; سنڌي شخصيتون: مولوي محمد ابراهيم

01 July, 2026

مولوي محمد ابراهيم

مولوي محمد ابراهيم

شاھ جو رسالو مرتب ڪندڙ

عبدالحسين شاھ موسوي



مولوي محمد عمر ۽ مولوي محمد اسماعيل ٻه ڀائر ۽ ذات جا ڏيٿا هئا.

هيءُ علمي گهراڻو منڍ کان ڪري "ڳوٺ ميان موٽڻ" جو رهواسي آهي. البت زير قلم شخصيت - مولوي محمد ابراهيم جڏهن شاھ جو رسالو مرتب ڪيو ته ان جي سرورق تي پنهنجي نالي سان رهائش جو هنڌ "بختيارپور" لکيائين. مون جڏھن بختيارپور جي مشاهيرن متعلق پڇائون ڪيون تڏهن مانائتي امام علي ڏيٿي ٻڌايو ته مولوي محمد ابراهيم بختيارپور جو نه بلڪ ابي ڏاڏي ڳوٺ ميان موٽڻ جو رهاڪو هو. مون سوال ڪيو ته پوءِ هن پاڻ کي بختيارپور واسي ڇو لکيو؟ ان تي وراڻيائين هڪ ته ڳوٺ ميان موٽڻ بنھ ننڍڙو ۽ غير معروف آهي ۽ ٻيو بختيارپور جي لڳ آهي ان ڪري مولوي محمد ابراهيم پاڻ کي بختيارپور جو ڪري لکيو. هي پاڻ، سندس والد، چاچو، ڀاءُ ۽ گهراڻي جي ٻيا سڀئي افراد به ميان موٽڻ ۾ ئي مدفن آهن.


پيرسن ميان پير بخش ٻڌايو ته مولوي محمد عمر ڏاڍو ڏنگو ۽ ڦڏئي هو. پاڻ عمر ڪوٽ طرف به گهڻو رهيو. کيس ٻه پٽ هرهڪ مولوي محمد ابراهيم ۽ مولوي محمد اڪرم (المتوفي: ۱۹۵۸ع) ٿيا.

مولوي محمد ابراهيم سال ۱۸۹۷ع جي ڄايو. جناب خير محمد ٻرڙي پنهنجي ڪتاب: "سيوهڻ صدين کان" ۾ لکيو آهي: "مولوي محمد ابراهيم ديني تعليم سيد الحاج امير محمد شاھ حسيني كان اميناڻي لڳ خدا آباد مان ورتي هئي. مولوي عزيز الله ٻٻر (دادو) مولوي حاجي محمد عابد ٻگھیو (ڀان) ۽ مولوي محمد صدیق گلال (جوهي) سندس دور جا (يعني مولوي محمد ابراهيم جا) ساڳي مدرسي جا همعصر مدرس هئا."

مانواري امام علي پنهنجي وڏن کان روايت ڪئي ته برطانوي دور هو؛ مولوي محمد ابراهيم کي سرڪاري نوڪري ملي ۽ پاڻ سکر جيل جي قيدين کي پڙهائڻ تي مقرر ٿيو."

مولوي محمد ابراهيم کي علمِ رمل ۾ به وڏو درڪ حاصل هو.

ميان پير بخش پيرزادي مولوي صاحب جو اچرج ۾ وجهندڙ واقعو هن ريت بيان ڪيو: مولوي محمد ابراهيم سکر پاسي جي پنهنجي هڪ سنگتي سان ڪچهري ويٺي ڪئي. ان دوران مولوي موصوف پنهنجي سنگتيءَ کان پڇيو: خبر اٿئي هيءَ ڪرڙي ايڏي دير کان هتي ڇو ويٺي آ؟

همراه وراڻيو: نه خبر ناهيم. تنهن تي مولوي چيو هِيءَ ويٺي آهي پنهنجي نر جي لاءِ. اهو جيستائين نه ايندو، تيستائين ويٺي هوندي ۽ هن جو نر لاهور کان ايندو.

همراه حيرت مان چيو لاهور کان ايندو!! چيائين ها...

اڃا ائين ڳالهيون ٿي هليون ته الله جي قدرت جو ائين ڪندي اتان گهٽيءَ مان ڪپڙي وارو اچي لنگهيو. ڪپڙو ڪپڙو ڪپڙو جا واڪا ڪندو ٿي ويو. هنن سڏ ڪيس ته ابا هيڏانهن آ. آيو. ميان ابراهيم چيس ڳنڍ کول. ڳنڍ جو کوليائين ته ان مان ٻي ڪِرڙي ٽپ ڏئي نڪتي. ڀڳي سڌي وڃي هن سان گڏ ويٺي. مولوي صاحب سنگتيءَ کي چيو هاڻي ڏٺئي؟ هوءَ هڪڙي ويٺي هئي هينئر هي ٻيو به ڏانهنس ويو. هوءَ مادي هئي، هي نر آهي.

 پوءِ ڪپڙي واري کان پڇائين ته ابا ڪٿان پيو اچين؟ هن چيو مان رات گاڏيءَ ۾ لاهور کان چڙهيو هوس.

مولوي محمد ابراهيم جو پيءُ - مولوي محمد عمر راويءَ جي ڏاڏي - ميان نظر محمد پيرزادي جو مامو هو.

هيءَ مکڙي اڃا پوريءَ ريت ٽڙي ئي ڪونه هئي جو پاڻ ڦوھ جوانيءَ ۾ چوٽيهن ورھين جي ڄمار ماڻي سال ۱۹۳۱ع جي دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.

ميان پير بخش پيرزادي (جنم اٽڪل ۱۹۴۹ع ) هيٺين ڳالھ مانائتي امام علي ڏيٿي سان ڪئي ۽ اهائي روايت کيس پنهنجي گهران به معلوم ٿي. ان وري هنن سٽن جي لکندڙ کي ٻڌايو: "مولوي محمد ابراهيم کي دست شناسي (هٿ جي لڪيرن مان قسمت ٻڌائڻ جو علم) تي وڏي دسترس حاصل هئي. جڏهن پاڻ شادي ڪري آيو ته هن پنهنجي گهرواريءَ جو هٿ ڏٺو ۽ ان مهل روئڻ لڳو. گهرواريءَ پڇيس ته ڇا ٿيو؟ اڄ شاديءَ واري ڏينهن تون روئين پيو؟

وراڻيائينس ته مان ان ڪري ٿو روئان جو تنهنجي هٿ ۾ ٻي شادي لکيل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته مان جلد فوت ٿي ويندس ۽ تون ٻي شادي ڪندينءَ. ۽ ٿيو به ائين جو مولوي محمد ابراهيم ڪجھ سالن جي اندر گذاري ويو. کيس اولاد به ڪونه ٿيو هو. پوءِ ان جي گهرواري وري راويءَ جي ڏاڏي ميان نظر محمد پيرزادي سان ٻي شادي ڪئي. مولوي محمد ابراهيم جي وفات بعد سندس پيءُ - مولوي محمد عمر کي ٻيو پٽ ڄائو ته ان جو نالو محمد ابراهيم رکيائين. ميان محمد ابراهيم ثاني نوي (۹۰) ورهين جي ڄمار کي پهچي سال ۲۰۲۴ع جي گذاري ويو. پڇاڙيءَ تائين سندس حافظو ڪمال جو هو ۽ خود هڪ وڏي تاريخ هو."

ميان محمد ابراهيم کي حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي سان انس هيس. ڪچهرين ۾ اڪثر ڪري موقعي مناسبت سان ٺهڪندڙ ڀٽائيءَ جا بيت ماٹھن کي ٻڌائي مسرور ڪندو هو. حضرت شاھ سان سندس الفت ئي سبب بڻي جو هن شاھ سائين جو رسالو مرتب ڪيو. رسالي جي منڍ ۾ سيد عبداللطيف جي سوانح لکي اٿئين. مصنف جو حضرت عبداللطيف سان اٿاھ انس ۽ بي پناھ عقيدت هن جي ڌريل عنوان مان ئي پڌري آهي:

"سنڌ جي سردار حضرت شاھ سيد عبداللطيف ڀٽائي جي مختصر حالات زندگي."

مصنف اڪثر شاھ سائين کي "سنڌ جو سردار" لکي ٿو. پاڻ سوانح لکندي سن سال هجريءَ سان گڏ عيسويءَ ۾ به ڏنا آهن. جيڪا ڳالھ ان زماني جي حوالي سان ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. مصنف شاھ حبيب جي وفات جو عربي تاريخي مادو پڻ ڏنو آهي. مصنف شاھ سائين جي سوانح ويهن (۲۰) صفحن تي لکي آهي. جلد پهريون سر ڪلياڻ ۲۱ صفحي کان شروع ٿئي ٿو ۽ آخري سر حسيني آهي جيڪو صفحي ۴۵۶ تي پورو ٿئي ٿو، جڏهن ته جلد ٻئي جي ابتدا سر سورٺ سان ۽ صفحو ۴۵۷ آهي. صفحي ۹۳۴ تي اختتام پذير ٿئي ٿو. هيءُ رسالو ڇٽيهن (۳۶) سر تي ٻڌل آهي. مرتب اڪثر صفحن تي لفظن جي معني حاشيي ۾ ڏني آهي. هن رسالي جي ڪتابت ميان عبدالله سومري ڪئي آهي. مذڪور رسالو سکر جي هيمنداس ڪتب فروش ٻن جلدن ۾ ۱۹۳۱ع جي ڇپرائي پڌرو ڪرايو.

لڳي ٿو ته سندس سکر ۾ نوڪريءَ واري عرصي دوران ئي هن جي سکر جي ڪتب فروش هيمنداس سان شناسائي ۽ سنگت ٿي ۽ هن شري هيمنداس کي شاھ جو رسالو ترتيب ڏئي ڪتابت ۽ ڇپائي لاءِ حوالي ڪيو، پر افسوس جو زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ کيس رسالو ڇپيل صورت ۾ ڏسڻ نصيب نه ٿيو.

اسان جي جوان سال سنگتي جيون ڪمار جي مشاهدي ۽ معلومات مطابق مولوي محمد ابراهيم جو رسالو لاڙ واري ڀاڱي ۾ گهڻو مقبول رهيو. ٺٽي، بدين  گولاڙچي، ميرپور ساڪرو ۽ ٻين علائقن ۾ رسالي سان انس رکندڙ اڪيچار شيدائين وٽ مذڪور رسالو مطالعي ۾ رهندو پئي آيو آهي. ان جو بنيادي سبب اهو ٻڌايو ويو ته ان دور ۾ شاھ جي رسالي جا محدود قلمي نسخا هئا، بمبئي وارا ڇاپا به ايترا عام ڪونه هئا ۽ هي رسالو هڪ ته سنڌ (سکر) ۾ ڇپيو ان ڪري هٿ ڪرڻ ۾ نسبتا آسان هو. ان کان علاوه اڳئين دور جي خطي رسالن جي طرز ۽ ڊول تي ڪتابت ڪيل هو. اکر وڏا هئا ۽ هر صفحي تي ڪن ضروري لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون ويون هيون.

ميرپور ساڪري ۾ لطيف سائين جو پارکو اميد علي ڪلمتي به ان رسالي کي ساراهيندو ۽ پنهنجي مطالعي ۾ رکندو آهي.

ڊاڪٽر سائين محمد ادريس صاحب مولوي محمد ابراهيم واري شاھ جي رسالي جي ٻنهي جلدن جا ڳچ صفحا واٽس ايپ تي موڪلي ڏنا ۽ سيد امداد حسين شاھ رسالي جي سرورق کي رنگين بڻائي ڏنو. الله سائين اهڙين عنايتن تي ٻنهي مهربانن کي صحت ۽ سلامتيءَ سان برڪت ڀري ڄمار عنايت فرمائي ۽ سندس علمي توفيقات ۾ اضافا فرمائي.

مانائتي امام علي ڏيٿي مذڪور گهراڻي جون تربتون هلي ڏيکاريون ۽ معلومات ميسر ڪئي سندس نهايت ٿورائتو. ڌڻي سائين کيس سدا سکيو ستابو ۽ خوش خرم رکي.

 

(عبدالحسين شاھ موسوي جي فيسبڪ پوسٽ ۱ جون ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا