ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو
شهزادي بلوچ
تقريبن
ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ
فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل
اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ
کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي
تصديق ڪئي.