; سنڌي شخصيتون: فقير احمد لاهوتي ڪوري

02 July, 2026

فقير احمد لاهوتي ڪوري

فقير احمد لاهوتي ڪوري

هالا جو مرثياگو شاعر

عبدالحسين شاھ موسوي


فقير ميان احمد لاهوتي ولد محمد صديق ولد احمد ڪوري تاريخ ۵ فيبروري سال ۱۹۴۹ع جي ڄايو. (۱)

تعليم

ميان احمد چار درجا پرائمري جا پرائمري اسڪول پراڻا هالا مان پڙهيو. کيس فارسي ۽ اردو تي به ڀلي دسترس هئي، تڏهن ئي ته پاڻ مير انيس ۽ مرزا دبير جهڙن برک شاعرن جي مرثين جا ترجما سولي ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪري ويندو هو. سائين امتياز حسين چيو ته سندس حافظو شاھ عبداللطيف جي بيتن سان ٽمٽار هوندو هو. ان مان پتو پوي ٿو ته ميان احمد کي رسالي سان به انس هو. سندس معلومات جو ٻيو ذريعو سندس مرشد سيد 'نورالمولي' هو. ٽيو وڏو ذريعو حسيني منبر سان ويجهڙائپ ۽ مجلسِ حسين عليه السلام هئي. سائين امتياز حسين ٻڌايو ته ساڻس اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. کيس تاريخ جي به سُٺي ڄاڻ هوندي هئي. پسگردائي ۾ جيڪي مجلسون ٿينديون هيون انهن ۾ گڏجي ويندا هئاسين. جناب عبدالحڪيم بوترابي ڀٽ شاھ وغيره ۾ تقرير ڪندو هو. لنجواڻين جي ڳوٺ ۾ منعقد ٿيندڙ مجلسن ۾ اڪثر گڏجي ويندا هئاسين.



معاش جو ذريعو

فقير ميان احمد لاهوتي صفا غريب گهراڻي جو غريب پورهيت هو. مانائتي جاويد احمد شيخ ٻڌايو ته زندگيءَ جي اوئل ۾ باغن جا ٺيڪا کڻندو هو. پر ڪنهن سبب ان ۾ وڌي نه سگهيو؛ جڏهن ته مانواري علي ڏني ولد فقير احمد ٻڌايو ته منڍ ۾ ڪورڪو ڪم ڪندو هو. ° بهرحال غربت سبب ٻيڙين ٻاڌو بڻيو. ميان عارب ميمڻ نجي بئنڪ ۾ ملازم هو. ان جي هالا پراڻي ۾ ماڙي هئي. ميان احمد چند ٻين ٻيڙي ٻاڌن سوڌو ان ماڙي تي ٻيڙيون ٻڌندو هو. ان کان علاوه پاڻ ميلن ۾ وڃي هار به کپائيندو هو. ♧♧

مريدي ۽ شاگردي

فقير ميان احمد لاهوتي، الله واري ۽ ماتمدار شاعر - سيد نور محمد شاھ 'نورالمولي' (۱۹۳۳ع - ۱۹۹۹ع) جو مريد ۽ شاگرد هو. سندس ڳالهائڻ جي انداز، ۽ ساڻس ڪچهريءَ ۾ سائين نور محمد شاھ جا عڪس گهڻا نظر ايندا هئا. لڳ ڀڳ هر سال پنهنجي مرشد سان گڏجي لاهوت لامڪان ويندو هو.

مرثيا گوئي

سائين امتياز حسين چيو ته چاچا احمد سال ۸۱ -۱۹۸۰ع ڌاري مرثيو لکيو پر ماتمدارن ان مرثئي تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن ڪونه پڙهيو.

مرحوم غلام اڪبر ميمڻ، سيد فيض محمد جي امام بارگاھ جو اڳواڻ (صاحبِ بياض) مرثيا خوان هو. جاويد احمد جو ساڻس سُٺو واسطو هو. ان جاويد احمد کي فقير ميان احمد سان متعارف ڪرايو. پوءِ هوريان هوريان جاويد احمد وٽس اچڻ ڪيو ۽ ساڻس واسطو وڌيو ۽ لاڳاپو پختو ٿيو. جاويد شيخ کيس اتساھ ڏنو ۽ کيس مرثين جي ترجمن تي آماده ڪيائين ۽ کانئس اردو شاعرن جا ڪافي مرثيا ترجمو ڪرايائين. چاچا احمد حياتيءَ جا پڇاڙڪا ڏھ ورھيه سال ۱۹۹۸ع کان وٺي سال ۲۰۰۸ع تائين واري دور ۾ تمام گهڻا مرثيا لکيا. جن ۾ طبع زاد ۽ ترجما ٻئي شامل آهن. ڇو ته کيس پذيرائي ملي ۽ مرثيا خوانن سندس مرثيا پڙهڻ شروع ڪيا.

مرثيا گوئي ۾ شُهرو

مانائتن امتياز حسين ۽ علي بخش شاھ ٻڌايو ته فقير ميان احمد لاهوتيءَ کي هالا جي مرثيا خوانن ۽ ماتمدارن وٽ متعارف ڪرائڻ وارو پهريان جاويد احمد شيخ هو. بعد ۾ سندس والد سائين فتح محمد شيخ فقير احمد لاهوتيءَ کي پذيرائي ڏيارائي.

سائين فتح محمد هالا پراڻا ۾ تقرير ڪئي ته هتي احمد تمام ڀلو شاعر آهي. گهڻو ڪري سال ۲۰۰۰ع جو محرم هو؛ جو سائين فتح محمد مجلسن ۾ ميان احمد جا مرثيا پڙهيا.

• ستين محرم تي زوار خادم حسين ساٽي صبوح پوٽي جي گهر مجلس ٿي اتي به شيخ صاحب، ميان احمد جو جنابِ قاسم عليه السلام تي جوڙيل مرثيو پڙهيو.

• اٺين جي رات جلوس نڪرندو آهي ان ۾ ميان احمد جو لکيل شهزادي علي اڪبر عليه السلام جو مرثيو پڙهيائين.

• تاسوعي ۽ عاشوري جي رات به احمد جا مرثيا پڙهيائين.

• چاليهي تي جيڪي مرثيا پڙهيائين؛ انهن ۾ هڪڙو مرثيو احمد جو به پڙهيائين.

پوءِ ته مرثيا خوانن ميان احمد جا مرثيا گهرڻ شروع ڪيا. ان ڪري ميان احمد، سائين فتح محمد کي اڪثر چوندو هو ته مون وٽ ڀيرو ضرور ڪيو. پوءِ هڪڙي سال ۲۰۰۵ع هو يا ۲۰۰۷ع اسان ميان احمد وٽ جلوس پڙهڻ وياسي.

سيد علي بخش ٻڌايو ته ميان احمد مرثيا لکي ايندو هو ۽ مون وٽ ڪاپيون ڇڏي ويندو هو ۽ آءُ سندس مرثيا ڪمپوز ڪندو هئس. اهو سلسلو سال ۲۰۰۰ع کان شروع ٿيو.

شاعراڻي ڏات

خدا کيس اهڙي ته ڏات عطا ڪئي هئي جو منجهس هڪ ئي وقت مختلف رثائي صنفن ۾ ڪلام چوڻ جي اعليٰ صلاحيت موجود هئي. جيتوڻيڪ هر صنف جون پنهنجون تقاضائون، لب و لهجو ۽ اسلوب هوندا آهن، پر ان هوندي به سندس ذهن مونجهاري کان پاڪ رهندو هو ۽ هو هر صنف سان ڀرپور نڀاءُ ڪندو هو. ماتمدار وٽس اچي جدا جدا فرمائشون ڪندا هئا. ڪنهن سلام جي گذارش ڪئي، ڪنهن نوحو لکي ڏيڻ لاءِ چيو ته ڪنهن مرثئي جي تقاضا ڪئي. ان مقصد لاءِ وٽس الڳ الڳ ڪاپيون پيل هونديون هيون. هو ويٺي ويٺي طبع زاد مرثئي جا ڪجھ بند لکي وٺندو هو، ساڳئي وقت ڪنهن ٻئي جي فرمائش تي ڪنهن ٻئي مرثئي جو ترجمو به ڪندو ويندو هو. وري اتي ئي نوحي جون ڪجھ مصرعون لکي وٺندو هو ۽ گڏوگڏ سلام به تيار ڪندو رهندو هو. هڪ ئي ويهڪ ۾ اهي سڀ ڪم مڪمل ڪري وٺندو هو.

جيڪڏهن ڪو کيس ڪو موضوع يا خيال ٻڌائيندو هو ته هو اوڏيءَ مهل ان مناسبت سان شاعريءَ جي لاڳاپيل صنف ۾ ڪلام لکي وٺندو هو. سيد قائم شاھ ولد سيد 'نورالمولي' وارو مرثيو به اصل ۾ ميان احمد جو لکيل آهي.

شاعرن جي مرثين تي اصلاح ڏيڻ

مانائتي امتياز حسين 'امتياز' ٻڌايو ته سال ۲۰۰۰ع ڌاري چاچا احمد جي صحبت ۾ مون کي به مرثيو لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان زماني ۾ مون هڪ مرثيو لکيو ۽ چاچا احمد کي ڏيکاريو. هن ان ۾ هڪ هنڌ حرفِ جر (Preposition) جي استعمال ۾ غلطي ڏٺي، جيڪا مون کان درست ڪرايائين. ان ئي عرصي دوران هن جاويد احمد شيخ کي به ڪيترائي مرثيا لکي ڏنا هئا. £

صديقه سانئڻ جي مجلس جي بناءَ

ميان احمد سال ۱۹۸۷ع کان پنهنجي گهر هالا پراڻا ۾ سانئڻ صديقه زھرا سلام الله علیها جي مجلس ڪرائڻ شروع ڪئي.

عشق، ايثار ۽ خلوص

ميان احمد خلوص جي کاڻ هو. مرثيا خوانن، نوحي خوانن، ماتمدارن جي خدمت ڪرڻ ۾ حد ڪري ڇڏيندو هو. هالا مان جيڪي وٽس مرثيو وغيره پڙهڻ ايندا هئا، انهن کي نذر نياز کان علاوه ڪرايو به ڏيندو هو. ••

▪︎ سيد علي بخش شاھ جي ميان احمد سان شناسائي سال ۲۰۰۰ع ۾ ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس شادي حيدرآباد ۾ ۵ اپريل ۲۰۰۸ع ۾ ٿي. شاديءَ واري ڏينهن ڪو روڊ بلاڪ هو؛ مرحوم وڏو پنڌ ڪري حيدرآباد شاديءَ ۾ اچي پهتو.

مرثيا خواني

ڪورين جو مرثيا خوانيءَ ۾ الڳ ٽولو هوندو هو. انهن جو انداز ئي پنهنجو هو. ميان احمد پاڻ به مرثيا پڙهندو هو. ڪنهن زماني ۾ سيد نور محمد شاھ 'نورالمولي' سان گڏ پڙهندا هئا.

پڙ، جتي سندس مرثيا پڙهيا وڃن ٿا

• مخدوم غلام محي الدين جي پڙ تي منڍ ۾ جاويد احمد شيخ سندس مرثيا پڙهندو هو.

• "ساٽين وارو پڙ" جنهن کي "سيد الشهداء امام بارگاھ" جو نالو ڏنو ويو آهي، ۾ سندس مرثيا پڙهجن ٿا. اتي ميان احمد جو سانئڻ صغرا سلام الله عليها وارو مرثيو ۽ سانئڻ زينب سلام اللّٰه عليھا جي شهادت جو مرثيو گهڻو پڙهيو ويندو آهي.

• "چوڙي گرن جو پڙ" جنهن کي "چهارده معصومين امام بارگاھ" جو نالو ڏنو ويو آهي، اتي به ميان احمد جا مرثيا پڙهجن ٿا.

• سيد فيض محمد شاھ جي امام بارگاھ تي به کيس پڙهيو وڃي ٿو. ¥

سلامن جون طرزون

مانائتي سائين امتياز حسين ٻڌايو ته خود چاچا احمد پاڻ پنهنجي سلامن جون طرزون ٺاهيندو هو.

ان کان علاوه راوي، زوار علي نواز عمراڻي نوحا خوان سان گڏجي حيدرآباد ويندا هئا ۽ امانت گل کان به ميان احمد جي سلامن جون طرزون ٺهرائيندا هئا. A

راڳداري

سائين امتياز حسين ٻڌايو ته چاچا احمد کي راڳداريءَ ۾ به سُٺي دسترس حاصل هئي.

وفات

ميان احمد ١٨ رمضان المبلرڪ ١٤٢٩ھ موافق ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع جي رضا ڪئي. منهنجي گذارش تي سائين ميرزا مرحوم فتح علي بيگ 'شاهد' ميان احمد جي وفات جو عيسوي سال قطعه تاريخ ۾ هن ريت تخريج ڪيو هو:

 بعد رحلت جي چيو ميت تي هيئن اهل عزا

 شاعر آلِ محمد جي ته ڏسجو شان کي

 خلد ۾ ڪيو گهر عطا رب پاڪ 'شاهد'، چو سروش

 "مير مجلس مرثيه گو ميمڻ احمد خان" کي

 ---------------------------------------------------

 ۲۰۰۸ع

سندس جنازي نماز ڪورين واري امام بارگاھ ۾ ٿي. ميت کي انگاس جي هيٺيان رکيو هئائون، جڏهن آخري ديدار ڪرايائون، ان مهل بجلي بند هئي، چانڊوڪي رات هئي پر خود مرحوم جو چهرو به چنڊ وانگر چمڪي ۽ ٻهڪي رهيو هو. سندس منهن ۾ ايڏي رونق هئي جو ڇا ڳالھ ڪجي؛ ڄڻ ڪا نوراني شخصيت سُتي پئي آهي. رمضان المبارڪ جي اُڻويهين جي رات نبيءَ جي گھراڻي ۽ اهلبيت جي حبدارن واسطي قيامت خيز رات آهي. اها رات ضربت واري رات آهي. انهيءَ رات هن شاعرِ حسين عليه السلام کي دفن ٿيڻ نصيب ٿيو.

مدفن

"کُڏي کٿوري" نالي سان هالا پراڻا جو آڳاٽو، مشهور ۽ وڏو قبرستان آهي. ڀٽي خانوادي جا بزرگ اتي رکيل آهن. فقير ميان احمد لاهوتي به انهيءَ قبرستان ۾ مدفن آهي. °°

اولاد

فقير ميان احمد لاهوتيءَ کي هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ عليءَ ڏنو آهي.

فقير ميان احمد لاهوتي زود نويس ۽ بسيار گو شاعر هو. هن سٺ (۶۰) کان مرثيا لکيا آهن. سلام، نوحا ۽ منقبتون ان کان علاوه اٿس. مانائتي امتياز حسين 'امتياز' سندس هڪ سلام موڪلي ڏنو جيڪو هتي پيش ڪريون ٿا:

 سلام

 اي فلڪ تو مصطفي جا ماھ ڪيئن ڪسندا ڏٺا،

 ڪربلا ۾ فاطمه جا لال تو لڇندا ڏٺا.

 گهوٽ سر سهرا ٻڌائي رڻ سڃيون سرڄون ڪري،

 سر ڪٿي، سهرا ڪٿي، ڌڙ خاڪ ۾ رلندا ڏٺا.

 هئي طفل پياسا ئي پاڻيءَ بوند خاطر ترسيا،

 تير طفلن جي ڳلي ۾ هاءِ تو لڳندا ڏٺا.

 هئي لڳي جنهن دم سنان هُئي شاھ جي دلدار کي،

 تو صبر ۽ شڪر سان ڪيئن شاھ جا سجدا ڏٺا.

 ويو خضر پياسي سڪينه جو جڏهن پاڻي ڀرڻ

 خاڪ تي بازو وڍيل تو ڪيئن سندس ڪرندا ڏٺا.

 چادرون لُٽجي ويون شامِ غريبان ٿي ويئي،

 پرديدارن جا تو خيما رڻ ۾ ڪيئن جلندا ڏٺا.

 هاءِ ڇا بازار ۽ ڇا فاطمه زهرا پليون،

 لڙڪ 'احمد' جي اکين مان هاءِ تو وهندا ڏٺا.

-------------------------------------

حوالا

۱- سنائي، محمد حبيب: "هالا جا عالم، اديب ۽ شاعر"، ص ۱۱۳

وائيس آف سنڌي اي بڪ پبلشر، جولاءِ ۲۰۰۸ع

سائين امتياز حسين جو آواز سنيهو، بتاريخ ۱۵ مئي ۲۰۲۶ع.

° تاريخ ۱۶ جون ۲۰۲۶ع جي سائين امتياز حسين، فقير ميان احمد لاهوتيءَ جي پٽ عليءَ ڏني سان برقي رابطو ڪرايو. ان پنهنجي پڙڏاڏي جو نالو ۽ والد جي ابتدائي ڪرت بابت ٻڌايو.

آواز سنيها: امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع / جاويد احمد شيخ ۹ جون ۲۰۲۶ع

مانائتي سيد علي بخش بخاري جو آواز سنيهو، بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع

£ سائين امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع.

A

سائين امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع.

مانائتي جاويد احمد شيخ برقي رابطي ذريعي ۹ جون ۲۰۲۶ع تي ڄاڻ ونڊي.

♧♧ مانائتي سيد علي بخش بخاري جو آواز سنيهو، بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع

سائين امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع.

•• مانائتي سيد علي بخش شاھ بخاري جو آواز سنيهو، بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع

¥ سائين امتياز حسين، آواز سنيهو، بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع

مانائتي سيد علي بخش شاھ بخاري جو آواز سنيهو، بتاريخ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع

سائين امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع.

°° سائين امتياز حسين 'امتياز' جو آواز سنيهو بتاريخ ۱۳ جون ۲۰۲۶ع.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱ جولاءِ ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا