ڊاڪٽر ڪپيل ديو
سنڌ جو نوجوان سائنسدان
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ابتدائي وقت کان قائم ڪيل اهم شعبن مان هڪَ، ڪيمسٽريءَ ۾ اعلى تحقيق
هميشه کان ٿيندي رهي آهي، جنھن جي نتيجي طور ان مکيه سائنسي شعبي ۾ ڪيترائي علم جا
ڪوڏيا ڊاڪٽريٽ جھڙي اعلى سند حاصل ڪري چڪا آهن، جنھن بعد سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾
تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هاڻ سنڌ جي ڪاليجن ۾ پڻ بِي ايس (BS) پروگرام جي چار ساله تدريس جي
شروعات ٿي چڪي آهي، ته ڪيمسٽريءَ ۾ پڻ شاگردن کي ۱۶-ساله تعليم جو موقعو ميسر ٿي سگهيو آهي، جنھن کي ان طرح وڌيڪ وڌائي سگهجي
ٿو، ته ڪاليجن ۾ نه صرف اعلى درجي جون ليباريٽريون قائم ڪجن، پر تحقيقي جرنل پڻ
جاري ڪجن، جن ۾ مقامي علائقن ۽ انهن ۾ موجود وَٿن بابت تحقيق پيش ٿئي. ان سان ايئن
ٿيندو ته دنيا جي مختلف يونيورسٽين سان لاڳاپيل ڪاليجن وانگر سنڌ جي ڪاليجن ۾ به
تدريس ۽ تحقيق ۾ واڌارو ۽ سڌارو ايندو.
ڪيمسٽريءَ
يعني علم ڪيميا ۾ هڪ اهم موضوع تي، سنڌ جي تاريخي خطي ٿر سان تعلق رکندڙ نوجوان
محقق، ڪپيل ديو برهمڻ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي. سندس تحقيق هڪ اهڙي اهم موضوع
تي ڪيل آهي، جنھن تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. اهو موضوع آهي: ٿر جي پاڻيءَ ۾ سنکيي
زهر جي شامل هئڻ ۽ انساني صحت تي ان جي هاڃيڪار اثرن جو. ڊاڪٽر ڪپيل ديو جي پي ايڇ
ڊي مقالي جو سڄو عنوان هن ريت آهي:
“Simultaneously Evaluation of Arsenic and Fluoride
Levels in Water of Thar Region and Their Removal by Different Materials:
Impacts on Human Health.”
(يعني: ٿَر
علائقي جي پاڻيءَ ۾، سنکيي ۽ فلورائيڊ جي سطحن جو گڏيل جائزو ۽ انهن جو مختلف مادن
ذريعي نيڪال: انساني صحت تي اثر.)
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو پنھنجيءَ تحقيق جي مکيه موضوعن ۾ سنکيي (آرسينڪ) زهر ۽ فلورائيڊ کي کنيو
آهي. کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هُو پھريون محقق آهي، جنھن ٿرپارڪر جي زير زمين
پاڻيءَ ۾ سنکيي جي موجودگيءَ تي تحقيق ڪئي، جنھن ۾ هُن تحقيق ۽ تجزيو ڪري ٿرپارڪر
جي کُوهن ۾ خاص ڪري سنکيي زهر جي موجود مقدار کي انگن اکرن سان پڌرو ڪيو.
پنھنجيءَ
پي ايڇ ڊي جي تحقيق ۾، ڊاڪٽر ڪپيل ديو جن موضوعن کي تحقيق ۽ بحث هيٺ آندو آهي، تن
۾: (۱) ٿر جي زمين اندر توڙي ان جي
سطح تي موجود پاڻيءَ، مٽيءَ، ڀاڄين ۽ اناج جي نمونن جو مطالعو، (۲) ميڙيل نمونن ۾ سنکيي ۽ فلورائيڊ جو جائزو، (۳) پاڻيءَ ۾ سنکيي ۽ فلورائيڊ جو گهٽ خرچائو ۽ ماحول دوست مادن ذريعي ساڳئي
وقت نيڪال جو طريقيڪار، وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو ولد رميش ڪمار عرف روي شنڪر برهمڻ، ۲۵ ڊسمبر ۱۹۸۴ع تي، ٿرپارڪر ضلعي جي مشھور
شھر مٺيءَ ۾ پيدا ٿيو. جيئن ته مٺيءَ ۾ سوَن جي تعداد ۾ برهمڻ رهن ٿا، ان ڪري سندس
ڪٽنب جي سڃاڻپ پنڊت طور پڻ مشھور آهي. هُن ابتدائي تعليم مٺيءَ مان پِرائڻ کان
پوءِ مئٽرڪ سائنس گروپ ۾ ۲۰۰۱ع ۾
گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان، ۽ انٽر پري ميڊيڪل ۾ ۲۰۰۴ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ (هاڻ صادق فقير جي نالي سان منسوب ڪاليج)
مان ڪرڻ کان پوءِ بِي ايس (BS) اينالاٽيڪل
(تجزياتي) ڪيمسٽريءَ ۾ ۲۰۰۸ع ۾
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. اُن بعد هُن اعلى تعليم ڏانھن وِک وڌائيندي،
پروفيسر ڊاڪٽر تسنيم گل قاضيءَ جي سپروائيزريءَ ۽ ڊاڪٽر حَسن عمران آفريدي جِي
ڪو-سپروائيزريءَ هيٺ، اينالاٽيڪل ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ۲۰۱۶ع ۾، نيشنل سينٽر فار ايڪسيلنس اِن اينالاٽيڪل ڪيمسٽري (NCEAC)، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان
مڪمل ڪئي. کيس جن استادن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو، تن ۾ ڊاڪٽر فرح ناز ٽالپر،
ڊاڪٽر امبر ريحانه سولنگي، ڊاڪٽر شھاب الدين ميمڻ، ڊاڪٽر نجمه ميمڻ، ڊاڪٽر آمنه
بلوچ، ڊاڪٽر سراج پٺاڻ، ڊاڪٽر سرفراز احمد مھيسر، ڊاڪٽر طفيل شيرازي، ڊاڪٽر هُما مدثر
آرائين شامل آهن. ڪپيل ديو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد پھرين جنوري
۲۰۱۵ع تي صادق فقير گورنمينٽ بوائز
ڊگري ڪاليج مٺي، ٿرپارڪر ۾، ڪيمسٽريءَ جي مضمون ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو، جتي هن وقت
تائين تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪاليج سطح جو ڪم جيئن ته اعلى تحقيق
کان هيٺين درجي جو آهي، ان ڪري سندس تحقيقي سرگرمي متاثر ٿي آهي.
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو جا پاڪستان سطح جي تحقيقي جرنلن ۾ ۲ مقالا ۽ بين الاقوامي سطح جي تحقيقي جرنلن ۾ ۴۷ مقالا، مختلف محققن سان گڏيل طور تي شايع ٿيل آهن يعني هُو تحقيقي طور ۴۹ ريسرچ پيپرن ۾ شامل رهيو آهي، جيڪا انتھائي اهم ڳالهه آهي ۽ تحقيق سان
سندس وابستگيءَ کي ظاهر ڪري ٿي. سائنسي تحقيق ۾ گهڻي ڀاڱي مختلف محقق گڏجي مقالا
لکندا آهن، جنھن سان انهن جي افاديت ۽ اهميت گهڻي وڌي ويندي آهي. ڊاڪٽر ڪپيل ديو
جا مقالا، جن ٻين محققن سان گڏجي لکيل آهن، تن ۾ هُن سميت هي محقق الڳ الڳ مقالن ۾
شامل آهن: شيام ڪمار واڌوا، فھيم شاهه، مصطفي تُزين (ترڪي)، صدف سعديه آرائين،
ڊاڪٽر جميل اي. بيگ مغل، يُو. نعيم، آءِ. نعيم، عبدالحليم پنھور، سلمه اسلم
آرائين، نعيم اللھ، جمشيد علي، مريم شھزادي آرائين، محمد بلال آرائين، محمد افضل ڪمبوھه،
عاطف گل قاضي، سميرا خان، ندا فاطمه ڪولاچي، طاهر رفيق، اي.آر. خان، ايس. بلوچ،
اي.ڊِي. پنھور، جي.آر. ميمڻ، جِي.زيڊ. ميمڻ، ايڇ.آر. شيخ، ۽ ٻيا.
هيٺ، ۴۹ مقالن منجهان ڪجهه مقالن جا عنوان لکجن ٿا:
1. Evaluation of high levels of
fluoride, arsenic species and other physiochemical parameters in underground
water of two sub districts of Tharparkar, Pakistan: A multivariate study.
2. Evaluation of fresh and
stored rainwater quality in fluoride and arsenic endemic area of Thar Desert,
Pakistan.
3. Exposure of children to
arsenic in drinking water in the Tharparkar region of Sindh, Pakistan.
4. The effect of arsenic
contaminated drinking water of livestock on its total levels in milk samples of
different cattle: Risk assessment for children.
5. Evaluation of calcium, magnesium,
potassium and sodium in biological samples of male human immunodeficiency virus
patients with tuberculosis and diarrhea compared to healthy control subject in
Pakistan.
6. Arsenic content in smokeless tobacco
products consumed by the population of Pakistan: Related health risk.
7. Comparative evaluation of essential and
toxic elements in the blood of kidney failure patients and healthy referents.
ڄاڻايل
توڙي ٻين ڇپيل مقالن جي جائزي منجهان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ سنکيي ۽ فلورائيڊ جي
مختلف اڀياسن کان سواءِ ڪوبالٽ، ڇيھي (لِيڊ)، ڪيڊميم، جِست، ڪيلشيم، ميگنيشيم،
پوٽيشيم، سوڊيم، ڪروميم، مئگنيز، ٽامي، لوھه، نِڪل، پاري، سيلينيم، ۽ مختلف زهريلن
عنصرن کي پڻ مطالعن هيٺ آندو ويو آهي.
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو سن ۲۰۱۱-۲۰۱۳ع دوران ڪجهه بين الاقوامي ۽ ملڪي ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾، فيصل آباد، پشاور،
نٿياگلي، ملتان، لاهور ۽ ڄامشوري ۾ شرڪت ڪري ۽ مقالا پيش ڪري چڪو آهي.
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو کي سندس تحقيق جي مڃتا ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سِي) پاران ۲۰۱۳-۱۴ع ۾ بھترين تحقيقي مقالو لکڻ جو
اوارڊ ملي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪائونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (پِي سِي ايس ٽِي/PCST) پاران ۲۰۱۴ع ۾ ’ريسرچ پراڊڪٽوِٽي اوارڊ‘ (سِي ڪئٽيگري ۾) پڻ مليو. ان کان سواءِ کيس
ايڇ اِي سِي پاران ۲۰۱۲-۱۶ع لاءِ انڊِيجِينيس پي ايڇ ڊي فيلوشپ پڻ ملي.
ڊاڪٽر
ڪپيل ديو برهمڻ جي مستقل رهائش مٺي، ٿرپارڪر ۾ آهي.
***
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا