڪري سندس
شاعري پڙهندي ڪٿي به بار ۽ بيزاري محسوس نٿي ٿئي. هن جي پشم جهڙن ڪُنئرن ۽ نفيس
شعرن ۾ ننڍيون ننڍيون ۽ دلچسپ ڳالهيون، حقيقتون، ماجرائون ۽ منظر آهن. سندس شاعرئَ
۾ بيان ڪيل جيڪي خيال ۽ منظر آهن سي سمورا عام زندگئَ جي وهنوار جا آهن. گوپ ڪمل
ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏيون وڏيون ڳالهيون ۽ حقيقتون به تمام سادگئَ سان ڪري وڃي ٿو،
ڇاڪاڻ ته گوپ ڪمل زندگئَ جو شاعر آهي. زندگئَ جون سموريون ڪيفيتون ۽ احساس سندس
شاعرئَ ۾ ڀرپور انداز سان ملندا. سندس اها خوبي هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي متاثر ڪري
ٿي.
اڌ
راهه ۾ ڇڏيو جنهن، ڳوليان ڪٿي اهو شخص،
هڪ
ڀــي نشان پنهنجو، وارئَ تي هن ڇڏيو ناهي.
***
گوپ ڪمل جي شاعريءَ جون هونئن ته ڪيتريون ئي خوبيون آهن پر انهن ۾
ٻوليءَ جي استعمال جي خوبصورتي نمايان آهي. هڪ ته هُو نج سنڌي ٻولي استعمال ڪري
ٿو، ٻيو ته هن وٽ ٻولئَ جي سادگي آهي. وٽس ڪوبه اهڙو لفظ ئي نه ملندو جيڪو پڙهندڙ
کي ڳرو لڳي يا کاراڻ محسوس ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو وٽس روانگي به ڪمال جي آهي.
در
وٽ اکين کي گروي ۽ وڪڻي درين کي ڪن،
منهنجـــــــي
بـــــدن جا ڪيڏا نه ســــودا ڪري ويـــو.
توڙي جو گوپ ڪمل رومانوي شاعر آهي پر سندس شاعرئَ ۾ حالتن کان بي
خبري به ناهي. دهشتگردي ۽ انسان دشمني، خوف ۽ خطرا جيڪي دنيا جي هر سماج خاص ڪري
اسان جي ملڪن ۾ وڌيڪ آهن هي انهن حالتن کان با خبر آهي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن
ذڪر ڪري ٿو:
پنهــنجـــــي
پـــاڇـــي کان ڊڄـــي ڇــرڪ ڀــري،
روپ
بدلائي هتي خـــوف گھمـــن پيا شايــــد.
***
ٺڪ
ٺڪ تي در نه کول سڃاتل ڀلي لڳئي،
خطــرا
مٽائي چهــرا پيا ٿــــا هتــــي گھمـــــن.
***
بـــارود
آ ڀـــــريــل يا وري زهـــــر ڪنهن وڌو،
مجبــور
ٿي هُــــــو ساهه کڻــــي ڊپ لڳيس ٿو.
هونئن ته گوپ ڪمل جي سموري شاعري پڙهڻ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي آهي پر
آخر ۾ آئون سندس غزل مان هڪ شعر پڙهندڙن لاءِ هتي ڏيان ٿو:
عــــــــمــــــر
ڀـــــر شــــــــــاعــــريءَ جـــــــــلايــــــــــو آ،
اڄ
چتا تي بــــدن رکــــــــــــن ٿـــــــــــا لــــــــــوڪ.
No comments:
راءِ ڏيندا