; سنڌي شخصيتون: June 2015

28 June, 2015

سيد اڪبر - فقير علي ڏنو جروار

سيد اڪبر
”لفظ ڳالهائين ٿا“ جو خالق
فقير علي ڏنو جروار
۲۷ جون تي سيد اڪبر جي ۱۲هين ورسي آهي. هونئن ته سيد اڪبر جي سڃاڻپ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ استاد طبقي ۾ هڪ شاعر واري آهي. واقعي سيد اڪبر هڪ بهترين شاعر آهي ۽ سندن شاعري جو تسلسل سنڌ جي بهترين عوامي شاعرن ابراهيم ”منشي“، سرويچ ”سجاولي“، محمد خان ”مجيدي“، مريم ”مجيدي“، غلام حسين ”رنگريز“ ۽ نبي بخش ”همدرد“ سان جڙيل آهي.

27 June, 2015

ڊاڪٽر رٿ فائو

ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو
شهزادي بلوچ
تقريبن ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي تصديق ڪئي.

20 June, 2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتو - منظور ڪوھيار

انجيئر عبدالوهاب سهتو

ساهتيه پرڳڻي جي آخري نشاني
منظور ڪوھيار
ڪنڊياري مان جڏهن لاڙڪاڻي آيو، ته پهريان لاڙڪاڻي وارن به کيس قبول نه ڪيو. ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ ميمبرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيائين، ته کيس چيو ويو، ته سندن تحقيق مطابق ته هو ڪنڊياروي آ. ان ڪري کيس ميمبرشپ ڏئي، لاڙڪاڻي جي تاريخ خراب ناهي ڪرڻي.“
ڪنڊياري وارا به پنهنجو نه پيا ڪنس. چونس، ته نوڪري ٽوڪري ۽ گھر گھاٽ لاڙڪاڻي ۾ اٿئي، ان ڪري عزت ان ۾ ٿي ته لاڙڪاڻوي سڏاءِ. هي اچي ڦاٿو. پنهنجن ئي ڪتابن ۾ لکيل هڪ پهاڪي، ”ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو نه گھاٽ جو‘ جي مثل ٿي پيو.

17 June, 2015

اسرار شام - مٺل جسڪاڻي

اسرار شام
وڏي حوصلي وارو
مٺل جسڪاڻي
اتفاق، سي به عجيب ۽ غريب اتفاق، ڪي اهڙا به اتفاق ٿيندا آهن، جيڪي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙن اتفاقن مان هڪ اهو اتفاق ته اسرار شام ۽ آئون ٽنڊوڄام واسي آهيون، ان ڪري اسان جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو به تصور ڪيو ويندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو به هڪ اتفاق ئي آهي، ته اسرار به قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ آئون به اهڙي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. پر اهو به عجيب ۽ غريب اتفاق آهي ته ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، اسان ٻئي ويجها هوندي به، هڪ ٻئي کان گهڻا پري به رهياسين، جيڪو پڻ هڪ اتفاق آهي!

سرواڻ سنڌي - نقاش علواڻي

سرواڻ سنڌي
نئين ٽهي جو سرواڻ شاعر
نقاش علواڻي
ساحري، ماهري ۽ شاعري ٽئي هم قافيه لفظ آهن ۽ ٽنهي جو تعلق آرٽ سان آهي ۽ آرٽ وري اهو جيڪو گهڻ پاسائو جمالياتي اظهار جو اعليٰ نمونو هجي. منجهس فطري ڪشش ۽ حسناڪي به هجي.

15 June, 2015

عبدالواحد آريسر - ادل سولنگي

عبدالواحد آريسر
زندگي، آزادي ۽ محبت جو پرچارڪ
ادل سولنگي
سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، دانشور عبدالواحد آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ انڙ آباد لڳ ”هاسي سر“ ريلوي اسٽيشن تعلقي امرڪوٽ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو جادو آريسر هو جيڪو هارپو ڪندو هو. عبدالواحد آريسر امرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي ۾ پرائمري پنج درجا سنڌي ۾ پڙهيا. ان بعد مختلف مدرسن جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگوري تعلقي ڊگهڙي واري جو مدرسو هو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رهيو آهي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968 ۾ مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيو، آريسر صاحب کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران “ربيع الاول جا چار چنڊ” عنوان سان پهريون مضمون لکيائين، جيڪو هفتيوار همدرد ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماهوار بادل حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو هن مخدوم غلام حيدر صديقي طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد “تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو هو. آريسر صاحب ادبي، مذهبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني کان متاثر هئو. سندس پهريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل “جواهر آزاد” 1970ع اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماهوار پيغام رسالو جاري ڪيائين،جڏهن ته هن دوران حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رهيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون  تي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر صاحب مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد طرفان قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر بڻيو، 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙ جڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمين رهيو. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي وقت 25 اپريل کان پوءِ نئين سر جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع ۾ هڪ سال تائين آرگنائيزر ۽ 2 سال چيئرمين رهيو. 3 مئي 2015 لاڏاڻي تائين جيئي سنڌ قومي محاذ جو باني چيئرمين رهيو.

مير عبدالحسين سانگي - نور سنڌي

مير عبدالحسين سانگي
ڀٽ ڌڻي جو پارکو، محقق ۽ اديب
نور سنڌي
مير عبدالحسين خان سانگي جو شمار انهن ليکڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو جن دنيا جي عظيم شاعر، صوفي بزرگ ۽ ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري، لطيف سائين بابت روايتون حقايتون گڏ ڪيون. پاڻ لطيف سائين جو پارکو، عاشق ۽ عقيدتمند هو، پاڻ جيڪو لطيف سائين جي حوالي سان تحقيقي ڪم ڪيو، اهو ان دور ۾ ايترو آسان نه هو پر مير عبدالحسين سانگي لطيف سائين سان عقيدت ۽ عشق ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڀٽ ڌڻي بابت روايتون ۽ سندس زندگي جو احوال هٿ ڪرڻ لاءِ ڀٽائي پير ۽ لطيف فقراءَ سان ڪچهريون ڪيون ۽ ٻڌايل ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. سندس سهيڙيل مواد کي عبدالرسول قادري بلوچ جيڪو نوابشاهه ضلعي جي سڪرنڊ شهر ويجهو دڙو مگسي جو هو، ترجمو ڪيو، جيڪو ”لطائف لطيفي“ احوال ۽ آثار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان شايع ٿيو.

عبدالحڪيم ارشد - عبدالواحد سومرو

عبدالحڪيم ارشد
سنڌ جو انقلابي شاعر
عبدالواحد سومرو
سنڌ ۾ شاعري گهڻي ڀاڱي فارسي مزاج تي ڪيئي ويندي هئي. ان لاڙي کان هٽي هتان جي سرجڻهارن پنهنجي شاعري کي سنڌ جي ڪلاسڪ ۽ ترقي پسند ويچارن تي ڪرڻ شروع ڪيو. خاص ڪري پنهنجي قلم جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا کڻي ڌرتي جي خوشبوءِ سان پنهنجي خيالن کي رچيو.

شاهه محمد پيرزادو - مسرور پيرزادو

شاهه محمد پيرزادو
سُونهن جي سئو صورتن جو شاعر
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي! شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي. پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.

مختيار علي سانگي - ناصر مقصود گل

مختيار علي سانگي
سنڌي سنگيت جو سريلو آواز
ناصر مقصود گل
ننڍپڻ جي لاشعوريءَ واري ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون هڪ محبوب صفت انسان ڏٺو هو. مان اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ائين سوچيندو آهيان ته ڪٿي هڪ بي سمجھه ٻار ۽ ڪٿي سٺيڪي سالن جو هڪ امر ڪردار؟ پر تڏهن به ان اعلى انسان سان منهنجي اندر جي انسيت ٿي وئي، جيڪا اڄ سوڌو ڏينهون ڏينهن ماٺي ٿيڻ بجاءِ سرس ٿيندي آئي آهي.  جيتوڻيڪ مون کيس زندگيءَ ۾آمهون سامهون صرف ٻه ڀيرا ڏٺو هو، پر ان شخصيت سان منسوب انهن ٻن امر يادن منهنجي وجود تي ايترا ته گهرا ۽ هاڪاري اثر ڇڏيا، جو مان اڄ تائين انهن يادن کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي دوربين جي چٽائيءَ سان پسي، اهڙين املهه گھڙين کي زندگيءَ جو اهم اثاثو ڀائيندو آيو آهيان. انهن ٻنهي ملاقاتن مان هڪ ڀيرو ته مون ان امر انسان ۽ امر ڪلاڪار کي، جنهن کي دنيا خانصاحب استاد گلزار علي خان جي نالي سان ياد ڪندي آهي، آمهون سامهون ٻڌو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس ان يادگار محفل جا اڻ مٽ عڪس منهنجي ذهن جي اسڪرين تي تازا توانا چٽيل آهن. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته جنوري 1987ع ۾ منهنجي والدِ محترم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر قاضي مقصودگل پاران ڪوٺايل رتيديري شهر ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ جي 68 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ادبي نشست بعد سياري جي ٽيپهريءَ واري وڳڙي ڌاري محفل موسيقيءَ واري نشست ۾ استاد گلزار علي خان، حامي صاحب جو ڪلام آلاپيو هو، ان ويل مان ڪمسن هجڻ باوجود سندس ٻڌندڙن جي پهرين صف ۾ ويهي استاد گلزار علي خان جي آواز ۽ انداز کي مڪمل توجهه ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو رهيس ۽ ٻيو ڀيرو ساڻس ان وقت ملڻ ٿيو، جڏهن رتيديري شهر ۾ اونهاري جي هڪ جھڙالي شام جو پنهنجي پياري شاگرد غلام شبير سمي کي ڪنهن محفل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اڇي رنگ جي ڪار تي پنڌ پڇائيندو، اسان جي اوطاق تائين اچي رسيو هو.

09 June, 2015

سرفراز وسطڙو - وفا رضا

سرفراز وسطڙو
يارن جو يار
وفا رضا
ڪالهه آفيس مان جيئن ئي گهر پهتس ته دوست نواب حميد آرائين جو موبائيل تي نياپو آيو ته سرفراز وسطڙو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي جوڀن جا 22 ورهيه صحافت کي ارپيندڙ اسان جو هي دلبر دوست به  اسان کان وڇڙي ويو.
اڃا تنهن ڏينهن ئي ته آفيس جي نمبر تي فون ڪري حال احوال ڏنو هيائين. هن دلبر دوست سان منهنجي نيازمندي ورهين کان وٺي هئي، جڏهن اسان صحافت جي دنيا ۾ اڃا نه آيا هئاسين، تڏهن به اسان جو هڪ ٻئي سان نينهن جو ناتو هو. شاگرد سياست واري جهان  ۾به اسان گڏ گهاريو، سرفراز به سن جو پانڌيئڙو هو.

07 June, 2015

مرتضى ڪلهوڙو - منظور ڪوهيار

مرتضى ڪلهوڙو
منظور ڪوهيار
مون کي هڪ دفعو فون آئي، ”سائين، مان منظور ڪوهيار سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان“
مون وراڻيو، ”اهو ته مري ويو“
هن چيو، ”سائين، اهو ڪيئن؟“
”ائين جيئن ماڻهو مرندا آهن.“
”اوهان ڪير ٿا ڳالهايو؟“ هن پڇيو.
”منظور ڪوهيار!“ وراڻيم.
”ته پوءِ مان ڪيئن يقين ڪيان ته اوهان مئل آهيو؟“

06 June, 2015

آغا شهاب الدين - فوزيا آغا

آغا شهاب الدين
سنڌ جو نبض شناس
فوزيا آغا
آغا شهاب الدين سنڌ جو اهو سُڄڻ آهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار بي لوث خدمت ڪئي، سنڌ ۽ سنڌ جي عوام ۾ ترقي، سجاڳي، حقن جي حاصلات ۽ بااختيار زندگي گذارڻ جي طور طريقن سان گڏ سنڌ جي تاريخ، جيڪا هن پنهنجي اکين سان ڏٺي، ڪنن سان ٻڌي يا اهو جيڪو سندس اڳيان وهيو واپريو آهي، انهن حقيقتن کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو آهي جو هڪ پڙهندڙ سندس لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. ۽ سندس مضمون جون ٻه چار سٽون پڙهي ته اهو نه چاهيندي به آغا صاحب جو اهو ليک پڙهي پورو ڪري ٿو. هر لکڻي سچ، ۽ سٽ سٽ ڏاهپ، دانش ۽ عقلمندي جو ڀنڊار محسوس ٿئي ٿي. آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ اهڙيون حقيقتون بيان ڪيون آهن جيڪي عوام جي اکين کان اوجهل رهيون آهن. سنڌ ۾ وڏا وڏا ڪم ٿي رهيا آهن پر اڄ تائين نه سنڌ جي تاريخ تي باقائدي سان ڪم ٿي سگهيو آهي نه ٻولي تي ڪي ڪم ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري سنڌ جي تاريخ تي سائنس پٽاندر ڪا تحقيق ٿي سگهي آهي، نه وري سنڌ بابت ڪو اهڙو مواد آيو آهي، جنهن کي اسين عالمي سطح تي پيش ڪري سنڌ جو حق ادا ڪري سگهون. پر جهڙي طرح جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ ٻين اديبن ساروڻيون لکيون آهن، آغا شهاب الدين به ڄڻ انهن جي تقليد ڪئي آهي.

01 June, 2015

خان محمد پنهور - عظيم سنڌي

خان محمد پنهور
نه وسرڻ جهڙو شخص
عظيم سنڌي
خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏنن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو.

سيد شير شاهه - ناصر مقصود گل

سيد شير شاهه
سچل سائينءَ جي درگاهه جو دلفريب آواز
ناصر مقصود گل
سنڌ ڌرتيءَ جي خمير ۾ تصوف جو عجب رنگ، ازل کان رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي آغوش ۾ پلجندڙ تصوف نه صرف ماڻهن جي ذات کي ’خود شناسي‘ ۽ ’خدا شناسي‘ ڏني آهي، پر انساني وجود کي هڪ اهڙي نقطي تي اچي بيهاريو آهي، جيڪو سڃاڻپ جو محرڪ بڻيو آهي. پوءِ اها سڃاڻپ پنهنجي ذات جي هجي، پنهنجي مجازي محبوبَ جي هجي يا معبودِ حقيقيءَ جي هجي، سرير لاءِ سڪون ۽ ڇوٽڪارو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ ڌرتي امن جو آستانو رهندي آئي آهي. دنيا ڀلي ڪيترو ئي بارودي بوءِ سان وڪوڙجي ڇو نه وڃي، پر لاکيڻي لطيف جي دعا سان سنڌ مان سدائين اَمن جي سرهاڻ ايندي رهي آهي.